ڪهاڻيون / ليکَ
زندگي – خود پاڻ ۾ هڪ ڪهاڻي آهي
اصل ۾ انسان جي زندگي خود پاڻ ۾ هڪ ڪهاڻي آهي –
انيڪ ننڍين وڏين گهٽنائن، حادثن، سُکن، ڏکن،
سپنن، حقيقتن، ارمانن، اٺسٺن، ڪاميابين، ناڪامين،
لاهين چاڙحين، مختلف سطحن تي مختلف رشتن ناتن سان
ڀرپور ڪهاڻي! هڪ اهڙو چتر، جنهن ۾ سڀ رنگ سمايل
آهن. فرق فقط گهاٽائيءَ ۽ ڇڊائيءَ جو آهي.
اهڙيءَ طرح تهذيب جي ترقي به هڪ لنبو قصو آهي.
غارن ۽ غفائن جي گهر انڌيري کان وٺي شاهي شهرن جي
اوچين عمارتن اندر جڳمڳائيندڙ بتين تائين.
ڪهاڻيءَ کي، تنهنڪري، انسان ۽ هن جي زندگيءَ ۽ هن
جي تهذيب جي ترقيءَ کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. پنهنجي
من کي، اردگرد جي سمايل ماحول کي، وارٽ جيون کي،
سمجهن جي جڳياسا ئي انسان کي اڄوڪو ادب ڏنو آهي،
انهيءَ جڳياسا ئي ڪنهن وقت ماڻهوءَ جي من ۾، رستي
جي هڪ وڻ کي ڏسي، ويچار پيدا ڪيو هوندو. سوال ۽
انهيءَ سوال جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو اُتپن ڪيو
هوندو ته ”هي وڻ هت ڪڏهن کان آهي؟ ڇا اُهو اُن وقت
به هو جڏهن مان ڪو نه هوس؟ ڇا اهو تڏهن به هوندو
جڏهن مان ڪو نه هوندس؟- سو، جڏهن نه هوندس، هي وڻ
هت هوندو، تڏهن ڇا مان ’ڄاڻي سگهندس‘ ته هي وڻ اڃا
تائين آهي؟
انهيءَ جڳياسا ۾ ڪلپنا اڻٽر طرح جڙيل آهي ۽ ٻنهي
جي گڏيل دين انڀو آهي. اهڙيءَ طرح ڏٺو وڃي ته
ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ انسان جي سڀاويڪ پرڪرتي آهي.
– لعل پشپ
شوڪت حسين شورو
خالي صفحو
جنهن
وقت نوني هن جي ڪمري ۾ آيو هن ڪوئيٽزي جنو ناول
Disgrace
پئي پڙهيو. پُٽ کي ڪمري ۾ ايندو ڏسي هن ڪتاب کي
بند ڪري رکيو.
”ڪيئن آهين؟ خوش آهين نه؟“ ڪامران مُرڪندي پُٽ کان
پڇيو.
”ها،“ نونيءَ مختصر جواب ڏنو ۽ ڪجهه ڳولهڻ لڳو.
ڪامران چاهيو ته نوني وٽس ڪجهه دير وهي.
”ٿورو ويهه ته سهي. ڪي حال احوال ڪريون،“ هن ڏٺو
ته سندس آواز ۾ پيار سان گڏ ڪجهه منٿ به شامل هئي.
”آءُ گيم کولي آيو آهيان، پوءِ اچان ٿو،“ نونيءَ
وراڻيو ۽ ڪمري ۾ پيل پلي اسٽيشن ٽو جي سي ڊي کڻي
تڪڙو ٻاهر نڪري ويو.
هو ڪجهه دير تائين خالي ذهن ويٺو رهيو. نه، هن کي
پُٽ جي ان رويي تي ڪو ڏک نه ٿيو هو. اها هڪڙي
معمولي ڳالهه هئي. ان ۾ ڪاوڙ جي لاءِ ڪجهه نه هو.
بس هن جو ذهن ٿوري دير جي لاءِ خالي خالي ٿي ويو
هو. هن بند ڪري رکيل ڪتاب کنيو ۽ ڪجهه دير تائين
ڪتاب کي ڏسندو رهيو، پر هن ڪتاب کي کوليو ڪو نه.
ڪتاب پڙهڻ تي دل ڪانه ٿيس. هن محسوس ڪيو ته سندس
خالي ٿيل ذهن پوئتي هليو ويو هو يادگيرين جي گهاٽي
جهنگ ۾ - اتي ڪٿي منجهيل پيچرن تي يادن جي ڪنڊن ۾
وچڙي پيو هو. پر اتي کيس هڪڙو ئي ماڻهو نظر آيو –
سندس پيءُ، واقعي ائين هو يا هن سمجهيو هو ته سندس
پيءُ رکي طبيعت وارو هو – احساسن کان خالي. ٻنهي
پيءُ پُٽ ۾ ويڇو هو. ڄڻ ٿر جون وڏيون وارياسيون
ڀٽون ٻنهي جي وچ ۾ هيون. ائين ڪڏهن ٿيو؟ هن ياد
ڪرڻ چاهيو. سندس ۽ پڻس جي وچ ۾ دوريءَ جي شروعات
ڪڏهن ٿي؟ هن منجهيل پيچري تي نشانن ڳولهڻ جي ڪوشش
ڪئي. پر اها ڪوشش اجائي هئي، هن کي لڳو ۽ هن ۽ پڻس
جي وچ ۾ ويجهڙائي هئي ڪٿي! پڻس هڪ عجيب شخص هو.
رڳو هن سان نه پر سڄي گهر سان، ٻارن سان هن جو ڪو
لڳاءُ ڪو نه هو ڪا ويجهڙائپ ڪانه هئي. لڳندو ته
ائين هو . گهر ۾ هو رهندو هو هڪ ڌارئين ماڻهوءَ
وانگر، ٻار ڪيئن پڙهيا، ڪيئن هٿ پير هڻي هنن جيئڻ
جا وس ڪيا، ان ڳالهه سان پڻس ڪڏهن واسطو نه رکيو.
هن سوچي ڇڏيو هو، پڪو پهه ڪيو هو ته پڻس جي ابتڙ
هو پنهنجن ٻارن کي بي انتها پيار ڏيندو. هن کان
جيترو پُڄي سگهندو ٻارن کي دنيا جو هر سُک ڏيندو.
هن کان جيترو پُڄي سگهندو ٻارن کي دنيا جو هر سُک
ڏيندو. هن کي خبر ڪانه پئي ته هڪڙي انتها سندس
پيءُ جو رويو هو: پيار کان، احساسن کان خالي ته ٻي
انتها سندس رويو هو. هن وٽ جيترو پيار هو، جيترا
احساس هئا سي سڀ هن پنهنجي پٽ جي حوالي ڪري ڇڏيا
هئا. جڏهن نوني جي هر ڳالهه، هر خواهش پاڻمردو
پوري ٿي پئي وئي، ته هن کي وٽس اچي ويهڻ ۽ ڪجهه
چوڻ جي ڳالهه ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانه ٿي پئي.
ٿوري دير لاءِ خالي ٿي ويل ذهن هاڻي الاجي ڪيتيرن
گهڻين ڳالهين سان ڀرجي ويو هو. ذهن ۾ مختلف منظر
تيزي سان بدلجي پئي ويا. هن جو پُٽ ننڍڙو هو ته
ساڻس تمام گهڻو ويجهو هو. وڏي ٿيڻ کانپوءِ هو
آهستي اهستي کانئس پري پري رهڻ لڳو. پنهنجن شوقن ۾
گم ٿيندو ويو. گيم، پلي اسٽيشن ٽو، ڪمپيوٽر……
ڪامران چاهيندو هو ته نونيءَ جي ڪمري ۾ وڃي ٿوري
دير هن سان ڳالهائي، ڪچهري ڪري، نونيءَ جي ڪنن تي
هيڊ فون چڙهيل هوندو هو. اکيون ڪمپيوٽر مانيٽر جي
اسڪرين ۾ کتل هونديون هيون. سندس ڳالهين ۽ سوالن
طرف نونيءَ کي ڪو ڌيان نه ڏيندو سي هو ڪمري مان
اُٿي هليو ايندو هو.
هن جي چپن تي مُرڪ اچي ويئي، ڪيڏي نه عجيب ڳالهه
هئي! هن کي خيال آيو، ”پيءُ کان پيار ڪو نه مليو ۽
پُٽ کان پيار جي موٽ ڪانه ملي!“
تڏهن هن کي لڳو ته پيار ٻيار سڀ بڪواس آهي. هن
پنهنجي سڄي زندگي ان هڪڙي واهيات لفظ جي چڪر ۾
ڦاسي وڃائي ڇڏي. هن کي خبر هئي ته هو جذباتيت جي
بيماري ۾ ورتل هو. ڪري به ڇا ٿي سگهيو! ڪنهن جي
ڏکن جي ڳالهه ٻڌندي، درد سان ڀريل شعر پڙهندي،
ڪنهن فلم يا ٽي وي ڊرامي ۾ جذباتي منظر ڏسندي ۽
ڊائلاگ ٻڌندي هن جي من جو ڀرجي اچڻ جذباتيت نه هئي
ته ٻيو ڇا هو؟ هن پاڻ کان پڇيو. سندس پيءُ بيمار
ٿيو هو ته هن کيس وٺي وڃي اسپتال ۾ داخل ڪرايو.
هونئن پڻس ڪڏهن به بيماري سيماري ۾ علاج ڪو نه
ڪرائيندو هو. پنهنجي ليکي دوائون وٺي کائيندو هو،
ٺيڪ ٿي ويندو هو، پر هن ڀيري ٺيڪ ٿيڻ بدران وڌيڪ
بيمار ٿي پيو. هن سمجهيو ته پڻس ڪجهه ڏينهن ۾ ٺيڪ
ٿي ويندو. هن دل ئي دل ۾ اها ڳالهه مڃي ته هن پڻس
جي بيماريءَ تي ايترو ڌيان ڪو نه ڏنو هو. پوءِ
اوچتو پڻس اسپتال ۾ گذاري ويو. هو ان وقت اسپتال
جي ڪمري ۾ پڻس وٽ موجود هو ۽ تڏهن اوڇنگارون ڏئي
روئڻ لڳو هو.
”بابا جي مرڻ تي آءُ ايترو رنو ڇو هوس؟“ ڪامران
پاڻ کان پڇيو.
ٻي ته ڳالهه ڪانه هئي. هن کي پيءُ سان پيار به ڪو
نه هو. شايد هن پڇاڙيءَ ۾ پيءُ جو ايترو خيال ڪو
نه رکيو هو ۽ ان احساس جي ڏک وچان هن رُنو هو. يا
وري کيس پڻس جي هڪ ڌارئين ۽ لاتعلق مان ڪو هڪڙو
ڪارڻ هو يا ٻئي ڪارڻ پاڻ ۾ گڏجي ويا هئا! ڪامران
ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو.
هن جو ڌيان ڪوئيٽزي جي ناول ڏانهن ويو، جيڪو اڃا
بند حالت ۾ سندس هٿ ۾ جهليلک هو، هو ڪتاب کي ڏسڻ
لڳو. هن جيستائين ناول پڙهيو هو، اهو ياد ڪرڻ
چاهيو. ناول جو مکيه ڪردار ڏکڻ آفريڪا جي وڏي شهر
جي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هو. پنهنجي شاگردياڻيءَ
سان جنسي لاڳاپن رکڻ سبب کيس ڏوهه مڃڻ سان گڏ
معافي لکي ڏيڻ لاءِ چيو ويو. هن استعيفى ڏئي ڇڏي.
زال ۽ سندس وچ ۾ ڪجهه سال اڳ طلاق ٿي چڪي هئي.
سندس هڪ نوجوان ڌيءَ هئي. اها ڏکڻ آفريڪا جي ڪنهن
ڏورانهين هنڌ تي اڪيلي رهندي هئي. اتي ڌيڻس زمين
وٺي پنهنجو فارم ٺاهيو هو. پروفيسر ڪجهه ڏينهن
ڌيءَ وٽ رهڻ لاءِ سوچي فارم تي اچي ٿو. هن کي ڏسي
ڌيءَ کي ڪا خوشي ڪانه ٿي ٿئي. هو ڌيءَ کي
شاگردياڻيءَ واري اسڪينڊل سبب نوڪري ڇڏڻ جي ڳالهه
ٻڌائي ٿو. ڌيءَ ان ڳالهه تي ڪو خاص ردعمل ظاهر نه
ٿي ڪري. هوءَ پيءُ کي چئي ٿي ته جيترا ڏينهن چاهي
وٽس رهي سگهي ٿو. پروفيسر ڪوشش ڪري ٿو ته گهر ۾ ۽
زمين جي ڪم ڪار ۾ ڌيءَ جو هٿ ونڊائي. ڏکڻ آفريڪا
جي نسل پرست حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ صورتحال بدلجي
چڪي آهي. پروفيسر ۽ ڌيءَ گورا آهن ۽ اهي مڪاني
ماڻهن جي بدليل رويي کي محسوس ڪن ٿا. هڪ ڏينهن ٽي
چار شيدي نوجوان فارم واري گهر ۾ اچن ٿا. پروفيسر
جا هٿ پير ٻڌي کيس باٿ روم ۾ بند ڪري ڇڏين ٿا.
پروفيسر ڪُتن جون ڀَونڪون، فائرنگ جا آواز، گهر ۾
شين جو ٽٽڻ ۽ ڌيءَ جون رڙيون ٻڌي ٿو. پر هو ڪجهه
ڪري نٿو سگهي. واقعي کانپوءِ هو ڌيءَ کان پڇي ٿو
ته ڇا ٿيو؟ هوءَ ڪو به جواب نه ٿي ڏئي. پروفيسر
شرمندو آهي ته هو ڌيءَ جي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيو
۽ ڌيءَ سخت ذهين تاڻ سبب ڪجهه ڏينهن بستري داخل
رهي ٿي.
پيءُ ۽ ڌيءَ جي وچ ۾ دوريءَ جي ديوار وڌيڪ لمبي ٿي
وڃي ٿي. هوءَ پروفيسر وٽ ويهڻ ۽ ساڻس ڳالهائڻ کان
لنوائيندي رهي ٿي. پروفيسر کيس سمجهائي ٿو ته
حالتون بدلجي ويون آهن. بهتر ائين ٿيندو ته فارم
وڪڻي واپس هلون. پر ڌيءَ انڪار ڪري ٿي. ڊاڪٽرياڻي
پروفيسر کي ٻڌائي ٿي ته سندس ڌيءَ کي پيٽ ٿي پيو
آهي. ڌيءَ ٻار کي ڪيرائڻ نٿي چاهيو ۽ هنپنهنجي
فارم تي ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرويفسر کي
مهسوس ٿئي ٿو ته هتي ڌيءَ وٽ رهڻ، جيڪا ڳالهه سندس
ڌيءَ به نه ٿي چاهي، هاڻي غير ضروري آهي.
”آءُ ايندڙ سال رٽائرڊ ٿي وينس،“ اوچتو ڪامران جو
ڌيان ناول تان هٽي پاڻ ڏانهن يوو.
”پوءِ ڇا ڪندس؟“ هن پاڻ کان پڇيو.
ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪو نه هو. سڄو ڏينهن گهر ۾ گذارڻ جو
سوچي هن کي هاڻ ئي بيزاري ٿيڻ لڳي، تڏهن هن جو
ڌيان وري پُٽ ڏانهن ويو.
”اُهو به مون کي سڄو ڏينهن گهر ۾ ويٺل ڏسي بيزار
ته ڪونه ٿيندو؟“
هن پاڻ کان پڇيو ته جيڪڏهن ڪوئيٽزي واري ڪردار
پروفيسر جي ڌيءَ وانگر، نونيءَ کي منهنجو، گهر ۾
رهڻ غير ضروري لڳو ته پوءِ؟
”ناول ۽ ڪهاڻيون پڙهي پڙهي منهنجو مٿو ڦري ويو
آهي، اجايون ڳالهيون پيو سوچيان……“ هن ڄڻ پاڻ کي
ڇڙٻيو.
ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪامران ناول کي اتان پڙهڻ چاهيو
جتي هن ڇڏيو هو. هن ڪتاب جو اهو صفحو ڳولي کوليو ۽
پڙهڻ لڳو. پڙهي هن پنو اٿلايو، پر هن کي ڪجهه به
سمجهه ۾ ڪو نه آيو ته هو ڇا پڙهي ويو هو! شايد هو
پاڻ بابت ئي سوچيندو رهيو هو. هن ٻيهر اهو ساڳيو
صفحو وري پڙهڻ چاهيو. واپس پنو اُٿلائي هن پوري
ڌيان سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ان صفحي تي ڇپيل
اکر ماڪوڙا بڻجي سُرڻ لڳا، پوءِ آهستي آهستي غائب
ٿيندا ويا. هن کي لڳو ته اهو سڄو صفحو خالي هو.
رفيق سومرو
پيار جي هڪ ٻي صدي
هوءَ
ٽرين جي اوسيئڙي ۾ بيٺي هئي. ٽرين ليٽ هئي. هوءَ
بيچين هئي. ريلوي اسٽيشن جي گهڙيال جا ڪانٽا هن جي
جگر ۾ نيم ڪشيل تير وانگي چُڀي رهيا هئا. هوءَ
گهڻي اُڻ تُڻ وچان گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳي. ٽرين
کي به اڄ ئي ليٽ ٿيڻو هو! هميشه ته وقت کان اڳ ئي
پهچي ويندي آهي. کيس بيتاب ۽ اُتاولو ڏسي، اسٽيشن
تي لنگهندڙ ماڻهو کيس گهوُري رهيا هئا.
”ڇا هنن کي به منهنجي جذبن ۽ من جي اُڻ تُڻ واري
ڪيفيت جي خبر آهي. اَلا…! ڇا منهنجي ٺهي ٺُڪي تيار
ٿي اچڻ ۽ اکين ۾ اٽڪيل استقبال ۽ اوسيئڙي جي پروڙ
ماڻهن کي به پئجي وئي آهي… ڪيئن لڪايان اهي جذبا ۽
اُڻ تُڻ!“
ٽرين يارهين وڳي پهچڻي هئي. اسٽيشڻ تي ٽنگيل لائوڊ
اسپيڪر جي ڦاٽل وات مان ِهو ئي آواز نڪتو، جيڪو هن
نٿي ٻڌڻ چاهيو ته ٽرين ڪلاڪ ليٽ هئي. هن سوچيو،
اِها ٽرين هاڻي ڇو روز ليٽ ٿي اچي پر اُن وقت ريل
ڇو ڇٽي وئي، جڏهن اسان چاهيو پئي ته ليٽ ٿئي ته
جيئن اسان کي زندگي جي مُهلت ملي ۽ حالتون اُن موڙ
تي آڻي بيهارين جو هڪٻئي جا ساٿي بڻجي سگهون.
اوچتو ٽيشڻ جي ڪينٽين تي رکيل ٽيپ رڪارڊر مان هڪ
ڪيسٽي شاعر جي گيت ٻرڙاٽ ڪيو.
”ريل ۾ منهنجو يار هليو ويو، ريل ۾ منهنجو يار!
اِها ايڪسپريس جو آئي، ته ٿي وئي جدائي……
ريل ۾ منهنجو يار!“
ڪئبن واري اِها ڪيسٽ ڄاڻي ٻجهي هلائي هئي. رات جو
وڳڙو هو ۽ ٽيشڻ جو ماحول آهستي آهستي اُداس ٿيندو
پئي ويو. اُن گاڏيءَ ۾ وڃڻ وارن جو انگ ڪو ايڪڙ
ٻيڪڙ هو ۽ ڪجهه ماڻهو پنهنجن پيارن يا ٻارن کي وٺڻ
آيا هئا، جن ۾ هوءَ به شامل هئي. اڳ سدائين هوءَ
ڊائون لائين ويندڙ ٽرين جو انتظار ڪندي هئي، ڇو ته
هو اُن شهر ۾ رهندو هو، جيڏانهن سڀ ڊائون لائين
ٽرينون وينديون هيون. اڄ کيس سيوَن اپ ٽرين جو
نهايت اُتاولائي وچان اوسيئڙو هو. هو اُن گاڏي ۾
سوار اَپ ڪنٽري وڃي رهيو هو. اٽڪل اڍائي سال اڳ
هُن کي بِرَين اِسٽروڪ ٿيو هو. هوءَ اطلاع ملڻ شرط
سڌو اسپتال پهتي هئي. هُن کي بيڊ تي ڏسي، هوءَ
سندس ساڄي پاسي کان رکيل اسٽول تي ويٺي ۽ سندس
اکين آڏو اکين ۾ رهجي ويل سڀ عڪس ۽ اولڙا ڦرڻ لڳا.
هن جي دماغ جي دُوربِين ايڪشن رِي پِلي شروع ڪيو.
هوءَ اڳ به هن شهر ۾ آئي هئي، جوڳياڻي بڻجي هن کي
ڳولڻ، وٽس هن جو ڏس پتو ڪو نه هو. هوءَ ڪنهن
پرائيءَ شاديءَ ۾ ڪنهن سان گڏجي آئي هئي. شهر پهچڻ
کانپوءِ هنن کانئس پڇيو هو: ”تون ڪنهن مائٽ سان
ملڻ آئي آهين؟“ هن کان جواب نه ٺهيو هو ته وراڻيو
هئائين، ”توهان جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ آئي هئس ۽
هاڻي هتان جو جانورن جو باغ گهمڻ جو شوق آهي، بس.“
هوءَ هڪ ڇوڪريءَ سان گڏ شهر گهمڻ کانپوءِ جانورن
جي باغ ۾ جانور ۽ پکي ڏسي رهي هئي. سندس نظر اوچتو
وڃي مور تي پيئي. هوءَ اڃاتل خوشيءَ وان ڊيل وانگر
ٽلڻ لڳي. کيس ڊيل ڏسي مور جا ڊگها ۽ ڪارا پير نظر
آيا ۽ هن کي مور جا ڳوڙها ياد اچي ويا. جيڪي ماڻهو
چوندا آهن ته هو نچڻ کان پوءِ ڳاڙيندو آهي. هن جي
دل چاهيو ته ڪاش، مور خوشيءَ وچان روئي پوي ۽ هوءَ
اُن جا ڳوڙها پي وڃي. هوءَ اُنهن لاءِ ائين
واجهائڻ لڳي جيئن سمنڊ ۾ سِپون مينهن ڦڙي لاءِ
واجهائينديون آهن. هن جي من ۾ هُن سان ملڻ لاءِ
اُساٽ هئي.
آسپاس جي ماحول کان بنهه بي خبر ۽ بي نياز هوءَ
مور ڏانهن تڪيندي رهي. اوچتو هڪ ڄاتل سڃاتل چهرو
کيس ڏانهن تڪيندو نظر آيو. هوءَ خوشيءَ وچان ٻهڪي
اُٿي، هو هُن جو ڀاءُ هو. اِهڙيءَ ريت سسئيءَ پنهل
جو پنڌ ته پڇائي ورتو، پر اڳيان جيڪي ڏونگر ۽ آڏا
لڪ هئا، تن جي کيس ڪَل ڪانه هئي. هوءَ پاڻ سان
سپنن جو سنسار کڻي آئي هئي. انسان اُميد جو مجسمو
آهي. اُميد جو ڪرشمو انسان کي پيٽ مان نڪرڻ وقت
روئڻ سان گڏ کِلڻ به سيکاري ٿو، نه ته هوند اڌ
انسان ڄمڻ کان اڳ پيٽ ۾ ڇڙهيون هڻي مري وڃن ها ۽
پاڻ روئڻ بدران دنيا کي روئاڙين ها! ”سِج جو اُلهڻ
۽ اُڀرڻ ٻڌائي ٿو ته انسان مشقت ۾ پيدا ڪيو ويو
آهي.“
هن اَڄاتي ڇڪ ۽ مسيحائيءَ جي معجزي وچان پنهنجو
ڪومل هٿ هُن جي هٿ تي رکيو. در کلڻ ۽ ڪنهن جي اندر
اچڻ جي آواز تي هن پنهنجو هٿ هٽائي ڇڏيو. هن اکيون
کولي ڏٺو پنهنجو تن طبيب، پرينءَ کنيون پانهنجيون
اکيون ٻاجهه ڀري، جتان کيس سدائين ملي هئي روحاني
مُسرت ۽ مُرڪ، جيتوڻيڪ بيماري جي بستري تي کيس ڏسي
هن جي دل جي ديول ڏري پئي هئي.
بيماريءَ جي ڌڏِڪي هن کي لوڏي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ هن
کي سڀ ڪجهه ياد هو. پر درد، پيڙا ۽ بيچيني سبب هو
بيحال هو. هن ٻڌو هو ڊاڪٽر جو جملو: ”هي منهنجو
دوست نه، ڀاءُ آهي، آرام جي دوا نقصان ڏئي سگهي
ٿي.
هن کي سجاڳ رکڻ هن جي فائدي ۾ آهي.“
هن کي پنهنجي ڀرسان ڏسي، سندس درد گهٽجي ويو ۽ لُڇ
پُڇ بند ٿي وئي. کيس زندگي تي اعتبار آيو ۽ سندس
ايمان تازو ٿي ويو.
ٻاجهه ڀرين اکين بيچين روح کي آٿت ڏنو، چپ چُريا،
لرزيا، ڦٿڪيا ۽ ڀچِجي ويا.
هڪ منظر وڄ وانگر وراڪو ڏنو، جڏهن من اِپليو نه
رهندو آهي ۽ هينئڙو جهل پل نه ڏيندو آهي، تڏهن من
ڪونج وانگر ڪَرڪي اُڏام ڪندو آهي ۽ سڌو سانگين وٽ
اچي پُڄندو آهي. سالن جا پنڌ سيڪنڊن ۾ طئي ٿي ويا.
هو سڀڪجهه پنهنجي دنيا، پنهنجا خواب، هن کي ارپڻ
آئي هئي. جهان حيران هو. دنيا سمجهيو، وقت گذرڻ
سان گڏ اِها راند ختم ٿي ويندي، پر هت ته سسي نيزي
پاند هئي. هاڻِ ته سوُري به سيڄ هئي!
هن خوب گهميو: ٺٽو، مڪلي، ڪينجهر، هڪ هڪ بادشاهه
جو مقبرو ۽ هر عاشق جي مزار، حجاب هٽيا، فوٽو
نڪتا، ڪينجهر جو ڪوشش ڀريو پاڻي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي
ويو. هيٺ جر، مٿي مڃر ۽ پاسي ۾ هئي نُوري نِماڻي،
سندس نماڻائي، نياز ۽ نئڙت واقعي نوريءَ جهڙي هئي،
جنهن ڄام تماچيءَ جي دل کٽي ورتي هئي.
هالا جو هئنڊي ڪرافٽ ۽ مخدوم نوح جي مزار، هتي هن
ڪهڙي دُعا گهري هئي؟ پنهنجي نه پر هُن جي حياتيءَ
جي. ”ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ“.
ماڻهن مزار جي در تي هڪ ڪرامت ڏٺي. ٻه پاڇا هڪ ٻئي
۾ سمائجي ويا، قدرت جو ڪرشمو ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ
ڏانهن ڇڪ آهي. ساڳي مٽيءَ واري ڇِڪ، هالا مان ورتل
ڪاشيءَ ۽ جنڊيءَ جو سامان اڄ به ڪنهن پير جي امانت
وانگر وٽس پيا آهن.
ميوزيم گهُمي، ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي ويهي هن ڪا جا
ڳالهه ڪئي. هن ڇَپر واري ڍڪيا، نه کيس ڏيهه ڏٺو.
هن نه ڏٺو ڪي ٻيو!
هن جي نظر پريان سِرن جي آويءَ تي پيئي، هن کيس
ٻُڌائي شاهه سائينءَ جي بيت جي هڪ سِٽ:
”نِهائينءَ جان نيهن، ڍڪيو ڪوهه نه ڍڪيين.“
سندس من ۾ ويٺل آواز آيو:
”پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين،
هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.“
ڪراڙ ڀرسان ماني کائي مٿي آيا عاشق جو سلام ڀرڻ.
”سُوري آهي سيج، اصل عاشقن کي.“
اندر، ديدار ڪري دُعا لاءِ هٿ کنيائون.
سوين بيت دُعا بڻجي دِلين مان نڪتا ۽ پڙاڏا سندن
ڪنن ۾ گونجڻ لڳا.
چوگان کان ٻاهر نڪري، جوتا پائي هيٺ لهڻ لڳا. کين
ائين گڏ ڏسي اوچتو فقيرن جي ٽولي، جنهن ۾ گهڻا تڻا
ٻار ۽ مايون هيون، کين ورائي ويا. هن فقيرن، ماين
۽ ٻارن ۾ پيسا ورهايا. هن جو پرس ڏسي فقيرياڻيءَ
ٻنهي کي گڏ ڏسي، اوچتو هٿ کڻي دُعا ڏني: ”شل جوڙ
سجوڙ رهو! ڏينهن قيامت تائين.“
هوءَ شرم ۽ حياءَ وچان سڄي ڳاڙهي ٿي وئي. هن
سوچيو، دُعا لڳي وئي. شاهه جي در جي دُعا، عشق جي
سلامتيءَ جي دُعا. ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هت
ري، سا نه ڪنهن شيءِ ۾، جيڪي منجهه تُراب.
هيءَ مٽيءَ جي ڇِڪ هئي. شايد هو ٻئي ساڳي مٽيءَ
مان ٺاهيا ويا هئا، جن جا روح اڄ به مليل هئا.
جيتوڻيڪ ماڻهن جي ميلي ۾ هو گڏ نه هئا. هوءَ کيس
ظاهري طرح ماڻي نه سگهي هئي، پر پوءِ به اڄ به هو
هر هنڌ هڪٻئي جي سڄاڻ جو حوالو هئا. شايد سندن مٽي
شاهه سئينءَ کانپوءِ ۽ موجوده دور جا شاعر چڱيءَ
طرح ڳوهي نه سگهيا هئا. جو جسم ملي نه سگهيا.
هوءَ بيشڪ هن جي حوالي سان سڃاڻي ويندي هئي.
اسپتال ۾ سڀ کان وڌيڪ اوسيئڙو ماڻهن کي هن جي هستي
جو ئي هو. هوءَ ئي سندس تَن طبيب هئي. هن بستري
ڀرسان ويهي سندس هٿ کڻي پنهنجي هٿ ۾ جهليو ۽ سوچڻ
لڳي، ”جيڪڏهن هن کي ڪجهه ٿي وڃي ها ته منهنجو ڇا
ٿئي ها!“
هٿ جي ڇُهاءَ سان بيمار جي پيڙا هلڪي ٿي. سندس ڏکي
ڏيل کي آرام آيو. هن نگاهون کڻي کيس گهُريو، کيس
هن جي ان گهُور گهائي وڌو. گهايل ته هوءَ اڳ ۾ ئي
هئي، هن بيتابيءَ وچان پنهنجو هٿ هن جي پيشانيءَ
تي رکيو.
بيمار سوچيو، ته کيس ڪيترائي ڀيرا خيال آيو ته
هوته جيڪڏهن هوءَ مري وئي ته هن جو ڇا حال ٿيندو!
هو ڪيئن سندس ڪانڌي ٿيندو! ڪيئن سندس قبر تائين
ويندو. ماڻهن جي نظرن جي سوالن جا ڪهڙا جواب
ڏيندو. ڪيئن اهو گهاءُ برداشت ڪندو! پر حياتيءَ
کين وري ملائي ڇڏيو هو.
کيس ياد آيوته سندن گهر مان واپس وڃڻ وقت هوءَ
سانس ايتري ته ناراض ٿي هئي، جو سندس ڪڻڪائون رنگ
ڦري نيرو/ ڪارو ٿي ويو هو. هُن کي يقين ئي نٿي آيو
ته هوءَ اُها ساڳي سندس خوابن جي اپسرا هئي.
هن چيو هو ”ڏس، مان هاڻ به اڪيلي ٿي وڃان!“
”هيٺ پليٽ فارم تي بيٺل ٻارن ڏانهن ڏس“، کيس پڙاڏي
جو آواز آيو.
هن چڙ مان ڪجهه چيو هو. جيڪو ريل گاڏيءَ ۾ ويٺل
ماڻهن جي ٽهڪن ۽ اوازن ۾ دٻجي ويو هو. کيس ياد هو
ٽرين ۾ ويهاري هن جو هٿ لوڏڻ، هوءَ رني هئي سڄي
واٽ ريل ۾.
هُن اسپتال جي پراسرار ۽ خوفائتي ماحول ۾ ويٺي
زندگيءَ پاران ڏنل مُهلت بابت سوچيو ۽ هن جي ويجهو
ٿي ويٺي. سُڃاتل ساهن جي سُرهاڻ مريض کي نئين
زندگي بخشي. هن ڊگها ۽ وڏا ساهه کڻي اَمرت پنهنجي
اندر اوتي ڇڏيو.
هو اُن وقت بستري تي پيو هو. کيس يقين ئي نٿي آيو
ته هي خوشدل ۽ کلندڙ – ٽهڪندڙ ماڻهو، ٻين کي
خوشيون بخشيندڙ، کِلائيندڙ ۽ ٻين جا غم هلڪا ڪندڙ
شخص به ڪڏهن ائين ڪِري پوندو!
کيس ياد آئي اُها جاءِ، جتي پهرين وار مليا هئا:
وڻندڙ شخصيت، خوش – پوشاڪ، ذهانت ڀريون ڳالهيون،
پُر اعتماد ۽ مهذب لهجو. زندگيءَ جي اعلى قدرن کان
واقف. لڪل ڏاهپ سندس اکين ۾. ماروئڙن سان محبت،
اميرن ۽ اخلاق جي ٺيڪيدارن، مڪارن ۽ منافقن تي
سدائين طنز ڪندڙ ۽ ڏاڍ تي ڏمرجندڙ ۽ آڻ نه مڃيندڙ،
سچ منهن تي ڦهڪائي ڏيندڙ، رک رکاءُ بنهه نه، ٻارڙن
۽ عورتن جي عزت ڪندڙ سچن ۽ سُپتين کي مان ڏيندڙ،
هو ڪٿي رهيو هو. ڪهڙي عظيم عورت کيس ڄڻيو. نپايو
هو ۽ ڪهڙي عظيم ماءُ سندس تربيت ڪئي هئي. اِها
جرئت هن جي اڪيلي ميراث تي نٿي ٿي سگهي. هو ڪهڙي
اسڪول ۾ پڙهيو هو. هن ڪهڙي اداري مان اِها تعليم
پرائي هئي. هن ڪهڙي يونيورسٽي مان اِها پيار جي
ڊگري ورتي هئي. ڪهڙي شهر سندس ذهني تربيت ڪئي هئي.
اِها ذهني باليدگي ۽ شائستگي هنن ادارن جي ته
ميراث ڪو نه ٿي ٿي سگهي. هو ضرور دنيا گهميو هوندو
يا ٻاهرين ملڪن ۽ هتان جي عالمن، اديبن ۽ ڏاهن سان
سندس صحبت رهي هوندي. ايترو اعتماد، ايڏو حوصلو
ڪنهن يتيم جي ميراث ته نٿي ٿي سگهي. هڪ هلڪڙي
عورت، جنهن کي پنهنجي مڊل ڪلاس تي وڏو ناز هو،
جيڪا سندس خانداني پس منظر کان واقف هئي، کيس
پنهنجي پر ۾ هن بابت سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو.
”سِرجيس تان سُور، ساماڻيس ته سُک ويا.“
پر نه ٻڌائي سگهي هئي ته سندس اندر جي انسان جو
اسرار، سندس ٽهڪن ۽ کلڻ پويان لڪل هڪ اُداس دنيا
جو پتو ۽ پروپاند. اِهو پتو هن کي پاڻ لهڻو هو ۽
مارڳ تي پهچڻو هو.
هن جي اُڻ تڻ ۽ اُتاولائي کيس انهيءَ اونهي غار
ڏانهن گهليندي ٿي وئي ۽ هڪ ماڻهوءَ کي ڪنهن شهر ۾
ڪنهن ماڻهوءَ کي سڌو سنئون وڃي ڳولي لهڻ ۾ اهو مزو
۽ لطف ناهي ايندو، جيڪو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي، جيڪو
شهر لتاڙيندو، هڪ هڪ ماڻهوءَ کان اُن جو ڏسُ
پڇائيندو، گهڻين ڪوششن ۽ ڪافي ڪشالن کانپوءِ اُن
ماڻهوءَ ۽ اُن جي ٺڪاڻي تائين پهچندو آهي. اُن
ڳولا ۾ جو ڪيف ۽ جذب آهي. مزو ۽ لطف آهي، جا
ساڃاهه ۽ سُرت ملي ٿي، جا اُڃ ۽ حُب وڌائي ٿي. سا
سڌي سنئين رستي ۾ ڪانهي. اُها وڏي ڳالهه آهي، اهڙن
ماڻهن کي ئي کاهوڙي، جوڳي، منزل جا شناسائي يا
ساڃاهو سڏيو ويندو آهي.
پيءُ جي محروم شفقت ڏانهن سواءِ اُن جي دوستن جي
ڪنهن جو ڌيان نه ويو هو.
اُن عورت ٻڌائي هئي رڳو هڪ ماءُ جي بيوسي، لاچاري
۽ سُورَ جي ڪيفيت!
هن کي لڳو هو اهو سڀڪجهه هڪ قصو ۽ فلمي ڪهاڻي،
جنهن جا سڀ سِين فلمن وانگي ٽرئجڪ ۽ ڏکوئيندڙ هئا.
پر هن جي حشمت، زبردست خوداعتمادي ۽ پناهه ڪشش ۽
پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ مقناطيسي قوت ۽ سندس سُهڻي سڀاءَ
۽ ورتاءَ، ڪنهن کي به اِها اسٽوري مڃڻ لاءِ تيار
نٿي ڪيو. سڀني چيو هو ”اها رڳو فلمي ڪهاڻي ٿي لڳي،
ان جو حقيقت سان تعلق نٿو لڳي.“ واقعي حقيقت جو
هماليا سَر ڪندڙ ڪنهن کي به اها لَکا ناهن ڏيندا،
ته هُو به ڪڏهن اُٿي ڪِريا آهن ۽ ڪري اُٿيا آهن ۽
چوٽيءَ چڙهيا آهن، يا مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏئي يار
پهتا آهن. |