سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004ع (اونهارو)

مضمون

صفحو :3

بيدل مسرور

ساٿي!

هليو تون جي ويندين

ساٿي!

هليو تون جي ويندين.

ويڇي جو ڪو ڪارڻ سائين

ڪنهن سان ڪو نه سليندين

هيڪل هيڪل رئندين

ساٿي

هليو تون جي ويندين.

 

پنهنجو پاڻ پلي ڀي پيارا

ڪيسين تائين رهندين

نيٺ ته موٽي ايندين

ساٿي

هليو تون جي ويندين.

 

سڀئي سڱ سڳايون ٽوڙي

ڪيئن گذاري سگهندين

ڪنهن سان نيٺ ته رهندي

ساٿي

هليو تون جي ويندين.

سارو جيون ڀٽڪي  ڀٽڪي

خوشين لهءِ ووڙيندين

ماڳ نه ڪو ماڻيندين

ساٿي

هليو تون جي ويندين.

 

ظاهر کلندو رهندين من ۾

ڏينهن ڏٺي روئيندين

سور پيو سوئيندين

ساٿي

هليو تون جي ويندين.

 

رات سُهائي جهرمر تارا،

سک ڪٿان آڻيندين

تارا پوءِ ڳڻيندين

ساٿي

هليو تون جي ويندين.

 

تو بن جئن تئن جي مان ويندس

پر ڇا تون ايئن جيئندين

ان کي جيون چوندين

ساٿي

هليو تون جي ويندين.

 

جيڪو ڄمندو نيٺ ته مرندو

هڪ ڏينهن تون ڀي مرندين

اهڙو موت مڃيندين

ساٿي

هليو تون جي ويندين.

 

هوڏ ڇڏي ڪجهه سوچ او سائين

هڪ ڏينهن هٿ مهٽيندين

ساٿ نه ڪو پائيندين

ساٿي

هليو تون جي ويندين.

 

ديش جي هلچل توسان مون سان

جي تون ساٿ ڇڏيندين

مانُ وڃائي ويهندين

ساٿي

هليو تون جي ويندين.

 

سنڌڙيءَ جهڙو ديس پيارو

ڪهڙي هنڌ ڳوليندين

پَرَ ۾ پاڻ پَٽيندين

ساٿي

هليو تون جي ويندين.

 

تن من واري پنهنجو جاني

ديس کي دان جي ڏيندين

جڳ جڳ جيئندو رهندين

ساٿي

هليو هونئن به ويندين.

ساٿي

هليو تون جي ويندين.

بيدل مسرور

رنگ محل

هن رنگ محل جي راند روند ۾، ڀُلجي پاند اڙايو سي،

يَرَ! پنهنجو پاڻ پُڻايوسي.

 

پنهنجو ڪوئي ڪم نه هيو، پر يارن شوق ڏوِايوسي –

يَرَ! پنهنجو پاڻ پُڻايوسي.

 

ظاهر ڳالهه سڄي هئي هڪڙي، اندرين خاني ڄمار جي تڪڙي،

اُڻت ڪئي ڪجهه يارن اهڙي، ڪجهه ڀي هٿ نه آيو سي-

يَرَ! پنهنجو پاڻ پُڻايوسي.

 

جنهن جي دل ۾ ڦير نه ظاهر، ڪنهن به ڳالهه مان مير نه ظاهر،

ڀيد نه ظاهر ڀير نه ظاهر، ڦند انهي ڦاسايو سي-

يَرَ! پنهنجو پاڻ پُڻايوسي.

 

رنگ محل جو هڪڙو راڄا، وڄن ٿا جنهن جا گهر گهر واڄا،

ڪري ٿو ويٺو هون هون ڇا ڇا، ڪو نه اُهو ريجهايوسي-

يَرَ! پنهنجو پاڻ پُڻايوسي.

 

دوست سڏيو جن تن سان پاڻ، سدا رهياسي ٿي اڻڄاڻ،

ٿي نه سگهي ڪا ڇنڊ ۽ ڇاڻ، مهڻن ۾ به ملهايوسي-

يَرَ! پنهنجو پاڻ پُڻايوسي.

يار اسان جا لڪي لڪي ڀي، راجا جي گهر ڏڪي ڏڪي ڀي،

تحفا ويندا کڻي کڻي ڀي، ڀوڪ پاڻ کي ڀانيوسي-

يَرَ! پنهنجو پاڻ پُڻايوسي.

 

راڳ ناچ ۾ وقت وڃائي، موکيءَ جو سڀ مڌ کپائي،

گوپين سان گڏ راس رچائي، گووند نانءُ گنوايوسي-

يَرَ! پنهنجو پاڻ پُڻايوسي.

 

رنگ محل بس نانءُ آ هڪڙو، اندران خالي ٿانءُ آ هڪڙو،

رشوت، غيبت، عورت، چُڪڙو، سئر سبب سهسايو سي-

يَرَ! پنهنجو پاڻ پُڻايوسي.

 

ذوق شوق جي سئر سڄي ۾، ڪوڙي جڳ جي ڪوڙ سڄي ۾،

اونده جي هن گهور کڏي ۾، ڪجهه نه هيو جي چايوسي-

يَرَ! پنهنجو پاڻ پُڻايوسي.

 

سنڌ سموري سانت نگر آ، جيون ۾ ڪنن ڀريو زهر آ،

گهڙي گهڙي هڪ نئون قهر آ، قهر ۾ پاڻ ڪهايوسي-

يَرَ! پنهنجو پاڻ پُڻايوسي.

 

هي به ضروري آهي يارو، سڄڻ پنهنجي جو سڄو نظارو

لکندا رهجو ليک ۾ سارو، پاڻ به ڳيت هي ڳايوسي-

يَرَ! پنهنجو پاڻ پُڻايوسي.

محسن ڪڪڙائي

غزل

(1)

ڪو پرين ناهه، ته به سَري ٿي وڃي،

پر حياتي سڄي کَري ٿي وڃي.

ننگ جي ٻر مان سَو دفعا ڏنگجڻ،

دل چري آ، وري وري ٿي وڃي.

اهڙي ’سهڻي‘ به سچ هئي ڪا، ڇا،

جيڪا درياهه ڀي تَري ٿي وڃي؟

ڀاڳ بي جوڙ شخص جا ته ڏسو،

ڪار ۾ هُن سان گڏ پَري ٿي وڃي!

پوءِ ڪهڙو جيڻ ڀلا ”مُحسن“،

هر تمنا جڏهن مري ٿي وڃي.

(2)

مون کي هُن گڏ وِهاريو کٽ تي،

پيرُ هاڻي کُپي نٿو پَٽ تي.

او خدا، مون کي پيار بخشي ڏي،

لوڻُ ٻُرڪي ٿي هر گهڙي ڦٽ تي.

زندگيءَ جو بچاءُ ڪير ڪندو،

بُک جو خنجر رکيو آ نِڙگهٽ تي!

سيٺ صاحب جي گِگَ ڳڙي ٿي پئي،

هوءَ جا آئي اَٿس چڙهي هَٽ تي!

پنهنجي سهنجي خدا ڏئي. ”مُحسن“،

بي ضميرو جِئي ٿو پَٽ سَٽ تي!

(3)

سونهن ته منهنجي سائڻ آهي

باقي دنيا ڏائڻ آهي.

منهنجي لئه اعزاز سڄڻ جو،

ڀت کان جهاتي پائڻ آهي.

روز اشاري بازي هُن جي،

ٻار کي ڄڻ ريجهائڻ آهي.

ڪيڏو مشڪل، ڪيڏي اوکي،

پنهنجي اَنا پَرچائڻ آهي.

بيدردن سان رهندي ”محسن“،

پنهنجو رتُ سُسڪائڻ آهي!

(4)

سور کي جو ثمر نٿو سمجهي،

پيار جو ”پ“ اکر نٿو سمجهي.

صرف هُن کي وهاريم دل ۾،

هُو مگر دل کي گهر نٿو سمجهي.

سونهن جو فلسفو ٻُڌي مون کان،

ها ڪري ٿو، مگر نٿو سمجهي.

ڪيترو ڪير ڪنهن کي سمجهائي.

ڌُوڙ پائي، اگر نٿو سمجهي.

ايڏو سادو به ناهه جو ”محسن“،

تنهنجي ٽيڏي نظر نٿو سمجهي.

”وفا“ ناٿن شاهي

غزل

مٺي زندگي يا ڪڙي زندگي،

نه مون ڏي ڪڏهن ڀي لڙي زندگي.

 

جا تنهنجي عبادت ۾ گذري وئي،

لڳي ٿي اُهائي گهڙي زندگي.

 

جي اُن ۾ جيڻ جي نه خوبي هجي،

ته واريءَ جي آهي دڙي زندگي.

 

قيامت کان اڳ ۾ نه ايندي وري،

تڏي تان مون اهڙي تڙي زندگي.

 

فرشتو ڍڪرجي ويو موت جو،

جڏهن زندگيءَ مان اڙي زندگي.

 

ڪڏهن کنڊ کان ڀي مٺي ٿي لڳي،

ڪڏهن زهر کان ڀي ڪڙي زندگي.

متان وقت کان اڳ مري مان وڃان،

نه ڏي سور ايڏا، اڙي زندگي.

 

وفا! موت جا ڪن کڙا ٿي ويا،

ائين زندگيءَ لئه رڙي زندگي.

غزل

ڪنهن جي وس ۾ پيار ڪونهي،

ڪو به خود مختار ڪونهي.

 

هرڪو غفلت جي نشي ۾،

ڪير ڀي بيدار ڪونهي.

 

روز هر کِڙڪي کُلي ٿي،

پوءِ ڀي ديدار ڪونهي.

 

پيار تنهنجو مهرباني،

توڏي ڪو وهنوار ڪونهي.

 

جو هُجي بچيل خزان کان،

اهڙو ڪو گلزار ڪونهي.

 

جو وطن ٽوڙڻ گهري ٿو،

قوم جو غمخوار ڪونهي.

ننڊ ۾ دشمن کي مارڻ،

مڙس جو ڪردار ڪونهي.

 

حُسن هوندو وات ڳاڙهو،

عشق ليڪن ٻار ڪونهي.

 

چند لُڙڪن ۾ سمورو،

درد جو اظهار ڪونهي.

 

اَي ”وفا!“ مهراڻ جهڙو،

ڪنهن جو آر ۽ پار ڪونهي.

 

عنايت بلوچ

غزل

ڪنهن کي تون چاهي ته ڏس،

ڪو ٺهيل ڊاهي ته ڏس.

تو بِنان ڪا جسم ۾،

جانِ جي آهي، ته ڏس.

اوپرائپ جو وڳو،

ڪي گهڙيون لاهي ته ڏس.

جسم ۾ مُکڙيون ڦٽن،

مون ڏي سانباهي ته ڏس.

جلوه گر جوڀن ٿئي،

سُونهن سان ساهي ته ڏس.

جنهن کي ڊاهي وئين صفا،

هڪ دفعو ٺاهي ته ڏس.

مون کي پنهنجي پيار جي،

ڳاهه ۾ ڳاهي ته ڏس.

هر طرف تنهنجو هڳاءُ،

جي ائين ناهي ته ڏس.

ڪر ”عنايت“ جي نظر،

قرب مان ڪاهي ته ڏس.

سرويچ سجاولي

غزل

واريان هاڻ سا ڪيئن دل، وسان منهنجي جا وئي وئي وئي،

لڳي جا هٿ حسينن جي، وڃي پورن ۾ پئي پئي پئي.

نه وڃ ايڏانهن اُڏامي تون، اُتان واپس نه وريو ڪو،

مڃيوئي ڪو نه تنهن مورک ٿڪس مان تنهن کي چئي چئي چئي.

وڃي ٿي سونهن ڏانهن سرڪيو، اڙانگي اونٿري ڏاڍي،

پريتن جي پلر جي لاءِ پياسي آ، نه ڍئي ڍئي ڍئي.

ايئن ناهي ته هوءَ هڪڙي، رڳو سورن سزائن ۾،

انهن ٻنگن ٻکن اندر، ٻکياسين يار ٻئي ٻئي ٻئي.

هي حسن ۽ عشق جي هاڃن، هِنيان چيريا هزارن جا،

سلهاڙيا ان سلهڙ اندر سگها ”سرويچ“ ڪئي ڪئي ڪئي.

 

اياز گل

غزل

صفا مرڻ جي ڳالهه آ،

جدا ٿيڻ جي ڳالهه آ.

ڪي خواب جِي سگهن پيا،

نظر کڻڻ جي ڳالهه آ.

هي درد ڀي دوا مِٺا،

رڳو سهڻ جي ڳالهه آ.

قريب ٿي چئي ويو،

پري وڃڻ جي ڳالهه آ.

ڪٿي چئون ٿا گڏ هجون؟

رڳو ڏسڻ جي ڳالهه آ.

وڃي ٿو کائجي صفا،

مٺي ٿيڻ جي ڳالهه آ.

هي ديس، عشق، شاعري،

جيڻ، مرڻ جي ڳالهه آ.

دوها

حيرت ۽ افسوس مان سوچيو پئي ڀڳوان،

مون کي واهه جو رليو آهي دنيا ۾ انسان!

حال وڻئي جهڙو به ٿو تهڙو حال ڪجانءِ،

ها پر منهنجي زندگي ٿورو خيال ڪجانءِ.

موت لڳو پئي هرڪو منظر رُڃ حياتي ڀاسي،

تنهنجو پيار وٺي آيو آ ٻيهر جيون پاسي.

هٿ تريءَ جا سارا رستا ڇڏي ويون ريکائون،

سپني سپني ۾ ڳولن ٿيون پاڻ کي ساڀيائون.

پيار کي نيٺ بسيرو گهرجي ايندءِ تون ڏسجانءِ!

ها بس دل جي هڪڙي ڳڙکي کولي تون رکجانءِ!

جنهن پياري جي نانءُ هيا مون پنهنجا نيڻ ڪيا،

تنهن هٿان ئي ذرا ذرا ٿي آهن خواب ويا!

وقت سان هر ڪنهن شيءِ ۾ آيا آهن ڪيڏا ڦيرا،

دردن پر دستور نه بدليا، ساڳيا دل ۾ ديرا.

غزل

هر ساعت گولي ٿي ڀاسي،

ويرين جي ٽولي ٿي ڀاسي.

توبن هيءَ حياتي ڦاٽل،

اوڏڻ جي چولي ٿي ڀاسي.

توسان چار گهڙيون ڇا گهاريم،

هر پاسي هولي ٿي ڀاسي.

هوءَ ڪڏهن پنهنجي ۽ ڪڏهن،

ڌاري ڪا ٻولي ٿي ڀاسي.

گهارِ حياتي پوءِ پُڇندو سانءِ،

توکي جي سولي ٿي ڀاسي.

سارو زور وڃائي ويهندي،

ڇوري جا ڇولي ٿي ڀاسي.

پيار سهاري گذري پئي ٿي،

دنيا هونءَ کولي ٿي ڀاسي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com