هڪ سهائي صبح جو پارڪ مونيسر ۾ ويو. اتي ڏاڍي رونق
هئي، بيشمار ٻار پنهنجين مائرن ۽ آيائن سان گڏ آيل
هئا ۽ راند ۾ رُڌل هئا. هُو گهمندي گهمندي ٻارن کي
ڏسڻ لڳو. اوچتو هڪ ڪُراڙي عورت ٻن ٻارن جي آڱر
جهلي سندس ڀرسان لنگهي. فرانڪوئيس جي نظر جڏهن
سندس چهري تي پئي ته ششدر ٿي ويو. هوءَ لائوزي
هئي. ساڻس گڏ ٻه ٻار هئا، جن مان ڇوڪري جي عمر ڏهه
سال ۽ ڇوڪريءَ جي عمر چئن سالن جي لڳ ڀڳ ٿي لڳي.
انهيءَ اوچتي حادثي کانپوءِ سندس حواس ايترا ته
خطا ٿي ويا جو پري پيل هڪ ڪرسيءَ تي وڃي ڪريو.
لائوزي کيس سڃاتو ڪو نه هو. ٿوري دير کانپوءِ جڏهن
سندس حواس بحال ٿيا ته هو هڪ نظر وري کيس ڏسڻ لاءِ
وڌيو. هوءَ هڪ جاءِ تي ويٺي هئي ۽ ڇوڪرو سندس
ڀرسان خاموش ويٺو هو ۽ ننڍڙي ڇوڪري واريءَ جي
گهرڙي ٺاهڻ ۾ رُڌل هئي. هو ڪجهه وٿيءَ تي بيهي
لائوزي کي غور سان ڏسڻ لڳو. بيشڪ هوءَ لائوزي هئي،
پر هاڻي سندس چهري جا خدوخال ۽ جسماني چال ۾ ڪنهن
حد تائين سنجيدگي ۽ وقار اُڀري آيو هو ۽ کيس سادا
ڪپڙا پاتل هئا.
فرانڪوئيس سندس ڀرسان وڃڻ جي ڪوشش توڙي همٿ به نه
ڪئي ۽ پري کان تڪيندو رهيو. اوچتو ڇوڪري کيس گهوري
ڏسڻ شروع ڪيو. سندس چهرو ڏسندي ئي فرانڪوئيس جذبات
جي شدت کان ڏڪڻ لڳو. هن هڪ نظر سان ڇوڪري کي سڃاتو
ته اهو سندس پٽ هو. فرانڪوئيس وٽ سندس ٻالڪپڻ جي
تصوير هئي، جنهن ۾ هُو هوبهو انهيءَ ٻار جهڙو ڏسڻ
۾ آيو ٿي. وڻ جي ٿڙ پويان لڪي هو حسرت ڀريل نگاهن
سان پنهنجي پٽ کي ڏسندو رهيو. لائوزي جڏهن هلڻ لڳي
تڏهن فرانڪوئيس سندس پُٺ ورتي ته جيئن ڏسي ته هوءَ
ڪٿي رهي ٿي.
انهيءَ رات فرانڪوئيس سمهي نه سگهيو. سندس پٽ جي
شڪل اکين آڏو هر هر ڦرندي رهي، پٽ جي محبت جا جذبا
سندس سيني ۾ لهرون هڻي رهيا هئا. ٻئي ڏينهن هُو
انهيءَ گهر ڏانهن روانو ٿيو، جتي لائوزي رهندي
هئي. پاڙي ۾ رهندڙ ماڻهن کان لائوزيءَ جي باري ۾
پُڇا ڪيائين ته سُڌ پيس ته پاڙي ۾ هڪ نهايت
بااخلاق شخص لائوزي سان لائون لڌيون آهن ۽ نه رڳو
ايترو بلڪ فرانڪوئيس مان پيدا ٿيل ٻار کي قانوني
طور پنهنجو پٽ به تسليم ڪيو اٿائين.
فرانڪوئيس جو هاڻي روز جو معمول بڻجي ويو هو ته هو
هر آچر تي سواءِ مونيسر پارڪ جي وڃڻ جي ٻيو
ڪيڏانهن به نه وڃي. لائوزي معمول مطابق ٻارن کي
تفريح واسطي وٺي ايندي هئي ۽ هُو لڪي لڪي پنهنجي
پٽ کي ڏسندو رهندو هو. پيءُ واري شفقت جوش ۾ ايندي
هئي ۽ هُو ڏاڍو بي چين رهندو هو. جذبات جي شدت ۾
وٺجي هن ڪيترائي ڀيرا ارادو ڪيو هو ته وڌي وڃي
پنهنجي پُٽ کي هنج ۾ کڻي کيس خوب پيار ڪري، پر
ائين ڪرڻ جي جرئت هو پاڻ ۾ ساري نه سگهيو. انهيءَ
اُميد تي ڪيترائي مهينا گذري ويا. نيٺ هڪ ڏينهن
سندس صبر جو پيالو ڀرجي ڇلڪي پيو.
هڪ آچر جو لائوزي جيئن ئي ٻارن سان گڏ پارڪ ۾ داخل
ٿي تيئن فرانڪوئيس ڏوهارين وانگر ڪنڌ جهڪائي مئل
قدم کڻندو سندس سامهون اچي بيٺو. خوف کان سندس
پيلو چهرو ۽ هٿ ڏڪي رهيا هئا. لرزندڙ چپن مان نيٺ
آهستي آهستي آواز نڪتو، ”لائوزي، مون کي سڃاڻين
ٿي؟“
لائوزي حيرت مان کيس ڏٺو. ڪجهه گهڙين تائين هوءَ
غور سان سندس شڪل جو جائزو وٺندي رهي ۽ پوءِ سندس
وات مان ڊپ ڀريل رڙ نڪتي، ڄڻ هن ڪا ڀيانڪ شيءِ ڏسي
ورتي هجي. لائوزيءَ ٻنهي ٻارن کي سنڀاليو ۽ کين
گهليندي پارڪ کان ٻاهر نڪتي. فرانڪوئيس جي چهري تي
هڪ رنگ آيو ٿي ۽ ٻيو لٿو ٿي. هُو پٿر جي بُت وانگر
بي حس و حرڪت اُتي بيهي کيس ويندي ڏسندو رهيو.
اُها رات به سندس ڏاڍي ڏکي گذري. بستري تي سمهي،
هُو ٻارن وانگر ٻانهن ۾ منهن وجهي رُئندو رهيو.
انهيءَ ڳالهه کي ڪيئي مهينا گذري ويا، اُن کان
پوءِ لائوزي ڪڏهن به انهيءَ پارڪ ۾ وري ڏسڻ ۾ ڪانه
آئي. فرانڪوئيس پنهنجي پٽ جي محبت ۾ پاڻيءَ بنان
مڇي وانگر تڙپندو رهيو. هن آفيس وڃڻ ڇڏي ڏنو.
ڏينهن رات گهر ۾ پيو هوندو هو ۽ هاڻي سندس حالت
اها هئي جو پنهنجي پٽ کي رڳو پيار ڪرڻ خاطر هُو
وڏي کان وڏو ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ تيار هو. توڙي
کيس ڪنهن کي قتل به ڇو نه ڪرڻو پوي. سر تريءَ تي
رکي هُن لائوزيءَ کي خط لکيو ته رڳو هڪ ڀيرو سندس
پٽ کي ساڻس ملڻ ڏي، پر اُن جو جواب ڪو نه مليس. هن
پوءِ به ڪافي خط لکيا، پر جڏهن ڪنهن جي به ورندي
ڪانه ملي تڏهن سمجهي ويو ته اهي ڪوششون بيڪار آهن.
مجبور ٿي هن هڪ انتهائي خطرناڪ قدم کڻڻ جو فيصلو
ڪيو، جنهن جو نتيجو اهو به ٿي سگهيو ٿي ته پستول
جي گولي سندس کوپريءَ مان پار ٿي وڃي. هن لائوزي
جي مڙس کي هيٺيو خط لکيو:
محترم!
مون بدنصيب جي نالي کان ته توهان اڳيئي واقف
هوندا. مان نهايت ئي مايوسيءَ جي ڪيفيت ۾ اوهان کي
هيءُ خط لکڻ جي جرئت ڪريان ٿو ۽ منهنجون سڀ
اُميدون توهان سان واڳيل آهن. مهرباني ڪري مون کي
صرف پنجن منٽن لاءِ ملڻ جو وقت ڏيندا.
فقط بدنصيب
فرانڪوئيس
ٻئي ڏينهن ورندي اچي ويئي:
”اڱاري جي شام جو 5 وڳي مان اوهان جو انتظار ڪندس.
فليمل.
ٻئي ڏينهن اڱاري جي شام جو هو پنهنجي پٽ سان ملڻ
لاءِ لائوزيءَ جي گهر پهتو. عمارت جي ڏاڪڻ چڙهيو
ته سندس دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. ڪيترائي ڀيرا کيس
ساهي پٽڻ لاءِ وچ ۾ بيهڻو به پيو. هن محسوس ڪيو ڄڻ
سندس سيني ۾ طوفان متل آهي ۽ اندر ئي ڪو جگر کي
ساڙي رهيو آهي. هو ٽئين ماڙ تائين مشڪل سان پهچي
سگهيو. هُن ڏڪندڙ هٿن سان گهنٽي وڄائي. نوڪرياڻيءَ
اچي دروازو کوليو.
”مسٽر فليمل هتي ئي رهندو آهي؟“
”جي ها – اچو اچو!“
ڊرائنگ روم ۾ کيس ويهڻ جو اشارو ڪري نوڪرياڻي گهر
اندر هلي ويئي، پر هو بيٺو ئي رهيو. ايتري ۾
دروازو کُليو ۽ هڪ ڊگهي قد وارو شخص ڪارو ڪوٽ پائي
ڪمري ۾ داخل ٿيو. سندس چهري جا خدوخال نهايت ئي
سنجيده هئا. هُن هڪ ڪرسيءَ ڏانهن اشارو ڪري
فرانڪوئيس کي ويهڻ لاءِ چيو. فرانڪوئيس ويهي رهيو
۽ پيشانيءَ تان پگهر اُگهندي ڏڪي چيائين:
”اوهان …شايد منهنجي نالي کان ته واقف هوندا –
مان…“
مسٽر فليمل ڳالهه وچ ۾ ڪاٽيندي چيو ”مون کي اوهان
جي باري ۾ ڪجهه ڳالهين جي خبر آهي، جيڪي لائوزيءَ
مون کي ٻڌايون آهن.“
مسٽر فليمل جي لهجي ۾ موجود طنز جي بدران کيس نرمي
محسوس ٿي، جنهنڪري فرانڪوئيس جي گهٻراهٽ ڪجهه قدر
دور ٿي ويئي ۽ اٽڪي اٽڪي نهايت عاجزانه انداز ۾
وڌيڪ چيائين: ”سائين، مان نهايت شرمندو آهيان جو
بيان نٿو ڪري سگهان. ائين سمجهو ته جيڪا پريشاني ۽
رنج مون کي آهي، اُهو منهنجي لاءِ عذاب بڻجي پيو
آهي ۽ انهيءَ کان نجات اوهان ئي ڏياري سگهو ٿا.
خدا جي واسطي صرف هڪ ڀيرو مون کي اجازت ڏيو ته مان
پنهنجي پٽ کي پيار ڪريان.“
مسٽر فليمل اُٿي گهنٽي وڄائي. اُهائي نوڪرياڻي آئي
۽ فليمل کيس حڪم ڏنو، ”وڃ لوئيس کي هيڏانهن وٺي
اچ.“
نوڪرياڻي هلي وئي. هو ٻئي هڪٻئي کي ڏسندا رهيا، ڪا
به ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي. ڪجهه منٽن کان پوءِ ڏهن
سالن جو ٻار ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ڊوڙي انهيءَ شخص
ڏانهن وڌيو، جنهن کي هن پنهنجو پيءُ سمجهيو ٿي، پر
جڏهن ڪمري ۾ هڪ اوپري ماڻهوءَ کي ڏٺائين ته هٽڪي
بيهي رهيو. مسٽر فليمل اڳتي وڌي کيس پيار ڪيو ۽
چيائين:
”چڱو پٽ، هاڻي هن ڏانهن وڃ ۽ کيس پيار ڪر.“
ڇوڪرو فرانڪوئيس ڏانهن وڌيو ۽ نهايت معصوماڻي
انداز ۾ ڏانهن ڏسڻ لڳو. فرانڪوئيس ڪرسيءَ تان
اُٿيو، سندس قدم پنهنجي پٽ کي ايترو ويجهو ڏسي ڏڪڻ
لڳا ۽ مٿي پيل فيلٽ هيٽ هيٺ فرش تي ڪري پيو. هو
خود خوشيءَ وچان ڪري پوي ها، پر پاڻ بچائي
ورتائين.
مسٽر فليمل دريءَ کان ٻاهر نهارڻ ۾ مصروف هو.
ڇوڪرو حيرت مان انهيءَ ڌارئي شخص کي ڏسي رهيو هو ۽
ڪِريل هيٽ کڻي فرانڪوئيس کي ڏنائين. فرانڪوئيس
بيتاب ٿي ساڻس لپيٽجي ويو ۽ بي اختيار انداز ۾ کيس
چمڻ لڳو. ڪڏهن اکيون چميائين ٿي، ڪڏهن منهن ته
ڪڏهن وارن کي. معصوم ٻار انهيءَ بي پناهه پيار کان
ڊڄي ويو. هُن فرانڪوئيس جي ڀاڪر مان پاڻ ڇڏائڻ جي
ڪوشش ڪئي ۽ ڪنڌ ڦيرائي فرانڪوئيس جو چهرو هٽائڻ
لڳو. تڏهن فرانڪوئيس کيس ڇڏي ڏنو. سندس اکين مان
لڙڪ وهي رهيا هئا. ڇوڪري کي آهستي الوداع چيائين ۽
پوءِ ڪمري مان ٻاهر ائين ڀڳو ڄڻ ته هُو چور هو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
جِپِسي
(Gypsy)
1988ع
۾ آءُ برطانيا ويس ۽ اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن
اسٽڊيز لنڊن ۾ اچ وڃ جو گهڻو سلسلو رهيو. لئبرري،
ڪلاسن، ڪينٽين، هاسٽلن ۽ شاگردن جي ٻين مشغولين کي
ڏسڻ جو موقعو مليو. موٽي اچڻ کانپوءِ ڪي ڳالهيون
ذهن ۾ ڪَر موڙينديون رهيون. اُنهن ۾ سريلنڪا،
پاڪستان، آفريڪا ۽ ٻين هنڌن تي دهشتگردي ۽ انسان
تي ظلم جي حوالي سان ناوليٽ ”شڪار“ لکيم، جيڪو
1994ع جي ٽماهي ”مهراڻ“ (نمبر 3 ۽ 4) ۾ ڇپيو. هن
ناوليٽ جو منظرنامو لنڊن واري اسڪول جو ٺهيل هو،
جتي دنيا جي مختلف ملڪن جا شاگرد اچي ٿا گڏ ٿين،
اُنهن ۾ سنڌ جو دودو، ڀارت جا گل بهار سنگهه ۽
انوپ، سري لنڪا جي سريتا، چين جي چِنگ لِنگ کوُ،
هالينڊ جي مارٿا ۽ هڪ جِپِسي ڪردار ”لَکانو“ آهي.
ناوليٽ جي ڪهاڻي جي رٿا پنهنجيءَ جاءِ تي آهي، پر
اُن ۾ ’جپسين‘ بابت انسائيڪلوپيڊيا مان مليل انگ
اکر ڏنا هئم. اُنهن جو مول مقصد ’لکاني‘ جي سڃاڻپ
ڪرائڻ هو. ناوليٽ جو اُهو خاص ٽڪرو هتي تمهيد طور
ڏيان ٿو، جنهن ۾ جِپسين جو يورپ ۾ پهچڻ ۽ مٿن ٿيل
ظلمن جو مختصر بيان آهي:
”جيئن ٻئي اُميدوار جو نالو پڪاريو ويو، تيئن سڀني
شاگردن جا ڪن کڙا ٿي ويا، نالو هو ’لکانو‘. هڪ
قداور شخص اسٽيج طرف وڌيو. جينز پاتل، ڇيٽَ جي
ويڪري قميص ۽ مٿي تي نراڙ وٽ سائي پٽي ٻڌل. وڏن
مڻين جي هڪ مالها ڪنڌ ۾، ۽ هڪ مالها چيلهه تي پٽي
وانگر ٻڌل هئس، جنهن مان به ڪي مڻين جون سريون هيٺ
لڙڪي رهيون هئس. جِست جي سِڪن جي به هڪ مالها ڪنڌ
۾ جهرمر ڪري رهي هئس. دودي جو ته وات ڦاٽي ويو ته
ڇا کيس هڪ سنڌيءَ سان مقابلو ڪرڻو پوندو! ’لکانو‘
ته سنڌي نالو هو. ويٺلن ۾ ’جپسي جپسي‘ جا سُرٻاٽ
ٿيا. هاڻي دودي کي به ڪجهه سمجهه ۾ آيو.
لکانو جيڪا انگريزي ڳالهائي رهيو هو، سا لهجي جي
لحاظ کان ڪن کي فرينچ ته ڪن کي رومانين لڳي رهي
هئي. لکاني جو آواز آهستي آهستي بلند ٿيندو ويو:
’آءُ اوهان جو حقيقي خادم آهيان. آءُ هڪ برجستو ۽
بي تعصب شخص آهيان، جو تاريخ مون کي اهو سبق ڏنو
آهي. منهنجا وڏا اندازاً اٺ سؤ ورهيه اڳ پنهنجو
وطن، جيڪو اُتر اولهه ڀارت هو، ڇڏي مصر کان ٿيندا
يورپ ۽ آمريڪا تائين پکڙجي ويا. اِنڪري اسان کي
’جپسي‘ سڏيو ٿو وڃي. اسان تي ۽ دنيا جي ٻين ڪمزور
طبقن تي ظلم ڪيو ويو. سوين ڪتاب جپسين جي باري ۾
لکيا ويا آهن. اولهه جي ڪنهن به ملڪ ۾ اسان سان
سٺو ورتاءُ نه ڪيو ويو. مون جيئن هوش سنڀاليو تيئن
پاڻ کي اسپين جي هڪ شهر بارسلونا جي ٻاهران گهوڙن
سان ڇڪجندڙ ۽ ڳوڻين سان ڍڪيل هڪ ٽريلر ڍانچي ۾
ڏٺم. منهنجا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ صبح جو شهر
ويندا هئا ۽ شام جو چار پئسا ڪمائي گهر موٽندا
هئا. مون کي خبر نه هئي ته ڪهڙو ڌنڌو ٿا ڪن. ڪجهه
وڏو ٿيس ته خبر پيئي ۽ پوءِ آءُ به روزگار لاءِ
ٻاهر نڪتس.
مون کي معلوم آهي ۽ اوهين به ڄاڻو ٿا ته جپسي ڪير
آهن؟ پر دوستو! مسئلو فقط جپسين جو نه آهي، مسئلو
دنيا جي سمورن مسڪينن ۽ بي گهرن جو آهي. آءُ
پنهنجي هم وطن مسٽر دودي سان مقابلو ڪريان يا هٿ
کڻي وڃان؛ پر هن پليٽ فارم تان دنيا جو ضمير
جاڳائڻ اسان جو بنيادي مقصد آهي. ليکڪن اسان کي
متفق طور اُتر اولهه ڀارت يعني ’سنڌو ماٿر‘ مان
لڏي اولهه ڏي آيل ڄاڻايو آهي. ڪن اِهو به خيال
ظاهر ڪيو آهي ته اسين پهرين مصر پهتاسين. اسان جي
قوم اڄ يورپ ۽ آمريڪا ۾ لکن ۾ آهي ۽ گهڻو ڪري
ٽوڪرا ٺاهڻ، قسمت ٻڌائڻ، نچڻ ڳائڻ ۽ ڪن صاحبن جي
خيال موجب چوريون ڪرڻ اسان جو ڌنڌو آهي. شايد دنيا
۾ ٻيو ڪير به چوري ڪو نه ٿو ڪري! ڪتابن ۾ اسان کي
رولو، لوفر ۽ ڳجهڙا به سڏيو ويو. انسائيڪلوپيڊيا ۽
تاريخ جي ڪتابن موجب جپسي ڪريٽ ۾ 1322ع ۾ نظر آيا.
1346ع ۾ ڪورفو ۾، جرمنيءَ جي شهر هيلڊشين ۾ 1416ع
۾، مالديويا ۽ هنگري ۾ 1417ع ۾، پئرس ۾ 1427ع ۾ ۽
بارسلونا ۾ 1447ع ۾ نظر آيا. اسين پاڻ کي ”روم“ به
چوندا آهيون، جنهن جو مطلب آهي ’ماڻهو‘. ائين
’منش‘ به سڏائيندا آهيون. باقي خلق کي ’گاجي‘ يعني
ڌاريو ڄاڻندا آهيون. اسان جو اسپيني نالو ’گيٽانو‘
آهي. اسان کي اولهه ۾ ويڙهاڪ ۽ هاڃيڪار ڄاتو ويو ۽
يورپ ۾ اسان کي ماريو ويو. جرمنيءَ ۾ اسان کي
پنهنجي اصل وطن جي مناسبت سان ’سنتي‘ يا ’سنڌي‘
سڏيو ويو. قانون ٽوڙيندڙ ۽ ٺڳ به ڄاتو ويو.
فريڊرڪ وليم اول 1725ع ۾ حڪم ڏنو ته 18 سالن کان
وڏي عمر جي سڀني جپسين کي ڦاسي ڏني وڃي. ساڳين
سالن ۾ رومن سلطنت جي چارلس ٻئي به سڀني جپسين
لاءِ موت جو وارنٽ ڪڍيو. بوميميا ۾ عورتن جو ساڄو
ڪن ڪپڻ، سلسيا ۽ موراويا ۾ کاٻو ڪن ڪپڻ جو حڪم ڪيو
ويو. جناب عالي! اِهي ڳالهيون ڪتابن ۾ لکيل آهن.
انصاف ڏسو. هٿ ڏيکاري اوهين پنهنجو ڀاڳ ڄاڻڻ ٿا
گهرو ۽ ڏوهه اسان جو آهي. راڳ ٻڌڻ اوهين گهرو ٿا ۽
ڏوهه ڳائڻ واري جو آهي! مرچ اوهان کي پسند ڪونهي،
پر ڪو ٻيو کائي ته اُهو اوهان جو ڏوهاري آهي!
ويهين صديءَ ۾ به اسان سان نسلي متڀيد روا رکيو ٿو
وڃي. اسان جا ’هم قوم‘ مختلف ملڪن اسپين، فرانس،
برطانيه، جرمني، رومانيه، بلگيريا، روس ۽ آمريڪا ۾
اٽڪل هڪ ڪروڙ آهن. اوهين ڏسو ته ڪٿي نڪورنو
ڪاراباخ ۾ اسان کي ته نه پيو ماريو وڃي! ڪٿي
نڪولائي چائوسسڪو جي ظلم هيٺ اسين ته نه پيڙيا ويا
آهيون! اسان تي ظلم به ٿيندو رهيو آهي ۽ اسان جي
آدمشماري به وڌي پيئي. غلط ۽ گهٽايل انگ اکر گهڻو
وقت هلي نه سگهندا. اسين به مغرب جي چمڪ ۾ پنهنجو
خوبصورت چهرو ڏسڻ گهرون ٿا. برطانيه جي جپسي قومي
ڪائونسل جي صدر چيو آهي ته اسين به ٻي عام مخلوق
وانگر هڪ هنڌ رهي مفيد ۽ ڪامياب زندگي گهارڻ گهرون
ٿا. |