سانول
(ٻه ننڍڙيون ڪهاڻيون)
(1) پڙيءَ تي به نه کَتل ڍور
الهداد کي ڏسي هي هٻڪيو. هُو اوچتو ئي اوچتو هن جي
سامهون اچي ويو هو ۽ هِن لاءِ لڪڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪا
واهه به نه هئي!
هي ۽ الهداد هڪ ئي آفيس ۾ ڪم ڪندا هئا. الهداد
ڊرائيور هو ۽ آفيس جي گاڏي ڊوڙائيندو وتندو هو –
مئڊم جا ٻار اسڪول نيڻ ۽ آڻڻ – ٽوئر – ڏاڍي لئي ۾
هوندو هو! هيءُ جيتوڻيڪ آفيس سپرنٽينڊنٽ هو، پر
الهداد کيس کنگهندو به نه هو. هيءُ پاڻ الهداد کي
خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ کيس نالي وٺڻ بدران
استاد – استاد پيو ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن الهداد زال
۽ ٻارن کي گاڏيءَ ۾ پيو گهمائيندو هو ۽ هن کي ڏسي
هارن وڄائيندو هو! رستي تي هن کي ڏسندو هو ته ڏاڍي
ڪلوز ڪراسنگ ڪندو هو! ۽ هي ڊپ مان ڇرڪ ڀريندو هو -
۽ الهداد جا وڏا وڏا ٽهڪ هن کي ڦٽن تي لُوڻ لڳندا
هئا!
هڪڙي ڏينهن هي ۽ هن جا سنگتي، آفيس جي ٽه – ڦيٿي
هٿ – ٽراليءَ ۾ پاڻيءَ جو ڪولر، گِلم، ٿان ٿپا،
رڌپچاءُ جو سامان – کڻي سڀاڳي سائين جي دراگهه تي
وڃي رهيا هئا ته سامهون کان آفيس جي گاڏي پئي آئي.
”اَبا، مري وياسين!“ هن جي سنگتين چيو، ”ماٺ ڪري
هلندا رهو!“ ۽ سنگتين هن جي چئي ته عمل ڪيو، گاڏي
سندن ڀَر مان لنگهي وئي
ان جي ٻئي ڏينهن هيءُ اڃا آفيس پهتو ئي مس ته
پٽيوالي اچي چيس ته ”مئڊم توهان کي سڏايو آهي!“
هيءُ مئڊم وٽ پهتو ته الهداد اڳئي اتي هڪيو هو،
هيءُ سڄي ڳالهه سمجهي ويو. مئڊم کڙڪي سان پڇيس
”آفس جي ٽرالي ڪنهن کان موڪلائي کنئي هيئه؟“
”توهان کي ڪنهن چيو آهي؟“ هن جواب بدران سوال
ڪيو.
”الهداد ٿو چئي!“ مئڊم الهداد ڏانهن اشارو ڪيو.
”ڪڏهن؟“ هن الهداد کان پڇيو.
”ڪالهه ٻيو وري ڪڏهن!“ الهداد وراڻيو.
”ڪٿي؟“ هن وري پڇيو.
”اريگيشن آفيس جي ڪنڊ وٽ – ٻيو وري ڪٿي!“
الهداد ياد ڏياريس.
”ڀُليو آهين ڀائو!“ هن ’اُستاد‘ بدران ’ڀائوُ‘
چيس.
”ڀُليو وري آءُ آهيان!“ الهداد جي هٿ مان جهڙوڪر
اسٽئرنگ ڇڏائجي ويو.
”ڀلا تو اسان کي ڏٺو ته تو اسان کي سلام ڪيو؟“
”نه!“ گاڏيءَ آڏو ڄڻ اوچتو اسپيڊ بريڪر اچي ويو.
”ڀلا اسان توکي سلام ڪيو؟“
”نه!“ گاڏي ڄڻ ڌڏِڪي سان بند ٿي وئي.
”مئڊم!“ هاڻي هي مئڊم سان مخاطب هو ”نه هن اسان کي
سلام ڪيو – نه اسان هن کي سلام ڪيو – معنى ته اسين
نه هئاسين نه!“ پوءِ الهداد ڏانهن چُنجهين اکين
سان نهاريائين:
”ڀُليو آهين ڀائوُ!“
الهداد ڪجهه چوڻ چاهيو ته مئڊم هٿ مٿي کڻي موت
جهڙي ٿڌي لهجي ۾ چيو:
”هن کي هينئر ئي ليٽر ڏئي هيڊ آفيس بدلي ڪريو.“
”ييس مئڊم!“ هِيءُ وڃڻ لڳو ته الهداد به هن جي ڪڍ،
پڙيءَ تي کپائڻ جهڙي ڍور وانگر وڃڻ لڳو. پوءِ
الهداد ڊيزرٽ ايريا ڏانهن موڪليو ويو – پوءِ نوڪري
مان ئي ڪڍيو ويو.
اڄ جڏهن سالن کانپوءِ، الهداد اوچتوئي اوچتو هن جي
سامهون اچي ويو ۽ هن لاءِ لڪڻ، ڀڄڻ ۽ لنوائڻ جي ڪا
واهه به نه هئي ته هن کيس سلام ڪيو. الهداد به
سلام جو جواب ڏنو. ڪجهه دير ٻئي ڳالهيون ڪندا
رهيا. هن محسوس ڪيو ته الهداد جي اندر ۾ ڪا اڻ تڻ
هئي. نيٺ الهداد چچريل لهجي ۾ چيو ”يار! هوءَ –
ارييگشن آفيس – جي ڪنڊ – هوءَ هٿ – ٽرالي ي ي - ۽
تون ن ن…“ پوءِ پاڻ ئي ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چيائين
”نه نه – آءُ ڀليو هوندس!“ ۽ هِن کان موڪلائڻ کان
سواءِ ئي، مخالف ڏس ڏانهن وڃڻ لڳو – ڍرن ڍرن ٿڙندڙ
قدمن سان ڀُڻ ڀُڻ ڪندو – پڙيءَ تي به نه کَتل ڍور
وانگي!
(2) بدذوق
پارڪنگ
لائٽس ٻرڻ جو سمو هو، هو ٽيئي ڄڻيون فيڊرل
گورنيمنٽ ڪاليج جي ڪُنڊ وٽ بيٺيون هيون. هڪڙيءَ کي
چادر پاتل هئي، ٻي برقعي ۾ نقاب سان هئي، ٽيءَ کي
رئو ڳچيءَ ۾ پيل هو.
هڪ مرسڊيز موڙ ڪٽي رهي هئي.
”واؤ!“ چادر واريءَ مخصوص شيپ ۾ چپ ٺاهيا!
”ڇا ته ڪار آهي!“ برقع واريءَ سُر جهلايس.
”برئنڊ نيو ماڊ:!“ ٽيءَ به وات ڦاڙيو.
ڪار مئجسٽڪ سئنيما وٽ بيهي رهي ۽ اُن مان ڪجهه
ليڊيز لهي سئنيما ۾ هليون ويون. ڪار اسٽارٽ ٿي هنن
ڏانهن اچڻ لڳي. هنن ٽنهي جون اکيون ڊرائيونگ سيٽ
تي ويٺل همراهه تي کُپي ويون.
”ڪار هيڏانهن پئي اچي.“ برقعي واريءَ کين هوشيار
ڪيو.
”اسان ڏانهن ڏسندو ته پڪ ئي پڪ!“ چادر واريءَ
اعتماد سان چيو.
”۽ ڏسندو ته پوءِ لفٽ به ڏيندو.“ ڳچيءَ ۾ پيل رئي
واريءَ ڳالهايو.
ڪار هنن جي پاسي مان لنگهي، ڊاڪٽرس اسٽريٽ ڏانهن
مُڙي وئي.
”هُن ته اسان ڏانهن نهاريو به ڪونه!“
”ويچارو شريف ماڻهو!“ ٻيءَ چيو.
”بدذوق!“ ٽيءَ چيو.
گاءِ ڊي مؤپسان
ولي رام ولڀ
پيءُ
گاءِ ڊي مؤپسان
Guy De Maupassant 1850-93
فرانس جو گهڻ – لِکڻو ليکڪ ۽ وڏو ڪهاڻيڪار هو.
سندس ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي اونهائي ۽ حقيقي مشاهدو
ملي ٿو، جيڪي گهڻيون پڙهيون وڃن ٿيون ۽ منجهن
متاثر ڪرڻ جي وسيع قوت آهي. سندس ڪهاڻين ۾
فرانس جي ٽئين ريپبلڪ جي شروعاتي دور (1870 کان
1890) جو پس منظر آهي، جن ۾ فرينڪو – پَرُشين
لڙائيءَ جون جهلڪيون ۽ خوش طبعي کان وٺي دلسوزي،
جذبات، ڪوڙاڻ ۽ ڀوائتي موت جا منظر اچي وڃن ٿا.
هُو تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ هو ۽ آفيس ڏانهن روز بس ۾
چڙهي ويندو هو ۽ ساڳئي وقت هوءَ به بيٽي نولز ڳوٺ
مان پيرس ويندي هئي، جتي هوءَ هڪ دڪان تي نوڪري
ڪندي هئي. ٻنهي کي گهڻو ڪري هڪٻئي جي سامهون جڳهه
ملي ويندي هئي. انهي ڇوڪريءَ ۾ هونئن ته ڪا خاص
جاذبيت ته ڪانه هئي، معمولي مهانڊو هئس جيئن عام
ڇوڪرين جو ٿيندو آهي، بلڪ چمڪندڙ اکين ۾ فرانڪوئيس
کي گهرائي محسوس ٿيندي هئي. هُو روز جڏهن مقرر وقت
تي بس اسٽينڊ تي ايندو هو ته اُها ڇوڪري به انهيءَ
گهٽيءَ مان نڪري کانئس ڪجهه وٿيءَ تي بيهي بس جو
انتظار ڪرڻ لڳندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي جون نگاهون
ٽڪرائبيون هيون، پر جلد ئي ٻئي ڄڻا منهن ورائي بي
پرواهيءَ سان ٻئي طرف ڏسڻ لڳندا هئا. اڪثر ائين
ٿيندي بس اچي ويندي هئي ۽ جيڪڏهن ڇوڪري وقت تي نه
پهچندي هئي ته هُو بيچينيءَ وچان پويان گهٽيءَ ۾
نهاريندو هو ۽ ڊرائيور کي ڪجهه منٽڻ لاءِ ترسڻ جو
چوندو هو، جيئن ئي بس هلڻ شروع ڪندي هئي ته ڇوڪري
به اچي پهچندي هئي ۽ هلندڙ بس ۾ چڙهي پوندي هئي.
پنهنجي سيٽ تي ويهڻ کانپوءِ هوءَ هميشه چئني پاسن
واجهائيندي هئي ۽ جيئن ئي انهن جون نظرون چار
ٿينديون هيون ته ٻنهي جي جسمن ۾ سنسني پيدا ڪندڙ
لهرون ڊوڙي وينديون هيون ۽ ائين ئي ٻيئي نظرون
ڦيرائي ٻئي طرف ڏور نهارڻ لڳندا هئا.
هاڻي هو چڱي طرح هڪٻئي کي سڃاڻڻ لڳا هئا، پر پاڻ ۾
ڳالهائڻ جو موقعو نه مليو هئن. فرانڪوئيس پهرينءَ
نظر سان ئي کيس پسند ڪيو هو ۽ هاڻي روز روز خاموش
ملاقاتن دوران هو کيس اڃا به وڌيڪ خوبصورت ۽ معصوم
نظر اچڻ لڳي هئي. فرانڪوئيس هاڻي محسوس ڪرڻ لڳو هو
ته کيس انهيءَ ڇوڪريءَ سان دل ۾ محبت ٿي ويئي آهي.
هن ڇوڪريءَ جي نگاهن ۾ پنهنجي لاءِ محبت جا جذبا
پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس ناڪامي نه ٿي جڏهن هو
ڏانهس نهاريندو هو ته ڇوڪريءَ جي چهري تي حيا جي
لالاڻ اچي ويندي هئي. سندس ڪن ڌڳندا اڱرن وانگر
ڳاڙها ٿيڻ لڳندا هئا ۽ هوءَ گهٻرائجي نظرون ڦيرائي
ڇڏيندي هئي. هر دفعي هو فيصلو ڪندو هو ته هاڻي
ڏانهس نه نهاريندو پر جيئن ئي سامهون ايندي هئي ته
بي اختيار سندس نظر ڇوڪريءَ جي چهري تي ڄمي
وينديون هيون. آهستي آهستي اها هٻڪ به ختم ٿي
ويندي هئي ۽ هاڻي هڪٻئي کي ڏسي مشڪڻ به لڳا هئا پر
گفتگو جو وجهه نه مليو هئن!
نيٺ اهو به حجاب ويندو رهيو. هڪ ڏينهن ڇوڪري دير
سان آئي ۽ بس ۾ ڪا سيٽ خالي نه هئي، پريشانيءَ
وچان چوڌاري نهارڻ لڳي، فرانڪوئيس کان پنهنجي
محبوبا جي بيچيني برداشت ٿي نه سگهي، هو اُٿي کيس
پنهنجي سيٽ تي ويهڻ لاءِ چئي پاڻ بس مان لهي ويو.
ڇوڪري ٿورو مڃيندي سيٽ تي ويهي رهي ۽ بس رواني ٿي
وئي. اُن کانپوءِ به اهڙا اتفاق ٿيندا رهيا،
ڇوڪريءَ کي بس ۾ سيٽ نه ملندي هئي ته فرانڪوئيس
پنهنجي سيٽ پيش ڪندو هو. هوءَ رسمي طور انڪار ڪندي
هئي پر زور ڀرڻ تي ويهي رهندي هئي ۽ هُو هيٺ لهي
ٻي بس جي انتظار ۾ بيهي رهندو هو. فرانڪوئيس کي
پنهنجي انهيءَ قرباني تي بيحد خوشي محسوس ٿيندي
هئي، پر انهيءَ قرباني سبب کيس پنهنجي دل تي جبر
ڪرڻو پوندو هو، ڇو ته آفيس ۾ دير سان پهچڻ ڪري
بالا آفيسرن جون جهڻڪون به سهڻيون پونديون هيس ۽
پوءِ اڌ ڪلاڪ جو اهو سفر، سندس لاءِ بي پناهه
خوشين کي پنهنجي جهول ۾ سميٽي، هر روز پڌرو ٿيندو
هو. جنهن ڏينهن کيس اڪيلو ڪنهن بس ۾ وڃڻو پوندو هو
تڏهن سندس بي چينيءَ جي انتها هوندي هئي ۽ انهيءَ
ڏينهن هُو اُداس رهندو هو.
بس ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ويهندي، هاڻي هو ڪڏهن ڪڏهن
ٻن چئن رسمي جملن جي ڏي وٺ به ڪري وٺندا هئا.
آهستي آهستي منجهن بي تڪلفي ۽ بي حجابيءَ سان
ڳالهيون ٿيڻ لڳيون ۽ اوچتو جڏهن اهو وڻندڙ سفر ختم
ٿي ويندو هو ته فرانڪوئيس دل ڏاڍي ڪري کانئس
موڪلائيندو هو. هوءَ سندس دل ۽ دماغ تي ائين
ڇانئجي ويندي هئي جو آفيس جي ڪم ۾ به دل نه لڳندي
هئس. رات جو سمهندي تصور ۾ گم رهندو هو ۽ طرح طرح
جون ڳالهيون سوچيندو رهندو هو. آڌي رات جو اک
کُلندي هئي ٻيهر ننڊ نه ايندي هئس ۽ صبح جي انتظار
۾ بستري تي پاسا ورائيندي رات گذرندي هئس.
بس اسٽينڊ تي نهايت بيچينيءَ وچان سندس راهه
تڪيندو هو، ڪيتريون بسون اينديون هيون ۽ نڪري
وينديون هيون. پر جيستائين اُها ڇوڪري نه ايندي
هئي، تيستائين هو بس ۾ نه چڙهندو هو، جيئن ئي
ڇوڪري پريان کان پاڻ پسائيندي هئي ته سندس جسم ۾
خوشيءَ جي هڪ لهر ڊوڙي ويندي هئي. اُداس چهري تي
تازگي اچي ويندي هئي ۽ منهن تي مُشڪ به اُڀري
ايندي هئي. ڇوڪري به کيس ڏسندي ئي هٿ لوڏيندي
مشڪندي ويجهو ايندي هئي ۽ ٻئي ڄڻا بي معنى
اوڀاريون لهواريون ڪرڻ لڳندا هئا. ايتري ۾ بس اچي
ويندي هئي ۽ ٻئي ڄڻا وڃي سيٽن تي ويهندا هئا. سفر
دوران هُو هڪٻئي کي ڏسندا رهندا هئا ۽ جڏهن بس
منزل مقصود تي پهچندي هئي ته هڪ ٻئي کان
موڪلائيندي پنهنجي پنهنجي ڪم تي روانا ٿي ويندا
هئا.
آچر جو ڏينهن ٻنهي لاءِ قيامت کان گهٽ نه هوندو
هو، ڇو ته ٻنهي جي انهيءَ ڏينهن ملاقات ٿي نه
سگهندي هئي. هُو پريشانيءَ وچان چوندو هو، ”هي آچر
جو ڏينهن به عجيب عذاب آهي. ڪاش انهيءَ ڏينهن تي
موڪل نه هجي ته سندس ديدار کان محروم نه هجان
ها!“ فرانڪوئيس محسوس ڪيو ته ڇوڪري به منجهس
دلچسپي وٺي رهي آهي ۽ بعد جي ملاقاتن ۾ بي تڪلفيءَ
مان هن اندازو لڳايو ته هُوءَ به ساڻس محبت ڪري
ٿي. آخر هڪ ڏينهن هن ڇوڪريءَ کي دعوت ڏني ته هوءَ
آچر جو ٻن پهرن جي ماني وٽس کائي. ڇوڪريءَ دعوت
قبول ڪئي ۽ طئي ٿيو ته مشينز ليفٽي جي ڪنهن هوٽل ۾
گڏجي ماني کائيندا. انهيءَ ڏينهن فرانڪوئيس جي
خوشيءَ جي ڪا حد نه هئي.
آچر ڏينهن مقرر وقت تي جڏهن هو ريلوي اسٽيشن تي
پهتو تڏهن کيس خوشيءَ سان گڏ تعجب به ضرور ٿيو جو
هوءَ اڳ ۾ ئي سندس انتظار ڪري رهي هئي. فرانڪوئيس
جيئن ويجهو پهتو تيئن ئي ڇوڪري کيس مخاطب ٿي،
”گاڏي ڇٽڻ ۾ باقي ويهه منٽ آهن ۽ اهو وقت مناسب
سمجهي توسان هڪ ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿي.“ اهو چوڻ سان
ڇوڪريءَ جو جسم ڏڪڻ لڳو ۽ ڳلن جو رنگ به پِيلو
پئجي ويو. هن فرانڪوئيس جي ڪلهي تي هٿ رکي سهارو
ورتو ۽ زمين ۾ نظرون کُپائي چوڻ لڳي، ”مان توکي
ڪنهن دوکي يا فريب ۾ نه ٿي رکڻ چاهيان ۽ تون
جيستائين وعدو، بلڪ قسم نه کائيندين ته تون مون
سان ڪابه اجوڳي حرڪت نه ڪندين، مان اُن وقت تائين
توسان هرگز گڏ نه هلنديس.“
ڇوڪريءَ اهي لفظ اهڙي انداز سان چيا ڄڻ هوءَ
انهيءَ لاءِ خاص زور ڏئي رهي هجي. سندس چهرو هڪ
دفعو وري پيلو پئجي ويو. فرانڪوئيس سمجهي نه سگهيو
ته هوءَ ڇا چئي رهي آهي ۽ انهيءَ جو ڪهڙو جواب ڏيڻ
گهرجي. هُو خاموشيءَ سان سوالي انداز ۾ کيس ڏسڻ
لڳو، جڏهن سندس واتان ڪا ڳالهه نه نڪتي ته ڇوڪريءَ
وري چپ چوريا، سندس لهجو پهرئين کان وڌيڪ سخت ۽
تکو هو ۽ اکين ۾ لڙڪ تري آيا هئس.
”جيڪڏهن تون منهنجي عزت آبروءَ جي احترام جو وعدو
ڪندي خوف ٿو کائين ته مون کي گهر وڃڻ جي اجازت
ڏي.“
فرانڪوئيس سمجهي ويو ته هوءَ ڇا ٿي چوڻ چاهي. هُن
ڇوڪريءَ جي ٻانهن کي نرمائيءَ سان دٻائي چيو، ”مان
وعدو ٿو ڪريان ته تنهنجي مرضيءَ جي خلاف ڪجهه به
نه ڪندس“.
ڇوڪريءَ جو چهرو خوشيءَ وچان ٽڙي پيو، ڄڻ سندس دل
تان ڪو بار لهي ويو هجي. سندس ننڍڙن سنهڙن سهڻن
چپن تي هڪ من موهيندڙ مشڪ کِڙي. ”ڇا واقعي سچ ٿو
چوين؟“
”مان قسم کڻي ٿو چوان –“ فرانڪوئيس ڇوڪريءَ جي
اکين ۾ اکيون وجهي ڳنڀير لهجي ۾ وراڻيو.
فرانڪوئيس ٽڪيٽ وٺي آيو ۽ ٻئي ڄڻا گاڏيءَ ۾ وڃي
ويٺا. گاڏو مسافرن سان ڀريل هو، انهيءَ ڪري سفر جي
دوران ڪنهن به ڪجهه نه ڪُڇيو. مشينز ليفٽي پهچي
اُهي گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺا. گاڏو مسافرن سان ڀريل هو،
انهيءَ ڪري سفر دوران ڪنهن به ڪجهه نه ڪُڇيو.
مشينز ليفٽي پهچي اُهي گاڏيءَ مان لهي سين نديءَ
جي ڪناري تي هلڻ لڳا. نديءَ جي لهرن ۽ اُن جي
ڪناري تي پکڙيل سرسبز ميدانن تي چمڪندڙ اُس ڦهليل
هئي ۽ هو هڪٻئي جي ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي نديءَ
ڪناري هلڻ لڳا.
”تو سوچيو ته ضرور هوندو ته مان ڪيتري نه بيوقوف
آهيان.“
ڇو؟“
”توسان جو اڪيلي هلي آيس“.
”واهه…! اها ته رواجي ڳالهه آهي“.
”نه، اها مون لاءِ رواجي ڳالهه نه آهي. مان نه ٿي
چاهيان ته مان به ٻين ڇوڪرين وانگر ڪا غلطي ڪري
ويهان. مان پنهنجي ماءُ سان گڏ رهان ٿي. هن جي
زندگي مصيبتن ۽ تڪليفن ۾ گذري آهي، انهيءَ ڪري
هوءَ به چِڙ چڙي ۽ بدمزاج ٿي پئي آهي ۽ انهيءَ جو
اثر مون تي به ٿيو آهي. مون گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته
سنجيدگيءَ کي تزڪ ڪريان ۽ زندگي جي دلچسپين ۾ حصو
وٺان، پر ڪامياب نه ٿيس.
فرانڪوئيس جواب ۾ جهڪي کيس چمڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
ڇوڪري ڇرڪي پري هٽي وئي ۽ نهايت ناراضگيءَ وچان
چيائين، ”هاڻي ئي ته تو قسم کاڌو آهي ته تون ڪابه
اهڙي حرڪت نه ڪندين.“
مشينز ليفٽي واپس اچي نديءَ جي ڪناري تي هنن هڪ
ننڍي هوٽل ۾ ماني کاڌي. هوٽل جي ننڍڙي عمارت جي
چوڌاري ڊگهن وڻن جا جهڳٽا اوچو ڳاٽ کڻي بيٺا هئا ۽
هوا ۾ به ڏاڍي خوشگوار هئي. لذيذ کاڌي ۽ اعلى شراب
ٻنهي تي سرورُ جي ڪيفيت آڻي ڇڏي هئي. کاڌي مان
فارغ ٿي ٻنهي پوءِ ندي جي سير جو پروگرام ٺاهيو ۽
سين نديءَ کي پار ڪندي لاقريتي جي ڳوٺ ڏانهن هليا.
اوچتو فرانڪوئيس کانئس پڇيو، ”تنهنجو نالو پڇي
سگهان ٿو.“
”لائوزي“.
”لائوزي…“ فرانڪوئيس چپن ۾ ورجايو ۽ سين نديءَ جون
زورائتيون لهرون هاڻي جهڪيون ٿي ويون هيون. سج
آهستي آهستي اولهه ڏانهن وڌندو ٿي ويو ۽ شفق به
ڦهلبي پئي وئي. لهندڙ سج جي سونهري ڪرڻن ۾ ندي ور
وڪڙ کائيندي هڪ نانگ وانگر ميلن تائين ڊوڙندي هلي
ٿي وئي ۽ پاڻي ۾ اوچين سفيد عمارتن جو اولڙو نرت
ڪري رهيو هو. ڇوڪري رستي تي گلن جي ٻوٽن مان سدا
بهار کي چونڊي هڪ سهڻو گلدستو ٺاهي رهي هئي ۽
فرانڪوئيس ڪنهن پراڻي گيت جا ٻول جهونگاري رهيو
هو. سندس ساڄي هٿ تي، نديءَ جي لڳولڳ هيٺاهين تي،
پريان گل ڦهليل هئا ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ زمين تي هڪ
وڏو غاليچو وڇايل هجي. اهو منظر ايڏو دلڪش هو جو
فرانڪوئيس بيخود ٿي بيهي رهيو ۽ بي اختيار لائوزي
کي چوڻ لڳو، ”ڏس ته ڪيڏو نه پيارو منظر آهي.“
لائوزي به انتهائي خوش ٿي انهيءَ منظر کي ساراهيو
۽ ٻئي ڄڻا اوڏانهن هلڻ لڳا. جذبات جو طوفان سندن
سينن ۾ ڇوليون هڻي رهيو هو. فضا جي رنگيني ۾ انهن
پاڻ کي ملائڻ چاهيو ٿي. هيٺاهين لتاڙي هو هڪ سوڙهي
پيچير تي هلڻ لڳا، جيڪو ڳوٺ ڏانهن ٿي ويو. ٻنهي
پاسن کان وڻن جون قطارون هيون. اهو هنڌ کين تمام
سُڪون وارو ۽ فرحت بخش محسوس ٿيو. ٻڏندڙ سج جي
سونهري ڪرڻن ٻنهي جو منهن ٿي چميو ۽ ماکيءَ جي
مکين جي ڀُون ڀُون هڪ دلاويز نغمي ۾ بدلجي وئي
هئي. فضا ۾ گلن جي خوشبو کين مست ۽ بيخود ڪري ڇڏيو
هو ۽ هو بي اختيار اُتي ويهي رهيا.
ڳوٺ جي ديول ۾ گهنڊ وڄي رهيو هو. بي خوديءَ جي
ڪيفيت ۾ هو ٻئي هڪٻئي جي ڀاڪرن ۾ اچي ويا. ڇوڪري
جذبات جي غلبي وچان پنهنجو پاڻ کي فرانڪوئيس جي
ٻانهن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن هو جدا ٿيا ته
ڇوڪريءَ کي محسوس ٿيو ته هو ٻئي پنهنجو قسم ٽوڙي
چڪا هئا ۽ هوءَ پنهنجي قيمتي شيءِ وڃائي چڪي هئي.
اهو احساس ٿيندي ئي هن پنهجو چهرو ٻنهي هٿن سان
ڍڪي ڇڏيو ۽ سُڏڪا ڀري رُئڻ لڳي.
فرانڪوئيس دلاسن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڇوڪري مسلسل
روئي رهي هئي. سندس چهرو غم جي شدت کان تپي ٽامي
وانگر ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ اکيون اُداس ۽ ويران
هيون. هُو آهستي آهستي اُٿيا ۽ جتان آيا هئا،
اوڏانهن واپس روانا ٿيا. سمورو وقت هوءَ فرانڪوئيس
سان هڪ لفظ به نه ڪُڇي. ريلوي اسٽيشن تي پهچي
ڇوڪري پنهنجو ٽڪيٽ خريد ڪري وڃي گاڏي ۾ ويٺي ۽
بيٽي نولز پهچندي ئي ريل مان لهي فرانڪوئيس ڏانهن
نهارڻ کانسواءِ رواني ٿي ويئي.
ٻئي ڏينهن جڏهن هُو اومني بس ۾ ساڻس مليو ته
لائوزي اڳي کان وڌيڪ ڪمزور ۽ بدليل نظر آئي.
فرانڪوئيس ڏانهن نهاريندي ئي هن نفرت وچان منهن
ڦيري ڇڏيو ۽ ايترو چيائين، ”مان توسان ڪجهه
ڳالهائڻ ٿي چاهيان، انهيءَ ڪري بوليورڊ تي لهجان“
بوليورڊ تي ٻئي ڄڻا لٿا ۽ ڇوڪري نهايت سنجيده لهجي
۾ چيو، ”اڄ کانپوءِ مان توسان تعلقات ختم ٿي ڪريان
۽ ڪنهن به صورت ۾ هاڻي توسان ڪو به لاڳاپو رکڻ نه
ٿي چاهيان“. فرانڪوئيس کيس منٿ ڪئي، پنهنجي محبت
جا واسطا وڌا ۽ ايتري قدر چيائين ته هو ساڻس شادي
ڪرڻ لاءِ به تيار آهي، پر ڇوڪريءَ ڪا به ڳالهه نه
ٻُڌي. انهيءَ واقعي کانپوءِ پوري هڪ هفتي لاءِ
فرانڪوئيس لائوزيءَ جي شڪل به نه ڏٺي. هُن بس
اسٽينڊ تي به اچڻ ڇڏي ڏنو. فرانڪوئيس کي اها به
خبر نه پئي ته لائوزيءَ جو گهر ڪٿي هو جو کيس ڪڏهن
اهڙي ضرورت به پيش ڪانه ٿي. اهي ڏينهن مٿس عذاب
وانگر گذريا، کيس چَين نٿي آيو. هُو مايوس ٿي پيو.
شايد ممڪن هو ته لائوزي هاڻي کيس ڪڏهن نه ملي.
نوَن ڏينهن کانپوءِ جڏهن آفيس کان موٽي گهر ويٺو
هو ته ٿوري دير کان پوءِ گهنٽي وڳي. هُن دروازو
کوليو. سامهون لائوزي بيٺي هئي. هو عجب وچان کيس
تڪڻ لڳو. اڃا هن جي حيرت ختم ئي نه ٿي هئي ته
لائوزي وڌي ساڻس ٻکجي ويئي.
ٽن مهينن تائين ڏينهن رات هوءَ سندس گهر ۾ رهي. هن
پوريءَ طرح خود کي فرانڪوئيس جي حوالي ڪري ڇڏيو هو
۽ هڪ ڏينهن جڏهن لائوزي کيس ٻڌايو ته هو پيءُ ٿيڻ
وارو هو ته هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو. هاڻي لائوزيءَ
لاءِ سندس دل ۾ ڪابه ڪشش باقي نه رهي هئي. ويتر
جڏهن خبر پيس ته لائوزي پيٽ سان آهي ته سندس اکين
مان ننڊ اُڏامي وئي ۽ لائوزيءَ کان جند ڇڏائڻ جي
اٽڪل سوچڻ لڳو. ڪيترا ڀيرا هن اشارتاً چيو ته هوءَ
پنهنجي ڀاءُ وٽ هلي وڃي. پر هوءَ انهيءَ لاءِ تيار
نه ٿي. نيٺ هڪ ڏينهن هو گهر مان غائب ٿي ويو.
لائوزيءَ لاءِ اهو صدمو ايترو گَهرو هو جو وٽس
فرانڪوئيس کي ڳولڻ جي همٿ ئي نه رهي. هوءَ چپ چاپ
پنهنجي ماءُ وٽ هلي ويئي ۽ سندس پيرن ۾ ڪِري
پنهنجن گناهن جو اقرار ڪيائين ۽ ڪجهه مهينن
کانپوءِ هن پٽ کي جنم ڏنو.
ڪيترائي سال گذري ويا. سج ڪيترائي ڀيرا اُڀريو ۽
لٿو، زمين اُن جي چوڌاري ڪيترائي ڦيرا مڪمل ڪيا.
فرانڪوئيس جي جواني ٻڍاپي ۾ تبديل ٿيڻ لڳي. سندس
وار اڇا ٿيڻ لڳا ۽ ڳلن جا هڏا اُڀري آيا، پر سندس
زندگي ۽ فرانس جي حالتن ۾ ڪو به ڦيرو نه آيو. اُها
ئي هڪجهڙائپ ۽ هڪ ئي راهه تي هلندڙ اُهائي دفتري
آفيس واري، جنهن ۾ نه اُميدن جا رنگين خوبصورت
سپنا هئا ۽ نه ماضيءَ جون خوشگوار يادون. روزانو
هو مقرر وقت تي گهر مان نڪرندو هو ۽ مقرر ٿيل رستي
تان گذرندو آفيس پهچندو هو ۽ پراڻي ڪرسيءَ تي ويهي
اهوئي روزمرهه جو ڪم سرانجام ڏيئي گهر واپس ايندو
هو. انهيءَ کانسواءِ سندس ٻي ڪابه مصروفيت نه هئي
۽ هو هيڏي ساري دنيا ۾ اڪيلو هو. سندس نه ڪو يار
هو ۽ نه غمگسار. آچر گذارڻ لاءِ هو باغن ۽ پارڪن ۾
بنان مقصد جي گهمندو رهندو هو ۽ نوجوان جوڙن کي گڏ
گهمندو ڏسي حسرت وچان کين گهوريندو رهندو هو. |