مولانا حاجي احمد ملاح کي عوامي شاعر يا لاڙ جو
عوامي شاعر چوڻ ڪجهه غلط به ناهي، نه ئي ڪنهن شاعر
جي ”عواميت“ ڪا خراب ڳالهه آهي، بلڪه سچ ته اهو
آهي ته عوامي هجڻ، ڪنهن به شاعر/شاعري لاءِ هڪ
واڌو ڳڻ آهي. اها عواميت گهٽ شاعرن کي نصيب ٿيندي
آهي. مولانا حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ اهو واڌو
ڳڻ انڪري به آهي جو پاڻ هڪ عوامي ماڻهو هو. هن
ننڍي هوندي ڍور به چاريا، ان ڪري فطرت کي ويجهو
رهيو:
ڪارَ پٺيان ڪارَ ڪڪرن ڪيتريون ڪاهون ڳڻيان
ڪر اچن ڪونجون قطاريون واهه قدرت رب ڪريم.
ان غزل جو، جيڪڏهن اسين ان کي غزل چئون ته، رديف
ئي ”واهه قدرت رب ڪريم“ آهي. ائين هن جي شاعريءَ
تي موحدانه رڱ ڪجهه سرس ئي چڙهيل آهي. پر هُو ”گهر
مسيت ڪرڻ“ جو اصطلاح به ڪم آڻي ٿو:
عجب فيض، ”احمد“ عطا ڪيو عجيب،
ڏئي گهور گهوڙا! ڪيئين گهر مسيت.
ظاهر آهي ته مولانا حاجي احمد ملاح انهيءَ خالص
سنڌي اصطلاح جي معنى کان اڻڄاڻ ناهي، ڇاڪاڻ ته
انهيءَ معنى ۾ هن اهو اصطلاح ڪتب به اندو آهي ۽
محض قافئي نڀائڻ لاءِ ائين نه ڪيو آهي. اِنهيءَ
غزل جا قافيا پريت، ڪريت، جيت… آهن. اسين ائين نه
ٿا چئي سگهون ته مولانا حاجي احمد ملاح، جيڪو عالم
دين به هو ته عوامي به، انهيءَ اصطلاح جي معنى کان
ڪو بي خبر هوندو! ۽ تُڪ بندي ڪئي هوندائين! ۽ جي
ائين ناهي ته پوءِ پاڻ انهيءَ اصطلاح – گهر مسيت
ڪرڻ – جي معنى سان به هو متفق هوندو!
محمد صديق مرهم ”احمد ملاح رح جي شاعريءَ تي هڪ
نظر“ ۾ لکي ٿو:
”شاهه لطيف ۽ سچل سرمست کانپوءِ موجوده دور ۾ سنڌي
زبان جي بسيار گوشاعرن ۾ شيخ اياز ۽ استاد بخاري
جا نالا ڳڻي سگهجن ٿا. ليڪن مولوي حاجي احمد ملاح
جي شاعري بسيار گوئيءَ جي لحاظ کان انهن کان نه
رڳو وڌيڪ آهي، پر منهنجي نظر ۾ زياده دلپذير به
آهي.“ [ص 154]
اهڙي بسيارگوئيءَ جي دعوى شيخ اياز به ڪئي هئي ته
”مون ٽن مهينن ۾ ايترو لکيو آهي جو شاهه،سچل
ساميءَ سڄي زندگيءَ ۾ نه لکيو آهي“. تڏهن به مون
اهوئي چيو هو ته ڳالهه ”ڪيترو لکيو“ جي نه آهي.
بلڪ ”ڪهڙو لکيو“ جي آهي. اصل ۾ پاڻ کي، يا ڪنهن
ٻئي کي، ٻئي ڪنهن سان ڀيٽڻ اجايو آهي. مرهم چواڻي
ته پاڻ مولانا حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ جو ياد
حافظ آهي، پر مان نٿو سمجهان ته هن ڪو اياز ۽
استاد کي ايترو اڀياسيو هوندو! ملاح، اياز، استاد
جي سنڌي شاعري ۾ پنهنجي حيثيت ۽ اهميت آهي. ڪنهن
به شاعر جي مرتبي جو تعين ”مقار“ نه پر ”معيار“ جي
آڌار تي ئي ٿيندو. رهي ڳالهه زياده ”دلپذيريءَ“
واري ته ان ڏس ۾ ذاتي وڻت – اڻوڻت کان مٿي ٿيڻو
پوندو.
ڪتاب ”موحد [موّحد] شاعر مولانا حاجي احمد ملاح“
جو مرتب [سهيڙيندڙ] تاج جويو آهي. هن پنهنجي پر ۾
ڪجهه ڳالهيون ڏاڍي نيڪ نيتيءَ سان ڪيون آهن، پر
اُنهن لاءِ هن وٽ ٺوس دليلن بدران جذباتيت وڌيڪ
آهي، ان ڪري انهن سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو.
اسان وٽ مختلف حوالن سان لاکيڻي لطيف جي نالي کڻڻ
کانسواءِ ڳالهه ۾وزن نه ٿو رهي.جيئن ”لطيف کانپوءِ
وڏي ۾ وڏو شاعر“! هاڻي ته ”لطيف کانپوءِ وڏي ۾
وڏوموسيقار“ به ڳوليو ويو آهي! يا ٻوليءَ/ لفظن/
لهجي
(diction)
بابت ڪجهه چوڻو هجي ته به لاکيڻي لطيف کي وچ ۾ آڻڻ
ضروري ڄاتو وڃي ٿو.
”آءُ سمجهان ٿو ته تجنيس حرفيءَ جي حوالي سان لطيف
لطيف آهي پر احمد ملاح به جيڪا تجنيس حرفي استعمال
ڪئي آهي، اُها به عروج تي آهي.“ [ص 18]
ان جو مطلب اهوئي ٿو ٿئي ته لطيف لطيف آهي، پر
احمد ملاح به احمد ملاح آهي! يا جيئن ساڳئي مضمون
۾ ”ٻوليءَ جو موحد [موّحد] شاعر احمد ملاح“ ۾ هو
حليم باغي، جيڪي مريم مجيدي ۽ احمد خان مدهوش جو
ذڪر ڪندي، هروڀروبه لاکيڻي لطيف کي وچ ۾ کڻي آيو
آهي:
”صرف لطيف جو کاتو ڪونهي.“ [!] [ص 19]
هونئن ته اهو جملو ئي اجوڳو آهي؛ پر مٿي جن شاعرن
جا نالا کنيا ويا آهن، اهي توڙي ”دور دور جي تقاضا
موجب سنڌ جو شاعر پنهنجي ٻولي پاڻ تخليق“ کڻي ڪندو
به هجي، پر ڳالهه رڳو ٻوليءَ جي تخليق جي نه پر
”تخليقيت“ جي آهي. لفظ، سر ۽ معنى جي، ڏات ۽ ڏانءُ
جي به ڳالهه آهي ۽ ان ڏس ۾ وجدان جي پڻ ڪارفرمائي
آهي. ان موضوع تي گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو، پر
منهنجي راءِ ۾ ان لاءِ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو
مضمون ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر“ ڪفي آهي.
تاج جويو صفحي 23 تي لکي ٿو ته:
”احمد ملاح جو بيت پڙهو، محسوس ئي نه ٿيندو لفظ
ڀٽائيءَ جا آهن يا احمد ملاح جا.“ [!]
ان دعوا جي دليل طور هو [مولانا هاجي] احمد ملاح
جي ڪيل، قرآن شريف جي هڪڙي آيت ”وما هذه الحيات
الدنيا“ جو ترجمو ڏئي ٿو:
هيءَ حياتي ننڍڙي، رڳو راند راڳ
۽ پوءِ لکي ٿو [۽ ان ڪري لکي ٿو ته جيئن شاهه
سائينءَ سان سلسلو جوڙي سگهي!]:
”انهيءَ آيت جو ترجمو ڏسو ته ان انداز ۾ ڪري ٿو ته
جيڪڏهن ماڻهن کي نه ٻڌائجي ته ماڻهو چوندا ته اهو
ڀٽائي جو بيت آهي، جنهن چيو هو ته عشق نه آهي
راند، جو کيڏنس ٿا ڳڀرو.“ [ص 23]
هڪ ته اهو بيت نه پر سِٽ – هيءَ حياتي ننڍڙي، رڳو
راند راڳ – آهي. ٻيو ته ٻنهي سٽن ۾ سواءِ ”راند“
لفظ جي ٻيو ڪجهه به مشترڪ نه آهي ۽ اهو ”راند“ لفظ
به مختلف معنائن ۾ آيو آهي. مولانا حاجي احمد ملاح
جي سٽ، جيڪا به ترجمو آهي قرآني آيت جو، جنهن ۾
حياتيءَ کي ننڍڙو، رڳو راند راڳ چيو ويو آهي. هڪ
فاني شيءِ. جڏهن ته لاکيڻي لطيف جي سِٽ ۾ عشق کي
راند نه سڏيو ويو آهي. عشق نه آهي راند. عشق کيل
تماشو ناهي. ۽ لطيف وٽ ته عشق زندگيءَ کان به وڏي
وٿ آهي:
سسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌ ٿئي!
زندگي، حيات، جيوت، جيڪا فاني آهي ۽ عشق جيڪو غير
فاني آهي، اتي آيت به ڇوري نه ڏني وئي آهي. ”وما
هاذه الحيوات الدينا“ جو ترجمو ٿيندو ”هيءَ حياتي
ننڍڙي“ [!] پوري آيت هيءَ آهي ”وَما هاذه الحيواة
الدنيا الالعب ولهو“. لعب ولهو جو صحيح ترجمو کيل
تماشو آهي، نه ڪي ”راند راڳ!“ پر منظوم ترجمي جون
پنهنجون مجبوريون آهن!
انهيءَ ”منهن مرڪڻي پڌرائيءَ“ جي موقعي تي ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مختصر صدارتي تقرير ۾ چيو
ته:
”20هين صديءَ جا وڏي ۾ وڏا شاعر مولانا حاجي احمد
ملاح ۽ ثناءُ الله ثنائي آهن.“
لوڪ، ڪلاسيڪل ۽ روايتي شاعريءَ تي ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جي گهري نظر رهي آهي، انڪري ئي پاڻ ”لطيف
کانپوءِ وڏي ۾ وڏا شاعر“ نه چيائين. پر مان ان
راءِ کي هڪ ذاتي راءِ سمجهان ٿو، ايستائين،
جيستائين ثبوتن ۽ دليلن سان، ان کي ثابت نٿو ڪيو
وڃي!.
ڇنڊڇاڻ
[تبصرو/تعارف/اڀياس/راءِ/تنقيد]
ولي رام ولڀ
”خيال، خوشبو ۽ ستارا“
(منظور جوکئي جون ڪهاڻيون)
سنڌي ادب جي اُفق تي جيڪڏهن ڌيان سان نظر ڪبي ته
اڄڪلهه ڌار ڌار صنفن جي ڪيترن ئي موضوعن سان
لاڳاپيل انهيءَ مواد ۾ شاعري نسبتاً ’سرس‘ نظر
ايندي. رسالن ۾ ڳڻائڻ خاطر ڪهاڻيون شامل برابر
هونديونآهن، پر اُهي به شاعريءَ وانگر معياري ۽
ياد رکڻ جوڳيون ورلي هونديونآهن. تازو ”سنڌي ادبي
سنگت“ جي خبرنامي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل ڪتابن
۽ رسالن جي سروي رپورٽ شايع ٿي آهي، جنهن موجب رڳو
ڊسمبر 2003ع ۽ جنوري 2003ع جي ٻن مهينن دوران شايع
ٿيل ڪُل 63 ڪتابن مان 15 مجموعا شاعريءَ جا آهن،
جڏهن ته ڪهاڻين جا مجموعا رڳو 2 آهن. ٻئي پاسي
رسالن ۽ ڪتابي سلسلن جي ورق گرداني ڪبي ته اُهي
ٿوري معياري ۽ گهڻي غير معياري شاعريءَ سان ڀريا
پيا آهن. لڳندو ائين آهي ته رسالي جو هر شمارو
شاعريءَ جو ’خاص نمبر‘ آهي. ڪن ۾ ته پنجاهه کان
وٺي سوَ سوَ شاعرن جو ڪلام ڇپيل ملندو، جنهن لاءِ
چيو وڃي ٿو ته شاعرن جي وڏي تعداد ۾ ڪلام هئڻ ڪري
اُهي رسالا يا ڪتاب وڪامن ٿا، نه ته اُهي جيڪر
هڪدم بند ٿي وڃن! هتي منهنجو مقصد ڪنهن به صنف جي
درجي کي گهٽ ڪري ٻڌائڻ ناهي، پر اهو ٻڌائڻ مقصود
اٿم ته ”ڪهاڻي“ لکڻ ۽ پڻ پڙهڻ جو لاڙو گهٽجي رهيو
آهي. گذريل صديءَ جا 70 – 80 جا ڏهاڪا ڪهاڻيءَ جي
زرخيزي جي دور طور سڃاتا وڃن ٿا، جن اسان جي
ٻوليءَ جي وڏن ڪهاڻيڪارن کي پڙ ۾ لاٿو ۽ انهن کي
ادب جي کيرڌارا طور شهرت ڏني ۽ اُهي ورهاڱي
کانپوءِ جا ’سدا حيات ڪهاڻيڪار‘ بڻجي ويا، جن کي
هاڻي اُستاد ڪهاڻيڪار ڪوٺيو وڃي ٿو. اُنهن کانپوءِ
’ڪهاڻي، بلڪ سٺي ڪهاڻي‘ جي جنس جي اڻاٺ ٿي وئي ۽
آهستي آهستي غربت جي سطح تي پهچي وئي. اُن وقت جي
ڪهاڻيڪارن مان جن ڪهاڻيءَ کان پنهنجو ناتو ناهي
ٽوڙيو، اُنهن ۾ باقي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا رهجي ويا
آهن، جيڪي ئي اُتساهه جو ڪارڻ آهن. ڪيئن به هجي،
ويجهڙائي ۾ ڪهاڻين جا جيڪي مجموعا شايع ٿيا آهن،
اُنهن مان اخلاق انصاريءَ جا مجموعي ”مان ڪائانت
آهيان“ کان پوءِ منظور جوکئي جو مجموعو ”خيال،
خوشبو ۽ ستارا“ اهم آهي، جنهن جو مهورت اڄ (13-
مئي 2003ع) محترم مظهرالحق صديقي صاحب وائيس
چانسيلر سنڌ يونيورسٽيءَ جي هٿان ٿي رهيو آهي،
جنهن سان سنڌي ادب ۾ قابل قدر واڌارو ٿيندو، جنهن
لاءِ مانواري ليکڪ کي کوڙ ساريون واڌايون.
هن ڪهاڻين جي مجموعي ”خيال، خوشبو ۽ ستارا“جي
عنوان مان اول ائين لڳو ته هيءُ ڪتاب ماهتاب محبوب
جي ”خواب، خوشبو ۽ ڇوڪري“ وانگر ڪو ناول آهي يا
خوشونت سنگهه جي انگريزيءَ ۾ لکيل
“Love, sex and some Malice”
وانگر ڪا آتم ڪٿا آهي، پر پوءِ ڪتاب جي ورق گرداني
مان خبر پئي ته منظور جوکئي جو هيءُ ڪتاب ڏهن
ڪهاڻين ۽ ڊائري جي ڪجه ورقن تي مشتمل، اڄڪلهه
هلندڙ ٽ – حرفي عنوان جي رينڊ موجب آهي ۽ مٿي ڏنل
مثال موجب گهڻي فڪشن ۽ ٿوري آتم ڪٿائي مود متعلق
آهي، جنهن ۾ سندس زندگيءَ جي ڏکن سکن سان سهاڙيل
ڏهاڙن جو نهايت پُراثر ۽ شانائتو ورتانت آهي ۽
جيڪو هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين جي پس منظر، واقعن،
ڪردارن ۽ اُنن سان ڪهاڻيڪار جي سنٻنڌ جي هڪ اهڙي
مجموعي تصوير چٽي ٿو، جنهن مان اهو پتو ئي نٿو پوي
ته اهي ڪهاڻيون سندس ڊائريءَ جي ورقن کان ڪٿي جدا
ٿين ٿيون.
هنديءَ جي ڪٿا ڪار اگيير لکيو آهي ته ”آتم ڪٿا ۾
ڪوڙ لکڻ سولو آهي، پر ناول (يا ڪهاڻي)۾ سچ لکڻ
سولو آهي“، تنهن ڪري جيڪڏهن ڪهاڻيڪار پنهنجي
ڊائريءَ جي ورقن تي ڪو عنوان ڏئي ڪهاڻين سان شامل
ڪري ڇڏي ها (يا مورڳو ڊائريءَ جي ورقن کي جدا ڪتاب
جوڙڻ تائين ترسئي رکي ها) ته سچ سولاءِ سان هضم به
ٿي وڃي ها ۽ سندس ڪهاڻين جي ڳاڻيٽي ۾ به واڌارو ٿي
پوي ها.
هن مجموعي جي ڪهاڻين تي نظر ڪبي ته هر ڪهاڻيءَ جي
آخر ۾ ڪهاڻيءَ جي لکڻ/ شايع ٿيڻ جو سال درج ٿيل
ملندو، جنهن مان سُڌ پوندي ته منظور ڪهاڻي لکڻ جي
شروعات 1983ع ۾ ڪئي هئي، جنهن دوران هن ٽي ڪهاڻيون
لکيون: 1983ع دوران هڪ؛ 1985ع دوران هڪ؛ 1986ع
دوران هڪ (”هينڊ گرنيڊ، گل ۽ ساوا پن، جيڪا ظفر
حسن ۽ مون ”آرسي“ (جلد 5: جنوري 1986ع) ۾ شايع ڪئي
هئي. ٽن سالن کان پوءِ، 1989ع دوران هڪ، 1990ع
دوران هڪ، ٻن سالن کانپوءِ 2001ع دوران هڪ 2002ع
دوران ٻه ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، انهيءَ جي معنى
اها ٿي ته 1983ع کان وٺي 2002ع تائين جي 18 سالن
دوران 10 ڪهاڻيون لکيل آهن. اِنهيءَ ڊگهي دورانيي
کي آڏو رکندي چئي سگهبو ته ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪُل
وقتي حساب ۽ احتساب واري مصروف ملازمت دوران لکڻ
جي رفتار سان هم قدم ۽ هم رڪاب نه رهيو آهي. ٿي
سگهي ٿو ته هن ٻيون ڪهاڻيون به لکيون هجن پر هن
مجموعي ۾ شامل ڪرڻ جوڳيون نه سمجهي پاسيريون رکي
ڇڏيون هجن. انهن سڀني تحفظات کي پاسيرو رکي، هن
مجموعي جون ڪهاڻيون ڏکن ۽ پيڙائن جا دستاويز آهن،
جيڪي حقيقت نگاري جو اولڙو پسائين ٿيون، جن کي ٻن
حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: اول 1983ع کان 1986ع دوران
لکيل پنج ڪهاڻيون ۽ ٻيو 1989ع کان 2002ع تائين جون
لکيل پنج ڪهاڻيون، جن مان سندس زندگي جي حالتن،
رُخن ۽ تبديلين جو پتو پوي ٿو.
هن ڪتاب/ مجموعي جي خوبي يا خامي اها آهي ته هن ۾
پيش ڪيل ڪهاڻين/ ڊائريءَ جي ورقن جي باري ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي مڃيل ليکڪن، جهڙوڪ امداد حسيني،
عبدالقادر جوڻيجي، محمود مغل، ضراب حيدر ۽ منور
سراج کان رويز/اڀياس ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ لکرائي، هن
مجموعي ۾ شامل ڪري، پڙهندڙڻ جي تجسس ۽ ڳولهه ڦولهه
کي متاثر ڪيو ويو آهي. ان صورت ۾ هاڻي گهڻو ڪري هر
پڙهندڙ پنهنجي آزادانه راءِ نه ڏيئي سگهندو.
ڪهاڻيڪار کي پنهنجي مجموعي ۾ رڳو ”ڪهاڻيڪار جي
ڪٿا“ شامل ڪري مجموعو شايع ڪرائي پڙهندڙ آڏو پڌري
پٽ رکڻ کپي ها، پوءِ پڙهندڙ وڻي جيڪا پنهنجي راءِ
جوڙي. ڪتاب تي پوءِ ئي ڪو مذاڪرو/ ڊائلاگ ڪرائڻ جو
اهتمام ٿئي ها، جنهن ۾ مٿيان ڪهاڻيڪار توڙي ٻيا
شامل ٿي ڪهاڻين جي هر پهلوءَ تي پنهنجي راءِ جو
اظهار ڪن ها ته تنقيد يعني هاڪاري توڙي ناڪاري
نقطن تي بحث ڪري خوش آئند تنقيد جي روايت قئام ڪن
ها. انهيءَ کان قطع نظر، هن مجموعي جي باري ۾
منهنجي راءِ آهي ته ڪهاڻين جي هن اوندهڙي ۾، هي
ڪهاڻيون هڪ ’روشن تروري‘ مثل آهن ۽ نون ڪهاڻيڪارن
لاءِ اُتساهه جو ڪارڻ آهن.
مشهور نقاد اسٽائيز لکيو آهي ته ڪنهن به تحرير يا
Piece of Literature
جو اڀياس ڪرڻ، اُن تي تنقيد ڪرڻ يا پنهنجي بي ريا
راءِ ڏيڻ ”محبت جو قرض“ آهي. سندس چوڻ آهي ته عظيم
يا شاهڪاري تحرير يا
Piece of Literature
اسان جي اندر مان طوفاني هوا وانگر گذرندو آهي ۽
اسان جي ذهنن جي دروازن کي کڙڪائي کوليندو آهي.
انهيءَ انوڀو/ تجربي مان اسان جي اندر ۾ جيڪا
تبديلي ايندي آهي، اُن جي باري ۾ اسٽائيز
چترڪاريءَ جو هڪ مثال ڏئي لکيو آهي ته جيڪڏهن اسان
سيزان جون تصويرون ڏٺيون آهن ته پوءِ اسين ”ڪرسي“
يا ”صوف“ کي انهيءَ نظر سان نه ڏسنداسين، جنهن نظر
سان پهرين ڏٺو هوسين. تنقيد / اڀياس بنيادي طور تي
انوڀوَ جي انهيءَ نوعيت ۽ شدت ۾ ٻين کي شامل ڪرڻ
جو نالو آهي. اسٽائيز ته عظيم شاهڪارن جي ڳالهه
ڪئي آهي، پر هر اهم
Piece of Literature
اسان جي وجود جي ڪنهن نه ڪنهن ترتيب ۾ تبديلي پيدا
ڪندو. هن ڪتاب جي رويوئرس/ اڀياسين، هن ڪتاب جي
مواد جي باري ۾ مُنڍ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هڪ
Piece of Literature
کي ڪيئن هئڻ گهرجي؛ يا اهو ته هن ۾ ڇا لکيل ناهي،
پر سواءِ منور سراج جي، اهو نه ٻڌايو اٿن ته هنن
ڪهاڻين ۾ ڇا ناهي ۽ اهو ته انهن سان سندن ڪهڙو
تعلق قائم ٿيو اٿن. انهيءَ ڳالهه جي پس منظر ۾،
اسٽائيز جي ڳالهه تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن مجموعي جي ڪهاڻين جا ڪردار پنهنجي ڌرتيءَ ۽ وطن
جي مٽيءَ، ثقافت ۽ روزمره جي ننڍڙين خوشين، واقعن،
حادثن کان سڪون ڏيندڙ موجودگين کان ڏور ڦهليل آهن.
انهن ڪهاڻين ۾ انهن ماڻهن کي پنهنجي سڃاڻپ
وڃائيندي يا وڃايل سڃاڻپ کي ڳوليندي ڏيکاريو ويو
آهي. گهڻو ڪري سڀ ڪهاڻيون ڏک ڀريل ٽرئجڊيز مان
اُڀرن ٿيون ۽ اُنهن ۾ ئي اوجهل ٿي وڃن ٿيون. انهن
مان حاصل ٿيندڙ خوشين جي چوڌاري ڏکن جا دائرا ڏسڻ
۾ اچن ٿا. منظور انهن ڪهاڻين کي نهايت خلوص ۽
هوشياريءَ سان لکيو آهي ۽ انهن ۾ زندگي جي روشني
کي ۽ شديد طور تي جيئڻ جي خواهش کي جيئرو رکيو
آهي.
پڇاڙيءَ ۾ گذارش آهي ته اچو ته منظور جوکئي جون
اهي ڪهاڻيون ’محبت جو قرض‘ ادا ڪرڻ لاءِ نه رڳو
پڙهون، پر انهن جي آجيان به ڪريون ته اسان کي هڪ
عرصي کانپوءِ ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ مليون آهن. انهيءَ
آس سان ته هو ايندڙ وقتن ۾ نه رڳو ڊگهي وڇوٽيءَ جو
ازالو ڪندو پر پنهنجي تخليقي ذهن مان بهتر ڪهاڻيون
سرجي ڪهاڻين جي دنيا کي مالا مال ڪندو. ’محبت جي
قرض‘ جي ادائگي ۾ چيخوف جي تنقيد براءِ تنقيد ڪندڙ
نقادن جي باري ۾ چيل ڳالهه ورجائيندس. هو لکي ٿو:
”(اهڙا) نقاد مکين وانگر هوندا آهن، جيڪي گهوڙي کي
هر ڇڪڻ کان روڪينديون آهن. ويهن ورهين کان مان
پنهنجين ڪهاڻين تي تنقيد پڙهندو پيو اچان، پر مون
کي ياد ناهي ته ڪڏهن ڪنهن نقاد منهنجي باري ۾ ڪا
ڪم جي ڳالهه لکي هجي يا ڪو خاص ڏس ڏنو هجي. رڳو هڪ
ڀيري اسڪوبي چيوسڪي جي ڳالهه جو مون تي اهو اثر
ٿيندو جو مان هڪڙي ڏينهن ڪنهن ڪسيءَ ۾ مئو پيو
هوندس.“
هي ڪهاڻيون پيار، پنهنجائپ ۽ مڃتا سان پڙهڻ گهرجن،
جو منظور جوکئي اهڙن ئي جذبن سان لکيون آهن ۽ اسان
انهيءَ ئي جذبي سان انهن جي آجيان ڪريون ٿا. (13 –
مئي 2003ع)
حميد ”شهيد“ هالائي
هالا جي ادبي تنظيمن جو تنقيدي جائزو
(مصنف: مخمور بخاري)
مهراڻ جي ڪپ تي آباد قديمي شهر هالا هميشه کان علم
ادب جو مرڪز رهيو آهي. ادب ۾ ”شاعريءِءَ“ جو شعبو
هالاين جو پسنديده موضوع رهيو آهي ۽ شاعريءَ ۾ خاص
طور تي غزل ۽ ڪافي، وٽن سڀ کان وڌيڪ مقبول رهيا
آهن. غزل هالا ۾ گذريل ٻه سؤ سال کان وٺي لکبو
رهيو آهي. آخوند گل محمد ”گل“ هالائي سنڌي زبان جو
پهريون غزل گو شاعر آهي جنهن ٺيٺ سنڌي زبان جو
پهريون غزل گو شاعر آهي، جنهن ٺيٺ سنڌي زبان ۾ غزل
جو پهريون ديوان ”ديوان گل“ جي نالي سان ترتيب ڏنو
– نج سنڌي زبان، نج سنڌي قافيا ۽ رديف ۽ نج سنڌي
ماحول جا ترجمان پهاڪا، محاورا، چوڻيون ۽ نج سنڌي
سوچ جي ترجماني، ان کان ٿوروئي پوءِ آخوند محمد
قاسم ”ديوان قاسم“ ۾ عربي ۽ فارسي لفظ محاورا، بلڪ
فارسي زبان ۾ لکيل سڄيون سڄيون مصراعون داخل ڪري
گل جي روايت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ اڄ تائين هالا جا
شاعر ”گل“ جي پيروي ڪرڻ بدران ”قاسم“ جي زبان
فخريه استعمال ڪن ٿا. غزل لکندڙ شعر کي غزل جا
سامعين درڪار آهن، جنهن لاءِ ’مشاعري‘ جو اهتمام
ڪرڻ ضروري ٿيو پوي ۽ مشاعري جي مجلس منعقد ڪرڻ
لاءِ ’ادبي انجمن‘ جو وجود لازمي آهي. اهڙي طرح
’مشاعرو‘، خاص طور تي ”طرحي مشاعرو“، هالا جي
روايتن جي خصوصيت آهي. انهن مشاعرن جو اهتمام
مختلف ادبي تنظيمون ڪنديون رهنديون آهن. ماه پهرين
سومر (سومار) تي گذريل سو سالن کان وٺي مشاعرا
ٿيندا رهيا آهن. عيدالفطر تي طرحي مشاعرو (”ساقي
ڀري ڏي جام، جو ماهِ صيام ويو“)، عيدالاضحى تي
مشاعرو (”عيد جي ڏينهن سندءِ ياد ستائڻ آئي“) عيد
ميلاد النبي تي نعتيه طرحي مشاعرو (”ڪنهن کي خبر
ته ڇا هي شہِ انبياء جو شان“)، محرمالحرام جي
عاشوري جي ڏينهن منقبتي طرحي مشاعرو (”دنيا کي اڄ
به آهي ضرورت حُسين جي“)، شادي مراديءَ جي موقعي
تي سهرن جو طرحي مشاعرو (”رخِ دلدار تي ڪهڙا نه
سهڻا ٿا سونهن سهرا“)، مينديءَ تي طرحي مشاعرو
(”هٿن تي ڪيڏي سهڻي ٿي لڳي دلدار جي ميدني“) –
ايستائين جو ڪو حاجي حج ڪري آيو ته ان جي استقبال
لاءِ به طرحي مشاعرو (”مديني پاڪ مان حاجي ڪري
زيارت آ گهر آيو“)، ڪڏهن ڪڏهن مزاحيه طرحي مشاعرو
(”لڳا جي عشق بازي ۾ ٻه ٽي پادر ته ڇا ٿي پيو!“) ۽
مرحوم شاعر جي ورسي به طرحي مشاعري سان ملهائي
ويندي آهي (”ساقي نه آ ته ميڪدو ويران ٿو لڳي“) -
۽ اها روايت اڄ تائين قائم آهي.
مشاعرو عوامي هجي يا مخصوص، هر حال ۾ اُن جو نقشو
(Pattern)
ساڳيوئي هوندو هو. پهرين ’طرحي‘، پوءِ ’غير طرحي‘
۽ آخر ۾ ’راڳ رهاڻ‘. صدارت عموماً مخدوم طالب
المولى يا سندس خاندان جو ڪو ٻيو اهم فرد ڪندو هو.
مشاعري ۾ ادب ۽ آداب جو خاص خيال رکيو ويندو هو.
هوٽنگ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. بلڪه وڏي واڪي
سان ”واهه واهه“ ڪرڻ کي به بي ادبي سمجهيو ويندو
هو. هر شعر ۾ خيال جي ندرت کان وڌيڪ وزن ۽ بحر،
قافئي ۽ رديف تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو. ڪو سيکڙاٽ
شاعر جي بحر وزن جي بي قاعدگي ڪندو هو ته ان کي ان
ئي وقت اسٽيج تان رخصت ڪيو ويندو هو. غزل کان
علاوه ”ڪافي“ چوڻ جي به اجازت هوندي هئي، ان شرط
سان ته اُها ڪافي شاعر سُريلي آواز ۽ سُرتال ۾ پيش
ڪري سگهي. گهڻو ڪري ’طويل نظم‘ پڙهڻ جي اجازت نه
ملندي هئي. آزاد نظم کي ته شاعري ئي تسليم نه ڪيو
ويندو هو! قوم پرستيءَ تي مبني اشعار کي محض
نعريبازي سمجهيو ويندو هو ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي ماحول
تي نظم پڙهڻ ’شجر ممنوعه‘ سمجهيو ويندو هو. قبله
سائين طالب المولى جيئن ته ذاتي طور تي هندي آميز
ٺيٺ سنڌي الفاظ استعمال نه ڪندا هئا، ان ڪري شاعرن
جو سڄو زور بيان عربي ۽ فارسي آميز زبان تي هو ۽
’غم دوران‘ کي ’غم جانان‘ جي پردي ۾ پيش ڪرڻ کي ئي
شاعريءَ جو معراج سمجهيو ويندو هو، بقول حامي
خيرپوري:
عشق جون ڳالهيون ڪريون يا عقل جون ڳالهيون ڪريون،
اصل جون ڳالهيون ڪريون يا نقل جون ڳالهيون ڪريون!
سٺ جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ”سنڌي ادبي سنگت“ سنڌ جي سڀني
ننڍن وڏن شهرن ۾ زور شور سان جاري هئي، تڏهن هالا
م سنڌي ادبي سنگت جي شاخ ته قائم ٿي پر اُها
روايتي ادبي جمود کي ٽوڙي نه سگهي ۽ فقط ڪاغذي
تنظيم طور ڪم ڪندي رهي.
تبصري هيٺ ”هالا جي ادبي تنظيمن جو تنقيدي جائزو“
ڪتاب جي مصنف محترم مخمور بخاري کي يا ته مٿئين
ادبي ماحول جي پوري پروڙ نه پئجي سگهي آهي يا شايد
هن مصلحتاً ان کي بيان ڪرڻ ضروري نه سمجهيو آهي.
هالا جي هن مخصوص ادبي ڪلچر جي تاريخ لکڻ لاءِ هڪ
ضخيم ڪتاب جي ضرورت آهي پر مخمور بخاري هڪ ننڍو
ڪتاب ئي سهي. هن موضوع تي لکي هن وڏي ڪم جي ننڍي
ابتدا ته ڪري ڇڏي آهي. ان کي مڪمل ڪرڻ هاڻي وڏن
محققن جو ڪم آهي. هن ڪتاب جو وڏو ڀاڱو هالا شهر جي
قديم ۽ جديد شاعريءَ جي تذڪري تي مشتمل آهي. اول
مخدوم نوح رحه جا اَٺ بيت ۽ پوءِ سروري خاندان جي
اهم علمي ۽ ادبي شخصيتن حضرت طالب المولى، حضرت
مخدوم امين فهيم، مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ جو
تفصيلي تذڪرو مخدوم جميل الزمان ”جميل“ جي ذڪر خير
تي ختم ڪري، ان کانپوءِ ارڙهين صديءَ ۽ پوءِ جي
قديم ۽ جديد شاعرن جو تذڪرو 2003ع تائين پيش ڪيو
ويو آهي. |