مٿي ڄاڻايل لغتن کان علاوه فارسي ڪتابن جي ڏکين
اکرن جون مختصر فهرستون
(Glossaries)
پڻ لکيون ويون آهن. وسڻمل ڪشنچند ملڪاڻي فارسي
ڪتاب ”حڪايات لطيفه“ جي 25 آکاڻين ۾ آيل ڏکين لفظڻ
جي فهرست لکي، جيڪا 1901ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿي
(28). اُن سان گڏ مصنف جي فارسي جي هڪ مختصر ”ويا
ڪرڻ“ پڻ لکيل آهي. سکر جي هڪ عالم اُڌارام ڀوڄراج
باکرو پڻ ساڳي ڪوشش ڪئي ۽ فارسي ڪتاب ”حڪايات
لطيفه“ جي 25 آکاڻين ۾ آيل ڏکين لفظن جي فهرست
لکي، جنهن ۾ انگريزي ۾ معنى پڻ لکيل هئي (29).
اِها مختصر لفظڻ جي فهرست سکر مان 1905ع ۾ شايع
ٿي. ساڳئي شهر جي هڪ ٻئي عالم گل محمد خان، سيد
اشرف عليءَ جي فارسي ڪتاب ”سعد حڪايات“ جي پهرين
ڏهن آکاڻين ۾ آيل لفظن جي فهرست لکي (30). اُن ۾
فارسي اکرن جي معنى سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڏنل آهي.
اُن سان گڏ عربي جا واحد ۽ جمع پڻ لکيل آهن. گل
محمد جي لکيل اها فهرست 1903ع ۾ سکر مان شايع ٿي.
اِها فهرست ۽ باکرو جي لکيل فهرست انڊيا آفيس
لئبرري ۾ موجود آهن.
مولانا علي محمد حقانيءَ جي ”فرهنگ ڪريما“ پڻ ڇپيل
آهي. هن فرهنگ ۾ فارسي ڪتاب ’پندنامه‘ جي ڏکين
اکرن جي معنى سنڌي ۽ اردو ۾ ڏنل آهي. هي ڪتاب
لاڙڪاڻي مان شايع ٿيو (31). سنڌي عالمن فارسي –
سنڌي ۽ سنڌي – فارسي لغتن کانسواءِ انگريزي –
فارسي ۽ فارسي – انگريزي لغتون پڻ لکيون آهن.
اهڙين ڪجهه لغتن جي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي آهي. هڪ
ماڊرن پرشن – انگلش ڊڪشنري جا مؤلف اي ٽي شاهاڻي،
ايم جي شاهاڻي ۽ مولوي مير زمان آهن (32). هيءَ
لغت سال 1938ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿي. اي ٽي
شاهاڻيءَ جي پاڪيٽ انگلش – پرشن ڊڪشنري پڻ ڇپيل
آهي، جنهن کي ايڇ آئي سيئوني نظرثاني ڪري بمبئيءَ
مان شايع ڪيو. ٻي لغت ماڊرن انگلش – پرشن ڊڪشنري
آهي، جيڪا ٽي ايم ٿڌاڻي 1914ع ۾ حيدرآباد مان شايع
ڪئي (33).
1947ع کان 2003ع دوران سنڌي لغت نويسيءَ جو جائزو:
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي لغت نويسيءَ جي ميدان ۾
چڱو اضافو ٿيو آهي. ” سنڌي – انگريزي“ ۽ ”انگريزي
– سنڌي“ جون ڪافي لغتون شايع ٿيون آهن. اُنهن مان
ڪي لغتون ٻيهر شايع ٿيون آهن ته ڪي وري نيون ڇپيون
آهن. عبدالحسين ميمڻ جي ”پاڪ نيشنل پاڪيٽ انگلش –
سنڌي ڊڪشنري“ 1953ع ۾ آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس
طرفان حيدرآباد مان شايع ٿي. 1957ع ۾ غلام رسول
شاهه جي ”پاڪ نيشنل سنڌي – انگلش ڊڪشنري“ حيدرآباد
مان شايع ٿي. سکر مان ثناء الله شيخ جي ”دي مهراڻ
انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ 1967ع ۾ پڌري ٿي. حيدرآباد
مان محمد منير چنا جي مرتب ڪيل ”منير سنڌي – انگلش
ڊڪشنري“ 1968ع ۾ شايع ٿي.
پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه ۽ غلام اصغر ونڊير
آفيس جي لکپڙهه لاءِ ”انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ 1967ع
۾ پڌري ٿي. حيدرآباد مان محمد منير چنا جي مرتب
ڪيل ”منير سنڌي – انگلش ڊڪشنري“ 1968ع ۾ شايع ٿي.
پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه ۽ غلام اصغر نڊير
آفيس جي لکپڙهه لاءِ ”انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ خيرپور
ميرس مان 1972ع ۾ شايع ڪئي. ڊبليو اي شاهاڻي جي
”پاڪيٽ انگريزي سنڌي ڊڪشنري“ عجائب اسٽورس سکر
طرفان 1975ع ۾ ٻيهر شايع ٿي. پرمانند ميوارام
رامچنداڻي جي ”سنڌي – انگريزي ڊڪشنري“ انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي ٻيهر 1976ع ۾ شايع ڪئي آهي. امان الله
عباسي ۽ محمد فريد عباسي گڏجي ”همدرد انگلش ٽو
سنڌي ڊڪشنري“ سکر مان 1977ع ۾ شايع ڪئي. ٻنهي
صاحبن جي ”نيو سنڌي ٽو سنڌي اينڊ انگلش ٽو سنڌي
ڊڪشنري“ (پرئڪٽيڪل آڪسفورڊ انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري)
جي نالي سان پاڪيٽ سائيز ۾ حيدرآباد مان 1980ع ۾
شايع ٿي. هيءَ ڊڪشنري وڏي سائيز ۾ ٻيهر سکر مان
1982ع ۾ شايع ٿي. هن لغت جو هڪ ٻيو ڇاپو حيدرآباد
سنڌ مان گنج بخش ڪتاب گهر طرفان 1990ع ۾ شايع ٿيو
آهي. علي ڏني شاهه ۽ بشير احمد منگيءَ جي ”يادگار
انگلش ٽو انگلش ائنڊ سنڌي ڊڪشنري“ يادگار پبلشرس
1988ع ۾ حيدرآباد مان ڇپائي پڌري ڪئي. هن ڊڪشنري
جو ٻيو ڇاپو ساڳئي شهر مان سال 1992ع ۾ شايع ٿيو.
هن صديءَ جي ضخيم ”ڪفايتس ڪامپريهينسوِ انگلش ٽو
انگلش ائنڊ سنڌي ڊڪشنري“ مسٽر عبدالرشيد ميمڻ جي
مرتب ڪيل هيءَ ڊڪشنير ٽن جلدن ۾ 2002ع ۾ ڪراچي مان
شايع ٿي آهي. هڪ لک لفظن ۽ 3722 صفحن تي مشتمل هن
معياري ڊڪشنريءَ ۾ نون لفظن جو وڏو ذخيرو ڏنل آهي.
(هن ڊڪشنري متعلق ڄاڻ مون کي انٽرنيٽ تان اخبار
”ڊان“ جي ذريعي پئي). مسٽر عاصم رياض به شايد
ڪونسائيز انگلش – سنڌي ڊڪشنري مرتب ڪري رهيو آهي،
پر خبر ناهي ته هن اها ڊڪشنري مڪمل ڪئي آهي يا نه؟
(هن ڊڪشنير متعلق ڄاڻ به انٽرنيٽ تان پيئي).
(سنڌ جي مشهور اشاعتي اداري سنڌيڪا اڪيڊمي (ڪراچي)
جي روح روان مسٽر نور احمد ميمڻ، تازو 2003ع)
”انگلش – سنڌي“ سنڌيڪا ڊڪشنري شايع ڪئي آهي، جنهن
جا مرتب حيدر بخش عزيز گوپانگ، آصف علي ابوبڪر
کوسو، غلام مصطفى سولنگي آهن ۽ غلام قادر سومري
چيف ايڊيٽر طور نظرثاني ڪئي آهي. ايگزيڪيوٽو
ايڊيٽر جا فرائض نور احمد ميمڻ انجام ڏنا آهن. لعت
جو هي دلاويز جلد 1056 صفحن تي مشتمل آهي – ادارو)
1947ع کان 2003ع واري عرصي ۾ سنڌي – انگريزي ۽
انگريزي – سنڌي ڊڪشنرين کان علاوه سنڌي لغتون خاص
طرح جامع سنڌي لغت، اردو – سنڌي، ۽ سنڌي – اردو
لغتون، عربي – سنڌي لغتون، ٽن يا ٽن کان وڌيڪ
ٻولين ۾ لغتون ۽ ڪن خاص موضوعن تي ڊڪشنريون پڻ
ڇپيون آهن، جن جو تفصيلي ذڪر هيٺ پيش ڪجي ٿو:
(الف) سنڌي لغت:
1835ع کان 1947ع تائين جيڪي لغتون لکيون ويون،
اُنهن ۾ گهڻو تعداد ”سنڌي – انگريزي“ ۽ ”انگريزي –
سنڌي“ لغتن جو هو. سنڌيءَ مان سنڌي جي لغت اڃا
تائين تيار ٿي نه سگهي هئي. ڪن خاص مقصدن لاءِ ڪي
خاص لغتون لکيون ويون، جن ۾ جارج شرٽ جي ”اکرڌاتو“
(1866ع) ۽ جهمٽمل نارومل وسڻائيءَ جي ”وئتپتي ڪوش“
(1886ع) اهميت جوڳيون آهن. اُنهن ٻنهي لغتن ۾
سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪرندڙ سنڌي لفظن جا ڌاتو ڏنل
آهن. اهڙي طرح شاهه جي رسالي ۾ آيل ڏکين لفظن جون
لغتون پڻ مرتب ڪيون ويون. مثلاً 1890ع ۾ ليلارام
وطن مل لالواڻي (1867-1940ع) شاهه لطيف جي حياتي ۽
ڪالم تي انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ”دي لائيف، رليجن
ائنڊ پوئٽري آف شاهه لطيف“ جي نالي سان ڇپايو، جنن
جي ٻئي ڀاڱي ۾ هن رسالي ۾ آيل ڏکين لفظن جي معنى
انگريزي ٻوليءَ ۾ ڏني. شاهه جي رسالي ۾ آيل ڏکين
لفظن جون معنائون لکيون. ساڳيءَ طرح مرزا قليچ بيگ
(1853-1929ع) پڻ اهڙي قسم جي لغت ”لغات لطيفي“ جي
نالي سان لکي، جيڪا 1914ع ۾ شايع ٿي. هنلغت ۾ مرزا
صاحب سڄي رسالي جي ڏکين لفظن جون معنائون لکيون
آهن. اُن کانسواءِ مرزا صاحب ”لغات قديمي“ پڻ لکي،
جنهن ۾ هن سنڌ جي ڏهن ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام ۾ آيل
ڏکن لفظن جون معنائون ڏنيون آهن. اِها لغت 1924ع ۾
شايع ٿي. ڊاڪٽر گربخشاڻي (1883-1947ع) جڏهن شاهه
جو رسالو ٽن جلدن ۾ مرتب ڪيو ته هن هر جلد جي آخر
۾ ڏکين لفظن جي فهرست ڏني. اهڙي ڪوشش محمت بخش
واصف 1892-1952ع) پڻ ورتي. هن 1925ع ۾ ”شرح لطيفي“
جي نالي سان ڪتاب لکيو، جنهن ۾ شاهه جي رسالي جي
سر ڪلياڻ جي بيتن جي شرح لکيل آهي. ڪتاب جي آخر ۾
هن ڏکين لفظن جي فهرست پڻ ڏني.
ايڏي وڏي عرصي گذرڻ باوجود به ”سنڌي لعت“ لکجي نه
سگهي. سنڌ جي چند عالمن ڪوشش ڪئي ته سنڌي لغت تيار
ڪئي وڃي. مثلاً هالا ورنيڪيولر اسڪول جي هيڊماستر
سهجرام ٽهلرام (1864-1934ع)، 1904ع کان پهرين سنڌي
لغت ”سهج ڪوش“ جي نالي سان لکي، جيڪا ”سنڌي لغت“
لکڻ جي پهرين ڪوشش هئي (34). هن لغت جو قلمي نسخو
هن وقت سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ آف انڊيا جي آفيس
۾ موجود آهي. ڊائريڪٽوريٽ ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هن
لغت کي شايع ڪيو وڃي. پرمانند ميوارام 1904ع ۾
جڏهن ”سنڌي – انگريزي“ ۽ ”انگريزي – سنڌي“ لغتن
لکڻ جو ڪم شروع ڪيو ته هن اُستاد سهجرام جي سنڌي
لغت مان به گهڻي مدد حاصل ڪئي (35). ليلارام وطن
مل لالواڻي ”دي لايئف، رليجن اينڊ پوئٽري آف شاهه
لطيف“ ۾ لکيو آهي ته جڏهن آءُ ڪتاب لکي رهيو هوس
ته منهنجي هڪ عزيز ٻين ڪتابن کان علاوه مون کي
”نيو سنڌي ڊڪشنري“ به ڏسڻ لاءِ ڏني، جنهن ۾ مون کي
گهڻيون غلطيون نظر آيون (36). مولوي علي محمد
مهيريءَ 1920ع ڌاري سنڌي لعت لکي، جيڪا مسودي جي
صورت ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڊڪشنري آفيس ۾ موجود
آهي (37). لالا هاسانند 1947ع کان پهرين سنڌي لغت
لکي. ڊاڪٽر جيٽلي لکي ٿو ته هن لغت جو قلمي نسخو
تاراچند گاجرا وٽ هو. اُن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ
اُهو نسخو سندس وٽ ٻلديو گاجرا وٽ هو. هاڻي خبر
ناهي ته اُهو ڪٿي آهي (38). مولوي علي محمد مهيري
۽ لالا هاسانند جي لکيل لغتن جا سڀ اکر ”جامع سنڌي
لغت“ ۾ شامل آهن. 1940ع ڌاري خليفي مير مهمد ايم.
گل مهمد سنڌي زبان جي لعت لکي، جنهن جو قلمي نسخو
علامہ غلام مصطفى قاسمي صاحب وٽ شاهه ولي الله
اڪيڊمي جي لئبرريءَ ۾ موجود آهي (39). ساڳئي وقت
غلام محمد ”ساقي“ سجاولي پڻ سنڌي لغت مرتب ڪئي. هن
لغت ۾ اوڻيهه هزار سنڌي لفظ ۽ اُنهن جون معنائون
ڏنل آهن (40). هن پهريان چار اکر ترتيب ڏنا پر
1952ع ۾ سندس اوچتي وفات جي ڪري اها ڪوشش قلمي
مسودي جي صورت ۾ رهجي ويئي.
1940ع ۾ اُن وقت جي وزير تعليم سنڌ، جناب جي ايم
سيد جي تحريڪ تي سنڌ سرڪار ”سنڌي ساهتيه لاءِ
مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ڪيو. اُنهيءَ بورڊ عالمن
جي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، جنهن جي حوالي سنڌي لغت
لکڻ جو ڪم سونپيو ويو. ڪاميٽي جي ميمبرن ڪيترن ئي
سالن جي ڪوشش کانپوءِ پهريان چار حرف (ا، ب، ٻ، ڀ)
ترتيب ڏنا ۽ ڪوشش جي باوجود به اها لغت مڪمل ٿي نه
سگهي ۽ اڃا تائين قلمي مسودي جي صورت ۾ سنڌي
ڊڪشنري آفيس ۾ موجود آهي (42). هن مسودي جا سڀ اکر
”جامع سنڌي لغت“ ۾ شامل آهن. 1951ع ۾ سنڌي ساهتيه
لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ کي نئين سر تشڪيل ڏيئي
اُن جو نالو ڦيرائي ”سنڌي ادبي بورڊ“ رکيو ويو. هن
بورڊ سنڌي لغت لکڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ ان
مقصد لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر علامه
آءِ آءِ قاضي صاحب جي مهرباني سان هڪ ”مرڪزي لغت
آفيس“ اولڊ ڪئمپس ۾ قائم ڪئي وئي. بورڊ هن اسڪيم
جو ڊائيرڪٽر جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي مقرر
ڪيو. جناب محمد خبش ”واصف“ سندس ابتدائي نائب جي
هيثيت ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. (43). هن آفيس جنوري
1952ع کان سنڌي لغت تيار ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. ڪم
جو خاڪو تيار ڪيو ويو ۽ الف بي جو معياري چارٽ
ٺاهيو ويو، جنهن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان گڏ واصف
صاحب جي به صحيح هئي. ڪنهن زماني ۾ مون اُهو چارٽ
لغت آفيس ۾ ٽنگيل ڏٺو هو. هن وقت خبر ناهي ته اُهو
چارٽ اُتي موجود آهي يا نه. واصف صاحب هن ڪم کي
مڪمل ڪرڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ گهڻي حد تائين پهريون
جلد مڪمل ڪيو. سندس اوچتي وفات جي ڪري باقي رهيل
ڪم سيد سردار علي شاهه ۽ ٻين اڳتي وڌايو ۽ ورندڙ
سالن ۾ ڪل وقتي جاکوڙي ۽ مخلص ڪارڪن اُستاد شيخ
محمد اسماعيل اِن ڪم ۾ گهڻو پاڻ موکيو. اِن طرح
سان آخرڪار سالن جي اڻ ٿڪ محنت کانپوءِ هڪ ”خالص
سنڌي لغت“ جو پهريون جلد 1960ع ۾ سنڌ واسين کي
مليو. هيءَ لغت پنجن جلدن ۾ مڪمل ٿي آهي، جنهن
لاءِ سنڌ جو جڳ مشهور هاڪارو عالم ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ هر طرح مبارڪباد جو مستحق آهي، جو سندس
ئي بنيادي ۽ لاڳيتو ڪوششن سان ايڏو وڏو ۽ اهم ڪم
پورو ٿيو آهي.
لغت اسڪيم جي ڪم ۾ ٻين متعدد جاکوڙي تحقيقي ڪارڪنن
سان گڏ سرڳواسي رائچند راڄوڙ جو نالو به وسارڻ
جهڙو ناهي، جو پاڻ سالن جا سال جفاڪشي ڪري ريگستان
مان لغت بابت مواد ڪٺو ڪيائين. سرڳواسي بابت تاج
جويو لکي ٿو: ”سرڳواسي رائچند ورهين جا ورهيه محنت
۽ محبت سان پورهيو ڪري، سنڌي ادبي بورڊ پاران سنڌي
لغت ۾ هٿ ونڊايو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب
ڏنل لغت لاءِ ٿر جي لفظن جو ذخيرو سرڳواسي رائچند
موجود ڪري ڏنو“ (44). ساڳيءَ طرح نصير ناز ڪنڀر،
سرڳواسي رائچند راٺوڙ لاءِ لکي ٿو: ”سندس ٻارهن
سالن جي پورهئي رنگ لاتو ۽ جڏهن ڪتاب تاريخ
ريگستان بورڊ شايع ڪيو ته اُن جي وڏي هاڪ ٿي.
اُنهيءَ کانپوءِ پاڻ سنڌي لغت اسڪيم جي ڪم ۾ جنبي
ويا. ٿر جي بيابان ۽ ڳوٺن مان وڏو مواد هٿ ڪري
حيدرآباد پهچايائون“ (45) ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”جامع
سنڌي لغت“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”…خاص طور هيٺين
صاحبن ڪافي محنت سان مقامي ٻوليءَ جو مطالعو ڪري،
لفظن ۽ اصطلاحن جو ججهو مواد موڪليو… رائچند
(چيلهار) ٿرجي ٻوليءَ جي لفظن ۽ اصطلاحن کي جمع
ڪيو“ (46).
”جامع سنڌي لغت“ کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ جون ڪجهه
ٻيون به مختصر لعتون شايع ٿيون آهن. اِن ڏس ۾
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي (1919-1990ع) جو نالو به
وسارڻ جهڙو ناهي. ڊاڪٽر سنديلي به سنڌي لغت
نويسيءَ جي تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو
ڪافي عرصو سنڌي لغت آفيس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو
ٻانهن ٻيلي به ٿي رهيو ۽ لغت کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڀرپور
ساٿ ڏنائين. ڊاڪٽر سنديلي 1955ع ۾ ”تحقيق لغات
سنڌي“ جي نالي سان ڪتاب لکيو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ
جي لفظن جي ڌاتن تي بحث ڪيل آهي. هن ڪتاب جا بعد ۾
ڪيترائي ڇاپا شايع ٿيا آهن. هن ڪتاب کانسواءِ
ڊاڪٽر سنديلي ”ڏهس نامو“ (1971ع)، ”سامي ڌاتو ڪوش“
(1978ع) ۽ ”سچل لغات“ (1984ع) جهڙا اهمڪتاب لکيا
آهن، جن ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌي لفظن جي ڌاتن تي ويچار
ڏنل آهن.
ڊاڪٽر سنديلي کان علاوه ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي
”لاڙ جي لغات“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ لاڙ پاسي
ڳالهائڻ ۾ مروج لفظن کي سهيڙيو ويو آهي. اِهو ڪتاب
حيدرآباد مان 1975ع ۾ شايع ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ
طرفان 1976ع ۾ ”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“ شايع ٿي.
هن لغت ۾ اهڙن لفظن جون معنائون ڏنل آهن، جيڪي
خالص سنڌي ٻوليءَ جا لفظ آهن. اُن ۾ ”وڌايل بنيادي
لغت“ ۽ ”ڪاروباري بنيادي لعت“ پڻ شامل ڪيون ويون،
جي اول سائڪلو اسٽائيل صورت ۾ وفاقي وزارت تعليم
لاءِ تيار ڪيل هيون. اُنهنلغتن جا لکندڙ پير حسام
الدين راشدي، علامه غلام مصطفى قاسمي، ڊاڪٽر غلام
علي الانا، محمد ابراهيمجويو ۽ سيد محمد صالح شاهه
بخاري آهن. مخدوم محمد زمان طالب المولى
(1919-1993ع) ”سنڌي مخففات“ جي نالي سان لغت لکي،
جيڪا سنڌي ادبي بورڊ 1991ع ۾ شايع ڪئي. ڊاڪٽر غلام
قادر سومري جي ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“ سنڌ جي
ثقافت ۽ سياحت کاتي 1996ع ۾ ڇپي آهي. هن لغت ۾
سنڌي ٻٽن لفظن جو استعمال مثالن ذريعي سمجهايو ويو
آهي. اُن سان گڏ هن لغت ۾ سنڌي هم معنى ۽ متضاد
لفظن جو وڏو ذخيرو شامل آهي. ڊاڪٽر غلام قادر
سومري جي ”ساهتي جي لغت“ پڻ قلمي صورت ۾ موجود
آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي پرڳڻي ساهتيءَ ۾ ڪم
ايندڙ لفظن، اصطلاحن، چوڻين ۽ پهاڪن کي مثالن
ذريعي سمجهايو ويو آهي. (هيءَ لغت شايد اڃا نه ڇپي
آهي).
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ”هڪ جلدي لغت“ به
تيار ڪئي آهي، جنهن جي اشد ضرورت هئي. اِها لغت
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري 1998ع ۾ شايع ڪئي
آهي.س اڳئي سال مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور مرزا قليچ
بيگ جي لکيل ”لغات لطيفي“ کي ٻيهر شايع ڪيو آهي.
هن لغت کي سيد علي رضا شاهه بخاري نئين سر ترتيب
ڏنو آهي. محترم تاج جويي جي لکت موجب هندستان جي
هاڪاري عالم گنگارام سمراٽ جي سنڌي چونڊ لفظڻ جي
لغت ”اسان کي متان وساريو“ سنڌي ٻوليءَ جي
بااختيار اداري 1999ع ۾ شايع ڪئي آهي (47). هن لغت
۾ سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا لفظ ڏنل آهن، جيڪي اڄڪلهه
جي مروج ٻوليءَ ۾ نٿا ڳالهائجن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب
شاهه جي رسالي جي لغت ”روشني“ جي نالي سان تيار
ڪئي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري 2000ع
۾ شايع ڪيو آهي. هن لغت ۾ شاهه جي رسالي جي ڏکين
لفظن ۽ اصطلاحن کي سهيڙيو ويو آهي. سنڌ جو نوجوان
اديب ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به سنڌي گرامر ۽ لغت تي ڪم
ڪري رهيو هو، جنهن لاءِ انور آزاد ڪانڌڙو لکي ٿو
ته: ”سنڌي لغت بابت سندس ڪم کي ڏسندي داد ڏيڻ
کانسوءِ رهي نٿو سگهجي“ (48). آزاد صاحب، ڊاڪٽر
محبي جي لغت متعلق ڪيل ڪم جو ڪو تفصيل ناهي
ڄاڻايو. البته ڊاڪٽر محبت جو لکيل ”هڪ“ عنوان تي
مقالو نظر مان گذريو آهي، جيڪو ”مهراڻ“ 1997ع جي
نمبر 3 ۽ 4 شماري ۾ شايع ٿيل آهي. هن مقالي ۾ محبت
صاحب لفظ ”هڪ“ تي گرامر ۽ لسانيات جي حوالي سان
سٺو بحث ڪيو آهي.
(ب) اردو – سنڌي ۽ سنڌي – اردو لغتون:
سنڌ ۾ ٻين لغتن کان علاوه ’اردو – سنڌي ۽ ’سنڌي –
اردو‘ لغتون پڻ لکيون ويون آهن. ’اردو – سنڌي‘ جي
پهرين لغت ابن الياس سومري جي لکيل آهي. مصنف
ڊاڪٽر نبي بخش صاحب جي مشوري سان نظرثاني ۽ صلاح
صلحي لاءِ محمد بخش واصف سان رجوع ڪيو. هيءَ لغت
1951ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿي (49).
’اردو – سنڌي‘ جي ٻي لغت ڊاڪٽر غلام مصطفى خان ۽
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي گڏيل ڪوشش آهي. هيءَ
لغت 1960ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان شايع ٿي. هن
لغت ۾ ويهن هزارن اردو لفظن جون معنائون سنڌيءَ ۾
ڏنل آهن. هن لغت جو ٻيو ڇاپو انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي طرفان 1990ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان گڏجي ”سنڌي –
اردو لغت“ به لکي آهي، جا سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان
1959ع ۾ شايع ٿي. هنلغت ۾ چوويهه هزار سنڌي لفظن
جون معنائون اردوءَ ۾ ڏنل آهن. سنڌالاجيءَ جي
طرفان هن لغت جو ٻيو ڇاپو 1979ع ۾ شايع ٿيو.
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪراچي گڏجي ”اردو – سنڌي لغت“ شايع ڪئي آهي. هن
لغت ۾ پنجاهه هزار اردو لفظن جون معنائون سنڌيءَ ۾
ڏنل آهن. هن لغت جو مؤلف عبدالستار بلوچ آهي ۽ ۽
اُن جا صفحا هڪ هزار کان مٿي آهن. (هن ڊڪشنريءَ
متعلق ڄاڻ انٽرنيٽ تان اخبار ”ڊان“ جي 10 –
فيبروري 2003ع واري پرچي ذريعي پيئي.)
(ج) عربي – سنڌي ۽ سنڌي – عربي لغتون:
سنڌ جي عالمن ’عربي – سنڌي‘ ۽ ’سنڌي – عربي‘ لغتون
پڻ لکيون آهن، پر اُنهن جو تعداد گهڻو ڪونهي.
سرفهرست جيڪا لغت آهي سا پروفيسر غلام حسين
جلباڻيءَ جي ”عربي – سنڌي لغت“ آهي. هيءَ لغت
سنڌالاجي، يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن اسلام آباد جي
تعاون سان ٻن جلدن ۾ شايع ڪئي آهي. پهريون جلد
1988ع ۾ ۽ ٻيو جلد 1990ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيو.
پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ شايد ”سنڌي – عربي
لغت“ به لکيل آهي، پر اُن متعلق ڪابه معلومات حاصل
ٿي نه سگهي آهي.
پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ جي اُنهي لغت کانسواءِ
ٻي ڪنهن ڇپيل ’عربي – سنڌي لغت‘ متعلق ڪا ڄاڻ نه
آهي. البته قرآن شريف ۾ آيل ڏکين عربي لفظن جي
سنڌيءَ ۾ معنى تي مشتمل ٽن لغتن متعلق ڄاڻ حاصل ٿي
آهي. اُنهن مان پهرين لغت محمد حمادالله هاليجوي
(1880-1962ع) جي ”لغت القرآن“ ٻن جلدن ۾ ڇپيل آهي.
پهريون جلد 1973ع ۾ ”الياقوت والمرجان في شرح لغت
القرآن“ جي نالي سان پنوع اقل مان شايع ٿيو. ٻيو
جلد 1975ع ۾ ”الياقوت والمرجان في شرح غريب
القرآن“ جي نالي سان ساڳئي شهر مان ڇپجي پڌرو ٿيو.
جعيت الشعراءِ سنڌ جي روح روان حاجي محمود خادم
(1895-1960ع) جي تيار ڪيل ”محمود اللغات“ سندس
پوين وٽ قلمي صورت م محفوظ آهي (50). ٽين لغت محمد
بخش واصف (1892-1984ع) جي عربي ٻوليءَ ۾ ”فصيح
اللغات و ضرب الامثال“ جي نالي سان لکيل لغت موجود
آهي (51). ڊاڪٽر حافظ عبدالغني، پير نجي الله شاهه
راشدي جي اُن لغت متعلق ڪو تفصيل ناهي ڏنو ۽ نه ئي
اِها خبر آهي ته قلمي صورت ۾ آهي يا ڇپيل آهي. پير
سيد محمد راشد رح روضي ڌڻي جو به شايد لغت ۾ ڪتاب
”جمع الجوامع“ نالي سان آهي، پر اُن متعلق وڌيڪ
ڄاڻ حاصل ٿي نه سگهي آهي.
(د) ٽن يا ٽن کان وڌيڪ ٻولين ۾ لکيل لغتون:
سنڌ ۾ ٻن ٻولين کان علاوه ٽن ٻولين ۾ پڻ لغتون
لکيون ويون آهن، ٽن ٻولين ۾ لغت لکڻ جي شروعات ٺٽي
جي مشهور غزل گو شاعر ”مرتضائي“ ٺٽوي (1843-1910ع)
ڪئي. هن 1875ع ۾ ”ترڪي – فارسي – سنڌي“ لغت لکي،
جيڪا قلمي صورت ۾ سندس فارسي ڪتاب ”نجات القلوب“ ۾
لکيل آهي(52). هن لغت ۾ هڪ هزار ترڪي لفظن جون
معنائون سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ ڏنل آهن. ”مرتضائي“
ٺٽويءَ جي اُن لغت کانپوءِ پنجاب حڪومت جي انگريز
عملدار ايڊورڊ اوبرائن
(Edward O’Brien)
”ملتاني – پنجابي – سنڌي“ لفظن جي فهرست (گلوسري)
لکي، جيڪا پنجاب حڪومت 1881ع ۾ لاهور مان ڇپائي
پڌري ڪئي (53). اُن لغت کانپوءِ گل محمد خان،
ملڪاڻي ۽ باکرو جون لکيل ”فارسي – سنڌي – انگريزي“
جون مختصر فهرستون آهن، جن جو ذڪر تفصيل سان
”فارسي – سنڌي“ لغتن واري عنوان ۾ ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ عبدالحسين ميمڻ جي ”انگريزي –
سنڌي – اردو“ لفظن جي لغت (پاڪ ٽرپليٽ ڊڪشنري)
حيدرآباد مان آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس طرفان 1959ع
۾ شيع ٿي. پاڪستان جي علائقائي ٻولين جي مشترڪه
لفظن تي مشتمل لغتون پڻ شايع ٿيون آهن. جن ۾ سنڌي
زبان به شامل آهي. صوبي سرحد جي عالم پريشان خٽڪ
”اٽوٽ لساني رابطه“ جي عنوان تحت لغت لکي، جنهن ۾
اردو، بلوچي، پشتو، پنجابي ۽ سنڌي ٻولين جي مشترڪه
لفظن جون معنائون انگريزي ۾ ڏنل آهن (54). هن
ڊڪشنريءَ جو ٻيو وڌايل ڇاپو اسلام آباد مان 1987ع
۾ شايع ٿيو. اهڙيءَ طرح اشفاق احمد، اڪرام چغتائي
۽ فضل قادر فضليءَ جي زير ادارت ”هفت زباني لغت“
پڻ شايع ٿي. هن لغت ۾ اردو، بلوچي، بنگالي، پشتو،
پنجابي، سنڌي ۽ ڪشميري ٻولين جا هم معنى لفظ ڏنل
آهن. سنڌي لفظن جو ذخيرو پير حسام الدين راشدي ۽
نياز همايونيءَ جو سهيڙيل آهي. هيءَ لغت لاهور مان
1974ع ۾ شايع ٿي (55). شاهه ولي الله اڪيڊميءَ ۾
”پنجتن“ جي نالي سان لغت موجود آهي. مؤلف جي خبر
پئجي نه سگهي آهي. هن لغت ۾ فارسي، عربي، اردو ۽
انگريزي لفظن جي معنى سنڌيءَ ۾ ڏني وئي آهي (56).
هندستان ۾ به ٽن ٻولين ۾ سنڌي لغتون شايع ٿيون
آهن، جن جو ذڪر اڳتي ايندو.
مختلف موضوعن يا خاص مضمونن جون لغتون:
سنڌ ۾ سنڌي – انگريزي، انگريزي – سنڌي، اردو –
سنڌي، عربي – سنڌي لغتن کان علاوه ڪن خاص موضوعن
يا مضمونن تي پڻ ڊڪشنريون ڇپيون آهن، جن ۾ زراعت
جي لغت ۽ ٽيڪنيڪل لفظن جي لغت، سائنسي لفظن جي
لغت، طب جي لغت وغيره شامل آهن. اُنهن لغتن جو
تعداد ايترو گهڻو ته ڪونهي پر جيڪو ڪجهه به آهي سو
سنڌي ادب جو اهم سرمايو آهي. اهڙين ڪن لغتن جو
تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(1)
علم زراعت جون لغتون
(Agricultural Dictionaries):
سنڌ جي زراعت متعلق به چند لغتون لکيون ويون آهن،
جن ۾ مختصر لفظن جي فهرست هڪ يورپي عالم مسٽر
ايٿرنگٽن
(Mr. Etherington)
جي لکيل آهي. اِها لغت
“Vocabulary of Sindhi Agriculture Terms: Herbs
and Drugs”
جي نالي سان جرمني مان 1855ع ۾ شايع ٿي (57). هن
لغت کانپوءِ ولنگڊن ڪئٽل فارم ملير ڪراچيءَ جي
ائگريڪلچر مئنيجر ڪوڏومل ڄيٺمل آڏواڻي جي
“Nomenclature of Sindh Crops”
ڪراچيءَ مان 1925ع ۾ شايع ٿي. هيءَ لغت پنجن ٻولين
۾ لکيل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي فصلن جي نالن جي ڏَسڻي
ڏنل آهي (58).
سنڌ ائگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊي ڄام طرفان زراعت جي
لفظن جي لغت پڻ ڇپيل آهي. هن جا لکندڙ محمد يوسف
پنهور ۽ اي ڪيو انصاري آهن. هيءَ لغت 1985ع جي
ڇپيل آهي، جنهن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاج جويي
”هاري لغت“ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو لکندڙ سيد
محمد صالح شاهه بخاري آهي. سندس لکت موجب هيءَ لغت
ڇپائي لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري وٽ قلمي
صورت ۾ موجود آهي (59).
(2)
تاريخي ترتيب وار واقعن جون ڊڪشنريون
(Chronological
Dictionaries):
هن قسم جي لغتن ۾ تاريخي واقعن کي زماني مطابق
ترتيب وار ڏيکاريو ويندو آهي. سنڌجي تاريخي واقعن
جي ترتيب وار ڊڪشنري
“Chronological Dictionary of Sindh”
ايم ايڇ پنهور جي ترتيب ڏنل آهي. سنڌ ۾ پنهنجي
نوعيت جي هيءَ پهرين ڊڪشنري آهي. هن ڊڪشنريءَ ۾
قبل مسيح کان وٺي جيڪي تاريخي واقعا سنڌ (يا
هندستان) اندر ٿيا آهن، اُنهن جو سَنن مطابق ذڪر
آهي. پنهور صاحب نهايت محنت طلب ڪم ڪيو آهي. سندس
اهو تحقيقي پورهيو هميشه ياد رکيو ويندو.
(3)
علم طب جون لغتون:
علم طب جي پهرين ڇپيل لغت حڪيم محمد جعفر انصاري
جي ”فرهنگ جعفري يا تحفة الادويات“ آهي. ”واصف“
”خزينة العلوم“ (جلد پهريون) ۾ هن لغت جو مختصر
ذڪر ڪندي لکيو آهي ته هيءَ لغت طب ۾ استعمال ٿيندڙ
لفظن جي معنى تي مشتمل آهي (60). ڊاڪٽر جيٽلي
”فرهنگ جعفري“ جي ڇپجڻ جو سال 1935ع لکيو آهي، ان
جي برعڪس ڊاڪٽر بلوچ 1946ع ڄاڻايو آهي. ٿي سگهي ٿو
ته فرهنگ جعفري اُنهيءَ سال ٻيهر ڇپي هجي، جنهن ۾
ڪو شڪ ناهي، پر اصل ۾ هيءَ لغت 1904ع کان پهرين جي
ڇپيل آهي. پرمانند ميوارام 1904ع ۾ جڏهن سنڌي –
انگريزي ۽ انگريزي – سنڌي ڊڪشنريون لکڻ شروع ڪيون
ته فرهنگ جعفريءَ مان به گهڻو لاڀ حاصل ڪيائين.
مهاڳ ۾ ٻين ماخذن جو ذڪر ڪندي فرهنگ جعفري جو نالو
به ڏنو اٿس، اُن مان ظاهر ٿئي ٿو ته فرهنگ جعفري
1904ع کان به آڳاٽي ڇپيل آهي. (61). وڌيڪ نماز
همايوني جو ڪتاب ”سنڌ ۾ طب جي تاريخ “ ڏسڻ گهرجي،
جنهن ۾ ٿي سگهي ٿو ته نياز صاحب فرهنگ جعفري جو
تفصيل سان ذڪر ڪيو هجي ۽ ٻيءَ به ڪنهن طبي لغت جي
ڄاڻ ڏني هجي. حڪيم نياز همايوني فرهنگ جعفري کي
وڌائي نئين سر ترتيب ڏيئي ٽن جلدن ۾ سنڌي ادبي
بورڊ طرفان 61-1960ع ۾ شايع ڪيو آهي. (62).
فرهنگ جعفريءَ کانسواءِ طب ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن
جي ٻي لغت حڪيم پرڀاداس جي ”مخزن الادويات“ آهي،
جيڪا 1935ع ۾ ڪراچيءَ مان ليٿو ۾ شايع ٿي (63).
ڊاڪٽر بلوچ ”جامع سنڌي لغت“ جي تياري وقت جي هن
لغت مان پڻ فائدو ورتو. اُن کان علاوه حڪيم محمد
حسين جعفريءَ جي ”الادويات تحفة المعروف فرهنگ
جعفري“ به شايد علم طب جي لفظن جي لغت آهي. هيءَ
فرهنگ، محمد عظيم اينڊ سنس شڪارپور مان 1970ع ۾
شايع ڪئي (64). انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي
لئبرريءَ ۾ مولوي عبدالغفور همايونيءَ جي چند ورقن
تي مشتمل فارسي – سنڌي لغت ”فرهنگ همايوني“ جي
نالي سان موجود آهي (65). ٿي سگهي ٿو ته هيءَ اُها
ساڳي لغت هجي جنهن جو ذڪر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
جي قلمي نسخن جي ڪيٽلانگ ۾ نمبر 320 تي ”فرهنگ
سنڌي“ (متعلقات طب) جي نالي سان ڪيل آهي.
(4)
سوانح حيات جون لغتون
(Biographical Dictionaries):
سوانح عمرين يا آتم ڪٿائن متعلق به چند لغتون
لکيون ويون آهن. مولانا دين محمد وفائيءَ جو
”تذڪره مشاهير سنڌ“ (3 جلد) هن قسم جي ڊڪشنريءَ جو
عمدو مثال آهي. هن تذڪري ۾ وفائي صاحب سنڌ جي 472ع
عالمن، صوفين ۽ درويشن جون سوانح عمريون ’حروف
تهجي‘ تحت ڏنيون آهن. هن تذڪري کي ”قاموس المشاهير
سنڌ“ به چئي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي
ترتيب ڏنل ”سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري“ به الف ب وار
ترتيب سان ڇپيل آهي. هن ۾ ڪل 240 سنڌي ليکڪن جي
ڄم، وفات ۽ سندن ادبي ڪم متعلق داخلائون ڏنل آهن.
هيءَبه هڪ قسم جي ڊڪشنري آهي. 1989ع ۾ لال پشپ،
انگريزيءَ ۾ ”انڊيا جا چند مشهور سنڌي“ جي عنوان
تحت ڪتاب ڇپايو آهي، جنهن ۾ هندستان ۾ مختلف شعبن
سان تعلق رکندڙ نامور سنڌي شخصيتن جون جنم ساکيون
ڏنل آهن (66). گنگارام سمراٽ ۽ ڄيٺي لالواڻيءَ
گڏجي ”گجرات سنڌي ليکڪ واقفيت ڪوش“ 1990ع ۾ ڇپايو
آهي. هن ڪوش ۾ گجرات ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪن جا جيون
چرتر ڏنل آهن (67). هندستان جي هڪ ٻئي اديب موتي
لال جوتواڻيءَ سنڌي ادب متعلق ڊڪشنري لکي آهي،
جيڪا ”ڊڪشنري آف سنڌي لٽيرچر“ جي نالي سان 1996ع ۾
ڇپي آهي. هن ڊڪشنريءَ جو ٻيو وڌايل ڇاپو 2000ع ۾
شايع ٿيو آهي (68). ڊاڪٽر جيٽلي هن لغت متعلق لکي
ٿو ته هن ڊڪشنري ۾ الف بي وار ترتيب مطابق سنڌي
ليکڪن، سنڌي ڪتابن، سنڌي شاعرن ۽ سندن ڪم متعلق
داخلائون ڏنل آهن. اُن کانپوءِ هن ڊڪشنريءَ ۾
ورهاڱي کان اڳ جي ليکڪن جو به ذڪر ڪيل آهي (69).
(5)
علم سائنس جون لغتون
(Scientific Dictionaries):
سنڌ ۾ سائنسي اصطلاحن يا لفظڻ متعلق پهرين ڊڪشنري
ڊاڪٽر شمس الدين تنئي جي ”جديد سائنٽيفڪ ڊڪشنري“
جي نالي سان لکيل آهي، جا 1987ع ۾ شايع ٿي (70).
هن ڊڪشنري کانپوءِ ڊاڪٽر ايم اي قاضيءَ جي
(Scientific Dictionaries)
آهي. جيڪا 1991ع ۾ شايع ٿي (71). شاهجهان قريشيءَ
جي ”سنڌي علمي لفظن جو ذخيرو، ۾ سنڌي ٽيڪنيڪل لفظن
کي جمع ڪيو ويو آهي. اصل ۾ هي ايم اي لاءِ لکيل
مونو گراف آهي، جيڪو سنڌيونيورسٽيءَ جي امتحان
لاءِ 1965ع ۾ لکيو ويو (72). سنڌ يونيورسٽيءَ جي
شعبه ڪيميا جي پروفيسر ڊاڪٽر سيد وڏل شاهه جي
ڪيميا جي لفظن متعلق ڊڪشنري لکيل آهي، جا 1974ع
کان پهرين جي لکيل آهي ۽ قلمي صورت ۾ آهي (73).
ورهاڱي کانپوءِ ڀارت ۾ سنڌي لغت نويسيءَ جو جائزو:
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي هندو وڏي تعداد ۾ لڏي ويا، جن
۾ اديب به شامل هئا. ڀارت ۾ وڃڻ کانپوءِ هنن اُتي
به سنڌي ٻوليءَ جي جوت کي روشن رکيو ۽ سنڌي ٻوليءَ
کي ڀارت جي قومي ٻولين ۾ تسليم ڪرايو. لعت جي کيتر
۾ به هنن چڱو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيتريون ئي نيون
ڊڪشنريون شايع ڪرايون آهن. اُن کان علاوه ڪن
پراڻين ڊڪشنرين کي به ٻيهر شايع ڪرايو آهي. ڊاڪٽر
مرليڌر جيٽلي صاحب ڀارت ۾ سنڌي ڪوشن جو تفصيل سان
ذڪر ڪيو آهي. هت مختصر اُنهن جو ذڪر ڪجي ٿو. |