ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي روسي زندگيءَ جي وحشانيت جون ڳالهيون لکندي،
خيال ٿيندو اٿم ته انهن جي لکڻ جو مقصد به آهي يا
نه؟
ڳوڙهي ويچار ڪرڻ کان پوءِ مان انهيءَ راءِ جو ٿيندو آهيان ته
انهن کي کولي پڌرو ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهي
اهڙيون نجس ۽ ڪنيون حقيقتون آهن، جن کان روسي سماج
اڄ تائين به نجات حاصل ڪري نه سگھيو آهي.اهي
حقيقتون اسان جي زندگيءَ جي اهڙن پاڙن کي کولي
ظاهر ڪن ٿيون، جن کي پڌري ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ڏک
ڀريل ۽ پنهنجي شرمناڪ جيوت مان پٽي ڪڍڻ جي ضرورت
آهي. انهن کي هتان جي ماڻهوءَ جي روح ۽ حافظي مان
ڪڍڻ جي ضرورت آهي.
ـــــ مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي
ننڍ پڻ ص 283 _ 282
ڪهاڻيون
عبدالقادر جوڻيجو
ڄار
جڏهن ماڻهوءَ جي زندگي جي جھنگ ۾ جوانيءَ ۽ قوت جا وڏا وڏا وڻ
وقت جي هوائن جي سٽن ۾ اچي، پاڙان اُکڙي پٽ اچي
جھليندا آهن، تڏهن ماڻهو يا ته ڇنل کٽ جو پاڳو
بڻبو آهي يا چُلهه جو مارنگ. ڇو ته وڃائجي ويل
گرميءَ جو ساءُ چلهه ۾ ٻرندڙ باهه مان ئي ملندو
آهي.
کمونءَ به پنهنجي قوت ۽ جوانيءَ جا بچيل سڪا پير جي آڱوٺي هيٺ
رکي، هٿن جي ترين کي زمين سان چڱيءَ طرح گسائي، پٽ
تي پيل داڻا ريڙهي، دٻليءَ ۾ وڌائين ۽ دٻليءَ سان
زمين تي ٻه زورائتا ڌڪ هڻي، ٻه ٽي ڇمڪا ڪرائي، هٿ
مٿي کڻي، ٻانهن کي گھمرو ڏيئي دٻليءَ کي کڻي اونڌو
ڪيائين.
زبان مان ’’آ ڇڪو‘‘ جو لفظ نڪتس _ کن پل لاءِ داڻا سندس قسمت
وانگر پٽ تي رڙهندا ويا ۽ جڏهن هڪ هنڌ بيٺا ته تري
هيس __ ميدان خالي هو. کمون تِريءَ جي داڻي وانگر
ڌڌڙ ۾ گڏيو پيو هو، ڪو وقت ته گوڏن تي هٿ ڏيئي،
هيٺ زمين ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ٿڌو شوڪارو ڀري،
ڀرئي پڙ کي ائين ڇڏي آيو، جيئن ڪجھه وقت اڳي کيس
جواني ڇڏي ويئي هئي.
پر حياتيءَ جي ليکن ۾ جڏهن ماڻهو هلي هلي ميدانن تان مٽي اچي
ڏونگر جي پاڙ جھليندو آهي، تڏهن نه چاهيندي به کيس
ڏونگر تي چڙهڻ لاءِ هٿ پير هڻڻا پوندا آهن.
حياتيءَ جي پنڌ ۾ ڏونگر تڏهن اڳيان ايندا آهن،
جڏهن ڪو کمونءَ جي وهي ۾ پڄندو آهي.
ٻارن جي گھل پويان هيس. جوڻس هئي ته صفا شڪل ۾ ڪارڙي؛ اهڙي جھڙي
پن جي تازي نڪتل پاڙ، جيڪا پاڻيءَ ۾ پئي سڙي
ڪاري ٿي ويندي آهي. ان هوندي به ٻار ايترا ته ڄڻيا
هئائين، جھڙو گينگھن جو ٽولو. گھر ۾ توڙي ٻاهر
ريهو رڙ لڳي پئي هوندي هئي. هڪڙا ملا ٻيون بکون ــ
ٻاهر به سور اندر به سور هجي ڪو يار ته رٺل پرچي
پئي، پر ڪو ڏر رُسي ته ڪپر پرچائيس ـــ لوهه جو
ٽڪر جو ٿيو .
جڏهن ڪنهن جي ٻانهن جون مشڪون ڦٿڪڻ بند ڪنديون آهن، تڏهن ذهن
ڦٿڪڻ لڳندو آهي. هيءَ اٽڪل هو ءَ اٽڪل، هيءُ ڌنڌو
... سو کمونءَ به سوچي سوچي وڌو هٿ ڏور ۾ ۽ ٺاهڻ
ويٺو ڄار، جنهنن ۾ تتر ڦاٿا ته ڀاڳ به ضرور
ڦاسندو. چار تتر ڦاٿا ته به چار رپيا تاريخ جا
کڙا.کمونءَ چار رپيا کڙا ڪرڻ لاءِ ڄار کڻِي تر جي
سيم ۾ ڍري پيو. سيمون به تر جي ماڻهن جي قسمت
وانگر چئن چڱن ۾ ورهايل هيون. هن لاءِ سولي ۽
ويجھي ۾ ويجھي سيم هئي وڏيري احمد خان جي. سڄي عمر
ته ڏني هئائين وڏري جي ٻنين کي ۽ پيٽ کي. بزگيريون
ڪري اچي پوڙهو ٿيو هو. وڏيرو به ڪو ويل ڪو نه هو .
دنيا لاڪائنس ڀلي ڇا به چوي پر پنهنجي راڄ تي اهڙو
هٿ هئس، جو مجال آهي جو ڪو ڀاڙيو ڀتو تر جي ڪنهن
غريب غربي جي ڪُک ۾ ڪاٺي هڻي ڪڍي. وڏيري کي پيرن
کان اچي باهه وٺندي هئي ٽانڊن وانگر وات مان اچي
نڪرندي هيس، پهرين ته ڄاڙي هڻي هڻِي کٿ ٿيندو،
پوءِ ايندو چئن چڱن تي ــ فيصلا هلندا، کٽون
ڀڄنديون (۽ دليون به )، وات ٽُڪاڻي ٿيندي هڪڙا
رُسي اٿندا ته ٻيا پٽڪا پلاند ڪري وهاريندا، جنهن
جي در تي فيصلو هوندو، انهيءَ جي چانهن کنڊ
کُٽندي. انهيءَ سڄيءَ هڻ هڻان ۾ احمد خان ايئن پيو
لڳندو ڄڻ ککريون ڦري آيون هجنس. مڙس ڳالهائڻ جو
تکر. رُسي به سگھو ته پرچي به سگھو ـــ راڄ هلائڻا
آهن ڪا چرجي جي بات نه آهي. ڀلا جي مڙس هڻي هڻي
ٿڪا ۽ ڳالهه پير تي نه بيٺي ته پوءِ ٻڌندو سندرو.
يا فقير چٽ يا سارنگي چٽ. خير ڇا به هجي. پر احمد
خان پنهنجي راڄ جي ڪولهيءَ کي مارائڻ ڪو نه ڏيندو.
ڀائي ڪنهن کي ڪا بک ماري وجھي ته ٻي ڳالهه آهي چڱ
مڙسيءَ ۽ زمينداريءَ جو اهو مطلب ڪونهي ته ماڻهو
اُڇلون ڪري پراوا بُر ڀريندو وتي. ٻي سيم هئي
وڏيري جانيءَ جي. اهو مڙس مڙئي کهرو هو. لکن تي
مٿو ڌوئڻ وارو، پرائو ڪک به نه سهندو هو. شل نه ڪو
اڙيو ٿڙيو سندس سيم مان مٽي وڃي. ٻيو ته ٺهيو
پرمال ڀٽاري ٻه پن ڪتريا نه آهن ته مال ته وڃي ڊهڙ
۾ پوي، پر مال جي ڌڻي، ڌڻين جا راڄ اچي ڦاسندا.
پيرن هيٺان زمين جي ٽڪر کي تپائي ڇڏيندو. ماڻهو
بندوق جي منهن ۾ وڃي ته ڀلي وڃي، پر جانيءَ خان جي
منهن ۾ نه وڃي . پهرين ته وجھندو پٽڪي ۾ هٿ ۽ پٽڪي
۾ هوندو دم خم ته هلندي قانون جي بازي ۽ ڏوڪڙن
جو زور اهڙيون ڪڙڪايون ڪري ڪري اٺ ست فصل اهڙا
کنيا هئائين جو مڙس آرن مان نڪري ويو هو، هڪڙي به
نه پر پوريون ٽي ٽويو ٽآئون جيپون در تي ڀونڀٽ
ڪنديون هيس ٽوياٽا جيپ ۽ ڀلو گھوڙو جڏهن ڪچي رستي
تي چڙهندا آهن تڏهن سوار کي زندگيءَ جا پڪا رستا
ڏيکاري ڇڏيندا آهن. گاڏيءَ جون بريڪون ڀلي کڻي
آرڊر ۾ هجن، پر سوار جون بريڪون ڪم ڇڏي ڏينديون
آهن. ۽ سوار سلپ ٿيندو رهند وآهي. ڪير چپجي ته ڇا،
ڪنهن جي دل ٽٽي ته ڇا ــ گاڏي هلندي رهندي
آهي.جانيءَ جي مقابلي ۾ احمد خان پوءِ به ماڻهنئان
ماڻهو هو. ماريندو ته به ڇانءُ ۾ رکندو، جيئري کي
ته اُس ۾ رکڻ جو رواج جتي ڪٿي آهي.
اهو سڄو ڏينهن ــ صبح جي ٿڌين ۽ ميرانجھڙين روشنين کان وٺي شام
جي لڙهندڙ پاڇولن تائين، کمون ڏورين ۽ ڌيان جو ڄار
وڇائي اوسيئڙو ڪڍندو رهيو . ٺنڍ ٿي، ٻهڙن ۾ اونگڙو
ويهي ويهي گوڏن ۽ چيلهه ۾ اچي سور پيس، پر چار ته
ڇا هڪ رپيو به کڙو ٿي نه سگھيو .
جڏهن گھر موٽيو ته تترن جي جاءِ تي پاڻ ڳڻتين جي ڄار ۾ ڦاٿل هو.
پکين جا پراڻا کوٽاڙا ته جام هئا، پر احمد خان کي
ڪير جھلي! چريءَ جا يار گھڻا، جيڪو گھر مان ٿو
رسي، سو بندوق جو ڪاٺ ڪلهي تي رکيو ٽُٽو اچي
- ڏي سيم ۾، جھڙي پڻس جي بادشاهي هجي، اصل ٽاڙهيا. پکين
کي به بندوقن جي باهه اچي تپائي کنيو، سو ڏٺن ته
ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، ڀڄ پري، هونئين جو
کنڀڙاٽون ڪڍائي ويهي رهون. ماڻهن جي ديڳڙن تان
هونئين سدائين ڍڪڻ لٿا پيا آهن رڳو ڪاري لٺ هٿ ۾
ڌٺي نه اٿن ته کڻي ڀڙڪو کائيندا، جھڙي بندوق مان
گولي ڇٽي نڪتي. ان ڪري تترن به احمد خان جو تر ڇڏي
وڃي ڏيي مڙس جانيءَ جي سيم وسائي هئي. پنهنجن ڪوٽن
مٿان پکي پکڻ هڪلڻ جو ڪم ته هر ڏاڍو مڙس ڪندو آهي،
پر پکين مٿان ماڻهو اڏائڻ جو ڪم وڏيرو جاني ڪندو
هو. ڪنهن سڀري سنگتيءَ يا ڍڳ ڪاموري جي ٻي ڳالهه
آهي. رهي لِڪَ ۾ شمار ڪرڻ جي ڳالهه سو ته وڏن وڏن
جي گهرن کي ائين کاٽ لڳيو وڃن جو ڳالهه ٿورو به
ڦاٽ نه کائيندي آهي . اها ته ٿي اک جي چوري، پر هت
هٿ جي چوري به لڪي ويندي آهي. ڀلا ڌڻي سڄو ڏينهن
لٺ کڻيو جھنگ جھڙيندو ته ڪو نه وتندو. اها سنهي
ريڙهي ائين پيئي هلندي آهي . راڄ پاڻ ۾ گڏيا ويٺا
آهن – عمر اٿڻو وهڻو آهي ، سو هرو ڀرو ڪو سڀ ليڪا
لنگھي، جانيءَ وڏيري وٽ وڃِي چغلي هڻندو ته ڪو
وڏيرو گھران کڻي ڪو نه ڏيندس. اٽلو اهو مهڻو
ملندس، ته: ’مڙس هئين يا ڪڪڙ حراميءَ کي جھلي
ڄنڊن مان مون وٽ وٺي اچينس ها ٿُڪ اٿئي! راڄ
ڀاڙيا ڏٺاسين، پر تو جھڙو ردي ڳولهيو ڪو نه لڀندو.
جاني خان جو هاري هئين. ڪنهن لَلوُ پنجوءَ جو نوڪر
ڪونه هئين. ڪارو اٿئي منهن. ڏاڙهيون اچي لڄايون
اٿان.‘‘ ــ انهن اکرن کان پوءِ ڀونڊو ڏيڻ يا نه
ڏيڻ جو مدار سامهينءَ ڌُر تي آهي؛ ڇو ته اڄڪلهه
خلق جو ٿورو ٿورو مٿو به ڦريل آهي. هجي ڪو مٿي
اگھاڙو، ڪري ڪا بڇڙائي ويهي رهي.
سو انهن ڳالهين جي ڪري ڪير هروڀرو منهن پئي ڪنهن جي چورت ڪو نه
ڪندو هو. ٽڪي جي ڳالهه لاءِ ماڻهو راڄن ۾ بڇڙو
ٿئي. کمون، هونئن ته احمد خان جو رٽائرڊ هاري هو
پر ڀت ڀوت، مرڻي پرڻي ۾ راڄن جي پرائيويٽ
پارليامنٽ جو معزز رڪن هو تنهن ڪري ... خير.
اهي سڀ آڳا پيڇا سوچي، کمونءَ جاني خان جي سيم ۾ پير رکڻ جي
ڪوشش ڪئي، جتي تترن ڦاسڻ جا امڪان گھڻا ۽ سندس
پيرن ڦاسڻ جا امڪان گھٽ هئا. ڀلا جي هلندن ڀاڳن
ٿيڙ کاڌو ته الله مالڪ آهي، احمد خان جيئرو ويٺو
آهي. وسين لڳي مارڻ ڪو نه ڏيندو .
وڏيري جانيءَ وٽ ٻني به گھڻي آهي، هلندي به گھڻي اٿس، پر احمد
خان وٽ مڙسيءَ جا ڀل گھڻا آهن. سندس هينئون ڀليءَ
ڦٽيءَ وانگر سدائين ٽڙيو بيٺو هوندو هو . ڦٽي جسم
جو ڍڪ ته احمد خان هارين جو ڍڪ هو.
سڄي رات اوندهه جو وسندڙ مينهن اڪامڻ لڳو هو ۽ روشنين ڀنڀورين
وانگر اڏرڻ شروع ڪيو هو. گھرن ۾ چلهين اک پٽڻ شروع
ڪئي هئي. وڏي اسر جو جيستائين چانهن جو ڳڙهاڻو
ڳارو نصيب نه ٿئي، تيستائين ماڻهو ته ڇا، پر ڏينهن
به اک ڪو نه پٽي. کمونءَ چانهن جا ٻه ڪوپ چاڙهي،
جڏهن سلڦيءَ کي ڌڪ ڪيو ، تڏهن چيلهه ۾ ڪجهه ساروڻي
آيس. سلڦيءَ کي انديشن سان گڏ گوڏ جي ور ۾ هڻي،
ڄار کي ٽوال ۾ ويڙهي، ڪلهي تي رکي لانڍيءَ مان
ٻاهر نڪتو. ٿڌيءَ هوا جي جھوٽن تي ٿڌا ساهه
کنيائين. پري کان وڻن جا دفڪ ڏسڻ ۾ آيس، ڄڻ سندس
مسقبل جا اڻ چٽا نشان هجن. آوازن ۾ اڃا ننڊاکا
جھوٽا سمايل هئا. سهڻيءَ جي آخريي رڙين وانگر
ڀڙڀانگ ٿي ويل پراڻ ٽپي، ڪسيءَ جي ڪنڌي اچي
ورتائين، جنهن جي آسپاس مورن ۽ ڄارين جا گھاٽا
ويڙهه هئا، ان ڪري پري کان ايندڙ ماڻهوءَ جي نظر
گھٽ پئي ٿي سگھي. جھنگ ته الله سائين جو آهي، پر
ڪنهن جي نظر نه پوي ته چڱو آهي. ڪهڙي خبر ته ڪنهن
جيءَ دل ۾ ڪا لنڊي ويٺل هجي ۽ جانيءَ وٽ چغلي هڻي
ويهي رهي ۽ ڪو مسڪين واٽ ويندي جھڙجي پوي، پوءِ
ڀلي پيو وڏيرو احمد خان جھاڙون رکي، زهر الائي ڪٿي
وڃي ڇيهه ڪري لنڊيءَ جو زهر ته وڌ ۾ وڌ هڪڙي
ماڻهوءَ تي چڙهندو آهي، پر چغليءَ جو زهر گھر جي
ستن ڀاتين تي چڙهندي دير نه ڪندو.
ڪسيءَ تان ٽپ ڏيڻ تي هو ته .....
’’ڪير مڙس آهين؟‘‘ سندس پير سندس ذهن وانگر هڪ هنڌ ڄمي ويا.
’’کمون‘‘
’’وڏي اسر جو ڪٿي ڪاهه ڪئي اٿئي؟ خير ته آهي!‘‘ سانوڻ جو ڄاتل
سڃاتل آواز سندس نبضن ۾ چڙهي ويو ۽ ٿڌو ساهه ڀري،
دل تان بار لاهي ڇڏيائين.
’’ير تو ته ذري گھٽ هينئون ڦاڙيو هو.‘‘
’’ڇو ٽوال جي هڙ ۾ چوري کڻيو وڃين ڇا؟‘‘
’’ابا ، ڪهڙيون چوريون. جندڙِيءَ جو ميلو هونئين ٽٽڻ وارو آهي
مڙئي ٿيو پيٽ ڀرڻو‘‘.
’’ٽوال ۾ ڇا کنيو اٿئي؟‘‘
’’گھر جي ستن ڀاتين جو نصيب.‘‘ هن ٽوال کولي سانوڻ اڳيان
پنهنجيءَ دل وانگر رکي ڇڏيو.
’’چاچا وڏيري جانيءَ جي سم اٿئي، سنڀالي پير کڻج. اصيل جو کاڌل
بچي پوندو ، پر جانيءَ جو کاڌل ڪو نه بچندو.‘‘
’’ابا جتي حياتيءَ جا ڌڪ پچايو هلون، اتي وڏيري جو ڌڪ به پٺن تي
چاڙهي وينداسين .پر تو کي پارت آهي.
تون ڪنهن کي نه ٻڌائج. پوءِ اسان جو ساجن اسان سان.
’’منهنجون اکيون آن ڪو نه ڦٿيون هن ، جو هروڀرو وڃي چغلي چائي
ڪريان. پر پرائو بزگير آهيان. اسان کي چيل اٿس ته
ڪو سيم ۾ شڪار ڪندو ڏسو ته جھلي ڏاڙهيءَ مان مون
وٽ وٺي اچوس. مورڳو اسان کي مٽي مٿي ۾ وجھرائيندين
. اسان ته ٻنهين پاسي ڦاٿل آهيون. هڪڙي پاسي راڄ،
ٻئي پاسي روزيءَ جو سوال.‘‘
’’پر ابا تون چپ رهج.‘‘
’’چپ ته رهندس، پر ڳالهه ڦاٽ کاڌو ته تون مرندين پر اسان کي به
مارائيندين. جھڙو آهين تهڙو ٽري ٽارو ڪر.‘‘
’’تون به ٿو ائين ڪرين!‘‘
’’آءُ ڪو نه ٿو ڪريان، وڏيري جو هاري ٿو ڪري. منهنجي ابي جي
ملڪيت ڪونهي. ڏٺم ته ڳالهه ماٺ ماٺوڙيءَ ۾ لڪي ٿي
وڃي ٿي ته واهه، نه ته اسان کي پنهنجو سر بچائڻو
پوندو.‘‘
’’خير ....‘‘ کمونءَ ٿڌو شوڪارو ڀريو.
’’وڌيڪ مرضيءَ جو مالڪ. ‘‘ ــــ ۽ مرضيءَ جي مالڪ کمونءَ ڪسيءَ
تان ائين ٽپ ڏنو ڄڻ بک جي کاهيءَ تان ٽپ ڏنائين ۽
پرائيءَ سيم ۾ اچي ڍريو، تاريخ جا چار رپيا کڙا
ڪرڻ لاءِ.
سيم شاهوڪار هئي، مال جام هو، تاريخ کڙي هئي، پکين جون ٻليون
ماڻهن جي آواز کان مٺيون هيون. مڙس لئه ۾ هو، چئن
جي جاءِ تي ڏهه تتر ڦاسايا هئائين . شام جي لڙهندڙ
رنگن ۾ ڄار ويڙهيندي مٿي نگاهه ڪيائين، رحيمداد
ڪمدار مٿائينس بندوق کنيو بيٺو هو. کيس ائين محسوس
ٿيو ڄڻ پاڻ به تتر هو.
* * *
سڄي ڳالهه ٻڌي، احمد خان ڪو وقت ته آرام ڪرسيءَ ۾ ائين ڦاٿو
ماٺار ۾ پيو هو ڄڻ ميهوڳيءَ جي ڀريل منجھند هجي
جيڪا ڦاٽڻ تي هجي. پهرين آهستي آهستي پير ڏڪڻ لڳس،
پوءِ ڏڪڻي مٿي چڙهندي ويئي، مٿي چڙهندي ويئي سڄي
ڪرسي ڌڏڻ لڳي، ڪرسي ڪانه هئي آسپاس جا راڄ هئا.
اوچتو ڀڙڪو کاڌائين جھڙو ڀريل واهه ٽٽو.
’’ماڻهو آهن ڪوچڙا! هي به چوندا ته اسين زميندار ٿيا آهيون. روز
روز ڏس ته ڪانه ڪا کوس ڦٽائي ڪريو ويٺا آهن. اڄ
فلاڻي جي اٺ کي ڀيل ڪندي بندوق جي منهن ۾ ڏيئي
ڇڏين ، اڄ فلاڻي کي موچڙا مليا. پنهنجي بابي جي
بادشاهي ڪريو ويٺا آهن. جيڪو ٿو ور چڙهين تنهن کي
پيا سٽين . هي ماڻهو ته سڀاڻ ڪنهن جي لڄ ۾ هٿ
وجھندي ڪو نه گسندا. کٿي اٿن اچي. ماڻهو به ته ردي
آهن. ڏين نه لٺيون منهن ۾ ته خبر پوين ته ڪيترين
ويهين سو ٿو ٿئي! پر پڇان ٿو ته اسان جاني خان جو
ڇا بگاڙيو آهي؟ ڀائي ڏيڻي نه وٺڻي، ماٺ ڪريو
پنهنجو مٿو جھليو پيا آهيون، اسين ڇو اچي فاٿا
آهيون، کمونءَ تتر ڦاسايا ڪو خون ته ڪونه ڪيو اٿس.
جيئن ماٺ ڪئيسين تئين مڙس مٿي تي چڙهندا وڃن پڻهن
جي بادشاهي آهي! اسان کي گھران ڪو نه ٿا کارائين،
ڪومڙس ڪو نه گڏيو اٿن.
اسين پيا چئون ته ٺهيو ٻيلي راڄ آهيون، گڏيا ويٺا آهيون، ڏکيو
سکيو ويندو وقت گذري. سنهي ٿلهي ڳالهه کي اک ۾ ڪو
نه رکبو .پويان اچي اهو ته ڪونه چوندا ته؛ ٻيلي
وڏا رڳو وڙهڻ ۾ پورا هئا، پاڙي جو حيا ڪو نه پين.
پر هي همراهه ڏس ته مٺ کان مٿي پيا لڻن. ٽپ ڏيو
اُڀ تي پيا چڙهن. نواب جا پٽ اچي ٿيا آهن. اڙي
جاني توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان . ٻه پئسا کيسي ۾ ڏٺا
اٿئي ته ڀانئين ٿو ته ويٺو راڄن جا ڪنڌ مروٽيندس ۽
ڪو پڇندو به ڪو نه.
ڀئي ڪا سنهي ٿلهي ڪنهن کان چڪ ٿي وئي آهي ته راڄ ويٺا آهن، انهن
کان فيصلو ڪرايو. ڏوهيءَ بيڏوهيءَ جي پرک ڪڍو چئن
چڱن ۾ منهن مٿي ڪري ڳالهايو . ڪو چور چور جو پٽ
هوندو ته جھلي ڄنڊن مان هڻبس پٽ تي. پر ڪا ڳالهه
راڄن ۾ ٿئي ڪين، نه پڇڻو نه ڳاڇڻو، پنهنجي ليکي
فيصلا ڪري آلا سڪا باهه ۾ ڏيڻا ڙي خدا کان ڊڄو خدا
کان! پر ڏوهه به ڪو مار ڏيڻ جهڙو هجي ته مار ڏيو.
هلندي انڌي ڪتيءَ سهو جھليو. کک پوڙهي مڙس کي اچي
ورتو اٿن، سو هڻي مڙس کي سٽي، رت ۾ ڳاڙهو ڪري،
مٽيءَ ۾ بڇڙو ڪري، گڏهه وانگر ماريو اٿن. اڙي ڪجھه
اڇي ڏاڙهيءَ ڏانهن ڏسين ها! مسڪين کي ماري کيج
کٽيون اٿن، ڀائو جي اوهان کي زورآزمائي ڪرڻي آهي
ته ڪنهن پاڻ جھڙي ۾ هٿ وجھو ته پوءِ مڙسيءَ، نه
مڙسيءَ جون خبرون پون. ڪمدارن ۽ چمچن جي پٽڪي ته
هونئين ڏيڍ فوٽ تي پيئي لامار ڏي، پر تون هيڏو
سارو ماڻهو ــــ ڪجھه کمي کاءِ. ملڪيت جي ڌڍ تي
چِپَ نه ڪر.
پر آءُ چوان ٿو ته هنن کي همت ڪيئن ٿي ، جو منهنجي ماڻهوءَ جي
پٽڪي ۾ هٿ وڌو اٿن. ايتريون هلنديون اسان جون به
آهن. جھنگ مان اسان کي به کڻي ڪو نه آيا آهن. اهڙا
چار ماڻهو اسان کي به سڃاڻن ٿا. ڏهه بندوقون
جانيءَ وٽ هونديون ته پنج اسان جي گھر ۾ به نڪري
پونديون. پوتيون اوڍيو اسين به ڪو نه هلون.
چيوسين ته ٻيلي مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ. هي پيا ڪندا، اسين
پيا سهنداسين. پر هي ته صفا سڀ ليڪا لنگھي ويا
آهن. مورڳو لڏائڻ جي پويان اچي پيا آهن پر اهڙا
ڀاڙيا اسين به ڪونه آهيون. اڄ کمونءَ جي پٽڪي ۾ هٿ
پيو آهي، سڀاڻِي اسان جي ۾ پوندو. تنهن کان اڳ ۾
ڇو نه اهڙي ٻوٿ ۾ ڏيون، جو پاڻ ته ياد ڪن پر پوين
کي به ڏس ڏئي وڃن ته ها ٻيلي ڪي مڙس گڏيا هئا.
ماٺ ڪري ويٺاسين ته هڪلي گھرن مان ڪڍندا . هيڪا
هيڪي ڪبي. يا اسين پڙ تي هونداسين يا جاني پڙ تي
هوندو . احمد خان چوٽ تي پهچندي هيٺ ويٺلن کي چيو،
’’اڙي اوهان سڀني منهن زمين ۾ ڇو هنيو آهي؟‘‘
’’سائين، جيئن چئو تيئن ڪريون‘‘ ڍولڻ وڏيري جي لفظن جي وسندڙ
پٿرن جي وچ مان ڪنڌ ڪڍندي چيو.
’’تون هينئر جو هينئر گھوڙو سنج. پهرين وڃ علڻ وارن جي راڄ ۾،
پوءِ حاجي خاڪوءَ وٽ. منهنجي پاران چئين ته هجو
مڙس ۽ ڪي ٿورا هجنو ياد ته، ٻيلي ڪو وڏيري احمد
خان سڏ ڏنو هو يا ٻه پير ڀريا هئائين ته پوءِ
لٺيون ڪهاڙيون، بندوقون کڻي اوطاق ۾ پهچو. جيڪو
هٿين خالي آيو ته مٿي ۾ مٽي وجھندو سان.‘‘
ڍولڻ اٿي هلڻ لڳو .
’’۽ ٻڌ، ٻيو ماڻهو موڪل ٿاڻيِ تي، صوبيدار کي چئه ته بيٺي پير
مون سان ڳالهائي وڃي؛
ماٺ ڪري ڪري ٿڪاسين. ڪا ڳالهه آهي!‘‘
احمد خان ڪرسيءَ تي اهلي پيو، ڄڻ پنهنجو سڄو زهر هاري ساڻو ٿي
پيو هجي.
وڏيري احمد خان جي اوطاق ڀري پيئي هئي، ڪهاڙي ڪهاڙيءَ سان لٺ لٺ
سان، پٽڪو پٽڪي سان ڳنڍيو پيو هو. پٽڪن جي اڇ پئي
پيئي. مڙس ڀريا ويٺا هئا، رڳو وڏيري جي ٻن اکرن جي
ڇهنڊ جي ضرورت هئي. راڄن سان رهايل هئس. مڙس مڙسن
کي ڪم ايندا آهن.
’’ادا ، جيڪو وقت تي ڪنڌ ڪڍائي، انهيءَ جھڙو ذليل وري ٻيو نه
آهي. هيءُ ته وڏيري جھيڙي لاءِ سڏ ڏنو آهي، پر جي
ڪو انهيءَ کان به ڪو وڏو ڪم چوندو ته به ڪنڌ ڪو نه
ڪڍائيداسين.‘‘
’’اڄ خبر پوندي ته مڙس ڪير آهي، ڀاڙيو ڪير !‘‘
’’ادا خبر ڇا پوندي! جنهن ۾ ٻه ٽڪا پاڻِيءَ جا هوندا، اهو سر کي
اڏيءَ تي رکندي دير ڪونه ڪندو‘‘
”پر ير هڪڙي ڳالهه آهي!“
’’ڪهڙي؟‘‘
’’چڱي ماڻهوءَ جو ڪم آهي ٻن ڌرين کي پاڻ ۾ ٺاهڻ. چار چڱا وچ ۾
پون ته ڪو ڳالهه ايتري واڌ ڪو نه کائي.‘‘
’’پر اها به ڪا سُرت هجي جانيءَ ۾، صفا کت تان کڻيو هلي. احمد
خان سهي سهي ٿڪو.‘‘
’’ها، پر جي ٻه ڏاڙهيون وچ ۾ پون ته ڪو ڪنهن کي ٽو ٽو ڪو نه ٿو
پوي.‘‘
’’ته پوءِ وڃي ٺاهين. چڙهه وڃِي جانيءَ جي ور ته خبر پوئي.‘‘
’’خير اها ته ڳالهه ڪونهي. پهرين سر احمد خان جو، پوءِ ٻيون
ڳالهيون پر ...‘‘
’’وڏيرو پيو اچي .... وڏيرو پيو اچي ....‘‘ آوازن جو جھڪو ڀڻڪو
چرش جي بوءِ وانگر سڄي اڱڻ ۾ پکڙجي ويو.
احمد خان پستول ڪنڌ ۾ وجھي تکو تکو اوطاق ۾ ڍريو، في الحال ته
وڏيري جي رعب تي هلڪا آواز به ڊهي پيا. ايستائين
ماٺ لڳي پئيي هئي، جيستائين وڏيرو کٽ تي وڃي نه
ويٺو.
’’وڏيرا، اسين تنهنجي حڪم جي انتظار ۾ ويٺا آهيون، رڳو هڪل ڪر،
پوءِ ڏس مئليون.‘‘ هڪڙي همراهه ڦاٽ کاڌو.
’’بابا، راڄ ڪم نه ايندو ته ٻيو ڪير ايندو! راڄن جي ڏڍ تي ته
جنن سان منهن اٽڪايو اٿئون.‘‘
’’سرڪار، پوءِ دير نه ڪريو.‘‘
’’راڄ ! هاڻ ڳالهه هيءَ آهي ته ...‘‘ احمد خان ٿورو گھچرڪو
کاڌو؛ ’’لک لک ٿورا اوهان جا، جو سڏ تي هليا آيئو.
مون کي هڪل ڪئي هوندان ته مون به ڪنڌ ڪو نه ڪڍايو
هوندو.‘‘ احمد خان ڪنڌ مٿي کڻي ماڻهن ڏانهن
نهاريو، ڄڻ پنهنجا ڪيل ٿورا ماڻهن جي اکين ۾ ٿي
ڏٺائين. ’’جھيڙي کي منهن ڏيڻ مڙسن جو ڪم. پر هڪڙا
ماڻهو اهڙا ٿيندا آهن جيڪي جهيڙو ٽاريندا آهن ــ
اهو به مڙسيءَ جو ڪم . پر ڪي ماڻهو اهڙا ٿيندا آهن
جيڪي ....‘‘ وڏيري ٻيهر ماڻهن ڏانهن نهاريو. ماڻهن
جي چهرن تي سوالن جا پاڇولا ٿڙڪي رهيا هئا. ’’
.... ٻيا ماڻهو اهي ٿيندا آهن، جيڪي وساڻل کي
ڦوڪون ڏيئي ٻارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. چئن چڱن کي پاڻ
۾ ويڙهائي سِرن جي ڀيل ڪرائيندا آهن. چوندا آهن ته
’اصيل جو کاڌل بچي پر چغلي ءَ جو کاڌل نه بچي.‘
مون هن معاملي جي چڱيءَ طرح پڇا ڪئي آهي. هيءَ
جنهن ماڻهوءَ جي ڪري ٿي آهي اسان سان، انهيءَ جون
۽ منهنجون خبرون آهن. پورن ڏهن ڪيسن جي منهن ۾ نه
ڏيانس ته پٽ لڳانس. هتان مڙس ٽٽو آهي سو ويهه وجھي
وڃي جانيءَ کي ٻڌايو اٿس. ڀئي تنهنجو ڪهڙو ڪم پاڙي
جي چڱن ماڻهن کي ٿو ويڙهائين.‘‘
’پر سائين... ‘‘ کمونءَ جو ڏڪندڙ آواز.
’’سائينءَ جا ٻچا چپ ڪر، نه ته توکي به ڪيان سانوڻ جھڙو‘‘
’’سانوڻ!‘‘
’’سانوڻ؟‘‘
’’سانوڻ!‘‘
’’سانوڻ!؟‘‘
کمونءَ کي ائين محسوس ٿيو، چڻ پاڻ ۽ سانوڻ چُلهه جون ڪاٺيون
آهن. ڀت کائڻ واري ته خلق ٻي آهي. |