”عاجز“ اڄڻ
بيت
ڪڙو آهه ڪَڪوههُ، متان پيئو ڙي وينگسو،
جلي ويندو جيئڙو، رجھي ويندو روح،
پوءِ تان سنجھه صبوح، نشا هوندو نينهن جا.
پيتي جن ڀري، وٽي وهه گاڏئين،
”عاجز اُڄڻ“ انهن جي، سري ريءَ نه سري،
ڪندا ڪين ڪَڪوههَ کان، پاڻئون پل پري،
جيسين ڏيل ڏري، تيسين لاهن ڪين لبن تان.
هلي تنهنجي هٽ، موکي متارا آئيا،
ڪڙي تنهن ڪَڪوهَه مان، وٺڻ آيا وٽ،
”عاجز“ چوي عشق ۾ ، سر ڏنائون سَٽ،
پوُريل مَٽيونُ پَٽ، ته وٽيون پيون ڪي وهه جون.
هوڪا آهن هٽ، وهه پيوڙي وينگسو،
جي اٿو اُڃ ازل جي، ته ويهي وٺو وٽ،
ڪڙي هن ڪڪوهه مان، قلبئون لاهيو ڪٽ،
”عاجز اُڄڻ“ جيئن اچي، مرو پاسي مٽ،
ته لَهَنَوَ جيءَ جھنجھٽ، نشا ٿينو نينهن جا.
موکي ٿي چوکي، متارا مري ويا،
”عاجز اُڄڻ“ عشق جي، اهنڊ لڳن اوکي،
سمجھڻ نه سوکي، سولي ڳالهه سري جي.
خاڪي جويو
ڪندي پنڌ پهاڙ ۾
سرتيون ساهه ڏيان، شال مران،
ڪندي پنڌ پهاڙ ۾!
چاڙهي لڱ لڪن تي، پرزا پاڻ ڪيان.
راڳو ڏيئي رت جو، سارو روهه رڱيان.
لوئي لڱ لهوءَ ۾، هاڙهي هڏ هڻان.
”خاڪي“ پائي کرڪڻا، پرين ڪين پڄان.
”بشير“ سيتائي
منهنجا گيت گيان
ماڻهو آءٌ مهان،
مورک منهنجي مام نه ڄاڻن.
آهيان پنهنجي عزم اٽل تي، ازلئون هڪ انسان.
پنهنجي ٻانهن جي ئي ٻل تي، آءٌ وڏو ٻلوان،
ڪانئر جنهن کان روز ڪنبن ٿا، سوئي مان سلطان.
ساکي منهنجا چنڊ ستارا، منهنجو ڄاڻن مان.
ڪنز قدوري ڪو نه پڙهيا مون، آءٌ اڳئي ودوان.
جيون ڪارڻ جھيڙي ۾ مان، ڪيڏو جنگ جوان.
مان نه جھُڪان، سوَ سيس نمايان، آهيان سچ سمان.
مور ”بشير“ نه سمجھن ڀورا، منهنجا گيت گيان.
”منير“ گھانگھرو
پوپٽ جھڙا پل
وقت ڏئي کسيندو آ ڇو؟ پوپٽ جھڙا پل،
ڪنهن کي ڪهڙي ڪل!
وڻجارن جيان ورندو ناهي،وقت وري پاڳل.
نيڻ ٽمن ٿا روز ائين جيئن، برسن ڪي بادل.
پيار گھلي ٿو واءُ جيان ۽، واءُ تي ڪهڙي جھل.
ڏاڙهونءَ جھڙا نيٺ ته ٿيندا، پيلا پيلا ڳل.
رسول ميمڻ
ڏيئا ڏيئا ڏار
ڏيئا ڏيئا ڏار،
وڻ تي وڄ ڪري.
جڏي وڏائي واچ کي،کنوڻ اوڏي خار.
وڻ تي وڄ ڪري.
لڳهه اچي ليٽيا، واءُ وڇايا وار،
وڻ تي وڄ ڪري.
ٻٻرن کان ٿا ٻير گھرو، ڄر تي وجھو ڄار،
وڻ تي وڄ ڪري.
ناز سنائي
ڪيڏو پنڌ ڪيوم، پنهونءَ پير پسڻ ڪارڻ.
پشم پير ڇنا ڙي پهڻن، رت سان روهه رتوم.
ڀڄي ڀري ويو من جو ڪائو، گھرو گھاءُ سٺوم.
مارڳ منجھه مري وئي سسئي، سپنو رات لڌوم.
ميوو خان لاشاري
وائي
آهيان پريم پياسو، سنڌوءَ جا ڪا سرڪ پيار!
سڪ جو رستو سڌو سنواٽو، اوجھر منجھه نه ڦاسو.
”لاشاري“ کي لهر نه لوڏو ڌرتيءَ ڏنو دلاسو.
غلام حسين رنگريز
ڪافي
اوسيئڙي ۾ ڪنهن جي او، منهنجا نيڻ ٽمن ٿا،
من ماندو مٺڙن لاءِ، جھوريءَ منجھه جھڄن ٿا.
ٽم ٽم ٽم ٽم تارا ڪن، تکا تير لڳن ٿا،
ساهه کڻان تان باهه لڳي، جيءَ ۾ جهير پون ٿا.
”عابد“ بلوچ
ڪافي
تو هنيون هيراءِ هٿ ڪيو، قرب ۾ قابو ڪڙي،
جڙ لڳي جانب سندءِ، جند جان وئين منهنجي جڙي.
ٿئين پرين پرڏيهه پرانهون، وڙ ڪري ڪور ور نه ڪيئه,
روز مان راهون ڏسان،من لکي لالن لڙي.
مون اڏايا ڪانگ ڪوڙين، سڌ لڌي سهڻا نه تو.
هُت مزن ۾ تون ،گن هت روح ٿو تولئي رڙي.
ڇو ڀڳئي ڀيرو ڀلا، ويٺين وساري ڇو ولهي؟
مهر ڪر اچ، ماهرو! نه ته ٿيو جيئڻ جنجال ڙي.
تنهنجي اوسيئيڙي ۾ ”عابد“ ٿو گذاري رات ڏينهن،
اچ ته سرچون، پاڻ پرچون، کر ڀلي کامي سڙي.
انور پيزادو
نظم
ٽوپيل نڪ مان
سڳڙو سوري
ڪنواري ڇوري
پنهنجي منهن سان
واندي ويٺي
ڇا ڇا سوچي
ڀاڳ سهاڳ جا
سندر سپنا
ڪيئي جوڙي
ڪيئي ٽوڙي
پاسي واري گھر ۾
وڏيرو
نوٽ ڏيئي ۽
سنمک ٿي
مائيءَ کان هر ڳالهه مڃائي
سودو ٺاهي
ٻٽيهيءَ تان
ڪانوَ تڙي
۽ مڇ وٽي
واندو ويٺو
ڌارئي گھر ۾
گھوري ۽
هوءَ ڇوري
ڀاڳ سهاڳ جا
سندر سپنا
ڪيئي جوڙِي
ڪيئي ٽوڙي.
پنهنجي دل جي زخمن جو
اڄ هڪ هڪ ٽاڪو
آءُ اڊيڙڻ چاهيان ٿو،
مون کي پنهنجا هاريل ڳوڙها واپس ڏي
مون کان پنهنجون ساريون مرڪون واپس وٺ.
تنهنجي مرڪڻ
مرڪي موهڻ
موهي مارڻ، واري سرڪڻ ڦاهيءَ مان
مان جند ڇڏائڻ چاهيان ٿو،
مون کي پنهنجا هاريل ڳوڙها واپس ڏي،
مون کان پنهنجون ساريون مرڪون واپس وٺ.
توکي تنهنجون ڪارون بنگلا
سرمائي سان سهڪڻ واريون
سيف ٽجوڙيون بخش هجن
توسان ڀل هي ڪلبون مهڪن
بار جون ڪوٺيون، ڳاڙهيون شيشيون
تنهنجي هوندي ٻهڪن چهڪن
تون ڀل پنهنجن جيڏن سرن
يارن ۽ مل وارن سان شل خوش هجين،
مونکي تنهنجي ڪهل نه گھرجي
منهنجي اندر
شاعر جي دل ٿي ڌڙڪي
تنهن کي تنهنجي ساڙهيءَ جو اڄ پلو نه گھرجي
مون کي من جي گھرائين ۾
گيتن جي موسيقي گھرجي،
نغما ، نغمن جا سڏڪا
آهون، نيزاريون ۽ ڪوڪون ڪافي آهن
پنهنجي اڊڙيل روح کي ويتر
آءٌ اڊيڙڻ چاهيان ٿو
مون کي پنهنجا هاريل ڳوڙها واپس ڏي
مون کان پنهنجون ساريون مرڪون واپس وٺ واپس وٺ.
ساز تارن جي ڇڄڻ کان پوءِ ڀي
دير تائين وڄي سگھي ٿو من،
تو ته هاڻي ئي منهڙو موڙيو آ
تو ته هاڻي ئي منهڙو موڙيو آ-
پور نماسي رات لڙي هئي،
ڏکڻ گھلي پيو هو،
مون ٻيهر ننڍڙو ٻار ٿي
چيو هو
چنڊ ته لاهي ڏيو-
وس پڄي،
هي وايو منڊل
هڪڙي هنڌ بيهاري،
گھُوري گھُوري
هن ڳڙکيءَ مان
رات سڄي هي چنڊ ڏسان.
زندگي
ڪيڏي به رُکي ،
ڪيڏي به ڏُکي،
ڪيڏو نه ڏچو،
جي سچ پڇو،
موت کان پياري آ.
کٽمٺڙي جان تنهنجي جواڻي،
ننڍڙي ٻار جيان مان آهيان،
تون ٿي مرڪين،
روح ٿو سرڪي،
وات ڪري ٿو پاڻي پاڻي،
کٽمٺڙي جان تنهنجي جواڻي.
سير ڏئي هي رت ڪڍي وڃ،
پيرن هيٺان ڀونءِ ڇڪي وڃ،
هٿ جي هڪ هڪ آڱر لاهي،
گھڙي، ڇلهي ۽ ڇانگھي ٺاهي،
ساڄي هٿ کي نپُ هڻي وڃ،
پوءِ پوين جيئن
تيئن لکان-
سج کي هڪڙي جاءِ ٻڌي،
پاڇن کي ڪو ونگ هڻي،
ڌرتيءَ تان هي ڌوڙ ٻهاري،
ماڻهن کي هڪ جاءِ وهاري،
اوٻاسيون ۽ آهه کڻي وڃ،
پوءِ چوين جيئن
تيئن لکان-
يڪتاري کي چپ ڪرائي،
ڇيرين جو ڇمڪار وڃائي،
آوازن کي تالو ڏيئي،
سڏڪن کي ڪا ڦاهي ڏيئي،
ڳوڙهن کي قتلام ڪري وڃ،
پوءِ پوين جيئن,
تيئن لکان-
جوڀن جا سوين رنگ لڪائي,
ميڇن کي ماري ۽ مڃائي،
سُهڻين جي سيني کي لڪائي،
جسم سندو احساس لڪائي،
سچ سمورو ساڻ کڻي وڃ،
پوءِ چوين جيئن,
تيئن لکان-
وائي
ڳيت ڏيئي ڇڏ سور ڳهي ڇڏ،
جندڙي لڙڪ وهائي،
جيئڻ سولو ناهي-
اونده جا اوڙاهه جي ايندا،
سهبا سينو ساهي،
جيئڻ سولو ناهي-
ڏات ڏڪي ٿي،ڏاڍ ڏنگي ٿو،
ڏنڀ اچي ٿو ڏاهي،
جيئڻ سولو ناهي-
جان اصل کان اچڻي وڃڻي،
پوئتي هٽڻو ناهي،
جيئڻ سولو ناهي-
دوکي جي هن دنيا اندر،
مرڻ ته سولو آهي،
جيئڻ سولو ناهي-
گيت
منهنجو من اداس کنياتا،
لنوُ ڪا لات پرينءَ جي -
رت بسنتي موٽي آئي،
منهنجي من ۾ مونجھه اهائي،
پرينءَ نه آهي واڳ ورائي،
چوٿون هي چوماس کنياتا،
لنوُ ڪا لات پرينءَ جي -
سنهڙي سنهڙي سرءُ ٿي وائي،
ڏکيل منهنجو ڏيل ڏُکائي،
ڪانگا! چپ آن، ڇاهي؟
منهنجي آس نراس کنياتا،
لنوُ ڪا لات پرينءَ جي -
اڃا به اوسيئڙو ٿو جياري،
سدا ٻنڀي مان ننيهن نهاري،
پريت ڪڏهن ٿو پريتم پاري،
آزاريندڙ آس آ کنياتا،
لنوُ ڪا لات پرينءَ جي -
منهنجو من اداس کنياتا،
لنوُ ڪا لات پرينءَ جي -
ڏات
منهنجي ڏات ڏکويل ڏاڍي
هڪ هڪ ماڻهو آڏو پنهنجو هٿ ڊگھيري
سوال ڪري ٿي ـــ
هڪڙا ماڻهو مڙي ڏسن ٿا
هليا وڃن ٿا
هڪڙا ماڻهو بيهي، هن کي گھوري گھوري چپ چٽن ٿا ـــ
هڪڙا ماڻهو ننهن کان چوٽيءَ تائين
هن کي تڪي تڪي
پوءِ اگھه پڇن ٿا
هڪڙا ماڻهو هن کي هٿ مٿي تي ڏيئي
سمجھائن ٿا
هڪڙا ماڻهو ، چري چئي
هڪ ٽهڪ ڏين ٿا
هڪڙا ماڻهو
منهنجي ڏات ڏکويل کان ڀي
گھڻو ڏکويل هوندي
هن ڏي اک وتائي،
ڳوڙها آڻي مرڪي ڏين ٿا،
منهنجي ڏات ڏکايل پنڻي ڇوريءَ وانگي
پنهنجا خالي پلوَ ڇنڊيندي
گھر اچي ٿي
۽ ڪن تي هٿ رکي ڳائي ٿي
بک جون تارون تاڻي
سور جي سرندي کي سرڪائي
سُڪي ويل ۽ ٺوٺ هٿن جي
هڪ هڪ آڱر سان ڇيڙي ٿي.
رت ٻڏل اواز اچي ٿو
گيت جڙي ٿو
منهنجي ڏات ڏکويل
ڳاڙهوگيت کڻي بازار وڃي ٿي
۽ هڪ هڪ ماڻهوءَ آڏو
پنهنجو هٿ ڊگھيري
سوال ڪري ٿي
منهنجي ڏات ڏکويل ڏاڍي،
منهنجي ڏات ڏکويل ڏاي.
عظيم سومرو
دشمن جي موت تي
ڏاڍو اڄ خوش ٿيس ٻڌي هيءَ خبر:
منهنجي دشمن کي جوکو پهتو آ ــ
پر ستت ئي اداسي ويڙهي وئي!
ڄڻ ته بجليءَ جو ڪو ڪرنٽ لڳو ــ
ڄڻ ته مون سان به ائين ٿيڻو آ! ...
مون کي به اهڙو ڏينهن ڏسڻو آ!
جنهن جي انجام تي جڏهن سوچيم ــ
ٻاڙرا بکيا ۽ اگھاڙا ڏٺم!
منهنجي دشمن کي ڀي ٻچا هوندا،
حال ٻچڙن جا هي جڏهن ڏسندو
ڪنگي پيءُ جو من لڇي پوندو،
ٿي سگھي ٿو ــ
هو بک کان بيوس ٿي ـــ
سک ٻين جو به پوءِ ڦٽائي ڇڏي،
۽ اڃا ڀي وڌيڪ ڪيس ڪري ــ
هي به ممڪن آ
سوچي ... سمجھي وڃي ـــ
پر، مان سمجھان ٿو هو نه سوچيندو ،
ڇو ته سوچي ها، اڳ به سوچي ها ــ
شال هر ڪوئي ماڻهو شاد رهي ـــ
پر هي دستور ڪيئن ٽٽي سگھندو ـــ
جو کلائيندو، ڪنهن کي کلندو نيٺ ــ
جو جلائيندو، ڪنهن کي جلندو نيٺ،
کيس سڀ ڪجھه ٿو معاف ڪيان
ڪاش مان کيس اڄ کلائي سگھان.
اطهر منگي
ڪومل جذبا، سهڻيون سوچون
ڇا، مان، ڄڻ ڪو آهيان ٻارُ
جنهن کي روئڻ تي،
کٽمٺڙو يا رانديڪو ڏئي،
پيار ڀريا ڪي جملا چئي،
کن پلڪ لئه هنج کڻِي،
ڪو ريجھائي،
ٻارڙي کي آٽي تان لاهي،
اهڙو ٿا ورتاءُ ڪيو،
گھرو دل جو گھاءُ ڪيو
مون وٽ ڇاهي؟
ڪومل جذبا،سهڻيون سوچون،
تن جو ڪين خيال ڪيو ٿا،
تن کي ڇو؟ پامال ڪيو ٿا،
ڪجھه ته سوچيو،
ڪجھه ته ٻوليو.
سرور سيف
ٽيڙو
رَڌُ نينگر پلي،
پاڻ غريبن لاءِ -
پُلاههَ ڪِنان به ڀلي.
احمد خان ملڪاڻي
نظم
شام جي هن سانت ۾:
اداس هوا جي جھوٽي سان
زرد گلن جي ٻوٽي تان
جڏهن گل ڇڻي، ڪو پن ڪري
ڌرتيءَ جي هن سيني تي
مان سوچ جي گھري ساگر ۾
غرق ٿيو ٿو غور ڪيان.
نانگراڻي
دوها
ڏات اهو آ سمنڊ، انت نه جنهن جو ڪوئي!
جيڪو پيِڙا ڀوڳي ٿو، موتي ميڙي سوئي.
روڳي آ سنسار سڄو ئي، دک ته کٽڻو ناهي،
جيڪو جيءُ جلائي سائين، جيت انهيءَ جي آهي.
رامائڻ آهن گھڻا، پر ڪاٿي تلسيداس؟
هجي ڪهڙي جوڻ ۾، هوندو پڪ اداس!
ڪاري رات اماس جي، وياڪل من ٿيو،
لڳو آهي ڦڙڪڻ ڇو، ويساهه جو ڏيو.
تنهنجي تات تپايو، رات نه آئي ننڊ،
ڪوئي وڄائيندو رهيو، مندر ۾ گهنڊ.
لوڪ چوي چريا! ڪهڙا ويٺو پور پچائين؟
اٿي آڌيءَ رات جو، ڪنهن جي ڪارڻ ڳائين؟
”نقاش“
گيت
روح کان راڳ رُسي ويو پيارا، تند تنوار نه ڪائي،
من کي مونجھه وڪوڙي وئي، مون رُئندي رات وهائي،
دنيا وارن ٽوڪر بازي توتي، مون تي لائي،
توکي ڪوٺن ٿا هرجائي ۽ مون کي سودائي،
لوڪ سندا لاڳاپا لاهي، آءُ ته ڪريون پرچاءُ،
توريءَ ساءُ جيئڻ جو ناهي، آءُ او دلبر آءُ،
تنهنجي سونهن سهاري سانول سڀني کان منهن موڙيم،
لوڪ سندا لاڳاپا لاهي،تنهنجي ڪارڻ ٽوڙيم،
جايون جيءُ ۾ جانب! تولئه، جاڳي جاڳي جوڙيم،
ڏونگر ڏونگر ڏوريم تو لئه، وندرُ وندرُ ووڙيم،
اُڏري اڏري جھاڳي آيس امبر جو ڦهلاءُ،
توريءَ ساءُ جيئڻ جو ناهي، آءُ او دلبر آءُ،
سوال سسيءَ جو چنگ ۾ چارڻ، چور ته ڪُلهنئان ڪوريون،
تند تپائج تيز ته ٻيجل، جھونا ڳڙهه کي جھوريون،
سُک ڇڏي سڀ، سرتا، نڪرون، گھر تڙ سُرَ تي گھوريون،
ڇا جا راز ۽ ڇا جون رمزون،آءُ ته اندر اوريون،
پڌري ڳاءِ پريت جي وائي، ڇا جو لِڪُ لِڪاءُ،
توريءَ ساءُ جيئڻ جو ناهي، آءُ او دلبر آءُ!
جي تون مون سان گڏجي هلندين، ڏونگر کي ڏوريندين،
پنهنجن مٺڙن مارن لئه جي جيءُ کڻي جھوريندين!
ماٺ ۾ آيل تارن کي جي چاهه منجھان چوريندين،
ويريءَ جو ڪنڌ ساڻ ڪٽاري ڪوڏ منجھان ڪوريندين!
پنهنجو پيار امر ٿي ويندو، جيئندي جيجل ماءُ،
توريءَ ساءُ جيئڻ جو ناهي، آءُ او دلبر آءُ!
سو ڏينهن نيٺ ته ايندو پيارا، ڏيهه ڏڪاريا مرندا،
تن سان جيڪي ساٿ ڏين ٿا، ڳڻتين ۾ سي ڳرندا،
ڏوٿي آجا ڏک مان ٿيندا، ڏيل نه تن جا ڏرندا،
پنهنجا سينا نيٺ او سانول ، ٽهڪي ٽهڪي ٺرندا،
نيٺ وڇوڙا ويندا، پرچي گڏبو ڀاءُ سان ڀاءُ،
توريءَ ساءُ جيئڻ جو ناهي، آءُ او دلبر آءُ!
مير محمد پيرزادو
ڏينهن هڻن ٿا ڏنگ
(گيت)
سونا سونا سنگ،
ٻنين ۾،
سونا سونا سنگ!
ڪنهن جي پوتي، ڪنهن جو چولو،
ڪنهن جي پيٽ ڀرڻ جو لولو،
ڪنهن جي عزت، شان ۽ شوڪت،
ڪنهن جا آهن ننگ،
ٻنين ۾
سونا سونا سنگ!
مرڻ جيئڻ جو ڪنهن جو سوال،
هيڻا هڏڙا هيڻو حال،
ڪنهن جا پيار ته ڪنهن جي سار،
ڪنهن جا آس امنگ،
ٻنين ۾
سونا سونا سنگ!
ريج جي عيوض رتڙو هارڻ،
آب اڃين کي اهڙو پيارڻ،
ساري ڌرتي وستي وستي،
ريٽا ريٽا رنگ،
ٻنين ۾
سونا سونا سنگ!
پوک پڪل جا سنگ نچن ٿا،
خاموشيءَ ۾ ساز وڄن ٿا،
جھولن جھولن جھومن ڳائن،
ڄڻ ته هوا ۾ چنگ،
ٻنين ۾
سونا سونا سنگ!
هر ڪا ڪاٺي ڦٽي ڦاٽي،
موسم آ ڄڻ مڌ جي ماٽي،
شالون سايون مند ڍڪايون،
جھُومن ٿا جھر جنگ.
ٻنين ۾
سونا سونا سنگ!
جاڏهون ڪاڏهون جھاريون هڪلن،
ورهن جا ٿا وڇڙيل گڏجن،
تون جي ناهين توريءَ سائين،
ڏينهن هڻن ٿا ڏنگ،
ٻنين ۾
سونا سونا سنگ!
هاڻ هوا ۾ ڳيچ ٻرن ٿا،
چپ سندا چپ چرن پرن ٿا،
سيڄون سايون مند وڇايون،
ڍول اچڻ جا ڍنگ،
ٻنين ۾
سونا سونا سنگ!
منظور ظفر
گيت
پنهنجي ڌرتيءَ مٿان، پريت جا ڳيت جھومي جھلي ڳائجن،
روح ريجھائجن.
سڪ ساڳيءَ اندر ڇڪ ساڳيءَ اندر ڀڪ ساڳي وٺي،
وير ويڇا ڇڏي، گوڏو گوڏي گڏي ، پاڻ ۾ هڪ ٿي،
چاهه جي راه ۾ ،چنڊ چمڪائجن، مُک مرڪائجن-
سر ورکائجن،
هو ڏسو پيرسن مچ تي موج مان، ڪيئن نه ڪانڀون ڪڍن،
حب مان هڪ ٿي پاڻ ۾ پيهجي، حال اورن ونڊن،
پيار پاٻوهه مان، سور سرچائجن پور پرچائجن،
پيچ پيا پائجن،
مينهن پئي بر تي، ٿر جي گھر تي، ڪنڍيون ڪاهي ڪڍن،
ڪوملان موملان،پٽ تان پيار مان، کوڙ کنڀيون پٽن،
چڳ کي چاڳ مان ڇيڪ ڇوريون وٺن گھوٽ ٿا گھائجن،
نينهن ٿا لائجن.
محمد رمضان ”زلفي“
گيت
صديون گذريون روئندي روئندي، مليو نه من جو ميت،
ڪوڙي جڳ جي پريت اوساجن، ڪوڙي جڳ جي پريت،
بسنت ويئي پن ڇڻ آئي، منهنجو من گھٻرائي،
رُت رُسي وئي، تو بن ساجن، ڪير اها پرچائي،
دل تڙپائڻ اصلئون آهي، پاپي جڳ جي ريت.
وڻ وڻ آهي ورهه وڪوڙيو، گلشن ٿيو ويران،
توبن ساجن منهنجي من جي، دنيا آ سنسان،
سڏڪي پيو سنگيت او سائين، روئي پيو هر گيت.
ماٺيڻو اوٺو
گيت
گھايل منهنجو من گھٻرائي،
آئين ڇو نه الائي؟
تنهنجي ويٺي واٽ نهاريم، روئي روئي رات گذاريم،
ويٺيس واٽ وڃائي،
آئين ڇو نه الائي!
گھائل دل ڇو ٿو گھائين، مٺڙا منهنجي من جا
سائين،
ڏک ٿو ڏيل ڏڪائي،
آئين ڇو نه الائي!
تنهنجي درشن لئه واجھايان، پوتيءَ جا پئي پاند
پسايان،
جھوري جان جلائي،
آئين ڇو نه الائي!
پير بخش پياسي
چونڪ
ٽم ٽم تارا اڀ ۾ ٽمڪن، سهڻي هن آڪاس جي هيٺيان،
ڌرتي پنهنجي سر تي ڏس، جيئرا ماڻهو ڪيئن پيا
ڦٿڪن!
ماڻهو ماڻهو آهي نراس، چونڪ چونڪ ڳلي ڳلي ۾،
هيسل هيسل هيڻو هيڻو، ڪنهن کي ناهي ڪو احساس!
ڏاڍو ڏس ير گابو سائين. پورهيت ڄڻ چور لفتگو،
کٽ تي کائي حڪم هلائي، سڏجي هت سو بابو سائين.
جنهن جي سيني ۾ آ سور، سوئي اٿيو سوئي جاڳيو،
تنهنجي من منجھه مونجھه ۽ پيڙا، توکي ڪو نه پيو
ڇو پور؟
درد منجھان ڪو دونهن دکائي، چڻگ منجھان ڪو مچ
مچائي،
ويو من ۾ منهنجي آڳ لڳائي، چئو تنهن کي سائين
ڪير وسائي.
”نثار“ بزمي
ماڻهو
کڻي ڪاغذ جھان جا ڪتيرا ويهي لکان ماڻهو،
نئين سج سان ڏسان دنيا ۾ ٿو نوان ماڻهو.
اندر ڪن جو اڇو آهي ته، ڪي بس قلب جا ڪارا،
ٿين ٿا خار وانگر ڪي ته ڪي گلڙن جيان ماڻهو.
ڪڏهن پاري جيان ٿي سرد ڳالهيون ٿا ڪڍن ٿڌيون،
ڪڏهن ساڳيائي، بڻجي ٿا پون برق تپان ماڻهو.
بهارن کي سڏي هڪڙا ته، جنت کي بڻائن ٿا،
مگر ٻيا ڪي بهارن کي تڙي آڻن خزان ماڻهو.
وساري پنهنجاڪرتب ڪي ڇڏن تاريخ ئي ڊاهي،
مگر برعڪس ان جي ڪي ٿا ٺاهن داستان ماڻهو.
ڪٿي سائل ڪٿي آهن،سخاوت جا وري صاحب،
رهن ٿا ڪي ته بيگانا، رهن ڪي شان سان ماڻهو.
ڪٿي ننگا ٿيو بلڪل وتن ٿا روح روليندا،
ڪٿي سينگارجي سهڻا ٿي نڪرن ٿا گھران ماڻهو.
نه هڪڙو آهي ٻي جھڙو، الڳ آ انگ هر ڪنهن جو،
نرالا ٿا رکن پنهنجي بدن تي هر نشان ماڻهو.
گھڻا گفتار جاغازي ته، ڪي ڪردار جا ڪوڏيا،
زبان هوندي به هڪڙا ڄڻ ته آهن بي زبان ماڻهو.
ٿئي انصاف جو ٿو خون ڪن جي هڪ اشاري سان،
مگر ٻئي طرف آهن سراسر قدردان ماڻهو.
ڪٿي آهن گلابن جي گلن جھڙا نرم نازڪ،
ڪٿي فولاد جھڙا ٿي پون ٿا سخت جان ماڻهو.
پيا ڪي غار ۾ آهن، نه اُس جو ٿا ڏسن تڙڪو،
ڪري قدمن ۾ ڪي آيا وري ڏس ڪهڪشان ماڻهو.
هي ماڻهن جو جھان آ،نه آهي کوٽ ماڻهن جي،
مگر بيزار ماڻهوءَ کان ٿو ’بزمي‘ مان ڏسان ماڻهو.
”ناشاد“
نظم
ڪهڙا سندر سهڻا ماڻهو،
نازڪ نازڪ گلڙا ماڻهو.
ماکيءَ کان وڌ مٺڙا ماڻهو، کيرن کان وڌ خاصا
ماڻهو.
جيڪــــــــــي موتيءَ داڻا مـــــــــــــاڻهو،
سي ته پري کان پڌرا ماڻهو.
دل جا آهن دريا ماڻهو، دان ڏين ٿا دُهرا ماڻهو.
خاص خدا هي خلقيا ماڻهو، ڌرتيءَ لاءِ هي فرشتا
ماڻهو.
جيئن ئي گھر کان نڪتا ماڻهو،بيهي ويا سڀ رستا
ماڻهو.
نــــــــــــــوان، نڪـــــــورا، تازا
ماڻهو،مکڙيون ماڻهو، غنچا ماڻهو.
ٽانگر وانگر ٽهڪن ٻهڪن، مُگرا ماڻهو، موتيا ماڻهو.
ڳاڱن جھڙا ڳل جني جا پاڻ ته مينديءَ ٻوٽا ماڻهو.
سـورج گل کـــــــــــــــــــــان وڌ نماڻا، نيل
ڪمل جان نهٺا ماڻهو.
چانڊوڪيءَ جان چهرا چهڪن، اندر جا پڻ اُجرا ماڻهو.
مهڪ تني جي مست بڻايو، ڄڻ ته چنبيليءَ وهنتا
ماڻهو.
خوشبو سان سا وستي واسي، ساماڻا جو سُرها ماڻهو.
انڊلٺ وانگر آرس موڙي، مورن وانگر ٽليا ماڻهو.
جلوا جن جا جاري ساري، اٺ ئي پهر عجوبا ماڻهو.
اکڙيون ڪجليون، نينهن نشيليون، سرس ٿا پائن سرما
ماڻهو.
سرمو تن لئه سون سهاڳو، سڀ کان سونهن سوايا ماڻهو.
هانو جني جا جرڪن جرڪن، ماڻڪ ماڻهو، هيرا ماڻهو.
روح جني جا روشن روشن، اجرا اجرا مکڙا ماڻهو.
تن کي ڪهڙي ڪاڻ منڊين جي، جيڪي پاڻ ئي ڳهڻا ماڻهو.
قيمت تن جي ڪٿ نه ڪائي، سونا ماڻهو، روپا ماڻهو.
بت تنين جو خوب تراشيل، مر مر جا ڄڻ پتلا ماڻهو.
جان مٿي جنسار ٿا سونهن، وه وا پائن جھُوڙا ماڻهو.
جن جي پير پڻي ڀي ناهن، شهر سڄي جا سهڻا ماڻهو.
هاءِ اسان جا ڀاڳ ڀلارا، تنهن ڏينهن مليا اهڙا
ماڻهو.
آس جيئڻ جي جاڳي جيءَ ۾، پنهنجي ڀر جو ويٺا ماڻهو.
شال هجن خوشحال سدائين، رانجھن ماڻهو، راڻا ماڻهو. |