نقاد نه ڪو قصيده گو آهي، جو پنهنجي پسنديده اديب لاءِ ويهي
مداحون گهڙي، ۽ نه ڪو حجام آهي جو مُڏيءَ پاڪيءَ
سان ويٺو اديبن جا مٿا ڪوڙي!
* * *
هڪ حاسد، ڪينه پرور، متعصب ۽ انتقامي جذبات رکندڙ ماڻهو نقاد ٿي
نٿو سگهي. نقاد، ته هڪ شريف النفس، وسيع القلب
ماڻهو ٿي سگهي ٿو. جو رحمت ۽ رافت جي جذبات سان
سرشار هجي. جو ذاتي ۽ شخصي تعلقات کان بالا هجي.
جو مک وانگر رڳو گندگيءَ جي ڍير تي نه ويهي، پر
ماکيءَ جي مک وانگر، حسين ۽ جميل، عطر بيز ۽ روح
پرور فني گلستان مان رس چوسي، مٺي ماکي بنائي
سگهي.
- غلام محمد گرمي
مهراڻ 1-2/1973ع
مضمون
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ
سنڌي شاعريءَ جا بانيڪار -1
سنڌ جي اوائلي شاعري بابت عمومن اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته اها سومرا
دور کان شروع ٿي، پر انهي بابت ڪو به مستند مواد
موجود نه آهي، البت ڪي دوها، ڪن تاريخي شخصيتن
ڏانهن منسوب ڪيا ويا آهن جي يا ته پوءِ جا گهڙيل
آهن، يا ڪن فارسي نسخن تان ورتل آهن. اهي فارسي
ڪتاب گهڻو پوءِ جا لکيل آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن
جي مصنفن ٻڌل شعر جا ٽوٽڪا پنهنجي ڪتاب ۾ نقل ڪيا
هجن. سنڌي شاعري جي شروعات ڪيتري به پراڻي هجي،
پر ان تي مستنه مواد سورهين صدي عيسوي کانپوءِ ئي
دستياب ٿي سگهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو انهي دور
جي شاعرن ۾ قاضي قادن، مخدوم نوح ۽ شاهه عبدالڪريم
بلڙي وارو وڏي اهميت رکن ٿا. سندن شاعري سنڌ جي
بنيادي شاعري تسليم ڪئي ويئي آهي ۽ جيڪي شاعر
کانئن پوءِ آيا، انهن گهڻو ڪري سندن تقليد ڪئي آهي
۽ اهوئي خيال پنهنجي شاعري ۾ ظاهر ڪيو آهي. ان
ڪري انهن بانيڪار شاعرن جو سنڌي شاعري ۾ اهو ساڳيو
درجو آهي جيڪو عربي شاعري ۾ الاخطل، فرزدق ۽
جرير جو آهي ۽ انگريزي شاعرن جو ڪلام اصليت تي
مبني آهي، ۽ انهن نهايت وڏيون تصنيفون ڇڏيون. سنڌي
بانيڪار شاعرن جي ڪلام جو سڄو ڍانچو گهڻو ڪري
تقليد ۽ نقالي تي ٻڌل آهي. اها حقيقت انهن شاعرن
جي ڪلام مان واضح آهي.
قاضي قادن:
سنڌي بانيڪار شاعرن جو اڳواڻ قاضي قادن آهي، جو اصل ۾ درٻيلي جو
رهاڪو ٻڌايو ويو آهي. هن سمن جو آخري دؤر ۽ ان
کانپوءِ ارغونن جو دور پڻ ڏٺو. سندس زماني ۾ ٺٽي
تي ارغونن جو قبضو ٿيو ۽ اتي ڦرمار ڪئي ويئي. مير
معصوم بکري جو چوڻ آهي ته ارغونن جي لشڪر ٺٽي ۾
ظلم ۽ زبردستي جي بازار گرم ڪري ڇڏي ۽ ماڻهن جي
عزت ۽ مال لٽيو، قاضي قادن جا ٻار ٻچا به ٺٽي ۾
هئا ۽ قيد ڪيا ويا، ان ڪري هو چرين وانگر ٺٽي جي
گهٽين ۾ کين ڳوليندو رهيو. اصل عبارت هن ريت آهي:
” زيراکه اهل وعيال قاضي نيز به بند افتاده بود
واو سراسيمه وار در کوچه تهته گم کردگان خود رامي
جست“
(1)
تحفته الڪرام ۾ ٻڌايو آهي ته
حافظ محمد شريف جي چوڻ تي ٺٽي جي ماڻهن تان قتلام،
ڦرمار جو خاتمو ٿيو، نه ته ڪو به ماڻهو انهي مصيبت
مان آجو نه ٿي سگهي ها. وڌيڪ مذڪور آهي ته 11
محرام کان 20 محرم 927 هجري تائين، ٺٽي جي شهر کي
نڌڻڪو سمجهي لٽيو ويو هو.(2)
جيئن ته ارغون چنگيز خان جي نسل مان هئا ۽ مغل
(منگول) هئا، ان ڪري انهن پنهنجي اباڻي ظالماڻي
طور طريقي کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪو به گهر سگهو نه
ڇڏيو. اهوئي سبب آهي جو انهي واقعي کي تاريخ ۾
”خرابي سنده“
(3)
لکيو ويو ۽ ان محاوري ( چوڻي) مان ابجد جي حساب
موجب ساڳيو سال يعني 927 هجري (521 عيسوي) نڪريو
اچي.
طبقات اڪبري ۾ وري هن ريت ٻڌايو ويو آهي ته شاهه بيگ ارغون اتر
سنڌ ۾ بکر جو قلعو ڳالهين رستي قاضي قادن کان هٿ
ڪيو هو، جو ان وقت انهي قلعي جو محافظ هو. کيس ڄام
نندي انهي قلعي تي مقرر ڪيو هو، پر هن قلعي جي
دفاع ڪرڻ بدران، شهر جون ڪنجيون قنڌار جي حاڪم جي
حوالي ڪيون.(4)
قاضي قادن جو اهو قدم غداريءَ
جي مترادف هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو تختگاهه ٺٽو، ڄام
فيروز جي هٿ ۾ هو ۽ بکر جو قلعو دشمن جي حوالي
ڪرڻ سان، هن لڪي جبل تائين سنڌ جو وڏو حصو ڌارين
جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو. جنهن لاءِ تاريخ ۽ سنڌ جا ماڻهو
کيس ڪڏهن به معاف نه ٿا ڪري سگهن.
قاضي قادن سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن جا دوها لکت ۾ مليا
آهن، ٻڌايو ويو آهي ته هي صاحب قاضي ابوسعيد بن
زين الدين جو پٽ هو هو ۽ هو ٺٽي ۾ ڄائو، پر ڪن جو
خيال آهي ته هو سيوهڻ جو رهاڪو هو. قاضي قادن
تفسير، حديث ۽ فقهه جو وڏو عالم سمجهيو وڃي ٿو. هو
سيد محمد مهدي جونپوري جو مريد هو. کيس ميرزا شاهه
حسين ارغون بکر جو قاضي مقرر ڪيو هو. آخر ۾ هن
گوشه نشيني اختيار ڪئي ۽ سنه 958هه (1551ع) ۾ وفات
ڪيائين.(5) هن فارسي شعر جو هڪ وڏو ديوان ڇڏيو آهي، پر
سندس مشهوري انهن ستن دوهن جي ڪري آهي، جي سنڌي ۾
آهن ۽ بيان العارفين ۾ محفوظ ڪيا ويا آهن. اهي ست
دوها( ٻه سٽا بيت) سنڌي ٻولي جا بنيادي شعر سمجهيا
وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن جي تنبع تي پوءِ جي ايندڙ
شاعرن شاهه عبدالڪريم، مخدوم نوح، ابوالحسن،
ساميءَ، لطيف ۽ ٻين پنهنجا پنهنجا بيت جوڙيا. قاضي
قادن جا دوها گهڻو ڪري هندو ويدانت جي فلسفي تي
ٺهيل آهن، جنهن جو ان وقت هند پاڪ اپکنڊ ۾ وڏو اثر
هو، ويدانت مان مراد آهي ”وحدت الوجود“ ۽ ان جي
معنيٰ آهي ته جيڪو به ڏٺو وڃي ٿو، اهو سڀ ڪجهه خدا
آهي، ان ڪري خلا، وقت، انسان، تارا ۽ گرهه، وڻ ٽڻ
سڀ خدا جو حصو آهن. ڏٺو ويندو ته اها حقيقت انسان
جي عملي زندگي ۾ به سچ ثابت ٿي آهي. ماڻهو جي سڄي
حياتيءَ جو دارو مدار ماحول تي آهي ۽ ماحول ئي
اسان جي زندگي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري
ٿو. اهڙي طرح اهو به مڃيو ويو آهي ته سج، چنڊ،
تارا، زمين ايستائين جو وڻ ٽڻ به انسان جي زندگي
تي اثرانداز ٿين ٿا. جيڪڏهن ماحول پاڪيزا ۽
ايمانداري تي ٻڌل هوندو، ته چڱي ڪم ڪندڙ ماڻهو جو
قدر ڪيو ويندو، پر جي ماحول ڏاڍ ۽ چاپلوسي تي ٻڌل
هوندو ته ان ۾ خراب ۽ غلط قسم جي ماڻهن کي فورغ
حاصل ٿيندو. وحدت الوجود اسلامي شريعت جي اصولن جي
بلڪل منافي آهي، ۽ شرڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو
منصور حلاج کي ڦاهي ڏني وئي. ڇاڪاڻ ته هن
”اناالحق“ جو نعرو هنيو هو. منصور حلاج در حقيقت
سنڌ ۾ به آيو هو ۽ ويدانت جو سبق ابوالعلي سنڌيءَ
کان ورتو هئائين. دين اسلام فقط وحدت الشهود جو
قائل آهي، يعني ته جيڪي ڏٺو وڃي ٿو اهو سڀ الله جي
مخلوق آهي ۽ ان جي تابع آهي ۽ نه ان جي برابر. ان
هوندي به اسلامي تاريخ جا وڏي ۾ وڏا بزرگ، عالم ۽
شاعر وحدت الوجود جي فلسفي تي هلندڙ هئا. ابن
العربي، ذوالنون مصري، عبدالڪريم جيلي، فريد الدين
عطار، بازيد بسطامي وغيره سڀ وحدت الوجود جا حامي
هئا. سنڌ جا ٻه وڏا بزرگ جهڙوڪ شيخ عثمان ( قلندر
شهباز) شاهه لطيف، سچل سرمست، خير الدين شاهه بکر
وارو، ۽ ٻيا سڀ وحدت الوجود جا قائل هئا ” قلندر
شهباز“ جو چوڻ آهي:
من ان درم ڪه در بحر جلال الله هستم،
به ڪوه طور باموسيٰ کليم الله بود هستم.(6)
(مان الله جي جلالي بحر جو موتي آهيان، ڪوهه طور تي موسيٰ جنهن
سان ملاقات ڪئي اهو مان هوس). اهڙيءَ طرح خير
الدين شاهه بکر واري جو قول آهي ته:
ڪوهه ڪريندا قبلو، جن سڃاتو سبحان،
پربن اسين پاڻ، سجدا ڪريون ڪنهن کي.(7)
شاهه لطيف ڀٽائي انهي خيال بابت وري هن ريت فرمائي ٿو:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.(8)
قاضي قادن جي جوڙيل دوهن مان هر هڪ دوهو انساني زندگي ۾ روحانيت
ڏانهن ويندڙ رستي (طريقت) جو ڪو نه ڪو آزمودو آهي،
جنهن کي شاعر نهايت خوش اسلوبي سان نباهڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي، سڀ کان پهريون دوهو روحاني بيداريءَ
متعلق آهي، جنهن، ۾ هندڪو لفظ جوڳي استعمال ڪيو
ويو آهي:
جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.(9)
(مطلب ته آءُ غفلت جي ننڊ ۾ هوس،مون کي جوڳيءَ يعني مرشد) اچي
انهي ننڊ مان اٿاريو، ان کانپوءِ آءُ سئين رستي تي
پهتس. هن دوهي ۾ مرشد يا رهنما کي جوڳي سڏيو ويو
آهي. جوڳي اهو نه جيڪو نانگ بلا ئون کڻي هلي، پر
اهو جيڪو جوڳ ڪري يعني ته پاڻ کي پچائي، راتيون
جاڳي پنهنجي نفس کي ماري، ايترو ته بلند ٿي وڃي،
جو دنيا جي ڪابه لالچ کيس لالچائي نه سگهي. در
حقيقت اهو جوڳي آهي، جيڪو روحانيت جو رستو ڏسي
سگهي ٿو ۽ نه ملان يا پنڊت يا پير يا مرشد. جوڳي
لفظ جو ڪم آڻڻ ۽ جوڳي جو طالب کي سجاڳ ڪرڻ جو
مفهوم قاضي قادن ڀڳتي تحريڪ کان ورتو ٿو ڏسجي جنهن
جو ان وقت ننڍي کنڊ ۾ تمام گهڻو اثر هو.
ڪبير ڀڳت جو چوڻ آهي ته پنڊت يا مولوي جيڪي ڪتاب پڙهي پاڻ کي
عالم ۽ روشني جا صاحب تصور ڪن ٿا، تن ۾ تر جيتري
به روشني ڪانهي، اهي جوڳي جيڪي رات ڏينهن حق جي
ڳولا۾ رڌل رهن ٿا، ۽ دنيا جي زندگي انهن لاءِ ڪابه
وقعت نٿي رکي. فرمائين ٿا ته:
پنڊت اور مشالچي، دونون سوجهي نانهن،
اورون ڪو ڪر چاندنا، خود اندهيري مانهن.(10)
يعني ته پنڊت ۽ مشعل بردار ٻيئي انڌا هوندا آهن. اهي جيتوڻيڪ
ٻين جي لاءِ روشني ڪن ٿا، پر پاڻ اوندهه ۾ هوندا
آهن. جوڳي جو غير اسلامي لقب، جيڪو قاضي قادن
پنهنجي دوهن ۾ استعمال ڪيو آهي، تنهن کي مخدوم نوح
پڻ پنهنجي شعر ۾ ڪم آندو آهي. مخدوم نوح، قاضي
قادن وانگر سنڌي شاعريءَ جو بانيڪار تسليم ڪيو وڃي
ٿو ۽ هر اسلامي تصوف جي سهروردي طريقي سان وابسته
هو ۽ شريعت جو پابند بزرگ هو. سندس دوهو هن ريت
آهي:
نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سي سامي واٽ،
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻيا.(11)
جيڪي ڪبير پنهنجي کروءَ لاءِ چيو آهي، اها ساڳي حقيقت قاضي قادن
پنهنجي مرشد لاءِ ڪئي. جهڙي طرح رامانند جوڳيءَ،
ڪبير کي ڪاشيءَ ۾ لت هڻي هوشيار ڪيو، اهڙي ريت سيد
ميران مهدي، قاضي قادن کي به جاڳائي ڇڏيو. هو
ٻڌائي ٿو ته مرشد جي ٿڏي جي هڪ ٺوڪر اوچ نيچ يعني
ته خلا ۽ وقت جي پابندين کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان
کانپوءِ هو الله جي هيڪڙائيءَ ۾ هڪ ٿي ويو، جيڪا
دراصل حقيقي هيڪڙائي آهي:
سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙئي،
هيڪائي هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت.(12)
مطلب ته زمان ۽ مڪان جا بند مرشد جي جاڳائڻ کانپوءِ غائب ٿي
ويا ۽ انهي واردات کانپوءِ جيڪي کين ڏسڻ ۾ آيو،
اهو فقط هڪ هو. يعني ته اها هيڪڙائي جنهن ۾ ظاهري
طور گهڻ ڏٺي وڃي ٿي. قاضي قادن اعتراف ٿو ڪري ته
خدا جي ڄاڻ کيس مرشد وٽان ملي ۽ نه رلڻ پنڻ سان يا
ايڪانت ۾ وهڻ سان. ڌڻي تعاليٰ سڀ ڪنهن ۾ موجود
آهي، ماڻهو رڳو انهي ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ۽
جنهن پنهنجو پاڻ سڃاتو، انهيءَ پنهنجي رب کي
سڃاتو: جيئن ته هن حديث مان واضح آهي: مَن عَرفَ
نفسہ فقد عرف رَبُہُ.
قاضي صاحب ٻڌائي ٿو ته:
سڄڻ منجهه هئام، مون ويٺي واءُ ٿيا،
هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، هئين جاڙ وڌام
هن دوهي ۾ قاضي قادن دنوي ماڻهوءَ کي هڪ انڌي مثل سمجهيو آهي،
يا جيڪڏهن اکين وارو آهي ته ان کي اوندهه ۾ اڇلايو
ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ۾ پيل روشني محسوس نه
ٿو ڪري سگهي، انسان خدا جي فطرت تي ٺهيل آهي ۽
منجهس خدا جي نور جي چڻنگ موجود آهي، جنهن کي
روح سڏيو وڃي ٿو، پر جڏهن انسان دنيا ۾ لالچ ۽
گمراهه ڪندڙ ڳالهين پٺيان لڳي ٿو، تڏهن اها
روحانيت منجهس گهٽجيو وڃي. سندس درجو پوءِ هڪ
قيديءَ مثل آهي، جنهن جي چوڌاري مڪر جو ڄار وڇايل
هجي. انگريز شاعر وليم ورڊ سورٿ انهي دنيوي قيد کي
هن ريت بيان ڪيو آهي(13)
Trailing Clouds of glory do we come From God,
who is our home Heaven lies about us in our
infancy Shadei of prison house begin to close
upon the growing boy.
خدا اسان جو اصلي گهر آهي، جتان چمڪندڙ ڪڪرن وانگر اسين هن
زمين تي اچون ٿا. ٻال جتيءَ ۾ بهشت اسان جي ويجهو
هوندو آهي (يعني ته روحانيت)، پر پوءِ جيئن انسان
وڏو ٿئي ٿو، تيئن وڃي ٿو دنيا جي زنجيرن ۾ جڪڙبو،
انسان جي اندر ۾ روحانيت جي لاٽ بابت قاضي قادن جو
ڏنل سنڌي دوهو، ڪبير ڀڳت جي هن دوهي جو لفظي ترجمو
ڏسڻ ۾ ٿو اچي:
تيرا سائين تجهه مين هي، جيون پهُوپهُن مين باس،
کستوري ڪا مرگ جيون، پهر پهر ڊهونڊي گهاس.(14)
مطلب ته جهڙي طرح گلن ۾ خوشبو سمايل آهي، اهڙي طرح تنهنجو ڌڻي
تو ۾ موجود آهي. ان هوندي به ان کي سمجهڻ بدران
هيڏانهن هوڏانهن هٿو راڙيون هڻي رهيو آهين.
قاضي قادن معرفت جي راهه ۾ علم حاصل ڪرڻ لاءِ روحاني پانڌيئڙي
کي، جن کي انيڪ روحاني اسرارن کي منهن ڏيڻو پوي
ٿو، ان جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، ٻڌائي ٿو ته ڪيترو به
علم حاصل ڪجي، پر ان هوندي به روحانيت جي زندگيءَ
۾ اهو ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد نه ٿو ڪري
سگهي. هو هڪ عالم کي منڊي ماڪوڙي مثل ڄاڻائي ٿو،
جا کوهه ۾ ڪري پيئي آهي ۽ اتان آسمان جي ماپ ڪري
رهي آهي:
ڪنز قد وري قافيه، پڙهي پڙهيوم سڀ،
ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پيئي ڪڇي اُڀ.
سندس اهو به چوڻ آهي ته ظاهري تعليم مان ڪي به ڪين ٿو پراپت
ٿئي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب انهي لاءِ پڙهيا وڃن ٿا، ته ڪو
عهدو ملندو يا ٻي طرح پيٽ گذر جو بندوبست ٿي
سگهندو. ان ڪري اها تعليم بيسود آهي، جيڪا ڪنهن
لالچ لاءِ هجي. سچي ۽ صحيح تعليم اها آهي، جيڪا
انسان کي خدا جي ويجهو ڪري، ان ۾ روحانيت پيدا ڪري
۽ اهو آهي معرفت جو علم. اهو علم تڏهن حاصل ٿي
سگهندو،جڏهن ڪنهن سچي جوڳي جي صحبت نصيب ٿي
سگهندي، ڇاڪاڻ ته دنيوي علم انسان کي انهي عظيم
مقصد کان پري ڪريو ڇڏي، جنهن لاءِ هو پيدا ڪيو ويو
آهي:
سيئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻ لاءِ،
اکر اڳيان اڀري، واڳو ٿي وريام.
(15)
ڪبير ڀڳت انهي ماحول کي هن ريت سمجهايو آهي:
بيد، پران، قرآن، ڪيتبا، ناتاڀانت بکهاني،
هندو، ترڪ، جين اور جوڳي، ايکل کاهونہ جاني.
چوي ٿو ته ويد، پراڻ، قرآن ۽ ٻيا ڪتاب مختلف نمونن ۾ پڙهيا وڃن
ٿا. هندو، مسلمان، جين ۽ جوڳي ڪنهن به ايشور کي نه
ڄاتو، ان ڪري اها تعليم جيڪا انسان کي پنهنجي
اصليت يعني اصلوڪي گهر (خد) کان پري ڪري اها تعليم
ڪنهن نه ڪم جي آهي. خدا کان پري ڪرڻ مان مراد آهي
حيواني زندگي، معاشري جو بگڙڻ، ظلم ۽ استحصال جو
راڄ، انسان مان انساني وصفن جو نڪري وڃڻ. جهڙي طرح
ڪبير ڀڳت ننڍي کنڊ ۾ ظلم ۽ استحصال جي خلاف آواز
اٿاريو ۽ ماڻهن کي ويدانت جي فلسفي سان آشنا ڪيو،
اهڙي طرح قاضي قادن سنڌ جي ماڻهن کي اسلامي تصوف
جي اعليٰ اصولن ڏانهن سڏيو، ته سڀ انسان خدا جي
آڏو هڪجهڙا آهن ۽ جيئن ته سڀ ڪنهن جو سرچشمو هڪ
آهي، ان ڪري سڀني لاءِ اهو بهتر آهي ته تعصب جا
ويڇا ڪڍي، محبت ۽ برادري جو جذبو پيدا ڪن ۽ اهو
تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن انسان پنهنجي ڌڻي
ڏانهن ورڻ جي ڪوشش ڪندو. اهو ئي سبب آهي جو دنيا
جي زيادتين کان تنگ ٿي، هو پاڻ به تصوف جي هنج ۾
هليو ويو آهي:
لوڪان نحو وصرف، من مطالع سپرين،
سوئي پڙهيو سو پڙهان، سوئي سو حرف.
قاضي قادن جو دور سنڌ ۾ ظلم استحصال جو دور هو، ڇاڪاڻ ته ارغونن
جي اچڻ کانپوءِ انسان انسان جو دشمن ٿي پيو.
چغليون هڻڻ، لائي چائي، خوشامد ۽ چاپلوسي سبب
ڪيترائي خاندان تباهه ٿي ويا، ماڻهن جون ملڪيتون
ضبط ڪيون ويون. ڪيترائي ماڻهو قتل ڪرايا ويا يا
قيد ڪرايا ويا. اهي ماڻهو جيڪي چڙهندڙ سج جي پوڄا
ڪندا آهن تن عهدن، انعامن ۽ پيسن جي لالچ ۾ اچي،
ماڻهن سان زيادتيون ڪيون. انهن جي ڄڻ تي ٻيگهي مچي
وئي. اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قاضي قادن خيال
۽ ڪلام سڄو سارو اسلامي تصوف جي وحدت الوجود جي
فلسفي تي جوڙيو ويو، ته جيئن ماڻهو پاڻ ۾ ڪلفت رکڻ
بدران ڀائر ٿي هلن ۽ ڇيهي رسائڻ بدران هڪٻئي سان
محبت ۽ همدردي جو جذبو رکن. اهو ساڳيو طريقو مخدوم
نوح، شاهه عبدالڪريم، سچل، بيدل، بيڪس، روحل ۽ ٻين
سنڌي شاعرن وقت جي نزاڪت سبب اختيار ڪيو. ان ڪري
ظاهر ٿيو ته سنڌي شاعري جو بنياد مذهبي ۽ اخلاقي
قدرن تي ٻڌل آهي ۽ نه دنوي ڳالهين تي.
تحفته
الڪرام: جلد 1، حصو
1، ص 109
يعني ته سنڌ جي تباهي – ڇاڪاڻ ته سمن جي خالص
سنڌي حڪومت کي ختم ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ ڌارين
جي حڪومت سنڌ تي قائم ٿي وئي، ان سان گڏ سنڌ
جي تختگاهه ٺٽي کي به بلڪل تاراج ڪيو ويو.
تاريخ طاهري: ص 51-61
سنڌي
نظم ۽ نثر جو انتخاب، ( سندر ساهتيه ڪراچي) ص
– 105
دَ
ففٽين پوئٽس آف انگلش لٽريچر: ص 244.
|