تبصرا
گهٽيل خواهشون
مون، جنهن شايد ڪنهن ”مصلحت پسنديءَ، لالچ، منافقيءَ ۽ ذاتي
فائدن“ جي ڪري گهڻي وقت کان لکڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ هاڻ
اديبن جي ڪڙم ۾ ڳڻجڻ جو حق نه اٿم، تنهن ڪري اهو
سونهي نٿو ته جيڪي لکي رهيا آهن، ”قافلي کي اڳتي“
وڌائي رهيا آهن، تن جي لکڻين تي ويهي تبصرا ڪريان،
مٿن ٽيڪا ٽپڻي ڪريان. اديب نه رهيو آهيان، پر هڪڙي
حيثيت اڃا قائم اٿم، يعني پڙهندڙ جي حيثيت ۽ سچ پڇ
ته جيئن سارتر چوي ٿو ”ادبي مظهر يعني ذهن جي لکيل
پيداوار- رڳو تڏهن ئي انهيءَ حيثيت ۾ وجود رکي ٿو،
جڏهن ان کي پڙهيو وڃي ٿو، ڇالاءِ جو پڙهڻ کان
سواءِ لکڻ بي معنيٰ آهي. جيڪو ڪتاب پڙهيو ٿو وڃي،
سو لتاڙيل پني کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي. ائين به چئي
سگهجي ٿو ته ادب ٻن آزاد عملن- هڪڙو پيداوار جو ۽
ٻيو کاپي جو ميلاپ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽڪر آهي، جنهن جا
اخلاقي ۽ سماجي ناتن تي مڙيئي اثر پون ٿا. ادب ۾
هميشه ٻيو ماڻهو موجود رهي ٿو، ”پڙهندڙ لاءِ لکندڙ
۽ لکندڙ لاءِ پڙهندڙ“ پر هي ڳالهه اسان جي ڪن
”مهذب“ اديبن کي شايد ته ائڙي، ڇو ته هو ”مذهب“
جنس ۽ فن جيان، ادب کي به حرام ۽ حلال جي اڪيچار ۽
طاقتور ويچارن“ جو ڪوٽ ڏيئي سوگهو رکن ٿا ۽ ”لکڻ
کي ڌنڌو، لکڻيءَ کي لهه وچڙ جو وسيلو ۽ پڙهندڙ کي
ثقافتي شين جو واپرائيندڙ“ ڪري سمجهڻ هڪ طرح جي
”بي ادبي“ سمجهن ٿا)
سو جيئن ته ادب، رابرٽ ايسڪارپٽ جي لفظن ۾، ”هڪ لکندڙ ۽ پڙهندڙ
جي وچ ۾ ڪتاب جي وسيلي ڏي وٺ“ جو نالو آهي. ان
ڪري منهنجو هن ڪتاب (گهُٽيل خواهشون) جي معرفت ان
جي لکندڙ (زيب سنڌي) سان پڙهندڙ وارو ناتو قائم
آهي.
مون هي ڪهاڻيون ٻه ڀيرا پڙهيون آهن. پهريون ڀيرو تڏهن جڏهن خود
لکندڙ مهرباني ڪري پنهنجو ڪتاب سوکڙي ڪري ڏنم، ٻيو
ڀيرو تڏهن جڏهن امدا تبصري لاءِ چيم. ٻئي ڀيرا سا
سمجهه ڀري وندر ((Intelligent
entertainment نه ملي هئم، جنهن لاءِ پڙهندڙ واجهائيندو آهي. بس هڪڙو
تاثر ويٺو هئم ته اڪثر ڪهاڻين جا ڪردار عام سمجهه
((Common
sense
کان وانجهيل ۽ غيرفطري آهن، ۽ اُپٽاريل مسئلا عجيب
آهن، ماڻهو ۾ جنهن طبقي (پيٽي بورجوا) ماڻهن تي
ٽوڪ ڪئي وئي آهي سو آءُ نٿو سمجهان ته ڪو ايترو
ڪٺور ۽ بي حس هوندو آهي جو ٻن بکايل ٻارن کي ائين
سيءُ ۽ مينهن ۾ لوڌيندو رهي. اهي ٻار جن جي مسڪين
حالت جا سبب اجاگر نه ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن پنڻ جو
سولو
expedient
اختيار ڪن ها ته بک نه مرن ها. ’نانگ‘ جو ڊاڪٽر
تنهن ديس جي روايتن جي
antithesis
لڳي ٿو. جنهن ديس ۾ جنس کي هزار پڙدن ۾ ويڙهيو
وڃي؛ ۽ نانگ جي ڏنگ جو سادو علاج به هوندو آهي،
جنهن کان ڳوٺ وارن جو اڻڄاڻ هجڻ اَئڙي نٿو. نسيم
جو ڪهاڻيڪار کي شاعر ٿيڻ تي مجبور ڪرڻ _(فنڪار) ۽
رسالي جي ايڊيٽر ۽ ڇپائيندڙ جو هڪ ڪهاڻيڪار کي
رسالي واسطي ميمبر ڪري ڏيڻ لاءِ چوڻ (ڪامپليمينٽري
ڪاپي) عجيب ٿو لڳي. پوئين ڪهاڻي (گهٽيل خواهشون)
جيتوڻيڪ ڪنهن حد تائين فطري لڳي ٿي. پر ان ۾ به
جيڪڏهن فاروق پنهنجي دوست، احسان کان پندرهن رپيا
اڌارا وٺي دوائون گهر ڏياري موڪلي ها ته سڀ ڪجهه
ٺيڪ ٺاڪ رهي ها- يعني فاروق جي گهُٽيل خواهشن جي
پورائي لاءِ ماءُ جو مرڻ ضروري نه رهي ها.
منهنجا هي تاثرات زيب سنڌيءَ ۽منهنجي وچ ۾ ’گهٽيل خواهشون‘ جي
وسيلي ڏي وٺ جو هڪڙو پاسو آهن. ٻيو پاسو هيءُ آهي
ته زيب پنهنجي ڪهاڻين ۾ سماجي مسئلا، توڻي جو
ناڪاري
Negative اثر رکندڙ ۽ وات جو ذائقو وڃائيندڙ کنيا آهن، جا ڳالهه
منجهس سماجي احساس جي هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. انهيءَ
احساس جو هجڻ بجاءِ خود هاڪاري (Positive
) اهڃاڻ آهي، ڇو ته انهيءَ احساس کي،وڌيڪ اڀياس ۽
مشاهدي سان گهرو ۽ تکو ڪري، لفظن جي منُڊ ۾ منڊي
سگهجي ٿو.
پڇاڙيءَ ۾ ڪيهر شوڪت کان، جنهن ڪتاب جي پيش لفظ ۾ اڳوڻن لکندڙن
کي ”مصحلت پسنديءَ، لالچ، منافقيءَ ۽ ذاتي فائدن“
جي لڪڻ سان ڪُٽي
discredit
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، فقط هڪڙو
سوال: ڇا ٿور-وقتي (part
time)
لکندڙ کان اها آس رکڻ ته هو سڄي عمر لکندو رهندو،
بي واجبي ۽ سماجي حقيقتن کان اکيون ٻوٽڻ نه آهي،
خاص ڪري تڏهن جڏهن مقصد محض ادب جي خدمت (!) هجي ۽
ڪو واضح نظريو يا آئيڊلاجي سامهون نه هجي؟
(ڇپائيندڙ: مشعل پبليڪيشن، جناح باغ روڊ، لاڙڪاڻو، سنڌ- سائيز:
ڪرائون- صفحا 86- قيمت: ٽي روپيا)
- سليم احمد
سنڌي الف – بي جي ارتقا
دنيا ۾ الف- بي جي ارتقا تي ڪيترو ئي مواد موجود آهي ۽ اڃا
ڪيترا پهلو کوجنا جهڙا آهن. ڪيترائي اختلاف موجود
آهن.ڪي تحريري سرشتا اهڙا آهن جن کي موثر ۽ سائنسي
ڄاتو وڃي ٿو ۽ انهن کي ٻيون پري جون زبانون به
اختيار ڪن ٿيون. ڪيترائي سرشتا اڃا به بحث جو موجب
بنجن ٿا. قديم سرشتن ۽ تحريري طريقن ۾ تصويري
سرشتو به رائج هو،جيڪو چين ۽ ڪن ٻين پاڙيسري ملڪن
۾ ساڳئين پر اختصاري شڪلين ۾ موجود آهي، بدلجي الف
–ب نه بيٺو آهي.
هن ڪتاب ۾ الف –بي جي ارتقا جو سڄو بحث کنيو ويو آهي ۽ آخر ۾
سنڌي الف – ب جي موجوده شڪل ۽ ان تي بحث ڪيل آهي.
ڪتاب ۾ ڇهه باب آهن. پهريون باب ٻولي جي وصف بابت آهي. ٻيو سنڌي
ٻولي ۽ قديم رسم الخط بابت آهي. باقي چار باب
مجموعي طور سنڌي الف – ب جي ارتقاءِ ۽ ان جي تشڪيل
توڙي تنقيد بابت آهن.
سنڌي الف-ب جي تلاش ۾ موهن جي دڙي جي رسم الخط جو جائزو ڪيترن
ئي محققن وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن تهذيب کي پنهنجو
هڪ لکڻ جو طريقو ميسر هو. عبدالڪريم لغاري جنهن
وقت هي تحقيقي مقالو لکيو، ان وقت پارپولا ۽ سندس
ساٿين جي کوجنا جا پورا نتيجا شايع نه ٿيا هئا.
هاڻي انهن ڪيتريون ئي رپورٽون شايع ڪيون آهن جن جو
جائزو خود ڊاڪٽر پارپولا مارچ 1975ع ۾ سنڌ صدين
کان سيمينار ۾ ورتو. پارپولا صاحب پنهنجي تحقيق ۾
هنٽر ۽ فادر هيراس جي نتيجي تي به بحث ڪيو آهي.
تحريري صورتن بابت پارپولا جو خيال آهي ته اهي
ٽيهه لک سال ق-م هڪ پديون، ويهه لک سال ق-م گهڻ –
پديون ۽ ڏهه لک سال ق-م الف-م الف-ب تي آڌاريل
آهن.
پارپولا ڪيترن تصويري لفظن کي پڙهيو آهي. جيستائين هنن تصويري
لفظن جو تعلق آهي ته انهن جو دائرو مصر کان چين
تائين وسيع آهي ۽ چين ۾ اڄ به تصويري لفظ ڪم اچن
ٿا. ڪا الف-ب رائج نه ٿي آهي. لغاري صاحب تصويري
لفظن جو به جائزو ورتو آهي. هنن تصويري لفظن تي
جيئن ته اڃا به کوجنا هلندڙ آهي، تنهنڪري يقيني
نتيجا اڃا به اڳتي ظاهر ٿيندا.
رسم الخط جو ٻيو مرحلو عرب سياحن جي تحريرن وسيلي مرتب ڪيو ويو
وڃي ٿو. هو چون ٿا ته سنڌ ۾ ڪيترائي رسم الخط مروج
آهن. اهڙي ريت نائين ڏهين صدي عيسوي کان اسان جو
ڌيان انهن مختلف خطن ڏي وڃي ٿو، انهن جو ذڪر لغاري
صاحب ڪيو آهي. مڪمل جائزو پروفيسر الانا صاحب جي
لنڊن يونيورسٽي واري مقالي
in sindhi
The Arabic elements ۽ سندس ڪتاب سنڌي صورتخطي ۾ موجود آهي.
سنڌي الف-ب کي لغاري دور وارو جاچيندي آخري باب ۾ تنقيدي جائزو
پيش ڪري ٿو. هن سلسلي ۾ سندس اهو بحث نهايت دلچسپ
آهي، جنهن ۾ هو حوالن سان ڏسي ٿو ته اهي حرف جن
لاءِ عام طور اهو خيال آهي ته انگريزن طرفان قائم
ڪيل ڪمپني تشڪيل ڏنا، پر ڪيترن اڳ جي ڪتابن ۾ اهي
موجود آهن.
هي ڪتاب سنڌي ڊپارٽمنٽ ۾ هڪ پيپر بدران لکيل مونوگراف آهي، جيڪو
1962ع ۾ پيش ڪيو ويو. مجموعي طور هي ڪتاب سنڌي
الف-ب کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. لکجڻ کان چوڏهن سال
پوءِ ڇپجڻ ڪري ڪتاب جي اهميت قدري گهٽ به نظر
ايندي، ڇو جو وچ واري زماني ۾ ٻي به ڪيتري کوجنا
ٿي آهي. ناشر طرفان ليکڪ جو نالو صحيح نموني نه
آندل آهي ۽ عهدو نالي سان گڏ هڪ ئي سٽ ۾ آهي، بلڪ
عهدو اڳ ڄاڻايل آهي، جيڪا هڪ فروگذاشت آهي ۽ سٺي
نٿي لڳي. اهڙي طرح سرورق تي ڪتاب جو نالو سنڌي ا-ب
جي ارتقا، ڇپيل آهي ۽ اندر، الف-ب، ۽ ”الف-بي“
لکيو ويو آهي.
]ڇپائيندڙ:
سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي- سائز: ڊيمي- صفحا: 99-
قيمت: ٽي رپيا- ملڻ جو هنڌ: ادبيات حيدرآباد سنڌ[
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
پڙهندڙن وٽان
مهراڻ ۾ مختلف موضوعن تي معياري شعر ۽ مضمون ڇپبا رهيا آهن. ڇا
ائين نه ٿو ٿي سگهي ته اداري پاران انهن جي چونڊ
ڪري هڪ اڌ پستڪ پڌرو ڪيو وڃي. ائين ڪرڻ سان ٻه
فائدا رسندا. هڪ ته سنڌ جي سياست، تاريخ ۽ ادب کي
جديد نموني محفوظ ڪري سگهبو ۽ ٻئي طرف ناياب ادب
کي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري سگهبو. هر پرچي ۾ ليکڪن
۽ شاعرن جو تعارف ڏيندا رهو، ائين کوجنا ڪرڻ وارن
جي رهنمائي ٿيندي خاص ڪري ايندڙ نسل هڪ اهم
تحقيقي مسئلي کان آجو ٿي پوندو. مان ته ائين به
چوندس ته موجوده دور وارن کانسواءِ ماضيءَ جي
گمنام شاعرن، ليکڪن، عالمن ۽ اديبن تي مستقل ليک
ڏيندا رهو، ائين ادب جي اڌوري تاريخ ۾ ڪجهه نه
ڪجهه اضافو ٿيندو. اها به ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته مهراڻ
ٽماهيءَ مان بدلجي ماهوار يا ٻه ماهي ٿئي، ڇو ته
معياري ادب پڙهڻ لاءِ ٽن مهينن جو انتظار ڏاڍو
ڊگهو آهي. _ درمحمد پٺاڻ
پورهيو، پگهر ۽ ٿڪ
روزانو اسان جي زندگي ۾ پورهيو، پگهر ۽ ٿڪ ايڏو اثر رسوخ وڌائي
چڪو آهي، جو اسان جي مزاج جو هڪ حصو ٿيندو پيو وڃي
۽ نئين سنڌي ڪلچر جو حصو ٿيندو وڃي. ظاهر آهي ته
طبقاتي سماج ۾ ڦرلٽ جڏهن اينگهجي پوندي آهي ته
قومي مزاج کي ضرور متاثر ڪندي آهي.
_ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جڏهن ڪيفي اعظمي سان ادبي رهاڻ ڪئي
هئي، ان موقعي تي مون هن کي تنهنجا نظم به ٻڌايا
هئا، جيڪي هن کي ڏاڍو پسند آيا. هن خواهش ظاهر ڪئي
هئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري جا ڪي نمائندا نظم ٻڌي
سگهي. مون هن کي ڀٽائي، اياز، تنوير ۽ تنهنجا نظم
ٻڌايا، جن مان محسوس ٿي رهيو آهي، ته منهنجي بدن
جو کاٻو پاسو، جنهن تي فالج ڪِريل آهي، ان ۾ ڄڻ
زندگي جي تيز لهر ڊوڙي رهي آهي. __ انور پيرزادو
مهراڻ جي ” گرامي نمبر“ تي
پيارا ظفر سائين:
هونئن ته هي خط امداد ڏي لکڻ گهربو هوم، پر توکي لکي رهيو
آهيان. ڪم ته ڪورين وارا پيو ڪريان، پر ڪڏهن ڪڏهن
مصلحتن جي ڪري ائين ڪرڻو پوندو آهي.
ادبي بورڊ گرامي نمبر ته ڪڍيو، چڱو ٿيو. جس هجيس جو اهڙي جاندار
روايت کي قائم ڪيو اٿس، پر اهو نمبر پڙهندي
ڪيتريون ڳالهيون دل تي تري آيون آهن، جن ڏانهن
اوهان جو يا ٻين اکرن ۾ بورڊ جو ڌيان ڇڪائڻ ضروري
ٿو سمجهان.
گرامي صاحب تي هونئن ته گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، هن کي هڪ صوفي،
مورخ،شاعر، اديب، نقاد، فلسفي ۽ ڇا ڇا نه چيو ويو
آهي، مگر نمبر پڙهڻ سان گرامي صاحب اهو ڪجهه نظر
نٿو اچي، جيڪي ڪي ڪري پيش ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو
هر مضمون (هڪ ٻن جي) سکڻين دعوائن جو مجموعو آهي،
جو انهن لاءِ دليل آهن ئي ڪونه. ڪافي بزرگن ۽
دوستن کان حقيقت پسندانه مضمون لکرائي سگهجن
ها/ٿا، باقي هڪڙي ٽولي هٿان صرف ساراهه جا گيت
ڏيئي وڃي پار پوڻ ائين آهي، جيئن شادي جي موقعي تي
لنگهياڻيون ڳيچ ڳائي وڃي سحر ڪنديون آهن، اها ڪٿي
جي دانشمندي آهي؟ __ عبدالقيوم صائب
گذارش پڙهيم. پڙهي اندازو ٿيو ته اوهان ڪن خوش فهمين ۾ مبتلا
آهيو يا روايتي ۽ خيالي جملن جا عادي آهيو...
اوهان لکيو آهي ته گرامي صاحب جي سانحي تي سڄي سنڌ
رُني آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي، ته سنڌي قوم جو 70
سيڪڙو بنهه اڻ پڙهيل، ٻهراڙي ۾ رهندڙ، جن کي دنيا
سان ڳنڍڻ جو واحد رستو ريڊيو آهي، جيڪو ٺلهو چڻو
وڄي گهڻو وانگر آهي. 15 سيڪڙو پڙهيل آهن، جيڪي
اقتصادي بار هيٺان ايترو ته دٻيل آهن، جو اخبار به
نٿا وٺي سگهن. باقي 15 سيڪڙو مان 10 سيڪڙو پئسي
واري طبقي جو آهي، جنهن جو سنڌي زبان سان چاهه خير
ڪو آهي. 5 سيڪڙو مان خبر ناهي ته ڪيترو سيڪڙو ڄاڻ
رکي ٿو ادب جي باري ۾ ۽ صحيح هيري جي سڃاڻپ ڪري
سگهي ٿو. سنڌي ادب جو ٻهراڙي سان ناتو ناهي، نه ڪو
ٻهراڙي جا ماڻهو ادبي مناظري ۾ ڪاهي پوندا آهن.
کين ڪهڙي سُڌَ ته گرامي صاحب زندهه آهي يا لاڏاڻو
ڪري ويو؟ ها، جي ڪو ڌاڙيل مري ته هزارين ماڻهو
سندس ڪلهي ڪانڌي هجن ها!
اوهان ”پو“ جي مثال کانپوءِ ڪمپيوٽر ايج جو ذڪر ڪيو آهي.
ڪمپيوٽر ايج انهن لاءِ آهي، جن جو ڪمپيوٽر سان
واسطو آهي. اسان وٽ ته ڪمپيوٽر هڪ سپنو آهي، جيڪو
21هين صديءَ ۾ شايد سچ ٿئي، ڪمپيوٽر ايج وارن ملڪن
۾ زندگي ڪيڏي نه تڪڙي هوندي آهي، هتي ( خدا نه
ڪري) سنڌ الاجي سڙي به وڃي، ته به ماڻهن جي وڏي
طبقي کي خبر ڪانه پوندي، جن کي پوندي اهي خاص
دلچسپي نه وٺندا!
اوهان لکيو آهي ته ”سار تري نوبل پرائيز ٿڏي ڇڏيو“. پر اسين ته
رائيٽرس گلڊ جي انعام کي تعارف طور لکندا آهيون.
صدارتي ايوارڊن لاءِ رڙيون ڪندا آهيون…. اسان ۾
اها خود داري ڪٿي، جيڪا سارتري جي قوم ۾ آهي؟
منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪو سنڌي ادب جو خدمت ڪرڻ چاهي ٿو، ته هر
حال ۾ لکندو رهي، قلم ڦٽو نه ڪري، انهن لاءِ جن
جون دليون اُجريون، هٿ سکڻا ۽ اکين ۾ پيار آهي. هڪ
ڏينهن ان فڪر جو قدر ضرور ٿيندو، جيئن نور محمد
سنڌي لکيو آهي. محمد هاشم ٽالپر جي لفظن ۾: ”
گندگيءَ جا ڍير رت سان ڌوپجي صاف ٿيندا، جڏهن
مائرون ٻچڙن کي ”ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي
سونهان“ جون لوليون ڏينديون. تڏهن موهن جي دڙي کان
اڳ ۽ پوءِ وارا گرامي جهڙا قدآور انسان پنهنجو
وجود واپس وٺي ايندا.“
محترم جي. ايم. سيد جي ڪا تحرير ڏيڻ گهرجيو ها. عبدالواحد آريسر
جو آفتاب ۾ ڇپيل خط به ڏيڻ کپي ها. سفارش نه هئڻ
يا سياسي اختلافن جي ڪري ته ائين نه ٿيو آهي؟
__ عبدالطيف کهڙو
”مهراڻ جو ” گرامي نمبر“ نظرن مان گذريو . اوهان جنهن محنت سان
نمبر ترتيب ڏنو آهي، تنهن لاءِ آئون اوهان کي
سارهايان ٿو. اوهان جي ”گذارش“ لاءِ آئون اوهان کي
داد ڏيان ٿو زبان ۽ بيان جي لحاظ کان گذارش کي
اوهان هڪ شاهڪار گذارش بنايو آهي.
هن پرچي ۾ شمس الدين عرساڻيءَ، گرامي صاحب جي شخصيت جو جائزو
وٺندي، ڪيترن هنڌن تي جيڪو غير ذميدارانه ۽
مخاصمانه طريقو ورتو آهي، ان جو اوهان شايد نوٽيس
نه ورتو آهي. پنهنجو پاڻ کي پڏائيندي هن ڪن طرفن
ڏي اشارا ڪري رقيق حملا ڪيا آهن، انهن سان خود
گرامي صاحب جي ذات کي پنهنجي درجي کان ڪيرائڻ جي
ڪوشش ڪئي اٿس. خودثنائي ۽ ٻين تي حملا ڪرڻ سان،
گرامي صاحب جو اميج خراب ڪيو اٿس. آئون فقط هڪ
مثال ڏيڻ تي اڪتفا ڪندس، عرساڻي صفحي 167 تي لکي
ٿو: هڪ دفعي ڪنهن درسگاهه جي هيڊ معلم جي ڪور ذوقي
۽ بي علمي جو ذڪر ڇڙيو، پاڻ (گرامي) چيائين ته
بهتر آهي ته ان جي بدران ڊپارٽمينٽ ۾ اُٺ وٺي
بيهاري ڇڏجي، ڪوبه فرق ڪو نه پوندو، اهڙا اشارا
شمس الدين عرساڻي هن مضمون ۾ ٻيا به ڪيترا ڪيا آهن
۽ مهراڻ 1/1975ع ۾ به پنهنجي هڪ مقالي ۾ اهڙي
هلڪڙائي واري روش ورتي هئائين. ان وقت مون گرامي
صاحب کي خط لکيو، پر هن اهو نه ڇپيو ۽ چيائين ته
تنقيد ڇاپينداسين ته مضمون ڪونه ملندا، جيڪڏهن
اهڙين تنقيدن جي عرساڻي ۾ همت ۽ اخلاقي جرئت آهي،
ته ليکڪن ۽ ڪتابن جا پورا نالا ڄاڻائي ۽ اشارا ڪرڻ
توڙي اڍنگا لفظ ڪم آڻڻ مان مهراڻ جي ادبي حيثيت کي
هڪ طرف مجروح ڪيو ٿو وڃي ۽ جن ماڻهن ڏي اشارا ڪيا
وڃن ٿا، تن لاءِ عرساڻي تي نه پر ايڊيٽر مهراڻ تي
افسوس ٿئي ٿو. __ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
اوهان جي مهينن جي محنت جو ثمر ”گرامي نمبر“ اسان جي آڏو آهي.
هن پرچي ۾ گرامي صاحب جي هڪ عالم، مورخ، اديب،
شاعر ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ سچي سڀاءُ واري انسان جون
اهي سڀ خوبيون، جنهن ريت سهيڙي ۽ سنواري پڙهندڙن
آڏو پيش ڪيون ويون آهن، ان لاءِ توهان کيرون
لهڻيون.
جيئن ته هر اديب جي لکڻين ۾ پنهنجي شخصيت جو عڪس ضرور نظر ايندو
آهي، تيئن گرامي صاحب جون لکڻيون پڻ سندن جليل
القدر شخصيت جو پرتوو آهن. هن پرچي جا سمورا مضمون
گرامي صاحب جي اعليٰ ڪردار، اعليٰ ظرف، نيڪ سيرت،
مطلب ته سموري زندگيءَ جو مظهر آهن ۽ پڙهندڙن لاءِ
تمام ڪارائتا آهن. __ شهناز/ ڪوثر ميمڻ
”گرامي نمبر“ مسلسل جاکوڙ ۽ جذبي جو نچوڙ آهي. __ راهي چنا
تبصرو
گرامي نمبر ۾ ٻائيتاليهه اديبن جا مضمون ڏنا ويا آهن، جن ۾
مختلف زوين کان گرامي مرحوم جي زندگي جي مختلف
پهلوئن ۽ خاص طور تي سندس شخصي خوبين، تعليمي
خدمتن ۽ ادبي خصوصيتن جو اجمالي تذڪرو ڪيو ويو
آهي. انهن لکندڙن ۾ هر مڪتب فڪر سان لاڳاپو رکندڙ
اديب موجود آهن.
هن نمبر ۾ ٻاونجاهه تعزيتي ۽ تاثراتي خط ۽ ڏهن شاعرن جا نظم به
ڏنا ويا آهن، جن ۾ عبدالله خواب ۽ شبير هاتف جا
نظم ساراهه جوڳا آهن… گرامي مرحوم جون ڪيتريون ئي
يادگار تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن ۽ سندس مقالن،
تقريرن ۽ ٻين اهم لکيتن جا چونڊ حصا ۽ منتخب ڪلام
به شامل آهي، جيئن پڙهندڙن کي مجموعي طور سندس
پيغام، ڪلام ۽ مقام بابت راءِ قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي.
رسالي جي منڍ ۾ سوانح حيات سان گڏ برسات رسالي ۾
شايع ٿيل هڪ انٽرويو به ڏنو ويو آهي جنهن ۾
ٻوليءَ، ادب، ثقافت ۽ تاريخ بابت گرامي صاحب
پنهنجي وسيع مطالعي ۽ سماجي ڄاڻ جي پالوٽ ڪئي آهي،
جا معلوماتي هئڻ سان گڏ خيال اڀاريندڙ پڻ آهي.
گرامي نمبر ۾ سنڌي اخبارن ۽ رسالن جا ايڊيٽوريل به ڏنا ويا آهن،
جن ۾ مرحوم جي ادبي ۽ علمي خدمتن کي ساراهيو ويو
آهي ۽ سندس بلند مقام جو اعتراف ڪيو ويو آهي. هي
اهم دستاويز شايد گرامي مرحوم جي عڪسي تحرير
کانسواءِ نامڪمل رهيجي وڃي ها _ فلسفي ۽ حقيقت جي
عنوان سان سندس تحرير جو عڪس پيش ڪري، تربيت جي
نقطه نگاهه کان، توڙي مواد جي پهلوءَ کان بهترين
انتخاب ڏنو ويو آهي.
هن نمبر ۾ گرامي صاحب جي شخصيت، فن ۽ فڪر بابت تاثراتي مضمون ته
ملن ٿا، پر تحقيقاتي مضمون ڪينهن، جن مان ارتقائي
پس منظر ۾ سندس انشاپر دازي ۽ ادبي رجحانن جو
جائزو ورتو ويو هجي. اهڙي طرح سندس شعري اصلاحن تي
مشتمل هڪ ڌار مضمون هجي ها، ته جيڪر اڀياس جي لحاظ
کان شاعري ۾ سندس استادانه مقام بابت ڏنل اصلاحن
جي روشنيءَ ۾ مفيد معلومات ملي سگهي ها.
مرحوم جي صحافتي زندگي بابت به هڪ جامع مضمون جي ضرورت آهي. ان
ريت سندس ادبي خطن کي سهيڙڻ جي ضرورت کان به انڪار
نٿو ڪري سگهجي، جن کي اميد ته مهراڻ جي ڪنهن اشاعت
۾ جاءِ ڏني ويندي.
( پ. ب . ڪارپوريشن ڪراچي جي ٿورن سان). شيخ عبدالحليم جوش
هن پرچي جا ڪجهه ڪهاڻيڪار
عبدالقادر جوڻيجو
پيءُ جو نالو مريد حسين جوڻيجو. جنم: 1- نومبر 1945 هنڌ: جنهاڻ،
تعلقو مٺي، ٿرپارڪر، ڏاڏو اوٺاري. پيءُ صوبيدار.
پاڻ پهرين سنڌي ماستر، پوءِ انگريزي ماستر، هاڻ
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ هڪ ورڪر پهرين ڪهاڻي: ”
مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن“، ”روح رهاڻ“ ۾ 1964ع ڌاري
ڇپيل. هر هاري، چور ڊڊي، الهٽ موالي، لٺ شوقين،
سنڌي ماستر، اڇين ڏاڙهين ۽ اڇن پٽڪن سان رڄ وڏيرا
پسند جا ڪردار. لکڻ جي معاملي ۾ متو: ” ڳالهه ڪجي
سڌي، ٻه هٿڙيءَ لٺ وانگر“، ڪهاڻي هن لاءِ: ”جيون
جو ڪوبه دلچسپ ٽڪرو پني تي اُتاربو ته ڪهاڻي ٺهي
پوندي، پر شرط اهو ته ڏات به هجي.“ پهرين جوڙ جو
ڪهاڻيڪار هيل توڻي ٽيهارو کن ڪهاڻيون لکيل. ڪهاڻين
جو ڇپيل اڪيلو ڪتاب: ”واٽون، راتيون ۽ رول.“ ناول
لکڻ لاءِ آتو: ” ناول لکڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به
ڪئنواس تي سنڌڙيءَ جي جندڙيءَ جو چٽ نه ٿو چٽجي
سگهجي.“ امن سنڌيءَ جي نالي سان ڪجهه بيت به
لکيائين، پر پوءِ پير ڊاهي ويو.
شوڪت حسين شورو
جنم: 7- جولاءِ 1947ع. هنڌ: ڳوٺ حاجي نور محمد شورو، تعلقو
سجاول، ضلعو ٺٽو. 1964ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين، ۽ ان
ئي سال ” روح رهاڻ“ ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ” اکيون
روئي پيون“ ڇپي. ان کانپوءِ لڳاتار لکندو رهيو
آهي. سنڌ ۾ جن ڪهاڻيڪارن زمين سنوت آڻي نئين ڪهاڻي
جو ٻج ڇٽيو، تن ۾ شوڪت جو نالو اهم آهي. تنقيد کي
روايت جي ليڪن مان ٻاهر آڻڻ جو ساهس اٿس. پر ڏور
جي ٻنهي ڇيڙن ( ڪهاڻي _ تنقيد) کي هڪ ئي وقت پڪڙڻ
لاءِ وٽس وقت ڪونهي، ۽ اهو مسئلو رڳو شوڪت جو نه
آهي. هيل تائين چاليهن کان مٿي ڪهاڻيون، ڪجهه
تنقيدي مضمون ۽ ريڊيو لاءِ ڊراما لکيا اٿس. ناول
جو هڪ باب لکي ٺپي رکي ڇڏيو اٿس. نوڪريون:1967 ۾
سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيو، اڳتي هلي جڏهن ”گل ڦل“ ٻيهر
ڇپيو، تڏهن ان جو ايڊيٽر ٿيو. 1975ع ۾ پاڪستان
ٽيليويزن ڪراچي سينٽر ۾، اسسٽنٽ پروڊيوسر (اسڪرپٽ)
مقرر ٿيو. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسٽوڊنٽس
ويلفيئر آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.
بيدل مسرور
عمر: نه وسرندڙ ماضيءَ ۽ موٽندڙ وهيءَ جي وچ ۾، زندگي جي ٽياس
تي ٽيهن سالن کان ٽنگيل. تعليم: دز چڙهي ويل ڪتابن
۾ ايم- اي ڌنڌو: هر ڪنهن جيوَ جيان پورهيو ڪري پيٽ
پالڻ ( پي ٽي وي ڪراچي تي پروڊيوسر). ڇپيل مواد:
ڪهاڻي لکڻ لاءِ اٺ ڏهه ترجما، پاڻ کي خوش ڪرڻ
لاءِ سورنهن سترهن ڪهاڻيون. پنهنجي پبليڪيشن، ادب
محل مان فائدو ” راڻي“ ناولٽ جو ڇپجڻ. اڻڇپيل
مواد: ٻين جيان ليکڪ ٿيڻ لاءِ ڪجهه ڪهاڻين جو جنم،
ستائيندڙ احساسن جو نتيجو ڪجهه ٽٽل سٽل شعر، حالتن
جو اثر ” ٻه ناول“ واقفن جي مهرباني هڪ اڌ ٽي وي
ريڊيو ڊراما ۽ هڪڙو قسطوار ٽيلي ناٽڪ. پهرين
ڪهاڻي: ” اديون“. 1966ع. تنهن کان اڳ ” خادم وطن“
۽ ” عبرت“ اخبار ۾ ڇپيل ادبي زندگي جي شروعات:
1964ع. ختم نه ٿيندڙ شوق: سنڌي جديد شاعري کي ڳائڻ
جو جنون ۽ واندڪايون، ادبي ڪتابن ۽ پيارن سان روح
رهاڻيون.
شرجيل
نالو: عبدالفتاح، ذات: هاليپوٽو، جنم: 13- ڊسمبر 1938ع هنڌ:
قاضي احمد ( نوابشاهه)، تعليم: بي. اي ڌنڌو: آرٽ
انسٽرڪٽر ڏورجا ٻئي سرا (ڪهاڻي، چترڪاري) پڪڙيل،
ڇڏائجي ويل. پهرين ڪهاڻي: ” روپ ٻهروپ“ سوجهري ۾
ڇپيل. ڪهاڻيءَ ۽ چترڪاريءَ ۾ تجربي جو ساهس. قلم ۽
برش کي هٿيار طور ڪتب آڻڻ جو آميو اُتساهه.
نور الهديٰ شاهه
ٽکڙ جي ساداتن جي ننڍڙي گهراڻي ۾، حيدآباد ۾ جنم ورتم (22-
جولاءِ 1957ع). ننڍپڻ لاهور جي گهٽين ۾ گذريو، جتي
جي ٻولي ۽ چٽ هاڻ ميسارجڻ لڳا آهن. انيڪ ڏينهن
سعوديه جي تتل جبلن ۾ رڻ ۾ گذريا (اهي تتل جبل ۽
رڻ جيون جو اڌ ڀاسندا اٿم). لاهور جي چوڏهن سالن
واري دور ۾ سپنا ڏٺم چترڪار بڻجڻ جا، جيڪي ساڀيا
نه ٿيا. ون يونٽ ٽٽڻ کان سال اڳ حيدرآباد اچي ويس.
پاڻ مڃرائڻ ۽ ٻين کان سپيريئر ٿيڻ جي ڪلپنا لکڻ جو
روپ ورتو. سنڌي ٻولي جي نڌڻڪائيءَ ۽ ڌاريائپ جي
پاڇولي پٺيان ڊوڙ ڏسي پوريل اک ڄڻ پٽجي پيئي. اندر
۾ ڄڻ سنڌوءَ جو پاڻي ڀرجي آيو هجي. سنڌي لکڻ پڙهڻ
نه ايندي هيم، ته به سگهڙين سٿ ۾ لکيم. سنڌي ادب ۾
مان ڪجهه آهيان، ته اها کيپ فهميده حسين کٽي آهي.
ٽکڙ جي مناسبت سان منهنجي ڏات موروثي به هجي،
شايد! منهنجو نانو حافظ شاهه محبت جي احساسن جو
شاعر هو. منهنجي اندر ۾ هن جا احساس ڀريل هجن،
شايد! بي. اي. فائنل جي شاگردياڻي آهيان. 1973ع
کان لکندي اچان. ويهارو کن ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون
آهن، ۽ هڪ اڻپورو ناول. عورت جي هر روپ تي لکڻ ٿي
چاهيان. جيتوڻيڪ مان انيڪ مخالفتن جي وچ ۾ لکندي
آهيان، ۽ هر لکڻي ڇپجڻ کانپوءِ دک ڀوڳندي آهيان.
رفيق
نالو: رفيق احمد ڪاڇيلو، پيءُ جو نالو عبدالصمد ڪاڇيلو. جنم: 5
جون 1947ع هنڌ: حيدرآباد سنڌ، تعليم: بي. اي.
آنرز، پوليٽيڪل سائنس، سنڌ يونيورسٽي. پهرين
ڪهاڻي: ” مون جو ڀاليو ماڳ“ مهراڻ جي هن ئي پرچي
۾ ڇپيل. شاعري ۽ ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ هڪ ئي وقت ڊوڙ
– اها ڊوڙ ڪُميءَ واري آهي يا سهي واري؟ چئي نٿو
سگهجي.
محمد دائود بلوچ
پيءُ جو نالو شير محمد خان جمالي بلوچ، جنم: 1937ع، هنڌ: پاهڙ
خان جمالي، تعلقو هالا، حيدرآباد سنڌ. ڳوٺ جي
اسڪول مان فائينل ڪري سنڌي ماستر ٿيو. 54-1955ع
کان لکڻ لڳو. پهرين ڪهاڻي ” سنڌ خاطر“ جيڪا ڇپجي
نه سگهي. پهرين لکڻي، جيڪا ڇپي: ”گل و بلبل جا
افسانا“، ماهوار ايڊيشن هلال پاڪستان حيدرآباد،
1957ع. مکيه موضوع: طبقاتي جدوجهد، سنڌيت، پيڙيل
طبقن جي حمايت. لاڙو: بامقصد حقيقت نگاري. ڪهاڻين
جا ڇپيل ڪتاب: ”انصاف ڪٿي آهي“ ۽ ” اکيون اڃايون“.
هند – سنڌ جي مڙني وڏن پرچن ۾ ڇپيل ڪتاب: ” انصاف
ڪٿي آهي“ ۽ ” اکيون اڃايو“. هنڌ – سنڌ جي مڙني وڏن
پرچن ۾ ڇپيل. سنڌي ٻولي جي تسليمي لاءِ، سنڌي ادبي
سنگت پاران هلايل مهم ۾ چڱو بهرو ورتل. ” طلوع
انعامي چٽاڀيٽيءَ“ ۾ ٽيون انعام حاصل ڪيل. تعليم:
اديب، عالم ۽ فاضل ۽ بي. اي. ٻوليءَ ۽ ساهت جو
ماٺيڻو ڪارڪن. آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ائسوسئيشن
حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري.
ڌيان ۾ رکڻ جوڳيون ڳالهيون
”مهراڻ“ لاءِ جيڪو مواد موڪليو وڃي، اهو معياري ۽ اڻڇپيل هئڻ
گهرجي.
اهو مواد فل اسڪيپ پني جي هڪ پاسي چٽن اکرن ۾ لکيل هئڻ گهرجي.
مواد يا خطن ۾ اجائي اينگهه بدران ڪم جي ڳالهه هئڻ گهرجي.
ڏات ۽ ڏانءُ جي آڌار تي ئي مواد جي پرک ٿيندي آهي، ان لاءِ ڪنهن
به سفارش جي ڪابه ضرورت نه آهي.
ادبي مسئلن جي صحيح ڇنڊ ڇاڻ ۽ تخليقي تنقيد جي آجيان ڪئي ويندي.
پهچ
”جيڪي منهنجي من ۾ آهي“
ليکڪ: ڊاڪٽر نجم عباسي
ڪهاڻيون
زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد سنڌ.
صفحا، 190، قيمت 50-7 رپيا.
”پاڇي پٺيان ڊوڙ“
ليکڪ: نظير شورو
ڪهاڻيون
گلن جهڙا ٻارڙا پبليڪيشنس، حيدرآباد سنڌ.
صفحا: 80، قيمت 2 رپيا.
”امن جي نالي“
ليکڪ: غلام رسول ميمڻ
ڪهاڻيون
پارس اشاعت گهت، ڀٽا روڊ، سکر.
صفحا: 110، قيمت 50-3 رپيا.
”عشق عجب اسرار“
شاعري
مرتب: سيد لعل شاهه
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، سنڌ.
صفحا: 82، قيمت 2 رپيا.
”سخي سرتاج“
سوانح
مولف ۽ ڇپائيندڙ: قاضي علي اڪبر درازي،
قاضي عبدالسميع محلو، روهڙي، سنڌ.
صفحا 120، قيمت 4 رپيا.
”شاعر هفت زبان فخر پاڪستان“
مضون
مولف ۽ ڇپائيندڙ قاضي علي اڪبر درازي،
قاضي عبدالسميع محلو، روهڙي، سنڌ.
صفحا: 72، قيمت 50-2 رپيا.
”عشق حبيب“
مضمون (ديني)
مولف ۽ ڇپائيندڙ: قاضي علي اڪبر درازي
قاضي عبدالسميع محلو، روهڙي، سنڌ.
صفحا: 126، قيمت 4 رپيا.
”ناڻي واري اقتصاديات“
اقتصاديات
مصنف: پروفيسر عبدالرحمان پهوڙ
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي؛ سنڌ يونيورسٽي، سنڌ.
صفحا 360، قيمت 15 رپيا.
”سنڌي گلدستو“
ليکڪ: شيخ نياز محمد ”نياز“
مضمون (درسي)
(بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ)
خليل منزل، شيخ اسٽريٽ، ڪرمان باغ محلو، لاڙڪاڻو.
صفحا: 328، قيمت 50-12 رپيا. |