سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1977ع

مضمون

صفحو :12

بيدل مسرور

۽ منهنجو من

 

تنگ ٿي نيٺ هو گهران نڪتو آهي.

واچ ۾ وقت ڏسي ٿو. گهر مان نڪرڻ کان اڳ به هن وقت ڏٺو هو. کيس آفيس کڻي وڃڻ واري گاڏي به اڄ الائي ڇو دير ڪئي آهي. گهٽي مان هلندي هو سوچي ٿو. ”روڊ وٺي وڃان. نه وچان ٿو وڃان. وچان نه ٿو وڃان- گاڏي روڊ وٺيو ايندي آهي، گهٽي مان نڪري هو پڪي رستي تي نڪري آيو آهي، سندس گاڏي به هيڏانهن نه هوڏانهن اچڻ واري هوندي، هو بيهي ٿو، فيصلو ڪرڻ ٿو چاهي.

”گهڙي کن آرام مس ٿو ڪريان ته ٻار اچي ٿا ننڊ ڦٽائن، مٿان نوڪري تي پهچڻ جي تڪڙ روزانو سورنهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ کانپوءِ رات جون ٻه گهڙيون به آرام نٿو ملي. دير سان گهر ۾ پير پائڻ سان مومل جي ننڊ خراب ٿي ٿئي. در کولڻ لاءِ گهنٽي ٻڌندي ئي بگڙيل منهن سان اچي ٿي در کولي، عام استعمال ۾ نه ايندڙ لفظن جو استعمال اڻوڻندڙ لهجو. آجيان ۾ نيٺ ملي ڇا ٿو؟ ڪينٽين جي ماني به ان آسري تي نه کائجي ته گهر وڃي مومل جي هٿن جي پڪل کاڌي مان چشڪو وٺجي، پر ان جي ابتڙ، ٿڌا چانور، ٿڌي دال،ٿڌا تريل پٽاٽا، گرهه گرهه تي پاڻي جو ڍڪ، جنهن جو به بندوبست پاڻ کي ئي ڪرڻو پوي ۽ ڪڏهن ته ماني کان ئي جواب در کولڻ واري تڪليف ئي الائي ڪيئن ٿي ڪري روز ٻه ٽي بيهودا اکر چئي وڃي هنڌ ۾ ڪرندي جي ڪجهه چئبس ته اڌ رات جو گهرمٿي تي کڻندي، چوندي:

سارو ڏينهن ته تنهنجي گهر  جو ڪم ٿي ڪريان. تنهنجي ٻارن کي ٿي سنڀاليان، جيتوڻيڪ ڄڻيا پاڻ اٿس. سڪ به پاڻ کي هئس.

سارو ڏينهن ٿي هڄان ته به گهڙي کن چيلهه سڌي ڪرڻ تي مانڌاڻ ٿو مچائين، جيتوڻيڪ مانڌاڻ پاڻ مچائيندي آهي.

مان توکان ٿي پڇان  ته تون جو سارو ڏينهن آفيس ۾ ڄنگهه ڄنگهه تي چاڙهيو ويٺو هوندو آهين ته لکڻ کان سواءِ ڪندو ڇاهين، اڪ ڪارا  ڪري ٿو اچين، مون کي ڄڻ خبر ئي ڪانهي، مان پڇان ٿي ته اها اڌ رات تائين ڪهڙي آفيس کليل هوندي آهي؟

حالانڪ کيس هزار ڀيرا ٻڌائي ۽ سمجهائي چڪو آهيان ته مومل، پنهنجي کاتي ۾مون کي ٽيبل جو نه، ذهني ۽ جسماني ولوڙ جو ڪم ڪرڻو پوندو آهي، ڪڏهن جي دير به ٿئي ٿي ته ان جو معاوضو پگهار  کان علاوه ملي ٿو، جيڪو به نيٺ گهرجي ئي ته ڪم اچي  ٿو. پر منهنجي مومل کي ڳالهه ڪٿي ٿي سمجهه ۾ اچي. جي ڪاوڙ سرس هونديس ته صبح جي بدران ان وقت ئي منهنجي غير ذميدارين جي لسٽ هٿ ۾ ڏيندي.

ننڍڙي کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻو آهي.

بيبي کي سئي هڻائڻي آهي.

گهر جو فلاڻو فلاڻو سيڌو آڻڻو آهي.

اڄ گاسليٽ کپي ويو آهي.

ڪالهه صابڻ به ڪونه هو.

ٻه درجا ڇا پڙهايا مانس، منهنجو دماغ ئي خراب ڪري ڇڏيو اٿس، هاڻي ته زباني ڪاروائي سان گڏ ڪاغذي ڪاروائي به شروع ٿي وئي آهي، ڪجهه غير ذميدار ته مان به آهيان، جا غير ذميداري  مان ڄاڻي واڻي  نه ٿو ڪريان پر جتي ملازمت ڪريان ٿو، اتي جو ڪم ئي اهڙو آهي جو مهيني ماس ئي ڪا سوير واندڪائي ٿيندي آهي، نه ته خير،

ڪا گاڏي سندس اڳيان گهٽي ۾ لنگهي  وئي آهي، هيڏي ساري مصروف  شهر ۾ پنهنجي باري ۾ سوچڻ  به ڪيڏي نه ڏکي ڳالهه آهي، الائي ڪهڙي گاڏي  هئي؟ اسان  جي آفيس جي نه هوندي، هجي ها ته مون کي ڏسي ها – ڪو هارن ڏئي ها– مان مڃان ٿو ته ٻارن جي صحت تي به پورو ڌيان نٿو ڏيان پر سيڌو ته آڻيان ٿو. هڪ ڏينهن اڳ ۾ مومل به گاسليٽ لاءِ  ٻڌائي ته جيڪر نيرن تي گهٽ ۾ گهٽ چانهه ئي ته ملي پويم، پر ٻڌائيندي ان وقت جنهن  وقت رات جا ٻارنهن ٿيندا هوندا يا جڏهن  مان چانهه گهرندس، بک ۾ نوڪري تي وڃڻ به ڪيڏو نه اهم مسئلو آهي، ۽ اڄ ساڳيو مسئلو مون  سان لاڳو آهي - ۽ ان کان  وڏو مسئلو آهي ڪپڙن جو، جيڪي ڪالهه صابڻ نه هئڻ  سب ميرائي  رهجي ويا. ڪابه ملازمت ڪرڻ لاءِ ظاهري ڏيک رکڻو ٿو پوي پر هي  مومل ڪٿي ٿي سهي. دراصل هن جو به ڏوهه ڪونهي، سڄي غلطي منهنجي آهي. مهيني جي پگهار تي هڪ ئي وقت سڀ ڪجهه آڻي رکجي ته جيڪر روز جي پٽڪي کان بچي پئجي. صلاح ته واهه جي آهي، بس آئيندي ائين ئي ڪبو. ته ڇا ائين ڪري به سگهندس يا هر مهيني  جيان ٿورو سيڌو آڻي ٿڪجي پوندس. نه، هن ڀيري پڪ سان سڄو سيڌو آڻبو، پر هيءَ روز جي سئي – اُف – ٻار هئڻ به آهي مصيبت. منهنجي خيال ۾ ته شادي ڪجي ئي نه، نه شادي ڪجي نه ايڏا جنجل ٿي پون.

ها، ته آئندي شادي نه ڪندس ٻي شادي ڪرڻ لاءِ سوچيندس به نه.

ٻي شادي وري ڪيئن ڪندس؟ افورڊ ڪٿان ڪندس؟ رکندو مانس ڪٿي؟ هڪ منجهان ئي ڦاٿو آهيان کيس ڪڍي به ته نٿو سگهان نه! پر ويندي ڪيڏانهن؟ مائٽ ئي مري ويا اٿس. پر مان ڇو سڄي ڄمار ايڏو بار ساڻ کنيو هلان.

مون کي زال نه گهرجي. پڙهيل لکيل سمجهدار به نه، اصل زال گهرجي  ئي نه. مون کي ٻارن جي ضرورت  ناهي.

مان اڪيلو ٺيڪ آهيان. گهٽ ۾ گهٽ رات جون ٻه گهڙيون ته سڪون سان سمهي سگهندس.

هو هلي ٿو، هلي رستو  ڇڏي وچان ميدان مان هلڻ لڳي ٿو، سندس من ۾ اٿل پٿل جاري آهي-

”مان چينج ڇو ٿو چاهيان؟“

هرڪو ماڻهو چينج ٿو چاهي.

مان ڪهڙي  تبديلي آڻيان؟ ڪيئن آڻيان؟ ڇا ڪريان؟

سڄو سارو مجبور آهيان، مجبورين ۾ جڪڙيل آهيان، سر اپا مجبوري آهيان. گهر هلائڻو آهي – مجبوري آهي.

جيڪي ڪمائڻو آهي – گهر ۾ خرچ ڪرڻو آهي – مجبوري.

سوسائٽي  ۾ موو نٿو ڪري سگهجي، جو پئسو ناهي.

دوست  ناهن، دوست آهن پر دوستڙيون ناهن، پر دوست به آهن ته ڪهڙا آهن، انهن کي ڇا دوست چئبو جيڪي پاڻ ته هر هفتي سنڊي نائيٽ ملهائن ۽ مون کي صلاح به نه هڻن. ٺيڪ آهي، صلاح نٿا هڻن  ته پاڻ کي وري ضرورت ڪهڙي آهي. ضرورت ڇو نه آهي – پاڻ وٽ به پئسا هجن ته جيڪر هفتي جي هڪ رات ته مومل جي جيءَ جلائڻ واري رويي کان جان آزاد ٿي پوي ۽ ڪنهن خوبصورت ڀريل بدن جي سرهاڻ ۽ سندس ساهن جو واس وٺجي، ڪو ولائتي شراب پيئجي.

اهي اجايا خيال مون کي نه ڪرڻ گهرجن. خيال ئي ته ڪيان ٿو – ڪهڙو عمل پيو ڪريان. پر جي ڪري به ورتم ته ڇا ٿي پوندو.

ايندڙ پهرين تاريخ جاني واڪر ريڊليبل وٺبو، نه بلئڪ لئبل وٺبو، هت ته ڏاڍو مهانگو آهي، ٻاهران گهرائبو پنهنجي پراڻي واقفڪار جهازن تي هوسٽيس آهي، پر آڻي ڪڏهن نه ڏيندي، الٽو دنيا جهان جون پابنديون مون تي ئي مڙهيندي. پاڻ پنهنجي  پر ۾ ڇا فارورڊ نه هوندي؟ ڇو نه هوندي، مسافرن کي ڇا شراب هٿن سان نه پيئاريندي هوندي يا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪنهن سان ڪمپني نه ڏيندي هوندي؟ ڇو نه ڏيندي هوندي. مڙئي، سڄي جهل پل رڳو مون لاءِ اٿس – چوندي: توکي نه شراب پيئڻو آهي نه ئي سگريٽ ڇڪيندو ڪر. نيٺ ڇو، اها سڄي پابندي مون تي ئي ڇو؟ مان هن جو ڇا لڳان! پر مان انهن معمولي  مسئلن تي ايترو پريشان ڇو ٿو ٿيان، نٿو ٿيان بس.

مان هر ٻار سان انهن حالتن ۾ ٺيڪ آهيان، شادي شده  آهيان ۽ ڇوڪريون لفٽ ڏين ٿيون ڪنوارن کي . ته ڇا مان ڏسڻ ۾ ڪنوارو نٿو لڳان. ڪنوارن کي ڇا هوندو آهي جو ڪنوارا لڳندا آهن؟ چال ۾ فرق هوندن، ڪيئن هلندا هوندا؟

هو پنهنجي  هلڻ تي غور  ڪري ٿو، ڪنوارن ڇوڪرن جيان هلڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هلي ڪو نه ٿو، سمجهي ٿو ته هلان ٿو-

پويان  هلڪڙو ٽهڪڙو سندس ڪنن تي پيو آهي – هو پوئتي ڏسڻ چاهي ٿو، پر هو ڏسي نٿو.

” آواز  ڇوڪرين جو آهي، پاڙي جون ڇوڪريون  هونديون، مرد جو مڙي ڇوڪرين کي ڏسڻ ڪيڏو نه خراب لڳندوآهي – سو به پاڙي جي ڇوڪرين کي جيڪي پاڙي جي مردن سان عشق ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿينديون. ڇو؟ ڇو ته سندن ماءُ پيءُ کي خبر پوندي. سندن پاڙي وارن کي خبر پوندي ۽ ڇو ته  پاڙي وارا به انهن وانگر غريب هوندا آهن، جن وٽ نه گاڏي هوندي آهي نه  ڏيڻ لاءِ  رقم. گاڏي ۽ رقم وارا پاڻ ٻين جي پاڙي جون عورتون آڻيندا آهن، ۽ اهڙي طرح پاڙي وارن جي رد بدل ٿيندي  رهندي آهي، حالانڪ عورتن توڙي ڇوڪرين کي پهرين پاڙي وارن مردن ۽ ڇوڪرن سان عشق ڪرڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ  رقم ته پاڙي جو پاڙي ۾ رهندي.  ۽ هونئن  به پهرين محلي وارن جو حق هئڻ گهرجي. پر هاءِ بدنامي- بدنامي به کڻجي ته ڪنهن شينهن ڪلهي ته هججي، ڪُتو به کائجي ڪُک به نه ڀرجي. ٻن ڏجي اهڙي عشق کي پر مون مومل سان ڪهڙو عشق ڪري شادي ڪئي آهي، جو بک ٿي ماري، خدا جي مار پويس.“

هن جو ڌيان وري ڇوڪرين ڏانهن ٿو ڦري اچي.

” آهن ڪير؟“ پاڻ کان پڇي ٿو.

”الائي ڪير آهن.“ پاڻ کي جواب ڏئي ٿو.

”پاڙي ۾ به الائي ڪير ڪير ٿا رهن“

هڪڙو ته فلاڻو ٿو رهي، نالو به ڇا اٿس، مومل ٻڌائيندي آهي ته کيس ڇهه ڌيئر آهن، مون ته ڪڏهن به نه ڏٺيون آهن، پر هي مومل وڏي واڪي چوندي  آهي؛ اهي ڇهه ڇوڪريون پرائيويٽ ٿيون هلن. سڀئي  منهن ڪارو ٿيون ڪرائن، ته مون کي به ضرور ڏٺو هوندائون. مون اڳي ته ڌيان نه ڏنو آهي، سڀاڻي گاڏي ۾ چڙهندي ان جاءِ جي درين ڏانهن تڪيندس ضرور ڪانه ڪا ڇوڪري مون کي روز گاڏي ۾ چڙهندي ڏسي مستقبل جا پائيدار خواب جوڙي ويٺي هوندي، پر هاڻي  ته شايد تنگ به ٿي وئي هوندي، ڪير ٿو ڪنهن جو ايڏو انتظار ڪري، سو به مون شادي شده جو، بهر حال سڀاڻي ڏسبو ته ضرور. متان ان جاءِ تي ڪا ٻي ڇوڪري بيهندي هجي؟

ڇوڪريون پاڻ ۾ ڳالهائن ٿيون.

”ڇا ٿيون ڳالهائن؟“ هو پاڻ کان پڇي ٿو ۽ منهن کي ٿورو کاٻي پاسي ڪري ٿو وري سڌو ڪري ٿو.

ائين ڪرڻ سان هڪ ته هو سمجهي وينديون ته مان منجهن دلچسپي ٿو وٺان ۽ جنهن جو ڪو به سٺو ڦل نڪرڻو ناهي. ان ڪري، ته مان سندن محلي  ۾ ٿو رهان شايد منهنجي محلي جون ناهن. منهنجو پاڙو ٻن اڳين ۽ هڪ پويان واري جاءِ ۽ هڪ پاساري  جي دوڪان کان سواءِ  آهي ڇا. پڪ سان آهن ته ڪالوني جون پر آهن الائي ڪهڙي پاسي جون. ڪير به آهن، ڪٿان جون آهن، تنهن ۾  پنهنجو ڇا. ڪيتري به ڪوشش ڪريان، ڇوڪريون مون سان ڪڏهن به عشق فرمائڻ جي زحمت نه ڪنديون – شادي شده جو ليبل ڪهڙي ڇوڪري پسند ڪندي، ڪا بنهه پنهنجي ويجهي مائٽياڻي به نه – ڀل کڻي ان اڻڄاڻائي وار عمر ۾ ڪي سهڻا سپنا آڻيا هجن.

پر هو ڳالهائن ڇا ٿيون؟

منهنجي متعلق ٿيون ڳالهائن منهنجي متعلق ڪهڙي موضوع تي ٿيون ڳالهائين؟

اهو ئي ته چوندي هوندي: شادي شده آهي.

ٻي چوندي هوندي: پاڙي جو آهي.

پر ڇا مان پويان سڃاڻپ ۾ اچان ٿو ته  سندن محليدار آهيان؟ ڇا هنن مون کي اڳي ڪڏهن ڏٺو آهي؟ ڏٺو هوندائون. هنن جو ڏنل هجان ها ته جيڪر منهنجي پويان ائين آهستي آهستي  نه اچن ها. مون سان  ڳالهائن ته نه ها، تڪڙيون وکون کڻي منهنجي اڳيان لنگهي وڃن ها. اهو تاثر ڏيڻ لاءِ ته هو ڪنهن ساهيڙي ڏانهن دواخاني، اسڪول، ڪاليج يا... الائي ڪيڏانهن به! ڪنهن تمام  ضروري ۽ تڪڙي ڪم سان وڃي رهيون آهن سو، مون کي پڪ آهي ته هنن مون کي نه سڃاتو آهي، پر مان ساڻن پنهنجي سڃاڻپ ڪيئن ڪرايان؟

ٿورو آهستي ٿو هلان. ڏسان ته آهن ڪير؟

ڪير به هونديون منهنجون سڃاتل نه هونديون مان جن کي سڃاڻان، سي هن وقت آفيس ۾ ڪم ڪنديون هونديون، ڪم نه ڪنديون هونديون ته پهچي ضرور ويون هونديون. مس جميله کي ته سندس ڀاءُ پنهنجي گاڏي تي پهچائي ويندو آهي. باقي سونيه اچي وئي هوندي انهن کي به ايترو ئي سڃاڻان، هيلو مس جميله – هيلو ميڊم سونيه ۽ وڌ ۾ وڌ چانهه اچڻ وقت، موٽ ۾ انڪار ۽ مرڪ، چپن ۾ الائي ڇا چونديون آهن. ولائتي ٻوليون  ڳالهائينديون آهن – مون کي ٻڌڻ ۾ نه ايندي آهي نه ته  جيڪر مان به ڳالهايان، جميله ۽سونيه ڏاڍيون سهڻيون آهن. مائٽ مومل سان شادي نه ڪرائن ها ته جيڪر جميله کي شاديءَ جي درخواست ڪيان ها. پاڻ به ڪمائي ها، مان به ڪمايان ها، گهر جي ڪم لاءِ نوڪر رکون ها، ٻار ٿين ها ته آيا رکون ها – پوءِ ته پاڻ ڪار به وٺون ها! پنهنجي گاڏي به بادشاهي آهي.

هلندي هو  آهستي ٿيو آهي پر ڇوڪريون اڃا ڪجهه پوئتي  آهن، هو پنهنجو پاڻ کي بدقسمت ٿو سمجهي  ۽ ان ڪيفيت کي مٽائڻ  به چاهي ٿو. هو هلندي  هلندي – هنن جو اڳيان وڌي اچڻ لاءِ سخت بيچيني سان انتظار ٿو ڪري، سندس قدمن ۾ بيقراري آهي، جنهن کي هو سختي سان محسوس ٿو ڪري، ۽ سمجهي ٿو منهنجي  ائين هڪدم ڍري ٿي هلڻ کي هنن خراب ته نه سمجهيو هوندو. خراب سمجهيو هوندو ته ڪيتري قدر  سمجهيو هوندو؟ ان خراب سمجهڻ ۾  هنن اهوئي سمجهيو هوندو ته هن مرد جي، نه مان اڃان ڇوڪرو آهيان، ته سمجهنديون، هن ڇوڪري جي، جوان ڇوڪري جي نيت ۾ ڦير آهي، ۽ منهنجي نيت واقعي ڦري ته آهي، سنئين سڌي ڳالهه آهي. هنن کي ڏسڻ جي خواهش اُڀري آهي.

”هڪ خواهش پوري ٿيڻ سان ٻي خواهش ڪر موڙي اٿندي آهي، پر اڳ ۾ هڪڙي خواهش پوري ٿئي“

هو آهستي هلي ٿو، پويان ايندڙ ڇوڪريون بيهي رهن ٿون.

پويان رڪشو، رود تان وڃي رهيو آهي، جنهن جي ويجهي اچڻ جو انتظار ٿيون ڪن! رڪشي واري کي بيهارڻ لاءِ هٿ  ڊگهيرن ٿيون. رڪشو بيهي نٿو. لنگهي ٿو وڃي اڳيان. ساڳيو رڪشو سندس اڳيان وڃڻ لڳو آهي . هو رڪشي ۾ ويٺل ٻن ٿلهين عورتن جي پوئين ٿولهه ۽ ماس جي وڪڙن کي گهوري ڏسي ٿو: مار ڇا ته زالون آهن، پويان ماس ته اٿن! ضرور ايترو اڳيان به هوندن. ٿلهيون عورتون - مڙس لاءِ ڪيڏي وڏي ٽرئجڊي آهن – خاص ڪري انهن  مردن لاءِ جيڪي بانس جي لڪڙي وانگر سنهڙا هوندا آهن ۽  گهڻو ڪري اهڙن متضاد حيثيت جي زال مڙس ۾ پيار به ڏاڍو هوندو آهي، الائي ڇو؟ ڪنهن به سبب جي مون کي ذاتي ڪا ڄاڻ ڪانهي.

ٻيو رڪشو اچي ٿو. خالي آهي، هو ته کيس بيهارڻ نٿو چاهي.

”ڇا چونديون ڪپڙا ڪيڏا نه سهڻا پيا اٿس، پنڌ ٿو وڃي.“

رڪشو لنگهي ٿو وڃي. هو منهن ورائي پوئتي ڏسي ٿو، ۽ ڏسندو ئي رهي ٿو. ڏسڻ جو سٺو وجهه وڃائڻ نٿو چاهي، ان ڪري جو هو پٺي ڏيو بيٺون آهن - ۽ سندن اکين اڳيان خالي رڪشو وڃي رهيو آهي. چپ بيٺيون آهن، ڪو خاص مسئلو  ٿي پيو اٿن؟ پرس وسري ويو اٿن! رڪشو نه بيٺو اٿن! ڪٿي پوئتي وڃڻ جي وائي ته نه ٿيون وارين؟ ته پوءِ هڪ هنڌ ڇو بيٺيون آهن؟ اڳتي ڇو نه ٿيون اچن؟ وڃڻو ڪيڏانهن اٿن؟

گهران ڇو نڪتيون آهن، ڪٿي تي نيٺ وڃڻو اٿن، ڪپڙا به ٺاهوڪا پيا اٿن. پويان جسماني بناوٽ به وڻندڙ اٿن.

ڪٿي نوڪري تي نٿيون وڃن؟ جي نوڪري تي ٿيون وڃن ته منهنجي گهر جي سامهون يا پويان واري گهر جون ڇوڪريون ناهن. انهن ويجهن گهرن جي عورتن کي مون اکين سان نه ڏٺو آهي پر مومل جي واتان سڀني جو ڀرپور تعارف ٿيل آهي ۽ ان ڪري مون کي خبر آهي ته  اسان جي ڀر وارن گهرن جي ڪا به ڇوڪري نوڪري ڪانه ڪندي آهي. جيڪر پاڙي ۾ به ڪا نوڪري ڪرڻ واري ڇوڪري هجي ها! ڪڏهن شام جو منهنجي يا هن جي- اڱڻ ۾ ڪرسيون ڪڍي چانهه جو ڪپ ڪپ پيئجي ها – پر هيءَ مومل ڇا مون کي ائين ڪنهن عورت سان ويهڻ ڏئي ها – نيور نيور، ماري وجهي ها.

ماءُ ڌي به ناهن. ٿي به سگهي ٿو ماءُ ڌي هجن – ڇو ته اڄڪلهه انهن جي جسماني بيهڪ ۾ ڪو به خاص فرق نٿو ٿئي. ڀينرون ٿي سگهن ٿون. جي ڀينرون آهن ته ضرور ڪن مائٽن ۾ وينديون هونديون، يا دواخاني وينديون هونديون، ڀينرون گڏ بازار به ته وينديون آهن! ۽ جي ساهيڙيون آهن ته پوءِ-

هو اندر ئي اندر خوش ٿئي ٿو. ۽ جلد ئي مايوس ٿي وڃي ٿو.

”ساهيڙيون ناهن – ڇو ته ايترو سوير ڪيئن مليون آهن. ٻنهي جا گهر به ضرور جدا جدا هوندا ۽ ٿورو گهڻو فاصلو  به هوندن سندن گهرن ۾ پر اڄڪلهه ته ساهيڙيون پنهنجي ساهيڙين وٽ وڃي رات گذارين ٿيون. هاڻي مائٽ ساهيڙين جي معاملي ۾ ڪجهه فراخدال ٿيا آهن- پوءِ ڀل ساهيڙيءَ جو ڀاءُ جوان ڇو نه هجي. ڪانفيڊنس جي ڳالهه آهي ۽ ان ڪانفيڊنس تحت ئي ته ڳالهه ٻولهه اڳتي چوري سگهبي آهي. مثال اسپتال تائين معاملو پهچي ته، ساهيڙي جو ڀاءُ ڊاڪٽر کي چوندو، سر مان افورڊ نٿو ڪري سگهان ۽ هونئن به مان يا منهنجي زال ٻار ڄڻڻ پسند نٿا ڪريون، پئسو ڏنو ٻرو ڇنو، اعتماد، اعتماد ئي رهيو. عزت به بچي آئي ۽ جي ڳالهه ٺهي آئي ته ڀلا ڇوڪريءَ کي ساهيڙي جي گهر کان وڌيڪ ڪهڙو گهر پيارو هوندو.

پيار ڪرڻ لاءِ محفوظ جاءِ ساهيڙي جو گهر ئي آهي.

دواخاني ڏانهن وڃڻ جو بهانو به سٺو آهي.

اسان وٽ پابندي ته آهي.  پابندي کان ڇوٽڪارو- بهانو. ۽ اهڙا ڪيئي بهانا هن وقت جي؛ منهنجو مطلب آهي ته هن دؤر جي وڏي ايجاد آهن. مان پنهنجي زال سان بهانو ڇو نه ٿو ڪريان؟

مون کي به ڪو نه ڪو بهانو ڪرڻ گهرجي.

سڀاڻي کان مان به مومل سان بهانا ڪندس.

بهانا جو ڪندس ته ڪرڻو ڇا اٿم؟ جنهن لاءِ  بهانا ڪندس. خير  وقت آيو ته ڏٺو ويندو. اڙي! هي ته پاڻ ۾ کلن پيون جهڙا ڪبوتر ڳٽ ڳٽ پيا ڪن.

هو مڙن ٿيون ۽ هن ڏانهن منهن ڪن ٿيون، هو هڪدم سڌو ٿئي ٿو ۽ هلڻ لڳي ٿو. ان ڊپ کان ته ” متان هو، منهنجي بيهڻ کي خراب نه سمجهن عزت وارو ماڻهو آهيان- کل لڪائي هلندو آهيان. مان پنهنجي نظر ۾ عزت ڀريو آهيان ٻين جي نظرن ۾ حالانڪه بيوقوف، ڇسو ۽ واهيات به آهيان، ها، ڪجهه  ماڻهن جي نظرن ۾ ته ائين هئڻ به گهرجي، نظر نظر جي ڳالهه آهي، هر ڪو ته هڪ جيترو عقل ڪو نه ٿو رکي، ائين ئي ته عقل  جي ننڍ وڏائي جي خبر پوي ٿي. حالانڪ جيڪو ٻئي  کي بيوقوف سمجهندو آهي،  ان کي اڳيون اڳ ۾ ئي بيوقوف سمجهندو هوندو. ٻين جي نظر ۾ کڻي ڇا به هجان، ڪيئن به  آهيان پاڻ تائين آهيان، جيئن آهيان سٺو آهيان، مان پنهنجو پاڻ کي وڻندو آهيان هونئن به دنيا جا گهڻا سهڻا ۽ سٺا ماڻهو خود ثنا ضرور ٿيندا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي به ڀائيندا آهن، ڇوڪريون اچن ٿيون هو مڙي کين ڏسڻ نٿو چاهي، ڍري رفتار سان هلي ٿو، پينٽ ڏانهن ڏسي ٿو، آهستي آهستي  هلڻ لاءِ جواز ٿو ڳولي، هروڀرو پينٽ کي ڇنڊڻ لاءِ بيهي ٿو. جهڪي ٿو ۽ هٿ سان گوڏي وٽ پينٽ کي صاف ڪري ٿو، جا اڳ ۾ ئي صاف آهي. ٿوري خراب آهي، سا ته پويان آهي جو گهر پهچي رات هن جڏهن ڪرسي تي ويهي بوٽ پئي لاٿو چمپل ڳولهڻ لاءِ اٿڻ وقت زال چيو هوس؛ انڌو هئين ڇا؟

ڇو؟

ڪرسي تي ائين ئي ويهي رهين!

ته ڪيئن ويهان ها؟

ڇا ڏسان ها.

پويان پينٽ جا افعال ڏس.

هن جو هٿ پويان وڌي ويو هو. موٽ ۾ سندس هٿ تي ننڍڙي جو ڪاڪوس لڳل هو، سور پي ويو – وڃي هٿ ڌوتائين ۽ گوڏ ٻڌي پينٽ کي ڌوتو هئائين.

هن جو هٿ پويان پينٽ تي ڦري ٿو، ۽ ساڳيون هٿ نڪ ڏانهن اچي ٿو.

”بوءِ ته ڪانهيس – ٺيڪ آهي ڀلا ڇا ڪجي. ٻيو سڀ ڪجهه ميرو هجي ته اٺ ڏينهن پاتل پينٽ ئي غنيمت آهي.

سندس هٿ پنهنجي حالت ۾ آيو آهي. هو محسوس ڪري ٿو ته ڇوڪريون کيس ڏسي رهيون آهن، ۽ ڇوڪريون به ان وقت ئي پاڻ ۾ کلن ٿيون. کجن ٿيون. گهٽيل ٽهڪن جو آواز هو پنهنجي  راتوڪي صورتحال ڏانهن ٿو منسوب ڪري.

”مون تي ٿيون کلن. منهنجو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ٿيون کلن،

هو پاڻ سنڀالي ٿو. هو مڙي کين ڏسڻ نٿو چاهي.

”مڙي کين ڏسڻ سان ان گهٽيل ٽهڪ جو سنئون سڌو نشان پاڻ کي ڀائنڻ گهرجي، ۽ جي مان پاڻ ڏانهن  ئي ٿو سمجهان ته ڇو نه ان کي ڪنفرم ڪريان ، ڏسان؟ نه ڏسان. مردن جو شان ناهي عورتن کي مڙي مڙي ڏسڻ، هو پنهنجي منهن کلي ٿو. هن کي مرد جي شان واري ڳالهه تي کل ٿي اچي، جهڙو مرد جي اجائي شان ڪرڻ تي کيس کل ايندي  هجي، پر هن جي منهن  تي مرڪ ناهي.

سوچي ٿو:

”مرد عورت کي نه ڏسندو ته ڪنهن کي ڏسندو، هي اجائي پابندي ڇا جي آهي؟ جڏهن ته ٻئي هڪ ٻئي لاءِ پيدا ڪيا ويا آهن – پر اها ڳالهه منهنجي سوچڻ جي ته ڪانهي – هونئن به منهنجو ان مسئلي سان ڪهڙو واسطو؟ پابندي  هجي نه هجي- منهنجي ته شادي ٿيل آهي. پر ڇا شادي شده مرد، عورتن جي پويان ناهن؟

عورتون به شادي شده مردن جي پويان آهن.

۽ جي ٻئي شادي شده آهن ته جسماني چئنج نه ٿا چاهين يا نه ٿا ڪن؟

سڀ ڪجهه ٿئي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ٿيندو آهي، رڳو سموريون  پابنديون مون لاءِ  آهن – مان اهي پابنديون ٽوڙڻ ٿو چاهيان – مون کي به چينج گهرجي، مان به هن روٽين لائيف مان تنگ ٿيو آهيان. اڌ رات تائين ڪم، ٿڪ اڌورو آرام، ٻارن جو پٽڪو، مومل جو بڇڙو منهن نه ڳالهائڻ ۾ مٺي نه جسم ۾ سٺي، نه ئي ...... مون کي جميله سان شادي ڪرڻ گهربي هئي. هاڻي به وقت ويو ڪونهي، جي سريت ٿي رهي ته موج ٿي ويندي، پر چوندو مانس ڪيئن؟

ڳالهائيندي ڪانهي مون سان. وڏائي  اٿس، پر ٻين سان ته کلي ڳالهائيندي آهي – شايد ٻين کي ڪنوارو سمجهندي هوندي.

مون کي به هاڻ ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

ڪري به سگهندس الائي نه.

ڪوشش ته ڪريان ڪم ٺهيو ته ٺيڪ نه ته به ادا اهڙو ته آهيان.

ڇوڪريون هن جي ويجهو اچي پهتيون آهن. ڇوڪريون سندس کاٻي پاسي آهن، هو رستن ڏانهن ڏسي ٿو - ۽ اعتماد سان پاڻ کي چوي ٿو:

”مان رستي جي ساڄي پاسي پيو هلان ۽ هي ڇوڪريون رستي جي کاٻي پاسي کان ئي اينديون، اوچتو سندس من  ۾ خواهش اڀري ٿي، کاٻي پاسي کان وڏي  گندي نالي کي ڏسي ٿو. ”جيڪر اوچتو ڪٿان ڳوري ٽرڪ اچي نڪري ۽ ڇوريون ڊوڙنديون منهنجي طرف هليون اچن.پر نه، ٽرڪ نه اچي. ان جي اچڻ سان هنن ۽ منهنجي وچ ۾ ٺهيل فاصلو خراب ٿي پوندو، اڳتي پوئتي ٿي سگهي ٿو.

رڪشو اچي ٿو. هو من ئي من ۾ وري شڪي ٿئي ٿو ۽ ان سان گڏ هلڪي پريشاني به ٿئيس ٿي:

”جي رڪشي ۾ چڙهي ويون ته پوءِ معاملو اڌ ۾ ئي رهجي ويندو. اڄوڪو ڏينهن جيڪر آفيس نه وڃجي. ههڙي موسم ۾ وڃي ڪا بهاري ڪجي- پر ڪٿي ڪجي؟ جاءِ ئي ڪانهي – کيسي ۾ ڏوڪڙ به ته ڪيهن.

شرم کي مٽائڻ لاءِ هو واچ ۾ ڏسي ٿو ۽ منهن ۾ بيزاري جو تاثر ٺاهي ٿو، واقعي اڄ سندس گاڏي دير ڪئي آهي.

رڪشو ڇوڪرين لاءِ ڍرو ٿئي ٿو، پر ڇوڪريون رڪشي کان هاڻي گهڻو پري آهن، کيس روڪين به ڪين ٿيون.

”کين ڪاڏي وڃڻو  آهي؟ هي رڪشو لنگهيو آهي پر ڪو نه روڪيو اٿائون. ڪٿي منهنجي باري ۾ به اهو ئي نه سوچينديون هجن! ڪٿي هو مون سان ته هلڻ نه ٿيون چاهين؟

هو ان خيال تي خوش ٿئي ٿو: ڪيتريون ڇوڪريون پئسي لاءِ نه، جنسي بک مٽائڻ لاءِ مفت ۾ ڪمپني ڏين ٿيون.

هو وقت ڏسي ٿو: مار پندرهن منٽ ٿي ويا آهن – پر هن گاڏي جو ڪو منهن مٿو ئي ڪونهي. هن وقت جي گاڏي اچي وڃي ها ۽ ڇوڪرين جي روبرو مون کي کڻڻ لاءِ بيهي ها ته جيڪر ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها – ٻي خواهش  سا به پوري نه ٿيڻ جهڙي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهائي ته خواهش پوري ٿئي.

نيٺ ڀلا ڪهڙي خواهش ڪريان جا هاڻي ئي پوري ٿئي؟

نوڪري تي وڃڻو اٿم.

گهران خوار ٿي نڪتو آهيان نيرن به ڪانه ڪئي اٿم، ويجهو ڪو هوٽل به ڪونهي جو رڳو چانهه ئي پيئجي. پر جي هجي به ها ته هنن ڇوڪرين جي اڳيان ڪيئن هوٽل ۾ گهڙان ها. ڇا چون ها! سال ۾ هڪ مهينو ٿو اچي ته به روزو نٿو رکي.

بک ته هونئين ئي ڪڍان ٿو ته پوءِ روزو ڇو نه رکي ڇڏيان.

هن کي بک جو چڪ پوي ٿو.

” سارو ڏينهن ههڙي بک ۾ ڪيئن ڪاٽي سگهبو؟

ڇوڪريون هن جي کاٻي طرف هلڻ لڳيون آهن، هو منهن پاسيرو ڪري به کين نٿو ڏسي – حالانڪ سندس من ڏاڍو ٿوڪڍي.

” هو مون کي ڏسنديون هونديون منهنجي سهڻي سلم شخصيت کي دل ئي دل ۾ پسند ڪنديون هونديون.

منهنجي شخصي حيثيت کي منهنجي کاتي ۾ ڪم ڪندڙ سڀئي پسند ڪندا آهن، منهنجي رنگين ڊريسن کي پسند ڪندا آهن.

هاڻي هنن ڇوڪرين ڏانهن به ڏسڻ گهرجي، ڏسان ته هنن وٽ مون لاءِ ڪهڙا ريمارڪس آهن،

هو اکيون ٽيڏيون ڪري کين ڏسي ٿو – جنهن سان هو صحيح طور تي کين ڏسي نٿو سگهي. پويان هيون ته به ڏسي نه سگهيس ۽ جڏهن ساڻ ساڻ ٿيون هلن ته به نٿو ڏسي سگهان، ڪيڏو نه بدقسمت آهيان مان. بدقسمتي منهنجو تيسين پيڇو نه ڇڏيندي جيسين مان پاڻ ائگريسو نه ٿيندس.

مون کي ائگريسو ٿيڻ گهرجي.

هو منهن ڦيري کين ڏسي ٿو.

”تمام سٺيون صورتون آهن. هلڪو ميڪ اپ به ٿيل اٿن، هٿن ۾ ننڍڙا پرس به اٿن. باءِ دي وي مون کي پڇڻ گهرجي. اخلاقن ئي کانئن پڇڻ گهرجي. اف يو ڊونٽ مائينڊ..  پر نه اهو هر ڪنهن جو ذاتي مسئلو آهي، ڪيڏانهن به وڃن، تنهن ۾ منهنجو ڇا؟ مون کي ته خار رڳو مومل تي آهي جنهن کي پورو هلڻ به نه ايندو آهي، ڏس ته ڪيئن نه ٽلنديون ٿيون هلن. ڪن مومل، اتفاق سان ڪڏهن گڏ هلندي ته سڀ رستي وارا پيا ڏسندس، ائين به ٿي سگهي ٿو ته مون کي هن جو هلڻ نه وڻندو هجي. مرد توڙي  عورتن کي پنهنجن زالن توڙي مڙسن جي ڀيٽ ۾ ٻين جو سڀڪجهه وڻندو آهي، تڏهن ته پاڻ اڪيلو هججي يا زال سان، پر ٻئي مرد سان ويندڙ عورت کي ٽيڏي اک سان ڏسي ضرور وٺندو. ڇوڪريون مرڪي ڇو ڪونه ٿيون ڏسن. ڪجهه ته سوسائٽي مئنرس هئڻ گهرجن. ٿورو ته وش ڪرڻ هنن جو به فرض آهي.

هو پنهنجي منهن تي مرڪ آڻي ٿو، کين وش ڪري ٿو. ڇوڪرين جو منهن هن ڏانهن نه - پر سامهون ايندڙ ڪار ڏانهن آهي. هنن جا منهن خوشي کان ٻهڪي اٿيا آهن.

”پنهنجي ڪنوينس سان ڪيڏا نه وڏا مسئلا حل ٿيو پون. جهڙي مهل چاهجي – جتي به وڃڻ چاهجي هليو وڃجي ۽ هي آفيس جي گاڏي توبهان- سڄي لئي ئي وڃائي ڇڏي اٿائين.

رستي تان ايندڙ ڪار سامهون اچڻ بدران ٻي رستي تي مڙي وڃي ٿي، ڇوڪرين جو منهن لهي ٿو وڃي ۽ سندن رفتار ۾ ٿوري تيزي اچي وڃي ٿي. سامهون بس اسٽاپ آهي. ماڻهن جي رش لڳي پئي آهي، بسون بيٺيون آهن. اومني، مني ٽيڪسي، ويگن، رڪشا سڀ موجود آهن، سهڻن ۽ رنگين ڪپڙن ۾ عورتون، ڇوڪريون ، مرد ۽ ڇوڪرا به بيٺا

آهن. لهن پيا، چڙهن به پيا.

ڇوڪريون تڪڙو بس اسٽاپ جي هڪ پاسي اچي بيٺيون آهن.

هو به هلندو اچي، ٻئي طرف تي بيٺو آهي.

ڇوڪريون کيس بار بار ڏسن ٿيون، هن کي هنن جو ائين بار بار ڏسڻ ڏاڍو ٿو وڻي. ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي کي به ڏسي وٺن ٿا. ڇوڪريون ڪجهه وڌيڪ کلمک ٿيون لڳن. ۽ هو پنهنجي گاڏيءَ جي دير ڪرڻ کي پنهنجي گهٽتائي ٿو سمجهي. بدقسمتي ٿو سمجهي:

” گڏ وٺي ته وڃي نٿو سگهان. کين اهو ته ڏيکاري سگهان ٿو ته مون کي آفيس جي گاڏي کڻڻ ايندي آهي – جنهن ۾ مان ڪيڏي نه ٺاٺ سان ويهندو آهيان. پر هن گاڏي اڄ نيٺ دير ڇو ڪئي آهي. اڄ جو ههڙو موقعو ڪيئن هٿن مان پيو وڃي. مان واقعي بدقسمت آهيان.

هو وقت ڏسي ٿو. هن جي وقت ڏسڻ سان گڏو گڏ ڇوڪريون به وقت ٿيون ڏسن، ۽ ڪنڌ جي هلڪي اشاري سان کانئس پڇن ٿيون.

”مون کان نه ٿيون پڇن. هڪڙي ٻيءَ کان پڇندي هوندي. ڀلا جڏهن پاڻ وٽ واچ اٿن ته مون کان ڇو پڇنديون. پر هو وقت ڇو ٿيون ڏسن؟ شايد کين به ڪا آفيس جي گاڏي کڻڻ ايندي، شل ائين نه هجي. جي ائين ٿي پوي ته جيڪر- سٺو نه ٿئي.

هن جا وار ٿورا بگڙجي  ويا آهن، هو وارن کي هٿ سان سيٽ ڪري ٿو. ڇوڪريون به پنهنجي وارن کي سيٽ ڪن ٿيون.

هو نڪ کي آڱر سان کنهي ٿو، ساڳي آڱر مڇن تي ڦيرائي ٿو. هڪڙي ڇوڪري به پنهنجي مڇن تي آڱر ڦيري ٿي. کلي پوي ٿي پنهنجي منهن، سندس ساهيڙيءَ جو ڌيان ايندڙ ويندڙ گاڏين ڏانهن آهي- هو سوچ ٿو:

”اتفاق ٿي سگهي ٿو ته هن به پنهنجي مڇن تي ان ئي وقت آڱر ڦيرائي هجي – پر پوءِ کلي ڇو؟ پڪ ئي پڪ چيڙائي ٿي. پاڻ کي ته مڇون اٿس ئي ڪو نه، ته پوءِ ائين ڇو ڪيائين؟ عورتن کي گهڻو ڪري مڇون ٿين ئي ڪونه، ورلي ڪنهن عورت کي ٿينديون آهن. جيئن هوءَ ڪير آهي، ها – هو جيڪا ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪندي آهي. نالو به الائي ڇا اٿس، ملندي ته ادا ڪري ڳالهائيندي- هي ڇوريون به عجيب آهن – ڄڻ اسان  الائي ڇا  ٿا چئون  جو هر جملي تي ڪنديون ادا، ادا – ان کي نوجوان ڇوڪرن وانگر مڇن جي ساول آهي – ڪيڏي  نه سهڻي لگندي اٿس مڇن جي ساول – پر آهي ڏاڍي ڪنزرويٽو.

ڇوڪري پنهنجي ساهيڙي سان ڪجهه ڳالهائي ٿي، ٻئي گڏجي کلن ٿيون. هن ڏانهن ڏسن ٿيون، هو به کلڻ ٿو چاهي، کلي نه ٿو سگهي – هو ان جاءِ تان وڌي وڃي ٿو. ڇوڪريون به ڏانهنس وڌي اچي  سندس بنهه ويجهو بيهن ٿيون، هنن مان ايندڙ خوشبوکيس وڻي ٿي:

” هيتري ساري ڪمائڻ کانپوءِ  به ڪڏهن خوشبو خريد ڪانه ڪئي اٿم، ڪيڏي نه راحت آهي هن خوشبوءِ ۾، جيڪر مان به وٺان- سڀاڻي مان به وٺندس. سڀاڻي ڪٿان وٺي سگهندس پهرين تاريخ وٺندس پر وٺندس ڪيئن؟ مون کي خبر ئي ڪانه پوندي. هنن کان  جيڪر پڇي وٺان؛ ايڪسڪيوزمي- توهان هي ڪهڙي خوشبو لڳائي آهي؟

هو کين ڏسي ٿو- ڇوڪريون به کيس ئي ڏسي رهيون آهن.

” ٺيڪ آ، نه ٻڌائن، مان مس جميله کان پڇندس. ڪنهن بهاني  ڳالهائڻ جو موقعو ته ملندو. پر ڇا هو اوچتو منهنجي ان چئنج کي خراب نه سمجهندي؛ نه سٺو سمجهندي محسوس ڪندي ته مون ۾ به جمالياتي ذوق موجود آهي. ۽ پوءِ ضرور لفٽ ڏيندي- خراب سمجهندي ته ڀلا مون کي ڇا ڪندي. پر نه خراب ڇو سمجهندي، خوشبولڳائڻ ته تمام سٺي ڳالهه آهي، هنن ڇوڪرين مان ايندڙ خوشبو  ڪيئن  نه مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي پئي ۽ مان جي هنن ڏانهن ائين ڇڪبو ويندس ته منهنجي مستقبل جي سهڻي سپني جو ڇا ٿيندو، نه مان هنن جي لڳايل خوشبو  تي ڇڪجڻ ڇڏي ٿو ڏيان. ڌيان هٽائڻ گهرجي مون کي- مون مستقبل لاءِ هڪ خوبصورت ڇوڪري تلاش ڪري ورتي آهي، جيڪا رهندي  پنهنجي گهر ۽ مان پنهنجي گهر. پر رهندي منهنجي دوست، زندگيءَ جي دوست. پر مس جميلا ڪٿي پسند ڪندي. هوءَ ته ڳالهائڻ ئي نه چاهيندي آهي. دل ته چوندي  هوندسد. منهنجي ته دل ڏاڍي چوندي آهي. مان ته جيڪر شادي به ڪريانس. پر ڪيئن ڪريانس ڪو سورس ئي ڪونهي، ڪنهن کان چوايانس. چٺي لکانس. ٺيڪ آ، چٺي ٿو لکانس، پر مان ساڻس شادي ته نه ڪري سگهندس. نڪاح ٻڌي زال معنيٰ ساري ڄمار جي پابندي، نه صرف عورت لاءِ پر مرد لاءِ به. اهو ته ظلم آهي، بهتر آ ته مان رڳو ساڻس ٽرمس رکان ۽ مهيني ماس تي راضي ڪريانس. راضي ٿيندي به الائي نه. مون کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي- اڃا ته هيڏو سارو وقت پيو آهي، ڪهڙو نوڪري ڇڏي ٿي وڃي. ته پوءِ تيسين ههڙي شغل ڪرڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه – ڇوريون به ڪي ڏاڍيون سهڻيون آهن. هن ڄمار تائين ته گهٽ ۾ گهٽ مون اهڙيون خوبصورت  ڇوڪريون نه ڏٺيون آهن، زال ٻار نه هجن ته جيڪر هنن ٻنهي سان شادي ڪريان ها! ٻنهي سان  ڪيئن ڪريان ها پهاڄون وڙهي پون ها. پاڻ ۾ ڪو نه وڙهن ها! هاڻي ئي ايڏي پاڻ ۾ انڊر اسٽينڊنگ اٿن، پوءِ ته منهنجو دماغ ئي خراب ڪري ڇڏين جيڪر.

شادي کڻي نه ڪجي ته ساڻن دوستي ته رکي سگهجي ٿي. مون کي به رڳو دوستي رکڻي آهي. دوستي به ڪهڙي- ڪجهه گهڙين لاءِ ڪمپني  ڪرڻي آهي. گهٽ ۾ گهٽ هڪ اڌ اهڙي ڇوڪري به واقف هئڻ گهرجي جنهن سان مهيني ماس ڪي سٺيون گهڙيون  گذاري سگهجن. پر مهينو ته وڏو عرصو آهي، هئڻ ته هفتي لاءِ گهرجي. پر اهڙي اچي ڪٿان جو مون سان سنڊي نائيٽ ملهائي، ناهي ته ناهي،پاڻ کي پريشاني ئي ڪهڙي آهي. پر هي ٻئي به سٺيون پارٽنر ثابت ٿي سگهن ٿيون. پر ٻئي هڪ ئي وقت منهنجون پارٽنر ٿيڻ ڪيئن پسند ڪنديون؟ هڪ مرد ٻه ڇوڪريون؟ ڳالهه ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. سمجهه ۾ ڪيئن ايندي بکئي پيٽ تي ڪا صحيح سوچ به ايندي آ ڇا؟ مار پوي ڪا مومل کي، هيڏو ڪمائجي به پيئڻ لاءِ چانهه به نه ملي.

هڪ مرسڊيز ڪار وڌي وڃي ٿي. اڳيان وڃي بيهي ٿي، پوئتي  موٽي اچي ٿي. مون لاءِ ناهي.

منهنجي ڪنهن دوست وٽ مرسڊيز ڪار ڪانهي، آهي به ته اها جميلا جي ڀاءُ جي آهي. سا به ڪاري آهي هيءَ ته ڳاڙهي آهي.

ڪار مان مرد جهڪي ٻاهر ڏسي ٿو، ڇوڪرين کي کلي ڏسي ٿو. ڇوڪريون به کيس کلي ڏسن ٿيون ۽ وري هڪ ٻئي کي ڏسن ٿيون ۽ وڌي وڃن ٿيون گاڏي ڏانهن. گاڏي ۾ ويٺل مرد هٿ وڌائي ڪار جو دروازو کولي ٿو، ڇوڪريون گاڏي ۾ گم ٿي وڃن ٿيون. مرد ساڻن ڪجهه ڳالهائي ٿو.

چون ٿيون اهڙو، بيوقوف وري اسان سان هوندو.

ڪار مان گڏيل ٽهڪن جو آواز اچي ٿو.

هو کامي پڄري وڃي ٿو.

”ڪار وارا لفٽ ڏين ٿا ڇوڪرين کي. ڇوڪريون لفٽ ڏين ٿيون ڪنوارن کي.

نه، ڪنوارن کي نه، ڪارين کي. پر هيءَ منهنجي کڻڻ واري گاڏي ڪهڙي جهنم وڃي پهتي.

مرسڊيز اسٽارٽ ٿئي ٿي. هلڻ لڳي ٿي. ڇوڪريون اندران منهن ڪڍن ٿيون. پاسن جي شيشي وارن خالن مان هٿ ڪڍن ٿيون ۽ هٿ لوڏي کيس الوداع ڪن ٿيون.

هو ڪار واري مرد تي ساڙ به کائي ٿو. کيس بک به ڏاڍي لڳي آهي، منهن تي مرڪ آڻڻ چاهي ٿو، نه ٿو آڻي سگهي.

۽ هن کي سمجهه ۾ اچي ٿو: ٻه ٻه عورتون هڪ مرد کي ڪمپني ڏئي سگهن ٿيون.

شرط اهو آهي ته مرد وٽ ڪار هجي.

جيستائين گاڏي نظر اچي ٿي تيستائين کيس ائين ٿو لڳي گاڏي مان نڪتل هٿ لڏي لڏي کيس الوداع ڪري رهيا آهن. هو هٿ لوڏي کين به الوداع ڪرڻ ٿو چاهي. پر هو ڪجهه به نه ٿو ڪري. رستو آهي – بس اسٽاپ آهي ماڻهو آهن. پيهه آهي. هو رڳو خالي خالي نگاهن سان کين ڏسندو ٿو رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com