امداد حسيني
ڪپوزيشنس آن .......
(ترائيل)
جاڳي رهيا ستارا، ۽ تون ستي پئي آن
۽ ٻن آڱرين ۾ ، سگريٽ ٿو ٻري پيو
رُت ريت ڪانه سمجھين، ڪيڏي نه بي چئي آن
جاڳي رهيا ستارا، ۽ تون ستي پئي آن
ڪهڙي هيين نه اڳ ۾، ۽ ڪئن نه ٿي وئي آن
۽ سور پور پالي، من ڌير ٿو ڌري پيو
جاڳي رهيا ستارا، ۽ تون ستي پئي آن
۽ ٻن آڱرين ۾، سگريٽ ٿو ٻري پيو
ٽيڙو
تنهنجو سهج سڀاءُ،
مُرڪ جي لُوڻ __ ٻُرڪ __
مون وٽ گھرو گھاءُ.
ڪالهه هتي هو چنڊ،
اڄُ اتي اونڌاهه جو ___
مانڊيءَ منڊيو منڊ.
مون ۾ ڳُڻ نه ڪو به،
تنهنجي واتان__
ٻُڌڻو پيو اهو به.
(پرهه پسڻ کان پهرين)
پرهه پسڻ کان پهرين پنهنجو پرين پسڻ مون چاهيو هو
اونڌاهيءَ ۽ اوجاڳي سان مون ڪيڏو سينو ساهيو هو
پر هيءَ ڪاري رات
هُن جي وارن وانگر ڪپيل ناهي
۽ هوءَ سُتي پئي آ
سورج وارن منجھه لڪايو
ڪِرڻا اکڙين منجھه سمايو
رولڙي کان پوءِ
تو سوا
جيترو عرصو جياسين
جاڙئي جاني جاسين
۽ جڏهن
تنهنجي پُکي پيارا پياسين
ڄڻ جُڳن جي رولڙي کانپوءِ ٿانيڪا ٿياسين !
اورار ــــــ پرار
تون پريين فٽ پاٿ تي بيٺي هيين
وچ روڊ تان
دريا ترئفڪ جو وهيو پئي
ٿورڙي ويڇي ملي
انڌ مان تو لوُهه پاتي
انڌَ مان مون لوُههَ پاتي
بريڪ جا چڙراٽ ٿيا
ٽائرن رستي تي گيساٽو ڇڏيو
گوڙ ٿيو، ماڻهو مڙيا
۽ ٻنهي پاسان ٽرئفڪ بيهي وئي
تون آءُ،هٿ هٿ ۾ ڏئي
فٽ پاٿ ڏي گھُلندا هلياسين ....
ٽي شعر
نينهن اوهان سين لايوسين
چهري تي رنگ آيوسين
ساروڻين جي سڪن کي
سيني ۾ ڇڻڪايوسين
جڏهن تنهنجي ياد آئي
چپُ ڏندن ۾ آيوسين .
شرجيل
ڀڳل ڳجھارت
هي جيون ڇا آهي!
جھڙو اڻ چٽو
ڪو سپنو آهي شايد!
هي جيون _ ڪا مڃيل حقيقت ته ڪانهي
هي ته نابود احساسن جي بي اثر ڪهاڻي آهي
هي جيون،
ڪنهن، خيرات جي ذلت جو احساس به ڪونهي
جڏهن،
منهنجي وجود جي ڀڳل ٽٽل درين مان
منهنجون اکيون ڏسديون آهن
منهن جا ڪن،
فضا ۽ پولار جي
دل ڏاريندڙ، خاموشيءَ کي
واجھائندا آهن.
منهن جا هٿ،
درين جي ڀڳل ٽٽل،
صدين جي پراڻين ڪاٺين کي ڇهندا آهن،
تڏهن،
منهن جون ساڻيون
۽ وڌوا حسون
مري وينديون آهن
مري وينديون آهن.
ورکا
مان وڃائجي ويس
تون وڃائجي وئينءَ
هيڏي ساري گوڙ ۾
هشامن ۾
ڄڻ ڪنهن معزز مهمان جي آڏر ڀاءَ لاءِ
ڪنهن، بي رحم جي هٿن ۾
ٻن گلن وانگر هئاسون
اڇلايا وياسون
چيڀاٽيا وياسون.
قاضي خادم
مان وارياسي جو گل
ڏوهاري
ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن،
جن کي نه ڪرڻ بهتر آهي.
مان سمجهان ٿو،
ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن،
جن کي نه سمجھڻ بهترآ.
پر مون کي ڪنهن تي وس ڪونهي.
خود منهنجا خيال به باغي بنجي منهنجي آڏو اڀرن ٿا.
۽ مان هنن سان اک ملائي ڳالهه ڪرڻ جي قابل ناهيان.
مان پنهنجن ئي احساسن جو ڏوهاري آهيان.
خوشبو
گل پنهنجي لاءِ ٽڙن ٿا،
ڪير هنن کي ڪالر ۾ يا ڪاريءَ چوٽيءَ ۾ هڻندو؟
اهو سوچڻ گل جو ڪم ناهي.
گل پنهنجي خوشبو ۾ گم آهن.
نئون وقت
هوائون اتر کان اچن ٿيون،
ڏکڻ کان اچن ٿيون،
ڪڏهن ڪهڙي صورت،
ڪڏهن ڪهڙي صورت،
اچن ٿيون ۽ اينديون رهن ٿيون.
پيلن پنن کي وڻن مان اکوڙي ،
نئين وقت کي جاءِ ڏينديون رهن ٿيون_
هو اينديون ئي رهنديون.
ڌرتيءَ جو بار
احساس اٿم،
هن ڌرتيءَ تي،
مان وارياسي جي گل وانگي،
بي خوشبو بنجي ويو آهيان.
جيئن مور ٽلي ويرانن ۾،
۽ ڪو به ڏسڻ وارو نه هجي ،
۽ ڪو به ڏاهو ڄڻ بيگانن ۾،
۽ ڪو به ٻڌڻ وارو نه هجي،
تيئن منهنجو رنگ به بي رنگ آ.
گمشدگي
هڪ ڪوڙ اندر ۾ ڦٿڪي پيو،
هن رات جي پوئين پهر ۾ جيڪو زهر ڀريل آهي،
هو ان جا ڍڪ ڀري ويٺو؛
۽ سچ جي ڍونڍ جي ڍير مٿان هو ڪوڙا ٽهڪ ڏئي مرڪي ويٺو،
هو چاهت جا ارمان کڻي ٻاهر نڪتو،
۽ وارياسي ۾ گم ٿي ويو.
تاريخ
واٽ تي مون کي هڪ پوڙهي جھور ملي،
هن مون ڏانهن اهڙيءَ ريت ڏٺو ڄڻ انڌي هئي.
مون هن ڏانهن اهڙيءَ ريت ڏٺو،
ڄڻ ڪجھه نه ڏٺم.
پر هي سمجھيم،
هن سڀ ٿي ڏٺو،
ڄڻ ڄاتائين ٿي،
مون کي ڪهڙيءَ واهه وڃڻ گھرجي؛
هن مون کي منهنجي غلطيءَ بابت ڪو نه چيو،
هوءَ گونگي هئي _
نسرين جوڻيجو
نري نڀ تي سونو سج
حوصلو
آب اکين ۾،
ڳل تي ڳوڙها،
مک تي زهري مرڪ،
درد ٻڏل ۽ نقلي نقلي،
منهنجو جيون،
سپنا سپنا:
اکڙيل اکڙيل، هيسيل هيسيل،
ڀو بڇيندڙ
اگرا پورا سپنا،
چهڪ ڏئي ٿي ساڀيان دل کي.
منهنجون سوچون:
وياڪل وياڪل.
منهنجا جذبا:
ڇورا ڇنا.
من تي مونجھه ۽ __
بار هئين تي.
ڪير پياري!
پيار ڀري ڪا، سرڪ سوائي،
لڙڪ لڙن ٿا،
جن جي پويان،
اجڙيل کوهيل،
منهنجا سپنا،
هيڏانهن هوڏانهن،
پئي واجھايان،
جھاتيون پايان،
نيڻ نماڻا
کنيو نهاريان،
مَنَ ڪا مرڪ ملي!
جھول جھلي مون،
تنهنجي آڏو،
ٻڏو اٿئون تون __
وڏو سخي آن،
پوءِ به زمانا،
منهنجي جھولي،
خالي، خالي،
ڄڻ ڪنهن،
منگتي جو ڪشڪول.
مرڪ ڪٿان کان آڻيان؟
لڙڪ ڏيان مان ڪنهن کي؟
ڪو به نه آهي لڙڪ اگھي جو!
آب اکين ۾،
ڳل تي ڳوڙها،
مک تي مرڪ ۽،
اندر سارو، آڳ جو کورو،
جيون سارو،
اگرا پورا سپنا،
پوءِ به مرڪي وڏا وڏا،
مان ٽهڪ ڏيان ٿي،
خوش رهان ٿي.
دنيا
هيءَ دنيا
ڪجھه وَٺي
ڪجھه ڏئي،
مون کي
به ته
لڙڪ ڏنئين
مرڪ کسي!
سڀاڳ
نيري لڀ تي
سونو سج
ڪڏهن لهي
ڪڏهن چڙهي
جيون جي جھان ۾
هي سڀاڳ جو سج
رڳو لهي
لهندو ئي وڃي!
خواهشون
من منجھه سانڍيل
هي خواهشون
اڻ جھليون
اڻ سليون
ذهن سان چهٽيل
ڄڻ ڄُورون
پوءِ به
اسين
تن کي
پنهنجين سوچن جو لهو پياريون.
”جوهر“ بروهي
ڦڙو ڦڙو ٿي رت ٽمي ٿو
نيڻن مان آ نور سڪرات اجھاڻو،
ساهه مٿان سڪرات ٿي تاڻي.
سپنا پنهنجا سندر سهڻا،
شيشي وانگر چور ڏٺاسين.
هيڏي ساري دنيا ۾،
بس، ويراني آ ويراني آ،
نفرت؛ جنگ ۽ ڏاڍ جون وايون،
هِتِ هُت ويٺا ڳائن ماڻهو.
لوڪ ڏٺي سا لهندي ناهي،
سڪ ۾ ڪو تاثير اڻائو.
هڪڙو هو ڌڻ وارو ڳڀرو،
جنهن تي جوانيءَ مرڪ وڇائي،
جنهن تي جوڀن رنگ رچايو،
جبلن جيڏي جاتي هئي،
سوباغي ٿي پيو رسمن کان،
جن رسمن کي ڪو پڳ نه آ،
پر دنيا سهندي ناهي اهڙا.
هڪ ڏينهن
سورج پنهنجون شاخون ڪڍيون،
جھر جھنگ جھر مر جھر مر ٿي ويو،
ماڻهونءَ جي دل ڪاري باقي،
اولهه ڏي ٻه ٺڪاوَ ٿيا،
۽ ٻئي لمحي
رت ۾ ريٽي ڌرتي ٿي پئي،
ساڳو ڪونڌر پٽ پيو هو،
ڌرتي ڳاڙهي __
ائين هئي جيئن ڏور شفق،
-
ڌرتيءَ جي هن لال شفق مان
-
لاٽون اڀريون،
رسمن جي اوندهه خلاف،
ماڻهوءَ کان وڌ رسمون پيارون.
سردارن جي اُٺ جي قيمت،
ماڻهن کان وڌ عزت واري،
يعني جنهن اٺ ورتو هوندو،
ان جي نياڻي سنڌ وڪاڻي.
’مورن‘‘ ۾ ميٺاج نه ساڳو،
’’ليليٰ‘‘(1)
جي اڄ تار نه ساڳي،
’’چاپ‘‘(2)
۾ ساڳو جھومڻ ڪونهي،
دل کي ساڳو آٿت ڪونهي.
چنگ لئه چارڻ ڪو نه مليو،
۽ بينن جو گُر گُم سُم گُم سُم،
سرندو تارن کان ٿيو باغي،
دهلن ۾ سا ڌُومَ نه آهي،
هرڪو هتڙي ويري ٻئي جو،
جذبو ڪو معصوم نه آهي.
دليون ٻرن ٿيون،روح نڌڻڪا،
اکڙيون آليون چپ سُڪل __
وار به اڻڀا، پيار به اڻڀو،
ڇو ته __
هر هڪ دل آ ڪوٽ ڪڙن ۾،
آهون قيدي اک تي پهرو،
اڳيان هڪ واسينگ ستل آ،
يعني __
سرداريءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾.
راهون بدليون،
پاپ وڌي ويا.
گھر گھر ۾ آ ماتم ماتم،
جنهن ڪرائي سوئي منصف،
ههڙو ڪنهن هنڌ هاڃو آهي؟
راهون بدليون،
نيڻ وساڻا،
ڦڙو ڦڙو ٿي رت ٽمي ٿو،
هر هڪ دل جو ڌڙڪڻ ُ بدليو ،
رنگ اڏاڻا ڪوڙ وڌي ويو.
سچ وڪامي بازر ۾ ائين،
جيئن ڪو ڪوڙو ڪوڙ کپائي،
پاپي ڀي آ قاضي ڀي آ __
ههڙو هاڃو ڪاٿي هوندو؟
نور گھلو
ليڪون
هٿ جون ليڪون،
ڪوڙيون آهن
تنهنجي منهنجي ليڪ ڪٿي ڀي ملڻي ناهي
ڪير چوي ٿو؟
آءُ ته گڏجي هٿ ـــ ريکائن کي
تيز بليڊ سان
پينسل وانگر ڇلي ڇڏيون!
ڊاڪٽر برنارڊ!
ڊاڪٽر برنارڊ!
تون
احساس جي دنيا کان
ٿورو دور ٿي
نشتر هڻي
دليون ڪڍي
دليون وجھي
ٽانڪا هڻين ٿو
پر
تو ڪڏهن
ڪاري جي اجري جرڪندڙ، دلڙي ڪڍي
گوري جي سيني ۾ رکڻ کان پوءِ
ان جون ڌڙڪڻون به ڳڻيون آهن!
ملڪ نديم
مقبول جو مرثيو*
منهنجا پٽ،
تون به هئين،
انهن لکن
پورهيتن جي اولاد وانگر
جيڪي مرندا آهن
تنهنجي موت وانگر
سٺي خوراڪ نه ملڻ ڪري
پوري علاج نه ٿيڻ ڪري __
گھربل سنڀار نه لهڻ ڪري__
جن جو ناهي ٿي سگھندو
لاڳيتو علاج،
جيڪي سينيٽوريم ۾،
داخل ناهن ٿي سگھندا __
.....................
موڪلاڻي ويل،
ساري رات
عذاب سهندي سهندي
بيماريءَ جا
تنهنجي اکين ۾ ڏوراپا هئا شايد اهي
ته ’’مان تنهنجي لاءِ ڪجھه نه ڪري سگھيس‘‘
اي ڪاش،
تون وڏو ٿي
’’مان ڪجھه نه ڪري سگھيس‘‘
جو سبب سمجھين ها.
....................................
تون ڏسين ها،
سهڻا سهڻا ڊاڪٽر،
دولت جا غلام __
تون ڏسين ها،
سهڻيون سهڻيون اسپتالون،
ڌنوان جون خدمتگار
............................
تون ڏسين ها،
پنهنجا رتول روشن ڪرڻ خاطر،
هزارن گھرن کي اونداهي ڏيندڙ،
ڪامورا،
جيڪي وٺندا آهن پروموشنس
زالن جي زور تي،
ها زالن جي زور تي __
منهنجا پٽ
تنهنجي موت،
تنهنجي ماءُ جي،
سونهن جي پنن کي،
ائين ڇاڻي ڇڏيو آهي ،
جيئن
سهڻي ۽ سائي وڻ کي،
ڇاڻي ڇڏيندي آهي
پَن ڇَڻ جي مند __
۽ مون کي
جڏهن ياد ايندين
روئاري ڇڏيندين
اهي پيار جا ناتا
ڏنا آهن هن سماج
رسم ۽ رواج__
تون ڏسين ها،
ڏسڻن وائسڻن
پوءِ ڍاون همخيال يارن جون،
زهر ذهنيتون
غليظ خود غرضيون،
پوءِ تون به مون وانگر
انهن کي ڇڏي،
ڳولين ها سچا يار
(سچا يار به آهن دنيا ۾)
جن جا هٿ پير کهرا آهن،
ميرا سيرا چهرا آهن،
دل جا ڪوئنرا آهن،
انهن وٽ آهي سڀ ڪجھه،
۽ سڀ ڪجھه حاصل ڪري سگھن ٿا
سواءِ زهر ذهنيتن جي،
غليظ خود غرضين جي __
تون ڏسين ها
گھر رڳو ڪتاب،
جنهن ۾ آهن مستقبل جا خواب،
انسانيت جا انقلاب__
مان زندگيءَ جي ڊوڙ ۾،
ٻيو ڪجھه نه گڏ ڪيو،
سواءِ ڍير ڪتابن جي__
مان اجتماعي رشتن ناتن تي،
قربان ڪيو،
انفرادي رشتن ناتن کي،
مان دور رهيس،
جابر ڏسي جنابن کي .
مان انسانيت جي دشمنن
نفرت سان ڏسي نوابن کي،
پنهنجو ڪيو ڪتابن کي__
ڪتاب،
جيڪي توکي ته بچائي نه سگھيا
ممڪن آهي ته،
مستقبل جي نسلن کي
بچائي سگھن
بک ۽ بيماريءَ کان
(اسين پورهيو ڪيون ٿا مستقبل لاءِ)
مستقبل ،
جنهن ۾
محبت ۽ هڪ جھڙائي آهي
مستقبل
جنهن ۾
نه رڻ نه رات آهي
مستقبل
جنهن جي
روشن ڪائنات آهي.
|