گذارش
اڄ سنڌي ٻوليءَ
۽ ساهت آڏو انيڪ مسئلا ڪَرُ کنيو بيٺا آهن. اهي
مسئلا اڄ يا ڪالهه جي پيداوار نه آهن، پر گذريل
ٽيهارو ورهين کان، جيڪا پوري هڪ ٻن نسلن جي ڄمار
آهي، اسان جي ڪن لاٽار ڪارڻ ڪٺا ٿيندا پئي رهيا
آهن. ٻولي جيڪڏهن سکڻن لفظن جو ڇڙوڇڙ ميڙ يا
گھمسان آوازن جو جھنگل هجي ها، ته پوءِ ته، ان کي
ڪنهن ميوزيم جي شو ڪيس ۾ رکي يا ڪنڊ تار لوڙهي ۾
واڙي، اُن تي هڪ سڃاڻپ تختي ٽنگي، پاڻ آجا ٿي ويهي
رهون ها! پر ايئن ناهي. لفظن ۽ آوازن پوئتان
معنائون آهن، جن کي صدين جو جڳن جو پس منظر آهي ۽
جئن ته ائين ناهي، تنهن ڪري انهن لفظن ۽ آوازن کي
جڳن جي صدين جي پيش منظر عطا ڪرڻ جي ڏس ۾، اسان
جون جوابداريون تهائين وڌي وڃن ٿيون،
ماضي، جنهن کي اسان لتاڙي آيا آهيون، اُن جي اهميت کان انڪار
ڪونهي، پر ان مان اهو ئي ڀاڱو تڳائڻ گھرجي، جيڪو
جيئرو جاڳندو ۽ ڌڙڪندڙ هجي ۽ اهو ’ڪالهه‘ جو جيئرو
جاڳندو ۽ ڌڙڪندڙ ڀاڱو نه رڳو ’اڄ’ جي وجود جي رڳن
۾ رت بڻجي ڊوڙڻ کپي، پر ساڳئي وقت ’سڀاڻي‘ ڏانهن
اسان جو سونهون پڻ ٿيڻ گھرج
ائين ناهي ته انهيءَ سموري عرصي ۾ ٻوليءَ جي سڌاري، واڌاري ۽
بچاءَ لاءِ ڪا به ڪوشش ئي نه ورتي ويئي هجي، پر
اهي ڪوششون محدود دائري اندر ڪيون ويون آهن ۽ اهو
به تڏهن، جڏهن نڙيءَ تي ننهن رکيو ويو. هتي ٻوليءَ
جي بچاءَ لاءِ ڪيل ٻن مکيه ڪوششن جي ڳالهه ڪرڻ
ضروري آهي:
1 سنڌي ادبي سنگت جي ٻوليءَ جي قومي حيثيت جي تسليميءَ لاءِ
هلايل دستخطي مهم.
2 سنڌي زبان سوسائٽيءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ڪيل جدوجھد
.
اهي ڪوششون ڪٽ چڙهيل ئي سهي، پر ٻوليءَ جي بچاءَ جون اهم ڪڙيون
آهن. ڀرپور ۽ بامقصد پر جيئن ته انهن تحريڪن آڏو
هڪ محدود مقصد هو، جيڪو يقينن وقتائتو ۽ اهم هو، ۽
جنهن جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ اهي تحريڪون هڪ وهڪري
جو روپ نه ڌاري سگھيون ۽ ختم ٿي ويون.
ٻوليءَ سان اسان جو ورتاءُ عام طور تي نستو، ٿڌو ۽ ڏاڍو
ڏکوئيندڙ پئي رهيو آهي. گھرن ۽ گھٽين جي غير سنڌي
ماحول، غير سنڌي ميڊيم اسڪولن هاڻوڪي نسل جي ٻيڙي
تاري ڇڏي آهي. ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جا لاهه اڳئي
نڪتل آهن. رهي کهي ڪسر اخبارن ڪڍي ڇڏي آهي. اجوڳا
ڌاريان اکر ته ڇا، جملن جو سٽاءُ به سنڌي نه هوندو
آهي. ريڊيو، ٽي وي،ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا ٻوليءَ
جي ڦهلاءَ جا مکيه وسيلا آهن، انهن تي چوڪسي هئڻ
ضروري آهي. انهن کي ٻوليءَ، ساهت ۽ سنگيت لاءِ
ڪارائتي بنائڻ لاءِ اثرائتا اُپاءُ وٺڻ ضروري آهن
. درسي ڪتابن جي ٻوليءَ جي پڻ چڪاس ٿيڻ کپي، خاص
ڪري ترجمن جي. اهو هر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ جو فرض
آهي،ته هو جڏهن به، جتي به ٻوليءَ سان هاڃو ٿيندو
ڏسي، ته هڪ پوسٽ ڪارڊ وسيلي واسطيدار اداري تائين
پنهنجي راءِ ضرور موڪلي.
سنڌي ڊڪشنري اڃان ڪو نه جوڙي سگھي آهي. سنڌي ادبي بورڊ انهيءَ
عظيم رٿا کي هٿ ۾ به کنيو هو، ۽ جلد ــ 1 (اـــ ب)
جي ڇپجڻ کان پوءِ 1960ع کان هيل تائين ’اتئي،
آهين، جتي اوهان ڇڏيون‘ واري ڪار آهي. انهيءَ ۾ ڪو
به شڪ ڪونهي ته سنڌي ڊڪشنريءَ جي رٿا کي پوري ڪرڻ
لاءِ وقت، محنت ۽ پئسي جي ضرورت آهي، پر بنيادي
سوال رڳو اهو آهي ته اسين ان مسئلي کي ڪيتري اهميت
ٿا ڏيون؟ سائيڊ جاب ڪري ٿا وٺون يا مين جاب! ان
ريت سنڌي ٽائيپ رائيٽر ۾ ڪيترا اکر گھٽائي سگھجن
ٿا؟ انگ انگريزيءَ ۾ ڏئي ڏهائي (.) ۽ ٻڙيءَ (0 )
جي مونجھاري کي حل ڪرڻ، حساب جي نشانين (- + +
...) کي شامل ڪرڻ بابت به ويچارڻ گھرجي. اديبن کي
سندن تخليق تي اجوري ڏيڻ بابت به سوچڻ کپي. فني
اصطلاحن کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ پڻ ضروري آهي.
ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ ٺوس اُپاءَ وٺي، ٻوليءَ جي
آئيندي جي ڪردار جي رٿابندي ڪرڻ جي ڏس ۾، ٻوليءَ
جي ڄاڻن ۽ گھڻگھرن کي هڪ ئي ميز تي ڪٺو ڪرڻ، سڀ
کان اهم مسئلو آهي.
اهو سچ آهي ته ڪن اديبن کي سٺيون نوڪريون آهن، اباڻي ملڪيت آهي
يا ڪنهن اُپت واري ڌنڌي ڌاڙيءَ وارا آهن، پنهنجي
مڇي مانيءَ يا ٻوڙ پلاهه وارا آهن، پر گھڻائي اهڙن
اديبن جي آهي، جن جي زندگيءَ ۾ نه ته پهرين تاريخ
جي اهميت آهي، نه ئي چيٽ يا ڪتيءَ لهڻ جو آسرو !
اها ساڳي حالت اسان جي ڳائڻن ۽ چترڪارن سان آهي.
اهو ڄاڻندي ٻجھندي به ته ڪهاڻي اگھاڙن جو تن نه ٿي
ڍڪي سگھي، سُر بکيي جو پيٽ نه ٿو ڀري سگھي ۽ ڪو
چتر اگھي لاءِ دوا نه ٿو ٿي سگھي ، اسان جا
سرجڻهار فن سان چهٽيا پيا آهن، ائين جيئن ڊپ کان
ٻار پنهنجي ماءُ کي ڄوڙي پوندو آهي.
ادبي ۽ ثقافتي ادارن وٽ اسڪيمن جا سٿا، ڍڳ پراجيڪٽ، اروڙيون
پلان ۽ فائيلن جا ڍير آهن، پر ڪنهن فنڪار لاءِ،
ڪنهن ليکڪ لاءِ وٽن هڙ ۾ ڪوڏي به ڪينهي. حيرت آهي
ته اهڙا ادارا وڏن وڏن هالن ٺهرائڻ لاءِ لکن جي
بجيٽ جا وڏي ٺٺ سان اعلان ڪندا آهن، ان صورتحال ۾
انهن ڀانڀاڙ هالن ۽ اجگر عمارتن جي ’جيئري تي
مقبرن‘ کان وڌيڪ ڪا به حيثيت ڪانهي.
’ثمير زرين مري وئي‘ جيستائين جيئري هئي پنهنجي گھائن تي مرڪ جا
پها رکندي رهي،. جيستائن گھر ۾ قيد هئي، تيستائين
سندس وجود کان ئي انڪار ڪيو ويو . گھر کان ٻاهر
نڪتي، نوڪريءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پاتائين، ته اهو
مشاهدو ماڻائين ته سندس چوڌاري انيڪ ڪهاڻيون
پکڙيون پيون آهن اڪيچار ڪردار وکريا پيا آهن جن کي
لکت ۾ آڻڻ لاءِ وقت ۽ سڪون جي ضرورت آهي، جيڪي کيس
ڪڏهن به نه مليا. ثميره جي ذندگيءَ جو آخري دوءر
اُداسين ۽ پيڙائن جو دوءر هو . ڳچ عرصي کان پوءِ
ثميره جڏهن کلڻ لڳي هئي ته موت جي سرد ۽ کُهري هٿ
سندس زندگيءَ جو ڪتاب ئي ٺپي ڇڏيو .ثميره جي
ڪهاڻيءَ جي انهي ءَ تڙ تڪڙ واري پڄاڻيءَ سان، ذهن
اڃا تائين سهمت نه ٿي سگھيو آهي ۽ شايد ڪڏهن به نه
ٿي سگھي.
هن ئي سال اسان کان نامور علمي شخصيت نواب نور احمد خان لغاري،
مشهور تعليمي ماهر ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، اديب ۽
شاعر ” آغا عبدالنبي “ عليگ مشهور شاعر محمد جمن
هالو ۽ ناميارو سنگيت ڪار بينجو نواز بلاول بيلجم
به اسان کان وڇڙي ويا آهن. تعليم، ادب ۽ فن جي
دنيا ۾ انهن بزرگن ۽ ساٿين جون ڪيل خدمتون ڪڏهن به
وساري نه سگهبيون ۽ سندن ڪميءَ کي سدائين محسوس
ڪيو ويندو.
سنڌي ڪتابن کي ملڪ اندر توڙي ملڪ کان ٻاهر ڦهلائڻ گهرجي، جيئن
نوان پڙهندڙ ڳولي سگهجن. سنڌي ادبي بورڊ ان ڏس ۾
عملي قدم کنيو آهي ، ان جي شروعات سنڌ جي گاديءَ
واري شهر ڪراچيءَ کان ڪئي آهي . سنڏي ادبي بورڊ جا
ڪتاب ڪراچيءَ جي هيٺين بڪ اسٽالن تان ملي سگهندا.
1. آريا مهر بڪ شاپ انويرارٽي روڊ.
2. فيروز سنس بندر روڊ.
3. اقبال بڪ ڊيپو سمر سيٽ اسٽريٽ صدر.
4. مڪتبه اسحاقيا جهونا مارڪيٽ.
5. مدينه پبلشنگ هائوس بندر روڊ.
6. رايل بڪ ڪمپني ڪوآپريٽو مارڪيٽ صدر.
7. ٿامس اينڊ ٿامس فريئر روڊ صدر.
8. پاڪ ‑ آمريڪن ڪمرشيل انڪ: ايلفنسٽن اسٽريٽ.
9. شيخ شوڪت علي اينڊ سنس بندر روڊ.
10. ونڊسر بڪ اسٽال اينڊ ڪتاب محل ايلفنسٽن
اسٽريٽ.
هاڻي اهو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي گهڻگهرن جو فرض آهي، ته هو اهي
ڪتاب خريد ڪري ٻوليءَ ۽ ادب جي سرپرستي ڪن.
مهراڻ هن ڀيري به دير سان آيو آهي . جڏهن ته مهراڻ جنهن اداري
پاران ڇپجي ٿو، ان کي پنهنجي پريس آهي، ڪمپوزنگ ۽
بائنڊنگ سيڪشن پڻ آهي. سنڌ جي سر موڙ اديبن شاعرن
۽ ڪهاڻيڪارن جو سهڪار به مهراڻ کي حاصل آهي، تڏهن
به مهراڻ دير سان آيو آهي، ڇو؟ انهيءَ سوال پڇڻ جو
اوهان کي پورو پورو حق حاصل آهي. انهيءَ دير جا
ڪارڻ ڪهڙا به هجن، پر توهان پاران انهن کي بهانو
ئي سڏيو ويندو- پر ايتري پڇڻ جو حق مون کي به آهي،
ته توهان ڪو اهڙو سوال پڇيو به آهي؟ ڪنهن اخبار ۾
اهڙي ڪا خبر، ڪو بيان يا ٺهراءُ آيو به آهي؟
امداد حسيني
جا تو گهيڙي گَهٽَ، ماڪرياڙي، مڇڙا،
اِن ڪُنڍيءَ ڪڍي ڪيترا، نيئي پڇاڙيا پَٽَ.
- شاهه ڪريم
شاعري
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“
غزل
هي معصوم تنهنجو شباب، الله الله،
هي حسن نظر بي حجاب، الله الله.
جواني جو عالم، هي عارض جي سُرخي،
پيالن ۾ ڄڻ ڪو شراب، الله الله.
ڪڏهن ڀيٽ توساڻ ٿيندي نه ڪنهن جي،
جوابن ۾ آهين جواب، الله الله.
ندامت جي لُڙڪن تي بخشي ڇڏيو تو،
حساب الله الله، ڪتاب الله الله.
زماني ۾ همراز اڪثر نه آهي،
اڪيلائي وارو عذاب، الله الله.
لبن ۾ اٿئي آب حيوان جو چشمو،
ڪرين ٿو نه ڇو فيضياب، الله الله.
اي مولا جا (طالب)، مبارڪ هجيئي،
جو مرشد ملئي بوتراب، الله الله.
سور سلبا نه ڪنهن با جگر جي اڳيان،
خبرون ڪهڙيون ڪبيون، بي خبر جي اڳيان.
جي هجي شاهه چنگيز و تيمور لنگ،
هر ڪو ور ٿو ڇڏي ناز ور جي اڳيان.
دوبدو جي ٿئي ٿي ئي ڪا ڳالهه ٻي،
پو چوان ڇا مان پيغامبر جي اڳيان.
هرڪو مشڪل بنا دير وسريو وڃي،
پيش ٿيجي ٿو جو چاره گر جي اڳيان.
خود روي نيٺ اوجهڙ ۾ ويندي وٺي،
ڪو نه هلبو ڪڏهن راهبر جي اڳيان.
هڪ نظر جي ئي ڪا دير آهي فقط،
ويٺو آهيان مسيحا جي در جي اڳيان.
ڪا نه هر ڳالهه ڪنهن جي هلي ٿي سگهي،
دلربا جي اگر ۽ مگر جي اڳيان.
مشڪ عنبر مان بدبو اچڻ ٿي لڳي،
منهنجي محبوب واري پگهر جي اڳيان.
آب ۽ تاب اُن جا ويا ختم ٿي،
هن فقط ڪيو تبسم گهُر جي اڳيان.
زلف دلبر جي رُخ تي ڪري جو پيا،
سمجهيم شام اچي وئي سحر جي اڳيان.
سارو عالم اکين کان ئي گم ٿي ويو،
رشڪ جنت اچي ويو نظر جي اڳيان.
”طالب الموليٰ“ جي درد کي ڇا چوان،
اُف ڪبي ڪا نه ديوار در جي اڳيان.
- عباسي شهيد اسپتال، ڪراچي
25 آڪٽوبر 1976
ڪک پن ۾ منهنجو دلربا ظاهر ظهور آهه،
جيڪو نٿو ڏسي ته سندس ئي قصور آهه.
بالا بلند مالڪ شرح صهه ور آهه،
مجبور اهو جو صاحب ڪشف القبور آهه.
احساس ۾ وسي پيو، محسوس ٿو ٿئي،
هر وقت جيڪو حد نظر کان به دور آهه.
هر دم پوي ٿو پر توو حسن حبيب جو،
والله منهنجي واسطي دل ڪوهه طور آهه.
انسان ڪري ٿو جيڪي سو بيوس ڪري پيو،
هر دم سندس شعور اندر لاشعور آهه.
جيڪو چڱي ڪرڻ جو ٿو بدلو بدي ڏئي،
سو گرگ گرگ زاده و ابن غرور آهه.
اي ساقي بس نگاهه ملائي کڻي پيار،
پاڻي به تنهنجي هٿ جو شراب طهور آهه.
رند قدح نواز سدا اهل دل ٿئي,
دلق ريا جو پائي، اُهو بي حضور آهه.
هر وقت تي اذان جا مسجد ۾ ٿي اچي،
غفلت شعار لاءِ اها بانگ صور آهه.
نيت بُري اي ”طالب الموليٰ“ ئي ٿي ته پوءِ،
عمامه و مصله سراسر فتور آهه.
عباسي شهيد اسپتال، ڪراچي.
29 آڪٽوبر 1975ع.
جور و جفا ڪيان ٿو، مهر و وفا جي بدران،
دلبر عطا ڪيئي هي، ڪهڙي خطا جي بدران.
مون ظلمتن ۾ هر دم، تنهنجو ڪيو تصور،
اي رشڪ ماهرويان، به بدراله جا جي بدران.
جي خوش لساني ناهي، رک گفتگو ته جاري،
دشنام ئي کڻي ڏي، دلبر دوا جي بدران.
الله تون به ناهين، ۽ مان نه ڪو فرشتو،
ڪجهه راتيون وهايون، ياد خدا جي بدران.
هڪ پيار جي عوض ۾، هيڏو وڇوڙو ڪاٽيم،
ڄڻ روهه ۾ رُلي ويو، آدم حوا جي بدران.
ساقي فگن نگاهون، جنهن دم کڻي ٿو دلبر
پير مغان به ڦٿڪي، هن خوش ادا جي بدران.
ڪيئن ريش باز ڪن ٿا، والله ريش بازي،
انسان سان ڪن وفا شل، دلبي دغا جي بدران.
منهنجو جنون ٽوڙي، هڪدم ڇڏي سڀيئي،
زنجير جي هجن ها، زلف دوتا جي بدران.
مشام ٿيو معطر، سمجهي ويس حقيقت،
آيو سندس تنفس، باد صبا جي بدران.
خوش رکڻو آهه اُن کي، مغموم ٿئي نه هرگز،
ڪريان ٿو نغمه خواني، آهه و بُڪا جي بدران.
روئي حبيب ڪافي، منهنجي مطالعي لاءِ،
ياسين و طه و اليل، ۽ والضحيٰ جي بدران.
مولائي پنهنجو ”طالب“، هٿ هيٺ رک هميشه،
تنهنجي ئي ڇانو گهرجي، سايهءِ هُما جي بدران.
هالا
14 ڊسمبر 1975ع
اڄوڪي بزم ۾ مئي جي ۽ مستانن جي بُو آهي،
بحمد الله مون جهڙن ئي انسانن جي بُو آهي.
عفونت پئي ٿئي محسوس اڄ زهد ريائي جي،
او ساقي، تنهنجي ميخاني ۾ مولانن جي بُو آهي.
اڙي او محتسب، اڄ ڇڏ حيا کي، کول تهه خانو،
جو تنهنجي گهر ۾ مي آلوده پيانن جي بُو آهي.
اڃا تائين به هم آغوش ۽ پيوسته ڄڻ آهن،
اڃا تائين به مون ۾ منهنجي مهمانن جي بُو آهي.
اڄوڪي ميڪده هم صحبت و عشرت ڪده ٿي وئي،
نه رندن جي مگر اُت شوق شاهانن جي بُو آهي.
اگرچه داستانن ۾ پڙهون ٿا روز رنگينيون،
و ليڪن تن جي تهه ۾ خوني افسانن جي بُو آهي.
مبارڪ واعظ خوش ذوق زندهه باد، زندهه باد،
جو تو ۾ واقعي اڄ اهل ميخانن جي بُو آهي.
صنم ترميم ڪر آئين الفت ۾ خدا ڪارڻ،
جو اُن ۾ آمريت واري فرزانن جي بُو آهي.
ڪم از ڪم هڪ سڪون حاصل ٿئي ٿو ذهني زخمن کي،
حضور چاره گر ۾ صرف درمانن جي بُو آهي.
فرشتا ڪونه آهن جن کان ڪا غلطي نه سرزد ٿئي،
خدا جو سُنهن ته فرزانن ۾ ديوانن جي بُو آهي.
بلا خوف و خطر ٻڪري ڪُهن جيري جي خاطر جي،
انهن بيدرد افسانن ۾ حيوانن جي بُو آهي.
اسان کي دوستو ڇڏيو، اسان جي حال تي هر دم،
بيابانن ۾ مستن لئه خيابانن جي بُو آهي.
ڏين ٿا ڪي نه توکي زيب هي رحم و ڪرم هرگز،
اڃا تو ۾ بُت ڪافر مسلمانن جي بُو آهي.
عبائن ۽ قبائن کي ڇڏيو اڄ ”طالب الموليٰ“،
انهن حرقن ۾ فرعونن ۽ هامانن جي بُو آهي.
هالا
20- فيبروري 1976ع.
دردن غمن کي ڪيئن ڪري کائي کپائجي،
او خود ڪفيل رنج و محن ڪجهه ٻڌائجي.
چهرو چغل ٿئي ٿو، ڀلا اُن کي ڇا ڪجي،
سوز ۽ گداز عشق جو ڪيئن ڪيئن لڪائجي.
حاذق جو وس هلي نٿو مجبور ٿي پيو،
اي ساقي دل جي آگ تي پاڻي ڪو نائجي.
صحرائي زهد ۾ اڙي زاهد ڪي پوک گل،
لُڙڪن جو مينهن خشڪ زمين تي وسائجي.
ويجهو اچڻ جي لاءِ نه تيار جو ٿئي،
غيرت چوي ٿي تنهن ڏي قدم ڪيئن وڌائجي.
جنهن کي ڪجي ٿو خويش سو بيگانو ٿيو وڃي،
دنيا ۾ پاڻ کي به نه پنهنجو بنائجي.
حجر و ۽ خانگاهه نه جائي پناهه ٻيئي،
رندن سان ميڪده ۾ ٿي عزت بچائجي.
اي بُت فروش اُٿ، اُٿي تون دل فروش ٿي،
ڪنهن بي نياز آڏو وڃي سر جهڪائجي.
وٺڻو جي ڪنهن کي آهه ڪو دشمن کان انتقام،
اخلاق پنهنجي پاڻ ۾ ويتر وڌائجي.
پي پي وري به پيئجي، مستي اندر اچي،
ساقي کي پنهنجي نرگسي گهُورن سان گهائجي.
وعده خلافي ”طالب الموليٰ“ نه ٿي سگهي،
هن سان نڀائبو پيو ۽ پيو نڀائجي.
ڪراچي
3- جنوري 1976
اڙي واعظ، هي ميخانو اٿئي، مڪتب ته ڪونهي ڪو،
هتي تنهنجو ڪو هم مسلڪ ۽ هم مشرب ته ڪونهي ڪو،
اچڻ ڏيو محتسب کي ڀل، اچي رندن سان ڳالهائي،
انهيءَ لئه مان ئي بس آهيان، اهو مرهب ته ڪونهي
ڪو،
گرفت زلف پيچان يعني دنيا کان رهائي ٿي،
اهو زندان عشق آهي، مگر لاڪب ته ڪونهي ڪو،
متان گھٻرائي شيخ شهر جي هن خرقه بازي کان،
اهو تو جھڙو هڪ انسان آهي، رب ته ڪونهي ڪو،
سوال ئي ڪو نه ٿو پيدا ٿئي، فرقه پرستيءَ جو،
ٿو جنهن کي عشق چئجي، سو ڀلا مذهب ته ڪونهي ڪو،
ڀلا دل ڇو ٿي ڌڙڪي اڄ، ڀلا دل ڇو ٿي ڦٿڪي اڄ،
متان ناگاهه دلبر جو ورد امشب ته ڪونهي ڪو،
اچي پئي بوئي خوش،مي خوش مان ان جي مون کي مستي ۾،
متان منهنجو ئي لب ساقيءَ جي زير لب ته ڪونهي ڪو،
عصا و جبه و دستار زيب تن نه ٿي سگھيا،
خرافات جھان سان منهنجو ڪو مطلب ته ڪونهي ڪو،
او رشڪ مشتري، او سعد اڪبر ڇو نه آئين تون،
ڀلا وعده شڪن اڄ ماهه در عقرب ته ڪونهي ڪو،
هلال عيد بيحد خوبصورت ٿو ٿئي، والله،
مگر هم صحبو هو غيرت غبغب ته ڪونهي ڪو،
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت ’طالب الموليٰ‘،
ته پو مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو،
راولپنڊي
25 مارچ 1976 ع
شيخ اياز
وايون
(1 )
وڄوُن وِ جھي وَر،
ڪُڻست منجھه ڪَڪَر،
بوُند نه وسي بُٺ تي،
گولا ڙن ۾ گلڙا،
ايندا ، ڪنهن کي ڪر،
بوُند نه وسي بُٺ تي،
واجھه وجھي ٿي اُڀ ڏي،
وَر وَر تتي ڌَر،
بوُند نه وسي بُٺ تي،
سُن سَنيها ڪيترا،
پار نه اُڏرن پَر،
بوُند نه وسي بُٺ تي،
سَڄڻ! سانوڻ ساءِ اچ،
پَسُ هي پَٽ پَڌرَ،
بوُند نه وسي بُٺ تي،
(2 )
اَدَ اَڪاري ڪيرُ،
نه ڪنهن ناوَ نه تَرهو،
گھورُ گھٽائون گھاٽ تي، پوءِ به نه پُٺُ تي پيرُ.
ڪيڏو ڪارو نڀار آ، ڪيڏو واڳُن ويرُ.
گھوريا جيئڻ ڏينهڙا، ساجن سنگُ مٿيرُ.
(3 )
رتا مولهه مٿن،
پانڌي منجھه پَٿن،
او شل! ڏسان ڏيهه ۾.
رڳو جيءُ جلائيو،
وَر وَر جوُٺِ جَٿن،
او شل! ڏسان ڏيهه ۾.
ڏاگھا ڏور، ڏهاڳڻيون،
ساڳيو مَرمُ نٿن،
او شل! ڏسان ڏيهه ۾.
سرتيون سج اڀار سان،
اچڻو نيٺ اٿن،
او شل! ڏسان ڏيهه ۾.
(4 )
ٻَڌيءَ تِٿ نه اچ،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا.
ڪاريون راتيون ڪَسوَٽيون،
پلُ پلُ ڪوڙو ڪچَ،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا.
جھانجھر آڇي مون چَوَن،
’نيچ نگر ۾ نچ‘،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا.
جيئڻُ جهيڻي باهڙي،
مچَ نه ساڳيو مَچُ،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا.
|