سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1977ع

مضمون

صفحو :14

نسيم ٿيٻو

ڪاري رات

 

وڏيرو پيرل کٽ تي ويٺو هو ۽ شيو پئي ڪيائين. سردين جا ڏينهن هئا پارو به پيو چوي ته ”اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان“ ننڍڙي مينا اڱڻ ۾ ويٺي بلور راند ڪئي. حاڪم رنڌڻي ۾ رکيل هڪ گندڙي تي اچي ويٺي هئي، هو وڏيري جي وڏي ڌيءُ هئي ۽ ازان کان ٻه – چار سال ننڍي هئي. جڏهن به ازان صبح صبح جو ڪم تي ايندي  هئي ته حاڪم به اچي رنڌڻي ۾ ويهندي هئي ۽ پوءِ دري منجهان کوهه تي بيٺل ماين کي ڏسندي رهندي هئي. کوهه تي ڪي مايون پاڻي پيون ڀرينديون هيون ۽ ڪي مايون دلا ڀري دري وٽان اچي لنگهنديون هيون. تن کي پئي ڏسندي هئي.

” مينا – پٽ هي رنڌڻي مان گرم پاڻي جي وٽڙي ته ڀري آ.“ مينا ڊوڙندي رنڌڻي ۾ وئي چلهه تي رکيل ٽين ۾ گرم پاڻي مان وٽي ڀري وڃي پيءُ اڳيان رکيائين.

ازان رنڌڻي مان نڪري اڱڻ ۾ آئي ۽ اچي ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺي، صبح صبح جو پهر هو اُس اڃان اڱڻ  ۾ گهٽ لٿي هئي. ازان جي بيهڻ کان پوءِ به سندس چيلهه تائين مس اس ٿي پهتي. هوءَ سيءُ ۾ سڄي ڏڪي پئي. ويتر جو ٿڌي پاڻي سان ٿانو ڌوئي آئي هئي ته برف جهڙي ٿڌي پاڻي سندس هٿن مان رت ئي سڪائي ڇڏيو هو. اس جا ڪرڻا به ماڪ ڀنل هئا تنهنڪري سيءُ کي جهڪي ڪرڻ بجاءِ ان کي وڌايائون پئي.

” ازان ڪالهه شام سسڻهين آئي هئي.“

” ڇو آئي هئي --؟“ ازان جي منهن ۾ ڪروڌ  ڀرجي ويو ان وقت سندس اکين ۾ رت لهي آيو هو.

” چيائين پئي ته ٻانهن وٺرائي ڏيو. مائٽن روڪي ويهاري آهي.“

” پوءِ اوهان ڪهڙو جواب ڏنو؟“

” چيو مانس ته ها، مون کان ڪاڏي ويندي؟“

” پر سائين مان ساهري گهر اصل ڪانه ويندس“

”ڏسان ڪيئن نٿي وڃي..؟“

”سائين مون کي کڻي ڪهي وجهو پر مان ساهري گهر ڪانه ويندس.“

”ڇو مڙس ڪو نه ٿو وڻيئي ڇا..؟ وڻندو به ڪيئن..؟ يارن مان واندڪائي ملئي ته گهر به ياد پوئي نه...“

”سائين اوهان ڇا به چئو پر مان ساهري گهر ڪانه وينديس.“

”سائين مان ڇو نه وڃان پر ٻه ڏينهن رهائي مون کي مارون ڏيو گهر کان گهلي ٻاهر ڪڍيو اُڇلين. وري ٻارهن مهينا سار ئي نه لهن ته مئس يا بچيس.“

”مڙسن جو شان آهي زالن کي پادر هڻڻ، موچڙا ڇو نه هڻندو، تون سو مڙس ڇڏيو يار ڪندي وتين.“

”مڙسن جو موچڙا هڻڻ ته ٿيو حق پر جي رڳو پاڻ مارين نه يا پنهنجين لڄن کي وڃي ٿاڻن تي اُڇلين. مون کي پاڻ ڀلي ماري ٽڪر ڪري هلين (سرڻيون پکين جو قسم) کي ڏئي يا کڏ کڻي پنهنجي اڱڻ ۾ پوري ڇڏي سؤ سورن جو هڪ سور. نه هونديس نه ڏک ئي ڏسنديس. مڙسن جو اهو ته شان ڪونهي ته پنهنجن لڄن کي وڃي پولي ڪُتيءَ جي حوالي ڪن.“

”باقي تون سو مڙس ڇڏيو يار ڪندي وتين—“

وڏيري ڏاڍي چڀندڙ اندا ۾ هڪ هڪ لفظ ۾ ڇڪي ڳالهائيندي چيو.

”ازان جي اندر ۾ اهي لفظ وڍ وجهندا ويا. هن جي دل جو سور اکين مان ڳوڙها ٿي سندس ڳلن تي وهي هليو. ازان کي سڌ هئي ته وڏيرو سندس سس جو بدرُ ڇو ٿو کڻي، هن کي ازان جي سس يا مڙس سان ڪابه دلچسپي ڪانه هئي جو وڏيرو ازان جي انهن چاهيندڙن مان هو جن کي ازان اک کڻي نهارڻ به گوارا ڪانه ڪندي هئي. هوءَ ڪيڏي نه خوبصورت عورت هئي، ڪونج جيان من موهڻي، ڊيل جيان ٽلندي هئي. سندس هلڻ ۾ ڪيڏا نه ماڻا هوندا هئا. جڏهن هوءَ دلا کڻي کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي ته واٽ ويندڙن کي ڪُهندي ويندي هئي. ڳوٺ جا جوان ٿڌا ساهه ڇڏي کيس نهاريندا هئا. صوفيا لارين جهڙي سندر صورت هئس. ازان کي ته ڪنهن شاهاڻي گهر ۾ پيدا ٿيڻ کپندو هو، سندس چال ۾ راتين جيان وقار هو. هوءَ پنهنجي سموري سونهن ۽ پيار ڀري جذبن جي باوجود پنهنجي گهٽ جي دل هٿ ڪري ڪانه سگهي هئي. هن جي ماڻن ڀري مرڪ، اکڙين جا ڏک ڏوراپا به سندس ور جي دل ۾ گهر ڪري نه سگهيا هئا. ڳوٺ جا جوان هن کي ڏسي ٿڌا ساهه ڀريندا هئا ته ان سان ازان جو ڇا؟ هن ته چاهيو ٿي ته سند ور هن کي پنهنجي لڄ سمجهي ۽ وڏيري جي در تي ڌڪا جهلڻ نه ڏئي. هو جيڪڏهن هجت ڪري هن جي ٻانهن کان جهلي گهر وٺي وڃي ها ته ڇا سندس گهٽتائي ٿي پوي ها. وڏيري کي دانهن ڏيڻ ۽ ٿاڻي تي اڇلي اچڻ کيس جڳائيندو هو. ننڍڙي مينا اندر ڇڏي اچي ازان جي ڀر ۾ بيٺي مينا جي دل ۾ آيو ته ازان کي ڀاڪر پائي ايڏو پيار ڪري جو سندس سڀ ڏک لهي وڃن. ازان جو ڪير به ته پنهنجو ڪونه هو. نه ماءُ، نه ڀيڻ نه ڀاءُ ۽ نه پيءُ.، جي ماءُ هيس ته ماٽيلي جيڪا کيس اُٿندي ويهندي طعنا ڏيندي هئي. ڀائر هيس ته ماٽيلا جن جي ٻارن کي هوءَ پنهنجو اولاد ڪري ڀائيندي، هن کي سڄو ڏينهن رت ولوڙڻ کانپوءِ جيڪي ڪجهه وڏيري جي گهران ماني ۽ پگهار ملندو هوس، سو سڀ اچي ماٽيلي ڀائرن اڳيان رکندي هئي. پوءِ به تِر تان گسندا ته هڻي کيس لوئي اڌ مئو ڪندا هئا، ۽ ساهرو گهر ته نسورو دوزخ هو. ڪير هو جيڪو سندس پنهنجو هو. ڀلا سموري سونهن سوڀيا وفا ۽ پيار جي اوجود به پنهنجي مڙس جي دل هٿ ڪري نه سگهي هئي ته ان ۾ ازان ويچاريءَ جو ڪهڙو ڏوهه. هوءَ جيڏي حسين هئي اوڏي ئي سندس قسمت ڪوجهي هئي. سچ چيو اٿن ته ”سونهن سِڪي ۽ بخت کائي.“ اهو مثال ازان سان بنهه ٺهڪيو ٿي. مينا جي دل ۾ آيو ته پنهنجي بي رحم پيءُ کي اُڦٽ ماري ڇڏي. هوءَ هئي ته ٻالڪ پر کيس ڏاڍي سمجهه هئي. ازان جي ڳوڙهن ڀريل اکين کيس گذريل پل ياد ڏياري ڇڏيا هئا.  پر سال جي ڳالهه ته هئي. ان ڏينهن هن ازان جي گهر ۾ نم هيٺان ويٺي گُڏين راند ڪئي. ٻن چئن ڏينهن کان گهٽيءَ ۾ ڪتي يڪو پئي اونهايو. ڪتي جو اونهائڻ ڳوٺ ۾ ڏاڍو نڀاڳو سمجهيو ويندو آهي، ننڍڙي مينا کي به اها سُڌ هئي، ان ڪري هن جي دل کي ڊپ اچي ورايو هو ۽ ٻاهر نڪري ڀِتر کڻي ڪتي کي هڪلڻ وئي، ته سامهون ڏاند ايندي ڏٺائين، هوءَ اتي ئي بيهي رهي. ڏاند گاڏيءَ تي پلال پيل هو ۽ ان مٿان رلي وڇايل هئي. رليءَ تي جتي ڪٿي رت جا دٻا هئا، ازان جا لٽا ليڙون ٿيل هئا، جن مان سندس نيرو ٿيل ۽ سڄل بدن لياڪا پئي پاتو. ازان جو ماٽيلو ڀاءُ هيٺ لهي بيٺو. مينا اندر ڊوڙ پاتي، ازان جي ماٽيلي ماءُ ۽ گهر جي ٻين ڀاتين کي سڏڻ وئي. در تي روڄ راڙو مچي ويو، اوڙي پاڙي جون عورتون اچي مڙيون. ازان جي گهر جي سامهون واري گهر ۾ رهندڙ بصران دلا کڻي کوهه تان ٿي موٽي. بصران جي ازان سان بنهه ڪانه پوندي هئي. پر هن جو هيءُ حال ڏسي هوءَ دلا پٽ تي ڦٽا ڪري اچي ازان جي ڀر ۾ بيٺي.

ماٽيلي ڀاڻس ازان کي کڻي اچي نم هيٺان پيل کٽ تي ليٽايو. سندس سڄي منهن تي چَڪن ۽ رانبوٽن جا نشان هئا ۽ بدن سڄو نيرو لڳو پيو هئس. بدن تي نيٽ جي لڪڻ جي ڌڪن ڪري اُڀريل اُڀريل سوڄ کاڌل جسم ڪٿان ڪٿان جا ٽڪر لٿل، پيلي زرد لاش جيان هوءَ پئي هئي.

”ائي مُٺِيَس هي ڪهڙو ڪهر ڪيو اٿائون نڀاڳيءَ سان.“ بصران پنهنجي ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻندي چيو، ”اَئي گهوڙا ڙي اديءَ سان ڪهر ٿي ويو.“ ازان جي ننڍي ڀيڻ کٽ جي ڀر ۾ پٽ تي ويهندي اوڇنگار ڏني.

”اَئي گهوڙا ڙي هيءَ ته نائين مهيني پيٽ سان هئي.“ ماسي شمل ڏک وچان دانهن ڪئي.

”ها پورن ڏينهن تي هئي.“ ماڻس وراڻيو.

”اَئي نڀاڳيون ٻار ڪري پيس ڇا؟“

”ماسي شمل هوش ڪر، ٻار ڪرندس نه ته بچندس. مٺيءَ کي يارنهن ڏينهن ڪُٽيو اٿائون، سو ٻار وري ڪٿان بچندس. اَئي هنٽرن جا نشان ڪانه ٿي ڏسين.“

”هن جو مڙس ته ڪر ڪهاڙي آهي. پاڻ ته مٺي کي ماري ماري اڌ مئو ڪري، پر هاڻي وري مو رڳو لاهي پاهي بيٺو آهي، لڄ به ڪانه آيس ههڙي سدا ملوڪ وني کي پيٽ سان پوليس جي حوالي ڪرڻ سان.“

”پر ادي شمل هيڙا ناحق اسان نه اڳ ٻڌا، نه ڏٺا جو مڙس هٿن سان پنهنجي ننگن کي ٿاڻن تي اڇليو اچن.“ هڪ پوڙهي مائي نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.

”اَئي ڇا توکي سڌ ڪانهي ته ساهيري گهر جي ازان سان پوي ڪانه، سسڻنس ته بنهه پهاڄ بني ٿس.

”اَئي ادي، پر ڪهڙي ڏوهين ڪهڙي ثوابين مُٺيءَ سان اچي وير پيا آهن.“

”اَئي مان ٿي توکي ٻڌايان ڇو نهن کي تپائي کنيو اٿس، موسي ماءُ کي پٽ آهي هڪڙو، سندس ڀائٽي به ويٺي آهي ڪنواري جواڻ جماڻ پهريان ته ڀاڄائي سان پوندي ڪانه هيس پر هاڻي جڏهن ڀاڄائس مئي ته اچي لڳي اٿس ته پٽ کي ڀائٽيءَ سان پرڻايان. سو نهن سان پوي ڪانه، روز پيون ڪوڙ بدوڙ هنيو مڙس کان مارون کارائنس.“

”هچا پوندن جو هن يتيم نڀاڳي سان تپائي کڻي اٿئون.“

”پر ادي ڪو ڳوٺ ۾ نينگر کٽا آهن، سندس ڀائٽيءَ کي گهوٽ ملي پوندو.“

ڪهڙيون ٿي ڳالهيون ڪرين ڀاڻس کي به آهي هڪ ڌيءُ سو مرضي اٿس ته ٻانهن گهر جو گهر ۾ هجي. سو ڀاڻس ٿو چوين ته پهريان ازان کي طلاق ڏيو ته پوءِ ڌيءُ ڏيندس، سو مُئيءَ کي نه پورو تن تي ڪپڙو ڏين، نه پيٽ ڀري ماني، سڄو ڏينهن پيا گڏهه وانگر وهائنس. رونبا لابارا گاهه پٺا، پاڻي ڀرڻ ۽ سڄي گهر جو ڪم وٺنس، مال متاءُ جي به ٽهل ٽڪور ڪري، پر پوءِ به بگڙنس ته هڻي گڏي رکنس.“

”مڙس ته ليکي ئي ڪونه، سمهن ڪن ڌار، مڙس ڪوٺي تي ته زال اڱڻ ۾، جي مڙس اڱڻ ۾ ته زال ورانڊي ۾ پئي ڳوڙها ڳاڙيندي“

”اَئي امڙ ائين به ٿيندو آهي ڇا..؟“

”بس ويٺي ڏس لڪاو زماني جا.“

”اَئي ادي شل نه ڪنهن جي ڦٽي نه ته ڪهڙي ڪمي آهي ازان ۾، صداملوڪ لڏڻ زال کي کڻي سور ڏئي ساڙيو اٿئون.“

مايون ازان جي چوڌاري مکين جيان اچي مڙيون هيون ۽ مکين وانگر پئي ڀڻ ڀڻ ڪيائون، ڪوڙي ماءُ کان رهيو نه ٿيو، تنهن سڀني کي پري ڪندي چيو ته:

”رنون هڪ هوءَ اڳئي لاش ٿي پئي آهي، ٻيو مٿان اوهان ويٺيون هانو کائوس، ٽري ٽارو ڪيو، ڇو اچي ٽيڪو مچايو اٿو.“

پيءُ جي آواز تي مينا جي سوچن جو سلسلو ٽٽي پيو ”موسي ماءُ پيرن تي پوتي وڌي آهي.“

”وڏيرا مون به اوهان وٽ ڄمار گذاري آهي پورهيو ڪندي“ ازان ڀريل گلي سان وراڻيون.

”سسڻهن ٿي چوي ته مون ٽڪا ڀريا آهن، ڪا مفت ۾ نالي الله جي ڪانه ڏني اٿئون.“

”ها ته سائين ائين چئه نه ٽڪن جو سور اٿس ٻيو مون لاءِ ٺري ڪانه ٿي. ٻانهي  کپين ڪم ڪار لاءِ. سدائين مون کان اهي جيئرا جاڳندا سور ڪونه سٺا ويندا ته مان ٻانهي ٿي پهاڄ اڳيان پئي وهان. هاڻي موسي شادي ڪئي آهي باقي مون واري سس ٿي آ اجائي ڇتي.“

”گهڻي ٽرٽر نه ڪر پر سال واري جٺ ياد ڪانهئي ڇا.“

وڏيري جي اکين ۾ ڄڻ شيطان لهي آيو هو. وڏيري پيرل کي راتوڪي باهه هئي جو ازان کي جڏهن ٻانهن کان اچي جهليو هئائين ته ازان کتيون ٻڌايون هئس. ويتر جو گهٽي ۾ ٻاهر حاجي کي بيٺل ڏٺائين ته سڄو پڄري ويو هو. ان وقت ته دل جو سور دل ۾ پي ويو هو پر اڄ صبح سڀ ڪسرون پوريون ڪيون هئائين. حاجي وڏيري جي ٻني تي پوک ڪندو هو ۽ وٽس ڪمدار به هو. وڏيرو هونئن ته حاجي کي ڏاڍو ڀائيندو هو. حاجي طبيعت جو ماٺيڻو، قد جو ڊگهو سڻهو جوان هو، طبيعت جو بيحد شريف ڪنهن عورت کي اک کڻي به نه نهاريندو هو پر الائي ازان سان ڇو ٻٽيهه دليون هيس. وس پڄيس ها ته ازان جا سڀ سور پنهنجي اندر ۾ اُوتي ها پر وڏيري اڳيان لاچار هو. جي ڪڇيو ٿي ته بک ٿي مئو. ٻيو ته ازان کي طلاق به ڪانه مليل هئي. ان ڪري شادي به نٿي ڪري سگهيا. حاجي پاڻ به پرڻيل هو هڪ ڌيءُ به هئس.دل جا ليکا به عجيب هوندا آهن. جڳ جون ريتون رسمون، قيد ۽ ڪڙا مذهب ۽ اخلاق سڀ اورانگهي دل ۾ اچي پيار واسو ڪري ته ماڻهن جو جهڳو ئي جهڻ ٿي پوي پر پوءِ به سڄي ڏيهه جو لانتاڻو کنيو پيا گهلبا آهن. هنن ٻنهي به پئي ڄاتو ته هو هڪٻئي جا جيئن ته ڪونه ٿي سگهندا، پر پوءِ به هڪٻئي کان منهن مٽي نٿي سگهيا. هڪٻئي جي انگن ۾ سمائجي وڃڻ ٿي گهريائون. اصل ائين جيئن سنڌوءَ جو لڙاٽيل مٺو پاڻي ٻنين ۾ جذب  ٿي ويندو آهي. ازان جو جوڀن ته ڪڻڪ جو سونهري سنگ جيان هو. ڪڻڪائون سونهري بدن نانگ جيان وراڪا کاڌل بدن، اکين ۾ ازال جو ڏک.سورن سندس سونهن ۾ نماڻائي اوتي هئي. اندر جا گهاو منهن تي ائين ڇانورو ڪري بيٺل هوندا هئس، جيئن ٽالهي جي وڻ جي ڇانو سنڌوءَ جي پاڻيءَ مٿان.

اصل نماشام جيان اجڙيل ۽ ويران. ڀلا اهڙي مٺي مومل کي ڀلا حاجي ڪيئن نه جيءُ ۾ جايون ڏئيس. هن جو وس نٿي پڳو نه ته جيئن پنهنجو پاڻ کي چيري اندر ۾ لڪائي ڇڏي ها. اصل ڪچو کائي ڇڏيس ها. پر هو بيوس هو لاچار هو. چوطرف مجبورين ۽ لاچارين ۾ گهيريل هو. ۽ ازان کان اها حاجي جي بي وسي ڏٺي ته ويندي هئي، مرد کي هوءَ هميشه جهرڻي جيان تکو ۽ تيز ٽوڙ ڦوڙ ڪندڙ ڀائيندي هئي. شينهن جيان گجگوڙ ڪندڙ، حاجي جي بي وسي ازان جي اندر ۾ وڍ وجهندي هئي. ازان جو مک چوڏهين جي چنڊ جيان هو پر سندس مک مان چانڊوڪي بدران ويراني پکڙبي هئي. اداس ڳوڙهن ڀريل ڪرڻا پکڙبا هئا پر پوءِ به سور هن جي سونهن مٽائي نه سگهيا هئا. ازان جو هيڏي ساري جڳ ۾ ڪير به ته پنهنجو ڪو نه هو. هڪ حاجي ئي ته هو جنهن کي هو ڏاڍو ڀائيندي هئي.

”ازان مونکان بڇڙو ٻيو ڪير نه ٿيندو ئي. ڄنڊن کان گهلي مڙس وٽ اماڻيندو مانءِ. توکي پنهنجي مڙس وٽ وڃڻو پوندو.“

”سائين خدا کان ڊڄو اوهين به پنهنجن ڄاين وارا آهيو.“

وڏيري جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هو پٽ تي ٿڪ ڦٽي ڪري ڪولها لوڏيندو اوطاق هليو ويو ۽ ازان... ازان جهريل من کي کڻي نستو ۽ نٻل سريم کڻي رڌڻي ڏي وڌي وئي، هن جي سڄي جسم مان ڄڻ ساهه ڇڏائي ويا هئا. سندس اڳيان اٽي سان ڀريل ٿالهه رکيو هو ان کي ڳوهڻ لڳي ڳوڙها ٽم ٽم ڪندا اٽي ۾ جذب ٿيندا ويا. ان پل هن جا هٿ ڍرا ٿيا ۽ ڪنڌ ڀت تي لڙي پيس، ڍليون ڍليون ٻانهون، وساميل وساميل نيڻ ازان اهو به نه ڏسي سگهي ته در ۾ حاجي بيٺو آهي. هو تڪڙو اڳتي وڌيو ۽ ازان کي ڌونڌاڙي چوڻ لڳو:

”ازان... ازان توکي ڇا ٿيو آهي.“

”مٺي مٿي ته نهار.“ حاجي پنهنجي هٿن سان ازان جي ڳلن تان ڳوڙها اگهندي چيو. پر ازان جا پساهه پورا ٿي چڪا هئا. تڏهن هو سڄو اجهامي ويو هو. پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري اچي کٽ تي ليٽايائين. اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. ننڍڙي مينا وائڙي ٿي حاجي کي ڏٺو مرد به روئيندا آهن، هن ته ڪڏهن به ڪنهن مرد کي روئيندي نه ڏٺو هو، پوءِ اڄ حاجي جهڙو جوڌو هيئن سڏڪا ڀري ٿو روئي، شايد ان ڪري جو موت اڄ ڪاري اماس جي رات جي پڄاڻي آندي هئي ۽ حاجي جا ڳوڙها ان اوندهه انڌوڪار ۾ تارن جيان پئي جرڪيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com