سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1977ع

مضمون

صفحو :22

 

تنوير عباسي

جپاني هائيڪو

 

(هر سٺو شعر چنڊ ڏي اشارو ڪندڙ آڱر آهي – پر آڱر آهي، چنڊ ناهي)

سنڌي شاعريءَ ۾ اڄڪلهه هائيڪو جي صنف ڏاڍي عام ۽ مقبول ٿي ويئي آهي. ٽيڙو، ٽه سٽا، هائيڪو ۽ هائيڪا --- انهن نالن سان ڪيترائي  نوان ۽ پراڻا شاعر هن جپاني فارم ۾ شعر لکندا ٿا رهن. ان ڪري هن وقت ضروري آهي ته ان صنف جي فني توڙي فڪري تاڃي پيٽي جو جائزو وٺجي، ۽ ان جي ارتقا جي باري ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪجي.

عام جپاني، بنا ڪنهن ڪوشش جي هائيڪو چئي وٺن، هنن وٽ صدين کان اها صنف مقبول عام آهي. عام طرح جپاني لڄارا ٿيندا آهن، پر جي هنن کي هائيڪو ٻڌائڻ لاءِ چئبو ته بنا ڪهن هٻڪ جي، بي ڌڙڪ ٻڌائڻ شروع ڪندا. شهر هر ۾ هائيڪو ڪلبون آهن جن ۾ دڪاندار، شاگرد، ٽڪيٽ چيڪر ۽ هر قسم جا ماڻهو حصو وٺندا آهن، ۽ انهن ڪلبن طرفان هائيڪو مخزنون نڪرنديون آهن جن ۾ هو هائيڪو لکندا آهن. جپان ۾ هي صنف ائين مقبول آهي جيئن اسانجي ٻهراڙين ۾ بيت.

”هائيڪو“ يا ”هوڪو“ هڪ مختصر نظم (Miniature Poem) آهي. اها صنف جپاني لمبي نظم ٽنڪا (Tanka) مان نڪتي آهي. ٽنڪا ۾ پنج، پنج، ست ست ماترائون هڪ بند ۾ هونديون آهن ۽ هڪ نظم ۾ ڪيترائي اهڙا بند هوندا آهن. هلندي  هلندي ٽنڪا جو هڪ بند الڳ صنف ٿي پيو ۽ ان کي رينگا Renga)) سڏيو ويو. رينگا جو گهاڙيٽو ساڳيو ٽنڪا جي هڪ بند وارو (پنج ست پنج ... ست ست ماترائون) وڃي بيٺو. هيءُ  بلڪل انهي  طرح ٿيو، جيئن قصيدي مان غزل نڪتو. اڃا به اڳتي هلي رينگا جو شروعاتي حصو هڪ ڌار  گهاڙيٽو ٿي پيو، ۽ ان کي سڏيائون هائيڪو. هائيڪو معنيٰ شروعات، ان ڪري هن مختصر نظم جو نالو ئي شروعات پئجي ويو. ان جو گهاڙيٽو ٿيو پنج ست پنج ماترائون . جيئن غزل مان قطعو ۽ فرد الڳ صنف ٿي پيا، تيئن رينگا مان هائيڪو.

هن ننڍڙي  ۽ مڪمل نظم جون ڪجهه فني ضرورتون پڻ آهن: هڪ ته اهي گهاڙيٽو- هائيڪو پنجن ستن ۽ پنجن ماترائن تي مشتمل هوندو آهي، ۽ ان جي پهرين ۽ آخري  سٽ جو قافيو ملندو آهي. ٻي ڳالهه، جا هائيڪو لاءِ ضروري آهي، اها آهي فطرت سان لاڳاپو. هائيڪوءَ ۾ فطرت جو ذڪر هجڻ ضروري آهي. هائيڪوءَ جي لاءِ ٽين لازمي ڳالهه آهي ڪنهن واقعي، ڪنهن خاص واقعي ڏي اشارو هجي چوٿين لازمي ڳالهه آهي ان واقعي جي ڪنهن مسلسل عمل کي ” ٿي رهيو هجڻ“ جي حالت ۾ قلمبند ڪيو وڃي... يعني زمان استمراري هجي.

گهڻن مبصرن هائيڪو کي جپاني چتر ڪاري کان متاثر ٿيل ڄاڻايو آهي. جپان جي روايتي چترڪاري به اختصار تي ٻڌل آهي. ٻه ٽي ليڪون ڪڍن ته مڪمل نظاري جو احساس پيدا ٿي پوي. ٿورا رنگ گهڻو مقصد بيان ڪن، چپاني مصوري اهڃاڻي توڙي اشاراتي آهي. هن وٽ وڻ جي هڪ ٽاري سڄي فطرت جي نمائندگي ٿي ڪري. ساڳيون ڳالهيون  هائيڪو شاعريءَ ۾ پڻ آهن. مختصر لفظ، مختصر واقعا، سڄي ڪائنات جي باري ۾ ڳوڙها ۽ اونها احساس ٿا ڏيارين.

جپاني هائيڪوءَ تي ٻڌمت جو اثر پڻ آهي. چون ٿا ته گوتم ٻڌ کي اوچتو نرواڻ مليو، تيئن هائيڪو ۾ اوچتي من اڇل يا اوچتي عرفان جو احساس ملڻ ضروري آهي. هڪ روايت آهي ته باشو ( جنهن هائيڪو شاعري کي چوٽ تي پهچايو) کان هڪ دفعي سندس ٻوڌي استاد پڇيو ته توکي مهاتما ٻڌ جو عرفان ڪيئن ٿيو. ان وقت هو تلاءَ جي ڀرسان ويٺا هئا،باشو جواب ڏنو:

سينواريل تلاءُ

ڏيڏر ٽپ ڏنو

پاڻي جو ڇپڪو.

هن هائيڪوءَ ۾ مسلسل واقعو آهي، ڪجهه ”ٿي رهيو هجڻ“ جو تاثر آهي. اوچتائپ (Suddenness) آهي --- سينواريل تلاءُ معنيٰ عرصي کان بيٺل سانتيڪو --- ماٺو پاڻي --- ڏيڏر جو ٽپ ---- اوچتو آواز – سانت ۽ پاڻي جي ساڪت هجڻ ۾ اوچتي تبديلي --- ٻه مختلف ۽ مخالف ڳالهيون، سانت ۽ آواز--- ٻه مختلف خيال: سينور (عرصي جو اهڃاڻ) ۽ ڇپڪو – (گهڙيءَ جو احساس). اهي آهن هائيڪو شاعري جون فني باريڪيون.

هائيڪو شاعريءَ ۾ ”ڀريل عڪسن“ (Charged Images) جي موجودگي ان ۾ وڌڪ تاثر ٿي ڀري.ڀريل عڪس اهو عڪس آهي جيڪو ڪنهن سادي  ۽ خارجي عڪس ذريعي جذبي جو شديد تاثر ٿو ڏئي. عڪس رڳو عڪس نه هجي، پر اهو تاثر سان ڀريل  هجي. جيئن

جڏهن اگهاڙيءَ ٽاريءَ تي

ڪانءُ اچي وهي

سمجهو سچ پچ رات اچي وئي.

                           (باشو)

اگهاڙي ٽاري (جنهن جا سڀ پن ڇڻيل هجن) مايوسيءَ جو تاثر ٿي ڏئي – سانجهيءَ جو وقت، ۽ اهڙي ٽاري تي ڪانءُ جو واهيرو ڪرڻ ان احساس کي وڌيڪ  زورائتو ٿا ڪن.

جيڪڏهن ٻه مختلف عڪس، جن جو ظاهري طور پاڻ ۾ لاڳاپو نه هجي، ۽ هڪٻئي جي ڀرسان رکجن، ته انهن مان هڪ بلڪل ئي الڳ حقيقت جو عرفان ٿو ملي. اها حقيقت نه پهرئين عڪس ۾ هوندي آهي، نه ٻئي ۾.

وڄ جو چمڪو

ڪوئل جو آواز ويو

اوندهه ۾ ترندو-

          (باشو)

وچ ۾ چمڪو، ۽ ڪوئل جو آواز – اوندهه ۾ روشني، سانت ۾ ڪوڪ، ٻنهي ۾ ڪو ظاهري لاڳاپو ڪونهي، پر ٻنهي ۾ يڪسانيت آهي. هيءَ هائيڪو به ان قسم جو آهي:

ڪرندڙ پنکڙيون

- ۽ انهن جي وچ ۾

مڇر جي ڀون ڀون-

              (بوسن)

هائيڪوءَ جي هڪ ٻئي ٽيڪنيڪ به آهي. اها آهي”موٽڻ جي ٽيڪنيڪ، Phenomena Of Reversal)) هن ٽيڪنيڪ موجب واقعي کي ابتو بيان ڪيو  ويندو آهي. ان طرح سان آخري سٽ تائين شعر جو مفهوم ظاهر نٿو ٿئي ۽ آخري  سٽ تي اوچتو سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچيو وڃي. اهڙن هائيڪن ۾ آخري سٽ ذهن کي ڌڪ هڻندي آهي.

مثال طور:

ڏيڏر جو آواز

پنن جي چرپر

برسات!

هئڻ گهرجي: برسات، پنن جي چرپر، ڏيڏر جو آواز، ڇو ته ٻيون سڀ ڳالهيون مينهن پوڻ جي اثر طور ظاهر ٿيون، پر هتي واقعي کي ابتي ڪرڻ سان هائيڪوءَ ۾ وڌيڪ تاثر پيدا ٿي ويو آهي.

هائيڪوءَ جي شروعات چوڏهين صدي عيسويءَ  ۾ ٿي. روايتي طور هن صنف جا بنياد وجهندڙ مارتيڪ ۽ سوڪن هئا، هنن جي شعر ۾ اڪثر طنز هوندي هئي. ان کانپوءِ ٽيٽوڪو هن صنف کي رينگا ڏي موٽائڻ چاهيو، ۽ فني باريڪين ۾ وجهي ڏاڍا ڏکيا قانون گهڙيا، تان جو شاعري يڪسانيت جو شڪار ٿي ويئي، ڊئنرن اسڪول، جنهن جو پايو سوئن (82-1605ع) وڌو، انهن لاڙن جي خلاف ڪم ڪيو، پر هيءَ به گهڻا انتهائي پسند ٿي ويا، آخر باشو (94-1644ع) هن صنف کي سوڌي، سنواري جرڪائي ڇڏيو، ۽ هائيڪوءَ کي آخري شڪل ڏيئي چوٽ تي پهچائي ڇڏيو. باشو پهريائين ڪن اميرن جي نوڪريءَ ۾ هئو، هن استاد ڪگن کان هائيڪوءَ جي تعليم ورتي. جڏهن سندس مالڪ فوت ٿيو ته هن پنهنجي سڄي حياتي شاعري لاءِ وقف ڪري ڇڏي، ۽ هائيڪوءَ جي تعليم ڏيندو رهيو، سندس شاگردن مان ڪيترائي سٺا هائيڪو چوندڙ شاعر ٿيا.

باشو جي خيال مطابق شاعري ۾ عڪس  ٻولي جو استعمال ڪرڻ گهرجي. هن هائيڪو شاعري کي روز مرهه جي زندگي  جي ويجهو آندو، هن چيو آهي ته ”شاعر کي عام سان رلمل ٿي وڃڻ کپي،پر تنهن هوندي به من جي عظمت کي قائم رکڻ گهرجي.“

هن ”سادگيءَ ۾ سونهن“ واري ٻوليءَ تي زور ڏنو آهي. هن جي چوڻ موجب شاعري فطرت جو اظهار هئڻ گهرجي، پر فطرت جو اهڙو اظهار  هجي جيڪو سڄي ڪائنات جي مانڊاڻ کي سمجهائي هن جي شاعري سادو ۽ سڌو اظهار آهي، گهڙي پل جو ذڪر آهي، پر ان جو اثر وقتي ۽ عارضي ناهي، ان جو احساس ۽ تاثر، ازلي ۽ آفاقي آهن، ۽ سندس معنيٰ ۽ مطلب دل کي ڪنهن ازلي سچ ۽ عظيم روح سان هم آهنگ ڪن ٿا. هن شاعر تي ٻڌمت جو اونهو اثر آهي.

باشو کانپوءِ بوسن (83-1715ع) هائيڪو جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. هو نه رڳو سٺو شاعر هو، پر ان سان گڏ هڪ مشهور چترڪار پڻ. هن جي چترڪار هجڻ جي خاصيت سندس شعري عڪس مان ظاهر آهي. هن وٽ نقاش جي نظر هئي، ان ڪري ئي سندس شاعري معروضي ۽ نج آهي. هن کي فراريت پسند چيو ويو آهي، هن باشو جي سانت کان وڌ لفظن جي شان ۽ حسياتي شاعري تي ڌيان ڏنو آهي. باشو تڪلف سان ڀريل ۽ روايتي هو، ته بوسن بي تڪلف ۽ عوامي.

ايسا (1826-1763ع) بوسن کانپوءِ  آيو  ۽ هو به هائيڪو جي وڏن شاعرن مان هو. ايسا هائيڪو شاعريءَ کي عام ماڻهن جي سطح تي آندو. هن جي ٻولي توڙي اسلوب عام ماڻهو جا آهن، سندس شاعري ۾ طنز ۽ مزاح جو رنگ آهي، توڙي هن جي ذاتي زندگي مايوسي سان ڀريل هئي، پر تڏهن به هن جي شاعراڻي روح شڪست نه کاڌي، هو خوشي ۽ تعجب پيدا ڪندڙ شعر خلقيندو رهيو، جپاني هائيڪو شاعرن ۾ ايسا سڀني کان وڌيڪ پسند ڪيو ٿو وڃي.

هائيڪو شاعريءَ جي جديد دور 1868ع کان ليکيو ٿو وڃي، پر ان دور جي لاڙن ماحول تي ڇانئجڻ 1880ع کان 1890ع ڌاري شروع ڪيو.

هن دور جي شروعات شڪي (1902-1867ع) ڪئي. شڪي جو مقصد هو فطرت کي محفوظ ڪرڻ. هو چوندو هو، ” فطري ٿيو“ ” حقيقي نظارن کي اهميت ڏيو“ اهوئي ” حقيقي نظارن کي اهميت ڏيو“ جو متوهائيڪو مخزن ” ڪوئل“ جو بنيادي اصول هو. اها مخزن شڪي ۽ ڪيوشي 1899ع ۾ شروع ڪئي. شڪي نه فقط سٺو هائيڪو شاعر هو، پر هو هائيڪو شاعريءَ جو وڏو نقاد پڻ هو. هن باشو کان وڌيڪ بوسن کي اهميت ڏني، عمر جي آخري وقت ۾ هن تمام ڊگهي بيماري ڏٺي. ان بيماري هن جي شاعريءَ ۾ اذيت جو احساس پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

هن جي تنقيد ڪيترن هنڌن تي انتهاپسنديءَ واري آهي، پر تنهن هوندي به  هن کي باشو، بوسن ۽ ايسا سان گڏ هائيڪو جي چئن وڏن شاعرن مان ليکيو ٿو وڃي. هن خالص معروضي هائيڪو لکيا آهن، ۽ اهڙن هائيڪن لکڻ لاءِ ئي پرچار ڪندو رهيو.

شڪي جا اوائلي شاگرد هئا هيگي ڪوتو، ۽ مس ايستو، ڪجهه وقت کانپوءِ  هيگي ڪوتو هنن کان ڌار ٿي ويو ۽ ڪلاسيڪيت ۽ روايت خلاف هائيڪو شروع ڪيائين. هيگي ڪوتو اهڙا هائيڪو لکيا جيڪي ”آزاد هائيڪو“ آهن ۽ انهن ۾ ماترائن جي ڳاڻيٽي جو به لحاظ نه آهي، اڳيتي هلي ڪافي نون شاعرن آزاد هائيڪو لکڻ شروع ڪيا. اهڙن شاعرن جي اڳواڻي ڪيوشي ڪئي، جنهن سان ڪيترائي  جديد شاعر جهڙوڪ سئي ها، ڊڪو تسو ۽ سيڪتي شامل ٿي ويا.

26-1912ع ڌاري باشوءَ ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي ۽ باشو هڪ دفعو وري مقبول ٿيڻ لڳو، اهو ان ڪري ٿيو جو جپاني شاعري جديد يورپ جي اهڃاڻي شاعري جو اثر قبول ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ باشو جي هائيڪن ۾ اهڙا عنصر اڳ ۾ ئي موجود هئا. ڪيترن ئي نون شاعرن جهڙوڪ شئوشي، بوشا، ڪشادئو، تڪاشي، هڪيو، ۽ شوشن، ڪيوشيءَ سان شامل ٿي، ”نئين اسلوب واري هائيڪو“ جو پرچار ڪيو، ۽ انهن جديد لاڙن جي اثر هيٺ پراڻو، ڪلاسيڪي ۽ روايتي هائيڪو، نئين زماني جي نئين رنگ ۾ رنگجڻ لڳو.

مددي ڪتاب:

(1. COHEN. WILLIAM: To walk in seasons, Tokyo-1972.

2. Geoffrey Browns and Anthony Thwaite: The penguin Book of japnese Vers, Middle sex -1964.

3. Shipley, Joseph. T: Dictionary of World Literary Terms. London, 1970.

 

ترجمان

(ترجمان گهاڙيٽي جي لحاظ کان آزاد آهن)

شروعاتي دور.

 

موريتيڪ

ڪرندڙ گل

ٽاريءَ ڏي موٽي ٿو

هاءِ – هيءُ پوپٽ!

*

منهنجي حياتيءَ جو عرصو

اڄ لڳي ٿو

صبح جو گل

سوڪن

جي مينهن پوي

اڌ رات جو - او چنڊ!

ڇٽي کڻي اچجانءِ.

 

چار وڏا هائيڪو شاعر

(1) باشو

سينواريل تلاءُ

ڏيڏر جو ٽپو

پاڻي ۾ ڇپڪو.

*

ڳوٺن ۾

رونبي وارو گيت

فن جي شروعات.

*

گهڙي کان پوءِ ڪڪر

اچي ڏين آرام

چنڊ ڏسڻ کان.

*

گهنڊ جڏهن ڀي

ڪيو پورو راڳ

وڳل گل خوشبو سان.

*

رڳو عطر کپي

جو برف ذرن (i) کي

گل بنائجي.

*

خالي گلدان --- خالي آسمان

ڀريل پيالو مڌ جو

هي اڪيلو پياڪ.

(2) بوسن

ڀٽ وٽ هڪڙو وڻ

ٻنهي طرف هڪ جيترا

گل ٿا ڪن ڇڻ ڇڻ.

وڻ جا پن ڇڻيا

مندر ظاهر ٿي پيو

ٽارين جي وچ مان

*

ڏينهن جو --- ڏيڏر گهري رات

رات جو --- ڏيڏر گهري ڏينهن

ناشڪري----!

*

ڪرندڙ پنکڙيون

--- ۽ انهن ۾ هڪ مڇر

ڪري پيو ڀون ڀون.

(3) ايسا

ماڪ جي دنيا

ماڪ جي دنيا

پوءِ به....

*

باغ ـــ هڪ پوپٽ

ٻار بانبڙا ڏئي - هو اڏامي

هو بانبڙا ڏئي - هو اڏامي

*

مڇرن لاءِ به

رات ته لمبي هوندي

تنهائيءَ جو احساس انهن کي ڀي هوندو

*

آهستي چڙهه چاڙهي

فجيءَ جي جبل تي

او ننڍڙي ماڪوڙي

*

چيريءَ جي وڻن جي وچ ۾

ڪهڙي اجنبيت

*

پاڙيسري ڌوئي ٿانو

۽ ڏيڏر ڪري ٽانءُ ٽانءُ

ڪهڙو نه دو گانو

*

هڪ ماڻهو

هڪ مک

ترسن هيڏي ساري ڪمري ۾

*

جڏهن جڏهن ڀي دل

هو ريان هو ريان ٻڌڻ لڳي

گل تڏهن به ٽڙن

(4) شڪي

اڄ رات ۽ لکڻ

ڪيڏا جيت مليل

آهن منهنجي مس ۾

*

 

آتشبازيءَ بعد

سنسان رستو

۽ هو لهندڙ  تارو

*

نيري سانجي سمنڊ

سامهون هڪڙي ٻيٽ تي

ٽڙي پيون بتيون

ميستو

ٽڪريون ـــ ٻني، اڃاڪو

چنڊ هيٺان

هر ڪاهي پيو

هيگي ڪوتو

بهار جا ڏينهن

ٻنين مٿان

بي پاڙا ڪڪر

ڪيوشي

نانگ ڀڄي ويو

پر ان جون اکيون اڃا به

ٻوڙن مان گهورين پيون

*

پهريون پوپٽ

خواب جيان

نظرن کان اوجهل

دڪوتسو

برف سان ڍڪيل پهاڙ

۽ انهن مان

پڙادو گهلجي

سيڪتي

سرءُ جو طوفان ماٺو ٿئي،

هِتان هُتان

ماڻهن جا آواز جاڳن

تڪاشي

چڪلي جو

خالي ڪمرو

سرءُ جي مند

*

بصر جي ڀوڪ تي

لهندڙ پوپٽ

اڪيلو ــــ اداس

متفرقه

جڏهن دنيا ٽڙي ٿي
ته پٺتي ڪين موٽي
ڇڻندڙ گل نه موٽن

 

(ٽيٽوڪر)

 

 

تلاءُ ۾ هٿ ٻوڙيان ٿو

 

ترندڙ سڪل پن

 

ٺڙي پکڙي وڃن ٿا

 

(سائن)

سج لهي ٿو

 

سڪل وڻ جي پويان
وڻ کي هٿ ۾ آکيرو آ

 

(بونچو)

ڪيترو به سڏيوس

 

ته به ٽانڊانو

 

پنهنجي واٽ ويندو

 

(اونتيسورا)

منهنجي اڇن وارن مٿان
هيءَ سياري جي چانڊوڪي
ان کان ڪائي برف ٿڌي؟

 

(جوسو)

جابلو چاري جي ڀرسان
روز وهندڙ آبشار
گرميءَ کي ڇيڙائي ٿو

 

    (شڪو)


 

جديد عڪس

هن کي هاڻي ٻار ٿيو آ

هاڻي هن جو پيانو

هن جي دل ڪيئن وندرائي

*

ٻار جي هوم ورڪ ۾

هڪ ڏکيو لفظ

۽ پيءُ جو (ڪاوڙيل) چهرو

*

پوليس واري جي هنج ۾

گم ٿيل ٻار

مٺائي جي دوڪان ڏي اشارو (ٿو ڪري)

*

گهر کي صاف ڪندي

لڀن ٿا

پيار جا پهريان خط.


 


(i) Snow Flakes.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com