محمد دائود بلوچ
احسان
مان هينئر ڪال ڪوٺڙي ۾ بند ٿيو آهيان، ۽ پنهنجي حياتي جي آخري
گهڙين کي ڳڻي رهيو آهيان. سڀاڻي صبح سان منهنجي
زندگيءَ جي ٽمڪندڙ ڏيئي کي گل ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو
۽ يقينن مون کي ڦاسي جي سزا ملندي ڇاڪاڻ ته مون
دوستي جي هام هنئين. مان غريب هوس، مون هن جي
احسان جو بدلو ڏيڻ ٿي چاهيو......مون احسان فراموش
ٿيڻ نٿي چاهيو، انهي چڪر ۾ هتي اچي پهتو آهيان ۽
توکي خط لکي رهيو آهيان.
منهنجي پياري، توکي ته خبر آهي، مان هڪ ڪلارڪ آهيان، هڪ معمولي
ڪلارڪ، جنهن جو پگهار مهيني جي پندرهين تاريخ
تائين به نه هلندو آهي ۽ پوءِ دڪان تان کنڌو کڻي
يارن دوستن کان پٽ سٽ ڪري پورت ڪبي آهي، مان انهن
ئي ڪلارڪن مان آهيان. مون توکي وس آهر خوش رکڻ جي
هرڪا ڪوشش ڪئي، توکي خوش رکڻ لاءِ ڪئي حيلا هلايا،
تنگدستي کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ، مون پارٽ ٽائيم
ڪم ڪرڻ، ڪٿي ڪا نوڪري ڪرڻ، محنت ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ
ڪئي. مگر افسوس! جو ڪٿان به ڪم نه مليو. نه وري ڪا
نوڪري ملي. منهنجي آفيس ۾ سينئر ڪلارڪ، سپرنٽيڊنٽ
صاحب، جن وٽ سٺي ٽيبل هوندي هئي. اهي روزانو فل
سوٽ ۾ سئو سئو رپين وارا بوٽ پائي ايندا هئا ۽ مان
هڪ ئي وڳي کي رات جو ڌوئي صبح جو سوير استري ڪري
آفيس ويندو هوس ۽ چاڪي جي ڍڳي جيان ڄڻ گهاڻي ۾
وهندو هوس آفيس ۾ ٻيا مون کي چانهه پياري ڪاغذ
ٽائيپ ڪرائيندا هئا، ڊرافٽ ٺهرائيندا هئا ٽوٽل
ڪرائيندا هئا، صرف چانهه جي ڪوپ تي. ۽ مان انهن جو
ڪم خوشي سان ڪندو هوس، ڇاڪاڻ ته غريب هوس.
پياري، هڪ دفعي جڏهن توکي ويم جا سور هئا ۽ مان موڪل وٺي ڳوٺ
آيو هوس، ۽ پوءِ جڏهن داين جواب ڏيئي ڇڏيو، ته ٻار
شايد پيٽ ۾ مري ويو آهي. ۽ هي ويم اسان کان زور
آهي. هن کي حيدرآباد اسپتال کڻائي وڃو.تڏهن منهنجي
اڌ ڌڙ مان ساهه سڪي ويو، منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو،
منهنجا حوصلا خطا ٿيڻ لڳا، ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه
پئي آئي.
منهنجي پياري توسان مون کي ڪيتري نه محبت هئي ۽ آهي. ۽ اها محبت
مان هن مهل دهرائڻ نٿو چاهيان، توکي خبر آهي ته
تون ئي منهنجي زندگي آهين، تون ئي منهنجي رفيقه
حيات آهين، تون ئي متاع حيات آهين. ان وقت منهنجي
ذهن ۾ ڇتي ڪتي واري ڊوڙ ۽ دل ۾ وڇون جي ڏنگ وارا
سور شروع ٿيا. خميسي کي پئسن ۽ سواري لاءِ چوان پر
انڪار ڪري ته پوءِ، قاسم کي چوان نه هجنس ته پوءِ،
ائين پور پچائيندو، ڀڃ گهڙ ڪندو، پاڻ کان سوال
ڪندو ۽ پاڻ ئي سوالن جا جواب ڏيندو رهيس. اوچتو
تنهنجي ڪيڪن جو آواز ڪنن تائين پهتم. ٽپ ڏيئي اٿي
کڙو ٿيس، هڪدم سوچيم ته وڏيري جيئندي خان کان ڪجهه
پئسا ۽ جيپ وٺي توکي حيدرآباد کڻائي وڃان، باقي
بيل گاڏي جي رينگٽ ۽ لوڏن، ڪچي رستي جي جهانڪن ۾
پڪي رستي تي پهچڻ کان اڳ تنهنجو الائي ڪهڙو حال
ٿيندو، هڪ اميد جو ترورو نظر آيم، ڀڄندو ڀرواري
ڳوٺ ۾ وڏيري جئيندي خان ڏي روانو ٿيس، دل ۾ اهي
وهم ۽ وسوسا، الائي ڏيندو يا نه، جيپ اٿس يا وڪڻي
ڇڏيائين. مون کي ساڻس ملئي گهڻو وقت ٿيو هو،
جئيندو خان ڦٽين جو زميندار هو، هر سال ڦٽين لهڻ
وقت جيپ خريد ڪندو هو، حيدرآباد جي دلالن وٽ پيو
چڪر ڏيندو هو ۽ ڍل ڏيڻ مهل اها جيپ اڌ ملهه ۾ وڪڻي
ڍل ڏيندو هو خدا ڪري شل جيپ هجيس ۽ ڏي. ائين ٻه
چار دفعا آفيس ۾ ڪم سان آيو هو ته مون سندس سٺي
خاطري ڪئي، ڪاغذ به ٺهرائي ڏنامانس، اهي ويچار
ويچاريندو مان وڏيري جيئندي خان جي اوطاق تي پهتس،
وڏيرو ويٺو هو، خوش ٿي مليو سربستو احوال ڏنومانس
چائين:
” اڪبر جيڪڏهن هن مهل به مان تنهنجي ڪم نه آيس ته پوءِ وري ڪڏهن
ڪم ايندس.... اهي مهلون به مڙسن تي اينديون آهن.“
پوءِ ڊرائيور کي رڙ ڪري چيائين: ” شير علي! گاڏي
تيار ڪر“ ۽ کيسي ۾ هٿ وجهي سئو روپيا ڪڍي مون کي
ڏنا. پوءِ ته ڄڻ مون کي خريد ڪري ڇڏيائين. اکين
مان شڪر گذاريءَ جا ڳوڙها، روڪيندي به نه رڪيا ۽
ڳڙي پيا – گلو ڀرجي آيم. سوچيلم ته جيئندي خان جي
ڪهڙن لفظن ۾ شڪر گذاري ڪريان. ڀريل گلي سان ڪجهه
چئي ڪونه سگهيس فقط هٿ جوڙ ڪري ”مهرباني“ چيم،
جيئندي خان ڳراٽڙي پائي چيو:
”پرواهه نه ڪر، جيڪڏهن ڪو ڪم هجي ته بي فڪر هليو اچ“
مان جيپ ۾ چڙهي ڳوٺ پهتس، اتان توکي کڻائي حيدرآباد آياسين،
اسپتال ۾ داخلا ملي وئي ڇاڪاڻ ته حالت ئي اهڙي
هئي، ليڊي ڊاڪٽر ته سخت ناراض ٿي ۽ چوڻ لڳي:
”هيئن ماڻهو ماري پوءِ کڻي ٿا اچو، پوءِ اسين ڪهڙو علاج ڪريون.“
مان صرف هٿ جوڙ ڪري پيو سگهان، نيڻن مان نير جاري،
گلي مان آواز نه نڪري، ليڊي ڊاڪٽر چيو: ” هڪ انسان
جي زندگي جو سوال آهي، پر رت جي ضرورت پوندي – رت
ڪير ڏيندو.“
مون پنهنجي ڏٻري جسم کي ڏسندي چيو: ” مان ڏيندس.“
”تو وٽ رت ڪٿي آهي.“
”تنهنجو رت ٺيڪ نه ٿيندو – مڙس جو رت زال کي مليو ته ٻئي ڀيڻ
ڀاءُ ٿي پوندا.“
سئوٽ ملي عبدالقادر چيو
ايتري ۾ شير علي رڙ ڪئي: ” سائين آئون رت ڏيان.“
واهه شير علي واهه! جيئندا خان واقعي مڙس ماڻهو آهين. اهي جيڪي
شهرن ۾ ويهي وڏيرن جي ظلمن جو داستان بيان ڪندا
آهن، ته وڏيرا هارين تي ظلم ڪندا آهن، هارين ۽
ڳوٺاڻن جون چوريون ڪرائيندا آهن. پاٿاريدار آهن،
غريبن جي لڄن ڏانهن برين نظرن سان ڏسندا آهن. انهن
کي هڪڙي ڪني گار دل ئي دل ۾ ڏئي ڇڏيم. بي اختيار
زبان مان نڪري ويو: ” واهه جيئندا خان، تو جهڙا
انسان ڪٿي؟“
سوٽ ملي چيو: ” مان رت ڏيان ٿو.“
ائين تنهنجي حياتي بچي، ٻارڙو ته اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪو هو.
انهي ڳالهه کي پنج – ڇهه مهينا گذري چڪا هئا، هڪ ڏينهن آفيس ۾
وڏيرو جيئندوخان مون وٽ آيو. جنهن وقت منهنجي نظر
مٿس پئي ٽپ ڏئي وڃي ڀاڪر پاتومانس، اها جاءِ نه
ملي جتي وهاريانس. سڀnي
سان سندس تعارف پيو ڪرايان. چانهه ڪيڪ، جا دور
هليا، جيئندو خان گهڻي دير تائين مون وٽ ويٺو
رهيو، اهڙي جوان جي ڪهڙي خدمت ڪجي! جنهن اهڙو
احسان ڪيو. ان وقت مون وٽ پئسو ڪونه هو پر هوٽل
واري سان کندو هلندو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ جيئندي
خان چيو ته موڪل وٺ ته هلي ڪجهه ڳالهيون ڪريون.
مون موڪل ورتي، جيپ ۾ چڙهي هوٽل ۾ پهتاسون، گرمي
جا ڏينهن هئا. وڏيري آئيس ڪريم جو آرڊر ڏنو، پوءِ
هن چيو:
” مون کي صلاح ڏي، ۽ تنهنجي مدد به گهرجي.“
” حڪم ڪريو.“
” اڪبر! ڪراچي مان دلالن جي معرفت هڪڙي شادي ڪريان ٿو. ائين ته
ٻه شاديون اڳ ۾ ڪيل اٿم، پر ڪا شهر جي پدمڻي
گهرجي. تمام ملڪيت واري آهي. لکاپتي آهي، صرف هڪڙي
ماءُ اٿس، هو چاهين ٿا ته ڪو زميندار هجي جنهن سان
سڱ ٿئي، ۽ اهو مڙس ماڻهو هجي، هو شهري ڇوڪرن کان
بيزار آهن، ڇاڪاڻ ته شهري ڇوڪرا روز نئين ڪاليجي
ڪڪي جي پٺيان ڊوڙن، چلولا، ڪڏهن ڪهڙا خيال ته ڪڏهن
ڪهڙا خيال، مون پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ ڏيکاءُ ڏنو
آهي. حيدرآباد ۾ هڪڙو بنگلو مسواڙ تي ورتم. کين
ٻڌايم ته پنهنجو آهي. ڳوٺ ۾ پنهنجو بنگلو به ڪو
گهٽ ڪونه آهي، جيپ تي کين ڳوٺ وٺي ويس، ڀرپاسي جي
سموري زمين کين ڏيکاريم، پنهنجي توڙي پرائي زمين
لاءِ به کين ٻڌايم ته منهنجي آهي، مون اڃان شادي
نه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي دل چوي ٿي ڪا شهري
حور ملي ۽ بس.
مون چيو ”ڪنهن به ڪم ڪار ۾ مان اوهان سان ٻڌل آهيان، ڪنهن به ڪم
جو حڪم ٿيندو ته حاضر ٿيندس.“
”گهٽ ۾ گهٽ ڏهن لکن جو شڪار آهي. توکان ڇا لڪايان، ڪنهن صلاح ۽
مشوري جي ضرورت پيئي ته تو وٽ هليو ايندس. ڳوٺ جو
آهين، پڙهيل ڪڙهيل آهين، توکي خبر هوندي ته شهري
زال سان ڪيئن هلجي، جيئن هوءَ خوش رهي سگهي. پوءِ
چيائين ته ڪافي وقت گذري ويو، بک لڳي آهي، مون
موڪلائڻ جي ڪئي، چيائين: ” چريو آهين ڇا“ پوءِ
ماني لاءِ آرڊر ڏنائين، ماني کائي بس ڪئيسين، بل
آيو ٽيٽيهه رپيا پنجاهه پئسا، بل ڏسي منهنجو وات
ڦاٽي ويو. هڪ ئي ويلي تي ايترو خرچ، پر ڪهڙي
پرواهه آهي، پوءِ اتان موڪلايوسين.
انهي ڏينهن کانپوءِ اٽڪل ڇهن مهينن تائين هو مون سان ڪو نه
مليو. هڪ ڏينهن وري آيو چيائين:
”شاباس هجي اڪبر، شادي مبارڪ ڏيڻ به نه آئين.“
مون کائنس معافي ورتي ۽ کيس پنهنجي مجبوري ٻڌايم ۽ کائنس پڇيم
ڏيو خبر چار ڪيئن آهيو.
چيائين: ”چئن زالن واري کان خوش آهيان. هن گهٽ ۾ گهٽ ڏهن لکن جي
ملڪيت ڏني آهي، جنهن ۾ زيور، سون، روڪڙ، ڪار،
بنگلو، ۽ ٻيو به سڀ ڪجهه ضرورت ۽ عيش آرام جو سڀ
سامان مون به حق مهر ۾ پنجاهه هزار، هڪ بنگلو، ۽
پنج سئو ايڪڙ لکايا پر هنن ڪجهه به وٺڻ کان انڪار
ڪيو. هن جي ماءُ چيو: ” اسان جي نياڻي سکي رهي،
اسان کي ٻيو ڪجهه به نه گهرجي.“ پر هنن هڪڙو شرط
رکيو ته: ” جيڪڏهن خدانخواسته طلاق ڏني ته سموري
ملڪيت جيڪا اسان توکي ڏني، سا واپس ڪندين ۽ حق مهر
۾ ڏنل رقم، زمين، بنگلو وغيره به ڏيندين.“ مون
اهو شرط قبول ڪيو.
” پوءِ“
” پوءِ شادي ٿي گذري، توکي خبر آهي ته اسين وڏيرا، ويچارين
ڳوٺاڻين گگدامن کي حويلي ۾ بند ڪيو ويٺا آهيون.
اهي ويچاريون ته ِڊپ کان ڪڇن ئي ڪونه، ٻه ٽي مهينا
ته ٻن زالن کي لڪايم، هن جون فرمائشون: ڪڏهن ڪراچي
جا چڪر، ڪڏهن حيدرآباد جون هوائون، ڪڏهن فلم ته
ڪڏهن سير و تفريح. آخر ڳوٺاڻن ۾ اچي چوپچو شروع
ٿيو ته وڏيرو نئين زال جي پٺيان بنهه ڇيلو ٿيو پيو
هلي، آخر سوچيم ته مڙس آهيان هينئر سموري ملڪيت،
نقد، ڪاغذ دستاويز وغيره سڀ مون وٽ آهن هاڻي مون
کي ڇا ڪندي.
هڪ ڏينهن کيس ٻڌايم ته منهنجون ٻه زالون اڳ ۾ آهن، اکين سان اڳي
ئي ڏٺيون هئائين. منهنجو ايترو چوڻ ۽ هوءَ منهن
مٿو پٽڻ، دانهون ڪرڻ، ڪرم ڪٽڻ، ڪپڙا ڦاڙڻ ۽ اڀ
ڦاڙڻ لڳي، پوءِ روز روز جي مصيبت – جهيڙا، روئڻ،
پٽڻ ماڻهو کڻي کلايائين. چوي پئي ته مون کي طلاق
ڏي.
” پوءِ“
” جيڪڏهن طلاق ڏيندس ته سموري ملڪيت تان هٿ ڌوئي وهندس ۽ مون
وٽ ڪوڏي ڪانه بچندي.“
” هو پاڻ طلاق وٺندي ته انهي صورت ۾ ڪجهه به ڪو نه ملندو.“
مون چيو.
” ملي يا نه ملي پر مون کي ائين ڪرڻو ڪونهي، ڪير پيو ڪورٽن ۾
وڪيلن جا در کڙڪائي. هاڻي توکي صرف اهو عرض ته
هفتي کن لاءِ تو وارو ڪوارٽر مون کي ڏي، زال وٺي
اچي اڪيلائي ۾ رهان، تنهائي ۾ کيس سمجهايان. رهڻ
لاءِ هوٽلون به آهن، پر ڪير پيو زال سان دربدر
ٿئي. وڏيرو ماڻهو هرڪو پيو سڃاڻي ته پنهنجو بنگلو
نٿو وٺي، هوٽل ۾ ترسيو پيو آهي. تون شهر جي ٻهراڙي
۾ رهيو پيو آهين، اسين خوش هونداسين، نه ڪو ايندو
نه ويندو ٻه ٽي ڏينهن الڳ رهي ته دماغ ٺڪاڻي
اچيس.“
” مون سوچيو ته مان ڪٿي وڃي رهندس، پر هن جو ڪيل احسان اکين آڏو
تري آيم، سندس احسان لاهڻ جو يا گهٽ ۾ گهٽ ڳائڻ جو
هي سٺو وجهه مليم، مون دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو. مون
کي سوچ ۾ ڏسي وڏيري ٻه سئو روپيا ڪڍي ڏنا ۽
چيائين:
” في الحال تون وڃي ڪنهن دوست سان، يا هوٽل ۾ رهه، منهنجي زال
خوش رهي ته پوءِ ڪجهه وقت وڌيڪ رهندس. توکي ڪنهن
به وقت پئسن جي ضرورت پوي ته هڪدم هليو اچ.“
مان انڪار ڪري نه سگهيس. مون هڪڙي دوست کي عرض ڪيو: ” يار، ٻه
ٽي ڏينهن قرب ڪر، ڳوٺان مهمان آيل آهن، هن دوست به
انڪار نه ڪيو ۽ مان وڃي هن سان گڏ رهڻ لڳو.
هفتي کن کانپوءِ هڪ ڏينهن اوچتو انسپيڪٽر پوليس جي اٽالن سان
آفيس ۾ اچي پهتو. وڏيرو جيئندو خان به ساڻن گڏ هو.
مون سمجهيو ته سندس دوست آهن ۽ ڪرسي تان اٿي کين
ملڻ ۽ ڀاڪر پائڻ جي ڪيم، ته ايتري ۾ جيئندي خان
چيو:
”انسپيڪٽر صاحب! هي آهي اهو اڪبر، جنهن جي ڪوارٽر ۾ اسين مهمان
ٿي اچي رهياسين، رات منهنجي غير موجودگي جو فائدو
وٺي هن منهنجي گهر واري کي قتل ڪيو، ٿي سگهي ٿو ته
هن پهريائين دست درازي جي ڪوشش ڪئي هجي ۽ پوءِ هن
کي پنهنجي راهه تان هٽائڻ لاءِ ته جيئن راز فاش نه
ٿئي ۽ ان کان سواءِ اسان سان ڪافي زيور ۽ ڪافي
روڪڙ پئسا هئا، جن جو به پتو ناهي. هن گهٽا ڏيئي
بيدردي سان منهنجي ڪنوار کي قتل ڪيو.
”انسپيڪٽر، اسان جي آفيسر صاحب کي چيو!
”سائين معاف ڪجو، مسٽر اڪبر اسان کي خون جي جاچ ۾ گهربل آهي.“
ائين چئي هن مون کي هٿڪڙيون هنيون ۽ جاءِ واردات
ڏي وٺي هليو.
اتي پهچي مون ڏٺو ته هن جي خوبصورت زال کي منهن تي ڪافي ڌڪ لڳل
هئا. نڪ ۽ وات مان رت نڪتل هوس. ڌڪن جي جاءِ گلي،
منهن ۾ گهٽن ۽ ڌڪن جي ڪري نيرا داغ ٿي پيا هئس،
سندس منهن سڄيل ۽ ڪپڙا ڦاٽل هئا، ڄڻ ڪافي ويڙهه
ٿي هجي. جيئندي خان انسپيڪٽر جي اڳيان روئندي،
اکيون مهٽيندي چيو:
”اڪبر ، تون ڳوٺ جو هئين آئون وڏيرو آهيان مون وٽ ڪهڙي ڪمي آهي.
جيڪڏهن تون ناراض هئين. ته اسان کي منٿ ڪري هتي نه
رهائين ها، مون کي رهڻ لاءِ سوين جايون هيون.
واهه جو مهمانوازي جو حق ادا ڪيئي – منهنجو گهر
تباهه ٿي ويو هاءِ منهنجي مٺڙي ڪنوار، اڃا ته سندس
هٿن تان ميندي به نه لٿي آهي.“ ائين چئي هو
اوڇنگارون ڏئي لاش کي چنبڙي روئڻ لڳو.
مان حيران پريشان وائڙن وانگر وات پٽيو، ڪڏهن وڏيري کي ڪڏهن لاش
کي ڪڏهن انسپيڪٽر کي ڏسندو رهجي ويس. ۽ پوءِ جيل
روانو ڪيو ويس.
هن جي هٿ ۾ پئسو هو، هن جا سوين شاهد هئا پوليس سندس مددگار
هئي. مان اڪيلو تن تنها، مسڪين بي يارو مددگار هوس
۽ اڄ تائين جيل ۾ سڙندو رهيو آهيان. چوندا آهن ته
سچ جي ٻيڙي لڏندي آهي، پر ٻڏندي نه آهي – پر
وڏيري بدران منهنجي ٻيڙي ٻڏي ويئي، منهنجو سڀ
ڪجهه تباهه ٿي ويو، منهنجي زندگي زهر بنجي وئي،
پر ان سان گڏ توکي به راهه ۾ رلائي وڃان ٿو.
منهنجي پياري، مان بي قصور آهيان. قاتل وڏيرو آهي،
هن دولت جي لالچ ۾ پنهنجي زال جو خون ڪيو. پر ڦاسي
کان بچڻ لاءِ هن مون مسڪين کي موت جي منهن ۾ ڏنو.
خبر ناهي حقيقت ڪڏهن حقيقت ثابت ٿيندي. جيستائين
سچ، سچ ٿئي ۽ ان وقت اهو سچ منهنجي ڪهڙي ڪم جو
جڏهن آئون نه هوندس. |