نورالهديٰ شاهه
شريف زادي
ڀريل شهر ۾ اڪيلائپ جو ڏڄائيندڙ احساس، بدن ۾ پکڙجي آيل انيڪ
ننڍڙين ننڍڙين اڻپورين خواهشن جو زهر، رڳ رڳ ۾
سمايل اڪيلائپ جي ڌپ ۾ گهٽ، اکين ۾ چڀندڙ کاري
پاڻي جو ذائقو، ڀانءِ اندر ۾ کاري پاڻي جو نيرو
سمنڊ ڀرجي آيو هجي. اهڙي سمي اُهي سڀ پيڙائون جيڪي
زمانن کان من جي ڪنهن سنسان ڪنڊ ۾ دفن هيون، هينئر
سندس ئي ارٿي ڪلهن تي کنيو آڏو اچي بيٺيون آهن.
”جيجي! ڇا ٿيو؟“ سندس ڪارين ٿڪل ٿڪل اکين ۾ لڙڪن جون قطارون ڏسي
زيبو جا زور ڏيندڙ هٿ رڪجي ويا، پر هوءَ ماٺ، موت
جي تنها احساس جيان. اکيون پينگهي جي گهوڙيءَ ۾
لڳل آرسيءَ تي اٽڪيل، چهري تي جواني جا پڇاڙڪا
پساهه. ڪارن وارن ۾ پکڙيل چانديءَ جون انيڪ تارون،
ڍرڪيل بي ڊولو بدن. اکين ۾ پنهنجي ئي وجود جو
آسيب سمايل. تنهن پر پنهنجن گهُٽيل خواهشن کان
گهٻرائجي اکيون پوري ڇڏيون اٿس.
”جيجي! چاڪ ته آهيو؟“ وراڻيءَ ۾ ٿڌو شوڪارو جيڪو اٽڪي پيو اٿس
بند چپن ۾.
”جي سائڻ؟“
”سگريٽ آندو اٿئي؟“
”هائو سائڻ! پيئندؤ؟“
”......“ هوءَ ماٺ.
سگريٽ دکايو اٿس سائڻ لاءِ ۽ سائڻ جي سڪل ٺوٺ چپن ۾ اٽڪيل سستو
سگريٽ. بدن جي پاتال تائين پکڙجي آيو اٿس سگريٽ جو
اڇو دونهون. اڪيلائپ جي ڌپ ۽ گهٽ.
”سائڻ! اڄ ته ڪاروءَ به ڏسي ورتو.“
”پوءِ؟“ ڀوَ کان ڇرڪ.
”چوڻ لڳو، ڇا ڪندي آهين سگريٽن کي؟“
”چيم آئون سگريٽ پيئندي آهيان“ ٻنهي جي هلڪڙي کل ڄڻ کنڊرن ۾
تنها سڏ جو پڙلاءُ.
”زيبو“ اهوئي بند چپن جو ڀڻڪو.
”جي سائڻ!“
”توکي ڪارو وڻندو آهي“ ڏاڍو گهرو سوال پر بظاهر رواجي.
”پنهنجا ور ڪنهن کي ڪو نه وڻندا سائڻ؟“
”توکي ڀائيندو آهي؟“ ساڳي گهرائپ سوال ۾.
”سائڻ! هو ته چوندو آهي ته پل به مون کان پري نه ٿي.“ ڏاڍي مان
سان ڏنل جواب ۾ هن جي اندر ۾ نڙي کان هيٺ ڄڻ گرم
گرم رت لهي آيو هجي. بدن جي پاتال تائين پکڙجي آيل
سگريٽن جو دونهون، هڪ ڊگهو سوٽو، سوچن جو سلسلو.
اڻپورين خواهشن جو زهر. تڏهن من تي هُري آيو اٿس
هڪ سانورو چهرو، جيڪو بند دروازي جي سير مان ليئو
پائي ڏسندي هئي.
هڪ ڏينهن ڌرتتيءَ مهل بند دروازي جي سير کان هن ڪڻس ليئا
پائيندي پڪڙي ورتو هو.
”ڇا ٿي ڏسين؟“ ڀَو کان هن جو ساهه سُڪي ويو.
”ڇا ٿي ڏسين؟... جان!“ هن جي هيسيل وجود جي چوڌاري ٻانهون
پکيڙيندي چيائين. هن جي دل سيني مان نڪري اچي رت
جي هر ڦڙي ۾ ڌڙڪڻ لڳي. پيار جو ايڏو انبر جيڏو
ڦهلاءُ هن جي رڳ رڳ ۾ سمائجي آيو هو، تڏهن زيبوءَ
ڪنهن کي ايندو ڏسي کنگهڪار ڪئي هئي ۽ هوءَ ٻانهن
جي گهيري مان نڪري اچي پنهنجي ڪمري ۾ لڪي هئي.
ننڍي هوندي کان احمد جي نانءُ ٿيل هئي. گهڻو اڳ سج لٿي جي ويل ۾
سندس چاچيءَ ڪڻس جهلمل ڪندي ڳاڙهي پوتي پارائي
ڀاڪرن ۾ ڀريندي چيو هو ”منهنجي احمد جي ننڍڙي
ڪنوار“ ۽ اهي لفظ زمانن کان سندس ڪنن ۾ گونجي رهيا
هئا. تڏهن کان احمد لاءِ انيڪ خوبصورت سپنا ڏٺا
هئائين.
پوءِ سندس خوابن کي تعبير ائين مليو جو زيبوءَ جي پهري ۾
اونداهه راتين جو ڇت تي ڊگهيون ملاقاتون، خوشبوءَ
وارا ڊگها خط، ٻانهن جو انبر جيڏو ڦهلاءُ،
تيستائين جو احمد جيڪو پڙهڻ سانگي وٽن حيدرآباد ۾
اچي رهيو هو، وري موٽي اچڻ جو واعدو ڪري ولايت
هليو ويو. تڏهن هو هيڏي ڀريل بنگلي ۾ اڪيلي رهجي
وئي. ڄڻ مڪليءَ جي مقبرن ۾ ڀٽڪندڙ ڪو تنها بد روح،
رنگ هئڊو پئجي ويو هئس. اندر ئي اندر بدن جي پاتال
۾ احمد جي ٻانهن جو مضبوط وڪڙ... ڪنن ۾ سرٻاٽ ”نيٺ
به ته منهنجي ڪنوار ٿينديئن جان! شرمائين ڇو ٿي؟“
۽ رت جي هر ڦڙي جا اڻڄاتو ڀاري ٻوجهه سمائجي آيو هئس. ٻئي مهيني
ئي پاڻ سمجهي وئي، تڏهن ڄڻ چري ٿي پئي. ٻئي هٿ ڪنن
تي رکي جا ريهه ڪندي هئي ته ڌرتيءَ کان آڪاس تائين
پڙلاءُ بڻجي گونجندي هئي.
ماڻس جون تکيون اکيون سڀڪجهه سمجهي ويون هيون. بيهوش ٿي پئي
هئي، اکين آڏو اونداهه پکڙجي وئي هيس. اهو سوچي
ڀاڻس جن جيڪي ايڏا غيرت وارا آهن... جيڪي خبر پوين
ته ڪڻس اڦٽ ماري ڇڏين. پڻس جيڪو هيڏي عزت وارو
آهي.. سندس ساهه نپوڙي ڇڏي، پر تن ڏينهن هو سڀ گهر
۾ نه هئا.
ڀاڻس جن نيون گاڏيون کنيو شهر جي ڇورين سميت حيدرآباد ۽ ڪراچي
جي وچ ۾ پيا ڊوڙندا هئا. پڻس ڳوٺ ۾ اڃا تازو هڪڙي
مهاڻي بي نڪاحي ويهاري هئي، سو ڏينهن جا ڏينهن ڳوٺ
هوندو هو. هڪڙي ماڻس هئي جيڪا سارو ڏينهن چرين
وانگر پئي سندس پيٽ گهوريندي هئي ۽ هوءَ هئي جا
ڪمرو بند ڪيو سارو سارو ڏينهن پينگهي ۾ اونڌو ڪند
ڪيو پئي هوندي هئي.
پوءِ نيٺ ماڻس زيبوءَ کي موڪلي شهر مان ڊاڪٽرياڻي گهرائي...جڏهن
هن جي بدن جي پاتال ۾ لڪل ٻوجهه گهٽجي ويو، تڏهن
ماڻهس ٻه هزار ۽ سوني منڊي ڏئي ڊاڪٽرياڻيءَ جو وات
بند ڪري ڇڏيو هو. پر هوءَ ته ڪي ڏينهن سڪل ٺوٺ
اکين سان ڇت کي پئي گهوريندي هئي، هر احساس ڄڻ
پنهنجي موت پاڻ مئو پيو هو. تڏهن امالڪ من تي سٽ
ڏئي هري ايندو هئس، رت ۽ گوشت جو ننڍڙو ڳاڙهو ٽڪر،
جيڪو زيبوءَ ڪموڊ ۾ هاري فليش هلائي ڇڏيو هو پاڻي
جي هڪڙي تکي لهر آئي ۽ گوشت ۽ رت جي ان ڳاڙهي ٽڪر
کي ڌرتيءَ جي پاتال ڏانهن ڇڪي وئي.
پر ڳڙهي رت ۽ گوشت جو اهو بيجان ٽڪر هن جي من ۾ ڪئڪٽس جي ٻوٽي
جيان چڀندو رهيو، تڏهن هن کي پنهنجي بدن تي اهو
ڳاڙهي رت ۽ گوشت جو ٽڪر سرندو محسوس ٿيندو هو.
ننڍڙيون پتڪڙيون ٻانهون هن جي سموري بدن کي ويڙهي
وينديون هيون ۽ پوءِ اندران من جي پاتال مان دانهن
نڪرندي هئس، جيڪا سموري ڪائنات کي ويڙهي ويندي
هئي. پڻس ڊاڪٽر اچي گڏ ڪيا ”هسٽيريا اٿس، شادي
ڪرايوس“ ڊاڪٽرن فتوا ڏني.
پڻس مڇرجي پيو، ”اسان جي نياڻيءَ لاءِ چون ٿا ته شادي
ڪرايوس،...دوزخي“.. ڊاڪٽرن کي گاريون ڏئي ڪڍيائين،
تڏهن هن جون دانهون ويتر وڌي ويون.
پنهنجن گهٽيل احساسن کان گهٻرائجي احمد کي خط لکيو هئائين، جيڪو
زيبو سٿڻ جي ور ۾ هڻي پوسٽ ڪري آئي هئي. وراڻيءَ ۾
انيڪ ڏينهن کانپوءِ احمد جو خط آيو ته سهي، پر پڻس
جي نانءُ: ”آئون فردوس کي وڏن جي ڪيل فيصلن تان
آزاد ڪيان ٿو، جو مون به هت شادي ڪري ڇڏي آهي.“
احمد جي خط ته ڄڻ ڪو ممڻ مچائي ڇڏيو هو. ڀاڻس جن
ته مورڳو ٽڪيٽ وٺيو ولايت ٿي ويا، احمد جو خون ڪرڻ
(ڄڻ هُت به سنڌ جيان ماڻهو مارڻ ڪو سولو هو)، پر
پڻس عقل وارو هو، عزت جو معاملو هو. غيرت وارا هڪ
ڀيرو جت پلاند اٽڪائيندا آهن اتي نڀائيندا به آهن
۽ اها ڳالهه ڪا ايڏي وڏي به ته نه هئي. ٻه ونيون
ته اسان سنڌي مردن جو شان آهن سو احمد کي لکي
موڪليائين، ”جيتريون گهڻيون ونيون ۽ ٻنيون اوترو
مرد جو شان، پر لکئي جا ليکا ڊاهبا ڪو نه آهن، جت
پلاند اٽڪائبو ات نڀائبو، اهو اسان جو ۽ راڄ جو
شان آهي، سو فردوس جيستائين جيئري هوندي تولاءِ
ويٺي هوندي.“ پر احمد ڪو به جواب ڪو نه ڏنو ۽ جڏهن
راڄ ۾ ڳالهه پکڙي ته هن به ٻڌي ۽ من جون بلند
عبادتگاهون پل پل ۾ ڊهي پيون. ڪڻس هڪ وار وري رت ۽
گوشت جو اهو بيجان ڳاڙهو ٽڪر ياد اچڻ لڳو، جيڪو
اونداهه ۾ ڪڻس پنهنجي بدن تي سرندو محسوس ٿيندو
هو. انيڪ خط احمد جي نانءُ لکيائين. زيبو جن کي
سٿڻ جي ور ۾ هڻي پوسٽ ڪري ايندي هئي، پر هُن پار
ڪيڏي ماٺ، ڪابه وراڻي نه، ڪوبه لفظ، ڪو به خط نه،
هوءَ اندر ئي اندر ڀرندي رهي واريءَ جي وکريل ذرڙن
جيان.
رت جي هر ڦڙي ۾ زندگيءَ جو زهر پکڙجي آيو اٿس، جوانيءَ جي ٻڏندڙ
سج جو شديد احساس، اڪيلائپ جي گهٽ، زيبو پوتيءَ جي
پلاند مان هڪ ٻيو سگريٽ ڇوڙي دکائي ڏنو اٿس، سُڪل
ٺوٺ چپن ۾ اٽڪيل سگريٽ، ٻه ٽي لاڳيتا ڊگها
سوٽا،سيني مان اٿندڙ هلڪڙي کنگهه جو پڙلاءُ دل ٿي
چويس، انسانن جي وستيءَ مان منهن واهه ڪري ڪيڏانهن
نڪري وڃي، پر زهريليون سوچون دماغ جي هر ڪنڊ ۾
پکڙجي آيون اٿس.
”زيبو!“ بند چپن جو ڀڻڪو.
”جي سائڻ؟“
”آئون جيڪر مري پوان ته؟“
”اوهان جا دشمن مرن، سائڻ!“
”نه، آئون ڀڄي وينديس.“ هلڪڙي کل.
”ڪو ٻڌي نه وٺي!“ ڀَو کان ڇرڪ، ڪنهن جي ٻڌي وٺڻ جو ڊپ.
”... تو ڀانيو ته آئون سچ پچ ڀڄي وينديس ڇا؟“ زوردار ٽهڪ، ڄڻ
سلهه جي کنگهه جو پڙلاءُ وراڻيءَ ۾ زيبوءَ جو به
هلڪڙو ٽهڪ.
”آئون ڀڄي وڃان ته مرڳو ڪهي ڇڏينم.“ ٽهڪ پر ٽهڪ ۾ اها ساڳي
کوکلائپ، جنهن تي سڏڪي جو گمان. اکين ۾ خوابن جا
جنازا سمائجي آيا اٿس. من ۾ پڻس ۽ ڀاڻس جن جو ڊپ،
جن جون غيرتون ۽ عزتون صليب جيان سندس ڪلهي تي
ٽنگيل آهن، تنهن ۾ بند اکين ۾ تري آيون اٿس انيڪ
ساروڻيون.
سليم، جنهن کي برقعي جي ڪاري نقاب مان ريشمي گهٽيءَ جي هڪ زيورن
جي دڪان تي ڏٺو هئائين، زيبوءَ سان گڏ هن جي بيحد
ويجهو زيور ڏسندي الائي ڇو هن جي دل ڌڙڪڻ لڳي هئي.
”اوهان نقاب ته کڻو“ منڊيون ڏيکاريندي هن فردوس جي ڪنن ۾ سرگوشي
ڪئي. نقاب جي اندر هن جو چهرو پل لاءِ ڳاڙهو ٿي
ويو....۽ جڏهن هن منڊي آڱر ۾ پائي ٿي ڏٺي تڏهن
امالڪ هن سندس هٿ پڪڙي ورتو:
”ايڏن نازڪ هٿن ۾ ايڏي بيدرديءَ سان ته منڊي نه پايو.“ هوءَ هن
جي هٿن مان پنهنجا هٿ ڇڏائي نه سگهي، هو ڪڻس ديسي
فلمن جو هيرو محسوس ٿيو هو، جنهن سان ڪنهن زماني ۾
ڪڻس عشق ٿي پيو هو، جنهن جا فلمي اخبارن ۽ رسالن
مان ڪٽيل ڏيڍ سئو کن فوٽا هئا سندس ڪٻٽ ۾ رکيل.
منڊي وٺي جڏهن هو دڪان تي مان نڪتيون ٿي، تڏهن فردوس جي ڪنن ۾
سرٻاٽ ڪيو هئائين، ”وري اچجو، مان اوهان جو انتظار
ڪندس.“ ۽ پوءِ سڄي واٽ ۾ هوءَ ۽ زيبو هن جون
ڳالهيون ڪنديون رهيون هيون، اها سڄي رات ڪڻس ننڊ
نه آئي، ان رات ڪڻس نه احمد جو سانورو چهرو ياد
آيو نه ئي گوشت ۽ رت جو اهو ڳاڙهو ٽڪر ڪڻس پنهنجي
بدن تي سرندو محسوس ٿيو. سندس اکين آڏو اهو چهرو
گهمندو رهيو، جنهن منڊي پارائيندي سندس هٿ پڪڙي
چيو هو، ”اوهان جا هٿ ڪيڏا نه نازڪ آهن، چمڻ تي ٿي
دل چوي.“ اها سڄي رات هوءَ اونداهه ۾ پنهنجا اهي
خوبصورت هٿ گهوريندي رهي هئي، جن تي اڃان تائين
ڪڻس سليم جي هن جو ڇهاءُ محسوس ٿي رهيو هو.
ڪڻس ٻئي ڏينهن ئي اها منڊي آڱر ۾ سوڙهي محسوس ٿيڻ لڳي، ماڻس کي
چوڻ لڳي، ”منڊي سوڙهي ٿي پئي اٿم، ڀانيان ته مٽائي
اچان.“
۽ پوءِ شام جي اداس ويلا ۾ جڏهن هوءَ چهري تي نقاب ڍاري زيبوءَ
سان گڏ دڪان ۾ گهڙي، تڏهن هو ڄڻ ٽڙي پيو. زيبو
سندس چوڻ تي در وٽ ئي بيهي رهي ۽ هوءَ اڪيلي اڳتي
وڌي آئي. هن جي بيحد ويجهو برقعي جي ڪاري نقاب ۾
لڪل سندس چهرو گهوريندي هو مرڪي پيو.
”مون کي پڪ هئي ته تون اينديئن.“
”ڇو؟“ ڪيترا سوال انهي هڪ ڇو ۾ سمايل ها.
”مون تنهنجو انتظار پئي ڪيو.“ هن جو هٿ پڪڙي هن ڏاڍي ويساهه سان
چيو، تڏهن هن جي دل سيني مان نڪري اچي ڀانءِ پيرن
۾ ڌڙڪڻ لڳي، پر بظاهر ڏيکاءُ لاءِ هن جي هٿ مان هٿ
ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، جيتوڻيڪ سندس دل ڪيڏي شدت
سان پئي چاهيو ته هو ائين ئي سندس هٿ جهليو بيٺو
رهي ۽ زندگي ان لمحي ساڪت ٿي وڃي، پر هو انهي
معاملي ۾ ڏاڍو تجربيڪار هو. هن اتي ان دڪان ۾ انيڪ
ڇوڪريون ڦاسايون هيون. هو شريفزادين جي اندر ۾ لڪل
انيڪ ننڍڙين ننڍڙين اڻپورين خواهشن کان اڻڄاڻ نه
هو. هو پاڻ انهن خواهشن جي تڪميل ڪندو هو، سو هن
جو هٿ بيحد مضبوطيءَ سان جهليو بيٺو رهيو.
”تنهنجا هٿ چمڻ تي ٿي دل چوي“ هن سرٻاٽ ڪيو ۽ هوءَ ائين شرمائجي
وئي ڄڻ پهريون ڀيرو اهي لفظ ٻڌا هجنس، نه ته احمد
ته سندس سڄو وجود چميو هو، احمد کان اڳ، گهڻو اڳ
سندس اسڪول جي ڪلارڪ به ته سندس چپ چميا ها، پر
هوءَ شرمائجي وئي ڪنهن نويڪلي ڪنوار جيان۔
”منڊي سوڙهي اٿم، سو مٽائڻ آئي آهيان.“
”پهرين نقاب ته کڻو.“ هن فردوس جو نقاب کڻڻ چاهيو، پر هوءَ ڊپ
کان ڇرڪي پئي.
”نه...... نه ڪوئي ڏسي وٺندو.“
”هڪ جهلڪ ته ڏسڻ ڏيو.“ هن هيٺ ٿيل نقاب مان ليئو پائي فردوس جو
چهرو ڏٺو، هن جي دل سيني مان نڪري اچي پيرن ۾ ڌڙڪڻ
لڳي.
”ڪيڏي حسين آهين، دل ٿي چوي تنهنجو چهرو به چمي ڇڏجي.“ هن جي
آواز ۾ الائي ڇا هو، جو فردوس کي پنهنجو پاڻ
پگهرندو پئي محسوس ٿيو.
منڊي سوڙهي ته ڪانه هيس، پر ماڻس کي ڏيکارڻ لاءِ ڪڻس منڊي به
مٽائڻي پئي. تڏهن دڪان ۾ ٻيا گراهڪ اچي ويا، جنهن
جي ڪري ڪڻس موٽڻو پيو.
موٽ ۾ واٽ تي زيبوءَ کي هوءَ هوريان هوريان اهي سڀ ڳالهيون
ٻڌائيندي رهي، جيڪي سليم هن سان ڪيون هيون.
۽ پوءِ اتي به ٽپاليءَ جو ڪم زيبوءَ ڏنو. خوشبودار ڊگها رومالي
خط (جيڪي اردو شعرن سان ڀريل هوندا هئا) ڀرت ڀريل
ريشمي رومال، ملڻ لاءِ نياپا ۽ ملاقاتون، جيڪي
گهڻو ڪري سليم جي دوڪان جي اندرين ڪوٺائي ۾ يا
سندس دوستن جي گهرن ۾ ٿينديون هيون. گهران ساهيڙين
جو بهانو ڪري نڪرندي هئي، ڪڏهن ميلاد شريف، ڪڏهن
درزي، ڪڏهن دعوت جو بهانو. ماڻس اٻوجهه، ڀانءِ ته
ڀلي احمد جو ڏنل دک گهٽجي وڃي، پوءِ برقعو پائي
زيبوءَ سان نڪرندي هئي، ٻه ٻه موٽرون در تي بيٺل
هيون، ڪو به فاصلو نه هو سندس ۽ سليم جي وچ ۾.
هڪ ڏينهن سليم جي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين ”مون سان شادي
ڪندين؟“
۽ هو ڇرڪي پيو.
”تنهنجا مائٽ وڏا ماڻهو آهن فردوس، مون کي تنهنجو سڱ ڪڏهن به ڪو
نه ڏيندا“ بهانو ڪيائين.
”پاڻ لڪي شادي ڪنداسون.“ هن جي ڳالهه ٻڌي سليم جو منهن هئڊو
پئجي ويو. هن ڪنهن به ڇوڪريءَ سان شادي ڪانه ڪئي
هئي. هن جي پنهنجي هڪ زال هئي، بيحد خوبصورت ۽ هن
کي بيحد پياري، سندس ٻه پٽ هئا فردوس ۽ ٻيون انيڪ
هن جي زندگيءَ ۾ آيون ۽ هليون ويون، هو هڪ
تجربيڪار رانديگر هو.
”پنهنجي شادي جائز ڪانهي.“
”ڪوڙ ٿو چوين.“
”سچي، قرآن ۽ حديث کولي ڏس.“ هن قرآن ۽ حديث جو ڪوڙو حوالو ڏنو
فردوس مان جند ڇڏائڻ لاءِ ۽ هوءَ چپ ٿي وئي موت جي
تنها احساس جيان، اها ماٺ هن جي من ۾ دور دور
تائين زهر جيان پکڙجي وئي. ٻئي ڀيري انيڪ ڏينهن دک
ڀوڳڻ کان پوءِ زيبوءَ سان اوچتو وڃي سليم جي دڪان
۾ پهتي. سليم ڪونه هو، هڪ ٻيو ننڍي عمر جو ڇوڪرو
بيٺو هو. هن جي پڇڻ تي چوڻ لڳو ”ادا سکر هليو ويو
آهي، هاڻ اتي ئي رهندو، جو هاڻ هو سکر وارو دڪان
سنڀاليندو.“ ان هڪ لمحي ۾ سندس من جون ڪچيون پڪيون
عبادتگاهون ڊهي پيون. هو ڀريل شهر ۾ اڪيلائپ جو
ڊڄائيندڙ احساس کڻي گهر موٽي آئي، ڪڻس هڪوار وري
هسٽيريا جا دورا پوڻ لڳا. ڊاڪٽرن فتوا ڏني، ”شادي
ڪرايوس.“ پڻس مڇرجي پيو، اها به ڪا ٿيڻي هئي، هن
کي پڇاڙڪن پساهن تائين احمد جو انتظار ڪرڻو هو،
جيڪو هن ڪرڻ نٿي چاهيو.
ڪارين ٿڪل ٿڪل اکين ۾ هڪ لڙڪ نه چاهيندي به لڙي آيو اٿس. هڪ ٻيو
سگريٽ ٻن آڱرين جي وچ ۾ اٽڪيل، ڊگهو سوٽو، آرسيءَ
يا سندس چهري جو عڪس، جيڪو انيڪ چپن جي ڇهاءُ ڪاڻ
ڪوماڻل، اندر ٻاهر اڪيلائپ جو احساس، ڀرئي ڀڪلي
شهر ۾ موت جي احساس جهڙي اڪيلائپ، انيڪ ساروڻيون،
رت جي هر ڦڙي ۾ سمايل ڪيترا چهرا، انيڪ ٻانهن جو
ڦهلاءُ، انيڪ چپن جي ڇهاءُ، ڪلهن مٿي زندگي جو
صليب، انيڪ ننڍڙين اڻپورين خواهشن جو هجوم، بدن جي
پاتال تائين پکڙجي آيل زهر زندگيءَ جو.
”زيبو!“ بند چپن جو ڀڻڪو.
”جي سائڻ؟“
”پاڻي...“ اڃ ڪنڊا بڻجي نڙيءَ ۾ پئي چڀيس. پاڻيءَ جا لاڳيتا ٻه
ٽي ڍڪ، ٿڌو شوڪارو، ٿڪجي اکيون پوري ڇڏيون اٿس.
”زيبو!“ اوچتو ڪجهه ياد اچي ويو اٿس.
”جي سائڻ؟“
”تون فيملي پلاننگ واري هسپتال ويئينءَ؟“
”ها سائڻ وئي هيس.“
”گوريون مليون؟“ ڪجهه هٻڪندي پڇيو اٿس.
”ها سائڻ! پنهنجي نالي تي وٺي آئي آهيان، ڏاڍي مشڪل سان مليون
اٿم.“ پلاند مان فيملي پلاننگ جي گورين جو پاڪيٽ
ڇوڙي ڏنو اٿس سائڻ کي.
”سائڻ! ڊاڪٽرياڻي چوڻ لڳي ته جيترا ڏينهن اهي گوريون کائبيون
اوترا ڏينهن خير هوندو.“ ٻنهي جي هلڪڙي کل، پر هن
جي کل ڄڻ تنها سڏ جو پڙلاءُ. پاڻيءَ سان گوريون
نڙيءَ کان هيٺ لاٿيون اٿس، ڄڻ زندگيءَ جو زهر
نڙيءَ مان هيٺ لاٿو هجيس. پل اپل لاءِ ڪڻس گوشت ۽
رت جو اهو ڳاڙهو ٽڪر پنهنجي ڪومايل بدن تي سرندو
محسوس ٿيو آهي، جيڪو گهڻو اڳ، زيبوءَ باٿ روم جي
ڪموڊ ۾ وجهي فليش هلائي ڇڏيو هو. گورين جو پيڪيٽ
ويهاڻي هيٺ رکي ڇڏيو اٿس، ويهاڻي هيٺ رکيل خط ڪڍي
زيبوءَ کي ڏنو اٿس. ”جميل کي ڏئي اچجئين، چئجانس
آئون سڀاڻي شام جو اينديس.“ زيبو هلي وئي آهي خط
کڻي، هوءَ اڪيلي موت جي احساس جيان، پينگهي جي تکي
لوڏ، سگريٽ جا ڊگها سوٽا، ازل جو عذاب رت جي ڦڙي ۾
سمائجي آيو اٿس، ڊگهو ساهه کڻي اکيون پوري ڇڏيون
اٿس. |