رفيق
مون جو ڀانيو ماڳ
رات جا يارنهن، ساڍا يارنهن ٿيا هوندا، پاڻ ۾ دوست ويٺا هئاسين
لان تي ڪجهه نشي ۾ ٽٻ هئا ۽ ڪي هوش ۾ هجڻ جي هام
هڻي رهيا هئا. اوچتو فون جي گهنٽي وڳي.
”ٽرن....رن......رن،“ رسيور کنيم، هڪ ڄاتل آڄاتل ۽
Dominating
آواز ۾ پڇيو ويو:
”ڪير ٿو ڳالهائي؟“
”اوهان کي ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي؟“
”اوهان سان ئي ڳالهائي وٺنداسين.“
”ڳالهايو.“
بور ته آئون اڳ ۾ ئي ويٺو هئس، سنگتي نڙي تائين پي چڪا هئا ۽ ان
آواز ۾ هڪڙي عجيب ڇڪ به هئي، جنهن ڳالهائڻ تي
مجبور پئي ڪيو، پڇيائين: ” نالو ڇا اٿئي؟“
ٻڌايومانس
”پرڻيل آهين؟“
”ها“
”گهڻا ٻار اٿئي؟“
”ٻه.“
اهو سوچي ٻڌايو مانس ته ڪنهن ڳالهه لڪائڻ مان هڙ حاصل ڪجهه به
ڪونهي ۽ هوءَ الائي ڪير آهي؟ اهو به ٿي سگهي ٿو ته
منهنجي باري ۾ خبر هجيس، پڇيو مانس:
”مون کي فون ڇيو ڪيو اٿئي؟“
”ننڊ نه پئي آئي. هڪڙو ائين ئي نمبر ملايم، اهو سـڄاڻ ننڊ مان
اٿيو هو، گاريون ڏنائين. پوءِ وري ڊائل گهمايم ته
تون ملي وئين.چاهيم پئي ته ڪو هجي، جنهن سان
ڳالهايان.“
”ايڏي اڪيلي آهين؟“
”آهن، پر سڀ ستا پيا آهن، ۽ تون ڇا پيو ڪرين؟“
”پيان پيو.“
”روزانو پيئندو آهين؟“
”گهڻو ڪري.“
”ڇو ٿو پئين؟“
”پنهنجون پنهنجون گهرجون آهن. نالو ڇا اٿئي؟“ مون کي پنهنجو اهو
سوال الائي ڇو هرو ڀرو لڳو.
”سچو نالو ٻڌايان ته پوءِ.“
”ڪوڙوئي سهي. مومل نه سهي، سومل ئي سهي، رڳو اهڙو ڪو لفظ ٻڌائي،
جنهن سان توکي مخاطب ڪري سگهان.“
”بدر چئي سگهين ٿو، شمس چئي سگهين ٿو.“
”ڪڏهن آئون اڪيلو هجان ته توسان ڪيئن ڳالهايان؟“
”گهر ۾ ڪيڏي مهل هوندو آهين؟“
”گهڻو ڪري شام جو.“
”منهنجي فون جو انتظار ڪندين؟“
”ٻي ڪا واهه ڪانه ٿي سجهي.“
”چڱو رات جو ڏهين وڳي فون ڪنديس، ۽ پوءِ وڌيڪ ڳالهائينداسين.“
”چڱو، خدا حافظ.“
”خدا حافظ.“
دوست ڇڙو ڇڙ ٿي چڪا هئا، منهنجي سوچن جيان.
ٻئي ڏينهن سج لهڻ کانپوءِ اچي فون وٽ ويهي رهيو آهيان. الائي ڇو
پنهنجي پاڻ کي تمام گهڻو اڪيلو محسوس ڪيم، ڪافي
دير ويٺو رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته ڪير آهي ۽ ڇو رات
مون کي فون ڪيائين؟ ڪٿي مون سان
Activity
ته نه پيو ڪري. فون جي گهنٽي وڳي، رسيور کنيم.
”اهڙي سور تون ڪٿي آهين؟“ اهو آواز گدو بندر جو هو. ڇا چوانس،
سمجهه ۾ نه آيو. ”ڇا آهي، وساڻو پيوآهين؟ وات ۾ مڱ
اٿئي ڇا؟“ انهي کان پوءِ اهوئي مخصوص ٽهڪ، اڙتيون
ڦڙتيون هڻي جند ڇڏايم.
وري گهنٽي وڄڻ لڳي، رسيور کنيم، ٻه چار ڀيرا هيلو هيلو ڪيم.
”هيلو.“
”ايترو دير سان جواب ڏنئي؟“
”آواز سڃاڻڻ جي ڪوشش پئي ڪيم.“ جيتوڻيڪ مون هن جو آواز پهرين سٽ
سڃاڻي ورتو هو.
”ڇا حال آهي بدر؟“
”منهنجو نالو بدر ڪونهي، ڪالهه ڪوڙو هو. اڄ جيڪي پڇندين، سچ پچ
ٻڌائينديس.“
”انهي مهرباني جو ڪارڻ؟“
”تو وٽ ڪهڙو ڪارڻ هو ڪالهه سچ ڳالهائڻ لاءِ؟“
”مون وٽ ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ ڪهڙو ڪارڻ هو؟“
”..........“
”چپ ٿي وئين“ کلي ڏنائين.
”ٻڌ، منهنجو نالو شاهين آهي. ٽيليفون نمبر.... آهي، ۽ آئون
ايئرهوسٽس آهيان.“
”Great people to flye with.“
”نه.“ روپيون گهنٽيون وڄڻ لڳيون هن پاسي.
”ٻڌي کان ڏٺو چڱو آهي.“ دل پئي چاهيو ته ڏسان شبيهه، جنهن جو
آواز ايڏو پيارو آهي.
”ايڏو آتو؟“
”جنهن ڳالهه لاءِ تون آتو سمجهين ٿي، انهي لاءِ نه!“
”چڱو سڀاڻي، پر وڏي ڀيڻ سان.“
”گهڻي وڳي؟“
”يارهين وڳي، ڪيئن؟“
”ٺيڪ آهي، پر ڪٿي ؟“
”تون ٻڌائي، ڊڄائي به ٿي ته ڪو ڏسي نه وٺي.“
اسان جاءِ رٿي ۽ هڪٻئي کان موڪلايوسين.ڍ
ٻئي ڏينهن رٿيل جاءِ تي ڪجهه دير اڳواٽ منهنجي موٽر بيٺي هئي.
رنگ ۽ نمبر جي کيس ڄاڻ هئي. مون ٿورو پريان بيٺي
انتظار ڪيو ۽ انهي سوچ ۾ گم هئس ته خدا ڄاڻي ڪهڙي
هجي ۽ اچي به يا نه؟ دل کي الائي ڇو هڪڙو يقين هو
ته ايندي ضرور، ويهه منٽ کن گذريا هوندا، جو
منهنجي موٽر جي پاسي ۾ هڪڙي رڪشا اچي بيٺي، جنهن
مان ٻه ڇوڪريون لٿيون ۽ ڏاڍي ويساهه سان منهنجي
موٽر جو دروازو کولي، هڪڙي اڳيان ويهي رهي ۽ ٻي
پٺان سمجهيم ته اهائي آهي جيڪا اڳيان اچي ويٺي آهي
۽ ٻي سندس وڏي ڀيڻ آهي.
آئون به وڌي اچي اسٽيئرنگ تي ويٺس.
”دير ته ڪانه ٿي؟“ هن پڇيو. اهو ئي ڄاتل آواز، ”نه، ڪا خاص ته
نه، ڪيڏانهن هلون؟“ چيائين ”اسٽيئرنگ توهان جي هٿ
۾ آهي.“ مون هن ڏانهن الائي ڇو هڪ گهري نظر سان
ڏٺو ۽ وڏي ڀيڻس کي
Hello
ڪيم.
سندس اکين ۾ آواز کان به وڌيڪ ڪشش هئي. رنگ ڪي قدر سانورو هئس ۽
جڏهن به نظر ڀري ڏٺو مانس ٿي ته شرمائي پئي وئي.
شهر جي ٻاهرين رستن تي هلندي پڇيو مانس ته ڪڏهن
کان نوڪري ڪندي آهي.
”ڇهه مهينا کن ٿيا آهن، ماڻهن جا اوبرهاڻا ٿانوَ کڻندي.“
اهو ڪم نٿو وڻي، ته ڇو ٿي ڪرين؟“ انهي تي سندس وڏي ڀيڻ جواب
ڏنو: ” شوق هئس.“ اهو ٻڌي ٿورو کلي ڏنائين،جنهن ۾
مون کي ٿورو طنز محسوس ٿي.
هن وٽ رڳو اڌ ڪلاڪ هو ۽ منهنجي دل پئي چاهيو ته جيڪو ائين ئي
هلندا رهون ۽ وقت اتي ئي بيهي وڃي، پر اهي رڳو
منهنجون ڇڙواڳ خواهشون هيون، جن کي پورو ڪرڻ گهٽ ۾
گهٽ منهنجي وس جي ڳالهه ڪانه هئي. سندس چوڻ تي، هن
کي، هن جي ڪنهن ساهيڙي جي گهر لاٿم ۽ آئون وري
اڪيلو ٿي پيس.
سانورو رنگ، قد منهنجي ڪلهي تائين، هلڪو ميڪ آپ،ڳالهائڻ جو ڍنگ
موهت ڪندڙ، ڀانءِ ته ويٺي ڳالهائي، چوٽو چيلهه
تائين، آرٽيفشل پنبڻن پٺيان من ۾ ليئو پائيندڙ ٻه
وڏيون وڏيون اکيون، آرٽيفشل پنبڻ ڇو؟ ٿي سگهي ٿو،
اهو به سندس ڪردار جو هڪ روپ هجي.
ٻئي ڏينهن هن جي فون آئي.
”ڇا حال آهي؟“
”جيئون پيا.“
”ٻه ڳالهيون توکي ٻڌائڻيون آهن –
Good News۽
Bad News
پهرين ڪهڙي ٻڌڻ چاهيندين؟“
”Bad news first“
”سڀاڻي نه پَرينهن منهنجي موڪل ختم ٿي رهي آهي.“
”اهوئي مونکي کٽڪو هو........چڱو هاڻي
Good News“
” Good Newsاها
ته تون سڀاڻي ڪراچي اچين ته ملي سگهون ٿا.“
”گڏجي ڇو نه هلون؟“
”possible“ ڪونهي، بابا ساڻ هلندو.“
اسان ملڻ واري جاءِ رٿي، هڪٻئي کان موڪلايوسين. ذهن جي عجيب
ڪيفيت هئي. ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ وڇوڙي جو ويهه به هو
۽ ميلاپ جو امرت به، ۽ ٻئي شيون ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻيون
هيون.
نسرين روم، ميڻ بتين جي جهڪي جهڪي روشني، جهيڻا جهيڻا ساز، هٿ
هٿن تي، اسين ٻئي چپ بيرو آيو – هن جي اڳيان جوس ۽
منهنجي آڏو وسڪي رکي هليو ويو. مون گلاس کنيو.
”پرينءَ جو نانءُ ڳنهي آخري گلاس کڻو.“
”Cheers.“ هن جي چپن تي مرڪ کيڏڻ لڳي.
بل Pay ڪري ٻاهر نڪتاسين،
Lobby
۾ مان ٻه وکون کانئس پٺتي هئس ڏاڍو توري تڪي وکون
کڻي رهي هئي. وڌي سرٻاٽ ڪيو مانس:
”تنهنجي لوڏ ۾ لهرا بينن جا.“
”ڏاڍو موڊ ۾ آهين.“
”نشان آهن نينهن جا.“
هوٽل کان ٻاهر نڪري اچي موٽر ۾ ويٺاسين ۽ پڇيومانس: ” هاڻي
ڪيڏانهن هلون؟“
”جيڏانهن وٺي هلين.“
”ڪلفٽن يا ڊرائيور ان“
”ڪلفٽن ڏانهن ويندي رستي ۾ الائي ڇا سوچي پڇيو مانس:
”هڪڙي ڳالهه پڇان، سچ پچ ٻڌائينديئن؟“
”پڇ“
”مون کان اڳ ۾ ڪنهن سان ناتو رهيو اٿئي؟“ هڪدم منهن لهي ويس ۽
روئڻهارڪي ٿي پڇيائين:
”ڪنهن ڪجهه چيو اٿئي ڇا؟“
”نه، فقط انهي ڪري ٿو پڇا ته جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه ٻئي کان
ٻڌندس ته ڏک ٿيندم. بهتر آهي ته ڪا ڳالهه هجي ته
تون ئي ٻڌائي ڇڏ.“
مون کي جواب ته نه ڏنائين، ماڳهين اچي روئڻ ۾ پئي، جهن مان
سمجهيم ته ماضي ۾ هن سان ڪا اجوڳي ڳالهه ٿي چڪي
آهي ۽ مون به وڌيڪ ڇيڙڻ مناسب نه سمجهيو.
ڪلفٽن تي به فقط بوهي مڱ کائيندي رهي، نيٺ هوڏانهن هوڏانهن جون
ڳالهيون ڪري کيس کلايم، ته چوڻ لڳي:
”هاڻي منهنجي دل ڪيڏانهن به وڃڻ تي نه پئي ٿي.“
مون سمجهيو، شايد گهر وڃڻ ٿي چاهي، سو چيومانس:
”ڀلا سائين، غلطي ڪئيسين، معافي ڏئي ڇڏيو، اڳتي سوچي سمجهي
ڳالهائيندس، پر هينئر ئي وڃڻ جون ڳالهيون نه ڪر.“
”وڃڻ جو ڪٿي پئي چوان، تون بيزار ٿيو هجين ته وڃان ٿي. مون کي
گهر ڇڏي اچ.“
”ڏٺئي وري غلطي ٿي وئي.“
”ته پوءِ انهي غلطي جي سزا ڀوڳڻي پوندي.“
”جيڪا چوين.“
”سزا اها ته سڄي رات گاڏي هلائيندو رهه ۽ مون سان ڳالهيون ڪندو
رهه.“
انڌو گهري هڪڙي اک، مون کي ته ٻئي ملي رهيو هيون. هڪدم گاڏي
Start
ڪري، ڪيم شهر جو رخ.
رات اونداهي هئي، رستا ويران هئا ۽ اسان گڏ هئاسين، سو الائي
ڪٿان پئي آياسين ۽ ڪٿان پئي وياسين. سگريٽ ۽
پئٽرول سڙندا رهيا ۽ اسان گهمندا رهياسين، تان جو
صبح جو ساڍا پنج اچي وڳا. چوڻ لڳي:
هاڻي صبح ٿي رهيو آهي، مون کي هلي گهر ڇڏ، نه ته منهنجي ساهيڙي،
جنهن جي گهر آئون رهيل آهيان، تنهن جي ماءُ پيءُ
کي خبر پئجي ويندي ته آئون سڄي رات گهر ۾ نه هيس.“
”دروازو ڪير کوليندو.“
”ساهيڙي کي سمجهائي آئي هيس.“
دل ته نه پئي چاهيو، پر ڇا ٿي ڪري سگهيس، وڃي سندس ساهيڙي جي
گهر جي در وٽ گاڏي بيهاريم ۽ لهڻ مهل چيومانس:
”موڪلائڻ مهل گهٽ ۾ گهٽ هٿ ته ملائبو آهي.“
گاڏي مان لهي ڦري اچي منهنجي پاسي گاڏي جي در وٽ بيٺي ۽ هٿ
وڌائي مون ڏانهن ڪيائين. مون هٿ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾
جهلي پنهنجي چپن تي رکي ڇڏيو.ٿورو وقت ڇڏائڻ جي
ناڪام ڪوشش ڪيائين ته اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺومانس
ته هٿ کي ڍرو ڇڏي مرڪي ڏنائين. هڪٻئي کي خدا حافظ
چئي موڪلايوسين ۽ پنهنجي گهر وڃي سمهي پيس.
ٻنپهرن ڌاري ننڍ مان اٿيس، تيار ٿي، ناشتو يا ٻنپهرن جي ماني
چئجي کائي، سڌو
Airport
ڏانهن رخ رکيم، ڇو ته هن جي وڃڻ جو وقت ٿي رهيو
هو، گاڏي
Parking lot
۾ بيهاري، هيڏي هوڏي نظر
ڦيرايم. ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪانه آئي، سوچيم اڃا شايد
ناهي پهتي ۽
Main building
جي ٻاهران رستي ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيس ڪنهن
پٺيان اچي ڪلهي تي هٿ رکيو:
”ڪنهن جي انتظار ۾ بيٺو آهين، يا ڪنهن کي ڇڏڻ آيو آهين؟“ اهو
رشيد هو. جواب سمجهه ۾ آيم، سوچيومانس:
”هڪڙو دوست اچڻو آهي لنڊن کان.
Flight
جي انتظار ۾ بيٺو آهيان.“ چوڻ لڳو: ” آئون ڏهن
پندرهن منٽن ۾ اچان ٿو، پوءِ شهر گڏجي هلنداسين.“
مون ”چڱو“ چئي ، هن مان جان ڇڏائي، نه پئي چاهيم
ته هي شاهين کي ڏسي ۽ ڳالهيون ٺاهي. هڪڙي اڇي
مائڪرو بس مان اچي ڪجهه ڇوڪريون لٿيون. انهن جي
Uniformمان
شڪ پيم ته انهن ۾ نه هجي... تان جو انهن مان نڪري
تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي آئي ۽ چيائين: ”ڇا پيو سوچين،
منهن ڇو لهي ويو ٿئي، آئون ٻن هفتن ۾ موٽي
اينديس.“ کلي ڏنم ڪنهن ايئرهوسٽس رڙ ڪري چيس
Shaheen! We are already late
چوڻ لڳي: ”چڱو، مون کي اڳ ۾ ئي دير ٿي وئي آهي، خط
ضرور لکجان.“
”ساڳيو واعدو تون ياد رکجان.“ کلي، هٿ لوڏي ٻين ڇوڪرين سان گڏجي
اندر هلي وئي.
هن جي وڃڻ جي ڪري اڪيلائي جو احساس گهڻو وڌي ويو ۽ دوستن کان به
بيزار رهڻ لڳس. اها به خبر نه هئي ته موٽي ڪڏهن
ايندي، جو انهي ڏينهن جو انتظار ٿئي، بهرحال
انتظار ته ڪرڻو هو. زندگي بيٺل پاڻي جي سطح وانگي
ٿي پئي آهي، جنهن ۾ ڪابه چر پر ناهي. رکي رکي اهو
به خيال اچي پيو ته شايد هو مون سان آئيندي ڪو به
واسطو نه رکي، ڇو ته آئون اهڙي ڳالهه پڇي ويٺو
هئس، جيڪا شايد مون کي پڇڻ نه گهربي هئي. انهي وچ
۾ منهنجو ٻار به بيمار ٿي پيو، انهي ۾ لڳي ويس ۽
هفتو کن گذري ويو. هڪ ڏينهن صبح جو ننڊ مان اٿي
اخبار پڙهي رهيو هئس ته منهنجي زال هڪ خط مون کي
آڻي ڏنو. کولڻ تي خبر پئي ته شاهين جو آهي. لکيو
هئائين ته ٻئي هفتي ۾ اچي رهي آهي ۽ مون تي اها به
پابندي لڳائي وئي هئي ته آئون کيس
Airport
تي
Receive
ڪرڻ نه وڃان، ڇو ته پڻس کيس وٺڻ لاءِ ايندو. آئون
انتظار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نٿي ڪري سگهيس.
آڱرين تي ڳڻي اهي ڏينهن گذاريم، ڪراچي پهچندي ئي
مون کي فون ڪيائين ته آئون اچي وئي آهيان، پيءُ
سان گڏ اچي رهي آهيان ۽ پهچڻ سان ئي توکي فون
ڪنديس، اهو به ٻڌايائين ته آئي فقط ٽن ڏينهن لاءِ
آهيان. دل ۾ سوچيم ته اهي ٽي ڏينهن به چڱا، آئي ته
سهي. سڄو ڏينهن ڏاڍو خوش گذاريم. رات جو فون
ڪيائين، چوڻ لڳي:
”منهنجي غير موجودگي ۾ ڪنهن سان فون تي ڪچهري ڪندو هئين؟“
”ڪنهن سان ٿي ڪري سگهيس.“
”عادت اڃان نه پئي اٿئي فون تي ڪچهري ڪرڻ جي.“ مون کي ڳالهه
سمجهه ۾ ئي نٿي اچي ته چوڻ ڇا پئي چاهي، سو
پڇيومانس:
”ڇا مطلب؟“
”مطلب ته خواهه مخواهه فون ڪرڻ سان دل وندري پوندي آهي.“
” اها عادت مون کي ڪانهي.“ کلي ڏنائين، چوڻ لڳي:
” منهنجي اچڻ جو انتظار ڪيو هيئي؟“
” تنهنجي دل ڇا ٿي چوي؟“
” پنهنجي پنهنجي دل آهي.“
” مون کي ته ڏاڍو انتظار هو.“
مون کي اها اميد آهي.
انهي قسم جون ٿڙيل ڳالهيون ڪندي رهي، جيستائين وڃي ٻئي ڏينهن
فون ڪرڻ جو واعدو ڪري موڪلايوسين.
آئون ماڳهين منجهي پيس ته هن کي ڇا ٿي ويو آهي. وئي هئي ته
اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪيون هئائين. اهو به خيال
پيو اچيم ته شايد ستائڻ جي موڊ ۾ هجي ۽ ستائي رهي
هجي. ٻئي ڏينهن فون ڪيو مانس ته ڀيڻس کنئي. شاهين
جو پڇيم ته ٻڌايائين ته ڪنهن ساهيڙي سان ملڻ وئي
آهي ۽ چئي وئي آهي ته موٽي اچي توکي فون ڪندي. ٻه
ڪلاڪ کن رکي وري فون ڪئي مانس ته پاڻ کنيائن:
”هڪڙي ساهيڙي جو مڱڻو ٿيو هو، تنهن کي مبارڪ ڏيڻ وئي هيس.“
”موٽي اچي فون ڪو نه ڪيئي؟“
”هينئر آئي آهيان.“
”ٻيو ڇا حال آهي؟“
”سڀاڻي صبح جو ڪراچي وڃي رهي آهيان – شام جو
Flight
آهي.“
”مون سان ملڻ لاءِ پنج منٽ به ڪونهن ڇا؟“
”نه، اهڙي ڳالهه ڪونهي، تون ڪراچي اچجان، اتي ملنداسين.“
”مطلب ته هتان ڪراچي تائين تون پنهنجي ليکي، آئون پنهنجي ليکي.“
”ظاهر آهي، توکي مجبوري ٻڌائي چڪي آهيان، بابا ساڻ هوندو آهي.“
”ڪراچي ۾ ڪٿي ملبو؟“
”نمبر لکي وٺ، پهچي مون کي فون ڪجان ته پروگرام ٺاهي وٺنداسن.“
”ڪراچي پهچي فون ڪيو مانس ته خبر پئي ته آهي اتي ئي، پر ٻاهر
نڪري وئي آهي. رکي رکي فون ڪندو رهيس ۽ ساڳيو جواب
ملندو رهيو .
Airportتي فون ڪري پڇيم ته فلاڻي
Flight
ڪيڏي مهل ٿي وڃي. خبر پئي ته پنجين بجي، ۽ هينئر
پوڻا چار ٿي رهيا هئا. ڏهه پندرهه منٽ رکي وري فون
ڪيم ته جواب مليو ته آئي آهي. جڏهن فون تي آئي ته
پڇيو مانس:
” جيڪڏهن نه ملڻو هو ته مون کي ڪراچي ڇو گهرايئي؟“
” اهڙي ڳالهه ته ڪونهي، پر وقت ڪو نه مليو، ڇاڪريان؟“
” ڇا ڪو وڌيڪ ضروري ڪم هو؟“
” بس، ٿوري شاپنگ ڪرڻي هئي.“
” پوءِ هاڻي ڇا پروگرام آهي.“
” هاڻي ته تمام گهڻي دير ٿي وئي آهي. ڪپڙا به مٽائڻا آهن ۽
Airport
تي به پهچڻو آهي، ٻئي دفعي سهي.“
ڪاوڙ به ڏاڍي لڳم ۽ ڏک به ٿيم. چيو مانس:
” چڱو – آئون واپس وڃان ٿو.“
” ڇو ڪراچي ۾ دوست نه اٿئي ڇا؟“
” آهن، پر ڪنهن سان ملڻ تي دل نه پئي ٿي، واپس ٿو وڃان.“
” ايڏي ڪاوڙ”
” ڪنهن تي!“
” خير، واپس اچي توکي پرچائي وٺنديس. هينئر ئي ويندين ڇا؟“
”ها“
” چڱو، خدا حافظ.“
مون ڪو جواب ڏيڻ کان سواءِ فون بند ڪري ڇڏي.
سوچڻ لڳس ته انهي
Change
جو سبب ڇا ٿو ٿي سگهي. گهڻو سوچڻ جي باوجود ڪا
ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. سوچيم ته ڇو نه
Airport
تي وڃي، ڪٿي پاسيرو ٿي بيهي رهان ۽ هڪ ڀيرو پري
کان ئي ڏسي وٺانس. اهو سچي سڌو
Airport
ويس. گاڏي ٿوري پر ڀري بيهاري، هڪڙي ڪنڊ وٺي بيهي
رهيس، جو مون نٿي چاهيو ته هوءَ مون کي ڏسي. ٿوري
دير کانپوءِ هڪڙي ٽئڪسي اچي بيٺي. انهي مان شاهين
لٿي، پوءِ رشيد لٿو، ڏسي وائڙو ٿي ويس ته رشيد هن
سان گڏ ڪيئن آهي. هن رشيد سان کلي کلي موڪلايو ۽
اندر هلي ويئي. آئون به ڪنڊ مان نڪري اچي رشيد سان
مليس ۽ پڇيو مانس:
”ڏي خبر، هتي ڇا پيو ڪرين؟“
”اڙي يار، شابس هجيئي. انهي ڏينهن توکي چيم ته مون کي کڻي
هلجانءِ ۽ تون هيلو وئين.“
”يار تڪڙو هئس ، هينئر هلين ته هل“
”مون کي طارق روڊ تي ڇڏڻو پوندو.“
”هل ته ڇڏيان.“
موٽر ۾ اچي ويٺاسين ته پڇيو مانس:
”ڪيئن آيو هئين؟“
”يار هڪڙي پراڻي
Girl Friend
هئي. صبح جو ملي وئي، سڄو ڏينهن هوٽل ۾ گذاريوسين.
وئي پئي ٻاهر، سوڇڏڻ آيو هئس. هئي واهه جي تو
ڏٺي؟“
”نه“
” وري ايندي ته ملائيندو مانءِ.“
ايتري ۾ طارق روڊ اچي ويو ۽ هو لهي هڪڙي هوٽل ۾ گهڙي ويو.
رات جا ساڍا ٻارنهن ٿيا آهن، فون پاسي ۾ پيو آهي، بوتل ۽ گلاس
سامهون ميز تي آرکيا آهن، دوست سڀ وڃي چڪا آهن، پر
منهنجي دل چاهي پئي ته بوتل سامهون هجي ۽ آئون
پيئندو رهان، شايد اڪيلائي جو احساس ڪجهه گهٽجي
وڃي. |