”آ... آ... هه... “ هن پٺيءَ کي سنئون ڪندي راحت
مان هڪڙي دانهن ڪئي. ”آءُ ته اِنهن مرداڻن ڀيڙن
ڪاڻ جهڙي ڪر ٻاڙيل هئس... ڪالهه دائي حليمان کان
مالش ڪرائي ڀيڙا ڏياريم ته ماڳهين بُڇان پئي آئي،
ڄڻڪ ماڪوڙا پئِ بت تي سُريا.“ منٽ کن جي آسيس
کانپوءِ اُمالڪ هٿن کي جهليندي چيائينس: ”بس، ميڏي
سائين! هاڻ گهڻيون هلاڪيون نه ڪر، اهو تنهنجو شان
نه آهي. هلي پڌر ۾ ٿي ويهه، ٿڌيون هيرون پيون لڳن،
مان اجها ٿي چانهه کنيو اچان.“ هن پنهنجي ادائن جا
تير نشاني تي لڳندي ڏسي، ناز مان کيري ٿيندي چيس.
هُن مرڪي نهاريس ۽ ڪو گيت جهونگاريندي، پڌر ۾ اچي
آرام ڪرسيءَ تي ڄنگهون پکيڙي ويٺو؛ رکي رکي پير به
لوڏيائين ته سيٽي به ٿي وڄايائين. ايتري ۾ هن چيتن
جهڙي چيلهه کي موڙا ڏيندي، چانهه جا ٻه مگا ٽري ۾
آڻي اڳيان رکيس. پاڻ به سامهون ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي.
چانهه ڏسڻ سان هن جي اکين ۾ تازگي اچي ويئي؛ پر
پهرين ئي ڍُڪ پيئڻ سان ڍُرڪي پيو، لوبان جهڙو منهن
بڻائيندي چيئينس:
”چانهه جي پتي آ، ڪين اگر بتي!؟“
”پاڻ ئي ته آندي هيئي، پيارا!“
”مان ته ولايتي سهڻا دٻا آڻيندو آهيان، جيڪي عام جام پيا وڪرو
ٿين.“
”تڏهن مون اِهي اگر بتيون ڪٽي وڌيون اٿمانس؟“
”دلبر ائين ڪٿي ٿو چوان، مان ته پاڻ حيران آهيان ته اهڙا سهڻا
دٻا...“
”تون پاڻ ڏس، انهن سهڻن جو حال اجهو اهو اٿئي. ”مۡٿون چۡکي
مۡکي، اۡندرون بُڙ بُڙ دۡکي“، انهيءَ کان ته
پنهنجي ديسي چانهه چڱي. پرائي چلڪي تي هر کجڻ مردن
جي هونءِ ئي پراڻي عادت آهي. ولايتي دٻا هجن يا
پرايون زالون، چِلڪي تي واڇ پٽجيو وڃين.“
”جاني، اهي تير مونڏانهن ته نه اُڇل، مان ته تنهنجي خمدار زلفن
جي ڪوڙڪي ۾ اڳ ئي سُڪ ٿيل آهيان.“
”هائو، بلاشڪ‘! بلاشڪ! تڏهن ته اڪيلي ننڌڻڪي غيباڻي ٿيو پئي
هوندي آهيان!“ ڦري گهري کيس پنهنجي درد اچي واريو.
”منهنجي دل، اهي جدايون وقتي آهن، مان ڪوشش ۾ لڳو پيو آهيان، ته
توکي هلي پاڻ سان گڏ رهايان.“
”جڏهن عضوا پينگهون ٿيندم، تڏهن ڪلهي تي کڻي هلي ٽنگينديم ڇا؟“
”ڳالهه ٿي ڪرين! اڃا ته پاڻ ٻئي ننڍا آهيون.“
”جوانيءَ جا ڏينهڙا به ته اهي چار ٿيندا آهن، نئين ته ڪانه
ساماڻبس!“
”فڪر نه ڪر، تون سدائين جوان رهندينءَ.“
”فڪر ڪيئن نه ڪريان، انهن رات ڏينهن جي اوسيئڙن ته منهنجو سِر
وڃائي ڇڏيو آهي.“
”چاني اوسيئڙي ۾ جيڪو مزو آ سو ملڻ ۾ ڪٿي؛ هو ٻڌو نه ٿي...
ڳولهيان، ڳولهيان مۡ لهان...“
”ها، باقي اِها ڪسر رهيل آهي، جو سندرو ٻڌي ڳولهيندي وتانءِ...“
”مِٺي ڇڙو مثال ڏنم، ڳولهينديئن ڇا لاءِ، مان ته تنهنجي هر ساهه
۾ سمايل آهيان.“ انهيءَ جواب هِن کي ڪوري ٺڪر جيان
ٺاري رکيو. مٺي لهجي ۾ ڏوراپو ڏنائينس:
”اٺين ڏينهن ايندو هئين، هاڻ ته ٻه ٻه هفتا به گذريو وڃن. اڳيون
قرب نه رهيو ٿئي مون ساڻ.“
”اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي جاني، مان ته پل به تو بِن نٿو گهاري
سگهان؛ ڇا ڪيان ڪڏهن ڪم ڪاريون ٿي پونديون آهن.“
”گذريل هفتي ڇو نه آئين؟ تنهنجي واٽ تڪيندي اکين
جون ڏياٽيون ڄڻ اُجهاڻيون ٿي.“
”گهر چاڪائي ڪونه هئي، تنهنڪري نه اچي سگهيس.“
”ڇو، وري ڪهڙو ڇٽو لڳس؟“ مصريءَ جهڙي زبان اوچتو ڪۡڙي بادامي
بڻجي ويس.“
”چوٿون مهينو اٿس.“
”اونهه، اِها ته سدائين مهيني مهيني ڪوڙ ڪيو ويٺي اٿئي ته پيٽ
سان آهيان. ڪٿان آيس پيٽ! ويٺي توکي خوش ڪري. مکڻ
کي به ڪڏهن ڏند ٿيا آهن؟“
”ڪوڙ ڇا لاءِ ڪندي“ هُن زهر جي ڍڪ وانگر چانهه کي ڳيت ڏني.
”ويچاريءَ کي ٿئيس ٿو پر بچيس ڪونه ٿو.“
”بس بس گهڻو ٿيو، اِهي آڀر نه ٽوڙي ته وڻي ڪيئن!“
”هينئر تازو ڏيڍ مهيني جو بار ڪريس ته دائيءَ جي چوڻ سان، مکڻ ۾
گڏائي ڳڙڪائي ڇڏيائين.“
”تو بهن! اۡلا!! آخ... خ!“ اڌ مگو ڀريل ڌڪار مان پري ڌڪي چوڻ
لڳي:
”منهنجو ته روح ئي ڦيرائي ڇڏيئي... پچڪ... رن ڏائڻ ٿي جا ٻچا
ويٺي ڳيهي! الله پليندس پنهنجي پلڻي.“
اِهو ٻڌي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، چڙ مان چيائينس: ”تون
ته سدائين ماڻهن تان چٿرون ڪرين.“
”چٿرون وري انهيءَ ۾ ڇا جون آهن پيارا، سچ چوڻ ۾ ڇو ٿي باهه
لڳي! سياڻن صحيح چيو آهي ته هن زماني ۾:
”سچ مِرچان، ڪوڙ ڳُڙ؛
پير پئسا، زال گر“!“
”اڃا ته هفتو ڇڙو تو وٽ رهان، ته تون ته منهنجو جيڪر اندرئي
ساڙي ڇڏين! ڏيڍ ڏينهن ٿو اچان ته به سڙيو جليو
پوءِ ٿو وڃان.“ هن مگو خالي ڪري سگريٽ دکائيندي
چيس.
”ها... ا... ن! توکي ايڏي ڀوپيءَ جي چڙ لڳي آهي؛ پر اڃا جي نڪاح
ڪري سامهون ويهاريندين، پوءِ ته سندس چوڻ تي روز
موچڙا به ٺوڪيندين!“
هن جو هڪدم موڊ بدليو ڏسي سياڻي سياستدان وانگر پلٽو کائي ويو.
”چري آهين؛ اجايا ٿي خيال ڪرين، آءُ سڄو تنهنجو آهيان. مون ته
ڀوڳ ۾ تنهنجا آزمودا ٿي ورتا.“
”ڪهڙا ٿو منهنجا آزمودا وٺين، ڪو آءُ لُچي لفنگي آهيان ڇا؟ اڳ
ڪونه ڏٺو هيئه ڇا؟ منهنجو مرحيات بابو؛ خان خانان
تر جو وڏو زميندار، ڏاڏو جاگيردار، پڙ ڏاڏو پرڳڻي
جو حاڪم، آءُ اصل خاندانڻ، حاڪم زادي پر اِها ته
منهنجي قسمت هئي جو:
”منهن ڌوڙ مٽي سر پايم.
سارا ننگ ناموس وڃايم،
ڪوئي پڇڻ نه ويڙهي آيم،
هٿئون اُلٽا عالم کلندا، ڪوئي محرم حال نه ملندا،
ڪيا حال سڻاوان دل دا...“
هن ڪن تي هٿ رکي غلام فريد جي ڪافي زاهدا پروين جي اسٽائيل ۾
ڳائڻ کان پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو:
”هئه نصيب! ڪتو به کاڌم ڪک به نه ڀريم!“ اِهو ٻڌي هن جون اکيون
ٽانڊاڻا بڻجي ويون، پر سور پي ويو.
”چئبو ته هاڻ مان ڪتو به ٿيس!“
”ڪو توکي ٿي چوان ڇا، اِها ته چوڻي آ.“
”بس، تنهنجي پربت مان اسان کي اهي ئي نتيجا ملندا...“
”ٻيو ڪهڙا ملندئي؟ ڀوپيءَ وانگر مون وٽ کڳل ته ڪونهن جيڪي منگهن
مان جهٽائيندي هيئي، جو اڄ وڻي ٿي. اسان منگهن مان
ممڙين وانگر عشق ڪونه ڪمايا، اسان ظاهر ظهور ڀير
تي ڏونڪو هڻي تنهنجي قرب ۾ ڪنڌ نوايو.“
”الائي ڪير ٿو اچي توسان اِهي خبرون ڪري!“ پريشانيءَ مان سنڌ جي
نقشي واري رنگ برنگي ٽِڪن واري ٽوپي لاهي، مٿو
کنهندي وراڻيائينس.
”ميهڙ مان ڀوپيءَ لاءِ مينديءَ جا دٻا گهرائين، حيدرآباد مان
”ڪالا ڪولا“ جا ٽيوب آڻيو ڏينس. اِهي مکي هاڻي
جوان ٿي ٿئي؛ ولايتي ڪڪڙ وانگر جيڪا چمڙي پئي
لٽڪيس، تنهن جي ڪا ڪل ئي ڪانهيس، اُنهي4 جو به ته
ڪو بلو ڪرينس نه!“ هن ڄڻ زهر اوڳاڇيو.
جوب ڏيڻ لاءِ هو ٿورو منجهي پيو؛ پر ذهن ۾ آئڊيا جو بلب ٿيس.
سگريٽ ساسر ۾ ڇٽيندي؛ ٽوڻن ڦيڻن کي ڍال جي طور
استعمال ڪرڻ جو طريقو ڳولهي لڌائين.
”جاني! خبر ناهي مون کي ڇا ڪيو اٿس، ڪهڙا ڦيڻا وڌا اٿس، جو مان
هن آڏو انڌو ٿيو پيو آهيان.“
”ڇا وري ڇا ڪيو اٿس“ وارنشاني تي لڳائيندي وراڻينس. ”رڳو سون تي
سر ڏيو پيو آهين.“
”منهنجي ليلا... منهنجو سر ته مجني وانگر رڳو تنهنجي محبت ۾
مستان ۽ غلطان آهي.“
”موچڙو هڻان اهڙي محبت کي جنهن ۾ هوند شڪر نه ٿئيم“ ائين چوندي
ڳلڙيون ڦوڪي، منهن سونڊائي، ماٺ ڪري ويهي رهي. سج
به سوڙ وجهڻ جي تيارين ۾ هو. ساسرون سگريٽ جي ٽوٽن
سان سٿجي ويون. هن کي پنهنجو پنڌ هن ڀيري صاب
پوندي نطر نٿي آيو. ڪي پل ٻاٽ اوندهه جهڙي ماٺ
رهي. آخر هيٺين واٽ وٺڻ کان سواءِ ٻي واهه نه
سُجهيس. ڀانيائين، لڳو ته تير، نه ته تڪو. نماڻي
آواز ۾ چيائينس:
”منهنجي مٺي، ڪجهه کارائيندئين پياريندئين يا بکئي کي ويتر بک
ماريندئين؟“
”جيڪي چئو.“ ٻن هفتن جون سانڍيل باهيون ڪڍڻ کان پوءِ ڪجهه هلڪي
ٿي.
”گهڻي تڪليف نه ڪجان جاني...“ هو سنگهه ڪڍي ساڄو ٿيڻ لڳو.
”چڱو ته پوءِ آءُ پٽاٽو ٿي تري وٺان، تون اسٽور تان پڪين پڪاين
جو هڪ پئڪيٽ وٺي اۡچ.“
هن ٽپائيءَ تان مگا ساسرون کڻندي وراڻيس. ”نه نه، ڌوڙ وجهين
پٽاٽن کي! پڪيون پڪايون کارائي ڇو ٿي منهنجا ٻئي
جهان وڃائين!“
”ڇو انهيءَ کي وري ڇا ٿيو؟“
”ماڻهن الائي وهم وجهي ڇڏيا آهن، پوءِ ڇا ڪجي، تون اُٿي چانور
ٺاهه، ته مان چهر وٺيو ٿو اچان.“
”ٿڪيو آيو آهين، ماٺ ڪري سمهي رهه. پٽاٽو نٿو کائين ته واڱڻ يا
ڀينڍيون تري ڏيانءِ. ڇٻيءَ ۾ ڪريلا به پيا آهن.“
”اِهي ترڪاريون مون کي نه وڻنديون آهن.“ ائين چوندي ٽپ ڏيئي
ڪرسيءَ تان اُٿيو، ٿرماس کڻي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿو ته
ساڳيو ڇڻ ڇڻ وارو ٽانگو مليس. شهر جو چڪر هڻي، ٻه
ڪلو برف ۽ ڏهين رپين جي چهر وٺي واپس گهر اچي لٿو
ته هوءَ به ڀۡت کي دمۡ ڏيو ويٺي هئي.
رات جو ماني ٽِڪي کائي ورانڊي جو چِڪون ڪيرائي، فل اسپيڊ پکا
هلائي ۽ کٽون گڏائي جڏهن ليٽيا، ته هن ڏٺو ته اهو
وقت اٿم ”چيتي“ ٿيڻ جو، سو وٺي پنهنجا سُرڙا
ڪڍيائين. هن کي به خبر هئي ته اُکريءَ ۾ مٿو وجهبو
ته مُهرين کان ڪهڙو ڊڄڻ! کيس جان عالم جي طوطي کي
هٿ ڪرڻ واري شهزادي وانگر، ڪيترن ئي مرحلن مان
گذري پار پهچڻو هو، سو صبر سان ڪن ڏيو پيو هو.
”ڳالهه ٻڌي اٿئي...“ هن جي پيشانيءَ تي پيل سُرهي چۡڳ سان
کيڏيندي چيائين:
”ڪهڙي دلبر؟“
”ڪالهه سوناري قادو ڀائيءَ وٽ وئي هيس...“ اهو ٻڌي هن جي گستاخ
هٿ کي ڄڻ اوچتو ريل جو بريڪ لڳو.
”پوءِ!؟“ ٻڏل آواز پاتال مان اُڀريو.
”في الحال ٻن تولن جا جهومڪ ۽ ٽن تولن جو هار چئي ائي آهيان،
ايندڙ هفتي تيار ٿي ملندا.“
”جاني، خبر اٿئي تولو سون جو ڪيتري آهي؟“
”ڪيتري به هجي، نيٺ به ڪامورو آهين.“
”حالتون ساريون پيون اٿئي، اڳوڻيون ڪمايون ڪٿي آهن. چوڌاري ڦٽڪن
جا ڦهڪا پيا پون، هٿن سان مارائينديم ڇا؟“
”جيڪي الهه تلهه هيئي، سو ڦري ويئي ڀوپي، هاڻي اهي بهانا نه
ڪندين ته ٻيو ڇا.“
”مهينو کن ترس، پوءِ جيڪي چوندئين وٺي ڏيندومانءِ.“ ائين چوندي
چپن تي انجام جي مُهر هنيائينس.
”اهو به تنهنجو انجام آزمائيندس، ڏسان ته ڪيئن ٿو پارين!“
”پياري، جيڪو ڪجهه ڪريان ٿو، سو سڀ تنهنجي لاءِ ئي ته ڪريان ٿو،
توکان وڌيڪ مِٺو ڀلا ڪير اٿم.“
”ڀوپي به نه؟“
”نه جاني!“ هن گهڙيال ڏانهن تڪيندي ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.“
”سچ!؟“
”تنهنجي سِر جو سُنهن!“
”پوءِ ڀوپيءَ مان ڪيئن پيو گذارو ڪرين؟“
”مڙيو ئي پيو لِکيو لوڙيان!“
”ڀلا هڪ ڳالهه ته مڃيندين نه؟“
”چئه... “ هڪ وار وري هُن جون يڪجا ڪيل سموريون طاقتون وسامڻ
لڳيون.
”شريڪن جون شاديون اچي سِر تي ڪڙڪيون اٿم، سڀاڻي مون کي گهڙي،
سينڊل ۽ ٻه ٽي وڳا وٺي ڏيڻا اٿئي...“
”مِٺي سڀاڻي جون ڳالهيون سڀاڻي سان، هينئر ڇڏ اِهي لهڻا
ليکا...“ هُن سندس بدن جي مهڪار ائين جهٽي ڄڻ
ڦوڪڻي ۾ گئس ڀري رهيو هجي.
”انجام ٿو ڪرين نه؟“
”حاضر منهنجي سائڻ حاضر!“ هُن جو انداز ڪمپيوٽر جهڙو ٿي پيو.
”سور کان لڱ پيا ساڻا ٿينم....“
وري ساڳيو سهاپو شروع ڪيائين.
”دلبر اڃا ڪيترو تڙپائيندين، هاڻ ته يارهن به لڳي ويا!“
”پنهنجي رات ته ٻارهين کان پوءِ شروع ٿيندي آهي سهڻا“.
شوخيءَ مان وراڻيائينس ۽ پوءِ دير تائين ڳالهيون مُهاڙيون ڪري
سڀ ليکا چوکا لاهي ڦان ٿي سمهي رهيا.
مومل، هونئن ته ڪڪڙ جي پهرِئين دس سان اُٿي کڙي ٿيندي هئي، تنهن
کي اڄ ڏهه لڳي ويا. هن جي اچڻ ڪري هميشه کيس دير
سان جاڳ ٿيندي هئي. اها ڪا نئين ڳالهه ته نه هئي؛
پر هر ڀيري کيس دير سان اُٿڻ تي اجايو تعجب ٿيندو
هو.
”آئي الا! سج مٿي چڙهي آيو، نه چانهه نه پاڻي. نڀاڳو کير وارو
ئي هليو ويو هوندو. الائي ڪهڙا کيپ چڙهيم، جو آواز
ئي ڪونه ٻڌومانس“.
هو، جو نرم ويهاڻن کي ٻک وجهيو، اونڌو ٿيو پيو هو، تنهن کي به
مومل جي آواز تي جاڳ ٿي. ڪر موڙيندي چيائينس:
”جاني، هاڻي ججهي کنڊ وجهي سليماني چانهه ٺاهِه،
هينئر مون کان هليو ڪونه ٿيندءِ جو وڃي کير وٺي
اچان“.
مومل وهنجڻيءَ ۾ ٽوال صابڻ ۽ بالٽي ڀري رکي آئي، پوءِ سليماني
چانهه جو ڪوپ آڻي ڏنائينس جنهن کي پيئڻ کان پوءِ
هو اُٿڻ جهڙو ٿيو. وهنجي سهنجي ٽوال جي گوڏ ڪري
ٻاهر آيو، ته هن سلوار ۾ اڳٺ پئي وڌو. ڪپڙن پائڻ
کان پوءِ ڳِهلو ٽوال ڏيندي چيائينس: ”ڀلا ڪا نيرن
ٻيرن ته ٺاهي، رڳو سليماني چانهه جي اڌ ڪوپ تي
ٽاريندينءَ ڇا؟
منهنجو ته بک کان هيانءُ ٿو لُڙهي“.
”الله پناهه ڏينئي، هيانءُ لرهي تنهنجي دشمنن جو، تون منهنجي سر
جو تاج، گلي جو هار، توکان سواءِ منهنجو ٻيو ڪير
آهي“؟
”پوءِ اُٿ ڀلا ڪو بِلو ڪر، بک کان مران ٿو“.
”مرن تنهنجا ويري ۽ جيڪي توکي ڏسي نه سهن. آءُ پاڻ اُٿي تنهنجي
ڪاڻ اُڦراٽا پچايان؛ پر ڀانيان ته اِهي گهڙيون
توسان ويهي گهاريان، رڌڻي ۾ ڇو وڃايان؟“
”ڍو بنا ڍوليا، ناهي ساڃهه سونهن جي“ هن آئيني آڏو وارن ۾ تيل
هڻندي چپن ۾ جهونگاريو.
”ڪالهوڪيون ”پڪيون پڪايون“ پيون آهن. اڄ کڻي کائي ڇڏ. ڪجهه نه
ٿيندئي، انب به ميڙي پُسائي رکيا اٿم، چئو ته ٻه
چار آڻي ڏيان، انهن سان کائي حالي هيانءُ جهلو ڪري
وٺ، ڏينهن به اچي چڙهيو آهي، ٻنپهرن جو ته هونئن
به هوٽل تي کائينداسين“.
هن هوٽل واري ڳالهه ڪاپاري ڌڪ جيان پچائيندي، انبن سان ماني
کائڻ لاءِ هائوڪار ڪئي.
هيانءُ جهلو ڪري وري اچي کٽ ڀيڙو ٿيو. هوءَ به ڀۡر ۾ ائين اچي
ليٽيس ڄڻ ڪا سوڀ کٽي هجيس.
”رات چيئي ٿي نه ڪپڙا ۽ ٻيو سامان وٺي ڏيندين“.
”چيو هئم ڇا؟“ هُن ڀورائيءَ مان پڇيس.
نه تڏهن!“
”مٺي تنهنجي قرب اهڙا نشا ڏنم، جو خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي ويو
هئس“.
”اونهه، رڳو سکڻي جان ٻچن تان قربان “.
”هن ڀيري پئسا گهٽ آندا اٿم، ٻئي ڀيري ڏسجانءِ ته، ڇا ٿو وٺي
ڏيان پنهنجي مٺي مومل کي!“
”چئبو ته هن ڀيري گهمائيندي ڦيرائيندي به ڪونه؟“
اُٿ ڀلا، جلدي تياري ڪري وٺ ته چڪر ڏياري اچانءِ“. اهو ٻڌڻ سان
هوءَ وڃي تيارين کي لڳي. هن تي ٻيهر ننڍ جا نشا
چڙهڻ لڳا. ڪلاڪ کن مس آرام ڪيائين، ته هوءَ به
سورهن سينگار ڪري، عطر عنبير مکي، اچي سيرانديءَ
کان ويٺيس ۽ چميون ڏيئي ڏيئي ننڍ ڦٽائي ڇڏيائينس.
هن اهو سڄو ڏينهن رڪشا ۾ چاڙهي راڻي باغ، ڄامشورو برج، هوٽل ۽
فلم تان گهمائي آڌيءَ رات جو گهر واپس آڻي ۽ ويندي
ويندي سمورو حساب ڪتاب پورو ڪري، آسر ويل ڳوٺ لاءِ
ريل ۾ چڙهي روانو ٿي ويو.
مومل، نئين ”زندگي“ مان ”لڏي ويا، اۡڏي ويا سُخن جي عمارت“ جو
اڀياس ڪندي ٿڌو ساهه کڻي اُداس اکين سان دۡر
ديوارن ڏانهن نهار ڪئي. هن جي دم سان هڪ اڌ ڏينهن
لاءِ ڪيڏي نه رونق هئي. گهر ۾... وري اٺن ڏينهن جو
وڇوڙو... اوسيئرو... يانصيب! اڃا چار ڏينهن
اوسيئڙي جي عذاب جا مس ڪاٽيائين ته صبح جي پهر
اوچتو بندري قد واري چالاڪ جنو نوريڙي، جنهن جي
ساڻس ”چنڊو چنڊي کي ڳولهي لهي“ جي بنيادن تي پراڻي
شناسائي هئي، سا اچي نڪتس. پڌر ۾ پيل ڪاٺ جي صندل
تي ويهي پنهنجا بندرڙا هٿ نچائيندي ۽ نوريئڙي
جهڙيون اکيون ٽمڪائيندي چيائينس: ”خبر اٿئي ٽيو
ڏهاڙو شهباز جوءِ کي علاج منهنجي گهر آڻي رهايو،
اجهو هاڻ موڪلائي ويا آهن“.
”مون ڏانهن ته ڪونه آيو!“
”تنهن ڏينهن ڀانيان ٿي ته ويچارو توڏانهن ئي پئي آيو، پر الله
منهنجي توبهه، منهنجي زاري!“
جنو نوريئڙي پٽ سان ٻئي بندريون آڱريون ڇُهي مني نڪ تي وڏا وڏا
جانا ڀريا.
”منهنجي سائينءَ ڏانهن ته خير هو نه!“ هِن جو هينئون وسائڻ لڳو.
بيتابيءَ مان پڇيائينس.
”مونکي هاڻ خبر پئي آهي ته ويچارو موت جي منهن ۾
آهي. کيس ڏسي منهنجا ته وائسرئي ڦري ويا.“
”قسم اٿئي قرآن جو جنو! سگهو ٻڌاءِ، منهنجو هيانءُ ٿو وڃنئي.“
هِن ٻئي هٿ هيانءُ تي رکندي چيس.
”ڪالهه نماشام جي مهل ٻارڙا وٺيو مٿي ويٺي هئس، اوچتو ڪڙڪو ٻڌي
دريءَ مان هيٺ جو نهايان کڻي، ته منهنجيون هيٺيون
هيٺ مٿيون مٿي ٿي ويون.“
”ڇا ڏٺئي؟“
”کڻي جو ڏسان ته تو وارو شهباز ڀت ڀر کٽ تي بوتو ٿيو ويٺو هو،
جوڻس تارونءَ وارو اهڙو ته زورائتو چنبو وهائي
ڪڍيس، جو مٿو وڃي ڀِت سان لڳس. شڪ ناهي جو رت جون
ٺينڊيون به وهي نڪتيون هجنس! پيڙا مان ڪنڌ ڪري هيٺ
ڪيائين، ته ٻه ٽي چار چنبا لاڳيتا وهائي ڪڍيائينس:
”ماريا، ٽيو ڏينهن کان پئي چوۡئين ته مغز ۾ ڀان
ڀان ۽ زوُن زون پئي ٿئيم، چڪر بيهنم نٿا؛ تيل جي
تِري هڻينم، پر ڪو ٻڌين ٿو! ڳوٺ ته رات ڏينهن
تِريون هڻندو هئين، هِت ڪهڙو ٿو مهڻو لڳنئي، پرائي
گهر ۾ جيئن ڪُڇان نٿي، تئين وڃي چوٽ چڙهندو. اِهو
ٽۡڪ مان وۡر لاهي ڇڏينديمانءِ، متان ڪو ٻيو خيال
ڪيو اٿئي، تون کاڄين ڇاتي.“ جنو نوريڙي ڊرامائي
انداز ۾ روئداد ٻڌائيندي چيو. مائيءَ اِتي بس نه
ڪئي، وري موهيڙي ۾ زور سان آڱر ٽُبيندي چيائينس:
”اهي موهيڙا ڦيهي وجهنديمانءِ، جن جي زور تي اهڙو شِنگ ٿي پيو
آهين، جو وڻ گهوڙو نٿو ٻڌين.“ ائين چئي پيشانيءَ
تي پيل اسپرنگ جهڙي چڳ کي اهڙيون ته وٺي ڇڪيون
ڏنائينس، جو ماڳهين سڌي سيخ ٿي پيئي، چي: ”وس
پُڄيم ته اِنهيءَ چنڊيءَ چڳ کي پاڙئون پۡٽي
اُڇلايان! خبردار جو وري منهنجي سامهون اِهي گونڊن
وارا سينگار ڪري هليو آهين. ايهي سينگار آءُ به
سڃاڻان ٿي؛ ڪا ته ڳالهه آهي، جو ماڪ تي موهيو
هلين، مونکي به ته خبر پوي، ڪهڙي نينهن جي نظاري
تي چڙهيو آهين، جو فلڪ ئي نٿو آڻين. اِهو واءُ مٿي
مان ڪڍي ڇڏ، نه ته سنگسار ڪري ڇڏينديمانءِ.“
اهڙيون ته وٺي اُلرون ڪيائين، جو الله منهنجي
توبهن! منهنجي بابي جي توبهن ته ڏاڏي جي توبهن!
سڄي ڄمار ۾ ڪنهن مرد جو زال هٿان اهڙو حشر نه ڏٺم؛
مۡڄو گهڻئي ڏٺاسين ٻڌاسين پر هي، ته ڪو مۡها مۡڄو
هو... ڇا مرد جو شان، ڇا سهي موچڙو! رڳو ماٺڙي ڪيو
ڪڏهن مُري تان پئي مۡر لاٿائين، ته ڪڏهن هٿن جون
تِريون مهٽيندي، آڱريون پئي مروٽيائين سروٽيائين.
اهڙو نماڻو ٿيو ويٺو هو، جو سچ پڇين ته ڏک کان
هيانءُ ڇڄي پيم... تنهنجي من جو کڻي مور هيو؛ پر
منهنجو به ته ڀائرن جهڙو هو، اهڙو ته بڇڙو
ڪيائينس، جو هاڻ توکي ڇا ويهي ٻڌايان! اِهو ته ٿيو
پنهنجي پير مان لاهي مُنهن ۾ هڻڻ. ايترو سو
ٻڌائينديمانءِ ته پوءِ هيون شهباز جون توبهائون ۽
گيسون! پيرن تي مۡٿو رکي پئي بخشرايائينس.“
مومل، جا ايتري دير عبرت جي سمنڊ جو کارو پاڻي اکين ۾ ضبط ڪيو
ويٺي هئي، تنهن کي اندرئي اوتيندي ڇولين جهري ڇوهه
مان چيائينس: ”وڃي ڇاهي پائي، مون وٽ ٺهي جُڙي
اۡڇين ڪڇين اچيو ويهي. زال نه زال جو پائو تنهن
کان پيو گِهلجي! اڃا ٿي چيائين ته توسان پرڻو
ڪندس. وڇ ڪُڏي پنهنجي ڪيري تي، ساڻس پرڻو ڪري ڪهڙو
پنهنجو اڇو منهن ڪريان!“
”ٻيو وري ڇا جيڪو پاڻ پيو گهلجي، سو توکي ڇا سنڀاليندو.“ ڀنڀور
کي باهيون ڏيئي نوريڙي ته هلي ويئي؛ پر هن جي ذهن
۾ اهڙو ڪو واچوڙو لڳو، جنهن پپر جي وڻ جو مضبوط ٿڙ
ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو؛ جنهن جي ٿڌي مٺي ڇانو ۾، هن سڄي
حياتي ٿڪل مسافر جي اگهور ننڍ جيان گذارڻ جي خواهش
ڪئي هئي. هن جون خواهشون، هن جا خواب پپر جي پنن
وانگر ڇڻي وکرجي ڪري پيا هئا. ڪيتري دير تائين ذهن
جي اسڪرين تي، سرپرائيزنگ ميوزڪ جي گونج ۾ هُن سان
گهاريل گهڙيون اُڀرنديون ۽ ڊهنديون رهيس. تنهن
ڏينهن هوءَ ويهاڻي ۾ منهن وجهي ايترو رُني، جو
اکين ۾ لُڙڪن جي ڪا بوند باقي نه بچي هيس. هوءَ
پوءِ سوچي سوچي اُٿي، ته بنا دير ٻاهر واري ڇوڪري
کي سڏائي چيائين: ”وڏيري مينهل کي وڃي چئو ته هتان
منهن ڏيکاري وڃي.“
هِن ته ڪو اوسيئڙو ڪونه ڪيو، پر هو به ٽي هفتا ڪونه آيو، آخر
چوٿين هفتي، ڦِٽ ڦِٽ ڪندي منهن سان در جي چائنٺ
ٽپي اندر ٿيو. هِن اوڏيءَ مهل پڌر ۾ سگريٽ ڇڪيندي،
ڪاشيءَ جي ڪونڊين ۾ لڳل مۡني پلانٽ کي پائپ سان
پاڻي پئي ڏٺو. هن کنگهڪارن جو هارن دٻائيندي چيس:
خوش ويٺي آهين نه؟“
”نه تڏهن ڇا ٿي سمجهئي؟“ هِن ڏانهس ائين نهاريو ڄڻ هو ڪو ڪاڪروچ
هو.
”ڪاوڙ ڪئي هوندئي؟“
”ڪاوڙ ڪري منهجو موچڙو!“ سگريٽ کي چپٽيءَ سان ڇنڊڪو ڏيندي
وراڻيائينس.
”اهي ويئي هليا عزتن وارا ڏينهن، ڏٺم تنهنجا رعب کدوبيگ! مڙس به
اهو آهين نه جو بُجا پيو کائين.“
”ڪير ٿو چوي؟ ڪڏهن؟ مون کي بُجا ڪير هڻندو؟! ڪنهن کي طاقت آهي!“
”اي هاڻي ٺهيو ٺهيو ميتا، تو ته گهڻئي ڊگهيون ڳالهيون ٿي ڪيون،
ته هيئن ڪندس، پر تنهنجو ته پول پڌرو ٿي پيو.“
”پڪ جنوءَ اچي ڀريو هوندئي، تنهن ڏينهن ايمڻا کي به انهيءَ رۡن
اچي ڀڙڪايو، نه ته هوءَ هروڀرو اهڙي ناهي.“
”ڪهڙي به هجي، منهنجو ڀوپيءَ ساڻ ڪو لهڻو ليکو، پر اکين تان
پردا ته کڄي ويم، تنهنجي اصليت ته سامهون اچي
ويئي.“
”انهيءَ ۾ اصليت جي ڪهڙي ڳالهه آهي، زال ماڻهون سان ڪهڙو وات
ڏيان ها.“ ”آئون تنهنجيءَ جاءِ تي هجان ها، ته
اوڏيءَ جو اوڏي مهل مُنڍي مروڙي رکانس ها.“هن نفرت
ڀريل نگاهن سان نهوڙيندي چيس. هو ٻه وکون اڳتي وڌي
آيو ۽ ٻانهن مان جهليندي چيائينس: ”مون کي بخش ڪر
منهنجي سائڻ! هاڻ وڌيڪ ٻڏڻهارڪو نه ڪرينم. اڳتي
اُهي دڙڪا تاب ڪونه سهندومانس. وري جي گوڙ ڪيائين،
ته نِڙيءَ تي ننهن ڏئي اُڦٽ ماري ڇڏيندو مانس.
”هاڻ سون جو ڳنڊو به ٿي پوين، ته به منهنجي لاءِ گِلٽ آهين.“ سٽ
سان ٻانهن ڇڏائيندي وراڻيائينس.
”ها، چڱو جو ياد ڏياريئي،“ هو ائين مُرڪيو ڄڻ ڦِڪائي وندرائيندو
هجي. ”زيورن جي رسيد ته ڏي ڀلا، هيل کيسا پُر ڪري
آيو آهيان.“
”ايڏهين ڪر پنهنجا کِکا کيسا! ڪون ٿا کپن تنهنجا زيور، جيئي
وڏيرو مينهل خان پاڻهي وٺي ڏيندو!“
اهو ٻڌي هُن جي ڪنن ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو، ڌرتي ڌُڏندي محسوس
ٿيس، پر پڌر ۾ کتل نل جو سهارو وٺندي، پنهنجي پر ۾
تير هڻي ڪڍيائينس.
”اهو وڏيرو مينهل نه، جنهن کي اڳ ئي سۡت سُريتيون آهن!“
”مڙس ئي ته سۡت به سنڀاليندا آهن، ڀاڙيا ته هڪ کي به نه سنڀالي
سگهن. مان به ماريندس ته مير، چاڪر ڪون چڪيندس.“
فخر مان ڪونجهه جهڙو ڳاٽ اوچو ڪندي وراڻيائينس: ”
سڀني جي سائڻ ڪري ويهاريندم، تو جهڙو ڪونهي جو
بُجا ويٺو کائي. توکي ٿي ڏسان ته جۡنوءَ جو چٽيل
نظارو اکين اڳيان ڦريو ٿو اچيم. مون ته ڪنهن مڙس
ماڻهوءَ جو سهارو ٿي گهريو، ته مٿي ڇانوۡ ڪري، عزت
جا ڏينهڙا گهاريندس. مون کي ڪهڙي خبر هئي، ته تون
ڪو اهڙو مڄوڙو هئين. هاڻ ته سوچيو اٿم، گڏهه جي لت
کان هاٿيءَ جي لت وري به چڱي آهي.“
اهو ٻڌي هُن ڏند ڪرٽيندي چيس:” ڏسان ته تون ڪيئن ٿي مينهل جي
ٿين!“ ”اهي جوش ڏيکار ڀوپيءَ کي، جيڪا ٿُڪ جي
ٿانوۡ ۾ پئي کارائنئي، مون کي اڪيلو نه سمجهه.
.ڪريانءِ ٿي ڪيِهه ته مڙي ويندا ٽيهه!“ گهڙيءَ جو
گهڙيءَ م گهِلرائي سگهئين ٿي. نڪاح ٻڌيءَ تي وس
نٿو هلئي، آيو آهين مون تي ديرو دمائڻ، هون!“
”جيڪي توسان وهيم، سو سڀ پاڻي ٿي ويو؟“
”اي هاڻي هل هل، ڄاڻ وڏيرو مينهل آيو ڪار ۾، تو جهڙو ڪونهي جو
ٽانگي ۾ چڙهي گهنڊڙيون وڄائيندو، ڇڻ ڇڻ ڪري اچي
لهندو.“
”ته چئبو رن اڳ ئي ڪو مينهل کي هٿ ڪيو ويٺي هئين!“
”هفتو کن ٿيو اٿم جو ساهيائين، ۽ مان به ڪنڌ ڪونه ڪڍايو.“ مومل
رومينٽڪ انداز مان ٿڌو ساهه کڻندي چيس. ”هُو ته
ڪِن سالن کان ڇتو هو؛ پر تنهنجي ڪري مُنهن نه
ڏيندي هئيمانس.“
اوچتو وڏيري مينهل جي ڪار جو بُل ڊاگ اسٽائيل هارن وڳو.
ها... ئو... ئوئو... آ.
مُٺيس، هاڻي ڇا ڪريان!“ مومل کي پريشاني وٺي ويئي. اڃا ٿڙ ڦٿر ۾
هئي، جو ڏاڪڻ تي وڏي کُڙيءَ واري بوٽ جي ڌم ڌم
پئجي ويئي. ان دم ئي وڏيرو مينهل، هڪ هٿ سان شهپر
وٽيندو ۽ ٻئي هٿ سان سٿرن ۾ کوٽهڙا ڪندو اچي اندر
پهتو. جيسين تائين وڏيرو مينهل کانئس ان بابت پُڇي
ئي پُڇي، ته هِن وڏيءَ حرفت سان شهباز مان جان
ڇڏائيندي چيو: ”ادا، هاڻي توکي موڪل، تون ڀلي وڃ
ڳوٺ، ادي ايمڻا کي به سلام ڏجانءِ!“
”وڏيري جي ڪاوڙ ٿي ته غريب لاءِ لڪڻ جي واهه نه لڀندي، هاءِ به
ويئي ته هو به ويئي، نه گهر سلامت، نه وني بچندي،
نه ٻني بچندي، يا ته جيل ۾ هوندو يا پيو رات ڏينهن
موچڙا کائيندو، جيسين وڃي وڏيري جو جن لهي. تيسين
نه ڪوڪ آسمان وارا ڪنائيندا، ۽ نه زمين تي ڪو ٻڌڻ
وارو هوندو. وڏيرن جي وچ ۾ اها به ٻڌي هوندي هئي
ته ڪو غريب هڪ وٽان لڏيو ته ٻيو ڪوبه کيس پاڻ وٽ
رهڻ نه ڏيندو. خدا جي وسيع دنيا ڪڏهن وڏيرن جي وس
۾ هئي، تڏهن غريبن لاءِ ڪيڏي نه تنگ هئي“
سيد حسام الدين راشدي
(”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ تان)
قاضي خادم پر هوا پڙهڻ ڪونه ڄاڻي
(باغ ۾ گلن جي وچ تي هڪ پٿر تي
اُڪريل ڪتبو ”گل ڇنڻ منع آهي.“)
ڊسمبر جي شروعات هئي. هڪ موسم سرديءَ جي، ٻيو اسلام آباد، پر
ڳالهه اهڙي هئي جو آءُ اصل صبح ساڻ نيرن کائي گرم
ڪوٽ ۽ سوئيٽر پائي سيءُ ۾ ڏند کڙڪائيندو، گلاب ۽
چنبيليءَ واري باغ ۾ اچي پهتس. ڪار بيهاري ٻاهر
نڪتس ته اصل ماشائي ڦري ويا. هڪ ته سخت سيءُ“ ٻيو
آسمان تي رءُ، وري باغ جو ٿڌو ٿڌو ڇٻراتو. اصل ڄمي
ويس. مٿان وري انتظار به ڪرڻو هو؛ هن يارهين بجي
اچڻ جو چيو هو ۽ اڃا نۡو مس ٿيا هئا.
آءُ باغ ۾ پوکيل گلاب جي مختلف گلن جا نالا پڙهي رهيو هوس، ته
منهنجي نظر ان تختيءَ تي وڃي کُتي، جنهن تي لکيل
هو ”گل ڇنڻ منع آهي.“ انهيءَ تختيءَ جي هيٺيان
ڪيترا ڪومايل گل ۽ پن پيا هئا، جيڪي پڪ هن واديءَ
جي سرڪش هوائن اڻڄاڻيءَ ۾ ٽوڙي ڦٽا ڪيا هئا. ۽ هاڻ
اهي هوا جي زور تي هيڏانهن کان هوڏانهن اڏامي هلڪي
کڙ کڙ جو آواز ڪري رهيا هئا. انهن گلن کي پيرن
هيٺيان چيڀاٽيندو. آءُ ڪيترو پنڌ ڪري اڳيان هليو
ويس ۽ وري ساڳئي رستي تي واپس اچي در جي ويجهو
بيٺس، ته من ڪو انساني مهانڊو نظر اچي؛ پر هُتي ته
اصل خاموشي لڳي پئي هئي. آءُ به هڪ هنڌ رومال
وڇائي ٿڌي ۽ آلي ڇٻر تي ويهي رهيس.
هن سان منهنجي انهيءَ ڏينهن صبح جو ٽيڪسلا جي عجائب گهر ۾
ملاقات ٿي هئي، جتي هوءَ ڪيترن طاقن ۾ رکيل گوتم
جي مختلف مورتين ۾ ڏاڍي غور سان ڏسي رهي هئي، ڄڻ
ته نرواڻ جي ڳولا هئس. هوءَ پنهنجي انهيءَ حال ۾
ايڏي ته مگن هئي، جو اها به خبر ڪانه پيس، ته آءُ
سندس پويان بيٺو آهيان، تنهنڪري جيئن ئي هڪ مورت
کي ڏسندي ٻيءَ مورت ڏانهن وڌي، ته مون سان ٽڪرائجي
پئي. هن جو مون سان ٽڪرجي، ”ساري“ چوڻ جو انداز
مون کي ڏاڍو وڻيو. ايترو ته وڻيو، جو آءُ ”اٽ از
آل رائيٽ“ به نه چئي سگهيس ۽ پوءِ سوچيم، ته مس مس
اهڙي ڪنهن جملي چوڻ جو موقعو مليو هو سو به وڃائي
ڇڏيم.
گوتم جي چهري تي ابدي سڪون جا واضع ۽ چٽا اهڃاڻ ڏسندي به، ميوزم
جو هال مون کي ڏاڍو سرد پئي لڳو. رت ڄڻ ته بدن ۾
ڄمي ويو رهيو هو. مون هٿ پئنٽ جي کيسي ۾ وجهي
ڇڏيا. هوڏانهن گائيڊ به منهنجو پيڇو ڇڏڻ وارو ڪونه
هو. هو مون کي اشوڪ اعظم جي زماني ڏانهن وٺي هلي
رهيو هو؛ پر آءُ ته هتي ڦاسي پيو هوس. |