وايون
جنهن کي سڪ سان سونهن سڏي
سو واڪي ڪيئن نه وري
وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
قرب منجهان ڏئي ڪوٺ ڪنواري،
مڌ سان نيڻ ڀري،
وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
لڇمي ديوي پينوءَ کي ڏي،
پئسو سڏ ڪري،
وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
ٺڪرائي ٺٺ ٺاٺ نماڻي،
نوري نياز ڪري،
وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
ڇوريون ڇال ڏين واهڻ ۾،
ڪنهن جي ڪيئن سري،
وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
ٻاٽ اوندهه ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ،
جيئن ڪنهن جو ٻول ٻري،
وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
منڙو ماڳ رسڻ چاهي ٿو،
ناهي پنڌ پري،
وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
دک کان دانهون ديس ڪري ميان،
سُڏڪا سنڌ ڪري،
وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري.
*
ڪڻڪ ڪَڻي جي ڪاڻ ڪُسي هي آدم جو اولاد،
اَلا هي آدم جو
اولاد.
ميڻ جياڻ هي ڪنئرو ڪنئرو، سخت جيئن فولاد،
ههڙو هيڻو هاءِ هلائي، عرش مٿي ارشاد،
ڀاءُ سڳي کي ڀاءُ ڪُهي پر، داد نه ڪو فرياد
ٺاهي ڊاهي، ڊاهي ٺاهي خالق پاڻ جلاد
جنگ جهيڙي ۾ اڳ کان اڳرو، امن سندو استاد
هي دنيا جو ويري هن جي دم سان جڳ آباد.
----
روشن منهنجي راهه، مون کي شهه ڪونه ڏئي اونداهه
روشن منهنجي
راهه.
سيني سيني منجهه سمايل، منهنجو پنهنجو ساهه،
اکيون اوجاڳي کان ڍرڪيل، اندر ۾ اُتساهه
دل ديواني من مستانو، چريو منهنجو چاهه.
آشائن جا بادل برسن، گس گس پسجن گاهه
هوشو، دودو، دريا خان سڀئي سندم همراهه
منهنجو جذبو امرت جهڙو، سنڌڙي مرڻي ناهه.
----
سونهن سهانو سپنو پنهنجو، پيار اڌورو بيت اَلا
ماڳ اسان جو موت کان اڳتي، راهون ڪوسي ريت اَلا
مان ڏيهين جي نظرن ۾ ائين، اک ۾ جيئن ڪا ڇيت اَلا
منهنجي سنڌڙي ائين لڳي ڄڻ، ماڪڙ کاڌل کيت اَلا
----
هاءِ حياتي ڪاڪ محل،
مومل منهنجو ماڳ ميان.
مون ۾ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪائي، آءٌ ته هڪڙو ٿانءٌ ڀڳل،
مومل منهنجو ماڳ
ميان.
اهو ڪڪر به ڀلارو، جنهن ۾، چوڏهينءَ وارو چنڊ
لِڪل،
مومل منهنجو ماڳ
ميان.
منهنجو سينو ڳاڙهو ڳاڙهو، منهنجا هٿ رت ساڻ رڱيل،
مومل منهنجو ماڳ
ميان.
کوٽيان ويٺو قبرون جن ۾، منهنجون خوشيون دفنايل،
مومل منهنجو ماڳ
ميان.
غزل
جنهن سان ويهي اوريم اورَ
تنهن کي ڀي هو ساڳيو غم.
جنهن ڀي مون کان مُرڪَ مڱي،
تنهن کان لُڙڪ کسي ورتم.
سُمهي ڪَنڊن جي سيج مٿان،
سهڻا سرها خواب ڏٺم.
رهبر هان نه مون کي رول،
مس مس ڳولي راهه لڌم.
ڏس ته حياتي تنهنجي لاءِ،
ڪيڏا ڪيڏا سورَ سٺم.
جنهن کان مٺڙو درد مليو،
تنهن کي گيڙو گيت ڏنم.
اوندهه ساڻ ڀريل جڳ کي،
جيءُ جلائي جوت ڏنم،
لکندم جيڪي چاهيندم،
منهنجي هٿ وس آهه قلم.
فاصلو
مون چيو:
”ربل جي پٽڙين وانگر
اسان همسفر آهيون
ساٿي آهيون
سدا گڏ هلون
پر
ڪڏهن نه ملون.“
تو چيو:
”ريل جي پٽڙين کي
سدائين ساڳي وٿيءَ تي هلڻ گهرجي
اهي
جيڪڏهن ملنديون
يا
فاصلا گهٽائينديون
يا
وڌائينديون
ته
وڏا حادثا ٿي پوندا.“
ٽيڙو
لنوي پيو ڪانءُ
ايندينءَ
ٻولي پيو هيانءُ.
مور اُڏامي ويو،
ويڳاڻو
منهنجو باغ ٿيو.
فون جي گهنٽي ٻُريم،
سُڃاتل آواز
ڪن ٺري پيم.
ڪوئل جو آواز
مُکڙيءَ جهڙو منهن
پوءِ ڀي ايڏو نياز.
نيڻ جهڙو نار
ڀري
نينهن وٽيون پيار.
پاڻيءَ جو وارو
پُٺا اُگهاڙا
پوي پيو پارو.
ٽئڪس ڪريو معاف
پوءِ
ڪيو هاف هاف
ڏينهن سارو ڏُک
رات روئي ٻارڙا
مارين پنهنجي بُک.
بٽئيءَ واري ڏينهن
وڏيرو
ڦوڪجي ٿيو شينهن.
سونا ڳهه پائي
ڇڏيهءِ
سندن سونهن وڌائي.
اوندهه جا سَوَ تهه
تروري هڪڙي اڳيان
کائي ويا شهه.
نيڻ نسوري جوت
هن اونداهي من ۾
ڪجهه ته ڪرڻا اوت.
طوفان
چنڊ جي اُڀرڻ کان اڳ،
هڪ ڪڪر اُڀ تي هيو،
جوت کي جنهن چنڊ جي،
چند گهڙين لئي ڍڪيو.
اوچتو طوفان اُٿيو،
جنهن سان گم ٿي ويو ڪڪر،
ڇانئجي وئي روشني،
جڳ ڪيو روشن قمر.
امن
لاءِ
مون تي تلوار اُڀي ڪرڻ کان اڳ سوچين ها!
مون کي ڀي جيئرو رهڻ جي آ تمنا تو جيئن،
منهنجي سيني ۾ به آ ساهه جيئن توکي آهه،
منهنجي رڳ رڳ ۾ به انسان جو رت آهه روان،
منهنجي هڏ هڏ تي به ماس آهه جيئن توکي آهه.
مون کي حق آهه ته مان جان بچايان پنهنجي،
جنگ جي مون کي به همت آ جيئن توکي آهه،
تون ته زور آهين مگر مان به ته هيڻو ناهيان،
منهنجي ٻانهن ۾ به طاقت آ جيئن توکي آهه.
ٻئي ڦٽباسين اگر هيئن مقابل ٿياسين،
ماس جي منهنجو ڪَٽبو، تو مان به ڪجهه رت وهندو،
منهنجي جي ٻانهن ڀڳي، تنهنجي ڪا آڱر ئي سهي،
چؤ وڙهڻ ۾ ڀلا ڇيهي کان بچي ڪو سگهبو؟
ڀاءُ! اچ صلح ڪريون، سُک سان رهون، اڳتي وڌون،
اها تلوار ڀڃي ڀوري ڪري ڇڏ پرزا،
نه ئي تون مون کي ستائج نه مون کان ڪؤ کائج،
نه مان ڀوڳيان نه ئي تون هيءَ حياتيءَ جي سزا.
مون تي تلوار اُڀي ڪرڻ کان اڳ سوچين ها!
لاٽونئڙو
(ٻاراڻو گيت)
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون،
ڀاءُ، گهڙي کن دل وندرايون.
منهنجو لاٽون سُهڻو سُهڻو، رنگا رنگي ۽ من مُهڻو،
ڪاريگر ڪيئن آهي ٺاهيو، واهه جو رنگ سان
رنگ ملايو!
آءُ ته هن سان روح ريجهايون،
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون.
آيس پَٽ جي ڏور وٽائي، ڳاڙها ڦُندڻ ان ۾ ملائي،
ويڙهي زور سان پٽ تي هڻندس، پوءِ گهڙي کن
ساهه به کڻندو،
ڪڍندو هٿ تي هو ڪتڪايون،
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون.
هٿ تي کڻندس هيٺ نه ڊهندو، ڦرندو ڦرندو ساندهه رهندو،
ٿڪجي پوندو گوهيون هڻندو، نوڙي جهٽ پٽ هٿ
تي کڻندس،
بيهڻ جون واريندو وايون،
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون.
تون به کڻي اچ لاٽون ڏور، پوءِ پُڄايون ڪنهن جو
زور،
لاٽون آهي سهڻو منهنجو، ناهي هن کان
بهتر تنهنجو!
ڇو نه ڀلا پوءِ شرط پُڄايون،
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون.
شاعري
(پياري الطاف جو مڙهه جڏهن مقام ڏانهن نيو پئي ويو ــــــ ۽
مڙهه تي جڏهن ساڻيهه جي سرُهي مِٽي پاتي پئي ويئي،
تڏهن تنوير لارون لارون لڙُڪ به لاڙي رهيو هو
ـــــ ۽ شاهه جا هي بيت به سُڏڪي رهيو هو:
مون اَڀي تَڙَ وَٽ، پِرِيَن پَڳَهَه ڇوڙئا،
ڪا مُنهِين ۾ گَهٽ، نات سَڄَڻَ سٻَاجها گهڻو.
مون اَڀي تَڙَ هيٺ، پِرِيَن پَڳَهَه ڇوڙئا،
ڪا مُنهِين ۾ ڏيٺ، ناتَ سَڄَڻڻَ سٻاجها گهڻو،
مون اَڀي تَڙَ جهَلَ، پِرِيَن پَڳَهَه ڇوڙئا،
ڪا مُنهِين ۾ اَلَ، ناتَ سَڄَڻڻَ سٻاجها گهڻو،
جندڙي کيل تماشو،
پاڻيءَ منجهه پتاشو!
ـــــــــ تهمينه مفتي
ڪال گڏيوسون ڪاپڙي...
اهو لازمي نه آهي ته هر فنڪار هڪ عظيم مفڪر به هجي ۽ معاشري جو
منطقي ۽ مثبت
(Positive)
تخيل به پيش ڪري سگهي؛ پر جيڪڏهن هو معاشري جي
منفي
(Negative)
پهلو جي عڪاسي ڪري سگهي ۽ پڙهندڙ ۾ ان جي هر بُرائيءَ لاءِ
نفرت پيدا ڪري سگهي، ته هن جو رول به گهٽ نه آهي ۽
هن جي فن کي به پاينده اهميت آهي. مغرب جي حقيقت
پسند مڪتبي
(Realist School of Litreture)
اهڙي حقيقت پسند فن جي تخليق ڪئي آهي. ان مڪتبي ۾
ڊڪنز
(Dickens)
ايملي زولا
(Emile Zola) وغيره اچي وڃن ٿا ۽ برصغير جي شاعريءَ ۾ ”نظير“ اڪبر
آباديءَ کي اهو فخر حاصل آهي. مان فخر سان چوان ٿو
ته اسان جي ”گدائيءَ“ ۾ معاشي حقيقت ايترو ته جرڪي
رهي آهي جو ڪنهن به جوهريءَ جي جهول کي مات ڏيئي
سگهي ٿي. ”گدائي“، ”بيوس“ جو همعصر آهي... ”گدائي“
جي شعور ۾ جو سماج جو آدرش آهي، اهو ”بيوس“ ۾ به
نه آهي. هن جو مجموعو هڪ جراح جي ميز آهي جنهن تي
ماحول جو ناسور زده عضوو عضوو پکڙيو پيو آهي. هن
جو ڪلام ڪاٿي وڏيرڪي رنگ ڍنگ، ڊيل، ڊول ۽ رعب تاب
جو ڪارٽون آهي ته ڪاٿي هن جي هر سٽ ٿري ناٽ ٿري جي
گولي آهي، جا هن دٻڙدونس ۽ ٻڪر ٻوساٽ واري ماحول
کي دون ۾ لڳي ٿي. ”گدائي“ جنهن دور جي پيدائش آهي
تنهن ۾ سياست جي اهميت جذباتي نعره زنيءَ کان
زياده نه هئي ۽ ان دور ۾ ايترو تاريخ ۽ سياست جو
شعور، جيترو ”گدائي“ ۾ ملي ٿو، وڏي غيمت آهي. شال
هن کي اڃا به عمر درازا ملي. هن کان پوءِ شاهه
ڀٽائي صاحب جي اها سٽ بي اختيار زبان تي اچي
ويندي.
ڪال گڏيوسون ڪاپڙي، بابو بان بري
جي اوهان به مون وانگر ڪنڪر هٽائي هيرا ڏسندءُ، ته اوهان کي
يقين ٿي ويندو ته ”گدائيءَ“ جو ڪلام اسان جي ادبي
ورثي ۾ هڪ املهه اضافو آهي.
شيخ اياز
(”ساڻيهه جا سُور“ جي پيش لفظ تان“)
شيخ اياز
جهُڙ ۾ جهيڻي باهڙي
(شيخ اياز جي اڻڇپيل مجموعي ”لٿو سج لڪن ۾“ مان ڪجهه وايون
”مهراڻ“ 1-2/1976 ۽ 1-2/1977ع ۾ ڇپجي چڪيون آهن.
هن پرچي ۾ پڙهندڙن آڏو ڪجهه وڌيڪ وايون پيش ڪري
رهيا آهيون.)
ووڙيندي مون واٽ،
لٿو سج لڪن ۾.
ڇپر منجهه ڇُپي ويا،
اوٺين اوچا ڳاٽ،
لٿو سج لڪن ۾.
ڪيڏو اُهکو پنڌ هو،
نه ڪا ڇانوَ نه ڇاٽ!
لٿو سج لڪن ۾.
اونداهي ۽ اوجهرو،
رهتوُ جيئڻ جاٽ،
لٿو سج لڪن ۾.
ڪامَ نه ڪرهي مار،
موتي منجهه مهارَ،
جنهن کي پنهونءَ پوئيا.
ڳولي ڀنءِ ڀنڀور جي،
جنهن جي نيڻ نهار،
ڪام نه ڪرهي مار.
ٽليون ٽؤنرن سان ميان،
جن ۾ پنڌِ پڪار،
ڪام نه ڪرهي مار.
گونجَ ٻڌين ٿو گيت جي،
جئن ڪا ڪونجِ اُڏار!
ڪام نه ڪرهي مار.
جهيڻي آڱارين،
ڪيسين سيڪيان هٿڙا.
ڇو هئن پياليءَ پئٽ جا،
ڏيئا ٿو ٻارين.
منهنجيءَ اُڃ اُساٽ کي،
جَرڪِي جيئارين.
واري جيئڻ جا جهلا،
مون کي ٿو مارين.
او شل سرچي سِڪ سان،
پرچِي پيئارين!
۽ پو اوتَ اُلاوَ جي،
مٽيءَ تي هاريَن؟
سانجهيءَ سِجّ ٻُڏو،
رِڻ ۾ پئي راتڙي.
ڪُڻڪي اڄ نه ڪونجڙين،
هَنيو روههَ ٿُڏو!
رِڻ ۾ پئي راتڙي.
تاري ٽِمڪو ناهه ڪو،
سارو اُڀ ڀُڏو،
رِڻ ۾ پئي راتڙي.
ها پر مون ساٿارو،
متان لَڪ لڏو،
رِڻ ۾ پئي راتڙي.
تن، کي چئو ايترو،
”ڪرها! گهٽ ڪُڏو!“
رِڻ ۾ پئي راتڙي.
ڪٿي رات پئي،
رُڳو روههَ رَئِي،
نه ڪو پڳُ نه پهيئڙو!
کِنوڻ کجي اُڀ ۾،
ڪاريءَ کِپ وئي،
نه ڪو پڳُ نه پهيئڙو!
جهُڙ ۾ جهيڻيءَ باهه جئن،
ڪُوڪَر ڪونج ڪئي،
نه ڪو پڳُ نه پهيئڙو!
چَپ سِلايَئه اوچتو،
مون کي چنگ ڏئي،
نه ڪو پڳُ نه پهيئڙو!
واڪا ڪري واءُ،
ڪيڏو تتيءَ تاءُ،
ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا.
اهڙي سُڃ اپار ۾،
ڪهڙو ساٿَ سماءُ،
ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا.
پنهنجن پيرن جو پيو،
ڇرڪائي پڙلاءُ،
ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا.
ماڳَ نه ڀيڙو ڀاڳ کي،
لنءَ لنءَ پو به لڳاءُ،
ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا.
آءٌ اَساهو، ڌِير ڏي،
مون کي ڌرتي ماءُ،
ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا.
ڪَڪَر، جهُڙ ڪارو،
ليڙا ماندا لَڪّ م.
اکين کان اوجهل ٿيو،
پُنهونءَ پنارو،
ليڙا ماندا لَڪّ م.
ڪَهندي اڄ مون سوچيو،
ڪهڙو ڪوهيارو!
ڇ
ليڙا ماندا لَڪّ م.
ڇ
لَڪن لڙڪان ڪيترو،
اوڙهي انڌارو،
ڇ
ليڙا ماندا لَڪّ م.
نه مون لاٽ لِلاٽ ۾،
نه تون ڪو تارو،
ليڙا ماندا لَڪّ م.
ڀُنءِ ڀاري، گهرُ ڏور،
ڪَرها آرها پنڌ ۾.
مون کي منهنجي جيئري،
ملڻو ناهين مُورِ،
ڇڇ
ڪَرها آرها پنڌ ۾.
ڇڇڇ
پوءِ به ڦُلن ڇانوَ آ،
پرين تنهنجو پُورِ،
ڇڇڇ
ڪَرها آرها پنڌ ۾.
لَنءَ ۾ مون نه لکائيو،
تتيءَ ڏينهن تنورِ،
ڪَرها آرها پنڌ ۾.
شال نه لڱِي لنوَ ٿئي،
لِڱ ته ٿيا چُور،
ڪَرها آرها پنڌ ۾.
اُڏِرُ، اڙي او ڪانگ،
نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين.
تون ڇا ڄاڻي بانورا،
اڄ ڪلهه سڄڻ سانگ،
نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين.
سُرمو سُڪو اکڙئين،
مُگرا سُڪا مانگ،
نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين.
رڻَ ۾ روجههَ ڇُپي ويا،
ڏئي ڇوههَ ڇلانگ،
نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين.
آءٌ به پوان آهلي،
سُڻي سانجهيءَ بانگ،
ڇڇ
نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين.
بُٺِي مون نه سُهاءِ،
مون پڄاڻان سپرين.
جي چاهين، مون جيئري،
آءُ اچي ڳر لاءِ،
مون پڄاڻان سپرين.
مون کان پوءِ آئين ته ڇا،
بيوس نه بهلاءِ،
مون پڄاڻان سپرين.
ڌَرتيءَ مَٿّ ڌُتارَ ٿِي،
هَٿين هيٺ سماءِ،
مون پڄاڻان سپرين.
مون جي گَجرا پوئيا،
مُنهنجي هٿان پاءِ،
مون پڄاڻان سپرين.
او شل هوت اچن،
اکيون جن جي آسري.
هُو جي ڳاڙهيون لُونگيون،
ڪُلهن مٿي ڪن،
اکيون جن جي آسري.
جن لئه مُنهنجا ٻول جئن،
گربيون ساڻ گُلن،
اکيون جن جي آسري.
جن وٽ منهنجون ڳالهڙيون،
جئن ڦُل ڦاڳ ڦُلن،
اکيون جن جي آسري.
جن سان منهنجو نينهن جئن،
سانوڻ مينهن وسن،
اکيون جن جي آسري.
تُنهنجي تاتِ تڳاءُ،
تنهنجي توههَ جيئان پيو.
مون کان پو منهنجا پرين،
سَڏّ نه هوندو ساءُ،
تنهنجي توههَ جيئان پيو.
پنڌُ تڪيندو پيرڙا،
واڪا ڪندو واءُ،
تنهنجي توههَ جيئان پيو.
لَڪن ۾ پيو لڙڪندو،
مُنهنجو لونءَ لڳاءُ،
تنهنجي توههَ جيئان پيو.
ڪهڙيءَ پَر ايندين پرين،
ڪنهن کي سُڌِ سَماءُ؟
تنهنجي توههَ جيئان پيو.
تُنهنجيءَ جوڙَ جهلڪ
موهَن، مون مَن موهيو.
مون ۾ ور وَر وسوسا،
پيارَ نه ڪائي پَڪّ.
مون من ڪامَهه ويڙهيو،
ٻاهَر جهولا جهَڪّ.
پَٽ پَٽيهر ٿي ويا،
مون لئه تِرڇا لَڪّ.
کوڙَ کٿُوريءَ تون ميان،
وِرچي ناسَ نه نڪّ.
ڏُکّ به ڏاڙهونءَ گُلڙا،
ڌَڪّ به ڪهڙا ڌڪّ!
مون ۾ سَڀّ کان اڳُ ۾،
تُنهنجي مينهَن مَهڪّ.
او شل اچين اوچتو،
واريءَ ڦُلن اَڪّ!
صدين کان سرچي وڃي،
منهنجو پَلُ پَلڪُ.
سروپچندر شاد
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو
ڪنهن جو وهيو آ رت، الاڙي،
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو!
ڪنهن جو روز آتو مڌ ماتو سج ڪري سواگت، الاڙي،
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو.
ڪنهن جا ڳيت ڳائي وڻ وڻ ٿو، پريت ڳائي پريت، الاڙي،
ڇ
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو.
واٽ واٽ تي واس گلن جو، وک وک تي امرت، الاڙي،
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو.
سرويچن جا سر هٿن ۾، اَڏيءَ سان اُلفت، الاڙي،
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو.
ڳڀرو گهاءُ گلابي چاهن، مورک چاهن مت،
الاڙي،
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو.
|