سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978

مضمون

صفحو :16

]  ڏيک _6[

]  اِن ڊور [

] رات ويلا [

] ڪيمرا راڻي جي اوطاق تي وڏي محفل متل ڏيکاري ٿي. چلم جو نڙ چئني پاسي پيو ڦري. هندو-مسلم ذات وڏيرو راڻي جي ڪچهريءَ ۾ ڪانڀ ٻڌيو ويٺل نظر اچي ٿو. آفيم، سوپارين ۽ ڦوٽن ۽ مصريءَ جي ڪُپي چوڌاري ڦرندي ٿي نظر اچي – سڄي ڪمري ۾ ميڻ بتين جون روشنيون، اگر ۽ لوبان جو دونهون اُڏامندو ٿو نظر اچي. ٻاهر جيپ بيهڻ جو آواز اچي ٿو.[

ڪچهري ۾ رئيس ڌڱاڻو خان اچي ٿو.

راڻو: رئيس ڌڱاڻي خان جو خير، ڀلي ڀلي ڪري آئين، اڄ ته اوير ڪري ڇڏيئه.

رئيس: راڻا، پاڻ وارا وکِت ٿي ويا پورا، هاڻي مڙي ٿيا ڏيهه پورا ڪرڻا.

راڻو: رئيس، ٻيلي، هيڻي مَ ٻول، اڃا ته راڄاڻ لڳا پيا هون.

(چوٽ ڪندي )

رئيس: ڀلو راڄاڻ ... راڻا، زمانو الائي ڪٿ پيو ڳالهائي _ هاڻ ته رٻارين جو وات ڳاڙهو ڇورو به آفيسري ڪندو.

(آفيم جي ٻوڏڙن ۾ )

هڪ ماڻهو: ها سائين، کُدا پاڪ جي جوڙ، ماءُ مُوري ته پٽ وري پتائي گجر ...

(ڳالهه کي محسوس ڪندي )

راڻو: بس بس رئيس، تو واري ڳجهارت وئي _ پر رٻاري به ته اسان مان ٿيا. مان ته پاڻ سندس سفارش لاءِ پئي سوچيو، اُڙئي ٿُڙئي ڪم اچي ويندو.

(خارن مان )

رئيس: ها، ڇو نه، سڀاڻ ان ٽڪي جي ڇوري ڏانهن مهنديءَ رتيون ڏاڙهيون ٺنگرائي پهرين اپيلون کڻي هلنداسين، پوءِ ٽپيلون، ته سائين وڏا، تپيدار کي چئي زمين سروي ڪرائي ڏي. پوءِ صاب چوندو سڀاڻ اچو، پوءِ سڀاڻ مهينن تي هلي ويندي، پوءِ اوچتو خبر پوندي ته وڏو صاب دوري تي ويو هليو.

هڪ ماڻهو: بابا رئيس سچو، پر راڻا، توک سُپارش جو لاچار ڪيهو پيو؟

(ڪجهه ڪيٻائيندي )

راڻو: يار ... هوءَ ماسترياڻي منهنجا ٻارڙا ٿي پڙهائي ... ان کي ته عزت ڏيڻي ٿي.

ٻيو: ابور ... ابا راڻي تي وڏو لوڊ پيو آ.

ٽيون: اي سوڍا، هاڻ ڪڇين ڪونه ٿو؟

سوڍو: ڇڏ يار، ڪنهن جي ڍڪي ڀلي آ.

ٽيون: ڀلو ڍڪي ڀلي آ_ کڻي چئه ته ڇوري سان ڦٽل آ ٻيو.

راڻو: ڇا؟...

رئيس: ڇا وري ڇا، سومار سچو آ ٻيو.

راڻو: ڇورو اهڙو ڪو افلاطون آ ڇا؟

رئيس: يي ڇوري تي چڙهيا پيا هِن پَٿر پيو _ هلي ٿو  ته ڄڻ ڪاڪ ڌڻي آ.

سوڍو: ڏسجو، ڇورو جنهن ڏينهن آڦيسر ٿيو، ان ڏينهن ماسترياڻيءَ سان زوري لائون لهندو. (کُنڊ وجهي راڻي ڏانهن نهاري ) راڻا، ڪڍ ڪني مڇي گهر مان.

هڪ ساٿاري: ڀلو، نڪاح وجهندو جو راڻي جا دڦتر کڻي ويا هِن ڪتا.

ٻيو:  هئو ٻيلي، پروڙيوسين. اسين به چئون ته ڳال ڇاهي. او اِتي.

(ڪُنڊ مان ٻوڏڙن سان اُٿندي )

هڪ موالي: يي ڳال اڇان ڳاڇا پڌر پٽ پئي آ ٻيو _ رجپوت راڻن هوندي ٿي انهيءَ رٻاريءَ جي دال ڳري، يي لانو لهي نه ته پگهار ٻڌي هاڻ ٻڌايو، آڦيم جي ٻوڏڙن ۾ اوان ڪي مان؟

ٻڌايو ...؟

(ڪچهريءَ ۾ چوڏس ٽهڪڙو مچي ٿو وڃي )

هڪ ڄڻو: واهه ڙي سوڍا واهه ... ڀڃي ڇڏيئيس. واهه ڙي واهه...

(راڻو ڪچهريءَ ۾ آڦيم جي نشي ۾ ڪيٻائيندو، مڇ مروٽيندو، الائي ڇا سوچندو ٿو رهي.

سڀ ٽهڪڙن ۾ الوٽ آهن.)

] ڏيک_ 7 [

] آوٽ ڊور [

]ڏينهن ويلا [

                   (گهڻي وقت گذرڻ جو تاثر )

] ڪيمرا ڪارونجهر  جي چوٽين مٿان سج کي تجلا ڏيندو اڀرندو ڏيکاري ٿي.

ڪيمرا پين ڪندي Long shot ۾ ننگرپارڪر شهر جو منظر ڏيکاري ٿي ۽ Zoom in  ڪري ننگرپارڪر جي هڪ خوبصورت ڳليءَ جو منظر پيش ڪري ٿي. هڪ ننڍڙي هوٽل آڏو، ڪتابن ۽ رسالن ۽ اخبارن جو ڇاپرو آهي _ جسوڌن ڳليءَ مان هلندو، اخبار واري کان انگريزي اخبار وٺي ٿو ۽ تڙ تڪڙ مان کولي پڙهڻ لڳي ٿو _ هو پنا اُٿلائي، هڪ ڪالم ڳولي پڙهڻ لڳي ٿو.

(Close up )

ڪالم پڙهندي (پنهنجو نالو اخبار ۾ نه ڏسندي ) جسوڌن کي ڏاڍي حيرت ۽ مايوسي ويڙهيندي ٿي وڃي. هو وري ٻيهر ڪالم پڙهي ٿو، سندي چهري تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا تهه چڙهندا ٿا وڃن. هوسٽ سان اخبار ويڙهي مروڙي، بي دليءَ سان ڪنهن پاسي وڃڻ لڳي ٿو _

Cut

جسوڌن ننگرپارڪر جي شهر کان ٻاهر، ڪارونجهر آڏو ڳاڙهي ٽامي جيان ٻهڪندڙ ٽڪريءَ ڏانهن هلندو ٿو وڃي _ ايڪڙ ٻيڪڙ ايندڙ ويندڙ ماڻهو کيس ڏسيو، پري کان خوشيءَ مان هٿ لهرائيندا ٿا وڃن.

جسوڌن منجهاڻو هلندو ٿو وڃي، اوچتو ٻه همراهه سامهون کان اچي ٿا وڃينس.[

هڪ: يي جسو کوش.

جسوڌن: ها ... ها ...خوش آهيان ... ڏاڍو خوش آهيان.

ٻيو: اکبار ٻکبار جي ڪا خبر. ملڪ جا ڪٿي حال ايوال.

جسو: هون ... ڪا خبر ڪانهين ... الائي ڇا آهي ... الائي ...

جسوڌن منجهاڻو، واساما کائيندو اڳتي وڌي ٿو وڃي. ڪولهي حيرت مان ڏانهس نهاريندا رهجي ٿا وڃن.

هڪ: ٻيلي کير ته آ_ جسوءَ جي ته ٻولتي بند آ؟

ٻيو: بابا عشق چڱن کي چريو ڪريو وجهي _

(ٿڌو ساهه ڀري )

هڪ: هئو، جواڻي ديواڻي آ ...

Cut

جسوڌن واساما کائيندو گوڙڌرو واري ڦاڙ ڏانهن وڌي ٿو _ اوڇتو ڌوٻين کي ڪپڙا سٽيندو ڏسي، کيس ڄڻ ڳنڍڙيون وٺيو وڃن _ هو منجهي، رستو بدلائي، ڪارونجهر جو ٻاهريون گس ڏئي هلڻ ٿو لڳي _

ڪارونجهر کيس تپندڙ، اُلا ڇڏيندڙ ٿو نظر اچي.

] اُداس سنگيت جو تاثر [

] مورن جا اُداس راڙا [

] ڪيمرا پهاڙ جي اوڍر ۾ ٻن ٽن ڪولهياڻين کي ڪاٺين جون ڀريون رکيو، ساهي پٽيندو ڏيکاري ٿي. جسوڌن سامهون کان ايندو ٿو نظر اچي.

(هڪ ڪولهڻ ٻين کي اک ڀڃي )

هڪ ڪولهڻ: جسو کُدا سَتان پُٽان جو پي ڪينئي، ڀريون کڻاءِ.

] جسوڌن ٽنهين کي ڀريون کڻائي ٿو [

(ڏاڍي موهه مان)

هڪ ڪولهڻ: جسو، الا ڪيندو، ماسٽراڻي پرڻيندو.

] ڪولهياڻيون مرڪون ڦهلائينديون، ڀريون کنيو هلڻ لڳن ٿيون. پري ننگرپايڪر جي شهر مان اسڪول جي گهنٽيءَ جا آواز ٽن ٽن ڪندا وڄندا ٿا رهن[

(Close up)

(جسوڌن گهري اونهين اُداس ساهه سان پهرين ڪولهياڻين، پوءِ اسڪول جي گهنٽيءَ ڏانهن ڪَنائي ٿو _ هو خارن مان اخبار کي مروٽيندو، ٽڪرا ٽڪرا ڪندو ٿو وڃي [

(Cut)

        ] آئوٽ ڊور، ڏينهن ويلا [

] ڪيمرا جسوڌن کي گهر آڏو ڪاٺيون ڦوڙيندو ڏيکاري ٿي _ هو وزني ڪهاڙيءَ جي ڌڪ سان ٿلهيون ٿلهيون بنڊيون ڦوڙيندو ٿو رهي _ ڪيمرا ملوڪان ۽ هڪ-ٻن ٻين نينگرين کي ٿوروئي پرتي کان پاڻيءَ جا دلا کنيو ايندي ڏيکاري ٿي [

                (چيڙائيندي )

ملوڪان: ڇو جسو، اڄ ڪاٺين ۾ ٽاڪوڙا وجهي ڇڏيا ٿئي. سڄي جَماني جون ڪسرون ڪاٺين مان ٿو ڪڍين ڇا؟...

جسوڌن: توهجو ڇا_ ماٺڙي ڪري پانجو ڪم ڪر.

ملوڪان: ها، مهجو ڇا! بانڪي تو واري ماسٽراڻي هئي واهه جي. مرين ڇو ٿو؟ ٻٽاڪون ته ڏاڍيون هڻندو آهين، ماسٽرياڻي نه ته انگريچاڻي سهي.

(جسوڌن جو ڪهاڙو رڪجي ٿو وڃي )

[Big close up of jassodhan ] (Bang)

(جسوڌن جو ڪهاڙو اُڀو هٿن ۾ رڪجي ٿو وڃي. هو توائي ٿي ملوڪان ڏانهن نهاريندو ٿو رهي. ڪهاڙو ڇڏي، وڄ جي تيزيءَ سان ملوڪان جي ڳچيءَ مان جهليندي )

جسوڌن: بڪين ڇا ٿي ... ڇو ... هي ڪيڙي ڳال ڪي اٿئي؟...

ملوڪان: اڙي ڙي ... اڙي ڙي ڙي ڙي ... ماشٽراڻيءَ جو سڱ راڻي ڏنو ڪي مون _ مون گريبڙيءَ جو ڪو ڏوهه ڪو سباب!

                                (close up )

]جسوڌن جي سڄي جسم مان ست نڪري ٿو وڃي[

(گهٽيل، وشواس نه ايندڙ آواز سان)

جسو: ڇا؟...

]جسوڌن جا هٿ ملوڪان جي نڙيءَ مان ڍرا ٿي وڃن ٿا. سندس ذهن ڄڻ گهوماٽي کائي ٿو وڃي.

جسوڌن درد جي پيڙا کي اندر ۾ گهٽيندو، باڪسرن جيان، پنهنجي هٿ جي تريءَ ۾ ٻئي هٿ سان ٺونشا هڻندو، توائي ٿيو هلندو ٿو وڃي، سندس مهاڙ ڪارونجهر چوٽين ڏانهن آهي. سندس قدم ڄڻ ڌرتيءَ ۾ ڌٻندا وڃن[

(ملوڪان جي منهن تي ڀونڊو ڏيندي)

آسودي: هي ته وٺ، ايءُ به رونشو ٿيو، مرن موت ملوڪان شڪار! ايڙي ڳالهه ڪرڻ جو جرور ڪيڙو هو؟ ...

(ڏک مان)

ملوڪان: مونک ڪيڙي کبر، جسوءَ کي ڏک ٿيندو.

آسودي: ٻوٿ، ايئن ڇو نه ٿي چئين ته پيٽ ۾ پانجو ڪو ويلو ٿئي.

(ملوڪان هيڊ ٿي وڃي ٿي، هوءَ ڳوڙهن ڀريل اکين سان، سٽ ڏئي آسودي ۾ نهاري ٿي.)

ملوڪان: ها آهي،ناهين ڇا.

(ملوڪان هڪدم ڊوڙندي گهر هلي ٿي وڃي آسودي حيران پريشان پهرين ملوڪان ۽ پوءِ جسوڌن ۾ نهاريندي ٿي رهي.)

]ڪيمرا فاسٽ بُلر سان Zoom in ڪري جسوڌن کي ڏيکاري ٿي. هن کي ڄڻ چرين جيان جک ايندا ٿا رهن. هو چوڏس پهاڙ ۾ وياڪل، ڪروڌ ڀريل نيڻن ۽ ڀڪوڙيل چپن سان نهاريندو، واساما کائيندو، الائي ڇا سوچيندو، اوچتو ٽرن ڪري وڄ جي تيزيءَ سان، ڪارونجهر جي چوٽين ڏانهن ڊوڙي ٿو.

ڪارونجهر ۾ جسوڌن جي ڊوڙ_ هو ٽرن ڪري گوڙ ڌوڙ جي ڦاڙ مان هڪ ساهيءَ ڊوڙندو وڃي ٿو ۽ رستو ڪاٽي، ڪارونجهر جي اونهن، سرنگهن نما پورن مان گهُتيون هڻندو، سهڪندو، هڪ ساهي ڊوڙندو ٿو وڃي.[

                                (Cut)

(ڪيميرا جسوڌن کي ريسٽ هائوس واري ڳاڙهي ٽڪريءَ ڏانهن پوريءَ سگهه سان وڌندو ٿي ڏيکاري)

                                (Cut)

(جسوڌن سهڪندي، پگهر مان شم ريسٽ هائوس واري تڪريءَ وٽان هڪ مٿاهينءَ تان بيهجي، ننگر پارڪر جي شهر ڏانهن نهاريندو ٿو رهي__ ڪيمرا جسوڌن جي سائڊ کان ننگر پارڪر شهر جو Long shot ۾ سهڻو چهچٽو پيش ڪري ٿي).

(Sound effects)

( جسوڌن سهڪندو، عجيب درد ڀريل اُٻاڻڪائي ۽ وياڪلتا سان شهر جي جاين ڏانهن واجهائيندو ٿو رهي). ]سهڪو[

سندس سڄو بت جهُلندو ٿو رهي.

]مورن جي آوازن سان گڏ، پري اسڪول جي گهنٽيءَ جا آواز ٻُرندا ٿا رهن[.

(جسوڌن هلندو، ڏک ۽ پيڙا مان، گونڌل جي واٽ ۾ ڳاڙهن وڏن گول پهڻن مٿان ويهجي ٿو وڃي ۽ ڏاڍي پيڙا مان هٿ مهٽيندو، گونڌل جي واٽ واجهائيندو ٿو رهي__)

]کن پل کان پوءِ[

(ڪيميرا Long shot ۾، جسوڌن جي بيڪ سائيڊ کان، گونڌل کي ٻن ٻارڙن سان پري، شهر کان ايندڙ ڏيکاري ٿي. گونڌل ٻنهي ٻارڙن سان گڏ هلندي ٿي اچي........ هلندي ٿي اچي. ڪيميرا گونڌل تي اچي ٿي ۽ گونڌل پَڙو لمڪائيندي، بيخبر، پنڌ لتاريندي ٿي اچي.)

                        Close up

(جسوڌن عجيب موهه، ڏک ۽ پيڙا مان گونڌل ۾ نهاريندو ٿو رهي.)

(ڪيمرا Zoom in ڪري گونڌل کي ويجهي کان ڏيکاري ٿي. گونڌل جو منهن سنهڙي اَکيي سان ڍڪيل آهي. سندس مٿي تي مور چٽ گندي ۽ مٿان اجرڪ آهي، جيڪا سندس سڄي جسم جا گهڙاوَ ۽ اُڀار ڍڪيندي، پڙي سان گڏ هيٺ تائين جهُليل آهن).

(اوچتو جسوڌن کي ڏسي، گونڌل جو ڄڻ روح ڪنبي ٿو وڃي. سندس اکين ۾ آيل اُداسي سنهڙي اَکيي مان نروار ٿيو اچي. هوءَ اندر جو سموري ڏک ۽ پيڙا پِي، جسوڌن جي سامهون ٿيڻ کان لنوائيندي، پنهنجو منهن ڪري هڄندي، پاسو ڪري لنگهي ٿي.)

(سڀ ڪجهه محسوس ڪندي، گهٽيل آواز سان سڏيندي).

جسوڌن: گونڌلي....

(گونڌل هلندي هلندي، پٺڀري بيهجي ٿي وڃي).

(هڄندي، گهٽيل آواز سان پٺيان ايندي).

جسوڌن: تو جو وهانءُ آ گونڌلي؟....

(گونڌل جو Face close)

(ڪيميرا گونڌل پٺيان بيٺل جسوڌن کي ڏيکاري ٿي. گونڌل جي اکين مان ڳوڙها وهڻ ڪري، سندس پٽ جو اَکيو سندس ڳلن سان چنبڙي ٿو وڃي. روئڻ دٻائيندي، پاڻ سنڀاليندي.)

گونڌل: ها__ وهانءُ آ...

جسوڌن: نه، اهو ڊوهه آهي__ ويساهه گهاتي آهي. تو... تو مون کي اڳواٽ ٻڌايو ڇو نه...

گونڌل: موجي ٻڌائڻ سان ڇا ٿئي ها__ اهو ته سڀڪجهه اسان کي پهريان محسوس ڪرڻ کپي ها. جسو آءُ ڪولهڻ آهيان ۽ تون رٻاري__ ڪيڏو فرق آ........! ذات ذپات جي اها ڀت نه توکان ڊهڻي هئي نه مونکان...

(گونڌل جي پٺيان کان جسوڌن درد جو بت بڻيو، ڏانهن واچيندو ٿو رهي،)

(گونڌل جي مک وارو آکيو پِڄندو ٿو وڃي، ڀڄندو سندس ڳلن سان چنبڙندو ــــ ٻنهي جي وائي کن لاءِ ڄڻ بند ٿي وڃي ٿي).

(رگهيل گهٽيل آواز سان).

گونڌل: جسو، پراين لڄن جا اڳ ۽ دڳ جهلڻ ڍَٽ جو وڙئي ڪينهين. وري ڪڏهن موجي واٽ ۾ ائين اڀو نه بيهجان. سدا لاءِ موڪلاڻي، جسو... سدا لاءِ...

(گونڌل رُئندي، گهٽڪندي، پٺيان بيٺل جسوءَ آڏو تيزيءَ سان اڳتي وڌي ٿي.

(جسوءَ جو Close up جسوڌن پگهر مان شم، بيڪل بُت بڻيو، ڏاڍي حسرت ۽ پيڙا مان گونڌل ڏانهن نهاريندو ٿو رهي. هڄندو ٿو رهي. هو ڄڻ رانڀاٽ ڪري گونڌل سان ڳالهائڻ ٿو چاهي، پر هر واري سندس نڙي ڄڻ گهٽجي ٿي وڃي__ تيز هوا جا جهوٽا سندس وارن مٿان لنگهندا، سندس وارن کي ڇروڇڙ ڪندا ٿا وڃن. جسوڌن ٽرن ڪري هلڻ لڳي ٿو. ٻئي هڪٻئي کان پري ٿيندا ٿا وڃن.

(مورن جا ٽهوڪا، ڏکارو سنگيت)

Desolve

ڏيک _9

]ان ڊور، رات ويلا[

(ڳچ وقت لنگهڻ جو تاثر)

ڪيميرا رات جي وقت، شهنائين ۽ دهلن جي آوازن سان گڏ، فل اسڪرين تي ڏياريءَ جي ڏيک سان، ڦٽاڪن ۽ شوشرن کي ٺڪاون ۽ زوزاٽن سان چڻنگون ڇڏيندي فضائن ۾ اُڏندي ڏيکاري ٿي. نُڀ ۾ ڏياٽيون روشنيون ڇڏينديون، فضائن ۾ پکڙنديون ٿيون رهن__

ڪيميرا روشنين مٿان، ڪنوار (گونڌل) جي سيج جو منظر پيش ڪري ٿي__ گونڌل جو اکيو، اکين وٽان، لڙڪن سان پُسي، ڳلن سان چنبڙي ويو آهي. گونڌل ڦٽاڪن ۽ شوشرن ۾ ڄڻ کامندي، پڄرندي، سڙندي ڳرندي ٿي وڃي__ هر طرف کان ٻرندڙ لوبان جو دونهون ڄڻ دوزخ جو دونهون بڻجي، کيس گهٽيندو، منجهائيندو، اساهه بڻائيندو ٿو وڃي.

Desolve

ڏيک _10

]آئوٽ ڊور، صبح سوير[

ڪيمرا ڪارونجهر جي ساڙڌرو واري اتانگهه چوٽيءَ تي جسوڌن کي پنڊپهڻ جيان بيٺل ڏيکاري ٿي. ڪيمرا جسوڌن جي نيڻ نهار جي اينگل کان ڪارونجهر جي گمڀير، اُتانگهه چوٽين تان پين ڪندي ٿي وڃي. پهاڙ ۾ پري ڪٿان ڪنهن ڍاٽيءَ جي صدا جو آواز پهاڙ ۾ گونجندو ٿو وڃي.

صدا: ڪارونجهر ني ڪور،

مرئين ميلئين ناهين.

(اُداس مورن جي راڙن جا پڙاڏا جسوڌن جي روح جيان ڄڻ ڪارونجهر جي چوٽيءَ سان ٽڪرائيندا ٿا وڃن. جسوڏن ٻارڙن جيان رُئندو رڙندو ڪارونجهر ۾ نهاريندو  ٿو رهي. سندس هٿ ۾ ڊگريءَ جا ڪاغذ چيڀاٽجندا ٿا وڃن. هو رُئڻ کي روڪيندو ڍڪر کائيندو، ساڙڌرو جي جهرڻي ڏانهن وڏي ٿو. ۽ جهرڻي جي مٿاهين ڀڪ مٿان بيٺو جهرڻي ۾ الائي ڇا نهاريندو ٿو رهي. گهٽيل آواز سان، ڊگريءَ جي ڪاغذن کي ٻنهين هٿن سان ڦاڙيندي)

جسوڌن: او ساڙڌرو جا جهرڻا، گونڌلي پرڻي ڳيئي...پرائي ٿي ويئي__ او جهرڻا گونڌلي پرڻي ڳيئي....

(جسوڏن ڏک کان هڄندو، ڊگريءَ کي ٽڪرا ڪندو، جهرڻي جي پاڻيءَ ۾ اڇلائيندو ٿو وڃي).

(پاڻيءَ ڪاڳر جون ٽڪريون پکڙنديون، لهرن مٿان ترنديون ٿيون وڃن_ جسوڌن ٽٽل من سان ڊگريءَ جي ٽڪرين ۾ نهاريندو، هيٺ
 لهڻ ٿو لڳي)

                                (Cut)

ڏيک _11

]آئوٽ ڊور، ڏينهن ويلا[

]ڪيمرا ڪٽ ڪري، ٽڪاڻي واري ساميءَ جي سائيڊ کان، جسوءَ کي اٻاڻڪو، ڀٽ ۾ پير ڌُٻائيندو، هيٺ لهندو ڏيکاري ٿي[

(سامي ٽڪ ٻڌيو، ڏانهس نهاريندو ٿو رهي)

(Reaction)

(جسوڌن واريءَ ۾ ڌُٻندو، ساميءَ ڏانهن نهارڻ کا سواءِ لنگهي ٿو_ سامي ڏاڍي تپرس سان ڏانهس نهاري ٿو ۽ ڪجهه رکائيءَ مان سڏيس ٿو)

سامي: جسو!

(جسوڌن هلندي هلندي بيهي وڃي ٿو ۽ واسامن مان منهن کڻي ساميءَ ڏانهن نهاري ٿو)

سامي: هيڏي اچ جسو!

(پنڊ پهڻ جيان بيهجي ويل. جسوڌن ڄڻ وگهرڻ لڳي ٿو. هو چپ چپات سامي آڏو اچي اَواڪ بيهجي وڃي ٿو)

سامي: جسو، الله ٿو ڄاڻي، مون پانجي وسئون گهٽايو ڪين. ڀلا هن ڪوڙهئي سماج ۾ ماڙو ڇا ٿو ڪري سگهي، ڪير ٿو ڪنهن جي اُڏامن کي سمجهي؟ جسو، توکي ته ان ڳال لاءِ اڳواٽ پاڻ کي پچائي وٺڻو هو.

(کن لاءِ ٻئي گهٽيل انداز سان هڪٻئي ڏانهن نهاريندا رهن ٿا. جسوڌن ڪنڌ موڙي اڳتي هلڻ لاءِ اڃا مڙي مس ٿو ته سامي کيس سڏي ٿو)

سامي: جسو... ترس... مونک توسان ڪين ڳالهائڻو آهي.

(جسوڌن مڙي ساميءَ ڏانهن نهاري ٿو_ سامي پنهنجي جڳهه تان اُٿي ٻه قدم اڳتي اچي ٿو_ سندس چهري تي ڳنڀير سختي آهي)

سامي: جسو، مون ته توک ايڏو هيڻو ڪڏهن ڪين سمجهيو هو! ڪڏهن ڪين!!...

(وٿي ڏيندي، سوچيندي)

سامي: ڇا، ننڍڙيون ننڍريون تمنائون ۽ خاهشون پوريون نه ٿيڻ تي ماڙهو ايئن پساهه ڇڏي ڏيندو آهي!

(ڏک مان ڪنڌ ناڪار ۾ ڌوڻيندي، جسوڌن ۾ غور سان نهاريندي)

سامي: جسو، تو ته تاريخ پڙهي آهي. ڊگرين ۽ احتيارين کي ڪائي اهميت ڪينهين، ڪائي ڪانه... ٻڌاءِ مهاتما ٻڌ وٽ ڪيڙي ڊگري، ڪيڙي اختياري هئي؟ حضرت عيسي1، سقراط ۽ رسول صلعم وٽ ڪهڙيون ڊگريون هيون؟ ٻڌاءِ شاهه لطيف ڪهڙي گريڊ جو آفيسر هو؟... پوءِ به اهي ماڙهو هن پوري پرٿويءَ جي سڀ کان وڏي تاريخ آهن.

(ڏک مان ڪنڌ ڌوڻيندي، نهايت نماڻاڻيءَ مان)

سامي: جسو، اُهي سڀ ماڻهو ڀٽن ۽ پهاڙن جا پڙهايل هئا_ ڪارونجهر ڇا ٿو چوي... شايد... شايد تو اڃا ڪارونجهر کي ڳالائيندي ٻڌو ناهين. (وٿي ڏيندي)

سامي: جسو، مون وٽ اڃا الاهين ڪتاب آهن،جيڪي هن ڌرتيءَ جو ڀاڳ بڻجي وڃن__ هاڻ توهجي مرضي آ ته ڪارونجهر مٿان ڪڪر بڻجي، ڏهر ڏهر، ڀِٽ ڀِٽ، ڪونڀٽ ڪونڀٽ، آڪاس ڌئي وسندو وڃ _ يا وڻن ۾ وڃي واڪا ڪر__ پانجي حسرتن تي هنجون هار، راڙا ڪر__ مونن ۾ منهن وجهي رو__ سڀ ڪين توهجي پانجي وس آ جسو__ توهجو ڪيڙو ڏوهه__ هيءَ ڌرتي ته آدجڳاد کان ڏڪاري آ.

(ساميءَ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي اچن ٿا ۽ نڙي گهٽجي ٿي وڃيس.)

هت ٻارڙن جو مُرٽ ۽ ڀُرٽ لاءِ سُڪي مرڻ مهيڻو ڪونهين.

(هو هڪدم مُڙي اندر هليو ٿو وڃي)

جسو، مون وٽ ته اڃا الاهين ڪتاب آهن، اُٺ ڪتابن جا__ مون.... مون ته توک سڌڙيو ڪڏهن ڪين سمجهيو هو__ ڪڏهن ڪين....؟

(جسوڌن کن لاءِ منجهاڻو، ڏانهنس نهاريندو، الائي ڇا سوچيندو ٿو رهي.)

(Reaction)

]جسوڌن الائي ڇا سوچيندي، ساميءَ پٺيان جهوپي ۾ اينٽر ٿئي ٿو__ ۽ ساميءَ پٺيان هڪ جهروڪي ۾ ايندي_ سندس اکيون حيرت کان کلي وڃن ٿيون. هو حيرت ڀريل اکين سان ڪتابن سان ڀريل، ديوار م فڪس ٿيل ڪتابن ۾ نهاريندو ٿو رهي.

ڪتاب ڏسي، سندس هٿ ڪتابن مٿان ڏڪندا، ڪتابن کي ڇهندا ٿا وڃن. کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙو ڪتاب کڻي_ هو ڪتابن جي دنيا ۾ ڄڻ الجهي منجهي ٿو وڃي.[

                        _Desolve_

پڇاڙڪو ڏيک

]سانجهه ويلا_ آئوٽ ڊور [

]جسوڌن جي هٿ ۾ گول سج جي دائري وارو “The Revolution” ڪتاب آهي.[

ڪيمرا جسوڌن جي هٿ واري ڪتاب جي Title جي گول دائري کي ڊوائيس ڪندي، جسوڏن جا هٿ ۽ پهاڙ جي چوٽيءَ کي ٽيڪ ڏئي ليٽيل جسوڌن ۽ پوري وايومنڊل کي نروار ڪندي ٿي وڃي.

جسوڌن ڄڻ پڙهي پڙهي ٿڪي پيو آهي. هو ڪتاب ٺپي، سوچن ۾ وهلور، ساڄي هٿ جي آڱرين سان اکيون مهٽڻ لڳي ٿو ۽ ڪڙهيل انداز سان، پهاڙ جي اونچي اوڍر ۾ اٿي بيهي، چوڏس پهاڙ جي اُتاهين چوٽين تان نهار ڦيرائي ٿو.

ڪيميرا جسوڌن جي نهار جي اينگل سان پين ڪندي، شام جي سج کي ڪارونجهر جي اُتاهين چوٽين پٺيان ڍرندي ڏيکاري ٿي__ ۽ لهندڙ سج جي روشنيءَ ۾ ڪارونجهر جون انگاس رنگارنگ چوٽيون، آسمان ڏانهن روشن ڇاٽون موڪلينديون ٿيون رهن_ جيڏانهن نهار، اوڏانهن ڪارونجهر جون چوٽيون آهن، ڪٿي نه ختم ٿيندڙ چوٽيون، ڪٿي نه ختم ٿيندڙ روشنيون، تجلا.

ڪيمرا ڪٽ ڪري، جسوڌن کي، انتهائي گمڀيرتا سان ڪتاب سيني سان لايو، روشنين جي ڇاٽن ۾،تمام پري ويندو ٿي ڏيکاري.

(Zoom out)

-Desolve-

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com