سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978

مضمون

صفحو :20

9- لفظ ۽ جملا:

مون کي سڀ ڪجهه پنهنجي منهن سکڻو پيو. مون پنهنجون شروع ۾ لکيل ڪهاڻيون پڙهيون، ان خيال کان ته ان وقت منهنجا ڪهڙا لاڙا هئا، انهن ۾ هلڪڙائي ۽ جوشيليون ڳالهيون آهن؛ پر اها منهنجي عمر جي گهُر هئي. هينئر مون کي رڳو پنهنجي لکڻ جي طريقي جو بيان ڪرڻو آهي. نظر ائين ٿو اچي، ته مون منجهه سنئي سڌي گفتگو لکڻ لاءِ سڀاويڪ چٽائي ۽ ڏانءُ موجود هو.

ان وقت جي مشهور ناٽڪ نويس هينري آرٿر جونس (Henry Arturr Jones) جڏهن منهنجو پهريون ناول پڙهيو، تڏهن هڪ دوست کي چيائين ته، هي ليکڪ ٿوري عرصي اندر برک ناٽڪ نويس ٿي ويندو. مان ڀانيان ٿو ته هو منهنجي نظارن کي چِٽائيءَ سان ۽ اثرائتي نموني چٽڻ جي ڏات ڏسي چڪو هو.

ڪتابن ۾ منهنجي ٻولي رواجي هئي، گهڻا ۽ جدا جدا لفظ به استعمال ڪونه ڪيا هئم، گرامر جي خيالن کان خاميون هيون ۽ محاورا به پراوا ڪتب آندا هئم؛ پر لکڻ مون لاءِ ساهه کڻڻ وانگر سڀاويڪ ڳالهه هئي. بس لکندو ٿي ويس ۽ اهو سوچڻ لاءِ ڪونه ٿي رُڪيس ته خراب لکي رهيو آهيان يا سٺو. ڪيترن سالن کان پوءِ وڃي احساس ٿيم ته لکڻ هڪ نازڪ فن آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پوري دل ۽ دماغ سان پورهيو ڪرڻ گهرجي. اهو احساس مون کي ان وقت ٿيو، جڏهن پنهنجي خيالن کي لفظي شڪل ڏيڻ لاءِ ڏکيائي محسوس ڪيم. گفتگو ته مان ڏاڍي روانيءَ سان لکي ويندو هئس، پر بياني مضمون وقت ڏاڍو مونجهارو ٿيندو هئم. ٻه جملا لکڻ لاءِ ٻه ٻه، ٽي ٽي ڪلاڪ دماغ کي ولوڙڻو پوندو هو.

پوءِ پنهنجو پاڻ کي لکڻ سيکارڻ لاءِ پڪو پهه پچايم. بدقسمتيءَ سان ڪوبه مون کي مدد ڪرڻ وارو نه هو. مون ڪيتريون ئي چُڪون ڪيون. جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل پروفيسر جهڙو ڪو استاد مليم ها، ته منهنجو الاهي وقت بچي پوي ها. اهڙو استاد مون کي آسانيءَ سان دڳ لائي سگهي ها. هو منهنجي خوبين ۽ رغبتن کي ڀانپي، صحيح نموني رهبري ڪري ها، ۽ مون کي ٻين طرف اجائي محنت نه ڪرڻي پوي ها. ان وقت رنگا رنگي نثر پسند ڪيو ٿي ويو. ڪنن کي وڻندڙ لفظ ۽ سهڻا جملا.

مون ڏٺو ته مان لفظن جي معاملي ۾ سُڃو آهيان، سو برٽش ميوزم ۾ وڃي ڏينهن جا ڏينهن وڏا وڏا ڪتاب اُٿلايم پُٿلايم. انهن مان چونڊي چونڊي لفظ، محاورا ۽ اصطلاح لکندو ويس، ۽ هڪ وڏو نوٽبڪ ڀري ڇڏيم. پر اڄ تائين ان نوٽبڪ مان فائدو ڪونه ورتو اٿم. ڪوبه اهڙي بيوقوفي ڪرڻ چاهي، ته اهو نوٽبڪ اڄ به مون وٽ رکيو آهي.

مون انجيل مان به انهيءَ خيال کان ڪيترائي ٽڪرا نقل ڪيا، جيريمي ٽيلر (Jeremy Taylor) جو ڪتاب (Holydying) پڙهي، ان مان ڪي ٽڪرا ياد ڪري لکندو هئس.

انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ مون (The Land of Blessed Virgin) ڪتاب لکيو. اهو ڪتاب تازو پڙهيم. مون کي اصل مزو ڪونه ڏنائين. لفظن ۽ جملن جو رنگا رنگي چمن آهي، پر هن جي لحاظ کان گهڻي قدر جي لائق ڪونهي.

10- ٽي خوبيون:

ساڳيءَ طرح مون (Swift) جي لکيل ڪتاب The tale of a tub جا ڪيترا ٽڪرا نقل ڪري لکيا. وري اهي ياد ڪري، حافظي مان وري وري لکندو رهيس. مون هن جي جملن ۾ لفظن جي مٽا سٽا ڪئي؛ پر مون ڏٺو ته هن جي استعمال ڪيل لفظن جي، ٻيا لفظ جڳهه وٺي نه ٿي سگهيا. هن جو نثر هر نموني مڪمل هو.

ائين ڪرڻ سان فائدو ٿيم. منهنجي انگريزي گهڻو سڌري وئي؛ پر منهنجي دل انهيءَ طريقي سان لکڻ مان کٽي ٿي پئي ۽ پورا پنج سال مون ڪوبه ناول ڪونه لکيو، صرف ناٽڪ لکيم. هاڻي منهنجو سٺي انگريزي لکڻ ۾ نالي پيدا ڪرڻ جو شوق ختم ٿي چڪو هو. لفظن جي جملن جي ڄار ۾ مان ڦاسي نه سگهيس. مون ٻوليءَ جي جهالر کانسواءِ، سادي ۽  سنئين سڌي نموني لکڻ ٿي چاهيو. مون کي ايترو ته گهڻو چوڻو هو، جو لفظن جو هير ڦير ۾ وقت وڃائي نه ٿي سگهيس. مون فقط حقيقتن کي ڪاغذ تي قلمبند ڪرڻ ٿي چاهيو. مون اهو ناممڪن ارادو ڪري، ڪتاب شروع ڪيو، ته ان ۾ ڪابه صفت (Adjective) ڪتب ڪونه آڻيندس. مون خيال ڪيو ته جي تُز لفظ ملي وڃي، ته بياني صفت ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. مون سمجهيو ته منهنجو هيءُ ڪتاب هڪ تمام ڊگهي تار ٿيندو، جنهن ۾ ڪفايت جي خيال کان اهڙا سڀ لفظ ترڪ ڪيا ويندا، جي مطلب :ظاهر ڪرڻ لاءِ ضروري نه هوندا. مون اهو ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ وري نه پڙهيو آهي. پتو ناهي ته مان پنهنجي مقرر ڪيل مقصد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويس؛ پر مان سمجهان ٿو ته ان کان اڳ مون ڪتاب جهڙي سڀاويڪ شيءِ نه لکي هئي، پر اها پڪ اٿم ته ان ۾ گرامر جون گهڻيون غلطيون آهن.

ان کانپوءِ مان بهتر لکڻيءَ جو آدم ڪندو رهيو آهيان. مون کي خبر هئي ته مون ۾ شاعراڻيون خوبيون ڪونه آهن. منهنجو لفظن جو ذخيرو به محدود هو. تشبيهن جي ڏات کان به وانجهيل هئس. خيالن جو اوچو پرواز به منهنجي وت کان ٻاهر هو. ٻين اديبن جون اهي خاصيتون مان ساراهيندو ضرور هئس. هنن جو لفظن جي خوبصورت لباس ۾ پنهنجا خيال پيش ڪرڻ، دل کي وڻندڙ عجيب غريب تشبيهون ڏيڻ.- پر مان پنهنجن ليکن ۾ اهڙو ٺٺ پيدا ڪري نه ٿي سگهيس ۽ مان اهڙين ڳالهين لاءِ جتن ڪرڻ کان ٿڪجي پيو هئس، جي مان پنهنجي طبيعت پٽاندر آسانيءَ سان ڪري نه ٿي سگهيس.

مون کي وري شين کي جاچڻ ۽ پرکڻ جي غير معمولي ڏات مليل هئي. مون کي شين ۾ اهڙيون ڳالهيون نظر اينديون هيون، جن طرف ٻين جو ڌيان ئي ڪونه ڇڪبو هو. مان جيڪي ڏسندو هئس، اهو نهايت چِٽائيءَ سان لکي سگهندو هئس.

مان ان نتيجي تي پهتو آهيان، ته سٺي لکڻيءَ ۾ ٽي خوبيون هجڻ گهرجن: پهرين چٽائي، ٻي سادگي ۽ ٽين اُچارن جي سهڻائي ۽ سولائي.

11- چِٽائي:

مون کي انهن ليکڪن تي چڙ ايندي آهي، جي چوندا آهن، ته ائين لکجي جو ان جي معنيٰ سمجهڻ لاءِ پڙهندڙ کي پنهنجي دماغ تي زور ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿئي.

حقيقت هيءَ آهي ته وڏا وڏا فيلسوف به دشوار مسئلن ۽ ويچارن کي ڏاڍي آسان ۽ چٽي نموني ظاهر ڪري سگهن ٿا. هيوم (Hume) جي خيالن جي تهه  تائين ممڪن آهي ته هرڪو پهچي نه سگهي، پر هن جي لکيل جملي جي معنيٰ ٿورو پڙهيل به سولائيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. ٻئي هڪ فيلسوف برڪلي (Berkeley) جهڙي صاف ۽ سٺي انگريزي ڪنهن مشڪل سان ئي لکي هوندي.

منجهيل ۽ اڻ چٽي لکڻ جا ٻه سبب آهن. پهريون آهي بيپرواهي. ڪن اديبن پنهنجو مطلب چٽائيءَ سان لکڻ، سکڻ جي تڪليف ڪانه ورتي آهي. انهن ۾ اڄڪلهه جا فيلسوف، سائنسدان ۽ خود نقاد اچي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ هنن وڏن وڏن ليکڪن جا وڏا وڏا ڪتاب پڙهيا هوندا آهن، پر هنن ٻوليءَ جي موزونيت طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو هوندو آهي. سندن مطلب سمجهڻ لاءِ توهان کي ساڳيو جملو وري وري پڙهڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي، يا ته توهين ان جملي مان هڪ جو ٻيو مطلب ڪڍندا.

ٻيو منجهيل لکڻيءَ جو ڪارڻ اهو آهي، ته لکندڙ جو ڪجهه لکندو آهي، ان جي معنيٰ جي کيس به پڪ ڪانه هوندي آهي. سندس دماغ ۾ ڪو اڻ- لکو خيال پيدا ٿيندو آهي، جنهن تي هو سستيءَ سببان، يا نااهليت ڪري وڌيڪ ويچاري ڪونه سگهندو آهي. ان ڪري اهو خيال هو خود به صاف طرح سُلجهائي ڪونه سگهندو آهي. ظاهر آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ هو پنهنجو اهو خيال صحيح ۽ چٽي نموني ڪيئن پيش ڪري سگهندو!

گهڻا ليکڪ لکڻ کان اڳ نه، پر لکڻ وقت سوچيندا آهن. قلم مان ئي هنن جا خيال اُڀرن ٿا. ڪوبه هڪ ڀيرو پني تي اچي وڃي ٿو، ته پوءِ ان ۾ ڦير ڦار ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي. لکيل لفظن ۾ جادو ٿيندو آهي. لکندڙ ان ۾ عجيب ڇڪ ۽ خوشي محسوس ڪندو آهي.

ڪي اديب وري سوچيندا آهن، ته ”اسين ڪو جهڙا تهڙا ليکڪ ته ڪونه آهيون، جو اسان جي لکڻي هرڪو ڪوري موچي سولائيءَ سان سمجهي وڃي.“ جيتوڻيڪ سچ اهو آهي، ته وِڏَ سندن دماغ ۾ ئي هوندي آهي، جو هو پنهنجن خيالن جي به چِٽي تصوير چٽي ڪونه سگهندا آهن. بيوقوف انسان ئي لفظن ۾ ظاهري ۽ باطني معنيٰ الڳ ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

12- سادگي:

سادگي، چٽائيءَ وانگر پڌرو ڳُڻ نه آهي. جيئن ته مون وٽ لفظن جي ذخيري جي اڻاٺ آهي، ان ڪري سادگيءَ وارو ڳڻ حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهيان. جن وٽ لفظن جي گهڻائي ۽ سونهن آهي، تن کي ساراهڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. هنن جا چونڊ چونڊ لفظ استعمال ڪرڻ ائين ٿا لڳن، جيئن لڙيءَ ۾ موتي پوئجن. انهن جي پڙهڻ سان ڪنن کي موسيقيءَ وارو مزو ملندو آهي؛ پر انهن جو اثر دماغ کان وڌيڪ موجي حواسن تي پوي ٿو، لفظن جي موسيقيت ۾ گم ٿي وڃڻ ڪري، ماڻهو انهن جا معنيَ ۽ مطلب طرف گهٽ ڌيان ڏئي ٿو؛ پر لفظ به تکا تير آهن، انهن جو وجود انهن جي معنيٰ ڪري آهي، جيڪڏهن معنيٰ طرف ڌيان ڏنو نه ويو، ته لفظن جو هئڻ بيڪار ٿي ويندو.

خسيس خيالن کي لکڻ لاءِ سهڻن لفظن جو لباس نه ٿو سونهي.

هرڪو ليکڪ لفظن جي ذخيري سان مالا مال ٿي نه ٿو سگهي، پر هو پنهنجي جفاڪشي ۽ جاکوڙ سان پنهنجي تحريرن ۾ سادگي پيدا ڪري سگهي ٿو.

منجهيل دماغ وارو منجهيل نموني لکندو، پورالو اديب پورالي نموني لکندو، تيز فهم اديب جي دماغ ۾ لکڻ وقت ايترا ته خيال اچي ڪٺا ٿيندا آهن جو، جي هن ضابطي سان نه لکيو ته سندس ساري لکڻي مثالن ۽ تشبيهن سان ڀرجي ويندي

13- اُچارن جي سهڻائي ۽ سولائي:

لفظ اهڙا ڪتب آڻجن، جن جو آواز ڪنن لاءِ وڻندڙ هجي. گهڻا ليکڪ توڙي پڙهندڙ ان ذوق کان خالي هوندا آهن.

شاعر حرف تجنيس (Alliteration) ڏاڍي ڪتب آڻيندا آهن؛ پر منهنجي خيال ۾ نثر ۾ ان جو استعمال سٺو نه ٿو لڳي. لفظن کي وزن آهي، آواز آهي ۽ صورت آهي. جڏهن لفظن جون اهي ڳالهيون ڳڻي ڪتب آڻبا، تڏهن ئي اهو جملو ڏسڻ ۾ وڻندو ۽ ٻڌڻ ۾ مزو ڏيندو.

انگريزي نثر جا ڪيترائي ڪتاب پڙهيا اٿم، پر انهن مان ڪو لاڀ حاصل ڪري ڪونه سگهيو آهيان، ڇو ته مصنفن پنهنجو مطلب چٽيءَ طرح بيان نه ڪيو هو.

Fowler’s Dictionary of Modern English Usage هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن مان هرڪو گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. هن جي لکڻيءَ ۾ سادگي ۽ چٽائي آهي. هن ڏاڍا موزون اصطلاح ۽ محاورا استعمال ڪيا آهن، پر هن لفظن جي آواز طرف ذرو به توجهه ڪونه ڏنو آهي. اهي ڪڏهن ڪڏهن ڪنن تي بوجو محسوس ٿين ٿا.

لکڻ ۾ گرامر جو خيال رکڻ بيحد لازمي آهي؛ پر گرامر کي چهٽي پوڻ سان لکڻيءَ ۾ مزو نه رهندو. مان ائين نه لکندو آهيان جيئن لکڻ چاهيندو آهيان، پر ائين لکندو آهيان جيئن لکي سگهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن مون کي هڪ صفحي، هڪ جملي يا هڪ لفظ لکڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ مٿو مارڻو پوندو آهي.

فرينچ ليکڪا ڪاليٽ (Collete) جا ڪتاب پڙهي مان سمجهندو هئس، ته هن جي لکڻي اهڙي سڀاويڪ آهي، جو هن کي لکڻ ۾ نه محنت ڪرڻي پوندي هوندي ۽ نه وقت ضايع ٿيندو هوندو؛ پر مون کي کانئس اهو ٻڌي اچرج لڳو، ته هن کي هر چيز ڪيترائي ڀيرا وري وري لکڻي پوندي هئي، ۽ هڪ صفحي لکڻ ۾ پورو ڏينهن خرچ ٿي ويندو هو.

14- هر دؤر جي ٻولي:

مون ٻڌو آهي ته اناطول فرانس (Anatole France) سترهين صديءَ جي جن ليکڪن جو مداح هو، انهن جي لفظن ۽ لکڻيءَ جي طرز جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. شايد ان ڪري ئي هن جي سهڻي ۽ سليس فرينچ ۾ اثر گهٽ آهي.

ٻولي کڻي سادگي هجي، پر جي اها خاص انداز ۾ نه لکي ويندي ته ان ۾ زور نه رهندو. هر دؤَر ۾ لکڻ جو انداز الڳ ٿيندو آهي، ۽ ان دؤر جي مروج انداز ۾ ئي لکڻ گهرجي. ٻولي هڪ جيئري وٿ آهي ۽ هميشه ڦرندي گهرندي رهي ٿي. تمام گهڻو اڳ ٿي گذريل مصنفن جي نموني ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڪري، لکڻيءَ ۾ تصنع پيدا ٿي پوي ٿو. مان ڪي اهڙا لفظ يا اصطلاح استعمال ڪرڻ کان نه هٻڪندس، جي ظاهري طرح بازاري ۽ هلڪڙا هجن؛ پر جن ذريعي مان پنهنجو مطلب چٽائيءَ سان بيان ڪري سگهان ٿو، ۽ پڙهندڙ کي حقيقتن سمجهڻ ۾ سولائي ئي ٿي.

جيڪڏهن لکڻ جو طريقو سٺو آهي، ته پوءِ ان ۾ نوان لفظ ۽ چالو اصطلاح برا به لڳندا. مان نازڪ خياليءَ کان وڌيڪ رواجي ڳالهيون لکڻ پسند ٿو ڪريان. نيٺ به ته زندگي رواجي ڳالهين سان ڀريل آهي ۽ اديب جو واسطو زندگيءَ سان آهي.

اسان انگريز اديبن کي، آمريڪا جي اديبن کان گهڻو ڪجهه سکڻو آهي. ڇو ته آمريڪي اديب پنهنجي ماضيءَ جي اديبن جي لکڻ جي نموني جو نقل ڪونه ٿا ڪن، جيئن اسان وٽ دستور ٿي ويو آهي. هنن جون لکڻيون سندن آسپاس ٿيندڙ گفتگوءَ کان متاثر ٿين ٿيون. انهن ليکن ۾ اهي لفظ ڪتب آيل آهن، جي ماڻهو عام طرح ڳالهائين ٿا، ان ڪري اهي ليک زوردار ۽ اثرائتا به آهن.

ان معاملي ۾ اخبارون ڏاڍو ڪمائتيون ٿي سگهن ٿيون. انهن ۾ ڏيهاڙي ڪم ايندڙ ۽ مروج ٻولي استعمال ئي ٿي. انهن ۾ حاضر دؤر جي واقعن ۽ وٿن جا نالا ۽ نين نين شين جا نوان نوان نالا معلوم ٿي سگهن ٿا اخبارن مان دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن کي بيان ڪرڻ جو ڍنگ به سکي سگهجي ٿو. آمريڪا جا ڳچ اديب اخبارن جا خاطو، عيوضي ۽ ايڊيٽر ٿي رهي چڪا آهن.

عوام جي احساس کي، عوام جي ٻوليءَ ۾ شعري روپ ڏيڻ واري خوددار شاعر عبدالڪريم گدائيءَ، کي اڌ رنگ جي موذي جهڙپ عوام کان کسي ورتو. گدائي خوش فڪر ۽ خوش گو شاعر هئڻ سان گڏوگڏ سٺو صحافي ۽ اديب پڻ هو. خلافت هلچل ۾ عملي بهرو وٺي سياسي زندگيءَ جي ابتدا ڪيائين. سدائين اهوئي لکيائين، جيڪو سچ سمجهيائين. قصيدي گوئي ۽ درٻارداري سندس مزاج ۾ نه هئي ”گدائي“ تخلص اختيار ڪيائين ۽ عملي طور تي ”مولائي“ رهيو.

سندس وفات جو ڏک تهائين وڌيو وڃي، جو سنڌي ٻوليءَ جي هن مڃيل شاعر جي موت جي خبر به صحيح نموني اخبارن ۾ نه ڇپي وئي، ايستائين جو ريڊيو ۽ ٽي وي تان سندس وفات جي خبر به نشر نه ٿي؛ پر ان سان ڇا ٿو ٿئي! ڇا عوام ان شاعر کي وساري ڇڏيندو، جنهن سندس جذبن کي زبان ڏني هئي. ثقافتي پرماريت خلاف جاکوڙ به اقتصادي پرماريت خلاف جاکوڙ جو ڀاڱو آهي. ان جاکوڙ کي تيز ڪري اسين گدائيءَ سان پنهنجي سڪ ۽ اڪير جو اظهار ڪري سگهون ٿا.

(الفتح، 3، 10، 1978)

 
نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com