سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978

مضمون

صفحو :14

ولي محمد طاهرزادو

سر صدقو لڄن تان

(ڳالهه)

متاري مڱريي جي وانڍ واهڻ کان ويهارو کن وکون پرڀرو، ڀڏي ڀرسان، پراڻن پڊن تي، ڏوران پئي ڏسبي هئي. ان وانڍ جي اولي ۾، متارو، سندس سلڇڻي سدوري نوبني نينگر نورڀري ۽ ماڻس ملوڪان، آڪهه ۾ ڪل ٽي ڀاتي رهيا ٿي.

ننڍي لاڪر نور ڀري گهرو حاج ڪم ۾ هٿو باري ڪندي هٿ ونڊائيندي رهي. گهيڙ تان گهڙا ڀري اچڻ، مال جو مٽانگو ميڙي اروڙيءَ تي اُڇلڻ، گهر ٻهاري، ٻُهر ٻاهر سَٽڻ، ٿڦيريءَ تي ڇيڻا ٿڦڻ، ڪم اُڪلائي ماءُ سان گوڏو گڏي ڀرت ڀرڻ، سبوٽ سبڻ سکندي هئي. ٽُڪر ڀور، ڀاڄي ٻوڙ، ماڻس رڌيندي هئي ته هند وِڇاڻو پاڻ ڪندي پکيڙيندي هئي. واري وٽيءَ تي اڻورچ ٿيون پيون حاج ۾ هٿ پير هڻنديون هيون.

متاري کي موراهين مال سان محبت هئي. مهاڳي ۾ ٻه نمبر ٻنيءَ جا به هئس. موسم سارو پوکي راهي ڪري پيٽ پيو پاريندو هو. هي مڇيءَ مانيءَ وارا ڌيڻائي ڌڻي هئا.

نور ڀري ٻارهن ورهين جي ٻالڪيءَ مان کڻي جا اوڌ ڏني ته سورهن سالن جي سنو پري سونهن سوڀيا ۾ سرس ٿي پيئي.

هت رڳو متارو واهڻ کان وائکو ويٺل هو، ٻيا مٽ مائٽ مڙئي واهڻ جي جهرمٽ ۾ جهوپا جوڙيو، ورا ڏيو ويڙها ٺاهيو ويٺا هئا. نور ڀريءَ جي ناناڻي نُک وسينءَ ۾ وڌيل ويجهيل هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۾ اچڻ سان ڳوٺاڻيون ڳؤريون ڳيجهو ٿي وٽس اچي ڳوڙهه ڳاهٽ ٿينديون هيون. هوءَ به ساهيڙين سرتين، جيڏين سان جوڙ ٿي گهمي گهتي ريجهه رهاڻ ۽ رؤنڪا ڪري گهر رواني ٿيندي هئي. اتي ٽهيءَ واري ٽوليءَ سان ٽيلهاڙن ۾ ٻانهينءَ واري ٻانهن هڻي اُٿي هلندي هئي، ته ڄڻ مور پيو ٽيلي سان ٽِلي. تڏهن کان ئي وڏيري ويڌل جي ڇاتيءَ ۾ ڇڻڙاٽ پيا پوندا هئا. چپن کي چاٻو ڏيئي چوندو هو: ”وهيءَ چڙهي، ڇوري واهه جا ٿيندي!“ نور ڀري هئي به نارين ۾ نُور!

نور ڀريءَ کي ماڻس ملوڪان نُور نچوئي، ڀنڀرڪي توڻي ڀرت ڀريندي، پالي، سُکيو سانڍيو ساماڻو هو. هن جي وارَ وارَ تان ٻلهار پئي ويندي هئي. ماءُ جي دل! انهن اوجاڳن اوسيئڙي ڪندي هوءَ هڄي هڄي ڇڄي پئي. دائما دق تپ ديرو ڪري ويهي رهيس. دوائون درمل، اوڦٽو علاج، ڏَسن پنڌن جا پُوج پر ٻنڌ ڪيائون، پر ڪنڌ ڪين کنيائين. آخر تڳي تڳي، چُڙي چُڙي، هڪڙي هِڏڪيءَ سان حق جي حوالي ٿي ويئي.

مانجهي، مامهس متاري سان ملي، ٻني ٻاري، هر هلر ۾ همراهي پيو ڪرائيندو هو. ڍڳن ڪاڻ ڪُترين جا ڍيرَ، جوڳ جهلڻ، پاڻيءَ جو وارو وٺڻ، پيار ڪرائڻ، کنڌيون کڻڻ، ائين ئي ٻني ٻاري کي چاهه سان چُهٽيو چنبڙيو پيو هوندو هو. ڄڻي وڻي ٿي ڄاتو ته نور ڀري نڌان مانجهي ماڻيندو.

مانجهي، ارڙهن ورهين جو ارڏو اڙٻنگ، ڪُوپو ڪنڌار، جانٺو جوان هو. جڏهن جهنگ مان جاڙوکار ۽ جاکوڙ ڪري، مامهس جي گهر مانيءَ ڪاڻ، ماندو ٿي، هٿ مُنهن ڌوئي،مَنهيءَ ۾ اچي اهلرندو هو، ته نور ڀريءَ اُتس نگاهه پوڻ سان اُٿي مکڻ ماني يا ڪا چَهرَ چٽڻي نيئي مهندان رکندي هيس. هو کائڻ ۾ کُپي ويندو هو ته نور ڀري اکيون اٽڪائي، مانجهيءَ جي ماني کائڻ، گرانهه ڳڙڪائڻ تي پيئي سَرهي ٿي سِرڪندي هئي. مانجهي به اکٽيٽ سان هن جو گلابي مکڙو ڏسيو پيو گد گد ٿيندو هو ۽  ٻاجهاري ٻولي ٻڌي، هينئين جي هُدڪ هُدڪ ۽ هورا کورا هٽائيندو هو. پرت جا پُور پچائيندو، ڳٽي تي ڳٽو کڻندو کائيندو ڳت سان ڳهندو ويندو هو.

سورهن سالن جي نهٺائيءَ واري نور ڀريءَ جي حُسن جي هُڳاءُ جو ڌؤ جي ديوارن تي ٿي پيو، ته مرداني ملوڪت ۾ مانجهي به ڪَسو ڪونه هو. نور ڀري جي سونهن سوڀيا ۾ سلوڻي ۽ نرت نزاڪت ۾ نهوڙڻ واري هئي؛ ته مانجهي به من مُهڻن جو مَٽ، ٺاهوڪن جو ٺاٺ هو: پينا پُٺا،هيبت واري هاٺي، مروٽ مُڇن جي رِيهه ريک رِليل، مڻيادار مڙسالو هڏ ڪاٺ هو. ٻنهي ۾ ٻيائي ڪانه هئي، ٻيئي مَرڪڻ مور هئا؛ هڪٻئي تان اور گهور هئا. کلندي خوش ٿيندي ڪپڙن ۾ نٿي ماپيا، پوري پڪ هئن ته اسان جا ٿيندا لايا سجايا! وچ ۾ ٻيو ڪو ڏَمون ڏڦير به ڪونه ٿي ڏٺو، رڳو وڏيري ويڌي کي وٽ وڪڙ ٿي وڙهيا.

مامهس متارو به ڪو پرمتڙيو ڪونه هو. ڀليءَ ڀَتِ ڀانيائين ٿي ته اَن جو منهن جنڊ ڏانهن آهي؛ کڏ اندر هجي ته ٻُهر ٻاهر نه ڦٽو ڪجي! اهو پڪو پهه ڪيو هئائين، ته نور ڀري اڳو پوءِ مانجهيءَ جي مِلڪ آهي؛ پر تڏهن به لوڪ لڄا ڪري، دڙڪي کڙڪي، لٺ چٽ، ڏکي ٻاٻيس سان مانجهيءَ کي مُٺ ۾ رکيو آيو.

اڄ نور ڀريءَ  ڳئون ڳولڻ ڪاڻ جهنگ ۾ جهُوتون ٿي ڏنيون. ٻڌي جي ڀِڪ ڀرسان مانجهي ملي ويس.

مانجهي: او نور ڀري! چئي ٿڌو شوڪارو ڀري، ڪوڏر ڪُلهي تان لاهي، ونگڙي ٻيانگڙيءَ سان للاٽ جو پگهر پسوئي، رئي رتي رهاڻ ڪرڻ ۽ اندر جي اُڌمن اورڻ ۽ هٻڪي هٻڪي حال ڪرڻ خاطر پڌر ٿي پيٺو. نور ڀري به نواحي جي نهار ڪري ڀر ۾ بيهي رهيس.

مانجهي: نور ڀري، ڳوٺ ۾ ڳالهه پئي ڳائجي ته متارو نور ڀريءَ جو مڱڻو ۽ وهانءُ مانجهيءَ ساڻ ئي ڪندو.

نور ڀري: الله سائين ايئن ئي ڪندو!

مانجهي: پر مامي کي مٺيان نسوري نڪ تي رکي آهي! ڪم ڪار ۾ ڪروڌ لڳو پيو اٿس! مون پاڻ پئي مَنايو ته ڪو مينههُ ملي ته نور ڀريءَ کي نياپو ڪريان، الله ڪري اچي ته سورَ سليان! ڀاڳين سَڀاڳين اڪيلي اچي ويئي آهين. مون کي من تي محبت جو مونجهارو آهي. مامي ساڻ مُنهن ڏيئي مذڪور به ڪري نٿو سگهان، حجت نٿي هليم، ڇا ڪريان ڪيئن ڪريان؟

نور ڀري: بابي جي وڏپڻ جي وهي آهي. ان جي تک تاءَ، تڙي تابش، تؤنس دؤنس جي دل ۾ نه ڪر، همٿ نه هار!

مانجهي: ويل ته آءٌ به ڪونه آهيان، هن جي حشمت وارين هڪلن هوڪرن هَٻو ڪري وڌو اٿم، مڇڻ ڌڪي ڌار نه ڪرينم!

نور ڀري: مولا ڪندو ته تون ئي مون کي ماڻيندين، آءٌ تنهنجي تائبي (تابعيداري) ۾ ٻانهن ٻڌي ٻانهي ٿي رهنديس. مانجهي! ننڍپڻ جو نينهن نڀائينديس، ناتو ڇنان ته ڇوري ٿيان!

مانجهي: مامو متان مُڪرجي وڃي. اهو ڌيڄو ڪريو، دل دهلجيو وڃي!

نور ڀري: بروبر ابو اٻوجهه آهي، جيئن ماڻهو ٿا مواسينس تيئن ٿو تو مٿئون طبل ڪري.

مانجهي: ڀلا، ڪنهن جي اري انگڙيءَ ۾ اچي اُلجهي ته ڪونه ويندو، نهڪار ۽ نابري ته ڪونه واريندو.

نور ڀري: اسان جي الله پاران انگ اٽڪڻ ۾ ڇڙو ويڌو ارهو آهي، باقي ٻيو ڪو.....

مانجهي: حقئون ناحقئون وڏيري ويڌي ڪُٽي کڻي وير وڌو آهي! پر تون ته تن جي ڪانه ٿيندينءَ نه؟

نور ڀري: مانجهي! سواءِ تنهنجي، سڀاڻي ڪنهن سياءَ منهنجو سڱ سوٺيو، ته نور ڀريءَ جون لانئون سوليءَ تي سڻندين ۽ سر سانگ تي سوار! تون هينئون نه هار، هورا کورا ۽ اڻتڻ اندر مان ڪڍي ڇڏ، وياڪل ٿي وسواس نه وڌاءِ، نڪي وماسجي وسمي ۾ پئو، چِت ۽ چيتو جاءِ ڪر، تون ته جوڌو جوان ڪُوپو ڪونڌر آهين!

مانجهي: ٻيو وري ڪهڙو ماءُ جو وڌيڪ، سوئر جو پٽ منهنجي سسيءَ ۾ ساهه هوندي، تنهنجو سڱ سڳائيندو ۽ نور ڀري نبهندس! مون کي مَڄو ۽ موٿاج نه ڄاڻ، چري! ”ڌن صدقو سرن جو، سر صدقو لَڄن تان!“

آءٌ مڙس آهيان، مڙس جو پٽ آهيان، جيڪو منهنجي نور ڀريءَ تي بُري نيت سان رڳي نگاهه وجهندو ته ٿينديون به صفايون، ٻڌبيون به اڇيون پٽيون، کڄنديون به کٽون. مون کي ڪچو ڪيم ڀانئجانءِ!

نور ڀري: ته بيڌڙڪ ابي جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيهه. آءٌ اڻهي اڻهي ڪاڻ تنهنجي آهيان. خاطري ڪر، الله تي رک!

پوءِ ٻيئي پاڻ ۾ وعدا وچن قول اقرار ڪري واٽ وارُو ٿيا.

هڪڙي ڏيهاڙي ويرانڍ جي وير مانجهي مشڪندو مامهس جي گهر آيو. آڳنڌ اُڪرندي ئي نور ڀريءَ تي نظر پيس. نور ڀريءَ کي چِٽو چئي ڏنائين:

مانجهي: نور ڀري! سُڌ ڪا سئي اٿئي؟ اڄ مٽن مائٽن، سنگتين ساٿين قصو ٿي ڪيو ته هيلو ڪو سائو (سُهائو) سومار ويهون واري ڇڏيندو. تنهنجو سؤٽيون، ماساتيون پڦاٽيون، جيڏيون سرتيون، گَنديون ڪپڙا پيون سِبن ڀرين. تون به ڪا ترت تياري ڪري وٺ. ادي وڏي مامي کان اچي موڪلائيندي. هيل ته پاڻ به هلي درگاهه جو ديدار ڪنداسون، مرشدن جا مڪان ڏسنداسين، ملاقاتون ڪنداسون، اوليائن کان الاهي دعائون گهرنداسين. هل ته ولين کي واجهايون، سوال ڪري ستايون ته من مامي کي من ۾ مِهر پوي، سڪاڄ سرن، جوڙيون سجوڙيون ٿين!

نور ڀري: مانجهي، منهنجي ميڙن مارڪن (معرڪن)، رؤنشن تماشن سان پويئي ڪين. ڳويون ڏُهيو، تنهنجو منهن ڏسيو، سُکي سَرهي ويٺي آهيان.

مانجهي: نه نه، ائين نه ڪر، چوڻ کڻي مڃ، رسامو ۽ رنج ڇڏ! پاڻ پڻ انسان آهيون. ڪڏهن ته ڪو کيل تماشو ڏسئون واسئون ۽ آساس وٺون. اڻهي وهٽن وانگي پيا وهنداسين ۽ ڳهنداسين ڪيئن؟ ڇڏ ڇانگرا، منٿ مڃ. مَن! هيءُ ماپيرو (ماهه پهريون) سومار نه، پر ٻاراهو (ٻارهن ماهو) سومار آهي. هن جي ٻولي ئي ٻي آهي، هن سومار جي ساک سرس ۽ سنوالي آهي ڇا، سڻئي؟

نور ڀري: (ڪَرَ موڙيندي) تون ٿو چئين ته اجها حاضر آهيان. ٻه وڳا سبيا ڀريا رکيا اٿم، ڳاڙهو حلواڻ وارو وڳو ويهي ٿي وِهٽيان ۽ جيڪو سائو اوڍيل اونڌر توکي سيڀائتو آهي، سو وري کڻي اوڍي نڪرنديس. رهيو اڇو جوڙو سبوٽ وارو، سو اتي هلي پائينديس. ائين چڱو ٿيندو نه؟

مانجهي: هائو هائو. ائين ڪجانءِ ائين.

نور ڀري: جيڪو منهنجي مور جو حڪم! ننڍپڻ جو ناتو ڇنان ته ڇوري ٿيان!

”سڀاڻي سائو سومار آهي، سڀاڻي سائو سومار آهي.“ ڳوٺ ۾ ڄڻڪ واءُ وکوڙجي، واچوڙو وري ويو. پانڌيئڙا پنڌ جو پرٻنڌ ڪرڻ لڳا. جڏهن هلڻهارڪا ٿيا ته ڀِت تي ڀيرٻ ڀوائتو ڀؤشن ڏنو: ”گهُو آ.....“. تتر به تنواريو ۽ چٻري به چرڙاٽ ڪيو ”سوڻ سٺو ڪينهي“ نور ڀريءَ جي من ۾ مانڌاڻ مچي ويو. چي، هي سائو سومار سڻائو سڀاڳو نٿو سُجهي!

هن سومار تي ٻارهن ورهين جون ٻالڪيون، سورهن سالن جون سنو پريون، ويهن ورهين جون وينگسون، پنجويهن سالن جون پوپريون، ٻڍيون ٻائڙيون، ڇوڪريون ڏوڪريون، سڀئي سُتت سهي سنبهي سينگارجي اسهيون. هوڏانهن وري ڳوٺ جا ڳوڌا: ڳڀرو ڳرٽ، ڇورا ڇٽيلا ڇانگ ڇوڪرن جي، ڪي بانڪا بهادر ۽ ٻِنڊا ٻلوان، ڪي راوت رستم ته ڪي ڪَرڙوڍ ۽ اڌڙوٽ ڪُڏ پئي ڪهاڙيون ڪلهن تي لٺيون لوڏي اُٿي هليا. مايون مجرا مڃينديون ڳيچ ڳائينديون هليون:

پيارا پِڙَ منهنجي پِيرل جا پَسبا،
اڇا اڱڻ منهنجي مرشد جا وسندا.

سڀئي سوالڻيون اَڪنڊ سان اچي درگاهه جو دالان وارو در مَٽي پير جي پڙ ۾ پهتيون. پاٿاري ٺاهڻ بعد، سماع سُڻڻ ڪاڻ ساجهر ئي ڀتيون ڀري ويٺيون. ويٺي لقاءَ جو ٺڪاءُ ڏٺائون.

هيڏانهن ميڙي متي، بازارن ۾ پير پائڻ سان مَڻين مٺايون ميوا، ڪشمش کاڄا ڪيلا، ريوڙيون پتاشا، توت صوف کاشا، شربت شيرا، پلا پڪل کيرا، ڦالودا ڦُلا، گجر گدرا گَلا، نان پڪوان، ٻيڙيون پان. ڇا کائي ڇا کائجي! ڀانسالين ۽ ڀوڳڙين جون بٺيون، سَنج ساڄ ۽ لٺيون، کٿا ڪمرون ۽ کٿيون. ڇا ڇا ڏسي ڇا ڏسجي! ڪوپ ڪٽليون، برف بوتلون، چوڙا چمڪيليون، ڳانا ڀؤنرڪليون، رانديڪا ۽ رليون. ڇا وٺي ڇا وٺجي!

مڙس مڙئي ميڙي جي مزن ۾ مشغول، ميدان ۾ وَر وَر ڪري پئي وڙڪيا.

هئو مئو ٽريو. مڙس ملاکڙي ۾ هئا، پيرل پنهنجي پاٿاريءَ تي پيڙهه هڻيو، ٻالو ڀولو ٻگهلو، ٻابو ٻُڌو بڻيو وَڪڙ سان ويٺو هو.

گائلو گهٽ ڏسي، ڪامڻين قبي اندر وڃڻ جو قصد ڪيو. ڇيڏڪ ڇڏينديون، ڇيرن جو ڇمڪو، ٽهه ٽهه ٽشڪو، مرڪنديون مشڪنديون، جڏهن چانئٺ چڙهيون ته نور ڀريءَ تي ناسوريءَ جي نگاهه پئي: ڳورا ڳل، ڀورو بدن، پوشيدي پوشاڪ، ناز نزاڪتدار نڪڻي اڇي اُجري! جن کي ڪن نه جن، تن جي ڪيوپڊ جو ڪانُ ڪاپار ۾ کُپي ويس. وايون ولهليون ٿي ويس، گِگ ڳڙي اچي گوڏي تي ڪريس. توائي ٿي اک جي اهنڃ سان خاصي خليفي کي ڏهنائي ڏنائين.

خليفو خود خيانتي بحري باز هو. متوليءَ جي منشا موجب هاسيڪار هنن ڪامڻين جي ڪڍ ڪهي ويو. هنن کان حال احوال وٺڻ لڳو: ”ابا، توهين ڪير آهيو، ڪٿان آيا آهيو؟ ڪٿي پاٿاري ڪئي اٿوَ، قندوري ڪئي اٿوَ يا نه؟ ننگر نه مليو هجيوَ ته نٽائجو نه! سائين مريدن تي ماڳهين ساهه پساهه ٿا ڇڏين. جي مريدن کي مانُ ۽ ماني نٿي ملي ته نوڪرن چاڪرن، خليفن خادمن تي ڪروڌ ٿا ڪن. توهان کي ڪا تڪليف هجي ته بيڌڙڪ ٻڌايو: ٽپڙ ٽاڙي، رلي روڳڙي، تڏو تؤنري، ڇل مَٽ، مرڳو جيڪي نه هجي سو گهري وٺو. هي پنهنجا پير فقير اٿوَ، حجاب هرگز نه ڪجو.

هاڻي هلي اچو ته زياتون ڪرايانوَ: هي سائين سَڌ سرير شاهه ۽ چاچس چمچير شاهه جون مزارون آهن، هي ٺوڪڻ شاهه ۽ ڀاڻس ٻوڪڻ شاهه ٻئي ڀاڪر پايو پيا آهن. هو پيرانديءَ کان فُلطرو فقير جي بُٺي آهي. ڀلي گل وجهونِ ۽ دعا پنونِ. هننن جي هادي سائين وٽ هيڪاندي هلندي آهي، سڄي دنيا جو دؤر سندن صلاح سان ٿو سِري ڦري. وٽانئن ڪوبه سوالي هٿين خالي نٿو وڃي. اتي جو اتي هٿن تي پرتا ڪريو ٿا ڏيکارين.

صلاح جو سبق سڻي، سڀني دليؤن جانيؤن دعائون گهريون. پڃري تي پاڻ پلٽيائون، خاڪ کڻي کاڌائون، ڪجهه منهن کي مکيائون، من مرادون مڱيائون، پوءِ پيرين پٺيريون ٻاهر نڪري پيرل کي پيرين پوڻ لڳيون. ٻين کي ته ٻه آڱريون مس ٿي آڇيائين، پر جڏهن نور ڀري نوڙي ته جهاٻو ڏيئي هٿ هٿ ۾ جهلي، آڱر جي اُٿڙي اوکڙ سان تريءَ تي تتنتاري ڪرڻ لڳس. بس اتي ئي ڄڻ نور ڀريءَ جو نڪ وڍجي ويو!

ڀنجر ڀڄي پيس، ڀئون ڀنواٽي ورتس، سرير ست ڇڏي ويس. پر ڇرڪ ڀري همٿ ڪري هن حريف هاتڪ کان هٿ ڇڙڪ ڇڪ ڏيئي ڇڏائي اُٿي. شرم کان شل، ڌڪ هڻوس ته رت ڦڙي اوسراڻ، تاڻائي تانگهائي، هٽي هٽي هلڻ لڳي. ٿڙندي ٿاٻڙندي، سلهڙ ٿي ساهيڙين سان سلهاڙجي ڀت ڀران پاڻ کي بيمار بنائي، ڪنڌ لاڙي ليٽي پئي. اوچتي چنتا کي چيتاريو پئي چيتاري. چي، مرشد ٿيو مائٽ جي مَٽ. سو ههڙيون حرامڙايون ۽ حرڪتون ڪري! سي به انهن سان جيڪي پرپٺ هنن کي هريي ڦُل سان هڪلڻ جي هام هڻندا هجن! اسان جڏهن هيڻا آهيون، تڏهن ٿا اسان سان هيڏيون اهنڊايون ڪن! سوچيندي سوچيندي، دل کي دڌڪو اچي ويس، چت ۾ چرڪا چير پوڻ لڳس. اکيون ڏسوس ته شوخ سُرخ جهڙا شمَ! بدن تي باهه جا بٺ پيا ٻرن، ڪر ڪُهڙ پيا سڙن. ويچاريو ويچاريو وسواس ۾ وساميو ٿي ويئي. چرڪو چرڪو کارون کائي، کوڙو ڀڃي اُٿي کڙي ٿي. مولا ڪو موت ڏئيس! ماڻهو سامُن تي سر ڏين، هن کي تڏي جو ترس، آئي نياڻيءَ جو به ننگ نه پيو! ماريي کي ماڳين مرجادا ڪا مرٽ ڪانهي! بنهين ڪو نبريل آهي. مايا جي موپ ۾ مست ٿيو مڇريو ويٺو آهي! مري، مولا کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندو!

(هردي ۾ هٿ وجهي)، الا، هوندي سوندي به ههڙو هٻڇي هائو ڄرڪو! پوءِ مؤسو ڪري ماڻهو موڪلي مانجهيءَ کي ميڙي مان موٽارايائين. جيڪو وهلو وري آيو.

نور ڀري: مانجهي، منهنجو مٿو پيو ڦري، منهنجو من ميڙي جي مزن کان ماٺو ٿي پيو آهي، مون اڳهين اُهڃاڻ ڏنو هو مانءِ. مهر ڪر، مون کي ماڳ اُماڻ.

مانجهي: (منهن ۾ منهن ڏيئي) نور ڀري، ڇو ڇو، ڇا ٿيو، ڇو ڇرڪي آهين؟ ويڳاڻي ٿي نه ويهه، ڊپ ڊاءُ نه ڪر! چري، نه ڏٺئي ته واٺئي ويهڻ سان ورچي پئي آهين، ونجهليو پئي وهلور وڃين:

مانجهيءَ جي موڙڻ تي نور ڀري نپوڙي موڳي ٿي مرڳو کڻي ماٺ ڪئي. هن جي مونجهه ۽ ماندڪائي ڏسي، سڀني جو ساهه سوڙهو ٿي مُٺ ۾ اچي ويو. پوءِ ڪابه ميڙي ۾ ڪيڏانهن چُري نه ڦِري.

چنڊ ناسيو، چانڊوڪي چلي چڪي، انڌيري رات رڙهي، آڌي لڙهي ۽ شغل گل ٿيڻ تي هو. هي هجوم پاٿاريءَ تي پهچڻ ڪاڻ اٿي پنڌ پيو. جيئن ئي درگاهه جي دلي دروازي جي دنگ وٽ ٿيا ته بدمعاشن جي بهير، فقيري فوج جي بيک ۾ ڀؤنترا ڀپ، اوڪڙو اکيون پايو وڇوٽيءَ تي ويٺا هئا. ونگن وريل محرابين مان مونن ڀر مُڙي، ڦُڙتيءَ سان ڦيرو کائي سمورن کي سامهون ڦري آيا، جهٽ ۾ جنبي ويا. جنبي وڃڻ کان پوءِ گُٿم گُٿا، گوڙ گهمسان، ٺڪ ٺڪا، ڪاري رات اونداهي ٻاٽ، اک نه ڏسي گوڏي کي، ڌُڪن جا ڌماڪا، بانٺن جي بڇو بڇ، گهوٻاٽن جا گهاٽا گهاءَ هئا! مارا ماريءَ ۾ مانجهيءَ به مڙسيون ڏيکاريون: ڪهاڙيءَ کي اُبتو سبتو واڪيائن، واهه جو وڄايائين ۽ وهايائين. اها ڪَل ڪانه ٿي پئي ته ڪير آهن، ڪوهه ڪاهه ڪئي اٿن! هان هان، ڇو، ڇو، ڇاهي، ڪير آهي. هُل هنگامي ۾ هن جونجهار به ججهن جا جيرا اوجهريون ۽ آنڊا اُڊيڙي وڌا؛ پر لاڳيتين لٺين ۽ ڌوڌو ڌڪن مڙس جا ماشا منجهائي ڇڏيا. ڌڱ مڙس داٻجي رتو ڇاڻ، رت ريلا وهائيندي، مٿو ڦاڙائي، سُرت ساڃاهي، هوش حواس وڃائي، ڍرڪي ڍڪرجي، قبي جي ڪُنڊ وٽ وڃي ڪِريو.

مقابلي جي ماٺي ٿيڻ تي وينگس کي اچي ورتائون. جنهن جي روح مان ريهه نڪتي،  ”رسجانءِ رسول رب جا“. ويرم ۾ ويري وات ٻڌي، وراڪا ڏيئي وڪوڙي، هَلر هولي مان چار ڄڻيون چونڊي برک مُک، ملوڪ مهانڊن واريون ۽ نور ڀريءَ کي ناڙي ٻوڪڙ ٻڌي، کسڪائي کڻي ويا. ٻين کي ته ٻسٽن ٻئي ڪنهن هنڌ ٻوهي ۾ ٻَجهلائي، نِلو نور ڀريءَ جي ٻانهن نيئي، ديري جو پٺيون در اپٽائي، ڪِيس واري ڪوٺيءَ ۾ قابو ڪرڻ ڪاڻ، ڏائڻ ڏونٽيءَ کي ڏنائون. انهيءَ ڪوس واري ڪمري ۾ سائينءَ جي سَڌ پوري ڪرڻ واري سواريءَ جو سامان سٿيل هوندو هو؛ پيگ پيالا، نيش نوش نِولا، مُمسڪ مسالا. پورن پنجن ڏينهن تائين رنگ رليون رِلائي، پريم جون پينگون پياري، پڃري ۾ ڦاٿل پکيءَ جون کنڀڙاٽيون کوهي، ڪام ديوتا جو ڪرٽ وهائي، ڪرم يوگي ڪنانئس ڪنار ڪندو هو. پوءِ وري ٿيندو هو نئون شوق شڪار شروع.

ڏائڻ ڏونٽيءَ جو ننڍي لاڪر نانءُ ”ٻيگهي ٻائي“ هو. وڏو پير هن کي ”واگهڻ“، ڊنل ديري واريون دايون ڀوَ کان ”درگاهه جي داروغڻ“، ۽ اڻبڻت وارا، اوڦٽو ۽ اڻواقف بُڇان کان ”ڏائڻ ڏونٽي“ ڪري ڪوٺيندا هئس: ڪاري ڪوجهي، بدو بڇڙي، هاٿڻ جهڙو حُليو، جهڙو بيگنا واهه جو بُنڊ، ڄڻ پنج واتي بلا هئي. ڦڪل سان ڦاسايل ڦوٽڙيون مورتون ماترائي چترائي، ريبي ريجهائي، متوليءَ کي مجن موجن وٺڻ ڪاڻ موجود ڪري ڏيئي پاڻ ملهائيندي هئي. هاڻيون ماڻيون به هن جي هڪڙي ئي ڇنڊ ڪڍڻ تي هيسجي سکڻي هائوڪار ڪري هلنديون هيون. ڪل ئي ڪارينديون ڪنانئس ڪؤڪنديون هيون . ڏيڍي تي ڍڳو، داٻو ۽ ڌاڪو هئس . اڙي اوڌي سائين وڏي جي سڏ تي سُر سان سُر ملائيندي هئي .ڪيتريون ڪچ- لڱيون ڇوڪريون هن جي ڇيڙ تي ڇؤنڪجي وينديون هيون. ڇو جو شرارت ۾ شيطاني شهڪارن جي سَند حاصل هيس، انهيءَ ڪري اڻهي آقائن وٽ آگهائتي هئي.

نور ڀري جيئن چورن جي ور چڙهي، تيئن سرير جو سُڌ سماءُ نه رهيس. سج اڀريو، ڏينهن ڏٺو ته پاڻ کي هڪڙي بنگلي ۾ بلائتو بند ڏٺائين. ڏائڻ ڏونٽي ڏٽا ۽ ڏکا ڏيئي چئي رهي هيس: اُٿي هٿ منهن ڌو، ماني ٽڪر کاءُ، ماڻهپي ۾ اچ. جن کان وڇڙي آهين، تن ماروئڙن وٽ تهتان وري ويندينءَ، ٿانئيڪي ٿي پوندينءَ؛ هت توکي مارڻ ڪاڻ ڪونه پر مزن موجن ماڻڻ ڪاڻ آندو اٿن. نور ڀري نستي ٿيو، مُنهن ويڙهيو، راتوڪي رڻ ٿيڻ واريءَ سودا ۾ سُتي پئي هئي. ڏائڻ جي ڏند ڪٿا سڻي، ڏانهنس اکيون اڌو گابريون اُپٽي، نفرت سان نهاري، پاسو ورائي پٺيري ٿي ويٺي. نڪا ٿي ڪُڇي نڪا ٿي پُڇي، پنهنجن ئي گوندرن ۾ گم هئي.

اوٽي تي آنٽا ڏيندي پِير پچارون ڪرڻ لڳو. ٻوليون پيو ٻولي. چي، ڏاڏو سائين ڪندو ته اڄ ڪا پدمڻي هن پڌر تي پڌاربي، پيرل کي پڙپندي، ديري ۾ پير ڌريندي!

ڏسندي ڏسندي، ڏائڻ ڏونٽيءَ متوليءَ کي اچي ڏانءِ ڏني. ڇوري پختي پڙهايل آهي، هٿناٽن، هُشين هوشڪارڻ تي هَڙپي هرکي نٿي، تڏهن به توهان جي هٿ وس ۽ هٿ جس ۾ ٿيندي، همٿ ڪري هلي هٿ ڦيريوس، هيٺانهين وٺجوس. ڪندو درگاهه ڌڻي ته ڊٻري ڍيري ٿي پوندي، توڙي جو ڇوريءَ جو خوءِ خراب آهي، ان جو خيال رکجو، باقي آهي لُڏڻ لاڏلي!

ڏائڻ جي ڏڍن ڏيڻ تي پير مرشد اٿي دارونءَ جو دُنگ چاڙهيو ۽ مڇون مروٽڻ ويٺو. جڏهن خمارن جا بخار بِرُ ٿيس ته آجهڙجي اٿيو، گينوار ۾ گهِڏندو گهِرڪندو، گيهرَبو صفي سامهون ڪوس واري ڪمري ۾ ڪُڏي پيو. اندر اچڻ سان ڇا ٿو ڏسي ته نينگر پلنگ بجاءِ پٽ تي گيرٽ پيئي کائي. اکيون اُڀ ڏي اٿس، بي ڳهني ڳالهيون پئي ڪري. متوليءَ جو منهن ڏسندي ئي مٿو چڪرايس، اندر جو آلاپ آيس ”الا“! هيءَ ڪا گهاڻي گهتيل ئي متوليءَ جي آهي! تڏهن به ڌيان ڌاري، ڏُکندو ڏاڍو ڪري هلي اوري آئي.

نور ڀري: (ڏُکاري ٿي) منهنجا مرشد سائين سڳورا، منهنجي ڀاڳين توکي الله کڻي آندو آهي! الاجي ڪهڙن ڪميڻن مون کي ڇانگ کان ڇني هتي آڻي قيد ڪيو آهي. آيو آهين ته مون کي هن ڪونڀ مان ڪڍي ٻاهر ڪر. بند کان بچاءِ، پيڪن پهچاءِ. تون ٿَڪن ٿاهر، ڏُتڙين جو ڏڍ آهين، هِن دنيا ۽ هُن دنيا جو داڙوُ ۽ درمان آهين، هيڻن جو حامي. سڏيءَ سَڏُ ڏيڻ وارو آهين، اوکيءَ ۾ اڙياتن جو آڌار آهين، واهر وسيلو آهين. (وڌي پيرن تي ڪريس ٿي) مون بي وڙيءَ سان پنهنجو وڙ ڪر، تون ئي نِڌر جو ننگ آهين، تنهنجي ئي ابي ڏاڏي جي اگلي اُمتياڻي آهيان، مون کي مائٽن سان مِلاءِ! سائين آهين، سردار آهين، هر وقت حاضر آهين. (اوڇنگارون ڏيئي روئي ٿي)

متولي اول ته سِسو وسو ٿي ويو، متيون منجهي ويس ته ڇا ڪري، پر پوءِ پڪو منهن جهلي، خنڪيءَ سان کنگهار ڪري، هن کي پيرن مان اُٿاري، ڳراٽي پائي، ٻوٿ کي بوڇڻ آڏو ڏيئي، دڙ دلاسو ۽ آٿت ڏيڻ لڳو:

متولي: مڇڻ دلگير ٿي آهين، گهٻرائي هيرائي نه، متان هئيسان هوري ڪرين، ڊپ ڌيڄو ڪومَ ڪر، اُڀساهي ڪين وٺنئه، ساهه پَٽ، سامت ۾ اچ! آءٌ تنهنجي طلبڻ تي ڪٿان کان ڪَهي، پنڌ پئي، پڌاريو، پرگهٽ ٿيو آهيان. تنهنجو سڏ سئو ڪوهه تي سُئم! انهيءَ وچ ۾ ڇوڪريءَ کي ڀاڪر ۾ ڀچائي، متولي ٿڌڙا ڪڍڻ ۽ ڪتڪتايون ڪرڻ، هٿڙا ڦيرڻ، مُموءَ ۽ مسامن کي مساس، جُثي ۽ جسم کي مهٽ مروٽ ڪرڻ لڳو. جنهن تي جَلي، نور ڀريءَ ننگائتي نموني چيس:

نور ڀري: تون منهنجو مرشد مائٽ آهين، آءٌ اهڙي ڪانه آهيان، حياءُ ڪر، شرم ڪر، ننگائتو وڙائتو ٿيءُ! مون سان مرم واري مشڪري نه ڪر! الله جي نالي هٿچراند ڇڏ، توکي سُنهن آهي سچي سائينءَ جو! پنهنجين نياڻين سياڻين وارو آهين!

متولي: مان توکي اوليائن جي امر ڌاران ستائي نٿو سگهان. اڄ تو ڪاڻ جيئن درگاهه مان دعا گهرڻ ويس، ته هاتفي حڪم ٿيو، ته انهيءَ نينگر سان نڪاح ڪر، اُن مان تنهنجيون ست پيڙهيون سِرجنديون، ولين جا وصي وارث پيدا ٿيندا. هت نِمُن جون ڇائون ۽ درگاهه جون دعائون هُت حورون هندورن ۾ لوڏيندءِ. جنت ۾ جايون، ٻيو ڇا کپئي! اهو تنهنجو احسان الله لوڪن تي ٿيندو. ڇا ٿي چوين؟ نڀاڳي نه ٿيءُ، وجهه نه وڃاءِ، اڄ ئي الله وٽ اگهائي ويندئين! ائين چئي چُمي ڏيڻ ڪارڻ وات پٽي ڳوريءَ جي ڳل کي ڳٽيائين ته دارونءَ جي ڌپ ڪوٺيءَ کي ڪنو ڪري ڇڏيو. ڇوريءَ ڇال ڏيئي جند ڇڏائي، پري ٿي، پلنگ جو پسر سوڌو پاڳو سٽ ڏيئي اکوڙي، سوگهو جهلي نور ڀريءَ نعرو هنيو: هلا ٿئي حرامي، ڪامي ڪُتا، شهوتي شيطان! ڀورڙين کي ڀرمايو، ڀُلايو ڀنڀلايو اٿئي! ڪنهن ڪاري ڍڳي جي قيمت ڪٿڻ واري ڪامڻيءَ سان ڪم ڪونه پيو اٿئي! پوءِ پِڙ ڪڍي بيٺس، پاڳي جي پاهن سان پيٽ ۽ پٺن تي پنبي کڻي ٻڌائينس. بَمڪايو پئي بمڪايائينس! پِير به سور پِي، سونٽا سهي، ٻانهن آڏي ڏيئي، جوانيءَ وارو جوش ڏيکاريو؛ ٻِڌ ڏيئي، ٻيئي ٻانهون جهلي، ارهه ۾ اوراٽي، ڀانيو ته پاڳو ڦري، ٻکن ۾ ٻيڻو ڪري، دسي، ٻُسي ٻوساٽي ويهانس؛ پر هن به دسجي ڊهڻ کان مهند ٺاهي ٺوڪي، ٺڪاءُ جو مترڪو مغز ۾ ڪرايس، ته رت ڪُتائي نه چٽينس! اصل رت جا ريلا، گهاءَ ۾ گهارا ! اهو ڏيک ڏسي، ڏند ڀيڙي، چپ چَڪي چوريائين ”ننڍپڻ جو نينهن ڇنان ته ڇوري ٿيان!“ ڏمر کان لاڻي وانگيان پئي لُڏي، ڪايا پئي ڪلپيس ۽ ڏيل پئي ڏڪيس. تپي تپي ٽامو ٿي پئي. هوڏانهن ٺٺ ٺانگر وارو پير ٺاپر ڪري، ٺومڻي ٺپائي، ٺينڊيون ٽمائيندو، رت جون ريڳاڙيون ڳاڙيندو، گهوڙا گهوڙا ڪندو، ڊوڙي نڪتو در کان ٻاهر. اڱڻ تي اچي واڪو ڪيائين: ور ڙي واگهڻ ور! اچي مرشد جو منهن ڏس! رت ڌئار!

ديري ۾ دانهن ٿي، هُل هُلاچو هُلي ويو، پڙلاءُ پئجي ويو: پيرَ پدمڻي هٿان پادر کاڌا ڙي، پير پادر کاڌا!

پير به پُرجهي ويو، وري ڪُداچت ڪوٺيءَ ڏي ڪياڙي به ڪين ڪيائين. واگهڻ واري وسائيندي آئي.

واگهڻ: (رت ڏسي) قربان وڃان، هيءُ ڪهڙو قهر ٿيو؟ ڪهڙي ڪميڻيءَ پنهنجي قيامت ڪاري ڪئي. هاڻي! شل هنڌ ٿئيس!

متولي: (رت اُگهندي ۽ سور کان سيسڙاٽ ڪندي) انهيءَ گڏهي گُڏيو اٿم. راتوڪيءَ رُليل، تو واريءَ لُڏڻ لاڏلي!

ڏائڻ ڏونٽي ڪروڌ ڪاوڙ ۾ ڪاري ٿي، ڪست مان ڪاهي ڪوٺيءَ ڏي وڃي (ڀونڊو ڏيئي) لخنالت (لک جي لعنت) هجئي چئي، نور ڀريءَ سان نوڙ ٿي ويئي. لتون، لپاٽون، چڪ، چنبا چماٽون، ٿُڪون مُڪون، ٿڦڙ ٿڦاڪيون هڻي رت رت ڪري رکيائينس.

واگهڻ: رن رنگيلي، روَ ڪيا اٿئي! چگهن جي چاڳلي، وڌءِ کانجهاڻو ڪيئي خچر کلو! منهنجي مرشد موتيءَ جي داڻي پير پارس کي لوهوءَ ۾ لال ڪري ڇڏيئه، ڪچو نه کائي ڇڏيانءِ! ڌيجان ڪميڻي، ڪسيرڪ ڪنهن جاءِ جي! تون شاهن سان ٿي سينو ساهين، اُگهتي آهين؟ هتي اچيو ماڻهو من جا مطلب مڱن، کير پُٽ پنن، دين ايمان لاءِ دعائون گهرن، اگها سگها ٿين، تن جا درد دفعا ٿين، ڀليلن جو ڀلڪارون بخش ٿين، سمي پاڻي سڻڀا، سکيا ستابا ٿين. تنهنجي ستياناس ٿئي! تون آئي آهين پاڻ پٽائڻ! پنهنجي شڪل شبيهه به سڃاڻ، اول انهن جي جتيءَ جکات جهڙي آهين؟ کٿڙيل کوٻلي، ڪن ڪري ڇڏ، جيستوڻي، سائينءَ سان سؤنتري سرچي پرچي پرڀي پير نه ڀريندينءَ، تيستوڻي ڏسج ته آءُ تنهنجي ڪهڙي نه سوڪ ماني ٿي پچايان؛ جي تنهنجون ٻيئي اکيون انبورن سان ڇڪي ٻاهر ڪڍي، ٻوٽي ٻوٽي ڪري ڪتن ڪانگن کي نه ڏنيم ته منهنجو نالو لاهي ڪتيءَ تي رکج! هيءَ بڇڙي بلا آئي آهي بادشاهن سان برميچڻ! ريجالي رانٽي، گنگان تان گَهي، پو ٿو ڏياري، چو تو چاڙهي، سونَ جو سونگو، چيلهه سان چهٽائي، اجها هاڻ اچي لٿي آهي!

ائين چئي، دڙي داڦي، گاريون گند ڏيئي، ويڻ وائري، وڃي سائين چچريل شاهه جي چاڪري کي لڳي.

هوڏانهن پوري ڏهين ڏينهن، ويڄ وٽ وات ۾ حب مٿان پاڻي پيئندي، مانجهيءَ اک پٽي. مائٽن ۽ سنگتين شڪرانا ڪيا. مانجهي منجهي منجهي ماندو ٿي پڇيو: ته ماسي متاري کي نورڀريءَ وارين جي ماجرا جي ڪا معلومات آهي ڪي نه؟ ٻين چيو. هائو، چوي ٿو ته مانجهي مرد جاڙ وارو جوان آهي، پنهنجي عزت عرش مان به اولي آڻيندو؛ پر چاڪر چوي ٿو ته مانجهي مرڳو چئن ڏيهاڙن ۾ چاق چڱو ڀلو ٿي اٿندو. هاڻ ماٺ ڪر، من نه هڻ! اسان هڙئي توسان همراهه آهيون. نورڀريءَ ۽ نارين کي نوسي نوسي نهاري، نظاري نروار ڪنداسون. جن حرامين هيڏي حرڪت ڪئي آهي، تن جا گهينگها گهٽي، رنون رولي پاڙون پٽينداسون. سموري سنگت ساهه جو سانگو کڻي، سچي ٿي بيٺي آهي. سرن وڃائڻ سميت شامل آهيون.

نورڀريءَ جي نهوڙجي نگهوسار ٿيڻ مانجهيءَ جو من مايوس، ننڊ حرام ڪري وڌي هئي. سو سِگهو سَگهو ٿيڻ، ڪرائيءَ قوت وٺڻ ۾ ڪو ويلو وقت لڳي ويس.

هڪڙي رات هند ڇڏي، هيڪلو... پير پاريٻو ڪري دلداري دلبري ڏئي، هن کي ٽارڻ جو ٽڻ ٻڌو،

متولي: يار، توکي ڪهڙي ڪل! ان رات کان وٺي اسان کي انَ پاڻي حرام آهي، ڪنڌ کڻڻ جهڙا ڪين رهيا آهيون. گودڙيي جي گام مان گجرون گنئون ٿي ويون آهن. ميان، ڪهڙو امن امانُ دين ايمان رهيو. اشرافن جو اولاد ڪڏهن ڪاڻ هت ڪين ايندو، موراهين مڃتائون ڪين مڃيون، نڪي سکائون سکيون. اصل ڌرتي جاءِ ڏي ته ڍري پئون! ابا مانجهي، مولا تي رک، سائين سڀ جي سولي ڪندو. توهين اسان جا پراڻا پوئلڳ آهيو. توهان جا ٻچا، سي اسان جا ٻچا. جيستائين حد جي هڙني لچن لوفرن کي لاڪب ڪرائي، حق وارن کي حق نه ڏياريان، تيستائين مون کي داڻو ڪڻو کائڻ ’حي‘ حرام آهي. تون وڃي گهر سکيو ٿيءُ. آءُ توڏي ماڻهو منجندس. بابا، پڪ سان وسِهه ته اها تعدي توهان سان نه، پر اسان سان ٿي آهي.

مانجهي مرشد جا منهن مکان ٻول ٻڌي ٻاهر آيو. ڪو وقت ڳهيلو ڳوٺ جون ڳليون ڪوچا، ڪنڊون ڪڻڇا، تڪڻ جهوتڻ ۽ پڇائن ڳاڇائن ۾ رڌو رهيو: من ڪو پرينءَ جو ڪٿان پار پتو پوي!

چوڌاري چاري پئي چليا. ڪير ڪڇي، ڪير ڪَل ڏئي ته انهن ديني درسگاهن ۾ اڻهي آپدائن، ويڌنن ۽ ويلن جا درياهه ٿا وهن، جن ۾ ڪيترن ڪمعقل ۽ ٻُڌو ٻچڙيوالن جا ٻيڙا ٻڏندا ٿا رهن.

ٻه ٻانهيون پاڻ ۾ لهواريون اوڀاريون .... ڪنديون، مانجهيءَ وٽان اچي مٽيون.

پهرين: آهي مڙني کان ملوڪ چون ٿيون ته ماڳهين مڃي نٿي، ڪنڌ ڍاريو اوڳي ٿيو پٽ ۾ پئي آهي، نڪي ٿي ڳالهائي نڪي ٿي کائي پِئي. ائين پئي آکي ته ”ننڍپڻ جو ناتو ڇنان ته ڇوري ٿيان!“

ٻي: تڏهن ڇوري ڪنهن سان اڳهين اٽڪيل آهي. پر ڇوريءَ سان ڇيهه لڳا پيا آهن. هن کي خاوند خدا نويڪلو پنهنجن هٿن سان خود ويهي ٺاهيو ٺپيو آهي! سهڻيون سوين سُٺيون ٻڌيونسين؛ پر واهه ڇوڪري تنهنجا ورن اکيون انبور، نڪ نيلوفر، صاروفن سُٿري. چوانءِ ٿي ته تور تُريا پيا اٿس!

پهرين: جوءِ اها جنهن جي جوءِ واکاڻ ڪري. پير جي بريز بريز  پئي پوي. چي، پرڀائي پرسن ڪري، پريم رويي پاٿاريءَ تي پهچائي ڏيوم.

ٻي: مائي، اجها آئي رهي. هت هر تالڻيون به هيسجي حيا وڃائي ويٺيون، ڪيتريون سورميون سورٺون به سيل سٺ سٽائيندون رهيون، ڪلهڙيون ڪونڌريون به ڪُسي ويون؛ سو هيءَ ڳلن ڳاڙهي ڪٿي ٿي ڏنگن ڏنڀن جي ڏهڪاءُ کان بچي!

اها سس پس سڻي مانجهي به ڍونگ ڌاري ڍرڙو، اويسلو اوڳو ٿي ڀين جي ڀر ڏئي اڳڀرو سجهائتو سرندو، ڳالهين تي ڳهن ڏيندو، گهلبو گسرندو ويو.

پهرين: مون کي به ڇوڪري هانءَ ۾ گهڙي ويئي آهي: ڳالهائي ٿي ته جهڙو چيهو پيو چانگاري! پاڻي ٿي پيئي ته نڙيءَ مان ٿو نڪريس! سهڻي جهڙا سڻيءَ جا گل! هٿين پيرين ارکڻي آهي. ناز به اهڙو اٿس جو ڪُر ٿي کڻي ته ڪرائي ٿي ڪڙهيس!

ٻي: ائين تون به نه چئو. جهنگ جي جاٽولي، مارڻي مينهن آهي. پير جي ته پادرن سان هڻي پرهه کڻي ڇڏي اٿس!

پهرين: الله ايمان ڏنو اٿس، هران ڀران ڇوري ڇيڳري ڪانهي.

ائين قصا ڪٽنديون ڪًوتون ڪنديون، حويليءَ ڏانهن هليون ويون.

اهي سمڪون سڻي، مانجهيءَ کي پوري پڪ ٿي ته هن جي هينئين جو هار، ساهه جو سينگار، روح جي ورونهه، هن دولابيءَ جي ديري اندر آهي. هاڻ هٿ ڪيئن ڪجي؟

وراڪو ڏيئي، هن ڪچهريءَ ۾ وري وڃي گوڏي ٻيڪڙ ڪئي،

متولي: (وائڙو ٿي ) ابا، ڇو وري واهڻ ڪونه وئين ڇا؟

مانجهي: سائين، ٻانهن جو ڏس پتو هتي ئي مليو ويو آهي. تڏهن ته توهان وٽ وري وارو ڪيو اٿم.

متولي: (اٻهرو اتاولو ٿي ) ڪٿي ڪٿي، ڪنهن وٽ؟ مون کي ڏس ته ڏي ته ماري سُڌيون ڏيانس!

مانجهي: مون کي اوهان جي ڪوڙن جي ڪًل پئجي ويئي آهي. اسان جون ٻانهون ڏائڻ ڏونٽي ڏيڍيءَ ۾ ڏُڙ پيو ويٺي آهي.

متولي؛ (اکيون ڦوٽاڙي) خبردار! يخ بڪ بند ڪر، ڏيڍيءَ جو ڏنڀ نه لڳئي، ادب ڪر. سمجهين سوچين ٿو ته ڇا ٿو چئين. اشرافن کي عيب ٿو لائين؟ ماڻهو آهين ڪي....؟

مانجهي: هائو، ڀليءَ ڀت ڄاڻو سڃاڻو ٿا. اوهان جو مريد آهيان. ڀلائي ڪري ٻانهون ڪڍي ٻاهر ڪريو. سر هڪڙو آهي ٻه ڪينهن، سو به صدقو لڄن تان.

متولي: ڇتو ٿيو آهين ڇا؟ اسين ولي تي ويهي، اهڙا ڪُڌا ڪم ڪريون ته هيءُ ڪانيون ڪرامتون ڪيئن هلن، نذر نياز ننگر ڪٿان اچن؟ اسين تُتبا تڏهن ڪريون، جڏهن ڪا خير کوٽي، جوف جو کائي هجي. الله جو ڏنو تنهنجي مرشد وٽ مڙئي ڪجهه آهي. سڻايئين ٿو ته هت پار پئي وهي! اسان تي گُٿا، گستاخيءَ جا گفتا نه گهڙ!

مانجهي ماڳهين مڇڏ بوهي ٿي بيٺس. ويڌن کي وريو وريو ورجائي، دک درد کي دُهرايو دُهرائي.

مانجهي: (هيٺانهين وٺندي) مرشد مٺا، ٻنهي جهانن جو جهالو مهڄر (محشر) جي ماڙ آهين. مُهت ڏينم. چڱن کان چڱايون ٿين، تو بنان ڪنڌي ڪانهي. نبيءَ جي سونهاري سٿ جا سڀاريل، عيبدار امت جي پارت سپارت آهيون. مون کي ٻانهون اُڀ مان به اُڍائي اَڻائي ڏيو. ڪرم ڪريو، تون پهتل آهين!

متولي: ڪنهن ڪافر توکي چوري چريو ڪيو آهي؛ اسان جي دشمنن توکي دلبو ڏنو آهي ته پيرن جا اپليا پرڪار پريندي پڌرا آهين. سو اهو پيرن جو پٽيو قيامت ۾ انڌو ٿي اُٿندو! جنهن گلا جو گانگهو تنهنجي گلي ۾ گهٽتيو آهي، آءُ چوان ٿو ته انهيءَ تريءَ تيل ناهي، تون ڌيان ڌار!

مانجهي: توهان کي سائين سگهه ڏني آهي، توهان جون ٻانهون ڊگهيون آهن، جي نورڀريءَ سوڌيون لڄون، تنهنجي نيهي نُک ناهن ته ڪنهن لَڇ لانبڙ جي لڙهه لڳيون آهن، ته انهن کي ڏڏوڏيڪر، مار موچڙو ڪرائي، نور ڀريءَ واريون نهارائي ڏيئي نوازيم. هن کان پوءِ آءُ جڳ ۾ جِي جالي نه سگهندس: ٺُوڙ ٿُڪون هڻندم. سنگتي سِٺيندم سُوٽيندم، ٽرڙا ٽوڪون ڪندا ته لڄون لوئائي لُٻائي،لل لنوائي، لوليو لورو ٿي آيو! اوهان جو ڳُڻن ڳڌو ٻانهون ٿي رهندس، اوهان جي ٻڙڪ تان ٻلهار پيو ويندس.

متولي؛ بنهين ڪو بي گُنو، نڪ وڍيرو نِرڄو ٿو ڏسجين! ڪُڏ ڪري  آيو آهين اسان کي اوڀالا، ڏوراپا ۽ ڏوٻاسا ڏيڻ. ٻوٿ ٻڌ، هران ڀران هلائون نه ڪر، نڪي ٻاڦ، نڪي داڦ! وڃي ووڙ! پسوري پڌري نه ڪراءَ! اسان درويش، دنيا جي دوکن دلبن ۽ دورنگي چالن مان ڇا ڄاڻون. منهنجن ملائڪن کي به مام ڪونهي ته نوري ڇاهي ۽ ناري ڇاهي!

مانجهيءَ منٿون ميڙون، ڪهڪائجي ڪِيرتون ڪيون، آزيون نيازيون ايلاز ڪِيا، ليلايو ستايو، ڏاهُون ڏيئي ڏانايو، پيرين پئي هٿ ٻڌي ٻاڏايو. رُنو رڙيو، پر ڪجهه به نه وريو؛ تڏهن چڙي چوڻ لڳو:

مانجهي: جي اسان جا ننگ ۽ نورڀري نٿا ڏيوم ته آءُ به بدمعاش بي گرو بي پيرو آهيان، جئين وڻيو تئين ڄاڻو؛ ڪمذات ڪميڻو ڪسيرو آهيان. اڄ ساهه کان آهو پليم؛ ”سر صدقو لڄن تان!“

متولي؛ چڱو چڱو! تنهنجن ڀڀڪين کان بنهين ڀؤ ڀانيم! ڀڄي وڃ، چارئي واٽون ويڪريون پيون اٿئي! جيڪا ڪاهڻي هجئي سا وڃي ڪاهي، ٽارو اٿئي جو ٽريو آهين!

مانجهي مرشد تي نااميديءَ جي نگاهه وجهي اٿيو. ڪِلي ڪنڌ ۾، سنئين ڳاٽ اُچاٽ، سيٽجي سُواٽو ٿيو. پنهنجيءَ پر ۾ جک ماريندو، چمڙي چڪيندو، سِٽون سٽيندو، ڦڙدي تان ڦانۡ ڦهڪو ڪري هيٺ ڪِري، وڏي وڻ وٽ ويهي وًهِي واچڻ ويٺو.

”ميان مانجهي، مرشدن جي ميڙن ۾ اهي مهميزون ۽ مصيبتون ٿينديون ئي رهن ٿيون. انهيءَ ڪري ٽوٽن کان ٽهي، سڀڪو شريف پرڀرو پاسو ڪريو پيو هلي. هي شير شاهه جا شڪرا، تيسمار خان ٽڙيو پکڙيو وسوڙلن کي وگهه وجهندا ٿا وتن! ڪنهن ٽِڻي ٽامڻيءَ کي طاقت ناهي جو دادلي درگاهه مان، پير روشن ضمير جي پِڙ مان، اسان جهڙن آسن اميدن وارن جون وينگسون، سچائي صدق وارن جون صورتون، پريدن ملاقاتين مان ڪو زوراور زيارتي کڻي ۽ کڻائي وڃي، ٿي نٿو سگهي! وڃي ڪو بلو ڀيڻي ڪر. اهو جهان خان، تنهنجو نبيرو هر گز نه ڪندو. ويٺي ڪين ورندءِ، وڃ وڃ، وقت نه وڃاءِ!“

گهڻيون گهڙيون ڪين گذريون ته ڪن شاهينگن، ڪيڪان ڪڏائي، ٽپهريءَ ٽاڻي، هڪلي اچي ڏيڍيءَ کي ڏنئون ڏنو: مفتخورا ماري، خفا خون ڪري، اک-ڇنڀ ۾ اپڇرائون، الهه تلهه، سون مين، سيلونتيون، سندريون، ڳوٺن جون ڳوريون، گام جون گُجرون، جيڪي گشن ۽ بهاني بازيءَ سان اندر ڪرم يوگين جي ڪوٽن ڪڙولن ڪرفن ۾ قيد قابو هيون، جن کي ڏنجهه، ڏنڀ ڏنگ ڏيهاڙي ڏيندا هئا، ڏک، ڏولاوا ڏوجهرا ڏسي رهيون هيون، جيڪي رماڪن تي روڪايل رکاتون ۽ حق بخشايل، سدا لاءِ خانداني تُرم ڪاٽي رهيون هيون. حويليءَ جون هڙئي دايون ٻانهيون ٻڌي، بغلن ۽ ڀاڪرن ۾ ڀري، ڪڇن ۾ قابو ڪري، کنڀي کڻي ويا. تيڏانهن تم ٿيا، جيڏانهن کان جُلهه ڪئي هئائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com