رعنا حنيف صديقي
پولار
ثمرين گيٽ تي بيٺي هئي. جڏهن هن جي ڪار سامهون اچي بيٺي. بينا
ڪار مان هيٺ لٿي ۽ ڪار جو گيئر
(Gear)
وري سٽارٽ ٿيڻ لاءِ بدلايو ويو، ته ثمرين ڪار جي
دريءَ ۾ اندر جهاتي پاتي. ”اونو، ادا منظور توهان
ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ توهان کي اندر اچڻو پوندو. آءُ
توهان ٻنهي کي ڀاءُ سان ملائڻ ٿي چاهيان
No excuse me please--۽
منظور خان کي نه چاهيندي به لهڻو پيو.
ثمرين جو ڀاءُ عمر، جيڪو عالمي شهرت جو چترڪار ته نه، پر هڪڙو
شيشاگر هو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ جرمنيءَ ۾ ڪرسٽلن
(Crystals)جي
نمائش ڪرائي موٽيو هو، بينا ۽ منظور سان ملاقات ٿي
هيس ۽ منظور کان سندس آئل ڪمپني بابت پڇڻ لڳو، جتي
هو مئنيجر هو.
بينا کي پارٽيءَ ۾ الاهي پراڻا ساٿي ملي ويا. هوءَ پيرس ۾
پنهنجي ٽن سالن جي پڙهائيءَ بابت ٻڌائڻ لڳي ۽
کانئن سندن باري ۾ ڳالهيون پڇڻ لڳي. ٿوري دير کان
پوءِ بينا پنهنجي مڙس ڏانهن نهاريو، جيڪو بيوسيءَ
جي حالت ۾ بيٺو، عمر جي سوالن جا اُبتا سبتا جواب
ڏيئي رهيو هو. هن کي پاڻ ڏانهن نهاريندي ڏسي،
منظور ڏاڍيءَ مشڪل سان عمر کي ڇڏي هن وٽ آيو ۽
سرٻاٽ ۾ چيائين: ”آءُ وڃان ٿو هتي اجايو ڦاسي ويو
هوس. پوءِ ايندس توکي وٺڻ.“
بينا جي چپن تي مرڪ پکڙجي ويئي ۽ هن هائو ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. هن جو
چهرو امن ۽ شانتيءَ جو ڳالهائيندڙ چتر هو، ڇو جو
هن جي من ۾ به امن ئي امن هو. نه صرف پاڻ سان بلڪ
ٻين سان به امن امان!
منظور بنا ڪنهن کان موڪلائڻ جي هليو ويو ۽ بينا ديوار تي ٽنگيل
مغل پينٽنگ کي ساراهڻ لڳي. ايتري ۾ عمر ٻه آرنج
جوس جا گلاس کڻي هن جي پاسي ۾ اچي بيٺو.
”ثمرين وٽ ڪي ڏاڍيون قيمتي ۽ قديم شيون آهن.“ بينا هڪڙو گلاس
کڻندي چيو.
”ها، ثمرين جي هنن تي ڏاڍي دل آهي.“ عمر چيو ”پر اسان کي انهن
پراڻن،
antiques
کي رڳو ساراهڻ کپي، آرتي نه ڪرڻ کپي.“
”توهان ٺيڪ ٿا چئو، آءُ به سوچيندي آهيان، ته انهن کي ايتريقدر
چاهي اسان پنهنجي زماني جي فن ۽ هنر کي وساري ٿا
ڇڏيون. پنهنجن قوتن کي گهٽ ٿا سمجهون.“
”ثمرين پئي ٻڌايو ته تو ائڊورٽائزنگ
(advertising)
۾ ڪي نوان ۽ خاص ميڊيا
(media)
ڪتب آندا آهن. تنهنجي ڪم جي ڏاڍي واکاڻ ٻڌي اٿم.“
عمر سندس باري ۾ چيو.
”نه، اهو صحيح نه آهي. آءُ ته رواجي ڪم ڪندي آهيان، جيڪو ڪم
وندر به هوندو آهي ۽ هونئن به اسان سڀئي گڏجي ڪندا
آهيون.“ بينا مرڪندي چيو. ”خاص ته توهان جهڙا
ماڻهو آهن، جيڪي سڄي قوم جي سڀيتا ۽ آرٽ جي رهبري
ڪندا آهن. قومن ۾ يگن ۾ هڪڙو ڀيرو ڪو جينيس
(genius)
اُڀرندو آهي، جيڪو پنهنجي قوم جي اتهاس ۾ انقلاب
آڻي ڇڏيندو آهي.“ هن عمر ڏانهن پنهنجي ڳالهه جي
پٺڀرائيءَ لاءِ ڏٺو، جيڪو سندس ڳالهه ڏاڍي ڌيان
سان ٻڌي رهيو هو. ”اهو جينيس
(genius)
ڪهڙي به شعبي جو هجي. چترڪار، ليڊر يا سائينٽسٽ.
توهان به انهيءَ اُتم پد تي پهچي ويا آهيو.“
”پر فنڪار ته سڀ
selfish
هوندا آهن. هو ٻين جي لاءِ نه، پر پنهنجي
satisfication
لاءِ ڪنهن تخليق کي جنم ڏيندا آهن. اها ٻي ڳالهه
آهي ته اسان قوم جا سونهان آهيون. ڀاڳ وارا ته
توهان آهيو، جيڪي
unconsciously
قوم جي اڳواڻي ڪندا آهيو.“ عمر جي مرڪ ۾ ٽوڪ هئي.
بينا کي هن جي سچ چوندڙ مرڪندڙ اکين کان الاءِ ڇو
ڊپ محسوس ٿيو.
”لڳي ٿو ته توهان اسان جي پيشي کي سٺو نٿا سمجهو. ائين ته نه
آهي جو توهان
advertising
کي فن جو دشمن ٿا سمجهو؟“ بينا پچيو.
”دشمن ته نه، پر ها، ان کيsoap
operas
۽
entertainment shows
وانگر اوچي قسم جي فن جو هيٺاهون
substitute
ضرور سمجهندو آهيان.“
”ڪجهه به سمجهو، پر اسين ته عام ماڻهو وٽ پهچي ويندا آهيون ۽
هنن کي ذري گهٽ جندڙيءَ جي اوچن قدرن سان سڃاڻپ
ڪرائيندا آهيون.“ بينا پنهنجي ڌنڌي جو پاسو وٺندي
وراڻيو.
”تون ڇا به چوين پر ڳالهه اها آهي ته اسان
create
ڪندا آهيون ۽ توهان نقل ڪندا آهيو.“
”چڱو سائين، مڃيوسين.“ بينا هٿ جوڙيندي چيو ۽ ٻيئي کلڻ لڳا. ”پر
پوري طرح تڏهن مڃينديس جڏهن توهان مون کي پنهنجي
glass work
جو ڪو پيس ڏيندئو.“
”تنهنجو مڃڻ ته مون کي اِلاهي مهانگو پيو.“ عمر کلندي چيو.
”بينا عمر کان شيشي جي فن بابت پڇيو. ”توهان مون کي ڪجهه
blowing glass
بابت ٻڌايو. هونئن ته هميشه فيڪٽرين ۾ ئي گلاس جون
ڪارائتيون شيون هزارن جي تعداد ۾ ٺهنديون آهن؛ پر
توهان ته
glass blowing
کي
individual art
جي پکيڙ ۾ آڻي فن جي دنيا ۾ نواڻ آندي آهي.“
”هي فن منهنجي ڳولها ته اصل ڪانهي؛ پر هيءُ اهڙو فن ضرور آهي،
جنهن ۾ هر ڪلاڪار ڪا نئين شئي آڻيندو آهي. دنيا ۾
ڪي به ٻه پيس هڪ جهڙا نٿا ٿي سگهن. شيشي ۾ ايتريون
ته خوبيون آهن، بينا، جو آءُ هر ڀيري ڪا نئين شئي
ٺاهيندي حيران رهجي ويندو آهيان، ڇو جو هر ڀيري
مون تي ان جو ڪو نئون گڻ ظاهر ٿيندو آهي.مون جاچيو
آ ته شيشو چيڪي مٽيءَ کان به وڌيڪ نرم ۽ لچڪيدار
آهي. هي هڪڙو ڌاتو آهي، پر ساڳي وقت هي پاڻياٺ
liquid
به آهي. اهڙو
liquid
جنهن کي پگهرايو وڃي، ته ماکيءَ جهڙو محسوس ٿئي ٿو. پوءِ ان کي
پنهنجي مرضيءَ پٽاندر
blow pipe
سان ڦوڪي ڪوبه آڪار ڏيئي سگهجي ٿو.“ عمر پنهنجي
آرٽ جي باري ۾ ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ بينا اچرج ۽
دلچسپيءَ سان سڻندي رهي.
رات جو جڏهن منظور بينا کي وٺڻ آيو، ته عمر بينا جي ڪن ۾ سرٻاٽ
ڪيو؛ ”لڳي ٿو، تون پاڻ کي
under estimate
ٿي ڪرين.“
گهر ڏانهن ويندي، بينا سوچڻ لڳي ته عمر جو ڇا مطلب هو. هن منظور
ڏانهن ڏٺو، جيڪو ڏاڍي سڪون ۽ لاپرواهيءَ سان ڪار
هلائي رهيو هو. ’عمر ائين ڇو چيو؟‘ هن پاڻ کان
سوال ڪيو. سندس سوچون
Pendulum
وانگر عمر کان منظور ۽ منظور کان عمر تائين لُڏي
رهيون هيون. سندس نهار منظور جي
profile
تي اٽڪيل هئي. خوش ۽ مطمئن منظور، شريف ۽ خاموش.
’ڍنڍ جيئن بند ٿيل ۽ بيٺل‘ بينا پنهنجي منهن
بڻڪيو.
”ڇا؟“ منظور سمجهيو بينا کيس ڪجهه چئي رهي هئي.
”ڪجهه به نه.“ بينا گهرو ساهه کڻندي چيو. چهري تي اهو ئي سڪون.
رات جا ٻه لڳا هئا. بينا کي رات جو رڳو ٽي_چار ڪلاڪ ننڊ ايندي
هئي. جڏهن هوءَ سمهڻ لاءِ ليٽيندي هئي، ته احساس
ٿيندو هئس، ڄڻ هوءَ اجايو وقت وڃائي رهي هئي. ۽
هوءَ اُٿي اچي
studio
۾ ڪم ڪندي هئي. هن مهل به هوءَ
sketches
ٺاهي رهي هئي. سندس ڌيان ٻئي ڪمري ۾ ستل منظور
ڏانهن ويو. پيءُ جي مرضيءَ سان بينا هن سان شادي
ڪئي هئي. پڻس جي چوڻ تي هوءَ منظور سان ملي، هن
سان ڳالهايائين ۽ هائو ڪيائين. پيءُ کي آٿت هو ۽
منظور خوش هو، ته هن کي پسند ڪيو ويو آهي_ پر بينا
ڇا هئي؟ هائو ڇو ڪيائين؟ اهو ڪوبه سمجهي نه سگهيو.
انسان ٻن دنيائن ۾ رهندو آهي. هڪڙي ٻاهر جي دنيا
Concrete
۽ محدود، جنهن ۾ انساني سۡڱ قائم هئا. ٻي اندر جي
دنيا؛ پورالي ۽ وشال. بينا جو سڄو وقت اندر جي
دنيا ۾ گذرندو هو. ٻاهر جي دنيا جي وجود کي هوءَ
بيشڪ لازمي سمجهندي هئي؛ پر ان سان ذري گهٽ ڪوبه
ناتو نه هئس. تنهن ڪري ان سان ٺاهه هو، امن هو!
انهيءَ امن جي ڪري ٻاهر جي دنيا، اندر جي دنيا جي
ڪڏهن به وچ ۾ ڪانه آئي. شادي ٻاهرين دنيا جو لازمي
ڀاڱو هئي. انهيءَ کان وڌيڪ شاديءَ جي ڪابه اهميت
ڪانه هئي.
بينا جي ذهن جي ڪُن جي ڪنهن به وڪڙ ۾ منظور جو وجود ڪونه هو. ان
ڳالهه کان منظور شايد اڻڄاڻ هو. هو ته رڳو ان
ڳالهه ۾ ئي مگن هو، ته سندس زال هڪڙي وڏي گهر جي
ڇوڪري آهي، پڙهيل لکيل! بينا آڏو منظور جي ٻن
اڻپڙهيل ڀينرن ۽ ماسيءَ جي ڌيئرن جا معصوم چهرا
اچي ويا. هن کي محسوس ٿيو، ته هوءَ پاڻ هڪڙو
چمڪندڙ ٿانءُ هئي، جنهن جي ابتي پاسي
Made in England
جو ليبل لڳل هجي ۽ جنهن کي ڪنڀر پنهنجي ئي هٿن
سان جوڙيل ٺِڪر جي ٿانءُ تي سرسي ڏي! ’هي پنهنجا
ٿانو انڌيري جاءِ ۾ ڇو ٿو ڦِٽي ڪري؟ ڄڻ ان مِٽيءَ
سان هن جي هن جي ڪابه مائٽي ڪونهي.‘ بينا کي
پهريون ڀيرو منظور تي ڪاوڙ آئي، ڇو جو منظور
پهريون ڀيرو هن جي اندر جي دنيا ۾
Interfere
ڪيو هو ۽ سندس هميشه جيان امن پسند من ۾ جنگ ڇڙي
پئي.
عمر گهڻو ڪري ثمرين ۽ بينا سان ملڻ سندن آفيس ۾ ايندو هو ۽
Advertising
کان ملوڪ جي معاشي حالت کي
نقصان جي باري ۾ بحث ڪري کيس چيڙائيندو هو ۽ هوءَ
پنهنجا
Lay Outs
ٺاهيندي ويندي هئي ۽ موٽ ۾ جواب ڏيندي ويندي هئي.
هڪڙو ڀيرو هو ثمرين جي گهر ويٺي
Sketches
ٺاهي رهي هئي. عمر به اتي ويٺو هو. ثمرين فون جي
گهنٽيءَ جو آواز ٻڌي فون
Receive
ڪرڻ هلي ويئي.
”آءُ توکي سمجهي ويو آهيان ته تون ڇا آهين.“ اوچتو عمر بينا کي
چيو.
بينا حيران ٿي ڏانهنس ڏٺو. ”پر آءُ ڪا اهڙي
Mysterious
شخصيت ته ڪانه آهيان، جو توهان جي سمجهه ۾ نه
اچان. هڪڙي عام ڇوڪري آهيان!“
”ياد اٿئي، پهريون ڀيرو جڏهن آءُ توسان مليو هئس، تڏهن توکي
ڪجهه چيو هئم؟“
”نه... ڇا چيو هيئي؟“ پر عمر جي اکين ۾ حقيقت پۡسي، بينا ڊڄي
ويئي ۽ اکيون هيٺ ڪري چيائين، ”ها، ياد اٿم، ڀلا
ٻڌاءِ ته آئون ڇا آهيان؟“ هن ڳالهه ڦيرائيندي
پڇيو.
”تنهنجي اسٽار
Cancer
توکي آرسيءَ وانگر پڌرو ڪري ڇڏيو آهي.“ عمر چيو.
”تنهنجي اسٽار جو نشان
Crab آهي. اندران نرم ۽ نازڪ، پر ٻاهران لاپرواهي ۽ سخت مزاجيءَ جو
خول چڙهيل!“
”ڇا مطلب؟“ بينا شايد وڌيڪ چٽائيءَ سان ڪجهه ٻڌڻ پئي چاهيو.
”اهوئي ته تون ڏکن ۽ ايذائن کان، جن کان تون ڀڄڻ لاءِ محبت جي
جذبي کان به بچڻ ٿي چاهين. پر اهو ايذاءُ، اُنهن
ايذائن کان، جن کان تون ڀڄي رهي آهين، وڌيڪ ڀوائتو
آهي.“
”بس؟ يا ٻي ڪا ڪسر رهجي ويئي آهي؟“ بينا جي آواز ۾ سندس چهري
جهڙي شانتي هئي، پر سندس احتجاج جي ان انداز عمر
کي
Distrub
ڪري ڇڏيو.
”هڪ ٻئي جي
Analysis
ته سٺي ڳالهه آهي بينا. تون به مون تي
Criticize
ڪري سگهين ٿي.“ هن چيو.
”آءُ ته ماڻهن کي ڪڏهن به نٿي سمجهي سگهان. ڪير ڇا آهي؟ اهو
سوال ته منهنجي ذهن ۾ ڪڏهن به نٿو اچي.“ اهو هو به
سچ. بينا ايتري قدر
Introvert
هئي، جو هن پنهنجي خول کان نڪري
ٻين کي ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن ڳالهه بدلائي عمر کان سوال ڪيو؛
”ڀلا هڪڙي ڳالهه ٻڌاءِ.
تون
Cancerians
تي چنڊ جي اثر کي ڪيتري حد تائين درست ٿو
سمجهين؟“ ۽ عمر سمنڊ جي لهرين ۽ چنڊ جي اثر هيٺ
اچڻ واري اسٽار
Cancer
جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو.
رات جا چار لڳي رهيا هئا ۽ بينا
Studio
۾ پنهنجي ميز تي ويٺي ڪم ڪيو. ڪم ايترو ضروري به
ڪونه هو، پر پوءِ به اڄ کيس اصل ننڊ ڪانه پئي آئي.
هن ڪم ڇڏي، ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيئي پنهنجون ٿڪل اکيون
ٻوٽيون. ٿوري دير کان پوءِ اکيون کولي اڳيان ڀت تي
لڳل تصوير کي ڏسڻ لڳي، جنهن تي چار سال اڳ کيس
Photography Club
پاران انعام مليو هو. ڳاڙهي، پيلي آڪاش تي هڪڙو
اڪيلو ڪارو پکي اُڏري رهيو هو؛
’جهونجهڪڙي ۾ ڪارو ڪڻڇي
منهنجو من، جيون بن
اڏري اڏري پوندو ٿڪجي
تنها تن، منهنجو من
جهونجهڪڙي ۾ ڪارو ڪڻڇي.‘
هن کي اياز جو نظم ياد اچي ويو ۽ تڏهن ئي تنهائيءَ جو احساس
ڪنهن ڄاتل سڃاتل ڌڪ جهڙو لڳس. اِهو ڌڪ کيس پهريون
ڀيرو پيرس ۾ لڳو هو، تڏهن هن پنهنجي من اندر امن
آڻي سوچيو هو؛ اڪيلائيءَ جو احساس ته هر فنڪار کي
ٿيندو آهي. هو پنهنجي فن ۾ ايتري قدر ٻُڏي ويندو
آهي، جو ٻاهرين دنيا جا سڀ ناتا ۽ پيار وڃائي
ڇڏيندو آهي.
پر اڄ. ... اڄ وري هي خيال.... احساس هئس ته عمر سان مليو آهي.
عمر، جنهن هن جي ڪٽ لڳل ذهن کي
Metal Stimulation
ڏني هئي. جنهن جو
Subtle humour
منظور جي سستي مذاق کان ڪيترو نه مختلف هو.اڄ شدت
سان احساس ٿيس ته جيڪر مڙسنهس وهندڙ نهر هجي ها،
بند ٿيل ۽ بيٺل ڍنڍ نه، ته هوءَ پاڻ کي ڪيترو نه
سوڀاڳيه سمجهي ها! هوءَ مايوسين جي اونهي اوڙاهه ۾
ڪري رهي هئي، جتان واپسيءَ جي ڪابه واٽ نه هوندي
آهي. سندس اکين آڏو پراڻو ڏٺل ڪنهن فلم جو ڏيک
گهمي ويو؛ جنهن ۾ هڪڙو پولاري
(Astronaut)
ڀُل کان راڪيٽ جي ٻاهر رهجي ويندو آهي. راڪيٽ
اڳتي زوزاٽ ڪري نڪري ويندو آهي ۽ هو ويچارو پولار
(space)
جي اونهي اوڙاهه ۾ ترندو رهندو آهي. نه پٺيان ڪو
ماضي، نه اڳيان ڪو مستقبل!
رزاق مهر مومل موءِ کان پوءِ......
هو اڳتي وڌي ميران جي پيرن ۾ ويهي رهيو.
ڏهه ڏينهن اڳ، جڏهن ميران وٽ رکيل پئسن مان پنج روپيا آفيم لاءِ
گهرڻ لڳو هو، تڏهن ميران چيو هوس، ”علوءَ جا پيءُ،
ڪجهه هونش ڪر_ ٻه هزار مٿان قرض بيٺو آهي. ٻارن کي
ڏس، لڱن تي لٽو به ناهي! انهن جو ايترو به خيال نه
اٿئي جيترو آفيم جو“.
ميران جو ايترو چوڻ، ۽ پيرل جو هٿ هڪدم وڃي ميران جي وارن ۾
پوڻ. ڇڪي ٻيڻو ڪري ڇڏيائينس. ميران پاڻ ڇڏائڻ
چاهيو.
پيرل مڇربو ويو. اکيون ڀوائتون. وات گِڦ. ”اصل چريو ٿي پيو هو“.
”ڪميڻي! مون کي ٿي مِهڻا ڏين. گهڻا گهمرا سمجهايو
ٿي مانءِ ته گهري موچڙا نه کائيندي ڪر.“
هو ميران جا وار ڇڏي ڀت جي ڪنڊ ۾ رکيل ڪپڙن ڌوئڻ واري سونٽيءَ
ڏانهن ڀڳو. سونٽي کڻي اچي ورتائينس. هڪ زومائتي
سونٽي لڳڻ سبب ميران ڪُسندڙ ڍور جيان رنڀ ڪئي:
”ائي ابا ڙي“. ۽ پيرل ڪجهه سوچي، سونٽي ڦٽي ڪئي.
پوءِ ڌڪ مڪون ۽ وري لتن سان ورتائينس_ ۽ هوءَ فوٽ
بال جيان ٿڏبي رهي.ميران هميشه جيان صبر سان ڪٽبي
رهي، ۽ هميشه جيان روئي کڻي رڇ ڀريائين.
ان ڏينهن پيرل هن کي ڌرتيءَ تي ئي اڌ مئل ڪري ڇڏي، ڪٻٽ مان وڃي
پئسا کنيا، ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو گهر کان ٻاهر نڪري
ويو. تڏهن ميران ڏند ڪرٽي اڇنگار ڏني هئي، ”ماريا
شل ڪو منهنجو صبر پُڄندئي“. هوءَ رڙهندي ڪنجهندي
کٽ ڏانهن وڌي وئي هئي.
اها مار ميران لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي. ٻيو ته ٺهيو، پر هر
عيد تي جڏهن گهر گهر خوشين جي ورکا ٿيندي هئي،
تڏهن به ميران بي زباني جانور جيان ڪٽبي هئي. تڏهن
به هن جي گهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن بهاني روڄ راڙو ضرور
ٿيندو هو. هن جا ٻار، جيڪي مهيني کان عيد اچڻ جا
ڏينهن ڳڻندا هئا، اهي ان ڏينهن گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾
منهن ڀيلو ڪري ويهي رهندا هئا. تڏهن ميران ٻارن جا
لٿل منهن ڏسي، دل ۾ جهير پوندا محسوس ڪندي هئي.
هوءَ چاهيندي هئي، ٻارن کي سڄي جڳ جو خوشيون ڏي، پر هن وٽ رڳو
نه کٽندڙ غمن جا انبار هئا. هوءَ ٻارن کي خوشيون
ڏئي نه سگهندي هئي، ته پنهنجي نصيب تي روئي پوندي
هئي. گذريل عيد تي پيرل جيئن ئي نماز پڙهي گهر آيو
هو ته ڏٺو هئائين، ديڳڙو اڃا دم تي هو. اڃا ڪجهه
گهڙيون هيون چانورن رڌجڻ ۾. پيرل جي نظر ۾ اها
ميران جي وڏي ۾ وڏي غلطي هئي، جنهن کي معاف ڪرڻ هن
جي اصول جي بلڪل خلاف هو. هن کي هڪدم باهه لڳي
وئي_ ٻه چار ڪچيون گاريون ڏئي، ديڳڙو کڻي اونڌو
ڪيائن. رڌل چانور ڌرتيءَ جي نذر ٿي ويا. جن منجهان
نظرون ڪڍي ٻار پيءُ جي ڪاوڙيل چهري ڏانهن خوفزده
نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا.
”ذليل مان وڃي ماڻهين جي گهر وڃين روزو کوليان“. کٽ جو ڀڳل پائو
کڻي اچي ورتائينس. پوءِ جڏهن مار ڏئي توائيءَ مان
گهر کان ٻاهر نڪري ويو هو، ته ميران پويان چيو هو،
مئا شل ڪاريءَ واءُ جي سٽ ايندئي“.
ڪاريءَ واءُ جي سٽ پيرل کي ته نه آئي، پر ميران پاڻ ئي هي جڳ
ڇڏي هلي وئي. ڇهه ڏينهن اڳ ميران کي ٻار ڄائو هو،
۽ جنهن ڏينهن هن جي ڇٺي هئي، ان ڏينهن ميران مري
وئي.
ٽين ڏينهن جي ئي ته ڳالهه آهي، جو ميران پيرل کي چيو هو، ”علوءَ
جا پيءُ، دائيءَ چيو آ ته مون کي زرڪان ٿي پيو آ،
تڏهن سُڄي پئي آهين“.
تڏهن ميرل چڙي پيو هو. چيو هئائين، ”مڪر ڇڏ، مڪر ڇڏ ته وٺانءِ
نه سونٽن سان“.
۽ هن وڌيڪ نه ڪڇيو هو. ان ڏينهن کان پوءِ سندس حالت وئي جيئن
پوءِ تيئن خراب ٿيندي. اهڙي حال ۾ به هوءَ گهر جو
ڪم ڪار ڪندي رهي. ڄڻ هوءَ عورت نه هئي، ڪنهن مڇي
مارڪيٽ جي رول ڪتي هئي.
هڪ ڏينهن اڳ جڏهن پيرل پاڙي ۾ ٺهندڙ نئين جاءِ جي ڪم تي وڃي
رهيو هو، تڏهن ميران کيس ڪنجهندي التجا ڪئي هئي،
”علوءَ جا پيءُ، مان مري وينديسانءِ ٻيلي، منهنجو
ڪو احساس ڪر.“
تون ڏائڻ، تون مرندينءَ؟ کٽڪو نه ڪر، رن! تون مون کي ماري پوءِ
مرندينءَ.“
پوءِ جڏهن هو ڪم تي هليو ويو هو، تڏهن ميران ڏانهس پنهنجو وڏو
پٽ علو، جيڪو ستن سالن جو هو، موڪليوهو. جڏهن پيرل
آيو ته ميران پنهنجون بند ٿيل اکيون کوليون ۽ وري
بند ڪري ڇڏيون. انهيءَ تي پيرل کي چڙ لڳي وئي،
مٺيون ڀيڪوڙجي ويس. ڏند ڪرٽيندي چيائين، ”شهند نه
ڪر، مان ڏاڍو حرامي آهيان. اصل هڏ گڏ ڀڃي
وجهندومانءِ“.
تڏهن ميران ڊپ کان کڻي نماڻا نيڻ کوليا هئا.
ان ڏينهن پيرل ۽ ٻارن لاءِ ماني پاڙي جي وڏي مائي سڀائيءَ موڪلي
هئي. پيرل کي اها ڳالهه وڻي ته ڪونه هئي، پر
سڀائيءَ جو چوڻ موٽائڻ هن لاءِ ڪجهه ڏکيرو ٿي پيو
هو. ان لاءِ به جو سڀائيءَ جا هن جي مٿان وڏا
احسان ڪيل هئا.
ٻي ڏينهن جڏهن ميران اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿي وئي، تڏهن سڀائيءَ
پيرل کي ڪجهه چيو، ۽ ميرل ڪنڌ ڌوڻي، ٽانگو ڪرائي
ميران کي ڊاڪٽر ڏانهن کڻائي ويو. پر ان مهل وقت
گذري چڪو هو، ڊاڪٽر کيس جواب ڏئي ڇڏيو. هو گهر
ڏانهن واپس پئي آيو ٽانگو اڄا رستي ۾ ئي هو ته
ميران به موت جي ڪاري ٻاٽ اوندهه ۾ گم ٿي وئي،
پنهنجي نصيبن جي سج جيان.
گهر ۾ ماتم مچي ويو. (ان روڄ ۾ ڇهن ڏينهن جي نئين ڄاول ٻار جون
رڙيون به شامل هيون، جنهن کي پوءِ پاڙي جي هڪ عورت
کي ٿڃ لاءِ ڏنو ويو.)
ميران جي ماءُ ڏانهن تار موڪلي وئي، پر هوءَ اڃا نه پهتي هئي.
هن جي اچڻ تائين ميران جو لاش هڪ ڏينهن تائين رکڻ
جو فيصلو ڪيو ويو. در جي ٻاهران تڏو وڇايو ويو هو،
جنهن تي آهستي آهستي ماڻهو اچي ويهڻ لڳا هئا.
پيرل تڏي تان اٿي اندر آيو. ان مهل پاڙي جي وڏي مائي سڀائي ميرل
جي ٻارن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي_ جيڪي
رڙيون ڪري روئي رهيا هئا.
سڀائي جي نظر جڏهن پيرل تي پئي ته هوءَ هن ڏانهن وڌي آئي. “ابا
پيرل، ٻار بس ئي نٿا ڪن. تون ڪو هنن کي چپ ڪراءِ“.
پيرل ڪجهه نه ڪڇيو، رڳو اڳتي وڌي آيو. ٻار هن کي پاڻ ڏانهن
ايندو ڏسي، پنهنجو پاڻ ئي چپ ٿي ويا.
”ابا ڳالهه ٻڌ“. مائي سڀائي هن جي ڀرسان ايندي چيو.
ان کان اڳ جو مائي سڀائي قرض ڏنل پئسن جي گهر ڪري، پيرل هڪدم
چئي ڏنو، ”ماسي، تنهنجي پائي پائي مان لاهيندس.
تون اسان سان وڏا ڳن ڏنا آهن. بس، هاڻي ڪجهه ڏينهن
رڳو مهلت ڏي“.
مائي سڀائيءَ ميران جي لاش ڏانهن ڏسندي وراڻيو، ”پيرل، جيڪي
ميران مون کان جاءِ لاءِ ٻه هزار ورتا هئا_ اهي
ياد اٿئي نه؟“
”ها ماسي، گهر ۾ نه کائبو پهريان تنهنجو قرض لاهبو.“
مائي سڀائي ميران جي لاش تان نظرون هٽائي، ٿڌو ساهه کنيو.
چيائين، ”ابا، سچي ڳالهه اها اٿئي ته ميران رڳو
نانءُ منهنجو ڪيو، نه ته اهي پئسا پاڻ پورهيو ڪري
ميڙيا هئائين.“
”هي ڇا پئي چوين ماسي!“ هو وائڙو ٿي ويو.
”ها ابا، جڏهن تون ڪم تي ويندو هئين ته ميران ويچاري هِن هُن جي
گهر وڃي پورهيو ڪندي هئي. هاڻي جڏهن اها شيءِ ئي
هلي وئي ته لڪ لڪاءُ ڇا جو.“
پيرل جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا. هن پنهنجو ٺوس وجود برف جيان
ڳرندي محسوس ڪيو. سيني ۾ هلڪي هلڪي سور جون سٽون
اُڀرڻ لڳس. جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻي هڪ نظر ٻارن تي
وڌائين، جيڪي ڏانهس خوف وچان ڏسي رهيا هئا _ ۽ ٻي
نظر چادر ۾ ڍڪيل ميران جي لاش ڏانهن_ وڌائين. هن
جي اکين ۾ پهريون ڀيرو ميران جي لاءِ ڳوڙها ڀرجي
آيا. پيءُ کي رئندو ڏسي ٻار ماءُ لاءِ وري روئڻ
لڳا، ۽ هن اڳتي وڌي ٻارن کي ڀاڪرن ۾ ڀريو ۽ ڍورن
وانگر ڍڪڻ لڳو.
ڪهاڻي لکڻ ۽ ڪهاڻي جنمڻ ـــــ ٻه الڳ واٽون آهن. هڪ ٺهيل ٺوڪيل
واٽ آهي، جنهن تي بنا ڪنهن کٽڪي پير ڌري اڳتي وڌي
سگهجي ٿو ۽ ماڳ (پڄاڻي) تي رسي سگهجي ٿو. ٻي واٽ
نئين ۽ آڄاتي ماڳ ڏانهن وٺي ويندڙ واٽ آهي، ان واٽ
تي پير ڌرڻ لاءِ تجربي جي جوکم کائڻ جو ساهس ضروري
آهي. ائين ئي هڪ ڪهاڻيڪار ـــ هڪ ڪلاڪار پنهنجي
تجربي ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ پڙهندڙ جي من ۾ آميو
اتساهه پيدا ڪري سگهي ٿو.
حميد سنڌي
ٺوٺ ڌرتي
مستن تي ڪهڙي ميار. پرو نٽهڻ اُس ۾ ڪي ڪلاڪ جهُمر هڻندو رهيو.
ڊگهي چولي جو پلو مٿي ڪري جهولي جهلائي دانهون
ڪندو رهيو: ”ڀيڄ مولا!“ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛
”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”ڀيڄ مولا“.
رب جي ذات وڏي آهي. اگهي ته ڪائو ڪچ، نه ته مالڪن کي به موٽ.
پر جي چوڌاري ماڻهن جا ميڙ هئا. پر رب جي ذات اڃا
به وڏي آهي، پروءَ جي جهول ۾ نه هو ڪائو ڪچ، نه هن
آڇ ڪئي، نه هيس لڄ. انگ اگهاڙو هڪ وڏو چولو جنهن
جي هيٺيان ڪجهه به نه هيس. هو ٻاڏائي رهيو هو.
رڙيون ڪري رهيو هو. پر رب جي ذات اڃا به وڏي آهي.
جڏهن ڪو ڪرم ڪري. پروءَ جهڙا مست ته گهڻئي، پر پرو
سڏبوئي هو ”مينهاڻي مست!“ پرو ڪهڙو جي ”مينهاڻي
مست.“
اڄ هن لاءِ آزمائش جي گهڙي هئي. ماڻهن جا ميڙ. اک اک منجهس.
سندس هر چُر پُر تي ماڻهن جي چُر پُر اچيو ٿي
ويئي. سندس هر نعري تي نعرو پئي لڳو: ”ڀيڄ مولا“؛
”ڀيڄ مولا“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”هڻ ڪو مولا
گوڏي جيڏو.“
”جيڏو تنهنجو نانءُ اوڏوئي آسرو“ واري آسري تي خلق ڄميو بيٺي
هئي. پگهر پئي ڳڙيا، جسم پي سڙيا، پر هو سڀ آسروند
هئا ۽ سندن هڪ نظر پروءَ ۾ هئي ۽ هڪ نظر آسمان ۾.
اڃا ته ڪٿي به آگم جو اُهاءُ نه هو. ابر جو اُهڃاڻ
نه هو. پر آسروند اهوئي آسرو کنيو بيٺا هئا ته رب
جي ذات گهڻي گهڻي وڏي آهي، وسي ته وڏ ڦڙو، اچي ته
اڱڻ اگهاري، برسي ته بهاري، اُٺي ته اُڃايل
پياري. اُڃايل اُڃ کنيو بيٺا هئا، ڏرتي ٺوٺ هئي،
سوڪهڙي ساوا به سڪائي ڇڏيا هئا.
انهيءَ ٺوٺ ڌرتيءَ تي اڄ پرو بيٺو هو، جنهن سان هن جو ازلي ناتو
هو. سڄي ڳوٺ وارا سنڀرن ته هو پروءَ مان مينهاڻي
مست ڪيئن ليکيو.
پرو ڪو ڄائي ڄم کان مست ڪونه هو. پرو ائين ئي هو جيئن عام ٻار
ٿئي. هڪ غريب پيءُ ماءُ جو غريب پٽ. ڦاٽل چولو،
هيٺان ڪجهه به نه، گهٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندڙ،
مٽيءَ سان راند، ٻاراڻيءَ وهي جي مستي، کيس انهيءَ
ڳالهه جو پتو ئي نه رهيو ته هُن جا پيءُ ماءُ مري
ويا آهن. هڪ ننڍڙي گهر ۾ پڦين جي حوالي، چاچي جي
مار موچڙي هيٺ پئي پليو. پروءَ لاءِ سوٽن جو ولر
وڏي نعمت هو. کيڏن، رڙيون ڪرڻ، واڪا ڪرڻ سندس وس
هو. ننڍڙي ڪچائين گهر جي وڏي اڱڻ ۾ بيهي جڏهن ٻارن
جي لڏي سان گڏ ڦيريون پائيندو هو ته سندس ڪيفيت
ڪنهن مست کان گهٽ ڪانه هوندي هئي. جيتوڻيڪ سندس
ڪابه اهميت ڪانه هئي؛ پر هو پنهنجي دليريءَ جا
داو ڏيکاريندو رهندو هو. سندس کلڻي، ملوڪ منهن
لاءِ ڪنهن کي ڪو خاص چاهه نه هو. هو هڪ يتيم ٻار
هو ۽ اهڙا يتيم، اهڙا ٽوهه پٽن ۾ ڪيئن پيا هئا.
پرو انهيءَ ۾ به خوش هو. سندس خوشي تڏهن وڌي ويندي هئي، جڏهن
پنهنجي سوٽ مومل کي آڱر کان وٺي هلائڻ جي ڪندو هو.
هوءَ جڏهن پدمڙا پير کڻي هن سان گڏ آڱڻ ۾ هلندي
هئي، ته هو خوشيءَ وچان رڙيون ڪندو هو ۽ پڦي زينان
کي سڏ ڪندو هو، ”پڦي، او پڦي، هيءَ مومل ته ڏس
ڪيئن هلي ٿي، جهڙي ڊيل!“
پڦي جنهن پروءَ کي پنهنجو ڪري رکيو هو، ورانڊي مان جواب ڏيندي
هيس، ”ها، ها پريل مومل ته ڊيلن جي به راڻي آهي.“
هو خوش ٿي، مومل کي مٺي ڏيندو هو ۽ زور سان چوندو
هلندو هو؛ ”هلي منهنجي ڊيل راڻي، هلي منهنجي ڊيل
راڻي___!“ ۽ وٺي اچي پڦيءَ وٽ بيهندو هو. پڦي
هيڏانهن هوڏانهن نهاري چوندي هيس، ”اڙي پريل، هوءَ
ته ڊيل آهي. تون ڇا آهين، مٺو مور؟“ ته پرو مومل
کي ڇڏي ٻانهون کولي مور وانگر نچندو هو، ۽ نچندي
ٽپندي ٻاهر هليو ويندو هو.
پروءَ جي اها نچڻ ڪڏڻ جي مستي ويتر وڌي ويندي هئي، جڏهن آڙهڙ جا
ڏينهن سانوڻ اچي ٺاريندو هو. مينهونڳيءَ جي موسم
پروءَ لاءِ من مستي ۽ ڦوهه ڦلارجڻ جا ڏينهن هوندا
هئا. هو پهرين ڪڻيءَ تي ٻاهر نڪري ايندو هو، ۽
خوشيءَ وچان دانهن ڪندو هو، ”ڀيڄ مولا!“ ۽ پوءِ
سندس سئوٽ به هنبوڇيون هڻندا نڪري ايندا هئا، نعرن
جو ڌوڌڪاٽ هوندو هو، ”ڀيڄ مولا، چانديءَ جا گولا.“
”ڀت تي نوڙي، مينهن آيو ڊوڙي“ پر پروءَ جو وڻندڙ
نعرو هوندو هو؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو!“ نعري هڻڻ
۾ هو بنهه مست ٿي ويندو هو. جڏهن تکو مينهن پوندو
هو، ٻار سڀ اندر ورانڊيءَ ۾ ڊوڙي ويندا هئا، ته به
پرو بيٺو هوندو هو سندس رڳ رڳ بهاريءَ ۾ هوندي
هئي. هو مينهن ڦڙا بت تي ورائيندو ويندو ۽ مينهن
ڦڙن کي پيئندو ويندو هو. ڪڏهن ته گپ کڻي بت تي
لائيندو، منهن تي مليندو ۽ ڪڏهن ته دُٻن مان پاڻي
پيئندو هو، پڦيس رڙيون ڪندي هيس؛ ”پروءَ، اڙي پرو،
مري پوندين، اندر اچ،“ پر هو مينهن جي گوڙ ۾ ڄڻ ته
ٻڌندو ئي نه هو؛ پر جڏهن چاچو نڙ کڻندو هو ۽
ورانڊي مان اُلاريندو هيس؛ ”اڙي اچين ٿو يا نه، هڏ
گڏ ڀڃي ڇڏيندوسانءِ“. تڏهن لاچار اندر ايندو هو.
پڦيس چولو لاهي سڪڻ وجهندي هيس ۽ هو پوتڙو ٻڌي،
ورانڊي جي هڪ ڪنڊائتي در وٽ بيهي، مينهن جي ڪا لار
جهٽي وٺندو هو.
مينهن اڃا اڪري مس هلندا هئا ته پروءَ لاءِ ساوا پۡٽ، پۡٽ پٽيهر
بڻجي پوندا هئا، هو لهي وڃي رئيس جي باغ ۾ پوندو
هو، خوشي جون للڪارون ڪندو ليٿڙندو ويندو. يارن
سان مستي ڪندو ويندو. موٽندو ته اچڻ ساڻ مومل کي
کڻندو ۽ چوندس، ”منهنجي ڊيل راڻي هلي ته سائي پٽ
پٽيهر تي. هت نه هلي ته سائي پٽ تي. راڻي! باغ ۾
هلندينءَ؟“
يڪدم چاچس رڙ ڪندي هيس، ”مئا، باغ ۾ نه کڻي وڃجانس، ڪو تو وانگر
پنڌ ٿي ڪري، تنهنجي ٽنگن ۾ ته لوهه پيو آهي“.
”چاچي مومل وڏي ٿئي ته پوءِ ته هلندي؟“
”چڱو، چڱو، وڏي ته ٿئي.“
هو مومل جي پدمڙن پيرن کي تڪيندو توريندو رهندو هو. پرو خوش هجي
۽ مومل پير نه کڻي ۽ خوشيءَ وچان چيٽون نه ڪري
مومل جڏهن چِٽو ڳالهايو تڏهن به پروءَ دانهن ڪئي؛
”پڦي ڊيل ته ٻولي ٿي!“ پڦي وراڻيندي هيس؛ ”ٻولي
سدا ٻولي، مٺو مور!“ ۽ هو ٻانهن جون کنڀڙاٽيون
هڻندو، پيرڙا کڻندو نچڻ کڳندو هو ۽ مومل به هاڻ
ساڻس گڏ پيرڙو کڻندي هئي. مومل نچي ۽ پرو خوش نه
ٿئي.
ائين نئين موسم آئي، نئون سانوڻ آيو، پروءَ ۾ تروڄ ڪيو هو، ۽
کيس اسڪول جو به خيال نه رهيو، نه وري موسم جو ئي
ڊپ! ڪڪرن جي اُهڃاڻ تي هو اسڪول مان ٻاهر نڪري
آيو. ڇاجو پڙهڻ ڇاجو لکڻ. هو ڀلا من جي مستيءَ
بهاريءَ ۾ اچڻ وارو پکي. سو خشڪ پٽن، سڪل ميدانن
کي ڏسندو ڊوڙندو آيو. کيس بس نه هئي، جيستائين گهر
نه پهتو. هُن دانهن ڪئي، ”هڻ مولا گوڏي جيڏو.“
سڀني سرتين گڏجي وراڻيو، ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو.“
مومل ٻاتائي چيو، ”هن مولا تو دوڏي ديڏو.“ ائين
ابر ۾ اُهاءُ ٿيو، گوڙ ٿي، گجگوڙ جا ٺڪاءُ ٿيا، وڄ
وراڪو ڏنو، بادل مستيءَ ۾ ورندا آيا، ڦڙ ڦڙ، ڦري
لارون بڻي، پرو تيئن بهاريءَ ۾ آيو؛ ”هڻ مولا ڪو
گوڏي جيڏو.“ وسڪارو ٿيو، نيسارا وهيا، پر پرو اڃا
به مستيءَ ۾ هجي، مور کڻي پر کنڊيريا، ڊيل پريان
آواز ڪري، پرو کنڀڙاٽيون هڻندو وڃي، چوندو وڃي؛
”مولا اصل گوڏي جيڏو، گوڏي جيڏو _ گوڏي جيڏو مولا
_!“ جيئن پروءَ صدا هڻي تيئن ڪارونڀار ۾ وڄُ وراڪو
ڏئي، وڄُ جو وۡڄ اڃا وڄي بس ڪري، ته بادل بر ٿي
بيهن ۽ گوڙ جا ٺڪاءُ هنيانءُ ڏڪائن،پر پروءَ
مستيءَ ۾ مست هو. سندس ساٿي ورانڊي ۾ وڃي لڪا، هاڻ
ته مومل جو به آواز نه هو پر پروءَ جي صدا صدين
جون سڪون لاهي ڇڏيون. وسيو به ائين وسيو جو هاڻ
پکي پکڻ لڪڻ لڳا، ماڻهوءَ جا ته اڳيئي ڦڦڙ ڏڪڻ لڳا
هئا. ڪچيون جايون، سو هڪ هڪ ٺڪاءُ تي سندس ڀتيون
ٿي لُڏيون، ڇتيون ته اڳيئي وهي هليون هيون. گهر
وارن جو بنهه ساهه منجهيل هو.هر هڪ اهو پي وراڻيو،
”جل تون جلال تون آئي بلا کي ٽار تون.“
پڦي زينو ته ورانڊي ۾ بيٺل هئي، هاڻ ته هوءَ پروءَ کي سڏ به نه
ٿي ڪري سگهي، متيون منجهيل هر هر ”حسبي
ا...........“ جو ورد پئي ڪيائين ۽ شوڪارا پئي
هنيائين. چاچي، پڦي صفوران ۽ ماسي نعمت، تغاريون ۽
بالٽيون ڇِت هيٺان ڏيڻ ۽ گاري ڍوئڻ ۾ پوريون هيون
۽ چاچو، تيشي کنيو ٻرهلن کي بند ڪرڻ ۾ لڳو پيو هو.
مينهن هڻي جاءِ کي ڇِني وڌو هو، ڪلاڪ کن ۾ مينهن
اصل پوريون ڪري ڇڏيون. |