ظفر حسن
تلاءُ
رات جو مينهن پيو ته رهيل ڪسر به پوري ٿي ويئي. هڪڙو هيٺالو،
ٻيو جهوپڙيون، ٽيون سيارو، باقي مينهن رهيل هو،
اهو به آڌيءَ رات جو اچي ڪڙڪي__ صبح جو دونهين نه
دُکي، مٿان پوڙهن جي کنگهه ۽ کانگهارا، ٻارن جا
ڪاڪڙاٽ. جهڙي قيامت! پر جي قيامت به هڪ ڏينهن جي
هجي، ماڻهو ڊڄي به؛ جتي ڏيهاڙي قيامت هجي، ته پوءِ
ڪهڙي سُڌ ته قيامت ڪڏهن آئي، ڪڏهن ويئي! اتي قيامت
تي به ڪهل اچي ويئي!
مينهن گند کي ڦُلاري وڌو آهي. اڳي ته رڳو تلاءُ جي ڌپ نڪ
ساڙيندي هئي، هاڻي ته گهٽي گهٽي، جهوپڙي جهوپڙي ڌپ
ٿي ويئي آهي. پر نڪ اهڙو ته بي نڪو آهي، حرام جو
سڙي! ٽيهن سالن کان نڪ اهڙو جو اهڙو آهي؛ ويتر
وڌيڪ تکو ٿي ويو آهي. ڪتو به ائين ڍونڍ کي نه
تاڙي، جيئن ماڻهو جو نڪ!
هو به گپ ۽ گند مان لڇ لڇ ڪندو، گپ هاڻا پير کڻي تلاءُ جي ڪپ تي
اچي ويٺو آهي. پريان ريل جا پٽا چلڪندا ڏسڻ ۾ پيا
اچن. گندي ناليءَ جو پاڻي اُٿلي تلاءُ ۾ پئجي رهيو
آهي. ۽ انهيءَ گندي ناليءَ جي سرن ٻڌل ڪپ سان اُها
واٽ آهي، جتان ماڻهو هلي، ريل جا پٽا اُڪري، پريان
پڪي رستي تي پهچندا آهن___ ۽ اتان ٽڙي پکڙي وڏي
شهر ۾ الوپ ٿي ويندا آهن!
هو انهيءَ سِرن ٻڌل ڪپ پريان واٽ جي ٻوڙن منجهه، اڌ لڪل اڌ پڌرو
نظر اچي رهيو آهي.
”اڙي ڪير آهين، هتي ڇا پيو ڪرين؟ ڪجهه ته ڌيان ڪر. نياڻيون
سياڻيون پيون لنگهن، پرڀرو نٿو وڃي جهنگ جو
خيال...!“ ڪو آواز مٿان واٽ تان اچي ٿو.
”۽ توهان سڀ صبح جو قطار ڪريو وڃيو ويهو، او صفا پٽي واري پاسي
۽ ريلن جون ريلون لنگهيو وڃن، اوڏيءَ مهل لڄ ڪانه
ٿي اچيوَ!“
”اڙي رمون ته ڪونه آهين؟ لخلانت ٿئي!“ هو به ٻوڙن مان هٿ ٻاهر
ڪڍي، ڀونڊو ٿو گهروڙي.
”اڙي چريا، ريل گاڏيءَ وارن کي ڪهڙي خبر ته ڪير ويٺا آهن؛ توکي
ته اسين سڃاڻون ٿا نه.“
سڃاڻو ٿا ته پوءِ ڇا؟“
”اڙي هي معاملو سڄو سڃاڻڻ ۽ نه سڃاڻڻ جو آهي.“
”سچ!“
”ٻيو نه ته وري__ ماڻهوءَ کي رڳو پڪ ٿئي ته فلاڻي هنڌ ڪو نه
سڃاڻيس ته اصل ليڪو ئي لنگهي وڃي!“
”اهو ڪيئن؟“
”اهو تون نه سمجهندين، تون ته آهين چريو. واقفن ۾ هجين يا
اڻواقفن ۾، ڪندين اُهوئي جيڪو من ۾ ايندءِ!“ خدن
ريل جا پٽا اُڪرڻ لڳي ٿو.
” خدن يار، شهر پيو وڃين نه__ وزم واڙي ته وٺيو اچجانءِ. قسم
اٿئي مولا جو، ڪالهونڪر ٻاڙيا وتون!“
”اڙي هتي ٻاڪر ڪُٽو لڳو پيو آهي. رات جو مينهن ماڻهن کي ڊاهي
وڌو آهي، توکي لڳي آهي وزم پاڻيءَ جي! آئون پاڻ
دوا وٺڻ پيو وڃان، جيوڻ جي ڪِڪي چاق ڪانهي.“ هو
ريل جو پٽو اُڪري وڃي ٿو.
سج پنهنجا ڪِرڻا ڪڍيا آهن. اُتر جي تيز هوا جي ٿڌاڻ ڪجهه گهٽ
ٿيڻ لڳي آهي. ڪي ماڻهو جهوپڙين مان پاڻي پيا ڪڍن،
ته ڪي ڪاٺين سان ناليءَ ۾ روڪيل پاڻي ۾ پيا
وهائين. تلاءُ مان ڊڀ نسريو بيٺا آهن. مڇرن جا مُچ
پاڻيءَ تي چتيون بڻيا پيا آهن. هوا سان ڊڀ لڏن لمن
ٿا، پاڻيءَ ۾ هلڪيون لهرون پيدا ٿين ٿيون ۽ مڇر به
لهرن سان هيٺ مٿي ٿين ٿا:
”اڙي هروڀرو ٿا پاڻي ڪڍو. رات جو ٻيو وسڪارو ٿيو، ته تلاءُ جو
پاڻي اندر ڌوڪي ايندو. پوءِ ڪيڏانهن ڪڍندؤ پاڻي!“
هو بڙ بڙ ڪرڻ ٿو لڳي. ’شپڙڪ‘ پاڻيءَ ۾ پٿر ڪري ٿو
۽ مڇرن جو ريلو اُڏائڻ لڳي ٿو.
”اڙي اُٿي ويئو، ڪُتي جا پُڇ!“ هو رڙ ڪري ٿو ۽ هڪ ٻيو پٿر سندس
ڪن وٽان ٿيندو، پاڻيءَ ۾ ڪِري ٿو ’شپڙڪ‘ ۽ مڇر
جيڪي پهرين پٿر لڳڻ تي اُڏامي، پوءِ ويهي رهيا
هئا، سي وري اُڏامڻ لڳن ٿا.
”اڙي ڇورا، رات مينهن پيو؛ پر توهان تي ڪو اثر نه پيو. هجو
ماڻهوءَ جا ڦر ته اثر پَويوَ...“
”رمون چريو__ رمون چريو...........“ ٻار چيڙائڻ لڳنس ٿا. هو
ڏيلهو کڻي ٻارن کي اُلاري ٿو، ته پريان ايندڙ آواز
تي هٿ جهلي ٿو وٺي.
”اڙي هلو ڇورا، صبح سوير رؤنشو. اڙي بَچوُ! تون ته گهر هل،
پڻهين کٽ تي پيو آهي، ۽ توهان به ڀڄو نه ته هڻانو
نه کلا.“ پريان ساجن ڇوڪرن کي دڙڪا ڏيندو هن ڏانهن
پئي آيو.
”ساجن، چڱو ٿيو ته ڇورن کي ڀڄائي ڇڏيئي، نه ته اڄ آئون به لاک
لاهي ڇڏيان ها!“ هو هٿ وارو ڏيلهو تلاءُ ۾ اڇلي
ٿو. لهرون پيدا ٿين ٿيون، مڇر اُڏامڻ لڳن ٿا.
”رمون، تون به ته ڪجهه هوش ڪر نه“ ساجن اٽلندو مٿس ڇوهه ٿو
ڇنڊي.
”هو ته آهن ڇورا پاڻ زورا، پر تون به ته پاڻيءَ مان نڪريو
وڃين!“
”پوءِ هو ’چريو چريو‘ ڇو ٿا چونم؟“
”اڙي بابا، هو ڀلي پيا ڌوڙ پائين؛ باقي چڙندين ته پوءِ ڇورا تنگ
ڪندءِ، تون ڪو چريو ٿوروئي آهين!“
”هان__ آءُ چريو ڪونه آهيان نه ساجن!“ هو خوش ٿي وڃي ٿو.
” نه بابا، تون چريو ڪونه آهين.“
”پڪ.“
”پڪ، اصل پڪ. تون اسان وانگر آهين. جي چريو آهين ته پوءِ اسين
به چريا آهيون. غريب يا ته سڀ چريا آهن ۽ يا پوءِ
هڪڙو به ڪونهي.“
”پوءِ ڀلا ٻار مون کي چريو ڇو ٿا ڪن؟“
”اڙي رمون، سمجهه سمجهه جو فرق آهي. ٻارن کي ڪهڙي ڄاڻ ته تون
ڏاڍو ڏاهو ۽ عقلمند آهين.“
”پوءِ چئبو ته اها سڄي ڳالهه سمجهڻ نه سمجهڻ جي آهي.“
”اها ڳالهه ڪيئي نه عقل جي. يار رمون، تون ته اسان کان به وڌيڪ
عقل وارو آهين.“
”ساجن يار، موٽندي وزم پاڻي ته وٺيو اچجانءِ. قسم اٿئي مولا
جو.“
”مزوري لڳي ته حاضر.“
”اڄ ته واهه جي لڳندءِ. اسان مستن جون دعائون اٿئي.“ رمون ٿوري
دير لاءِ بيهي رهي ٿو ۽ سامهون جهوپڙين ڏانهن
نهارڻ لڳي ٿو. ٻن- ٽن جهوپڙين مان دونهون نڪرندو
نظر اچي ٿو. ٻار وري ڳوڻ جا پڙدا سيري جهاتيون
پائڻ لڳا آهن. ناليءَ جو پاڻي اُٿلون ڪري رهيو آهي
۽ ٻنهي پاسي تلائن ۾ ڪِري رهيو آهي- پريان ريڊئي
تان قرآن شريف جي تلاوت اچي رهي آهي. مانڊڻي کُلي
وئي آهي. رمونءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي وڃي ٿي. ٻيڙيءَ
جو آسرو ٿئيس ٿو.
هو ٽِلندو جهوپڙين جي ويجهو اچي ٿو. ٻار کيس ڏسي ”چريو چريو“
ڪن ٿا؛ پر هو ڏانهنِ نهارڻ بنا يعقوب جي مانڊڻيءَ
تي اچي ٿو. هاڻ ريڊيو تان قرآن شريف جو اردو ترجمو
اچي رهيو آهي. يعقوب ۽ علڻ الائي ڪهڙي ڳالهه تي
ڳنڍيا پيا آهن. هن کي پهرين ته سمجهه ۾ نٿو اچي.
”اڙي صبح سوير الله رسول جو نالو وٺجي يا فلمي گانا لڳائجن!“
”تنهنجي مرضي. اسين به تيسين چانهه ڪونه ٿا پيئون. سيلون
لڳائيندين ته چانهه جون سُرڪيون ڀربيون.“ وري علڻ
رمونءَ کي ڏسي چوڻ لڳي ٿو: ”واهه ڙي يار رمون، وڏو
ڪو ترڙ نڀاڳو آهين، ڪالهه اهڙي ڪا پِٽَ هنيئي جو
کيسا ئي خالي ڪري ڇڏيئي!“
رمونءَ جو منهن لهي ٿو وڃي؛ پر وري همٿ ڪري چويس ٿو: ”پوءِ اڄ
آزمائجانءِ!“
”آزمايان وري ڌوڙ، ڪالهه جمعو هو، ڀلارو ڏينهن، بلئڪ ۾ وارو لڳي
ويو. اڄ هڪ ٻه ٽڪيٽ نڪتي ته به شڪر.“
”هان يار، فلم ڪيئن هئي؟“ يعقوب وچان پڇيس ٿو.
”هاءِ يار، راڻيءَ جا اُهي لوڏا هئا، جو ڊاهي وڌائين.“
”اسٽوري ڪيئن هئي ڀلا؟“
”اسٽوري واهه جي هئي. هو هيرو آهي، نالو ڇا اٿس؟ ها، نصرالله،
ان کي مسلمان مجاهد ڏيکاريو اٿن ۽ راڻي ڏيکاري اٿن
ڪافرياڻي. بس ٻنهي جو عشق ٿي وڃي ٿو. اصل مزو چي
ويو.
ريڊيو تان قرآن شريف جو ترجمو ختم ٿئي ٿو ۽ يعقوب سيلون لڳائي
ٿو. سهگل جو مٺو آواز اچي رهيو آهي: ”دک ڪي دن
بيتن ناهين.“
”يار ڪيڏو نه درد آهي سهگل جي آواز ۾.“ علڻ ڳنڀير ٿي وڃي ٿو.
يعقوب ڪنڌ ڌوڻيندو رهي ٿو، ”يار پل مُرڪون ٿا، پهر روئون ٿا.
سهگل جا سُر ته هانوَ ۾ کُپيو وڃن.“
”علو، ٻيڙي ته پيار“ رمون ٻاڏائيس ٿو.
”يعقوب، ڏي هڪ ٻيڙي يار رمونءَ کي ۽ ٺاهه چانهه ٻه ڪوپ.“
رمون اُتساهه مان علڻ ڏانهن ڏسي ٿو.
”رمون يار، مئٽني ۽ فرسٽ شو ۾ بلئڪ ڪيم، جوا ڪيم، هارايم، کيل
ڏٺم، اڃا اچي ڊٺس ته مٿان مينهن اچي ڪڙڪيو، اهو
اٿئي سڄو حال.“
رمون رڳو ڏانهنس تڪيندو ٿو رهي.
”پئسا ڪمايئي ته پوءِ جوا ڇو کيڏيئي؟“ يعقوب چيس:
”بس، کٽيءَ کنيو. دل چيو ته من ٻه ٽي پئسا ٻيا به نڪري پون، ته
هڪڙو ڪوٽ وٺان، جيجل کي عينڪ به ٺهرائي ڏيان-- ۽
توکي به هڪ وڳو وٺي ڏيان.“ هُن رمونءَ کي ڳراٽي
پاتي، ”اڙي تنهنجا ڪپڙا ته پُسيا پيا آهن، اڙي
زوراور مرڻو اٿئي ڇا؟“
”ڪري به ڇا، ٻيو لٽو هجيس به نه!“ يعقوب ياد ڏياريس.
”رمون يار، مينهن پوي ته مون ڏانهن هليو ايندو ڪر نه، ائين ته
مري ويندين!“
”اڙي مري ويس ته ڇا ٿيندو؟ هي مري ويو ته ڇا ٿيندو؟ تون مري
وئين ته ڇا ٿيندو؟ اسين سڀ مري وياسين ته ڪهڙو اُڀ
ڊهي پوندو!“
”ها، آهي مشڪري جو ائين ٿا مرون! متان دل لاٿي اٿئي. آءٌ مري
سگهان ٿو، تون مري سگهين ٿو، اسين سڀ نٿا مري
سگهون. اصل اڻ ٿيڻي آهي، ڪيئن يعقوب؟“
”ها، سچو آهين علو، سچو. آئون ڀانيان ٿو ته رمون انهيءَ تلاءُ
کان ڊنو آهي، ته متان پاڻي ڀرجي وري جهوپڙين ۾
هليو اچي مڇرن سوڌو، ڪيئن يعقوب؟“
يعقوب ۽ علو کلڻ لڳن ٿا.
”اڙي رمون بادشاهه :آهين، بادشاهه! ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتين. اچي
وٺ چانهه بس يار پنهنجي پنهنجي سمجهه جو فرق آهي.“
يعقوب ڪوپ وڌائي رمونءَ کي ڏئي ٿو. يعقوب ريڊئي جو
آواز مٿي ڪري ٿو. ايتري ۾ مائي ساول اچي ٿي.
”ابا ياقب، ٻه گوريون ته ڏجانءِ تپ جون.“
”اما ساول، ڪيئن چاق آهين نه.“ علو پڇيس ٿو.
”ڪير؟ علڻ پٽ آهين! ابا، شابس ٿئي. نه ڪا خبر وٺين نه ڪا سار
لهين ته جيئرا آهيون، ڪين مري ويا آهيون.“
”امان، هن تي ميار ڪانهي. هي ته آهي ناٽڪي ڦر.“ علوءَ جي پاران
يعقوب جواب ڏئي ٿو.
”ابا، ناٽڪي هجي يا ٻاٽڪي، پنهنجن کي ڪو وساربو آهي ڇا؟ مڙهو
بيمار نه هجي ته آئون اچي نڪران ها. مون به چيو ته
علوءَ کي گهڻن ڏينهن کان ڏٺو ڪونه اٿم. خدا ڪري
چاق هجي.“
”چاچا جيئل چاق ڪونهي ڇا؟ اڄ ضرور ايندس پڇڻ.“علو ڦڪو ٿي چويس
ٿو.
”ابا، اچو نه اچو، شل وڏيون ڄمارون ماڻيو. سدائين خوش هجو. ڳوٺ
کان نڪتا آهيون ته مًن پنهنجن سان ملڻ لاءِ ماندو
ٿو ٿئي. نه وڪڻي ها وڏيرو زمينون، نه وٺي ها چوڌري
۽ نه ٿيون ها بي گهر. اًلا اًلا!“
”توکي ته چوڌريءَ ڪڍيو، پر اسان جا ته وڏيري ئي لاهه ڪڍي چڏيا.“
علوءَ چيو.
”امان، گهٻراءِ نه، مولا چڱي ڪندو.“ علو آٿت ڏئيس ٿو.
رمون ماٺ ماٺ ۾ پولار ۾ پيو نهاري. اوچتو ڇرڪ ڀريندي چئي ٿو؛
”ها امان، گهٻراءِ نه، انهيءَ تلاءُ کي منهن ڏبو.“
يعقوب ۽ هو ٽيئي کلڻ لڳن ٿا.”يار رمون، سچي تون بادشاهه آهين.“
يعقوب ريڊيي جي سُئي ڦيرائي ٿو. آواز پيو اچي. ”جيڪر هيس ڌاري،
مارن تڏهن وساري.“ اوچتو يعقوب گنڀير ٿي علوءَ کي
چوڻ لڳي ٿو؛ ”ها يار، اسين رمونءَ تي کلون ته پيا،
پر چوي ته سچ پيو. پهرين ته مٿان آيل مصيبت کي
منهن ڏيون، پوءِ ۾ ٻين ڳالهين کي ڏسبو.“
”ها يار، چوي جيڪر سچ ٿو.“ علوءَ ۾ به رمونءَ ڏانهن مڃتا ۾
نهاري ٿو. ”يار، ڏاڍو درد آهي هن پنهور جي آواز ۾
_ ”جيڪر هيس ڌاري، مارن تڏهين وساري.“ هو لفظ
ورجائڻ لڳي ٿو. ”ها يار، ڌاريا آهيون، تڏهن ته
وسارجي ويا آهيون!“
ٻار وري گهٽيءَ ۾ نڪري اچن ٿا. “رمون چريو، رمون چريو“ جا آواز
اچڻ لڳن ٿا. ٻارن کي واقعي رئونشو لڳو آهي. ڪجهه
ڏينهن اڳي اهو ساڳيو رمون چاق چڱو ڀلو هو. مزوري
ڪرڻ ويندو هو، پوءِ الائي ويٺي چا ٿيس، جو اڌ چريو
ٿي پيو. پهرين بڪ بڪ ڪرڻ لڳو اجائي سجائي، پوءِ
هوريان هوريان ماٺ ٿيندو ويو ۽ ٻارن کي به وندر
ملي ويئي. غريب ٻار ٻيو ڪن به ڇا؟ نه اسڪول نه
ميدان، نه باغ، نه راند روند. اهي ئي رستن تي ڌڪا
ٿاٻا، هوٻيا ۽ هوڪرا. اڄ رمون ور ڇڙهي وين ۽ هو
کيس چيڙائڻ لڳا؛ ”رمون چريو_ رمون چريو.“
”اڙي نڀاڳا وڃو نٿا گهر، ڇو اچي مٿو کاڌو آٿوً.“ يعقوب کين
ڇڙٻيو ۽ ڀرسان پيل ڪاٺي کڻي مٿن اُلريو. ٻار شايد
ان ردعمل لاءِ تيار نه هئا. ٿورو هيسجي ويا. علوءَ
به پادر لاهي ڏانهنِ اڇليو ۽ ٻار ٽڙي پکڙي ويا.
”اها سڄي حرامپائي انهيءَ ولڻ جي پٽ جي اٿئي. پاڻ به کينچل ڪري
۽ ٻي لوڌ به وٺيو اچي.“ يعقوب ريڊئي جي سُئي
ڦرائيندي چيو.
”ها پاڻ مري ويو، پويان هن چٺ کي ڇڏي ويو.“
”سچ پڇين ته آهيون اسين به چٺ.“ علو چوي ٿو.
رمون وري اچي انهيءَ تلاءُ جي ڪپ تي ويهي رهيو. گٽر هاڻي سڄو
تلاءُ ۾ پئجي رهيو هو. هو ويٺو رهيو؛ ٻه ٽي ڪلاڪ
گذري ويا. ٻار ته هيسجي اهڙا ڊنا هئا، جو الائي
ڪيڏانهن گم ٿي ويا هئا. رمون به چپ ويٺو هو. نه
ڪنهن پڇيس ته ڇو هو اتي ويٺو هو ۽ نه ئي هن ڪنهن
سان ڳالهايو. اصل ٻيڙي به نه گهري. بس رڳو ڪيڏي
ڪيڏي مهل رکيو پٿر پي تلاءُ ۾ اڇليائين. ننڍيون
لهرون پيدا ٿيو، کن ۾ گم ٿي ٿي ويون.
ماستر کي لنگهندي الائي ڪيئن ڪهل اچي ويئي. رمونءَ کي ڏسي چوڻ
لڳو، ”رمون، حق تي چريو ٿا چونئي. آئون ڀانيان ٿو
ڪلاڪن کان ويٺو آهين. هاڻي ته سج به لڙڻ وارو
آهي.“
رمونءَ ماستر کي اڻ ٻڌو ڪري وري هڪ پٿر تلاءُ ۾ کڻي اڇلايو ۽
وري لهرون پيدا ٿيون ۽ مڇرن جو ريلو اُڏاميو ۽ وري
اچي پاڻيءَ مٿان بيهي رهيو.
”اڙي رمون، توسان پيو ڳالهايان. گونگو ٿي ويو آهين ڇا؟“
”ماستر ڀلا ٻڌاءِ، جڏهن گهڻو مينهن وسي ٿو، ته پوءِ پاڻي ڇو ٿو
اچي جهوپڙين ۾.“
”ظاهر آهي مينهن وسندو ته پاڻي ضرور ايندو جهوپڙين ۾، ٻيو
ڪيڏانهن ويندو.“
”نه، اهو مينهن وارو پاڻي نه، تلاءُ وارو پاڻي.“
”اڙي ڀُوڪَ، جڏهن تلاءُ پاڻيءَ سان ڀرجندو ته ضرور اٿلندو، ڏسين
ڪونه ٿو ته هي گٽر ڪيئن پيو اٿلي. اهو پاڻي به ته
تلاءُ ۾ پوي ٿو.“
”ڀلا جي گٽر هتي نه هجي ته؟“
”پوءِ به تلاءُ اٿلندو، پر دير سان. ها جي مينهن نه پوي ته پوءِ
ڪونه اٿلندو. پر گٽر ته بابا سرڪاري آهي. هو انهن
بنگلن جو سڄو گند ڪچرو کڻي اچي ٿو. انهيءَ کي ڪير
بند ڪندو.“
”اسين بند ڪنداسين.“ رمون جي آواز ۾ هوڏ هئي.
”بابا اها طاقت اسان ۾ نه آهي. ميونسپالٽيءَ وارا ته پاڻ گٽر
کولڻ ايندا آهن_“ وري سوچيندي چوڻ لڳو. ”ها پر جي
هتي تلاءُ نه هجي، ته گٽر به نه اٿلي.“
”پوءِ ڇا ٿئي!“
”پوءِ اهو گٽر جو پاڻي مورڳوئي بنگلن ڏانهن موٽي وڃي. هتي روڪ
ٿئيس ته اهي سڀ بنگلا گٽر سان ڀرجي وڃن.“
”سچي!“ رمون جون اکيون چمڪي اٿيون.
”ٻيو، ڪوڙ ٿو ڳالهايانءِ؟ ابا، وير چڙهندي آهي ته دريا به اُبتو
وهڻ شروع ڪندو آهي، هي ته گٽر آهي.“ ڍ
”پوءِ پنهنجن جهوپڙين ۾ مينهن جو پاڻي گهڙي ڪونه ايندو؟“
”نه، صفا نه.“
”پوءِ يعقوب جي مانڊڻي ڪانه ٻڏندي.“
”نه.“
”پوءِ جيئل جي جهوپڙي ڪانه ڪرندي.“
”نڪو.“
”پوءِ پوءِ خدن ۽ علڻ جا ٻار بيمار ڪونه ٿيندا.“
”پوءِ ڇو ٿيندا؟.“
”پوءِ پوءِ...“ هو وڌيڪ ڪجهه چئي نٿو سگهي.
”پوءِ تلاءُ کي مٽيءَ سان ڀرندو ڪير!“ ماستر رمونءَ کي چوندو،
پائنچا بچائيندو، ناليءَ جي پاسي تان لنگهڻ لڳي
ٿو.
”آئون ڀريندس، ٻيو ڪير!“ رمون ڇاتيءَ تي هٿ رکي چوي ٿو.
”ها، ٻيلي تون ئي ڀري سگهين ٿو، ٻئي جي طاقت ناهي. تون ته آهين
بادشاهه ماڻهو.“ ماستر اڳتي هلندي بيهي، هن ڏانهن
نهاريندو، مرڪندو هليو وڃي ٿو.
هو وائڙن وانگر گهٽين مان لنگهندو پيو وتي. پير گپ سان ڀرجي ويا
اٿس. ٻار هاڻي ڊڄي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن. هو ٻارن کي
ڏسڻ لاءِ واجهائي پيو__ جهوتون ڏيندو، هڪ جهوپڙيءَ
کان ٻي جهوپڙيءَ تائين هلندو پيو وتي. هڪ هيسايل
ٻار ڳوڻ جي ٽپڙي کڻي کيس ڏسڻ لڳي ٿو، رمون بيهي
رهي ٿو. ٻار ڪجهه نٿو چئيس.
ها پٽ، چئه ته رمون چريو__ چئه چئه.“ ٻار تهائين ڊڄي وڃي ٿو ۽
منهن ٽپڙيءَ جي اندر ڪريو ٿو ڇڏي.
هو اُتان وري اڳتي هلي ٿو، پري کان هڪ ٻار ٻيو نظر اچيس ٿو،
جيڪو وکر وٺيو گهر پيو وڃي.
”ها بابلا، آئون آهيان رمون_ رمون چريو_“ ٻار تپرس ۾ ڏانهس
نهاري ٿو. لڳيس ٿو رمون سچ پچ چريو آهي، يا مار
کائڻ لاءِ هُشيون پيو ڏئيس؛ پر ٻار مرڳوئي هن کي
ڏسي، ڊوڙي ڀڄي وڃيس ٿو. رمون اتان هوريان هوريان
هلندو اچي جيئل جي گهر پهچي ٿو، ڄڻڪ آخري داءُ
هڻندو هجي.
”ابا کمن، آهي ڪو گهر ۾؟“
کمن سڏ تي ڊوڙندو ٿو اچيس، پر اوچتو هن تي نظر پوندي ئي ڄڻڪ
بريڪ لڳي ٿو وڃيس.
”اڙي بابا، ڊڄ نه_ آئون آهيان رمون_ رمون چريو. مون کي
چيڙائيندؤ ڪونه چريو چريو ڪري. پٿر به نه هڻندؤ
ڇا؟“ کمن پهرين ته تپرس جي لکا ڏئي ٿو. پوءِ همٿ
ڪري ڳالهائڻ لڳي ٿو ”تنهنجي مرضي آهي ته آئون پادر
کاوان، کٺيون لڳن ۽ بابا الڳ ابتو ٽنگيم.“
”اڙي نه نه، هاڻي حرام جو توهان جي دانهن ڏيان. تون ڀلي ٻين کي
سڏي آ. سڀئي پٿر هڻو، اصل وڏا وڏا، پر هتي نه_ هتي
علوءَ وارا ڏسندوَ ته کل لاهي ڇڏيندوَ. آئون هيئن
ٿو ڪريان جو تلاءُ جي ٻي ڀر ٿو بيهان، هان_ پوءِ
توهان ناليءَ تان بيهي مون کي پٿر هڻو، ڀتر هڻو،
سمجهيوَ!“ ائين چئي هو تلاءُ ڏانهن وڃڻ لڳي ٿو.
هو يعقوب جي مانڊڻيءَ تي اچي ٿو. ريڊئي جو آواز ڪن پيو ڦاڙي.
”جنم جنم تيرا ساتهه رهي گا.“ يعقوب ۽ ستار ملو
پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن.
”آئون چوان ٿو ته هڪڙو ته صبح کان وٺي رات تائين گانا هلايو،
ٻيو وري ڪوڙ، جنب جنب جي بڪواس.“
”وري مٿان ڪوڙ، هندوستان لڳائي چئين ٿو ته ريڊيو پاڪستان آهي.“
”پڇي ڏس ڪنهن کان به!“
مانڊڻيءَ جي ارد گرد بيٺل ماڻهو ملان ستار ۽ يعقوب جي ڏي وٺ مان
ماٺ ڪريو مزو وٺي رهيا هئا. هونئن به ملان سدائين
ڪنهن سان ڳنڍيو پيو هوندو هو.سسس
يعقوب جي پڇڻ تي ماڻهن هائوڪار ڪئي، ته ملان زمين تي پير زور
سان هڻندو، بڙ بڙ ڪندو هليو ويو.
رمون سِرندو سِرندو يعقوب جي ڀرسان اچ بيٺو.
”ڏي مون وارا سڀ پئسا.“ رمونءَ اوچتو رڙ ڪئي.
”سڀئي؟“
”ها، سڀئي ۽ هينئر جو هينئر.“ رمونءَ وري حڪم واري انداز ۾ چيو.
”اڙي رمون چريا، هينئر ته سڀ ڪونهن.“
”سڀ ڪونهن نه، ڀلا پنج کن ته ڏي.“
يعقوب جند ڇڏائڻ لاءِ سڀ پئسا ميڙي، پنج ڳڻي ڏئيس ٿو.
رمون پئسا وٺي وري يعقوب کي ورائي ڏئي ٿو.
”هان هي وٺ پنج رپيا ۽ ڏي مون کي پنجن رپين جا بسڪوٽ کٽمڙا، پڙو
ٻڌي ڏي سمجهيئه.“
”ڇو ڇا ڪندين، ماني ڪري کائيندين ڇا؟“
”منهنجي مرضي.“
يعقوب بسڪوٽ کٽمڙا برنين مان ڪڍي پُڙو ٻڌي ٿو ڏئيس ۽ رمون وٺندي
ئي هلڻ لڳي ٿو.
”ڏٺئو رمونءَ کي__ مڙس سڌو چوي نه ٿو ته پنجين رپين جو مال
کپي__ پهرين پنج رپيا پنهنجا وٺي ٿو ۽ وري پوءِ
ورائي ڏي ٿو.“
رمونءَ جي ڪن تي يعقوب جو آواز پئي ٿو ۽ اوچتو بيهي ٿو رهي.
”پئسا هوندي سوندي ائين ڇو وٺان شيون توکان.
تنهنجي مرضي آهي ته ماڻهو سمجهن خيرات پيو وٺان“
ماڻهو سڀ کلڻ لڳن ٿا ۽ يعقوب به مرڪي ٿو ڏي.
رمون کٽمٺڙن جو پُڙو کوليو اچيو جهوپڙين جي گهٽين ۾ نڪري: ٻار
پتي راند پيا ڪن.
”ٻارو هي ڏسو کٽمٺڙا ۽ بسڪوٽ.“ ٻار راند ڇڏي هن ڏانهن ڊوڙڻ لڳن
ٿا.
”نه نه، ائين نه ملندوَ ڇورا.“ پهرين مون کي پٿر هڻو ته پوءِ.
ٻار تپرس وچان کيس ڏسڻ لڳن ٿا.
”ها ٻارو، آئون ٿو تلاءُ جي ٻي ڀر بيهان، توهان اچي مون کي جيڪي
وڻيوَ سو هڻو. جنهن جو نشانو لڳندو، انهيءَ کي هڪ
هڪ کٽمٺڙو انعام ۾ ملندو.“ ائين چئي هو ڀڄڻ لڳي ٿو
۽ ٻار پويان ڊوڙڻ لڳن ٿا.
هو گپ مان ترڪندو، ڪنيون ناليون ٽپندو، ماڻهن سان ٽڪرائيندو،
ڊوڙندو ٿو وڃي ۽ ٻار ’هو هو‘ ڪندا، سندس پويان
ڀڄندا ٿا وڃن. رولو ڪتا به رونشي ۾ شامل ٿيندا
ٻارن سان گڏ ڊوڙڻ لڳن ٿا. لنگهندڙ ماڻهو حيرت سان
هنن کي ڏسڻ لڳن ٿا. هو گٽر تان سِرن واري واٽ ڏيو
ريل جي پٽن واري پاسي کان ٿيندو، تلاءُ جي ٻي ڀر
وڃڻ لڳي ٿو: ٻار پويان اٿس__ پاڻ اوچتو بيهي رهي
ٿو ۽ هٿ جي اشاري سان ٻارن کي روڪيندو چوڻ لڳي ٿو.
”بابا اها ڪار ڪانهي__ توهان گٽر وٽ بيهو. مٿاهان ٿيندؤ ۽ آئون
ٻئي پاسي ٿو بيهان، جنهن جو نشانو لڳي اهو اچي
کتمٺڙو وٺي.“
”۽ بسڪوٽ؟“ هڪ ٻار پڇيس ٿو.
”پوءِ اها توهان جي مرضي، وڻيوَ بسڪوٽ وٺ، وڻيوَ کٽمٺڙو__ بس.“
ٻار اوسي پاسي کان پٿر کڻي هن کي هڻڻ لڳن ٿا، ڪي پٿر هن تائين
پهچي نٿا سگهن ۽ پاڻيءَ ۾ ڪري ٿا پون__ پاڻيءَ ۾
لهرون پيدا ٿي وري گم ٿي وڃن ٿيون، هڪڙو پٿر هن کي
پيرن ۾ اچي لڳي ٿو.
”ڌوپار“ هڪ ٻار رڙ ڪري ٿو__ عارب ڊوڙندو هن وٽ اچي ٿو ۽ کٽمٺڙو
وٺي وڃي ٿو. هڪ ٻار کي کٽمٺڙي ملڻ سان ٻارن ۾
تهائين جوش اچي وڃي ٿو.
تلاءُ جي ڀر وارا پٿر کٽي ٿا وڃن، ٻار ٿورو پريان وڃي پٿر چونڊڻ
ٿا لڳن. هڪ ٻار ريل جي پٽي ڏانهن اچي پٿر کڻڻ لڳي
ٿو.
”متان اهي کنيا اٿو؟ ريل ڪيرائيندو ڇا__ اڙي پري ٿا اتان__ اهي
پٿر ڪار ڪونهن__ اهي لڳا ته به ڪجهه نه ملندو.
بابا، ٻيو جتان به آڻيو هر شئي ڪار آهي__ ٺڪر،
دٻا، شيشا، گند، ڪچرو جيڪو وڻيو سو آڻيو بس، توهان
لاءِ سولائي ڪري ڇڏيم__“
هڪ پٿر اوچتو هن کي لوندڙيءَ وارو لڳي ٿو ۽ رت وهڻ لڳي ٿو. ٻار
هيسجي بيهي ٿا رهن.
”پرواهه نه ڪر__ اچ خميسا اچ پنهنجو کٽمٺڙو وٺي وڃ__ واهه جو
چٽيو آهين!“
هڪ ريل گاڏي انهيءَ وچ ۾ اچي بيهي ٿي، شايد سگنل نه مليو اٿس.
اتي گهڻو ڪري گاڏيون اچي بيهنديون آهي__ ماڻهو
درين مان ليئا پائي ڏسڻ ٿا لڳن.
هي عجيب قسم جي راند ڏسي انهن کي الائي ڇا ٿو ٿي وڃي. رمون چرئي
کي ڏسي هو به رونشي مان درين مان ڪيلن جون کلون ۽
ٻيوگند ڪچرو رمونءَ ڏانهن اڇلائڻ ٿا لڳن، عجيب
نظارو ٿو لڳي، ڄڻڪ سڄي خلق چري ٿي پئي هجي. ريل جو
هارن وچي ٿو ۽ ٽرين هلڻ لڳي ٿي ۽ جيڪو گاڏو رمونءَ
جي ڀرسان لنگهڻ لڳي ٿو، ان مان گند ڪچرو رمونءَ
ڏانهن اڏامندو اچي ٿو ۽ رمون ويتر کِلڻ لڳي ٿو.
ريل جي درين مان ماڻهو رمونءَ کي ايئن کلندو ڏسي
رونشي ۾ کلڻ لڳن ٿا. ’هو هو‘ جا آواز ڪندا وڃن ٿا.
سج لڙي هيڊو ٿي چڪو آهي. اُتر جي هوا ۾ ٿڌ وڌي ويئي آهي__ ٻار
به پگهريلا آهن، ته به ڪٿان نه ڪٿان ڪا نه ڪا شئي
کنيو اچيو هن ڏانهن اڇلائين.
”نه رمون هاڻي راند بس__ توکي ته ڪجهه لڳي ئي ڪونه ٿو.“ هڪ ٻار
چويس ٿو. ٻار ٿڪجي پيا آهن.
”چڱو ٻارو، ترسو، آئون اچان ٿو.“ هو مٿي اچي ٿو. ٻار رمونءَ جي
حالت ڏسي ڊڄي ٿا وڃن. گند سان ڀريل، منهن مان به
ٻن ٽن هنڌان رت وهندڙ، لوندڙيءَ وٽ رت ڄميل، عجيب
ڀوائتي شڪل.
ٻار هيسجي وڃن ٿا.
”ٻارو، ڊڄو نه_ اچي، هاڻي هي بچيل مال اوهان کي ورهائي ٿو ڏيان.
اچي وٺو__ هان خميسا هي ٻه کٽمٺڙا، عارب توکي
بسڪوٽ ٿا وڻن وٺ هي بسڪوٽ ۽ ڪيڏانهن ويو عارب، اچي
عارب تولاءِ ۽ هي وٺ ڙي تون ۽ هاڻي هي توکي__“ هو
ٻارن کي بچيل مال ورهائي ڏيڻ لڳي ٿو.
سج هاڻي لڙي چڪو آهي. سنجها جي وقت جي اوندهه هوريان هوريان وڌي
رهي آهي. تلاءُ جي ڪني پاڻيءَ جو رنگ، مٿان وهندڙ
گٽر جي پاڻيءَ جو رنگ، جهوپڙين ۽ بنگلن تي ڇائنجدڙ
اوندهه جو رنگ هڪ ٿيندو وڃي. جهوپڙين ۾ دونهيون
دُکڻ لڳن ٿيون، پريان بنگلن ۾ بتيون ٻرڻ شروع ٿي
ويون آهن.
رمون گٽر جي مٿان ائين بيٺو آهي، ڄڻڪ ڪو وڏو ڪم ڪيو اٿس. ماڻهو
ڪم تان موٽڻ لڳا آهن. پريان خدن پيو اچي. خدن
رمونءَ کي ڏسي ڇرڪي وڃي ٿو:
”اڙي ها ڇا ٿيو اٿئي؟ لُڦيو پيو آهين، وري انهن ڇورن....“
”خدن، ڏس تلاءُ ڀريو آهي نه....“ هو خدن جي ڳالهه ڪٽيندي چئي
ٿو.
”ها، پاڻي پوندس ته ڇو ڪين ڀرجندو!“
”اڙي پاڻيءَ سان نه، اڄ اسان تلاءُ کي لَٽڻ شروع ڪيو آهي. ڏسين
ڪونه ٿو، اسان هن گندي تلاءُ کي گند سان ڀري ڇڏيو
آهي.“
خدن غور سان هن ڏانهن ڏسي ٿو ۽ پوءِ وري تلاءُ ڏانهن ڏسي ٿو. هن
کي ٻيو ته ڪجهه نظر نٿو اچي؛ پر ڪجهه نارنگين جون
کلون، ڪجهه ڪاغذ ۽ دفترين جا ٽڪرا ترندا نظر ٿا
اچن.
”رمون، ائين ٿو لڳي، تون هاڻي سچ مچائي چريو ٿي ويو آهين.“
ساجن به اچي پهتو آهي. هو به رمونءَ کي ڏسي ڇرڪي وڃي ٿو.
”ساجن، رمونءَ جون ڳالهيون ٻڌيون اٿئي. مڙس تلاءُ کي ٿو ڀري، سو
گند ڪچرو ميڙيو، ان ۾ پيو وجهي.“
ساجن ڪڇي ڪونه ٿو ۽ رمونءَ ڏانهن ئي نهاريندو رهي ٿو. ڳالهين
ڳالهين ۾ ماستر ۽ علو به اچي پهچن ٿا. رمون فخر
سان هنن ڏانهن نهاري ٿو.
”اڄ انهن ڇورن کي پادر هڻڻا پوندا. ماستر تون اها ڍرائي نه ڪر،
ڇورا سڀ کري ويا آهن. اڙي رمون! هڪڙو اڳي ئي ڌپ،
منهن ته ڌوئي ڇڏ.“ خدن وري کين سڄي ڳالهه ٻڌائڻ
لڳي ٿو.
”چئبو ته رمون تلاءُ کي لَٽيندو!“ سڀ کلڻ لڳن ٿا. رمون سندن کلڻ
تي ڪاوڙجڻ لڳي ٿو.
”ڇو نه ڀربو تلاءُ—آئون ان کي ڀريندس، ڀلي اوهان مدد نه ڪريو.
اهو گٽر اُبتو نه وهايم، ته پوءِ پيءُ جو پُٽ
ناهيان!“
”اڙي بابا رمون، ائين ڪيئن تلاءُ ڀربو.“ ماستر سمجهائيندي چويس
ٿو.
”ڏسجو، ڪيئن نه ٿو اها کَڏ هتان گم ڪريان. توهان ته پيا روز
هتان لنگهو، ڏسجو.“
”اچي وٺ، هي تنهنجو وزم.“ خدن سگريٽ ڏئيس ٿو.
”۽ مون به تولاءِ آندو آهي. اڄ اهڙي دعا ڪيئي، جو واهه جو مزوري
لڳي.“
رمون هنن جي هٿن مان وزم وٺيو، اهي به تلاءَ ۾ اُڇلائي ٿو.
”اڙي هي ڇا ڪيئي؟“ علو رڙ ڪري ٿو.
”سڀ ڪجهه هن تلاءُ ۾ وجهو. ٺِڪر، ٺوٻر، ڀتر، مِٽي، واري،
بجري.....“ ائين چئي هو پنهنجي اوسي پاسي کان،
جيڪي هٿ لڳيس ٿو، اُهو کڻي تلاءُ ڏانهن اُڇلائڻ
لڳي ٿو. هو سڀ اچرج مان کيس تڪڻ لڳن ٿا.
حليم بروهي: پرئڪٽيڪل ائسٽرالاجي
(طنز ۽ مزاح)
ائسٽرالاجيءَ جو مطلب آهي علم نجوم، ۽ علم نجوم جو مطلب آهي
نجوم جو علم. لفظ نجوم دراصل انجم جو جمع آهي.
انجم جي معنيٰ آهي تارو، ۽ تنهن ڪري علم نجوم جو
مطلب ٿيو تارن جو علم. انجم نالي هڪڙي ڇوڪري به
هوندي هئي، جنهن کي ڏسي اسان کي احساس ٿيو هو ته
انجم تمام سهڻو نالو آهي، ۽ پوءِ اسان علم نجوم
سکيو. جيڪو تارا ڏسي اوهان کي اوهان جا افعال
ٻڌائي، تنهن کي انجم شناس چئبو آهي. جنهن انجم کي
اسان سڃاتو هو، تنهن کي اسان ڪجهه غلط سڃاتو هو،
ڇو ته هن اسان کي ڪڏهن به نه سڃاتو. هاءِ انجم!
اسان ڪيترو به لڪي ڇِپي جنم وٺون، ڪيترا به ۽ ڪهڙا به پري—ڪاشنس
وٺون ته اسان جي ڄمڻ وارو لقاءُ ڪوبه نه ڏسي؛ پر
اسان جو ڪامياب ٿيڻ ناممڪن آهي، ڇو ته ڪونه ڪو
هڪڙو تارو، اسان جي قسمت جو تارو بنجڻ لاءِ، آسمان
۾ اسان جي ڄمڻ جو انتظار ڪري رهيو هوندو آهي. اسان
جي ڪامياب ڄم تي دائيءَ کان به وڌيڪ خوشي اُن تاري
کي
ٿيندي آهي. اسان کي اهو تارو نظر اچي يا نه اچي؛
پر جهڙيءَ ريت اهو تارو اسان جي ڄمندي ئي کڳيون
هڻندو، تاڙيون وڄائيندو، پهرئين هائوس کان ٻئي
هائوس کان ٽئين هائوس ڏانهن روانو ٿيندو آهي، تنهن
مان پڌرو ٿيو پئي، ته اهو تارو اسان جي ڄمڻ وارو
نظارو باقائدي ڏسي رهيو هوندو آهي. نوٽ—جنهن سان
پڄي نه سگهجي تنهن کي عزت ڏجي، تنهن ڪري مائرن کي
گهرجي ته ٻار ڄڻڻ وقت مٿي تي پوتي رکن. من تاري
کي حيا پئي ۽ هليو وڃي. ٻيو نوٽ--- هاءِ انجم!
هي تارو، جيڪو اسان جي ڄمڻ وقت اسان ۾ اکيون وجهيو ويٺو هوندو
آهي، سو تمام امپارٽنٽ تارو آهي. ائسٽرالاجيءَ ۾
هن تاري کي ”برٿ اسٽار“ چئبو آهي؛ پر پاڻ هن تاري
جا افعال ڏسي، اُن کي هن مضمون ۾ ”بيحيا تارو“
چونداسين. هن مضمون ۾ جڏهن به اسان بيحيا تاري جو
ذڪر ڪريون، تڏهن اوهان سمجهي وڃو، اسان جو اشارو
برٿ اسٽار ڏانهن آهي. هاڻ اسان ٻه مثال ڏينداسين.
هڪڙو مثال اسان جو پنهنجو آهي، ۽ ٻيو مثال اسان
پنهنجي پياري انجم جو ٿا ڏيون. (هاءِ انجم!) هونئن
فقط انجم جو مثال ئي کوڙ آهي. اسان جو پنهنجو
انٽريسٽ به انجم ۾ ئي آهي (هاءِ انجم!)
اسان جو پنهنجو برٿ اسٽار وينس آهي، ڇو ته اسان جي ڄم وقت اهو
تارو اُڀري رهيو هو، ۽ انجم (هاءِ انجم!) جو برٿ
اسٽار مارس آهي، ڇو ته انجم جي ڄم وقت اهو تارو
اُڀري رهيو هو. اسان هي ٻه مثال اجايا ورتا آهن،
ڇو ته هاڻي اسان کي پاڻ کي خبر نٿي پوي، ته اڳتي
ڇا لکون! پر خير، ماهر ائسٽرالاجرس وانگي پاڻ هڪڙو
سوال اُٿاري پنهنجي جند ڇڏايون ٿا. سوال آهي ته
اسان کي خبر ڪيئن پوي، ته فلاڻي انسان جي ڄمڻ مهل
فلاڻو تارو اُڀري رهيو هو. جنهن ڪتاب ۾ لکيل هوندو
آهي، ته ڪهڙي ڏينهن، ڪيتري بجي، ڪهڙو تارو اُڀري
رهيو هو. تنهن ڪتاب کي يوفيمري چئبو اهي. يوفيمري
لکيل اهڙي نموني هوندو آهي، جو يوفيميرس پڙهڻ ۾
ايندو آهي؛ پر اصل اُچار يوفيمري آهي. يوفيمرين جي
جمع کي يوفيميرائڊس چئبو آهي. هاءِ انجم! (نوٽ-
هاءِ انجم چوڻ لاءِ هي موقعو مناسب نه هو.)
پر ترسو. پهرين اسان ڏسون ته اسان ڪٿي ڪا غلطي ته نه ڪري آيا
آهيون. ها، اسان هڪڙي عظيم الشان ۽ شاندار غلطي
ڪري آيا آهيون. اسان جو ڪم هو ته پهرين اسان
سمجهايون ها ته هائوس ڇا آهي ۽ سائن ڇا آهي، ۽
پوءِ سمجهايون ها ته برٿ اسٽار ڇا آهي. تنهن ڪري
هاڻي اسان وري ٻي نهايت شاندار غلطي ڪنداسين. اسان
پهرين سمجهائينداسين ته سائن ڇا آهي، ۽ پوءِ ارام
سان ويهي پڇتائينداسين، ته اسان پهرين هائوس ڇو نه
سمجهايو. انجم جي طبيعت به اهڙي هئي. پاڻ سان
پاڻيهي پنهنجي ساهيڙي وٺي ايندي رهي؛ پر پوءِ جڏهن
اسان کي سندس اها ساهيڙي وڻڻ لڳي، تڏهن پاڻيهي
ويهي پڇتائڻ لڳي، ته اڪيلي ڇو نه ايندي رهي. هاءِ
انجم جي ساهيڙي! شرمائڻ جي ڳالهه ڪانهي؛ پر
ائسٽرالاجي آهي ئي منجهيل معاملو. هونئن
ائسٽرالاجي آهي به سراسر دوکو. ڀلا تارن جو انسان
جي زندگيءَ سان ڪهڙو واسطو؟ پر تنهن هوندي به
ائسٽرالاجيءَ مان ايترو فائدو ضرور آهي، جو گهٽ ۾
گهٽ اها خبر پئجيو وڃي، ته تارن جو انسان جي
زندگيءَ سان ڪهڙو واسطو آهي. |