سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1978ع

امداد حسيني

 

سوچ – لوچ

 

وِئا اوهري اوءِ، مون کي ماري ماڳَهِين،
جُڳن جا جُڳ ٿِئا، تِئان نه موٽِئو ڪوءِ،
گُوندر ماريندوءِ، ويچاري، وِين جو.

 

سوچيو  هئم ته هِن ڀيري ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن آڏو دل کولي کڻي رکندس، هٿ- تريءَ وانگر. پوءِ اِهو پڙهندڙن تي ڇڏي ڏيندس، ته وٽانئن ڪيترو ٿو مانُ مليم.

سوچيو هئم ته 1977ع ۾، سنڌي ادب ۾ جيڪو اُڀار آيو هو، اُن تي پنهنجا ويچار پيش ڪندس. مقدار يا معيار؟ اِن سوال جي جواب ٺهڻ لاءِ، 1977ع جي ساهت جي مُلهه- ڪَٿ ڪرڻ لاءِ اوهان کي اُتساهه ڏياريندس.

”جيڪڏهن توهان اختلاف راءِ نٿا رکو ته توهان زندهه ناهيو.“ سوچيو هئم ته، اختلاف راءِ رکڻ واري حق جي بچاءُ ۾ لکندس؛ پر اِن مان منهنجو اِهو مطلب مور نه هجي ها، ته نه رڳو مونکي، پر منهنجي ستن پيڙهين کي لوئي، پنهنجي زندهه هجڻ جو ثبوت ڏنو وڃي!

سوچيو هئم ته، ... ڄائي ڄم جي نِپَٽِ انڌي کي به سورج ۽ ڏيئي جو احساس ڏياري سگهجي ٿو؛ پر اندر جي انڌي آڏو روئڻ اجايو آهي. هُن کي سچ ڏانهن آڻڻ ڪٺن ئي نه، پر وِئرَٿ آهي. ايهو ائين آهي جيئن ٻَٻُرن کان ٻير گهُرڻ!... ادب ۾ هڪ- هٽيون.... بليڪ ميلنگ.... گاريون .... اديب جو سماج سڌارڪ رول.... ڇا ڇا نه سوچيو هئم.... پر ... الطاف جي ڪُمهلي وڇوڙي، سوچ جي سِڪي جا ٻئي پاسا ميساري ڇڏيا آهن! ذهن ڪنهن Erase ٿيل ٽيپ جتان رهجي ويو آهي:

وڻجاري ڪانڌاءُ، مون وَرُ ويٺي گهارئو،
لڳي اُتر واءُ، ڍوليو هلڻ جون ڪري.

 

الطاف کان اڳ گدائي صاحب گذاري ويو. 1977ع جي آخر ۾ پروفيسر محبوب علي چنا لاڏاڻو ڪري ويو. ٽي- چار سال اڳ قلندر جي ميڙي تي جڏهن گدائي صاحب کي ڏٺو هئم، تڏهن نِٻَل لڳو هئم، پر هيڻو نه. اسٽيج تي چاچي گدائيءَ جي لهجي ۾ اُهائي سنڌوءَ جي اَجهل تِکَ هئي. گدائيءَ جي شاعري، ڪرڻا ڪرڻا اُميد جي شاعري آهي. هُن وٽ آس اُڀامي ته ٿي، پر اُجهامي نٿي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ گدائي صاحب جي شاعريءَ جي اهميت وڌندي رهندي، ڇاڪاڻ ته گدائي ايندڙ زمانن جو شاعر آهي:

آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر، پر پنهنجي رت جو تيل ڏئي،
هر موڙ مٿان آزاديءَ جي، هڪ مشعل ٻاري وينداسين.

 

ٽي- وي تي الطاف تي تعزيتي پروگرام رڪارڊ ڪرائيندي، سنڌ جي عظيم مورخ مولائي شيدائيءَ جي لاڏاڻي جي خبر آئي. مولائي شيدائيءَ، موضوع توڙي مواد جي لحاظ کان، سنڌ کي  لافاني تصنيفون سوکڙيءَ ۾ ڏنيون آهن. پر چاچو گدائي ۽ مولائي شيدائي رات جي اُن پهر ۾ هئا، جڏهن وٽ وسامڻ واري ڪندي آهي ۽ هوا جي ڪنهن جهوٽي جو کٽڪو رهندو ئي رهندو آهي - ۽- الطاف ...! هُن ته سپنا ئي هاڻ ڏسڻ شروع ڪيا هئا:

سونهن سُهانو سپنو پنهنجو، پيار اڌورو بيت الا.

چاچو گدائي جيڪب آباد ۾ رهندو هو. مولائي سکر ۾. گدائيءَ سان ته سنڌ جي مختلف مشاعرن ۾ پيو ملبو هو، پر مولائيءَ سان ته ايامن کان نه مليو هئس. ٻيئي منهنجي شهر کان پري هئا. زندهه هئا- اِهو سک هو؛ پر الطاف ..... هو ته پل پل، پهر پهر ساڻ هوندو هو. پلڪ به پرانهون نه هو. ۽ هاڻ؟ سندس سور ساڻ آهي:

سُورن سانگهارو، ڪڏهن تان ڪون ڪِئو،
آيل، اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙَ وهي.

 

ڪالهه ئي ته هُن لان ۾ گلاب پوکيا هئا، - ۽ اڄ؟ اڄ هو پاڻ ڪومائجي ويو آهي. الطاف جو ايئن بيگاهه اُسهڻ- اڪيلي سر. تن تنها.

ڇڻيو ٻٻر جو ٻور

چارو پليو ٿي ويو،

وڃڻو پوءِ به ڏور.

اها هڪ جُڳ جي پڄاڻي آهي. گدائي ۽ مولائيءَ کان الطاف تائين ڦهليل جُڳ جي پُڄاڻي. اڄ الطاف سان گهاريل گهڙيون ڪيڏيون نه مختصر ٿيون لڳن:

هوتن سين هيڪاند، هُيم ٻاٽي ڏينهڙا.

ادب جي آسمان تي الطاف اهڙي چنڊ جيان آهي، جيڪو چوٽ تي چڙهندي ئي اُلهي ويو آهي. جڏهن الطاف جي سينيئر توڙي جونيئر ساٿارين مان گهڻن لکڻ يا ته ڇڏي ڏنو آهي يا گهٽائي ڇڏيو آهي، تڏهن الطاف ڏاڍي تيزيءَ سان لکي رهيو  هو. - ۽ ايڏي ئي تيزيءَ سان هو جندڙيءَ جي سمونڊ جي پريين ڪناري تي پهچي ويو آهي. اَلا، هي سامونڊيڪو سڱ.....

وڻجارن وري، پِرههَ پَڳههَ ڇوڙئا،
اولِيون پَي اُن جون، پِيڙَم ڳچَ ڳَري،
وينديس، ماءِ مري! ساري سامونڊين کي.

 

سچ پڇو ته اهو ذاتي ڏک ته آهي ئي، پر اهو ساڳي ويل سڄي سنڌ جو به ڏک آهي. اهو هڪ قومي نقصان آهي. گدائي، مولائي ۽ الطاف سنڌي ادب ۾ امر نالا آهن. هو سرجڻهار آهن ۽ آفاقي آهن ۽ پوري انسانذات جا سونهان آهن.

جِتان هُنن واٽ ڇڏي آهي، اچو ته اُتان جيءُ جاکوڙي، ماڳ ڏانهن پنڌ پئون- اچو ته سِڪ ثمر کڻي مارڳ تي پير ڌريون- اچو ته سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي بچاءُ، واڌاري ۽ ڦهلاءُ لاءِ پاڻ- ارپڻ وارو جذبو ساهه سين سانڍي، ٻاٽ واٽ تي وک وڌايون ۽ هڪ نئين سفر جو آغاز ڪريون:

گهور گهٽائون گهاٽ تي، پوءِ به نه پُٺتي پيرُ.

 

امداد حسيني.ٌ

شاعري
 

عبدالڪريم ”گدائي“

ويڙهيون ۽ ولهار

بهار ايندو، قرار ايندو.

اجهو موسم ڦِري ساٿي، خزان ويندي، بهار ايندو،
گجي گرنار پاسي کان، اجهو ابرِ بهار ايندو،
انبن جي ٻُور تي ڀونئرو به ٿي بي اختيار ويندو،
ڪَليون ٽڙنديون اُميدن جون، دلين کي ڀي قرار ايندو،

 

وڻن ۾ برک و بار ايندو،

 

ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،

 

بهار ايندو، قرار ايندو.

 

ڪري سينگار ساهيڙيون، سُهانا گيت ڳائينديون،
هٿن پيرن کي ميندي، سينڌ ۾ سندور لائينديون،
اندر جا راز رمزن ۽ اشارن ۾ ٻُڌائينديون،
ڪري هڪٻئي کي ڪتڪايون، کِلي هر هر کِلائينديون،

 

۽ جوڀن تي بهار ايندو،

 

 

ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،

 

بهار ايندو، قرار ايندو.

 

ڪُراڙيون پاڻ ۾ ويهي، جُڳن جا راز کولينديون،
لَڪن تي آڱريون نيئي، نرالا ٻول ٻولينديون،
قطارن ۾ ويهي جيڏيون، جوئان هڪٻئي جون ڳولينديون،
جڏهن هو پنهنجي سيني تي سيہ واسينگ کولينديون،

 

ته عاشق بي قرار ايندو،

 

ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،

 

بهار ايندو، قرار ايندو.

 

دماما، دهل، شرنايون، ڪٿي ڌمچر مچائينديون،
ننڍيون نيٽيون، مِڙي لاڏا ۽ سهراخوب ڳائينديون.
دهل جي تال تي گڏجي، ڪئين تاڙيون وڄائينديون،
ڪنواريون گهوٽ سان چرچا ڪندي ميندي لڳائينديون،

 

بنو ٿي شرمسار ايندو،

 

ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،

 

بهار ايندو، قرار ايندو.

 

مهر جا مينهن پوندا ۽ ترايون تار ٿي وينديون،
وطن جون واديون گل پوش ۽ گلزار ٿي وينديون،
مسرت سان مليراڻيون مڙئي سرشار ٿي وينديون،
نئين رت ساڻ نو ورنيون سڀئي گلنار ٿي وينديون،

 

سمو پڻ سازگار ايندو،
ڇ

ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،

 

بهار ايندو، قرار ايندو.

 

جوانيون اوٽ ۾ ويهي، سلينديون راز اُلفت جا،
ونڊيندا درد هڪٻئي سان، ويهي دمساز اُلفت جا،
ڪنڊن ڪرڙن منجهان ايندا، مٺا آواز اُلفت جا،
لَيون لاڻيون سڻائينديون، ”گدائي“ ساز اُلفت جا،
مزو بي اختيار ايندو،
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،
بهار ايندو، قرار ايندو.

 

اي همسفرو!

اي همسفرو، آواز ته ڏيو، چپ ڇو آهيو؟ ڪجهه ڳالهايو!
هن ماٺ ۾ دل گهٻرائي ٿي، هيءَ ٻاٽ انڌيري کائي ٿي!
                        اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو!

 

ڪو بيت، ڳجهارت، لوڙائو، يا ڪوئي گيت ته رات کُٽي،
يا ڳايو شاهه جي ڪا وائي، هي سحر ٽُٽي، ڪا باک ڦُٽي،
                        اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو!

 

طوفان اُٿيو آ باطل جو، ايمان ڦِري شيطان ٿيو،
۽ لالچ لوڀ جي چنبي ۾، انسان ڦري حيوان ٿيو،
                        اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو!

 

آ اوندهه انڌوڪار متو، هر سمت مصيبت ڇانئي آ،
۽ ويچاري انسان مٿان، اڄ ڪهڙي آفت آئي آ؟
                        اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو!

 

جت ڪٿ آ پهرو وحشت جو، ٿو ماڻهو، ماڻهوءَ کي کائي،
۽ ظلم ستم جي گهاڻي ۾، انسان پيو ٿو ٻاڏائي،
                        اي همسفرو آواز ته ڏيو!

 

هر گهر کي آهي باهه لڳي، هر واڙ کي پيهر ٿو کائي،
اڄ ڪوئي دانهن ڏئي ڪنهن کي؟ ڪنهن ڏانهن ڏکيو ڪو واجهائي؟
                        اي همسفرو آواز ته ڏيو!

 

هر وستي وستي، شهر شهر، انساني خون جي هولي آ،
هن دور ترقي ۾ ڀي اڄ، انسان جي قيمت گولي آ،
                        اي همسفرو آواز ته ڏيو!

 

اڄ امن امان جا ضامن ڇو، هت توبن جا ڌڌڪار بڻيا؟
دردن جو مداوا دنيا ۾، ڇو ٽئنڪون ۽ بمبار بڻيا،
                        اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو!

 

هي عياشيون ۽ عريانيون، تهذيب نئين جا رنگ ڏسو!
هي رت ۽ باهه جون برساتون، دنيا ۾ جيئڻ جا ڍنگ ڏسو!
                        اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو!

 

هو جن جي دم سان جڳ روشن، سي روشن ديپ اُجهامي ويا،
جي طوفانن سان وڙهندا ها، ڪو واءُ لڳو ته وسامي ويا،
                        اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو!

 

اڄ مشرق جي ملڪن تي ڇو، افرنگ جي ‎ٺيڪيداري آ؟
الله جي ڌرتي تي هت ڇو، پئسي جي اجاره داري آ؟
                        اي همسفرو آواز ته ڏيو!

 

اڄ ڪوئي سچ ته چوي يارو، آ فُرقاني فرمان ڪٿي!
جنهن امن امان جو درس ڏنو، اڄ آهه اُهو انسان ڪٿي؟
                        اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو!

 

هن جنگ و جدل جي دنيا ۾، انسان جو آخر ڇا ٿيندو؟
ٿي سوڀ اگر شيطانن جي، رحمان جو آخر ڇا ٿيندو؟
                        اي همسفرو آواز ته ڏيو!

 

هيءَ ماٺ به آ هڪ جرم وڏو، اڄ سچ کان ڇو ٿا گهٻرايو؟
اي سقراطو! اي منصورو! اچ چوٽ نغاري ڳالهايو!
                        اي همسفرو آواز ته ڏيو!

 

اي ساٿيو اڄ سوچيو باهم، ڪا اهڙي اڄ تدبير ڪريو!
هن پيار جي دشمن دنيا ۾، ڪا اُلفت جي تشهير ڪريو!
                        اي همسفرو آواز ته ڏيو!

 

هي اونداهين جا پيغمبر، سڀ پنهنجي موت مري ويندا،
۽ پنهنجي پيار جي گيتن جا، هت روشن ديپ ٻري ويندا،
                        اي همسفرو آواز ته ڏيو!

 

هن سڙندڙ ٻرندڙ ڌرتيءَ تي، ڪا رحمت جي برسات ٿئي،
ڪو سُک جو سج اُڀري يارو، ڪا امن و سڪون جي رات ٿئي،
                        اي همسفرو آواز ته ڏيو!

 

اڄ پيار جي ساگر مان ساٿي، ڪي پريت جي مئي جا جام ڀريون،
هن پيار جي پياسي دنيا ۾، اڄ رسمِ محبت عام ڪريون،
                        اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو!

 

پکڙا ۽ پنهوار

پکڙا ۽ پنهوار اڃا ڀي ساڳيا ڙي، ويڙهيچن وهنوار اڃا ڀي ساڳيا ڙي،
ڪرڙ، ڪنڊا، ڏٿ ڏنئورا ساڳيا، کير مکڻ ڏڌ ڌونئرا ساڳيا،

 

گولاڙا، گلزار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

مارن لوئي ليڙون ليڙون، مير مٿن ۾ چوٽا چيڙون،

 

پنهوارين جا پارَ اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

رسمون ساڳيون، ريتيون ساڳيون، پت پرتيت، پريتيون ساڳيون،

 

جوڙا ۽ جنسار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!
ڇ

اڄ ڀي پاڻيءَ ليءِ پنهواريون، ڪري هلن ٿيون ڪونج قطاريون،

 

سرتين جا سينگار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

تيل ڦُليل ۽ چيلهين چوٽا، ڪنجرن تي ڪاوا ۽ ڳوٽا،

 

واسينگن جا وارَ اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

کٻڙن جي لامن تي ويهي، ڪڻڇيون لات لنون ٿيون ڪيهي،

 

ڳيرن جا ڳٽڪارَ اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

ڳم ڳنڍير، لُلُرَ ۽ لاڻيون، ڏُٿ ڏهاڙي آڻيون چاڙهيون،

 

ويڙهيون ۽ ولهارَ اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

ڪينجهر ساڳي ڪَڇُ به ساڳيو، سهڻي ساڳي مَڇُ به ساڳيو،

 

دريا ۾ ڌڌڪار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

اڄ به پيهر واڙ ٿو کائي، پرڏيهين سان پريت نڀائي،
ڇ

پنهنجن جا پِرڪار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

اڄ ڀي جيڪا ڪاڪ ڪڪوري، ڇال ڏيئي ڪا ايندي ڇوري،

 

سوڍا سر کان ڌار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

بيڪس، بيوس ڪيئي نياڻيون، ڪوٽ ڪڙولن ۾ قيدياڻيون،

 

عمرن جا آزار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

بي ڏوهين سان سو ڏهه لاڳو، چور ڇُٽي ويو ڀاڳيو قابو،

 

صالح صوبيدار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

ڍول به ساڳيا، ڍٽ به ساڳيا، موکيءَ مَڌُ جا مَٽَ به ساڳيا،

 

روز ظلم ۽ سيني زوري، رشو تخوري کير ڪٽوري

 

ڪامورن ڪردار اڃان ڀي ساڳياڙي

ڍول به ساڳيا، ڍٽ به ساڳيا، موکيءَ مَڌُ جا مَٽَ به ساڳيا،

 

متارا ۽ مارَ اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

واٽن تي سو وار وڇايل، من جا موتي گهايل گهايل،
ڇڇ

وک وک تي سو وارَ اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

جيڪو شاهه جي وائي ڳائي، لولي جيجل جي ورجائي،

 

تنهن تي پهريدار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

ڀٽ ڌڻي ۽ بيدل ساڳيا، سامي، بيڪس، سچل ساڳيا،

 

واين جا وينجهار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

امن و امان جو ڍنگ رچائي، جڳ جي اک ۾ سرمون پائي،

 

مظلومن تي وار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

سَچُ اڃا پيو سوريءَ لڙڪي، ڪڙڪا ڪوڙ پيو ٿو ڪڙڪي،
ڇ

عدل جا ٺيڪيدار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

ڇال ڏئي اڄ ڇاڳيا ڇورا، ڪوٽ ڪندا سي ڀورا ڀورا،

 

سورهيه سر کان ڌار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

سورهيه سڀ لاڳاپا لاهي، ڪُڏي پيا اڄ پڙ ۾ ڪاهي،

 

هوشوءَ جا حبدار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

دور ته مشڪل آهي گدائي، ويل ڏکي آ سر تي آئي،

 

چور ۽ چوڪيدار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

 

 

الطاف عباسي

صبح ويل – آلا نيڻ

ڌيءَ جي وهانءَ تي

هِن گهر جي هر شيءِ تنهنجي آ

پر هي تنهنجو ئي گهر تنهنجو ناهي،

هو ڌاريون گهر تنهنجو آهي،

هِن گهر کان هُن گهر تائين جو رستو آهي

تنهن تي گل وڇايل آهن

قدم قدم تي تنهنجي آجيان ٿيندي

ارڙهن ورهيه وساري ڇڏجان

رکجان ياد اڄوڪي رات

رات اڄوڪي تنهنجي مماتي

رات اڄوڪي تنهنجي حياتي

رات اڄوڪي تنهنجو ڀاڳ

رات اڄوڪي تنهنجو ماڳ

هِن گهر جا در توتي بند نه ٿيندا

هِن گهر کي ڪي ڪلف نه لڳندا

سڀئي ٻانهون تو لئي کليل رهنديون

پر او منهنجي ڌي!

هُن گهر کان هِن گهر تائين جو رستو آهي

تنهن تي ڪيئي چنهبيارا پٿر آهن

اِن رستي تي ڪنڊا آهن

اِن رستي تي اٺ ئي پهر رهي ٿي آس

اِن رستي تي قدم قدم تي لڳندئي ڏنگ

اِن رستي کي پار ڪرڻ ناممڪن آ.

ٽه- واٽي تي

هيءَ همدردي

پيار جو پهريون ڏاڪو آهي

يا ته محبت جي ماڙيءَ تي چوٽ چڙهي وڃ

يا ته هتان ئي موٽي وڃ

ديوي جي تون مڱيل آهين

جي تنهنجو نڪ ٽوپيل آهي

تنهنجو نازڪ هٿ

جي ڪنهن کُهري هٿ سان مليو آ

کِلندي روئندي جي تو دُهل ٻُڌو آهي

روئندي شرمائيندي

جي تو شرنائين جي گونج ٻُڌي آ

جي تو هڪڙي ڏينهن به پنهنجا هٿ رڱيا آهن

پوءِ تون هن رستي تي ڀُلجي آئي آهين

پنهنجو دڳ سنڀال!

منهنجو ڏيئو

مون جيڪو ڏيئو ٻاريو آ

سو طوفانن ۾ ڪيئن اُجهندو؟

بندوق ڀڀڙ ڀڙڪائيندي

۽ ان جي جوت وڌائيندي

جي منهنجو رت ڦڙو نڪتو

سو اُن ۾ تيل بڻي ٻرندو

 جي ديپ اُجهائڻ چاهين ٿو

ڪو سورج روشن ڪر ته مڃان!

اُڃايل ديوي

پيار لئي جيڪا پريشان آهه پاڻ

عشق جي ان جي اندر ۾ آهه کاڻ

اُن جي نس نس نينهن جي ڄڻ نهر آهه

ساهه اُن جو سڪ سندي ڪا لهر آهه

اُن جي من ۾ ميٺ جو مهراڻ آهه

سڪ جي سيني ۾ سندس سرهاڻ آهه

جا انڌيري ۾ گذاري زندگي

سا سراپا روشني ئي روشني

اُن جي پيشاني سدا چوڏهينءَ جو چنڊ

اُن جي هڪ هڪ ڳالهه اهڙي جيئن کنڊ

جوت اُن جي نانءُ کان جڳ کان ملي

اُن جي پاڇي کان به اونداهي ڀڄي

هوءَ جڏهن آهون ڀري دلگير ٿي

ٽيڙي مکڙين کي صبح جي هير ٿي

آهه پياسي سپ سا اُلفت جي پري

لال اوڳاڇي جا هڪڙي سُرڪ پي

هن جي نيڻن ۾ سدائين نير آهه

منهنجي خوابن جي مگر تقدير آهه

پيار جي جنهن کي ازل کان آهه پياس

مان رکان ٿو پريت جي اُن کان ئي آس

اهڙي ديوي جي وڃي مون کي ملي

اُن تان مان گهوري ڇڏيان هرڪا خوشي

آٿت

تنهنجي چهري تي اها مُرڪ نه ڏسجي ٿي مِٺي

نور بدران ٿو وسي نير سندءِ نيڻن مان

جن سان ڏئي ٽهڪ اڳي مون کي خوشي ڏيندي هئين

اڄ ڇو نڪرن ٿا رڳو سُڏڪا انهن چپڙن مان

لڙڪ سونهن ته نه ٿا تنهنجي اکين ۾ ديوي

پوءِ به اڳ جيئن لڳين ٿي تون پياري دلڪش

تون ته هر حال ۾ هر روپ ۾ پياري ٿي لڳين

پر توکي کلندو ڏسڻ جي ئي رهي ٿي خواهش

تنهنجي ڳلڙن تي هي ڳاڙهاڻ ۽ پيلاڻ جو ميل

پنهنجي سنسار ۾ ڄڻ آهه شفق جهڙو سمان

پيار جي ديس ۾ ڄڻ اُڀري رهيو آهي سج

ريت جي رات جهڪي ٿي وئي محبت جي اڳيان

هن صبح ويل سندءِ نيڻ ڇو آلا آهن

هان، اچي آس جي هيءَ نرم ۽ نازڪ پوتي

پنهنجي ڳلڙن تان انهي ساڻ اُگهي ڇڏ ڳوڙها

ڇو ٿي بيڪار وڃائين اهي اڻلڀ موتي

تنهنجي معصوم اکين مان جي وهن ٿا ڳوڙها

مون کي ڏي پنهنجي ڳلن ساڻ لڳايان تن کي

تنهنجي سيني ۾ جي سورن جون سٽون ٿيون اُڀرن

مون کي ڏي پنهنجي اندر منجهه لڪايان تن کي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com