گذارش
کي نئون موڙ ڏنو اٿو. اوهان جڏهن مهراڻ جي (باوجود
سهولتن هئڻ جي) دير سان اچڻ جو اعتراف ڪيو آهي،
تڏهن اوهان جو اهو سوال به درست آهي، ته ڪنهن
اديب، اداري يا اخبار اهڙو ڪو سوال به ڪيو آهي؟
شاعريءَ ۾ اياز جون وايون، نياز جا ماهيا، تنوير جو ”ٿڃ جا
گوها“، تاج جو ”دل دوزخ، دل جنت“، سحر جو ”نينهن
نه ڇڄڻ جهڙو“، نصير جو ”سپنو“، سارنگ ۽ تاج جويي
جا غزل ۽ خاص ڪري انور جو نظم ”ٽوپيل نڪ ۾ سڳڙو
سوري“ بيحد وڻيا. اهڙي ڇرڪائيندڙ شاعريءَ کانپوءِ،
نعيم دريشاڻيءَ جي وائي ”لفظن جي لٻاڙ“ ٿي پڙهجي،
ته ان ۾ ڪوبه تاثر نٿو رهي. فينامينن به دماغي
اختراع ٿي معلوم ٿئي. مهراڻ جا صفحا قيمتي آهن،
نواڻ جي نالي انهن کي خراب نه ڪيو.
ڪهاڻين ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي ”ڄار“ ۽ نورالهديٰ شاهه جي ”شريف
زادي“ پرچي جون سٺيون ڪهاڻيون آهن. شوڪت شوري جي
ڪهاڻي ”رات جا رنگ“ ۾ انساني احساسن ۽ جذبن جي
حقيقي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ”سمنڊ جي ڦيڻ“ شرجيل جي
بهترين ڪهاڻين مان آهي- البته ”۽ منهنجو من“ ۽
”احسان“ ڪو خاص تاثر نه ٿيون ڇڏين. ”ٿوهر جي ماکي:
”آغا سليم“ سُڃاڻ جو نئون ڍنگ آهي. ”ٽانڊاڻي جي
لاٽ“ سٺو سلسلو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو
”هائيڪو“ تي لکيل مضمون سٺي معلومات ٿو ڏئي. ”سنڌي
شاعريءَ جا بانيڪار“ ۾ قاضي قادن کي هڪ هنڌ غدار ۽
ٻئي هنڌ گهڻي ساراهه ڪيل آهي. اسان جا نوان پڙهندڙ
۽ نئون نسل ڪهڙي راءِ قائم ڪري؟ ”دنگي منجهه
درياهه“ ٽي وي تي به ڏٺو اٿم، پر پڙهڻ سان اهو ئي
چس ملي ٿو، حقيقت ۾ علي بابا سنڌيءَ جو مڃيل ۽
عظيم ليکڪ آهي.
- ساحر پريمي.
1-2/1977 جي ”مهراڻ“ ۾ ڪهاڻيڪارن سڌاري کان وڌيڪ سيڪس ڏانهن ڊوڙ
پاتي آهي. ڄڻ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ واري پيا ڪن.
نسيم جي ڪهاڻيءَ ”ڪاري رات“ جي پڄاڻي ٺيڪ ته آهي.
نورالهديٰ جي ”فردوس“ ايترو ته ڪري سگهي، ته جڏهن
وڻيس تڏهن شوق ڪري ٿي؛ پر ايترو نٿي ڪري سگهي، جو
ڪنهن سان شادي ڪري عمر لاءِ ان جي ٿي وڃي. ڪهاڻيءَ
کي ان انداز سان پيش ڪرڻ کپي ها. اهو دؤر ختم ٿي
ويو، جڏهن عورت پنهنجي مرضيءَ سان، مائٽن جي مرضي
به ڏسندي هئي- پوءِ مائٽن جي مرضي حاصل نه ٿيندي
هيس، تڏهن ”فردوس“ جيان پڙدي هيٺان مائٽن جي منهن
تي دانگي مليندي هئي.
تنوير عباسيءَ جو ”جپاني هائيڪو“ ۽ ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جو ”سنڌي
شاعريءَ جا بانيڪار- 1“ هن پرچي جا اهم ليک آهن.
- عبدالاحد ”آزاد“
”مهراڻ سٺو نڪتو آهي، توڙي جو حد کان وڌيڪ دير مزو نه ڪيو. پوءِ
به تنهنجي محنت کان انڪار ڪونهي. نواڻ وڻندڙ هئي.
ڊگهن ۽ بور مضمونن بدران مختصر ۽ وزنائتا مضمون
ساراهڻ جوڳي تبديلي آهي. باقي شاعرن جي گهڻائيءَ
کي راضي ڪرڻ لاءِ شاعريءَ واري ڀاڱي کي هرو ڀرو
ريلوي جو مال گودام نه بڻائي.
- اياز گل
”مهراڻ“ جو پرچو اوچو ۽ معياري آهي.’شاعريءَ واري ڀاڱي ۾، مڙني
شاعرن جي شاعريءَ کي بهترين ليکي سگهجي ٿو. خاص
ڪري تاج بلوچ جا نظم وڻندڙ آهن- پر نعيم دريشاڻيءَ
جي شاعريءَ ۾ جدت جا نوان رنگ موجود آهن. ايڏي
اَڇوتي ۽ سادن لفظن ۾، پر اونهي معنيٰ واري شاعري
سندس ئي مَرڪ آهي.
-
شهناز ميمڻ
(”گرامي نمبر“ تي)
اسان پير مرد ليکڪ اها آڻ مڃون ٿا، ته اوهان نوجوان اسان جا
سرواڻ آهيو. ان لاءِ اسان کي ڪو اعتراض ڪونهي؛ پر
ابن رشد سميت دنيا جي سڀني مفڪرن ۽ عالمن جو متفق
رايو آهي ته ”نوجوان عالمن ۽ اديبن کي، تڏهن به
اها سرواڻي، پنهنجي پير مرد عالمن جي هدايتن جي
روشنيءَ ۾ ڪرڻ گهرجي!“ روشنيءَ جا طلبگار اوهان به
آهيو ۽ اسان به! مقصد به ساڳيو آهي؛ پر اختلاف جي
هڪ کاهي آهي وچ ۾. اوهان پنهنجي مشعل ٻين جي ڏيئي
مان روشن ڪريو ٿا ۽ هِتان هُتان ڪک- پن ميڙي ڪا
نئين مشعل ٻاريو ٿا-- ۽ اسين پير مرد روئون ٿا ۽
اوهان کان پڇون ٿا ته، توهان جي وڏڙن جي اها
ڪافوري شمع ڪيڏانهن وئي، جنهن گهر جون چارئي ڪنڊون
روشن ڪري ڇڏيون هيون!- حيوانيت جي آخري سرحد کان
انسانيت جي سرحد شروع ٿئي ٿي، جنهن جا ڪماندار
اديب ۽ شاعر آهن، جن کي قدرت خدائي نور عطا ڪندي
آهي، ته جيئن هن دنيا آڏو اهو ئي نور پکيڙين؛
جيئن چنڊ، سج کان حاصل ڪيل روشني زمين تي پکيڙيندو
آهي. اديب ۽ شاعر به ڪامل انسان آهن، هو به اهو ئي
فرض ادا ڪندا آهن.
انساني ترقيءَ لاءِ علم اصل شرط آهي، پر مفڪر ان تي به متفق آهن
ته، انساني سعادت لاءِ فقط سماجي تعليم بلڪل بيڪار
آهي! اخلاقي ڪتاب اخلاقي درس وسيلي ماڻهن کي
روئاڙي سگهن ٿا، پر انهن جون دليون نٿا ڦيري سگهن.
قانون ڏوهاريءَ جي هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾ زنجير
ته وجهي سگهي ٿو، پر ڏوهه ڪرڻ کان نٿو رڪي سگهي.
ان جي اُبتڙ هڪ باعمل سعادتمند انسان، نه رڳو قوم
جي تقدير بدلائي ڇڏيندو، پر دنيا جي ڪمانداري به
سندس حصي ۾ ايندي. اهڙن ئي انسانن کي آثار قديمه
جي زبان سمجهه ۾ ايندي. تون اڄ ئي وڃي سنڌوءَ جي
ڪناري ۽ موهن جي دڙي جي پاڙ وٽ بيهي ڪن ڏي، شايد
توکي اها زبان سمجهه ۾ اچي—جي نه ته پوءِ وڃي
دولهه دريا خان، مخدوم بلاول، شاهه عنايت شهيد،
غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ هوشوءَ جي قبر وٽ وڃي بيهه ۽
کين سلام ڪر، شايد هو توکي ڪو جواب ڏين! جي اها
زبان نٿا سمجهو ته پوءِ اوهان جي تعليم اڻپوري
ليکبي ۽ اڃا وڌيڪ جوڳ پچائڻو پوندوَ!
- شخصيت پرستي ۽ بُت پرستيءَ ۾ ڪوبه تفاوت ڪونهي، مشاهير ۽ سلف
پرستيءَ جو اصل مقصد ته اهو آهي ته، سندن سٺن
ڪارنامن جي ياد تازي رکجي، سندن ڏسيل نيڪيءَ ۽
صداقت جي اُصولن جي پيروي ڪجي؛ پر ڪيو ان جي اُبتڙ
ويندو آهي.... اهو ئي سبب آهي، جو ”گرامي نمبر“ ۾
سندن نجي محفلن، يارين دوستين، تقريرن ۽ مقالن جو
ذڪر ته تفصيل سان ڪيو ويو آهي ۽ کين عالم، شاعر،
اديب، مفڪر، محقق ته ڇا، اصل علامه جي درجي تي وڃي
رسايو اٿئون؛ پر علمي طور تي اهو ثابت نه ڪيو ويو
آهي! اهو ياد ئي نه رهيو اٿئون، ته اسان ”گرامي
نمبر“ لاءِ علمي مضمون لکي رهيا آهيون، نه ڪه عذر
خواهي واري خاص ثنا خواني!
- انسان لاءِ اصل معرفت جو سرچشمو آهي تفڪر ۽ تجسس، جنهن لاءِ
قرآن ڪريم ۾ هر هر تاڪيد ڪيل آهي، جيڪڏهن ان
سرچشمي جو ڪنارو وٺون ها، ته پوءِ ”گرامي نمبر“
هيئن نه هجي ها! گرامي رحه تي ته علمي بحث ٿين ها
۽ سندن لکڻين کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي پرکي، ثابت
ڪيو وڃي ها، ته اهي ڇو انساني ڀلائيءَ لاءِ ضروري
آهن ۽ ڪهڙين تصنيفن مان ماخوذ آهن ۽ فلسفي ۽ علم
سان انهن جو ڪهڙو تعلق آهي؟ صحيح آهن يا غلط؟- حد
ته اسان ات وڃي ڪئي آهي، جو سندن نسلي تعلق ڏاڏاڻڻ
طرفان جاگيردارن سان ۽ ناناڻن طرفان درويشن سان
وڃي ملايو آهي—گرامي رحه جن جي اها دعويٰ ته عرب
فاتحن سنڌ جا ڪتاب ساڙيا هئا، تيستائين ڪوبه وزن
نٿي رکي، جيستائين تاريخي حوالن سان ثابت نه ڪئي
وڃي.
- ”شهادت“ دراصل اجاين خواهشن کي، قتل ڪرڻ جو نالو آهي ۽ ان
شهادت بنا، علمي درجو حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي. ان
باب ۾ هڪ خاص علمي مضمون لکي چڪا آهيون، جنهن کي
سنڌ جا برک عالم پنهنجي نظرن مان ڪڍي، پسند ڪري
چڪا آهن؛ هينئر اهو مضمون سنڌ جي هڪ عالم ۽ اديب
جي زيرِ نظر آهي! خيال آهي ته اهو ”مهراڻ“ شايع
ڪري؛ پر چيو وڃي ٿو ته هاڻي ”مهراڻ“ ۾ اهو ڪونه
ڇپبو! خيال آهي ته اهو ”مهراڻ“ شايع ڪري؛ پر چيو
وڃي ٿو ته هاڻي ”مهراڻ“ ۾ اهو ڪونه ڇپبو! پڇيم
”ڇو؟“ جواب مليو آهي ته: هاڻي اهڙيون علمي شيون
”مهراڻ“ ڪونه ڇاپيندو، ڇو ته هاٿيءَ جا کائڻ وارا
هڪڙا ۽ ڏيکارڻ وارا ٻيا آهن ۽ اهائي پاليسي سنڌي
ادبي بورڊ جي آهي!
- نور محمد سنڌي
مهراڻ جي ”گرامي نمبر“ ۾ ظفر حسن جو مضمون پڙهيو اٿم. هڪ ڀيرو
نه، ٻه ٽي ڀيرا. هي لفظ:
”..... پنهنجي پر ۾ ڪجهه نه ڳالهائي ته ڳنڀيرتا جو
ثبوت ڏنم، پر هڪ مظلوم ماڻهوءَ جون زباني خوشيون
به روڪي، اُن تي وڌيڪ ظلم ڪيم ۽ هاڻي آئون سوچيان
ٿو، ته اهو ظلم مون تي به هو ۽ هاڻي منهنجون
حسرتون آهن، جي هاڻي ڪڏهن به پوريون نه ٿينديون.“
پڙهي روئندي آهيان. مون کي دبئيءَ ۾ آئي مهينو سوا ٿيو آهي. هتي
پهچي ”گرامي نمبر“ پڙهيم، ته ائين پئي سمجهان، مون
کي هڪ نئون ڀاءُ نصيب ٿيو آهي- پر اِهو ڀائڙو اڄ
حيات ڪونهي. حيات هجي ها ته ضرور خط لکانس ها.
نيٺ ڇپيا آهن ڪي ڪتاب گرامي صاحب جا؟ ۽ سندس ڪٽنب ۾ ڪير ڪير
آهن؟ انهن جو گذران ڪهڙيءَ ريت پيو ٿئي؟
اسان وٽ به نارائڻ شيام آهي.
Audit Office
۾ معمولي نوڪري ڪندو آهي ۽ وڏو ڪٽنب پاليندو آهي.
اسان شيام کي، شاعر شيام کي ۽ شخص شيام کي ڏاڍو
گهرندا آهيون. هن جي فن جو وڏو قدر اٿئون دل ۾؛ پر
ڪجهه ڪري نه ٿا سگهون. ڪٿي شاعري، ڪٿي
Audit؟
سو به
Govt: Audit!
مان به
Audit Office
۾ نوڪري ڪري چڪي آهيان. روزانو اٺ ڪلاڪ اُتي گذارڻ
شيام سان نسورو ظلم آهي؛ پر ٿي رهيو آهي.
ڪملا پرڪاش
افسوس آهي ته گراميءَ جهڙيون ادبي شخصيتون اسان کان هميشه لاءِ
الڳ ٿي رهيون آهن
تازو ”ثميره“ جي بي وقتائتي موت جي خبر ملي. اسان پاڪ- هند جي
سنڌي ادبين جي هڪ برادري آهي. جيڪي توهين وڃائيندا
آهيو، سو اسين به وڃائيندا آهيون؛ جيڪي توهين
پائيندا آهيو، سو اسين به پائيندا آهيون. جيئن
بيوس چيو آهي:
ڳوڙهن ۾ تنهنجي ڳانڍڙ، منهنجو به خون آهي،
سوداءِ سر ۾ تنهنجي، منهنجو جنون آهي؛
تنهنجي بهار سان آ، منهنجي چمن ۾ چهه چهه-
تنهنجي خزان تي منهنجي، حالت زبون آهي!
ثميره سنڌ ۾ سنڌي ادب جي بيشڪ خاتون اول هئي. سندس نالو سنڌي
ڪهاڻيءَ سان سالن کان ڳانڍاپيل رهيو آهي. سندس وڃڻ
جي وَهي ڪانه هئي. شل سندس ڪاوشون ۽ اعتقاد سنڌي
عورتن ۾ سجاڳيءَ جا پيغام بڻجن! ٿي سگهيوَ ته سندس
ڪٽنب سان، منهنجي، ڪلا جي ۽ سڀني هند جي اديبن
طرفان اعزا پرسي ڪجو.
- موتي پرڪاش
ٽانڊاڻي جي لاٽ
سعيد ٽکڙائي
مون کي ٽکڙ جي رڳو ٻن شاعرن متاثر ڪيو- نانا حافظ شاهه ۽ ڀاءُ
سعيد. ٻئي بنيادي طور تي ڪافيءَ جا شاعر هئا. نانا
حافظ شاهه کان پوءِ، ڀاءُ سعيد ئي اهو شاعر هو،
جنهن شعر چيو ناهي، ٽکڙ جي ماڻهن گهٽيءَ گهٽيءَ ۾
ڳايو ناهي.
ڀاءُ سعيد هاڻوڪي دؤر ۾ ڪافيءَ جي وڏن شاعرن مان هڪ هو. شاعريءَ
سان گڏ ٻيا به گڻ هئا منجهس. اکر موتيءَ داڻا،
مصور، ڳائڻو. ڪنهن به نئين ساز کي هڪ اڌ ڏينهن ۾
سِکي وٺندو هو. هارمونيم، بينجو، وايولن، چنگ،
مائوٿ آرگن، بانسري...... وڄائڻ ۾ ڀَڙُ هو.
هو جنهن رُتبي جو حقدار هو، اهو کيس نه مليو—ان ۾ اچرج جي ڪهڙي
ڳالهه آهي؟ اها ته هتي سدا جي ريت آهي. ويجهن
مائٽن جي اڻوڻت ۽ ڏاڍاين، ريڊيو ۽ ٽي- وي تي وڏن
نالن جي هڪ- هٽيءَ کيس مايوس ڪري ڇڏيو هو- ۽ هُن
پاڻ کي نشي ۾ گُم ڪري ڇڏيو هو. شام ٿيندي ئي، ٽکڙ
جي ڌُوڙ ڌُڌُڙ وايومنڊل تي ڪڏهن هارمونيم، ڪڏهن
وايولن، ڪڏهن بانسريءَ جا سُر ورکائي ڇڏيندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن سانجهيءَ کان صبح تائين اها سُر- ورکا
پئي ٿيندي هئي- ۽ نشي ۾ الوٽ آلاپ پيا ٻُرندا هئا:
موٽ مسافر محبت ماڻيون،
تو بن دل جون آسون اُجهاڻيون.
عبداللطيف (سنگيت ڪار)
هو گهڻو ڪري ريڊيو اسٽيشن جي مکيه لوهي در تي ئي ملي ويندو هو.
ساڄي ڪُک تي هٿ رکيو، ان هنڌ جتي السر جو ڦٽ هئس،
اندر جي پيڙا کي چهري تي نه آڻڻ جا وئرٿ جتن ڪندو.
تنهن وير سندس مُرڪ الاءِ ڇو رُئڻ هارڪي ڀاسندي
هئم. مان هن جي پيلي مُک ڏانهن ڏسي گهٻرائجي ويندو
هئس. هو تاڙي وٺندو هو، ۽ ڪو ٽوٽڪو ٻُڌائي، منهنجو
هٿ جهلي اسٽوڊيو ڏانهن گهليندو-
B.2
۾ پياني آڏو هلي ويهندو هو- ۽ پنهنجي اندر جي
سموري پيڙا ڪنهن ڌُن ۾ پلٽي ڇڏيندو هو:
رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن،
ياد ايندس دوست مان توکي تڏهن.
لطيف ننڍي کنڊ جي عظيم سنگيت ڪار نوشاد کان متاثر هو- ۽ نوشاد
وانگر پيانو سندس محبوب ساز هو. هو درد کي دل ۾
دٻائي جيئندو رهيو، کلندو کلائيندو رهيو. هو جنهن
به ڪچهريءَ ۾ هوندو هو، اتي وقت گذرڻ جو احساس ئي
نه ٿيندو هو.
سٺن ڪپڙن پهرڻ وارو هي آرٽسٽ، کلمُک، اندران ئي اندران کاڄي
رهيو هو. روڳ سندس وجود کي وڪوڙي ويو هو. ان حال ۾
جتي کيس آرام ڪرڻ کپندو هو، اُتي هو پنهنجي ۽
پنهنجي ٻارن جي پيٽ پالڻ لاءِ ڏينهن رات ڳهندو
رهيو. ريڊيو- ٽي وي- فلم- فنڪشن.... ۽ اتي هر فن
مولا ٽائيپ جا ڪامورا، ڪورا، ذهن، هٿ ٺوڪيون
پاليسيون..... ۽ هو انهن جو شڪار ٿي ويو.
قادو شيدي
هڪ ڇپيل خبر: ”قادو شيدي مري ويو“، ٻي ڇپيل خبر: ”سرڪار پاران
منظور ٿيل وظيفي ملڻ کان اڳ ئي قادو شيدي لاڏاڻو
ڪري ويو.“ انهن ٻنهي خبرن کي پڙهندي ائين ڀاسيم،
ڄڻ قادو شيدي مرندي مرندي به اسان سان چرچو ڪري
ويو آهي، چٻرا ڏئي ويو آهي.
قادو شيديءَ کي مون پهريون ڀيرو سٽي ڪاليج حيدرآباد سنڌ جي هڪ
فنڪشن ۾ ڏٺو هو، جتي هن اسٽيج تي پنهنجي هڪ
جوڙيوال سان، جنهن جو نالو ياد نٿو اچيم، مختلف
آئيٽم پيش ڪيا هئا- پر انهن ۾ ”ڳِجهه ۽ ڪُتي جي
ويڙهه“ وارو نرت- روپي آئيٽم، جنهن مهارت سان هن
پيش ڪيو هو، اهو پنهنجو مَٽُ پاڻ هو: ”ڳجهه جو اُڀ
تائين اُتاهينءَ تان ڍونڍ تي نظر پوڻ، ڳجهه جو
ڍونڍ تي ڍرڻ، اُن جي کنڀ- کنڊيرَ، کيکراٽ، ڪُتي جي
مالڪ جو اُتان لنگهڻ، ڪُتي کي ڳجهه تي بڇڻ، ڪُتي
جون گروشيون ۽ رومڙ، ڳجهه جي ٺونگن تي ڪُتي جا
ڪُوڪراٽ....“ اصل ڏندين آڱريون هيون ڏسندڙن کي. ڏک
آهي ته انهن فنڪارن کي اسين رڳو ٽيپ به نه ڪري
سگهياسين.
قادو شيديءَ کي پڇاڙڪو گهمرو مون نوابشاهه ۾، ملاکڙي ۾ ڏٺو.
جڏهن مَلهه دسجي ٿي، دُهل جي وڄت ۾ ڦيرو آيو ٿي،
تڏهن قادو شيدي گهنگهرين واري ڏانڊيي سان، پڙ ۾
لهي ٿي آيو—دراصل قادو شيديءَ جهڙي عوامي فنڪار
لاءِ، ملاکڙي جو ڪُشادو پڙئي حقيقي اسٽيج آهي. هُن
جي مقبوليت جو صحيح ڪاٿو به اُتي ئي لڳائي سگهجي
ٿو. ائين شادين مُرادين، ڇنن مَنهَن، ميڙن ملاکڙن
۾ نچندو، ڳائيندو وڄائيندو، قادو شيدي اسٽيج تائين
پُڳو-- ۽ شهر جي گهٽين ۾ رُلندو، ٿاٻا کائيندو-
موت جي ڌُنڌ ۾ الوپ ٿي ويو.
- امداد حسيني |