سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978

مضمون

صفحو :24

اَويساهي

هڪ ڀيري الطاف ٻارن سان گهر آيو. ماني رکي مان رنڌڻي ڏانهن پئي ويس ته امداد چيو:

”لوڻ کڻندي اچجانءِ.“

”لوڻ ڏيندي پڇيم: ”لوڻ ڇا ۾ گهٽ آ؟“

”الطاف ۾!“ امداد چيو هو:

۽ (تڏهن الطاف جا ٽهڪ گونجيا هئا) اڄ الطافَ کان سواءِ سڀ ڪجهه الوڻو ٿو ڀاسيم. اڃا تائين به من اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته الطاف هاڻ هن دنيا ۾ ”مور نه رهيو آ.“ ۽ اهڙي سمي، جيئرو جاڳندو،  کيچلو الطاف پنهنجي مخصوص کِل کِلندو اکين آڏو اچي ويندو اٿم.

- سحر امداد

*      *      *

 

دوستيون، جذبا، محبتون، احساس ـــــ  الطاف

مون کي لڳي ٿو—زندگي هڪ ڪُن، منجهه انساني جذبا ۽ خواهشون، ڪاٺين ۽ پنن وانگر هڪڙي تيز وهندڙ گهيري ۾ ڦرندڙ- طاقت ٽُٽي ٿي- ننڍو پاڻي، وڏي پاڻيءَ ۾- وڏو پاڻي، اٿاهه پاڻيءَ ۾- زندگي بي ڀروسو ۽ ٿورو جٽاءُ ڪندڙ حساس مادو آهي. نه رسڻ ۾ دير، نه ڊهڻ ۾ دير- منصوبا ڀريل- دوستيون اڻ پوريون- محبتون يادگار- سنوان سڌا مٽيءَ جا ڍير- پوءِ آهستي، آهستي وقت جو واءُ مٽيءَ جي ذرن کي اُڏائي ٿو، ڍير غائب- ڪاشيءَ جون سرون، ۽ سنگ مر مر جو اڇو پٿر به محبتن جي يادگارن کي وقت جي تيز هوائن کان نٿو بچائي سگهي- ڪيڏو نه کُٽل، کُٽل ۽ بيوس ٿو لڳي ماڻهو-! الطاف، ڪيئن زندگيءَ جي ڪُن وانگر اٿاهه پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويو- خواهشون، دوستيون، مِٽيون، مائٽيون، محبتون، چاهتون، سڀ ڪک- پن ٿي ويون- ڄڻ ڪجهه ڪونه هو- صرف ۽ صرف هڪ اڻ لَکو ڌُنڌ ۽ اُن جي ڪنهن وقت هئڻ جو هلڪو احساس- جنهن کي به وقت جهٽي وٺندو يا ڳهي ڇڏيندو- ”ڏاڍي سراپ ۾ وجهندڙ حقيقت آهي“- الطاف، سچ منهنجو دوست ڪونه هو- ڪي لاڳاپا ۽ تعلق هئا- فن جي ناتي- احساسن جي ناتي- تمام ۽ تمام مختصر گڏجاڻيون ٿيون- اهڙيون، جهڙو هينئر پاڻ رڳو هئڻ جو احساس وڃي بچيو آهي- پر، هڪ واسطيدار، ٻئي واسطيدار لاءِ- هڪ پيارو، ٻئي پياري لاءِ- هڪ انسان، ٻئي انسان لاءِ- هڪ فنڪار، ٻئي فنڪار لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي!؟ ڪجهه به نه- ڳوڙها ڳاڙيندا آهن- اوڇنگارون ڏنيون وينديون آهن- ڪارا ڪپڙا پاتا ويندا آهن- ان ۽ اهڙن ڪمن کي رسمي چئي سگهجي ٿو- پر احساسن ۽ محبتن جي گرفت ڏاڍي مضبوط ٿئي ٿي- رسمي، انهن لاءِ چئي سگهجن ٿيون، جيڪي دنيا ۽ آخرت سنواريندا آهن. جذبن ۽ محبتن جي ورهاست ۽ وڇوڙي کي ڪير محسوس ڪندا آهن؟-- آهي، جيڪي سڀ ڪجهه ارپيندا آهن- جيڪي ناتا نڀائيندا آهن- جيڪي اوجاڳا ڪاٽيندا آهن- جيڪي محبتن کي سيني سان لڳائيندا آهن- سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته جيڪي روايتي نه هوندا آهن—مون وٽ رسم ۽ رواج جو ڪوبه لفظ ڪونهي جو ڪنهن کي چئي سگهان—مون صرف پنهنجي ڌرتيءَ تي هڪ شاعر جي کوٽ محسوس ڪئي آهي.

- شرجيل

سيئي جوڀن ڏينهن

آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان... اڄ وري منهنجي ذاتي البم مان هڪ ٻي تصوير پريس لاءِ پٽجي وڃي رهي آهي- تنهنجي جواڻ جماڻ موت جي خبر لاءِ...

آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... اڃا ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ذاتي البم مان هڪ تصوير پٽجي پريس لاءِ وڃي چڪي آهي... چاچي گدائي جي تصوير... اهو چاچو گدائي جنهن ڏاڍ، ڏمر ۽ ڏهڪاءُ خلاف لکيو... هيڻن جي همراهيءَ لاءِ لکيو.... چاچي گدائيءَ جو داغ اڃا دل تي موجود هو ته مٿان کان تنهنجي موت جي خبر آئي آهي... مون کي ويساهه نه آيو... ڪريم بلوچ، سميجي، بيدل، اقبال ترين، ممتاز مرزا ۽ ادي سلطانه کي به ون جيان ويساهه نه آيو، ته ڪو مري سگهين ٿو.... فون کڙڪاياسين: ”شال اها خبر ڪوڙي هجي.“

آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... اسين سڀ ڪيڏا نه اڀاڳا آهيون، جو هڪ هڪ ٿيو، هوريان هوريان، ساٿي موڪلائي رهيا آهن.

ڪريم بلوچ جي ويڪري ۽ سدائين ٽهڪن سان گونجندڙ ڪمري ۾، موت جهڙي خاموشي آهي.... مان پنهنجو نوٽ بڪ ڪڍي، ادا اعجاز واري باٿ آئيلينڊ واري فون تي رنگ ڪيان ٿو... اڳيان کان رهڙ ملن ٿي: ”ڪون الطاف؟“ هانءُ ڪنبي وڃي ٿو.... ممتاز ۽ سميجي جي ڪمري مان اُٿي اجهو اجهو ڪريم بلوچ جي ڪمري ۾ آيو آهيان.... ڪريم بلوچ جهڙو ڌڱ- مڙس اُداس ۽ پريشان ويٺو آهي. چوي ٿو: ”ٻروچ، قهر ٿي ويو!“ ائين چئي ڪريم وري فون ۾ هٿ وجهي ٿو. فون لڳي آهي تنهنجي حيدرآباد واري فون تي.... آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... اسين سڀ ڪيڏا نه اڀاڳا آهيون، جو تنهنجي موت جي خبر ٻڌي به مري نه سگهيا آهيون..... ڀلا ڪير ڪنهن جي پويان مئو آهي؟ ڪوبه نه مئو آهي ۽ نه ئي ڪو ڪنهن مئل پويان مري سگهندو.

آءٌ سوچان ٿو تنهنجي سپي، سرواڻ، ڪوڏ ۽ ڀاڄائيءَ جا چاڳ ۽ لاڏ، هاڻي ڪير سهندو؟

دوستن جي ڪچهرين ۾ تنهنجي ارڏاين جو شڪار ٿيڻ وارا دوست، هاڻي تنهنجي ڪميءَ کي ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني پورو ڪندا؟

تنوير، ڀاڄائي قمر، پارس ارشاد، تنهنجي ڪٽنب وارا ۽ ٻيا سڀ ساٿي.... تنهنجي کاتي وارا تنهنجو نعم البدل ڪٿان آڻيندا؟

سنڌي ادبي سنگت جي ميڙن ۽ ٻين ادبي گڏجاڻين ۾ تنهنجي انتظامي صلاحيتن جي کوٽ ڪير پوري ڪندو؟

شمشير ۽ ٻين مست ملنگ دوستن جا هاڻي ڪير ناز سهندو؟-

الطاف، ٻڌائين ڇو نه ٿو.... چپ ڇو آهين؟ توکي ڇا ٿيو آهي؟ ائين بيوفائيون ڪبيون آهن..... ائين ساٿ کي ٽوڙبو آهي؟.... اڃا هاڻي ته تنهنجي شاعريءَ تي جواني آئي هئي.... انهيءَ کي ائين بيواهو ڪرڻ، توکي ڪيئن ٿو جڳائي.... عبدالحق عظيم، اجهو تنهنجو ٽي ڏينهن اڳ وارو خط مون کي ڏکاريو آهي... خط سان تنهنجو تازو ۽ نئون نڪورو گيت شامل آهي.... تو لکيو آهي: ”گيت ڪنهن سنڌي آرٽسٽ کان ڳارائجو.... غيره سنڌي ڳائڻا اُچارن جو ڳاٽو ٿا ٽوڙين....!“ تنهنجا جيئرا جاڳندا اکر، بڙڇي بڻجي هانءَ ۾ لهي رهيا آهن.... ”اڙي يار اڃا ٽي ڏينهن اڳ، تو واري ڪرسيءَ تي تنوير سان گڏجي اچي ويٺو هو.“ ڪريم بلوچ جو گهايل لهجو من کي گهائي وجهي ٿو.... عبدالحق عظيم تنهنجو خط ۽ گيت واپس ورتو آهي ۽ وياڪل من سان پوئتي موٽي رهيو آهي.... بيدل، سميجو، ممتاز ۽ اقبال پنهنجا پنهنجا ڳوڙها لڪائي روئي رهيا آهن.... آئون ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... جو روئڻ چاهيندي به روئي نٿو سگهان. سومر ڏينهن تنهنجو لوڙهه مٽيءَ ۾ لَٽجي چڪو هوندو.... تون اسان سڀني کان دور، ڏاڍو دور، مڻ- مٽيءَ هيٺان، اسان جي روئڻ- پٽڻ تي، اندر ئي اندر وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندو هوندين.... ڄڻ اهو به تنهنجو ايڊوينچر هجي!!

هدايت منگيءَ به فون ڪيو آهي ته الطاف عباسي گذاري ويو آهي.... چئي ٿو: ”الطاف تي ڪجهه لکي ڏي.“ آءٌ سوچيان ٿو: ”الطاف جي شاديءَ جو سهرو نه لکي سگهيس. سپي، ڪوڏ ۽ سرواڻ جي سالگرهن تي ڪو خوشيءَ جو گيت نه لکي سگهيس. اڄ انهيءَ الطاف جي موت جو نوحو لکي رهيو آهيان.“

آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... اڄ وري منهنجي ذاتي البم مان هڪ ٻي تصوير پريس لاءِ پٽجي وڃي رهي آهي.... تنهنجي جُواڻ- جَماڻ موت جي خبر لاءِ.....!!

تاج بلوچ

روئان رهن نه سپرين.....

ڪنهن جهيڻي آواز ۾ چيو، ”تو ٻُڌو، الطاف جو ايڪسيڊنٽ ۾ ڊيٿ ٿي ويو.“

اُڀري آيل دانهن کي نڙيءَ تائين پهچڻ وقت ئي گهٽو ڏئي چيم، ”اجائي بڪواس نه ڪر.“

”خدا ڪري منهنجي ڳالهه بڪواس ئي ثابت ٿئي.“

جيءَ ۾ جهٻو پئجي ويو.

”ڪنهن ذميدار ماڻهوءَ ٽيليفون تي اطلاع ڪيو آهي ته....“

وڌيڪ ٻُڌڻ جي سگهه ڇڏجي ويل، ڪوڙ سمجهي لنوائڻ جي شعوري ڪوشش، جنهن ۾ الطاف سان گهاريل گهڙيون هڪٻئي پٺيان ذهن جي پردي تي چِٽيون ٿينديون ويون. لنوائي ويهڻ، ڪنڊي جيان چُڀڻ لڳو، تڪڙي پهچ، ٽيليفون ڊائل تي آڱرين جي ٿت پٿ، من ۾، واقعي جي ڪوڙي هئڻ جا لک دليل، جن تي ايڪسيڊنٽ جو نقشو، اُٻهرائي سان اُڀري اُڀري ٿي آيو. پر ان هوندي به الطاف جي ايڪسيڊنٽ جي چِٽي تصوير اڻ چِٽو خاڪو، ڪجهه به ته موجود ڪونه هو منهنجي ذهن ۾-

الطاف جون ٽهڪ ڏياريندڙ ڳالهيون، هر وقت جيئندڙ، جياريندڙ، مُرڪندڙ مورت. هزارين ڳالهيون. ڪن جا اڳ ڪن جون پڇاڙيون، هڪ لمحي ۾ سوچ جي تيز وهڪري سان ترنديون ٿي آيو. پويان هورا کورا ڇڏي اڳتي ترنديون ٿي ويون. ڊائريڪٽ لائين لاءِ ڊوڙ. بلوچ صاحب جو ڪمرو، ٽيليفون نمبر. حيدرآباد، خيرپور، سکر جيڪو اڳ ۾ ملي. منهنجي ذهن ۾ مسلسل ننڍڙي جملي جو ورجاءُ، ڪوڙ آهي، ڪوڙ آهي.

ٽيليفون جي گهنٽي: ساهه روڪجي ويو، ڪنن تي ٻوڙٽ چڙهندا ويا. ڇا ڳالهايو ويو- سڀني ويٺل دوستن جي پڪيءَ طرح ٻڌي يقين ڪرڻ وقت ڏسڻ جي ساڃاهه آئي. پوڻا ٻه. ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندڙ بس، چار ڪلاڪ ۽ چئين وڳي سوڀي ديري کڻائي ويندا، ڪنهن گهاءَ جي اُٿلي پوڻ جو احساس.

21 ڊسمبر تي، حشر جي ڏينهن سرواڻ کي ساڻ ڪري آيو هو مون وٽ. ڳالهين دوران پنهنجو نئون شعر پڙهي ٻڌايائين ته، ”تون ۽ مان ريل جي ٻن پٽڙين جيان ساڻ آهيون، پر ڪڏهن به ڪٿي به نه ٿا ملون پاڻ ۾. تڏهن تو چيو ته توکي ۽ مون کي ها، انهن پٽڙين جيان ئي رهڻ گهرجي. ڇو ته اهي پاڻ ۾ جڏهن به ملنديون ته وڏا حادثا ٿي پوندا.“

تڏهن ان حادثي جو تصور اهڙو چڀندڙ ۽ روئاڙيندڙ نه لڳو هئم، جيڏو اڄ الطاف جي حادثي محسوس ڪرايو آهي.

الطاف جو آخري ڀيرو منهن ڪيئن ڏسي سگهبو، حالتن خلاف نامناسب لفظن جي ڀرمار؛ پوءِ ڪهڙو منهن کڻي وڃي جگر چيري، من ۾ ٿيل گهاءُ ڏيکاري ڏک جو اظهار ڪري سگهبو، اهو سوچي ئي مان ڏڪي ٿو وڃان. تازو جڏهن تنوير سان گڏ آيو هو ته مون کيس چيو، ”سرواڻ جي سالگرهه تي خيرپور اچڻو پوندو ڇا؟“

چيو هئائين، ”سالگرهه حيدرآباد ۾ ٿئي يا خيرپور ۾، سرواڻ جي سالگرهه ضرور ٿيندي ۽ توکي اچڻو آهي.“

سرواڻ جي سالگرهه فيبروريءَ ۾ ئي آهي، چاڪ چِڪن ٿا ته سرواڻ جي سالگرهه ڪٿي ٿيندي؟ ڪيئن ٿيندين؟

لڙڪن کي سانڍي رکيو اٿم. دانهن کي دٻائي رکيو اٿم، ٻڏتر ۾ آهيان ته سرواڻ کي سالگرهه تي ڇا لڙڪن ۽ سُڏڪن جو تحفو ڏيڻو پوندو؟

بيدل مسرور

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com