سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :9

سيد حسام الدين راشدي ۽

سنڌي ادبي بورڊ

غلام محمد لاکو

سيد حسام الدين راشدي مرحوم نه رڳو سنڌ ۾، يا سنڌ کان ٻاهر علمي ۽ ادبي ادارن لاءِ ڪم ڪيو، پر پاڻ ڪيترن ئي ادارن جا حقيقي معنى ۾ باني سڏجي ٿو. سنڌالاجي جي بنياد کان ڪري ان جي نالي جي تجويز تائين، راشدي صاحب جو ذهن ڪارفرما رهيو. ليڪن ان کان علاوه سنڌي ادبي بورڊ اڄ جيڪو ناماچار حاصل ڪيو آ، ان ۾ پير صاحب مرحوم جي مسلسل جاکوڙ ۽ عالمانه خدمتن کي وڏو دخل حاصل آهي.

سنڌي ادبي بورڊ سن 1940ع ۾ تڏهوڪي وزير تعليم، سائين جي ايم سيد جي ذاتي دلچسپي سان وجود ۾ آيو. اڳتي هلي 1951ع ۾ سنڌ سرڪار هن اداري کي درست طور تي تحرڪ ۾ آندو ۽ علمي توڙي ادبي ڪم ڪرڻ لاءِ فنڊس مهيا ڪيا. ان کانسواءِ بورڊ جي بهتر ڪارڪردگي لاءِ، عالمن ۽ اديبن کي پڻ گورننگ باڊي تي نامزد ڪيو ويو. تن ڏينهن ۾ صوبي جا تعليمي وزير، بورڊ تي چيئرمين طور يا صدر جي حيثيت ۾، ڪم ڪار جي خود نگراني ڪندا هئا ليڪن ان ريت بورڊ جي ڪم تي هو ڪنهن طرح به اثر انداز نه ٿيندا هئا. عالمن، اديبن ۽ محققن جي راءِ کي هر طرح جي اهميت حاصل رهندي هئي. بورڊ جي گورننگ باڊي تي ڪيئي نامور عالم ۽ اديب مقرر ٿيا، اهڙي نامزدگي لاءِ صرف علمي ۽ ادبي رتبي کي ڏٺو ويندو هو، هن ڏس ۾ پير حسام الدين راشدي جو نالو وڏي اهميت رکندو هو.

رسالي ”مهراڻ“ جا پراڻا پرچا اٿلائيندي خبر پوي ٿي ته راشدي صاحب مرحوم ڊسمبر 1954ع ۾ مقرر ڪيل گورننگ باڊي تي پهريون ڀيرو مقرر ٿيو. مارچ 1955ع ۾ مقرر ڪيل نئين باڊي تي به وري کين ميمبر طور کنيو ويو. سيپٽمبر 1861ع ۾ بورڊ جي تشڪيل ٿي، ان ۾ به پاڻ ميمبر جي حيثيت ۾ ڏسجن ٿا. 1968ع ۾ ميمبرن جي تبديلي ٿي، تڏهن کين نامزد نه ڪيو ويو. 1974ع ۾ اسين کين وري به هن اعلى ادبي اداري جي مجلس عامله تي ميمبر طور ڏسون ٿا. وقفي وقفي سان ڏسجي ٿو ته راشدي صاحب کي، بورڊ جي گورننگ باڊيءَ تان هٽايو ٿي ويو، جنهن جا ڪي سياسي سبب به هوندا هئا، ته ذاتي نوعيت جا ڪي معاملا پڻ رڪاوٽ بڻبا هئا.

اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ جيڪو علمي مانُ ۽ مرتبو حاصل ڪيو يا وري ان جيڪي ادبي ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ بهترين تحقيقي ڪم ڪيو، ان ۾ بنيادي طرح ٽن ماڻهن جو سڌو سنئون هٿ آهي: محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سيد حسام الدين راشدي مرحوم اهڙي مڃتا خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب متعدد موقعن تي ڪئي آهي.

راشدي صاحب مرحوم سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڪهڙيون خدمتون انجام ڏنيون، ان جي تفصيل لاءِ ته هڪڙي جداگانه دفتر جي ضرورت آهي، ان هوندي به اسين مختصر طرح انهن خدمتن جو اڀياس ڪنداسين. رسالي ”مهراڻ“ جا پراڻا پرچا اٿلائيندي ڏسجي ٿو ته سائين مرحوم ڪجهه وقت بورڊ تي، ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيو هو. ان ڏس ۾ البته سندن ڪم ڪار جي نوعيت جي خبر نه ٿي پوي. علامه دائود پوٽي سان گڏ 1957ع ۾ پاڻ ”مهراڻ“ جي ادارتي عملي ۾ به شامل ڪيو ويو هو. ليڪن ڪم ڪار جي ڪثرت ۽ پوءِ بيماري سبب، علاج خاطر منيلا هليو ويو، جتي ان وقت سندن ڀاءُ پير علي محمد راشدي سفير طور مقرر هو.

بورڊ ۾ هڪ ميمبر جي حيثيت ۾ پڻ هڪ اسڪالر جي روپ ۾، سندن شخصيت ۽ راءِ کي وڏي اهميت حاصل ڏسجي ٿي. بورڊ جي ڪتابن جي اشاعت لاءِ سندن راءِ يا نظرثاني ضروري سمجهي ويندي هئي. مثال طور اسين ڏسون ٿا ته ڀيرومل جي ”قديم سنڌ“ سندن عالمانه نظرثانيءَ بعد ڇپجي ظاهر ٿي. ان طرح ٻيا به ڪيئي ڪتاب سندن ڏسيل نقطن تحت مرتب ٿيا ۽ شايع ٿي نڪتا. سنڌي ادبي بورڊ ۾ فارسي ڪتابن جي ايڊيٽنگ، ترتيب، ميڙا چونڊي ۽ ڇپائي ۾ سندن بنيادي هٿ آهي. بورڊ وٽ موجود شاندار قلمي ڪتابن جي ڪليڪشن ۽ ڪجهه نسخن جي نقل ٿيل صاف سٿرين ڪاپين ۾ به هن مرحوم عالم جي ڪاوشن کي گهڻو عمل دخل حاصل آهي. اهڙو اظهار اعجاز الحق قدوسي مرحوم پنهنجي آتم ڪٿا ”ميري زندگي ڪي پڇتر سال“ ۾ پڻ ڪيو آهي. هن سموري ڪارڪردگي ۽ حاصلات لاءِ پير صاحب آڏو اعظم ڳڙهه، دهلي، جامعه، عثمانيه، اورينٽل اسٽڊيز سينٽر پنجاب يونيورسٽي ۽ مصر جي الازهر يونيورسٽي جا مثال موجود هئا.

هنن خدمتن کان سواءِ راشدي صاحب، بورڊ جي طرفان متعدد ڪانفرنسن ۽ اجلاسن ۾ به شرڪت ڪئي. رسالو ”مهراڻ“ 4/1964ع ان حقيقت جي شاهدي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. مارچ 1964ع جي آخري ڏهاڪي ۾، لاهور ۽ پشاور ۾ ٽي علمي ڪانفرنسون ٿيون، جن ۾ بورڊ جي نمائندگي ڪندي، پير صاحب مرحوم شريڪ ٿيو هو.

پهرين ڪانفرنس لاهور ۾ 21 کان 23 مارچ تائين ٿي. هي ڪانفرنس سينٽو جي اهتمام هيٺ ”آثار قديمه ۽ ڪل پاڪستان ميوزمس“ عنوان تحت ٿي. ان ريت 28 کان 30 مارچ تائين پشاور يونيورسٽيءَ جي اسلاميه ڪاليج ۾ ”اسلامي تعليمات جي آل پاڪستان ڪانفرنس“ ٿي گذري، جنهن ۾ پڻ پير صاحب شريڪ ڏسجي ٿو. ان ريت 29 مارچ تي وري به پشاور شهر ۾ ”ڪل پاڪستان چوڏهين تاريخ ڪانفرنس“ ٿي گذري، ان موقعي تي شريڪ اديبن بورڊ جي فارسي مطبوعات ۽ تاريخ بابت ڪيل ڪم جي وڏي واکاڻ ڪئي ۽ ان حوالي سان راشدي صاحب جي ڪيل خدمتن جو خاص طرح سان ذڪر ڪيو ويو. پروفيسر شيخ عبدالرشيد ته سندن علمي ڪمن کي بهترين انداز سان ساراهيو. خود راشدي صاحب ڪانفرنس کي سنڌ بابت ٿيندڙ کوجنائن کان آگاهه ڪيو ۽ مستقبل جي ارادن ۽ تحقيقات متعلق مفصل روشني وڌي. پشاور ۾ رهڻ دوران پاڻ اتي جا ادارا ڏٺائون ۽ ڪتبخانن ۾ موجود قلمي ڪتابن متعلق پنهنجي راءِ ڏنائون.

جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي علمي ڪتابن جي ساک ۽ ڪم ڪار جي شهرت، سنڌ جون حدون ٽپي ٻاهرين دنيا تائين پهتي، تڏهن ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ محققن بورڊ کي ڏسڻ ۽ علمي تحقيق جو مشاهدو ڪرڻ ضروري ڄاتو، ان خيال کان پروفيسر شمل کان ڪري ايراني عالمن تائين، بورڊ ۾ جيڪي به اديب آيا، اهي سيد حسام الدين راشدي مرحوم جي تحرڪ ۽ تعاون سان پهتا. کين بورڊ بابت آگاهي ڏيڻ، ڪتابن جي اشاعت کان واقف ڪرڻ ۽ قلمي نسخن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ راشدي صاحب مرحوم اڳ کان اڳرو رهندو هو. ليڪن بورڊ ۽ پير صاحب جي حوالي سان هڪ اهم ڳالهه محترم محمد ابراهيم جويي جي ذڪر سان به اچي ٿي. جويو صاحب پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڏهاڪو کن سال بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. اداري کي صاف سٿري ۽ مخلص انتظاميا ڏيڻ، ڪتابن جي ايڊيٽنگ ۽ مطبوعات متعلق مشورا ڏيڻ ۽ ڪم ڪار کي تندهي، ايمانداري ۽ نفاست ۽ ذميداري سان وقت تي اڪلائڻ ۾ جويي صاحب جو وڏو ڪردار آهي. راشدي صاحب کي سنڌ جي هن لائق اديب جي صحبت نصيب ٿي. تڏهن ڪيترن ئي جُزوي اختلافن هوندي به هي ٻئي ليکڪ هڪ ٻئي تي خوب اثر انداز ٿيا. راشدي صاحب بنيادي طور تي هڪ صحافي هو، ادبي ڪم ڪار جي آغاز وقت، مٿن مولوي عبدالحق، سيد سليمان ندوي، مولانا ظفر علي خان ۽ غلام رسول مهر جو وڏو اثر هو. هي صاحب اردو زبان جا مڃيل عالم ۽ صحافي هئا. مرحوم حسام الدين جي لکڻين، مقدمه نگاري ۽ تاليف ۾ جيڪو وطن دوستي، سنڌ پرستي، ۽ فڪر جي پختگي جو عنصر ڏسجي ٿو، انهيءَ نقطي جديد سنڌي تاريخ نويسي لاءِ بنيادي پٿر جو ڪم ڪيو آهي، ان حقيقت جي تصديق ٻنهي بزرگن جي ڪتابي ورثي مان پوري طرح ٿئي ٿي. بلاشبہ جويي صاحب سگهاري سنڌي ادب جي اوسر ۾ نهايت ئي معتبر ۽ ٺوس ڪردار اد ڪيو آهي ۽ ان حقيقت کان ته مرحوم قربان علي بگٽيءَ جهڙو تيز ۽ تُرش نقاد به انڪار نه ڪندو هو.

هنن سڀني خدمتن کان هٽي ڪري بورڊ لاءِ راشدي صاحب جي خدمت اداري جي فارسي مطبوعات ۽ تاريخ لاءِ ڪيل ڪم جي صورت ۾، قيامت تائين زنده رهندي ۽ ڳائبي رهبي. سنڌي ادبي بورڊ جي فارسي پبليڪيشن جي رٿا جوڙڻ کان وٺي حڪومت پاڪستان کان منصوبي جي تڪميل لاءِ رقم جي حاصلات تائين، هن مَهان عالم جو معتبر ڪردار ڏسجي ٿو. مرحوم ممتاز حسن مرڪزي سرڪار ۾ اعلى آفيسر ۽ پير صاحب جو ذاتي دوست هو. ان ذريعي هن علمي رٿا لاءِ پيسو حاصل ڪيو ويو. ان بعد علمي ڪم لاءِ پڻ سنڌ جي هن لاثاني اديب وڏو ڪم ڪيو. خود به ڪيئي ڪتاب ايڊٽ ڪيائون ۽ هندستان مان ڪراچي پهتل محققن کان به ڪم ورتائون. ان ڏس ۾ اعجاز الحق قدوسي حبيب الله رشدي، محمود احمد عباسي، سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوري ۽ حفيظ هوشيارپوري جا نالا کڻي سگهجن ٿا. سيد سليمان ندوي کان به تاريخ سنڌ تي ڪم ڪرائڻ لاءِ پيش رفت ڪئي وئي. ليڪن سيد صاحب جي اچانڪ وفات سبب ڪاميابي حاصل نه ٿي. عبدالحئي حبيبي افغاني پاڪستان آيو ته ان جون خدمتون به پاڻ ئي بورڊ لاءِ حاصل ڪيائون. قاضي احمد ميان اختر جونا ڳڙهي کي به بورڊ جي علمي ڪمن لاءِ چيو ويو. ليڪن حياتي جي بيوفائي سبب هو مرحوم اداري لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيو. علامه سعيد نفيسي ڪراچي پهتو ته راشدي صاحب بورڊ جي ڪم ڪار لاءِ هن صاحب سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پنهنجي ايڊٽ ڪيل ”تڪمله مقالات الشعرا“ تي کانئس تقريظ به لکائي ورتي. ياد رهي ته آقائي سعيد ويهين صدي جي ايراني اسڪالرن ۾ نهايت ممتاز حيثيت رکي ٿو. پير صاحب سنڌي اديبن کان ڪم وٺڻ ۽ انهن کي مواد جي سهولت ڏيڻ ۾ به ڪوتاهي نه ڪيائون. مرحوم لطف الله بدوي ۽ بدر عالم دراني مرحوم جا نالا هن ڏس ۾ کڻي سگهجن ٿا، ان طرح بورڊ جي فارسي مطبوعات ۾ معبتر ڪتابن جو گهڻو واڌارو ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ جي اردو ڪتابن ۽ تاريخ بابت ڪيل ڪم ۾ راشدي صاحب نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ڏس ۾ ”برهانپورڪي سنڌي اولياءَ“ ۽ ”تاريخ ڪلهوڙا“ جا نالا بنا ڪنهن هٻڪ جي کڻي سگهجن ٿا. راشد برهانپوري مرحوم ۽ مولانا غلام رسول مهر هي ڪتاب خاص سندن دوستي ۽ صحبت جي اثر سبب لکيا هئا. ٻي صورت ۾ بورڊ اهڙن ٻن تاريخي ۽ مستند ڪتابن جي اشاعت کان محروم رهجي وڃي ها!

ان کان علاوه پير صاحب مرحوم پاڻ به سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڪتاب لکيا، ايڊٽ ڪيا ۽ مرتب ڪيا، انهن ڪتابن جي مقدمه نگاري، ايڊيٽنگ ۽ مفيد علمي حاشين سبب، بلاشڪ بورڊ جو ٻاهرين دنيا ۾ مان مٿانهون ٿيو. سندن سڄو توجهه سنڌ متعلق فارسي ماخذن جي اشاعت طرف رهيو. ان ڏس ۾ کين گهڻيون ڪاميابيون حاصل ٿيون ۽ اسان جي سياسي توڙي ادبي تاريخ جي ڪيئي گم ٿيل ڪڙين کي، ملائڻ ۾ سندن ڪوششون سڦل رهيون. سچ ته ٽن سنڌي ڪتابن جي ڇپجڻ سان پير صاحب کي وڏي مڃتا ملي، پر سنڌي ادبي بورڊ کي به نوجوان نسل ۾ گهڻي پذيرائي حاصل ٿي. پاڻ اڪثر ڪري رسالي ”مهراڻ“ لاءِ مقالا وڏي شوق سان لکندا هئا، جي پوءِ ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ ڇپجي محفوظ ٿيا، بورڊ طرفان سائين حسام الدين مرحوم جا هي ڪتاب ڇپيا، جن کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ کانپوءِ ئي انهن جي اهميت جو اندازو ڪري سگهبو ۽ بورڊ لاءِ هن مثالي اسڪالر جي ڪيل خدمتن جو احاطو ڪري سگهبو.

(الف) سنڌي ڪتاب:

- تذڪره امير خاني، 1961ع، - مڪلي نامہ، 1967ع- تذڪرة مشاهير سنڌ، 1974ع، - هو ڏوٿي هو ڏينهن، 1977ع، - مير محمد معصوم بکري، 1979ع.

(ب) فارسي ڪتاب:-

- مثنوي چنيسر نامه 1956ع، - مثنوي مظهر ال آثار، 1957ع، - مقالاة الشعرا، 1957ع، - تڪمله مقالاة الشعرا، 1958ع، - مثنويات و قصائد قانع، 1961ع- تاريخ مظهر شاهجهاني، 1962ع، - هشت بهشت، 1963ع، - منشور الوصيت، 1964ع، - ترخان نامه، 1964ع، حديقة اولاوليا، 1967ع، - روضة السلاطين، 1968ع، - جواهر العجائب، 1968ع، - ديوان فخري، 1968ع ۽ - تحفة الڪرام، 1971ع

هت هڪ نظر ۾ انهن ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا، جي راشدي صاحب جي تعارف سان بورڊ شايع ڪري پڌرا ڪيا:

تحفة الطاهرين، 1956ع (2) مثنويات هير و رانجها، 1957ع (3) ديوان عطا، 1957ع (4) برهانپور ڪي سندهي اوليا، 1957ع (5) تاريخ ڪلهوڙا، 1958ع (6) تاريخ تازه نواءِ معارڪ، 1959ع (7) ڪليات مائل 1959ع (8) ديوان محسن، 1963ع (9) ديوان صنعت، 1968ع.

راشدي صاحب مرحوم جي ڇڏيل ادبي اثاثي جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته متعدد ڪتابن کي پاڻ بورڊ لاءِ ايڊٽ ڪرڻ گهريائين ٿي، ليڪن بعد ۾ پاڻ غير سنڌي ادارن لاءِ علمي توڙي تحقيقي ڪم ۾ مصروف ٿي ويا. پير صاحب کي بورڊ لاءِ خاص ڪري چار تحقيقي ڪم ڪرڻ جو ارادو باقي هو (1) تعليقات مقالاة الشعراء (2) تذڪره مشائخ سيوستان (3) تحفة الڪرام، رهيل حصو (4) معيار سالڪان طريقت، آخري ڪتاب لاءِ ته پنجاب يونيورسٽي جي اردو جي انسائيڪلوپيڊيا ۾ لکيل آهي ته اهو راشدي صاحب جي ايڊيٽنگ سان ڇپجي به چڪو آهي!

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي تاريخ نون جلدن ۾ شايع ڪرڻ گهري ٿي. ارغون، ترخان ۽ مغل دور تي ڪم ڪرڻ لاءِ راشدي صاحب کي آماده ڪيو ويو. تاريخ ڪلهوڙا جي پيش لفظ ۾ پاڻ لکيو اٿن ته: ارغونن ۽ ترخانن تي ڪم جو پورائو ڪيوويو آهي ۽ مغلن بابت پڻ ڪم پوري ٿيڻ تي آهي. ليڪن اڳتي هلي ان کي پورو ڪرڻ بجاءِ سڄو ڌيان تاريخي ماخذن جي ترتيب تي ڏنائون. اهو بهرحال سچ آهي ته ارغونن ۽ ترخانن بابت ڪم جو پورائو ڪيو ويو هو. مون خود اهڙا مسودا سندن ذاتي ڪليڪشن ۾ ڏٺا آهن.

سنڌي ادبي بورڊ وٽ اڄ وسيلن ۽ پيسي ڏوڪڙ جي تنگي ڪانهي، ان صورت ۾ اداري کي پنهنجي علمي ۽ تحقيقي ڪم کي توسيع ڏئي راشدي صاحب جي ڇڏيل ڪمن کي تڪميل تي پهچائڻ گهرجي. مٿي ذڪر ڪيل اڻ پورن مسودن کي ترتيب ڏئي شايع ڪرڻ سان، هڪ طرف سنڌ جي تاريخ بابت وڌيڪ مواد موجود ٿيندو ۽ ٻئي طرف ائين ڪرڻ سان خود اداري جو مانُ به مٿانهون ٿيندو.

 

ڪهاڻيون

• رومانيت فرديت پسندي واري بغاوت هئي – ڪلاسيڪيت جي خلاف سياست ۽ اخلاق جي دائري ۾ هڪ رد عمل، سماج ۾ بحيثيت مجموعي ۽ آرٽ ۾ معروضي آئيڊيل. ڪلاسيڪيت ۾ فنڪار جو نقطه نظر خالصتاً معروضي آهي. هن جي خيال ۾ پاڻ کي پنهنجي هيرو سان ٺهڪائڻ ۽ ان جي روپ ۾ پاڻ وڻائڻ، يا پڙهندڙن ۽ ڪهاڻي جي وچ ۾ دخل انداز ٿيڻ ۽ پنهنجي ذاتي جذبات کي هوا ڏيڻ فني بدذوقي جي برابر آهي. رومانيت پسند ليکڪ يا ته پاڻ ئي پنهنجو هيرو آهي يا پنهنجي هيرو سان مطابقت رکي ٿو ۽ پنهنجي شخصيت ۽ جذبات کي دلچسپي جي بنيادي موضوع جي حيثيت سان پيش ڪري ٿو. راسين، موليئر ۽ سئفٽ چاهين ٿا ته اسين سندن تخليق ۾ دلچسپي وٺون. ٻئي طرف شاتو بريان، ميرسي، بائرن ۽ ورڊز ورٿ چاهين ٿا ته اسين پاڻ سندن ذات ۾ دلچسپي وٺون ۽ اهي اسان کي انفرادي داخلي اهميت جي زور تي پنهنجي ذات ۾ دلچسپي وٺڻ جي دعوت ڏين ٿا. حڪومت، اخلاق، رواج يا ڪليسا جي خلاف رومانيت پسند جي حيثيت هميشہ هڪ باغي واري رهي آهي.

ـــــ ايڊمنڊ ولس

مٽيءَ جا پنوڙا

علي بابا

او سنڌيا،

توکي ڏسڻ لاءِ ڌرتيءَ ۽ آڪاسن کان نوان نوان جَنَبَ پني ورتم، ساڙڌرو جي جَهرڻي مان منهن ڌوئي گوڙڌرو کان حياءُ پني ورتم ۽ ڪارونجهر جي انگاس، آڪاس سان ڳالهيون ڪندڙ چوٽين کان هيٺ لهي آيس. تنهنجيءَ ڳولا ۾ جانٺن قدمن سان ٿَرَ ڀٽن جو سمونڊ جهاڳڻ لڳس، جيئن ڍاٽياڻيون کيٽن مٿان همرچو ڳائين، تيئن ٿَرَ ڇڙواڳ هوائون گيت ٿيون ڳائن ۽ ٺٺوليون، اُڏائڻ، هولر يا ٿيون ڪن مون پٺيان

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

توکي ڪنهن ٺاهيو

توکي ڪنهن موهيو

پنڌو پنڌ ڪيسين

ڇو نه گهريئه گهوڙا

(ڌوڙ ڌر جي ويندين)

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

سپنا اکين ڪيڙا

موتئي مُگري جيڙا

بکئي پيٽ ڪيسين

بگريءَ وڌءِ نه ڀُڳڙا

(مٽيءَ ملي ويندين)

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا.

هاڻ ڀلا انهن ڇڙواڳ رولو هوائن کي ڪيهي خبر ته مون هي جَنَبَ وٺڻ لاءِ پاراڇر رشيء کي ڪيئن راضي ڪيو، انڌو جَنَبَ ورتو. اکين جي جوت لاءِ گوڙ ڌرو ڪا راضي ٿئي ڇا! چئي: اکين تي ڪيڏا به جوتي پَها رکانءِ ڪنيا ايڏي ته ڪا مڻڪور ۽ حسناڪ آهي جو تون هنجي سونهن ڏسي ڀنڀلجي ويندين، سندس اکين جا ٻاڻ ۽ ماڻ ڏسي تون بي حيا ٿي ويندين. نه لوڪ ڏسندين ۽ لياءُ تون انهي گلن کان به ڪومل لاجونتي نار کي ڪومائي ڇڏيندين. هي اٻلا، تون اُهو بيچين ڀونر آهين، جنهن لاءِ اهو جهنگلي ڍنڍ ڪنول ناهي. اهو تنهنجي حصي جو ناهي. تڏهن رڙ ڪري چيومانس

- ڇو ناهي منهنجي حصي جو اهو ڪنول؟… ڇو؟… بس ناهي. اهو اکر آسمانن ۾ لکيل آهي، تڏهن گهائل ٿي ڀوڏيسر جي پوڄ پاڻي تي هٿ رکي چيومانس: مون کي هن کي ڏسڻ جي آگيا ملڻ گهرجي. هن پوڄ پاڻي جو سوڳنڌ آئون ڏانهس ايهيءَ نماڻي نهار سان ناريندس، جو هوءَ ٻهه ٻهه ٻَهڪندي رهندي. تڏهن مون کي ساڙ ڌرو جي جهرڻي مان منهن ڌوئڻ جي آڳيا ملي. مون آڏو جوت پکڙجي وئي، تڏهن مون سچ ڏٺو. تڏهن مون محسوس ڪيو سوريه شِر سٽو اڃان آهي ۽ ان جي روشني ۾ آئون ديهُن مٿان ديهون، ڀٽن مٿان ڀٽون لتاڙيندو پئي هُليس ۽ ڇڙواڳ هوائون مون پٺيان ڳائينديون ٿي هليون.

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

روپ تنهنجو ڪوجهو

ڄڻ ڌرتي ٻوجهو

پِن سونهن، جا سڳڙا

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا.

هوائن پنهنجا گيت پئي ڳاتا، اوچتو هڪ آٺريل ترائيءَ مان پاڻي پئندي مون پنهنجو اولڙو ڏسي ورتو. مان پنهنجي سونهن وڃائي چڪو هئس! مونکي پنهنجون اکيون اصل وڻيون ئي ڪين، آئون پنهنجو عڪس ڏسي گونگا لڙڪ لاڙيندو رهيس. نمن مٿان مور ڏاڍي گمڀيرتا مان پئي ٽهوڪيو.

سڏڪا ڀري چيومانس:

…او پکين جا پالڻهار، سونهن جا ڌڻي. مان مٽيءَ جو پنوڙو آهيان. سونهن جي ساڻيهه جو رمتو. اوڏانهن پيو وڃان جتي حُسن کانسواءِ هلبو ئي ناهي. الائي وڻندو سانس به ڪي نه. الاءِ اوءَ مونڏانهن نيڻ کڻي نهاريندي به يا نه. منهنجو ته سڄو جَنَبَ رُلي ويو. منهنجي ڳالهه تي مور ٽهوڪيو ۽ پنهنجيءَ چهنب سان پنهنجو رنگا رنگ کنڀ ڇِني سرائي ٺاهي ان ۾ ٻه لڙڪ ڀري مونکي ڏنائين ۽ چيائين ته:

- هي سرمو اکين ۾ وجهي ڇڏ، ڪجليون ٿي پونديئه اکيون، تنهنجي اکين جا ڏورا انڊلٺ جا رنگ مٽيندا ۽ اوءَ نار تو ۾ مُڙي مُڙي نهاريندي. تنهنجي نيڻن ۾ هن کي مهاتما ٻڌ جي نيڻن جي اونهاڻ ۽ پيڙا ڏسڻ ۾ ايندي ۽ روپلي ڪولهيءَ واري ڏيا، ايئن چئي مور اڏاڻو ۽ روپلي ڪولهيءَ جي گڊ مٿان وڃي زور زور سان ٽهوڪڻ لڳو.

آئون ڀٽن مٿان ڀٽون اورهانگيندو ويس وڄوٽي جي اگهاڙي ساڙيندڙ نُڀ ۾ مون کي ڪونج جي ڪُرڪ ٻڌڻ ۾ آئي. رڙ ڪري چيومانس:

- ڪونج ڙي ڪونج، جَنَبَ جَنَبَ ۾ هڪ مُنڌ منهنجو من موهيندي آئي آهي. تڙپائيندي آئي آهي. هن جَنَبَ ۾ الائي سڃاڻندي به ڪي نه، پاڻي به پياريندي ڪي نه. ڏاڍو ڊناڻو هان. ڏاڍو هيساڻو ها، ڪاري قيام ٿي ويندي، ڪريان ته ڇا ڪريان؟ اُن هوڏڻ اوڏڻ جي دل پاهڻ آهي. ڪَهل ئي ڪانه پويس. منهنجي درد جي دانهن ٻڌي ڪونج هيٺ لهي آئي ۽ چيائين: هن سپيءَ جي دٻليءَ ۾ منهنجي ڪُرڪ بند آهي، جڏهن هوءَ تنهنجي سڏ تي نه مِڙي، دانهن نه اونهائي ته پوءِ ان دٻليءَ جو منهني کولي ڇڏج پوءِ ڏسج ڪيئن نه نجابت ۽ نياوَ مان مان توڏانهن ٿي نهاري وسري ويل سمورا جَنَبَ ياد اچي ويندس. موهت ٿي پوندي تو مٿان. ايترو چئي ڪونج اُڏامي وئي. اوڏانهن جيڏانهن ڪونجون وينديون آهن. هوائون مون پٺيان ڳائينديون پئي هليون:

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

مکڻ جي ماٽي

سهڻي تنهنجي ڪاٺي

آءُ تنهنجي گولي

سهڻي تنهنجي ٻولي

چنچر پاڻي ڪيڏو

وينگس اُرهه جيڏو

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

هوائون گُهلنديون پئي رهيون. آئون ڪاڪ لئون لاڪ لتاڙيندو سنڌوءَ ڪناري اُن ڪاڪ جي ڏيهه ۾ پهچي ويس. پرهه ويلا جو هوءَ سنڌو ڪناري شِوجي مندر جي ڏاڪن هيٺان سنڌو گهاٽ جي ٻيڙين تي ويٺي پَرن تي ٻچا کڻي ترندڙ ٻُلهڻين کي چؤڳو ڏئي رهي هئي. هن جي پنهنجي جادوئي دنيا هئي، سپنن جيهي، کيس ڪيهي خبر ته ڪو ديوداس ڪيئن مٿاهنس اور گهور پيو وڃي. شِو جي مندر پهچي مون دٻليءَ ۾ بند ڪونجن جي آواز کي آزاد ڪري ڇڏيو جيئن خبر پويس ته آئون اچي ويو آهيان. مون کي ڏسي ڇر مٿان مڌماتيون نچندڙ ٻُلهڻيون ڇرڪي ٽوٻار ۾ هليون ويون. هن پاڻ به ڇرڪ ڀري مون ڏانهن نهاريو ۽ ڪروڌ مان مون ڏانهن نهاريندي رهي. اهڙي ڪروڌ مان جنهن ۾ موهه ئي موهه هو. ساڙي رک ڪري ڇڏيندڙ موهه:

- ڪير آهين تون، تو هن ڪنيا گهاٽ ۾ پير پائڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي؟

- تون مون کي نٿي سڃاڻي؟ هوءَ ڪان دير تائين منهنجي اکين ۾ نهاريندي رهي.

- نه، تون الائي ڪير آهين. تو منهنجي ٻولهڻين کي ڊيڄاريو آهي، تون پراڻي ڪال جو ڪو آر به بد روح آهين.

- توکي منهنجي اکين ۾ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟

- ماڻهوءَ جي اکين ۾ لوڀ ۽ موهه مايا جي ڄار کانسواءِ ڀلا ٻيو ڇا ڏسڻ ۾ اچي سگهندو.

- ها موهه… تو سچ چيو آهي. تنهنجي ڪايا ئي سڀ ڪجهه آهي. تنهنجي خوبصورت ڪايا جو موهه ئي مونکي ڪارونجهر جي پاڙن مان ڇڪي ڪڍي آيو آهي. ڪيڏو نه لڀائيندڙ آهين تون!

- ها پر تون هن جَنَبَ ۾ به مونکي ماڻي نه سگهندي، آئون ڪنهن ٻئي جي آهيان.

- نه نه تون منهنجي آهين. رڳو منهنجي.

- آهستي ڳالهاءِ، آئون رسوا ٿي وينديس. تون مونکي رسوا ڪرڻ لاءِ اکين ۾ هي ڪجلا ڪامڻ ڀري آيو آهين. ونءُ هليو. آئون تنهنجي ناهيان، هتان ونءُ هليو…جلدي ونءُ هليو…

- سکڻو هتان وڃان هليو. پيٽ ڀري توکي ڏسان به نه! وري اُن نرڳ ڏانهن موٽي وڃان جتي رڳو انڌوڪار آهي.

- ها، آئون ڪنهن به جَنَبَ ۾ تنهنجي ٿي نه سگهنديس.

- ڇو، ايڏو آنياءُ ڇو؟…!…

ان لاءِ ته جيئن تون وري وري مون لاءِ جَنَبَ وٺندو رهين ۽ آئون وري وري تنهنجي اوسيئڙي جو مزو ماڻيندي رهان. وَنءُ هليو…ونءُ… هوءَ ڍڪون ڀري روئڻ ئي لڳي ۽ مون کيس وڌيڪ روئاڻڻ نٿي چاهيو ۽ هوائون گيت ٿيون ڳائن:

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

سنڌو تنهنجو ساههُ

ڌرتي تنهنجي ماءُ

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

۽ هو پاڻ کي اَجهاڳ سنڌوءَ ۾ اُڇلائي ٿو ڇڏي ۽ گوناگون سنڌوءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندو، ڇولان ڇول سنڌوءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.

 

ڌرتيءَ جي ٻئي پاسي

رسول ميمڻ

سج تخليق ٿيو ته ان جي پهرين ڪرڻن سان گڏ ٻه ٽهڪ سفر ڪندا اچي ٻرندڙ ڌرتيءَ تي ڪريا، اهي ان ڌرتيءَ جي خوشي ۾ سمائجي ويا. هوائن ۾، پاڻي، پهاڙن، سرسبز ميدانن ريگستانن ۽ بيابانن ۾، اهي ٽهڪ جن ۾ هڪ ٿلهي آواز وارو هو ۽ هڪ سنهي آواز وارو، اهي ڌرتي جي هر حصي ۾ گونجندا رهيا. سج ۾ ڌماڪي سان ڦاٽي وجود ورتل ڪائنات جي ڌرتيءَ وارو حصو، جنهن جي تهن مان ٻاڦ ۽ دونهون سدائين ڪنهن وسري ويل خواب جيان پيو مٿي بلند ٿيندو هو. هر طرف هڪ گرم ڪوهيڙو هو، جنهن مان اهي ٻه ٽهڪ اڏامندا هڪ طرف کان ٻئي طرف ڏانهن پئي هليا ويا. نظر نه ايندڙ ٽهڪ، جن کي نه ڳلو هيو، نه زبان، نه ڏند ۽ چپ، بس اهي هيا جن سان ڌرتي ڏاڍي امن ڀري ۽ شانت ٿي ڏٺي. اهي ٽهڪ ڪڏهن ڪنهن پهاڙ تان ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ته ڪڏهن اڏامندا ڪنهن ريگستان طرف هليا ويندا هئا، ڪڏهن وقت سان گڏ ٿڌي ٿيل برف جي تهن ۾ موجود هوندا هئا ته ڪڏهن ڌرتي جو ڪونهن وهندڙ درياهه جي ڪپ تي وڻ هيٺان ٻڌبا هئا، اهي ٽهڪ ئي هيا، جن جي سهاري ڌرتي تيزيءَ سان سرسبز ۽ شاداب ٿيندي وئي. ان جي باهه ٿڌي ٿيندي وئي، ٻرندڙ جبل اجهامندا ويا. زلزلن ۾ گهٽتائي ايندي وئي ۽ ڌرتيءَ جي سونهن ۾ اضافو ٿيندو ويو. گندگي صاف ٿيندي وئي ۽ ان جي ماحول ۾ خوشگوار تبديلي ايندي وئي، ڌرتي جي چؤگرد اوزون تهه گهري ۽ گهاٽي ٿيندي وئي، جيئن اهي ٻه ٽهڪ اتي هميشہ لاءِ قيد ٿي وڃن ۽ ڪائنات جي ٻئي حصي ڏانهن منتقل نه ٿين.

اهي ٽهڪ جيڪي خوشين، امن ۽ محبت جي صورت ۾ پيا ڌرتيءَ جي ان واديءَ ۾ ڊوڙون پائيندا هئا، تن کي ڪئي سال لنگهي ويا، اهي ايئن ئي موجود رهيا، ڪنهن به وجود کانسواءِ اهي پنهنجو احساس ڏياري ڌرتيءَ کي خوشحالي ۽ امن ڏانهن وٺي ويندا رهيا. سوين سالن جي سفر ۾ نه ئي اهي ٽهڪ مُئا ۽ نه ئي مري جيئرا ٿيا، اهي ڄڻ ڌرتيءَ جو حصو بڻجي ويا.

هڪ ڏينهن اهي ٻئي ٽهڪ جن مان هڪ سمنڊ جي گاج جيان ٿلهو ۽ پروقار هو ۽ ٻيو گلاب جي ڏانڊين سان صبح جي گسندڙ هير ڪري پيدا ٿيندڙ نرم ۽ نازڪ آوازن جهڙو هيو، سي ڪنهن پهاڙ جي دامن ۾ گونجي رهيا هئا ته اوچتو ڪاري لباس ۾ ملبوس هڪ سڙيل گوشت وارو جسم اچي انهن اڳيان نروار ٿيو، ان جي هڪ هٿ ۾ بديءَ جي عصا هئي ۽ ٻيو هٿ خالي هو، جنهن سان هن مختلف اشارا ڪري ڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، اهو ائين هو جيئن رات ويندي ويندي پنهنجي ڪارنهن جو ٽڪرو وساري وئي هجي، ان جي سڙيل چمڙي ۽ ڪاري لباس ۾ ڪو به فرق نه هو، چمڙي ڪٿان ٿي شروع ٿي ۽ لباس جسم جي ڪهڙي حصي کي ڍڪيون بيٺو هو، ان جي ڪابه حد مقرر نه پئي ڪري سگهجي. ان جو جسم تپيل پهاڙ وانگر ٿي ڏٺو جنهن جي مٿي ۽ جسم مان ڄر پئي نڪرندي هجي، ان ڳالهايو ته ان جي وات مان باهه نڪتي.

”توهان خوش آهيو… تمام خوش“ ان ٻنهي ٽهڪن کي چيو. ”آءُ چاهيان ٿو ته توهان جي خوشين ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ڪريان.“

پهريون اهي ٻئي ٽهڪ چپ ٿي ويا، جيئن ڊڄي ويا هجن پر ان سڙيل چمڙيءَ واري جڏهن ڏاڍي پيار مان انهن کي سمجهايو ته انهن ٽهڪن جو آواز موٽي آيو.

”آءُ توهان جو دوست آهيان، مون کان توهان کي ڊڄڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، آءُ به توهان جيان هن وادي ۾ آيو هوس توهان جيان منهنجو به ڪو وجود نه هو، هيءُ سڙيل جسم نه هو، زبان اکيون، ڪن ۽ جسم جا ٻيا عضوا نه هئا، آءُ به توهان جيان هڪ آواز هوس، ٽهڪ نه هوس هڪ سڏڪو هئس، جيڪو ڌرتي جي هن وادي ۾ پيو سُڏڪندو هو، هڪ ڏينهن باهه جي تلاءَ ۾ وهنجي جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته منهنجو وجود ظاهر ٿي پيو، منهن جا عضوا وجود ۾ اچي ويا ۽ آءُ سڙيل چمڙيءَ وارو هڪ جسم ٿي پيس.“

ٽهڪ هن جي ڳالهه غور سان ٻڌندا رهيا، اهي ڪڏهن گونجندا رهيا ته ڪڏهن چپ رهيا. سڙيل چمڙيءَ وارو ڳالهائيندو رهيو ”آءٌ چاهيان ٿو ته توهان سان دوستي ڪري توهان کي هڪ راز جي ڳالهه ٻڌايان جي ڪا توهان جي لاءِ بي حد فائدي واري آهي.“

ٽهڪ چپ ٿي ويا، جيئن اهي هن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ راضي ٿي ويا هجن.

”آءُ چاهيان ته توهان هن ڌرتيءَ جي لذت جو فائدو وٺي سگهو“ سڙيل چمڙيءَ واري ڳالهايو”هي جيڪي ٿڌي پاڻي جا آبشار آهن، وڻن ۾ لڙڪندڙ ميوا ۽ زمين ۾ ٿيندڙ سبزيون ڪڻڪ جا داڻا ۽ مختلف اناج آهن، هيءَ جيڪا ڪپهه آهي، سون ۽ معدنيات جون آکاڻيون آهن، هيرا ۽ جواهرات آهن، آءُ چاهيان ٿو اهي سڀ توهان جي ڪم اچي سگهن، توهان انهن کي استعمال ڪري وڌيڪ سکي رهي سگهو.“

ٽهڪ هن جي ڳالهه غور سان ٻڌندا رهيا ۽ بلڪل چپ ٿي ويا.

”اهي سڀ سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي هڪ ڪم ڪرڻو پوندو، جيئن آءُ هڪ سڏڪو هوس ۽ باهه جي تلاءَ ۾ وهنجي هڪ جسم ٿي پيس، تيئن توهان ٻنهي کي مٽيءَ جي ڌٻڻ ۾ وهنجڻو پوندو، توهان جا جسم به ظاهر ٿي پوندا.“

خاموش ٽهڪن جيئن هن جي ڳالهه تي ڪجهه چوڻ چاهيو هجي، جنهن کي سڙيل چمڙيءَ وارو سمجهي ويو.

”نه مون جهڙا سڙيل ۽ بدصورت جسم نه پر اهي خوبصورت ۽ وڻندڙ جسم ٿي پوندا، جن تي باهه جو ڪو به داغ نه هوندو.“

ٽهڪ ان ڏينهن کانپوءِ چپ رهيا، جيئن اهي ڪجهه سوچيندا هجن، سڙيل چمڙيءَ وارو روز، انهن وٽ پهچي ويندو هو ۽ سمجهائي پنهنجي عصا تي سوار ٿي اڏامي هليو ويندو هو. ٿورا ڏينهن گذريا ته اهي ٻئي ٽهڪ ان ڳالهه تي راضي ٿي ويا ته هو مٽيءَ جي ڌٻڻ ۾ ضرور وهنجندا.

هڪ ڏينهن سڙيل چمڙي وارو انهن کي ڌرتي جي اهڙي حصي وٽ وٺي ويو، جتي پاڻي جو هڪ ميرو تلاءُ هو، جنهن ۾ ان پنهنجي عصا گهمائي ته ان ۾ چيڪي مٽي حل ٿي وئي، اهو هڪ ڌٻڻ جهڙو ٿي پيو، جنهن کانپوءِ هن انهن کي هٿ جي اشاري سان ان ۾ گهرڻ لاءِ چيو، ٻئي خاموش ٽهڪ ان ۾ اندر لهي ويا ۽ جڏهن ٽٻي هڻي مٿي اڀريا ته اهي انسان ٿي پيا، هڪ ڪاري چمڙي وارو مرد ۽ ٻي اڇي ڀوري چمڙي واري عورت، انهن جا سڀ عضوا وجود ۾ اچي ويا، انهن جون زبانون ٺهي پيون، اهي ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ سنگهڻ لڳا، جڏهن اهي ڌُٻڻ مان وهنجي ٻاهر نڪتا ته انهن کي بک محسوس ٿي، انهن وڻن مان لڙڪندڙ ميوا کائي جڏهن ڍؤ ڪيو ته انهن کي اڃ محسوس ٿي، انهن وهندڙ آبشارن جو ٿڌو پاڻي پئي جڏهن هڪ ٻئي کي نهاريو ته ڏاڍو خوش ٿيا. ٻه اگهاڙا جسم جن کي پنهنجي عريانيت جو ڪو به احساس نه هو، اهي اهڙا ئي پاڪ هئا، جهڙا پهريون ٽهڪن جي صورت ۾ هئا، انهن ويجهو اچي هڪ ٻئي کي ڇهي ڏٺو، انهن کي پهرين ته يقين ئي نه ٿي آيو ته اُهي واقعي ظاهر ٿي پيا آهن، مٽيءَ جو رنگ انهنجي نظر نه ايندڙ وجود تي چڙهي ظاهر ٿي پيو آهي پر پوءِ جڏهن انهن هڪ ٻئي کي ڇهي محسوس ڪيو ته انهن کي پنهنجي ظاهر ٿيڻ جو يقين اچي ويو. اهي به ڌرتي جي هر ظاهر نظر ايندڙ شئي وانگر ٿي پيا. اهي گهميا پئي ته انهن جي قدمن جا نشان پئي ٺهيا، اهي سج اڳيان پئي بيٺا ته انهن جي پٺيان پاڇا پئي ٺهيا، اهي پاڻي ۾ ٿي گهڙيا ته اوتري مقدار ۾ پاڻي هٽي ٿي ويو، انهن ساهه ٿي کنيو، سرديءَ گرميءَ کي ٿي محسوس ڪيو، طوفانن ۽ زلزلن کان انهن کي خوف ٿي ٿيو. مينهن ۽ تيز اُس انهن لاءِ هڪ مسئلو بڻجي پئي، جتي انهن جي وجود وٺندڙ جسمن کي ڪي فائدا پهتا اتي انهن لاءِ ڪجهه مسئلا به پيدا ٿي پيا، آخر هڪ ڏينهن انهن وادي ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي تيز آواز ۾ ان سڙيل چمڙيءَ واري کي پڪارڻ شروع ڪيو پر سڙيل چمڙي وارو ظاهر نه ٿيو. اِهي ٻئي وجود ۾ ايندڙ ٽهڪ طوفانن، زلزلن، مينهن ۽ تيز اُس جو مقابلو ڪندا جيئندا رهيا، آخر مجبور ٿي انهن پهاڙ جي دامن ۾ هڪ غار اندر دنيا جو پهريون گهر ٺاهيو، جتي اهي ٻئي رهڻ لڳا ۽ پاڻ کي جيئري رکڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳا، مرد غار کان پري پري تائين وڃي شڪار ڪيو ۽ عورت زمين کيڙي ان ۾ اناج اپايو. انهن جي زندگي جو اهو سلسلو جاري رهيو. هڪ ڏينهن عورت غار ۾ اڪيلي هئي ته سڙيل چمڙي وارو اچي ان اڳيان ظاهر ٿيو، عورت جنهن جو منهن پهريون کان ڪافي مرجهائجي ملول ٿي ويو هو، اها ان سڙيل چمڙيءَ واري کي سامهون ڏسي روئڻهارڪي ٿي پئي، ”او سڙيل چمڙي وارا تون ڪٿي هئين“ عورت ان کي چيو ”ڇا تون اسان جا سڏ نه ٻڌا؟ ڇا توکي ٻڌڻ جي سگهه نه آهي؟ يا تون اسان جي ٻولي نه پيو سمجهين؟“

سڙيل چمڙيءَ وارو ٽهڪ ڏئي کليو.

”آءُ سڀ ڏسان ۽ ٻڌان پيو.“ ان چيو ”دراصل آءُ توهان جو امتحان وٺي رهيو هوس، ڏسي رهيو هوس ته توهان حاصل ڪيل زندگي کي ڪهڙي نموني ٿا گهاريو پر عورت تون مون کي سخت مايوس ڪيو“ ان پنهنجي عصا سان هن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”تون جيڪا بي انتها خوبصورت ۽ ڀوري چمڙي واري آهين، سا هڪ وحشي، ڪاري چمڙيءَ ۽ ٿلهن چپن واري مرد سان زندگي ڪيئن گذاري رهي آهين؟ ڇا تون ڪڏهن چانڊوڪي رات ۾ ماٺي پاڻي مٿان بيهي ان ۾ پنهنجو عڪس ڏٺو آهي؟ ڇا تون ڪڏهن پنهنجي گلابي چپن کي ڇُهي انهن جي خوشبوءِ محسوس ڪئي آهي؟ ڇا تون پنهنجي سونهري وارن ۾ شام جو سج لهندي ڏٺو آهي؟ تون ڪيڏي نه نازڪ ۽ ملائم آهين، سج جي ماڪ جيان تازي شاداب آهين، تنهنجي ڀوري چمڙيءَ مان ئي ته سياري جو پهاڙن مٿان ڪرندڙ اڇي برف جنم ورتو آهي، چانڊوڪي تنهنجي وجود جو ئي ته پاڇو آهي، تون ايڏي حسين هوندي، ان ڪاري چمڙيءَ واري کي ڪيئن برداشت ڪري رهي آهين، جنهن جي جسم ۾ غلاظت ۽ بدبوءِ آهي، ان جي کهري چمڙيءَ ۾ نفرت جهڙي ڪاراڻ ڀريل آهي، آخر تون ان سان حياتي جا ڏينهن ڪيئن گذاري رهي آهين.“

عورت سڙيل چمڙيءَ واري جي ڳالهين تي حيران رهجي وئي.

”آءُ توکي هڪ راز جي ڳالهه ٻڌائي سڀني دردن ۽ پيڙائن کان نجات ڏياري ڇڏيندس“

سڙيل چمڙيءَ وارو ڳالهائيندو ويو“ پر پهريون توکي ان وحشي مرد کان الڳ ٿيڻ لاءِ مونسان واعدو ڪرڻو پوندو.“

عورت ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي.

”اهو ڪيئن ممڪن آهي.“ ان چيو”آءُ ان کانسواءِ جيئڻ جو تصور به نٿي ڪري سگهان.“ سڙيل چمڙيءَ واري کي ٿوري مايوسي ٿي.

”ته پوءِ آءُ وڃي رهيوآهيان“ سڙيل چمڙيءَ واري چيو ”جڏهن توکي منهنجي ضرورت پوي ته ضرور ياد ڪجانءِ.“

ان کانپوءِ هو پنهنجي عصاتي سوار ٿي اڏامندو هليو ويو ۽ عورت سوچيندي رهجي وئي.

شام ٿي ته مرد هڪ جانور کي شڪار ڪري غار ۾ کڻي آيو، انهن گڏجي پٿر جي اوزارن سان ان جي ماس کي وڍي باهه ۾ پچايو ۽ گڏجي کاڌو. رات گهري ٿي ته مرد عورت جي ويجهو آيو عورت کي پهريون دفعو ان جي وجود مان بوءِ آئي. ان جي اگهاڙي جسم کان شرم محسوس ٿيو، عورت منهن پري ڪري بيهي رهي، مرد هن جي اها حالت ڏسي پريشان ٿي ويو، هن عورت ڏانهن حيرت ڀريل نظرن سان ڏسندي ڪجهه پڇڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کي پنهنجي پاسي ۾ ويهارڻ لاءِ جڏهن ان جي ٻانهن کي جهليو ته اها ٻانهن ڇڏائي ٻئي پاسي ڏانهن هلي وئي. مرد اها سموري رات جاڳندي گذاري.

صبح ٿيو ته عورت پهريون دفعو ماٺي پاڻيءَ جي چشمي تي وڃي ان ۾ پاڻ کي نهاريو، صبح جي ڪوهيڙي ۾ ان جو منهن جهڙ ۾ لڪندڙ ۽ ظاهر ٿيندڙ چنڊ جهڙو هو، هن هٿ هڻي پنهنجن وارن کي ڇنڊيو ته انهن جون تارون سون جيان جرڪي پيون. هن پنهنجي هر انگ ۽ گوري چمڙيءَ کي ڇُهي محسوس ڪيو ۽ پوءِ  پنهنجي جسم جي اگهاڙن، نازڪ حصن کي نرم پنن ۽ ڪکن سان ويڙهي لڪائي ڇڏيو. مرد جي ڪاري چمڙي هن جي وجود کي ڪنڊن جيان چڀندي محسوس ٿي.

ان ڏينهن کانپوءِ مرد محسوس ڪيو ته عورت ۾ ڪجهه تبديلي اچي وئي آهي. اها هن سان سنئين منهن سان ڳالهائڻ کان لنوائي رهي آهي. هن کان پري پري رهڻ لڳي آهي، ان ۾ هن لاءِ موجود گرمجوشي ٿڌي ٿي وئي آهي. مرد ڏاڍو پريشان ٿي ويو ۽ اداس رهڻ لڳو.

هر صبح جو شڪار جي ڳولا ۾ نڪري ويندو هو ۽ سڄو ڏينهن پريشانيءَ ۽ ڏک جي حالت ۾ گهمندو رهندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن هو اهڙي ئي حالت ۾ نديءَ جي ڪناري ويٺو سوچي رهيو هو ته سڙيل چمڙيءَ وارو اچي ظاهر ٿيو ۽ هن جي حالت تي ٽهڪ ڏئي کلي پيو.

”بيوقوف مرد“ ان سڙيل چمڙيءَ واري چيو ”آخر هڪ ڪمزور عورت توکي اداس ڪري ڇڏيو. هڪ نرم گوشت ۽ هيڻن هڏن جي مُٺ، جنهن کي تون پنهنجي پير جي مضبوط کڙيءَ سان  چيڀاٽي مهٽي سگهين ٿو. آخر اها تنهنجي طاقت تي غالب اچي وئي، هڪ ڪمزور جسم واري عورت جيڪا توسان ڳالهائڻ به پسند نه ٿي ڪري، آخر تون ان کي ڪيئن برداشت ڪري رهيو آهين، ڇا تون ڪڏهن پنهنجين مضبوط ٻانهن ۽ طاقت ور جسم کي ڏٺو آهي، ڇا تون ڪڏهن پنهنجي سگهه محسوس ڪئي آهي. تون چاهين ته پنهنجي طاقت وسيلي صرف حڪم ڪري سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهين ٿو. تنهنجي لاءِ ڪهڙي شئي ناممڪن آهي، آخر هن اداسي ۽ غمگينيءَ جو ڪهڙو سبب آهي. توکي پنهنجي سگهه استعمال ڪري ان عورت کي زير ڪرڻو پوندو.“

سڙيل چمڙيءَ وارو ڳالهائيندو ويو ۽ مرد هن جي هر ڳالهه غور سان ٻڌندو ويو.

”طاقت سان نفرت کي محبت ۾ تبديل نه ٿو ڪري سگهجي.“ مرد ان کي چيو ”آءُ چاهيان ٿو ته هن جي دل ۾ مون لاءِ سچي محبت هجي.“

مرد جي ڳالهه تي سڙيل چمڙيءَ وارو وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کليو، جنهن سان واديءَ ۾ پڙاڏا پيدا ٿيا، جيئن هر شئي هن سان گڏ ٽهڪ ڏيندي هجي.

”اهو ناممڪن آهي ته اها عورت توسان سچي محبت ڪري سگهي.“ سڙيل چمڙيءَ واري چيو ”ڇا تو ڪڏهن پنهنجيءَ بدصورتي کي محسوس ڪيو اهي، پنهنجيءَ ڪاري چمڙيءَ تي نظر ڦيرائي ان کي ڏٺو آهي. پنهنجن ٿلهن چپن ۽ بي ڊولي منهن کي جاچيو آهي. آخر تو ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو اها عورت توسان پنهنجي پيار کي جاري رکي سگهي. تنهنجي چڱائي ان ۾ آهي ته تون پنهنجي طاقت جو فائدو وٺ، ان کي استعمال ڪري پنهنجي حڪمراني جو آغاز ڪر يا ٻئي صورت ۾ ان عورت کان الڳ ٿي وڃن.“ سڙيل چمڙي واري چيو ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندو پريشان مرد کي پنهنجي حال تي ڇڏي عصا تي چڙهي اڏامندو هليوويو.

مرد غار ۾ موٽو ته عورت جيڪا هن جو انتظار ڪندي هئي، اها اتي موجود نه هئي. هن نظر ڦيرائي وادي ۾ نهاريو ته اها هن کي مٺي پاڻي جي چشمي وٽ پنهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيرائي انهن کي سنواريندي نظر آئي. هو اڳتي وڌيو ۽ اچي ان مٿان بيٺو. عورت هن ڏانهن نهارڻ کانسواءِ پنهنجي ڪار م مشغول رهي هن هر هر پاڻي ۾ نهاري ٿي، پاڻ کي ڏٺو ۽ مرد جو عڪس ان ۾ نظر اچڻ جي باوجود نه ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي ڏسڻ لاءِ ڪنڌ ڦيرايو. مرد هيٺ جهڪي هن کي ٻانهن کان ورتو ۽ عورت سٽ ڏئي ڇڏائي پري هٽي وئي.

”تون بد صورت آهين.“ عورت چيو ”تنهنجي چمڙي ڪاري ۽ کهري آهي.“

”نه آءُ طاقت ور آهيان“ مرد چيو ”مون ۾ تنهنجي مٿان حڪمراني جي طاقت آهي.“

عورت جو ڇرڪ نڪري ويو، هن پهريون دفعو هن جي ڪاري چمڙيءَ تان نظر هٽائي هن جي طاقت ور جسم کي ڏٺو. عورت کي خوف محسوس ٿيو  دل ۾ هن لاءِ نفرت وڌي وئي.

”تون منهنجي ويجهو اچڻ جي ڪوشش نه ڪر“ عورت چي ”تون هتان هليو وڃ، مون کي تنهنجي وجود مان بدبوءِ اچي رهي آهي.“

مرد عورت جي چوڻ تي اتان هليو وڃڻ بجاءِ اڳتي وڌي هن وٽ آيو ۽ وهشت مان هن کي وارن کان جهلي هيٺ ڇڪي منهن کي آسمان طرف ڪري ڇڏيو. عورت جي رڙ نڪري وئي.

”هاڻي ٻڌاءِ!“ مرد چيو ”توکي پنهنجي ڪهڙي برتريءَ تي ناز آهي؟“

عورت چپ رهي هن ڪجهه نه ڳالهايو، صرف خوف مان هن ڏانهن منهن مٿي ڪري ٽيڏيءَ اک سان نهاريندي رهي.

مرد آخر هن کي وارن کان ڇڏي ڌڪو ڏنو ۽ هوءَ پري وڃي ڪري.

”توکي هن واديءَ ۾ ايئن جيئڻو پوندو، جيئن آءُ چاهيندس. ”مرد غار ڏانهن ويندي مڙندي هن کي چيو.

”مون کي توکان نفرت آهي“ عورت چيو ”آءُ تنهنجي ڪاري چمڙيءَ کان نفرت ڪريان ٿي.“

مرد ويندي ويندي رڪجي هن ڏانهن ڏٺو ۽ ڪاوڙ مان ڪجهه دير سوچيو.

”جيڪڏهن توکي مون کان نفرت آهي ته مون وٽ به تنهنجي لاءِ پيار نه آهي.“ هن چيو ۽ پوءِ تيز وکون کڻندو هليو ويو.

هو ٻئي الڳ ٿي ويا. مرد طاقت کي استعمال ڪرڻ جو سوچي به ان کي استعمال نه ڪري سگهيو ۽ عورت هن کان پري هڪ ٻيءَ غار ۾ وڃي پناهه ورتي، جتي اها الڳ ٿلڳ رهڻ لڳي. وادي جنهن ۾ ٽهڪ پيا گونجندا هئا، اها موت جهڙي چپ ۾ بدلجي وئي، ڄڻ وڻن جي پنن ۽ هوا ۾ ڪو به آواز نه بچيو هجي، انهن جي زبان ڪٽجي وئي هجي نه اتي آبشارن جي ڪرڻ جو آواز هو ۽ نه ئي ڪن چرندڙ چپن جو آواز. پوري وادي هڪ رنگن سان ٺهيل تصوير ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن ۾ نظارا ڄميل هوندا آهن. سج جيڪو روز خوشيءَ مان ٻهڪندو اوڀر کان طلوع ٿيندو هو، اهو ڄڻ ٻن ٽهڪن کي نه ٻڌي اداسيءَ مان سفر ڪري اولهه ۾ وڃي ڪرندو هو. شام رات جو غمگين ڪارو چولو پائي ستارن جي هجوم سان ماتم ڪندي هلي ويندي هئي ۽ چنڊ ڪنهن فلسفي جي زرد چهري جيان ڪن خيالن ۾ گم ڄڻ وڃايل رستن ۾ پيو ڀٽڪندو هو. ائين ڪئي سج اڀريا، شامون آيون. راتيون لنگهي ويون ۽ چنڊ رمندا رهيا، پر اهي پاڻ ۾ نه مليا، انهن جي دورين ۾ اضافو ٿيندو ويو. وقت سان گڏ انهن جي نفرت درد ۾ بدلجي وئي. اڪثر راتين جو گدڙ جي اونائين جيان ڪي سڏڪا بلند ٿيندا هئا ۽ چانڊوڪيءَ کي ڇرڪائي وجهندا هئا. عورت جيڪا پنهنجي گوري چمڙيءَ تي فخر ڪندي هئي، ان وقت سان گڏ محسوس ڪيو ته اها ڪنهن قدردان کان سواءِ غير ضروري ۽ بيڪار آهي، جيستائين ان کي ڪو چُمڻ ۽ ڇهڻ وارو نه آهي، اها ڪنهن ڪم جي نه آهي، ڪو ته هجي جيڪو آخر هن جي خوبصورتي جي تعريف ڪري، هن جي چپن تي ٻرندڙ گلابي باهه کي چمي سگهي. هن جي هر انگ کي پيار ڪري سيني سان لڳائي، عورت جيئن سوچيندي وئي هن جي من ۾ پيار جاڳندو ويو ۽ هوءَ بي قرار ٿي وئي، جنهن کان هوءَ روئڻ لڳي.

مرد جيڪو عروت جي وڇڙڻ کانپوءِ هيڪل وياڪل ٿي ويو هو ۽ اڪثر پريشاني جي حالت ۾ پيو واديءَ جي پٿرن سان مٿو ٽڪرائي سڏڪا ڀريندو وتندو هو، تنهن محسوس ڪيو ته هن وٽ دل ۾ عورت لاءِ ڪابه نفرت نه آهي. هن دل ۾ پاڻ کي ننديو پئي ته آخر هن عورت تي پنهنجي زور آزمائي ڪري ان کي وارن کان ڇو ڇڪيو؟ ان تي هٿ ڇو کنيو؟ ان سان نفرت جو اظهار ڇو ڪيو؟ آخر هو ان کانسواءِ ڪيئن جي سگهي ٿو. هن جو اڪيلو جسم ڪهڙي ڪم جو آهي. پيار کانسواءِ هن جيئري رهڻ جو تصور ڪيئن ڪيو؟ هن جي دل چاهيو ته هو ڊوڙندو وڃي ان کي سيني سان لڳائي پيار ڪري ۽ واپس غار ۾ وٺي اچي.

سج اڀريو ته دنيا جي ڪاراڻ برف جيان رجي ڏينهن ۾ تبديل ٿي وئي پر هڪ پهاڙ تي ڪاراڻ جو هڪ ڌٻو ائين جو ائين رهجي ويو، جيڪو ڪارو چوغو پاتوين بديءَ جي عصا هٿ ۾ کنيو بيٺو هو. سج مٿي اڀريو ته اهو ڪاراڻ جو ڌٻو گهرو ٿيندو ويو ۽ دل ئي دل ۾ ٽهڪ ڏيندو رهيو. ڪجهه وقت گذريو ته عورت سڏڪا ڀريندي ان وٽ آئي ۽ سڙيل چمڙيءَ واري هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي هن کي تسلي ڏني.

”توکي روئڻ جي ڪا ضرورت ناهي.“ ان عورت کي چيو ”آءُ چاهيان ٿو ته هن واديءَ ۾ ساڳيا ٽهڪ گونجن جيئن پهريون گونجندا هئا. آءُ مرد جي دل ۾ تنهنجي لاءِ نفرت کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرايو آهي. هو تو سان ملڻ لاءِ بيتاب آهي  توکي ڳوليندو هاڻي هاڻي اوڀر طرف ويو آهي.“

سڙيل چمڙيءَ واري جي ڳالهه ٻڌي عورت جي منهن تي سرهائي اچي وئي ۽ بي خوديءَ مان مرد کي پڪاريندي، ان کي ڳوليندي اوڀر طرف هلي وئي.

ڪجهه دير گذري ته مرد پريان آهون ڀريندو ظاهر ٿيو، غم ۽ بيوفائي هَنَ جي حالت خراب ڪري ڇڏي هئي. هن جو مضبوط جسم ڏٻرو ٿي ويو هو، جنهن کان هو لاچاريءَ ۾ هلندو پئي نظر آيو. هو جڏهن سڏڪا ڀيرندو سڙيل چمڙيءَ واري وٽ آيو ته سڙيل چمڙيءَ واري هڪ گهرو ساهه کڻي انتهائي درد مان هن ڏانهن نهاريو.

”تو پنهنجي هيءَ ڪهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي؟“ سڙيل چمڙيءَ واري چيو ”تون پاڻ کي سنڀال، ڳوڙها اگهه ۽ تسلي ڪَرِ، عورت توسان ملڻ لاءِ ڏاڍي بي قرار آهي. مون ان جي دل مان تنهنجي لاءِ موجود هر نفرت کي ڪڍي ٻاهر اڇلرايو آهي. اها توسان ملڻ چاهي ٿي ۽ هاڻي هاڻي اولهه طرف توکي ڳوليندي هلي وئي آهي.“

مرد جو خوشيءَ مان ذري گهٽ ٽهڪ نڪري ويو ۽ هن جو هيٺ جهڪيل ڪرنگهو واپس موٽي ايندڙ سگهه کان بلڪل سڌو ٿي ويو. هن بي قراريءَ مان اولهه طرف نهاريو ۽ پوءِ تيزيءَ سان عورت کي پڪاريندو اوڏانهن وڌي ويو.

جڏهن عورت اوڀر طرف ۽ مرد اولهه طرف هليا ويا ته سڙيل چمڙيءَ وارو ٽهڪ ڏئي کلي پيو ۽ چيو: ”بيوقوف انسان“ ۽ پوءِ هو وڏا ٽهڪ ڏئي کلندو رهيو ”توهان جيڪي دنيا جي تخليق سان گڏ وجود ۾ اچي الڳ ٿيا آهيو، هاڻي دنيا جي ختم ٿيڻ تائين هڪ ٻئي کي ڳوليندا رهندا“ سڙيل چمڙيءَ وارو خوشي مان ڳالهائڻ لڳو ”توهان هڪ ٻئي کي ڪڏهن به ڳولي نه سگهندا توهان دنيا جا ڀٽڪيل نسل آهيو، وقت توهان کي هڪ ٻئي کان پري ڪندو ويندو. توهان جي دورين ۾ اضافو ٿيندو ويندو ۽ توهان هڪ ٻئي کانسواءِ تڙپي اڪيلائين ۾ مري ويندا. توهان ڪڏهن به هڪ ٻئي کي نٿا ڳولي سگهو“ سڙيل چمڙيءَ وارو خوشيءَ مان نچڻ لڳو.

پر آءُ جيڪو سڀني جي نظرن کان اوجهل گم سم ٿيو هڪ پهاڙ جي دامن مان ويٺو اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هوس، سڙيل چمڙيءَ واري جي ان ڳالهه تي مرڪي پيس، بيوقوف ڪنهن جاءِ جا، مون دل ۾ چيو توکي شايد خبر ناهي ته ڌرتي گول آهي، هيءُ جيڪو هڪ اولهه طرف ۽ ٻيو اوڀر طرف هڪ ٻئي کي ڳوليندو نڪتو آهي، انهن جو ميلاپ ضرور ٿيندو، ڌرتيءَ جي ٻئي پاسي جتي انسانن جو هڪ پرامن ۽ ترقي پسند نسل جنم وٺندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 \
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com