سنڌ جي سپوت شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي 13 ورسي جي رپورٽ
رپورٽ: ناصر علي پنهور
تحريڪ آزادي جي نامور رهنما ۽ سنڌ جي سوپت، شيخ عبدالمجيد سنڌي
جي 13 ورسي 25 مئي 1991ع تي صبح جو يارهين وڳي
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي پير حسام الدين راشدي
هال ۾ ملهائي وئي. هن ورسي ملهائڻ جو اهتمام شيخ
عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي، سنڌي ادبي بورڊ جي تعاون
سان ڪيو ويو. اسٽيج سيڪريٽري نفيس احمد شيخ هيو.
سڀ کان پهريائين مهمانن کي اسٽيج تي ويهارڻ جو
سلسلو شروع ٿيو. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر
ڊاڪٽر آر اي شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر
غلام علي الانا، عبدالله ورياهه، مسز بلقيس شيخ
(شيخ صاحب جي نياڻي). خان محمد پنهور، سنڌي ادبي
بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري عبدالغفار صديقي کي اسٽيج
تي ويهاريو ويو. تقيرب جو باقاعده آغاز ڪلام پاڪ
جي تلاوت سان ٿيو، جنهن کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي
اڳوڻي سيڪريٽري عبدالغفار صديقي کي اسٽيج تي
ويهاريو ويو. تقريب جو باقاعده آغاز ڪلام پاڪ جي
تلاوت سان ٿيو، جنهن کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي
سيڪريٽري آڌرڀاءُ واري تقرير ڪندي چيو ته سنڌي
ادبي بورڊ جي فرائض ۽ منصب مان هڪ اهو به آهي ته
سنڌ جي اديبن، عالمن ۽ دانشورن کي خراج تحسين پيش
ڪرڻ لاءِ سندن ورسيون ملهايون وڃن. هن چيو ته سنڌي
ادبي بورڊ جي چيئرمين جي رهنمائي ۽ رهبري ۾ بورڊ
آف گورنرس هن دفعي فيصلو ڪيو ته اسين شيخ صاحب جي
تيرهين ورسي، شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي سان گڏجي
ملهايون. هُن سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا. ان
موقعي تي شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي جي سيڪريٽري
خان محمد پنهور تقرير ڪندي چيو ته اهو منهنجي لاءِ
هڪ وڏو اعزاز آهي، جو سنڌالاجي جي پير حسام الدين
راشدي هال ۾ شيخ صاحب جي ورسي جي حوالي سان پنهنجي
گذارشن جو اظهار ڪريان.
پنهور صاحب ٻڌايو ته کيس ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران شيخ صاحب
جي ويجهو رهڻ ۽ سندس خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ شيخ
صاحب جي زندگي ۾ ئي سندس نالي تي اڪيڊمي جو بنياد
وڌو ويو ۽ ساڻس رهاڻيون ملهايون ويون. هُن وڌيڪ
چيو ته شيخ صاحب سماج سڌارڪ، عالم ۽ اديب هئو. هو
نه صرف قومي رهبر هو بلڪه بلند پايه جو صحافي پڻ
هو.
پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل چيو ته
شيخ صاحب جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هن
چيو ته اڄ تائين شيخ صاحب جي زندگي تي ڪو مفصل
ڪتاب نه ڇپيو آهي، مغل صاحب اعلان ڪيو ته خان محمد
پنهور صاحب جي شيخ عبدالمجيد سنڌي جي زندگي تي ڪيل
ايم فل پاڪستان اسٽڊي سينٽر طرفان ڇپرائي ويندي.
ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر جناب عبدالله
ورياهه تقرير ڪندي چيو ته آئون اوهان سڀني جو
ٿرائتو آهيان، جو اوهان هن تقريب ۾ شرڪت ڪئي، هن
چيو ته اسان پنهنجي اڳواڻن ۽ رهنمائن جي ڏينهن کي
وساري ڇڏيو ته پوءِ اسان ترقي ڪري نه سگهنداسين.
ورياهه صاحب اعلان ڪيو ته سنڌي ادبي بورڊ شيخ
عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب گرامر آف پاليٽڪس جي مسودي
کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائيندو.
نامور تاريخدان ۽ عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته سنڌ تمام
وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، حال کان ماضي ڏي ڏسبو ته
اها ڳالهه سچ ثابت ٿيندي. هن چيو ته شيخ عبدالمجيد
سنڌي هڪ وڏو ادارو هو، هو برصغير جي سمورن تمام
وڏن اڳواڻن مان هڪ هئو. هن چيو ته شيخ عبدالمجيد
سنڌي جي زندگي تي ڪم ڪرڻ صرف خان محمد پنهور جو
فرض ڪونهي، اسان سڀني جو آهي. پير آفتاب شاهه
جيلاني تقرير ڪندي چيو ته شيخ عبدالمجيد سنڌي جي
زندگي سياست جي حوالي سان منفرد رهي آهي. هن چيو
ته شيخ صاحب پنهنجي عملي زندگي ۾ جيلن جي به
پرواهه نه ڪئي. جيلاني صاحب چيو ته شيخ عبدالمجيد
سنڌي زباني نه پر سنڌ ۽ سنڌين جي عملي طور خدمت
ڪئي ۽ جاگيرداراڻي نظام جي خلاف جدوجهد ڪئي.
سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرمين ۽ برک دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ تقرير ڪندي چيو ته اها نهايت خوشي جي ڳالهه
آهي جو اسان پنهنجي محسنن کي ياد ڪيون ٿا.
بلوچ صاحب چيو ته شيخ صاحب اسلام جو شيدائي هئو ۽ هن سڄي زندگي
مسلمانن جي خدمت ڪئي.
شيخ صاحب جي نياڻي آپا بلقيس شيخ صاحبه تقرير ڪندي چيو ته سنڌي
ادارن کي شيخ صاحب جي ڪيل خدمتن کان آئنده جي نسلن
کي آگاهه ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جي نوجوانن جي
رهنمائي ٿئي. آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي سنڌ
يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر آر – اي شاهه چيو
ته سنڌ عظيم ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن سدائين سنڌ جي
ڀلي، بهتري ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، انهن ۾
شيخ عبدالمجيد سنڌي جو نالو نمايان نظر اچي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته شيخ صاحب عالمي اُخوت ۽ محبت جو علمبردار، سادگي
۽ سنجيدگي جو پتلو هئو.
هن چيو ته شيخ صاحب جي برصغير ۽ بعد ۾ پاڪستان جي آزادي لاءِ
ورتل ڪوششن کي سهيڙجي ته جيئن ايندڙ نسلن جي
رهنمائي ٿي سگهي.
تقريب جي دوران سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل ”سوکڙي“ مهمانن ۾
ورهائي وئي.
طارق عالم سان ادبي رهاڻ
الطاف حسين آگرو
5- اپريل تي سنڌي زبان جي نامياري ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽
ناٽڪ ڪار طارق عالم سان سنڌي ادبي سنگت راڻيپور
شاخ پاران ”ادبي رهاڻ“ رچائي وئي، جنهن جي صدارت
غزل جي نامياري شاعر اياز گل ڪئي، جڏهن ته اعزازي
مهمان مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ ڪار زيب سنڌي هو.
ليکڪ جي فن ۽ شخصيت تي سنگت جي سيڪريٽري ڪمال
ڄامڙي، سنگت جي صدر حميد گهانگهري کان علاوه ڪرم
ٽالپور، الطاف اثيم، ادل سومري، تاج جويي ۽ نصير
مرزا مقالا پڙهيا. حميد گهانگهري طارق عالم جي فن
تي ڳالهائيندي کيس ”رائيٽر آف فيلنگس“ جو خطاب
ڏيندي چيو ته رهجي ويل منظر بيشڪ هڪ شاهڪار ناول
آهي. هن، ناول ۾ ڏنل نين تشبيهن ۽ خوبصورت جملن جي
باري ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته ”مون
جڏهن به طارق جو ناول پڙهيو آهي ته مون کي پهرين
کان وڌيڪ اثر ڇڏيندڙ محسوس ٿيو آهي“ ادل سومري
طارق جي هائيڪن جي مجموعي تي ڳالهائيندي چيو ته
”جاپان ۾ ڪيوشيءَ جيڪو بنيادي طرح افسانه نگار هو،
تنهن هائيڪو کي زنده رکڻ ۽ ان جي بنيادي هيئت
برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي اخبار (ڪوڪو) ذريعي ڪوششون
ورتيون تيئن طارق به سنڌي ۾ هائيڪو جي اوسر ۽ ان
جي ڦهلاءَ لاءِ (مورن اوچا ڳاٽ) ذريعي هڪ بنيادي
ڪم ڪيو آهي. مير غلام قادر ڪرم ٽالپور پنهنجي
مقالي ۾ چيو ته طارق جي ناول ”رهجي ويل منظر“ ۾
پنهون جي ڪهاڻي ايڏي ته پراثر آهي، جو ٻڌڻ وارا
ڊگهو ساهه به کڻي نٿا سگهن ته متان سلسلو ٽٽي نه
پوي، سندس لکڻين ۾ مثال، تشبيهون اهڙيون ته ٽهڪي
اچن ٿيون ڄڻ ته ٺهيون ئي انهن لاءِ آهن. پروفيسر
الطاف اثيم پنهنجي مقالي ۾ چيو ته طارق عالم جا
گيت، ناول، غزل ڪهاڻي ۽ هائيڪا قابل فخر آهن. طارق
عالم جهڙن عظيم ليکڪن تي اسان کي مان آهي، جن کي
لفظن جي استعمال ۽ تشبيهن جي مثال ڏيڻ جا وڏا گر
آهن. هو مسئلن کي نه فقط سمجهڻ جي پر سمجهائڻ جي
سگهه به رکن ٿا. تاج جوئي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته
”طارق عالم گهڻ رخو ليکڪ آهي هو هڪ ئي وقت ناول
نگار، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، شاعر ۽ مصور آهي ۽ ان
کانسواءِ طارق جي پنهنجي هڪ الڳ شخصيت پڻ آهي،
انهن سمورن ڳالهين کي سوچي جڏهن لکڻ لاءِ قلم کڻجي
ٿو ته في الوقت ماڻهو مونجهاري ۾ اچيو وڃي ڇو ته
طارق ادب جي انهن سمورن شعبن جون واڳون هٿن ۾
جهليل هئڻ جي باوجود ڪٿي به ٿاٻڙجندي نظر نٿو
اچي.“ نصير مرزا طارق عالم جي فن ۽ شخصيت جي مختلف
پهلوئن تي ڀرپور روشني وجهندي چيو ته ”آغا سليم
کانپوءِ طارق عالم ئي اهڙو ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي
تخليقن ۾ جديد تشبيهه کي انٽروڊيوس ڪيو آهي.“ هن
وڌيڪ چيو ته طارق پنهنجن هم عصرن ۾ مختلف ۽ منفرد
ليکڪ آهي.
|