سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :15

طارق تي ڳالهائيندي نصير چيو ته ”جيڪڏهن مون کي ٻيو جيون مليو ته مان طارق جي روپ ۾ موٽڻ چاهيندس.

زيب سنڌي ماضي جي حوالي سان طارق جي شخصيت تي ڳالهايو. هُنَ ٻين لکڻين سان گڏ رهجي ويل منظر جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته ”ان ۾ گوتم جو ڪردار منهنجو پنهنجو ڪردار آهي.“

طارق عالم سنڌي ادبي سنگت راڻي پور جا ٿورا مڃيندي چيو ”ڏٺو وڃي ته ادبي حوالي سان منهنجي ڄمار سورنهن سال آهي، ڇو ته مان 1975ع کان باقاعدي ڇپجڻ شروع ٿيو هوس. هن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته ”اديبن جا قد سندن ادبي يا طبعي ڄمارن سان جاچڻ بجاءِ سندن لکڻين ۾ سمايل سوچ جي سگهه سان پرکيا وڃن ته وڌيڪ بهتر.“ هن علي بابا جو مثال ڏيندي چيو ته ”علي بابا سنڌي ٻولي جو اهو شهنشاهه ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو پنهنجي طبعي ڄمار ۾ ٽيهن سالن کان مٿي آهي پر هو اڄ به نئين ٽهي جو سرواڻ ليکڪ آهي، ڇو ته سندس قلم ۾ اڄ به سورهن سالن جي نوجوان جي ڳالهه جهڙي بيباڪي آهي.“ اياز گل پنهنجي صدارتي تقرير ۾ طارق جي فن ۽ شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته طارق جي ناول ۾ آيل تشبيون، بي ڌيان مئل خيالن  ۽ احساسن لاءِ حضرت عيسى جي عصا، ڪوهه ندا ۽ صورِ اسرافيل جيان آهن. اياز گل طارق تي ڳالهائيندي چيو ته جڳ مشهور شاعر پبلو نرودا لکيو آهي ته ”جيڪو ليکڪ حقيقت پسند ناهي سو مئل آهي ۽ اهو ليکڪ جيڪو رڳو حقيقت پسند آهي، سو پڻ مئل آهي. طارق عالم وٽ حقيقت ۽ تخيل جي بي بها شراڪت بي حد چٽي نموني موجود آهي، جيڪا سندس زنده هجڻ جو ثبوت آهي.

آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت راڻيپور پاران طارق عالم جي ادبي ڪاوشن جي مڃتا طور کيس شيلڊ پڻ ڏنو ويو. مشاعري جي نشست ۾ مقامي نوجوانن ۽ ناميارن شاعرن کانسواءِ ٻاهران آيل شاعرن بخشڻ مهراڻوي، نماڻي سنڌي، احمد سولنگي، زيب سنڌي، ضمير ڦل، ادل سومير، اياز گل ۽ نصير مرزا شعر پڙهيا. آخر ۾ مقامي راڳيندڙن سان گڏ مقبول راڳي، عاشق نظاماڻي طارق عالم ۽ ٻين جديد شاعرن جي شاعري کي موسيقيءَ جو ويس ڍڪايو.

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرو

”نياز انسان هو، فاني ۽ بي بقا، نيٺ هتئون هلڻو هوس، آخر رهي به ڪيترو رهي ها. موت سندس مرڪ هو، هن فاني جسم جو معاملو آخر ته مٽي سندو مامرو آهي ”نياز“ جي موت ڪري سنڌي ادب کي نقصان پهتو، ”نياز“ جي وڃڻ سبب شاعري جو ايوان ويران ٿي ويو. زبان کي نقصان پهتو جو ”نياز“ هي جهان ڇڏيو، اهي سڀئي ڳالهيون برابر، صحيح ۽ سچ، پر منهنجي ته دل ان ڪري به ڏڪي ويئي، جڏهن ڏٺم ته ”نياز“ هڪ دور جو نمائندو هو، جيڪو دور سندس موت تي ختم ٿيو، ”نياز“ هڪ عهد جي نشاني هو ۽ اهو عهد ا پورو ٿيو، ”نياز“ هڪ خاص زماني جوعڪس ۽ آئينه دار هو، جيڪو زمانو هاڻي اچي پڄاڻي کي پهتو. سندس تعلق انهي وڻندڙ ماضي سان هو، جيڪو باغ ۽ بهار هو، جيڪو امن ۽ آسائش هو، جيڪو سڪون ۽ راحت هو. سڄي سنڌ جوان هئي. سندس نڪ مان نٿ ڪانه لٿي هئي. بولو ۽ بئنسر اڃا سندس نڪ ۾ هئي، ڪنن جي والن ۽ نسبن تائين اڃا ڪنهن ظالم جو هٿ اُتس ڪو نه پهتو هو، نه سندس وار ئي ڇڙيا هئا ۽ نه اڇو جوڙو ئي ڍڪيو هئائين، نه ڇڙو ”نياز“ جي لاڙڪاڻي تي جوڀن ۽ جواني هئي. پر سنڌ جو هر شهر، دهه خواهه دهقان سکيو ۽ ستابو هو، ٻهڪيو ۽ چهڪيو ٿي. خيال ڪيم ”نياز“ جي دور، زماني ۽ عهد جي هڪ هڪ شئي اکين اڳيان اچي وئي. لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻي جا مشاعرا، اُتنهن جا مشاهير، وڏا وڏا زميندار، نواب ۽ سردار، انهن جو اوج ۽ اقبال، وضع ۽ قطع، ڪچهريون ۽ ڪارناما، سکر، سکر جون ادبي محفلون، اتنهن جا مشاعرا، اتنهن جا دلبر دوست ۽ موچارا ماڻهو، نه فقط جن جن واقعن سان ”نياز“ جو واسطو هو، اهي ياد آيا. بلڪه انهي سڄي ماضيءَ جون اهي سڀئي ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون، جيڪي هنن گنهگار اکين ڏٺيون، هڪ هڪ ٿي ذهن ۾ اينديون ويون، دل تي ترنديون ويون ۽ يادن جا نقش اڀرندا ويا.“

وسعتي پيدا کن اي صحرا که اشب در غمش

لشکر آهِ من ازل دل، خيمہ بيرون ميکشد

(تحرير: سيد حسام الدين شاهه راشدي – ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ چونڊيندڙ: الطاف آگرو)

آديسي اٿي ويا

 

ڪاتِيءَ تان نَه ڪُٺو، ماءُ منهنجو جِندَڙو،

جَنهين ماءِ مُٺو، سي جَتَ نه پسان جوءِ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 \
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com