هيءَ ڪهاڻي
فرانز ڪافڪا / قاسم ڪيهر
” هيءَ ڪهاڻي سڄي ڪائنات جي آهي. هن کي دنيا جي هر ڪتاب ۾ شامل
ڪيو ويندو آهي. سڀني اسڪولن جي ڪارن بورڊن تي اها
ئي ڪهاڻي لکي ويندي آهي. مائرون پنهنجن ٻارن کي ٿڃ
پياريندي ان جي باري ۾ سوچينديون آهن. پيار محبت
ڪرڻ وارا سرگوشين ۾ اهائي ڪهاڻي بيان ڪندا آهن.
سپاهي ميدان جنگ ڏانهن ويندي اها ئي ڪهاڻي
ورجائيندا آهن. دڪاندارن ۽ گراهڪن جي ڳالهه ٻولهه
۾ ان ڪهاڻي جو ورجاءُ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. مذهبي
تقريرن ۾ انجو ذڪر ڪيو ويندو آهي. اها روزانو
اخبارن ۾ شايع ٿيندي آهي ۽ مسافر سفر دوران ان کي
پڙهڻ کانپوءِ ڀر واري کي پڙهڻ لاءِ ڏيندا آهن.
مطالعه خانن ۾ تاريخدان ان ڪهاڻيءَ جي قدامت تي
حيران ويٺا ٿيندا آهن. ٽيليگرام ان لاءِ ئي ايجاد
ٿيو هو ته اها ڪهاڻي دنيا ۾ تيزي سان ڦهلائي
سگهجي. قديم آثارن جي تلاش ۾ ڪيل کوٽاين مان اهائي
ڪهاڻي نڪرندي آهي. وڏين ڊگهين عمارتن جون ڏاڪڻيون
ان ڪهاڻي کي ڇت تائين وٺي وينديون آهن. ڏيساور جا
سياح اڻ ڏٺل جڳهن تي ان ڪهاڻي جي ڳالهه ڪڍندا آهن
پر انهن کان پهرين وحشي نسلن جا فرد اتان جي ماڻهن
سان ان جو ذڪر ڪري چڪا هوندا آهن. ستارا اهائي
ڪهاڻي ٻڌائيندا آهن. شام جي سمي ڍنڍن جي شفاف
پاڻيءَ ۾ ان جو طئي عڪس نظر ايندو آهي. درياهه جون
لهرون اُن کي ئي جبلن جي هيٺان وهائي کڻي اينديون
آهن پر بادل ان کي ٻيهر چوٽين تي وڇائي ڇڏيندا
آهن.
۽ تون… تون هتي ويٺو ان ڪهاڻي جي بي مهلي ۽ بي تعلق هجڻ جي
شڪايت ٿو ڪرين. تو يقينن پنهنجو ننڍپڻ ڏاڍو تلخ
گذاريو آهي.
[عالمي ادب]
رڳو مرڻ لاءِ جيئڻ ۾ ڪو مزو ناهي
مئڪسم گورڪي / ولي رام ولڀ
ٻڌايو، اوهان ڪنهن کي هونئن ئي ياد ڪندا آهيو؟ نه نه؟ ياد اُنهن
کي ڪيو ويندو آهي، جيڪي متاثر ڪندا رهيا هجن.
يادگيرين ۾ اُهي واقعا ۽ ڳالهيون رهنديون آهن،
جيڪي ياد ايندڙ جي تعلق ۾ رهندي ظاهر ٿين. وهنوار
جي سطح تي … ڪردار جي طور تي…! اهي ڳالهيون مثال
بڻجي وينديون آهن ۽ اسان کي سُڌ پوندي آهي ته
فلاڻو شخص مؤثر ۽ مهان ڇو ۽ ڪيئن ٿيو! چيخوف جي
حوالي سان سندس زندگيءَ جو هيءَ داستان مئڪسم
گورڪي جي زباني پيش ڪجي ٿو.
ولي رام ولڀ
ڪُچڪ – ڪوايه ڳوٺ ۾ چڄيخون وٽ ٿوري زمين ۽ اڇو ٻماڙ گهر هو. هڪ
ڀيري هن مون کي پنهنجي ڳوٺ سڏايو… ۽ مون کي پنهنجي
انهي نالي ماتر ”جاگير“ ۾ سير ڪرائيندي ڏاڍي
اُتساهه سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو…
”جيڪڏهن مون وٽ پيسو هجي ها ته مان هتي بيمار اُستادن لاءِ هڪ
سينيٽوريم جوڙايان ها. ڏاڍو خلاصو، کليل، هوادار ۽
روشن… وڏيون وڏيون ڇتيون، وڏيون وڏيون دريون… هڪ
شاندار لئبريري، ماکيءَ جي مکين جو مرڪز، ڀاڄين
جون واڙيون، گلن جو باغيچو ۽ هر قسم جي سنگيت ۽
ساز هجي ها انهيءَ سينيٽوريم ۾، انهيءَ ۾ پوک ۽
تارن جي علم تي به ليڪچر ٿين ها… سمجهيئه! اُستادن
کي گهڻي ڄاڻ هئڻ گهرجي، تمام گهڻي …! پوءِ هو ماٺ
ٿي ويو. ڪجهه کنگهي، پوءِ ٽيڏي نگاهه سان مون کي
ڏسندي مُرڪي ڏنائين. هن جي انهي مُرڪ ۾ ڏاڍي ڪشش
هئي، جنهن کي ڏسي ڪو به کيس لڳاتار ٻڌندي رهڻ تي
مجبور ٿي پوي ها.
مون کي ائين تجسس ۾ ڏسي هو وري چوڻ لڳو، ”منهنجي خوابن جا تفصيل
ٻڌي تون بيزار ٿيڻ لڳو آهين. شايد! پر مون کي انهن
مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ڏاڍو وڻي ٿي. ڪاش! تون
محسوس ڪري سگهين ته ڳوٺن ۾ لائق، سمجهدار ۽ اربيل
اُستادن جي ڪيڏي ضرورت آهي. پنهنجي ملڪ ۾ اُستادن
لاءِ جلد کان جلد اسان کي بهترين حالتون پيدا
ڪرڻيون آهن، انهن جي آسپاس هڪ ماحول تيار ڪرڻو
آهي، ڇو ته ڳوٺن جي رهواسين کي جيڪڏهن گهڻن
پاسائين سکيا نه ڏني ويندي ته ملڪ انهيءَ عمارت
وانگر ڊهي پوندو، جنهن جو بنياد ڪَچين سرن جو رکيل
هجي. انهيءَ ڪري تمام ضروري آهي ته اُستاد کي
اداڪار به هئڻ گهرجي، ڪلاڪار به اديب به… ۽ کيس
پنهنجي ڪم سان چرين وانگر پيار ڪرڻ گهرجي!…
جيتوڻيڪ هِتي حالت اها آهي ته اسان جا اُستاد ته
کاٽي کڻندڙ مزدورن وانگر… پڙهيل لکيل اڻ پڙهيل
آهن. اهي ايڏي بي دليءَ سان اسڪول وڃڻ لاءِ تيار
ٿيندا آهن، ڄڻ ڏيهه نيڪالي ڏيڻ تي کين گهر ڇڏڻو
پئجي ويو هجي!
انهي جا ڪيترائي ڪارڻ آهن… اسان جا استاد بُک ۽ بيحالي جا شڪار
آهن. انهن جي دماغ ۾ نوڪري وڃائڻ جو خطرو هميشه
لامارا ڏيندو رهندو آهي، انهن مونجهارن ۾ ڦاٿل اهي
ڪڏهن ڪجهه نٿا سکي سگهن… جڏهن ته هڪ ماستر کي ته
ڳوٺ جو اعلى شخص هئڻ گهرجي، جو هارين جي هر سوال
جو جواب ڏئي سگهي. سندس عقلمندي جي بنياد تي سڀ
سندس عزت ڪن! ۽ هتي حال اهو آهي جو اسان جي ملڪ ۾
سڀئي اُستادن جي بي عزتي ڪندا آهن. ڳوٺ جو پوليس
وارو، سرمايه دار، مُلان، وڏيرو ۽ اسڪول انسپيڪٽر،
جيڪي تربيت کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي بدران
رڳو گسيل پٽيل اصول لاڳو ڪرڻ ۾ ئي رڌل رهندا آهن!…
اُستاد، جن کي عوام جي تربيت ڪرڻ جو فرض سونپيو
ويو آهي، کين نالي ماتر اُجرت ڏيڻ بيهودگي
آهي!…”حڪومت جا مخالف“ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ اهڙو لفظ
بڻجي ويو آهي، جن جو نالو وٺي چالاڪ ماڻهو، جاهلن
کي ڊيڄاريندا- ڌمڪائيندا رهندا آهن…، اهو بيحد
ڌڪار جوڳو ڪم آهي… هڪ وڏي ۽ اوچي ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ
جو مذاق ڪرڻ آهي… توکي ڇا ٻڌايان، ڪنهن اُستاد سان
ملندو آهيان ته سندس مسڪيني ۽ بي حالي ڏسي سن ٿي
رهجي ويندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته لڳندو آهي ڄڻ سندس
انهي حالت لاءِ ذميوار خود مان آهيان…سچ، مان ائين
ئي محسوس ڪندو آهيان!“ هڪ کن لاءِ روڪجي هُن
پنهنجو هٿ اڳتي وڌايو ۽ چيائين، ”ڪيڏو نه اجايو ۽
گندو آهي، اهو سڀ!“ سندس اکين ۾ ڏک جهلڪڻ لڳو.
لوندڙين تي گهنجن جو موهيندڙ ڄار اُڀري آيو ۽ سندس
شخصيت وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي پر هن هونئن ئي ساڄي –
کاٻي ڏٺو ۽ پاڻ تي ئي کلڻ لڳو، ”ڏٺئه نه، مان ته
توکي ڪنهن وڏي اخبار جو ايڊيٽوريل ٻڌائي ويس. هاڻي
اچ، ايڏي صبر سان ٻڌندي رهڻ لاءِ توکي چانهه
پياريان!
هو ائين ئي ڪندو هو، ڳنڀير، گهري ۽ ڪم جون ڳالهيون ڪندي ڪندي ڄڻ
پنهنجين ڳالهين جو مذاق اڏائي ڇڏيندو هو. سندس
انهي مذاق جي پٺيان ڪجهه نه ٿيندي رهڻ جي تڪيلف
صاف صاف سڃاڻي سگهبي هئي. اُها تڪليف، جنهن مان
لفظن ۽ سپنن جي قيمت ڀلي ڀانت معلوم ٿئي ٿي.
ڪتن سان ريس!
اسان گهر ڏانهن موٽي رهيا هئاسين. اُهو اُس وارو سهامڻو ڏينهن
هو. سج جي رنگ وکييرندڙ چمڪندڙ ڪرڻن ۾ لهرن جا
سُر، سنگيت پيدا ڪري رهيا هُئا. وڻڪار ۾ ڪٿي ڪو
ڪتو پنهنجي ئي خوشي ۾ مست، ڪوڪاٽ ڪري رهيو هو.
چيخوف منهنجو هٿ جهلي ورتو ۽ کنگهندي چيائين،
”ڏاڍي شرم ۽ افسوس جي ڳالهه آهي، پر سچ آهي ته
گهڻا ماڻهو ڪتن سان ريس ڪندا آهن…!“ پوءِ کلندي
چيائين، ”مان جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهيان، اهي پوڙهن
جون ڳالهيون آهن… شايد مان پوڙهو ٿيندو پيو وڃان!“
پنهنجي پسند جي ڳالهه!
چيخوف بي حد سرل سڀاءُ جو هو ۽ اهائي سندس شخصيت جي سونهن به
هئي. کيس اهو سڀ ڪجهه وڻندو هو، جيڪو سرل هو. سچ
هو، بنان ٺڳيءَ جي هو، پنهنجي واقفڪارن کي به سرل
بنائڻ جو سندس پنهنجو ئي انداز هو.
هڪ ڀيري ٽي ڏکيل چٽيل عورتون ساڻس ملڻ آيون. سندن ريشمي ڪپڙن جي
سرسراهٽ ۽ عطر جي سڳنڌ ڪمري ۾ ڦهلجي وئي. اُهي
چيخوف جي سامهون ويهي، منهن کي موڙا ڏيندي، سياست
۾ پنهنجي گهيري دلچسپي ظاهر ڪندي پڇڻ لڳيون:
”جنگ جو نتيجو ڇا نڪرندو؟
چيخوف ڪجهه سوچيندي ڳنڀيرتا ڀريل پر نهٺائي سان چيو، ”جنگ جو
انت ته امن ۾ ئي ٿيندو.“
”ها، اهو ته ٺيڪ آهي پر ڪير جيتيندو؟ يوناني جيتيندا يا تُرڪ؟“
”جيڪو طاقتور هوندو، اُهو ئي جيتيندو“.
”اوهان کي طاقتور ڪير ٿو لڳي؟
”جنهن کي سٺي ماني ملي ٿي ۽ جيڪو وڌيڪ تربيت يافته آهي؟“
”واهه ڪهڙي ڳالهه ڪجي!“ هڪ عورت ٽڙي پيئي، ”هونئن اوهان کي ڪير
وڌيڪ پسند آهي؟ يوناني يا تُرڪ؟“
چيخوف اُنهيءَ عورت کي هڪ نظر ڏٺو ۽ چپن تي ڏاڍي پنهنجائپ جي
مُرڪ آڻيندي چيائين، ”مون کي نه ميوي جو مُربو
وڌيڪ پسند آهي!“
”مون کي به …مون کي پسند آهي!“
”ڏاڍو ذائقيدار ٿيندو آهي مُربو!“ ٻي عورت به ڳالهائڻ لڳي ۽
اُهي ٽيئي ٽهڪ ڏيئي مُربن جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ
لڳيون، هيستائين اُهي رڳو ڏيکاءُ لاءِ پنهنجي
پنهنجي ڄاڻ جو مظاهرو ڪري رهيون هيون، کين يونانين
۽ تُرڪن جي موضوع تي گفتگو ڪرڻي پيئي هئي، جن جي
باري ۾ انهن ڪڏهن غور وفڪر به نه ڪيو هو. اُهي خوش
هيون جو هاڻي کين بي سبب دماغ تي زور نه وجهڻو
پوندو. شايد انهي ڪري وڃڻ وقت ٽنهي عورتن چيخوف
سان وعدو ڪيو ته اُهي هن لاءِ کوڙ سارو مُربو
موڪلينديون.
اُهي هليون ويون ته مون چيو، ”ڏاڍي مزيدار گفتگو ٿي!“
چيخوف هوريان کليو، ”هر ماڻهو کي پنهنجي ئي دلچسپي جي ڳالهه ڪرڻ
گهرجي!“
ڏوهه، سزا ۽ گراموفون
هڪ ٻئي موقعي تي وٽس هڪ نوجوان وڪيل آيو. هو سندس سامهون بيهي
پنهنجي گهنڊيدار وارن کي پويان جهٽڪي، ڏاڍي خود
اعتمادي سان چوڻ لڳو، ”اوهان جي ڪهاڻي ”ڏوهاري“
منهنجي اڳيان ڏاڍو پيچيده مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو
آهي. جيڪڏهن مان اهو مڃي وٺان ته انهي ڪهاڻي جي
ڪردار ”ڊينس“ ۾ ڏوهه جي خواهش موجود آهي ته مان
اکيون ٻوٽي کيس جيل موڪلي ڇڏيان، ڇو ته انهيءَ ۾
سماج جو فائدو آهي، پر هو صفا جهنگلي آهي. کيس
ڏوهه جي ڪا خبر ئي ناهي. انهيءَ ڪري مون کي مٿس
ترس ئي اچي ٿو پر جيڪڏهن مان اهو سمجهي وٺان ٿو ته
ڊينس اهي بُرا ڪم پنهنجي بيوقوفي جي سبب ڪري ٿو ته
سماج کي ڪيئن ڀروسو ڏياري سگهجي ٿو ته جيڪي ٿيو سو
ٿيو، هاڻي ڊينس ريل جون پٽڙيون نه کوليندو ۽ ريل
گاڏيون اونڌيون نه ڪندو؟ اها منهنجي پريشاني آهي ۽
هاڻي اوهان ئي ٻڌايو، ڇا ڪيو وڃي؟“
چيخوف چيو، ”جيڪڏهن مان جج هجان ها ته ڊينس کي آزاد ڪري ڇڏيان
ها.“
”ڪيئن؟ ڪهڙي آڌار تي؟“
”مان کيس چوان ها… دوست، تون اڃا تائين پيشه ور ڏوهاري نه ٿئين.
ڀڄي وڃ ۽ وڃي ڪجهه سک!“
وڪيل کليو پر وري ڳنڀير ٿي ويو. ”نه چيخوف صاحب، انهي مسئلي جو
حل هر صورت ۾ سماج جي فائدي ۾ ٿيڻو آهي، اُنهيءَ
سماج جي فائدي ۾ جنهن جي زندگي جي تحفظ جو بار
منهنجي ڪلهن تي آهي. ٺيڪ آهي ته ڊينس جهنگلي آهي…
پر هو ڏوهاري ته آهي… ۽ اهو سچ به آهي.“
”اوهان گراموفون ٻڌڻ پسند ڪندا آهيو؟“ تنهن تي چيخوف ڳالهه
بدلائي ڇڏي.
”جي ها، بيحد! ڏاڍي خوبصورت ايجاد آهي، اهو گراموفون!“
”پر مان انهيءَ جو رينگٽ سهي نٿو سگهان“.
”ڇو؟“
”جڏهن ٻڌو تڏهن گانو…گانو…!“ ڪو مزو ناهي منجهس! انهيءَ جا سُر
به کوکلا ۽ بي دم هوندا آهن!… خير، ڇا اوهان کي
فوٽو گرافيءَ جو به شوق آهي؟“
وڪيل دراصل فوٽوگرافيءَ جو ئي شوقين هو، هو بيحد دلچسپيءَ سان
انهيءَ جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳو، هاڻي کيس اُنهي
خوبصورت ايجاد – گراموفون ۾ ڪا دلچسپي نه هئي،
چيخوف جي نظر کيس پهرين ئي تاڙي ورتو هو. سندس
وڪالت نامو ڪٿي پري وڃي ويٺو ۽ سندس ڊريس جي
اندران هڪ جيئرو ۽ دلچسپ انسان جهاتي پائڻ لڳو جو
زندگي جي مشڪلاتن جي باري ۾ ايترو ئي اناڙي هو،
جيترو پهريون ڀيرو شڪار ڪرڻ لاءِ نڪتل ڪوئي ٻلو!
وڪيل صاحب کي دروازي تائين ڇڏي اچڻ کانپوءِ چيخوف ڀڻ ڀڻ ڪندي
چيو، ”هه هه! ههڙي قسم جا ڇوڪرا انصاف جا ٺيڪيدار
بڻجي انسانن جي قسمت جا فيصلا ڪندا آهن!”…۽ ٿورو
ماٺ ٿي چيائين، ”مدعي هميشہ مڇي ئي جي شڪار ۾ مزو
وٺندو آهي!“
انهن کي نه پڙهو!
هُو ڇسائي جو ٻول پڌرو ڪرڻ ۾ هوشيار هو. اهو هڪ اهڙو فن آهي،
جنهن تي رڳو اهو ئي عبور حاصل ڪير سگهي ٿو، جيڪو
سماجي زندگي جي باري ۾ پنهنجو فرض محسوس ڪندو
هجي…هڪ اهڙو فرض جيڪو انسان ۾ سادگي، سونهن ۽
دٻدٻو ڏسڻ جي خواهش سان معمور هجي. هو ڇسائيءَ جو
ڪٽر نقاد هو.
ڪنهن ساڻس شڪايت ڪئي، ”فلاڻي اخبار جا ڳنڀير حصا ڏُکيا ۽ بيزار
ڪندڙ هوندا آهن!“
”اهي بلڪل نه پڙهو!“ چيخوف ڏاڍي ڀروسي سان راءِ ڏني، ”اهي
سهڪاري رچنائون هونديون آهن.…اهڙو ساهت جنهن کي
ڪريسنوف، چرنوف ۽ بيلوف يعني ”ڳاڙهو“، ”ڪارو“ ۽
”سفيد“ لکندا آهن. هڪ ليک لکندو آهي. ٻيو تنقيد
ڪندو آهي ۽ ٽيون ٻنهي جي جاهلپڻي جو رعب وهاريندو
رهندو آهي. اهو ته ”ڊمي“ گڏ کڻي تاش کيڏڻ جهڙو ڪم
آهي. افسوس آهي جو اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کان به
ڪڏهن نٿا پڇن ته آخر پڙهندڙ کي انهن سڀني جي ڪهڙي
ضرورت آهي!“
آفيسر بنجون يا عقلمند!
لاڳيتو بيمار رهڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن هو پاڻ تائين محدود ٿي ويندو
هو، انهن ڏينهن ۾ هو ٻاهر جي ماڻهن سان ملڻ قطعي
پسند نه ڪندو هو.
انهن ڏينهن کيس خشڪ کنگهه هئي، صوفي تي ليٽئي ٿرماميٽر سان
کيڏندي چوڻ لڳو، ”رڳو مرڻ لاءِ جيئڻ ۾ ڪو مزو
ناهي… پر اها خبر هوندي به ته اسان وقت کان اڳ مري
وينداسين، برابر جيئرو رهڻ بلڪل جاهلپڻو آهي!“
هڪٻئي موقعي تي هو دريءَ مان سمنڊ کي نهاريندي هوريان هوريان
چوڻ لڳو، ”اسان کي سٺي سڦل، سُک ڏيندڙ موسم ۽ بيحد
محبت جي مرگهه ترشنا ۾ شاهوڪار ٿيڻ يا پوليس آفيسر
بڻجڻ جي ڪوڙي اميد ۾ جيئڻ جي عادت ٿي پئي آهي. پر
مون اڄ تائين ڪنهن کي وڌيڪ عقلمند بڻجڻ جو
خواهشمند نه ڏٺو. اسان پنهنجو پاڻ ۾ سوچيندا
آهيون.… نئين زار جو راڄ پهرين کان بهتر ۽ ٻه
صديون بعد اڃا به سٺو ٿي ويندو!… پر ڪو به اها
ڪوشش نٿو ڪري ته اهي چڱا ڏينهن سڀاڻي ئي اچي وڃن،
جڏهن ته ساري زندگي روز بروز ڏُکي ٿيندي پئي وڃي…
پنهنجي مرضيءَ سان هلندي پيئي وڃي… زندگي کان منهن
موڙيندي پيئي وڃي… ڪنهن مذهبي جلوس ۾ منڊي ٽنڊي
فقير وانگر!“
هڪدم ملندي آهي خوشي!
هن جون اکيون ڏاڍيون من موهيندڙ هيون، کلندي منجهن عورتاڻي
سونهن اُجاگر ٿي وپندي هئي. سندس خاموشي واري کِل
۾ غضب جي ڪوشش هئي. سدائين ائين لڳندو هو ڄڻ سچ پچ
پنهنجي کِل جو لطف حاصل ڪري رهيو هجي. جيڪڏهن چئي
سگهجي ته مان به اهو ئي چوندس ته ايڏي معصوم کِل
واري ٻئي ماڻهوءَ سان مان ڪڏهن به نه مليو آهيان.
هن جهڙي انسان کي ياد ڪرڻ هميشہ سٺو لڳندو آهي. اهو خوشين جي
هڪدم اچڻ وانگر هوندو آهي، جيڪو زندگي ۾ اتساهه
ڀري کيس وري گهري ۽ صاف معنى عطا ڪندو آهي.
انسان ڪائنات جو مرڪزي قطرو آهي!
۽ تون پڇين ٿو، سندن برايون…؟ سندن ڪمزوريون؟ اسان سڀ پنهنجي
ساٿي انسانن جي پيار جا بکايل آهيون… ۽ جڏهن بک
لڳي هجي ته ڪچي ماني به سوادي لڳندي آهي.
گورڪيءَ جو هڪ تنقيدي خط چيخوف جي نانءُ
نِجني: 5 جنوري 1900ع
پيارا چيخوف!
مون هاڻي ئي تنهنجي ”ليڊي“ (وڊ دي ڊاگ) پڙهي آهي، خبر اٿيئي ته
تون ڇا پيو ڪيرين؟ تون هڪدم حقيقت نگاري جو قتل
پيو ڪرين ۽ تون اها تمام جلدي هميشہ لاءِ ختم ڪري
ڇڏيندين. اها روپ - رسم اڳيئي پنهنجي ڄمار پوري
ڪري چڪي آهي.
پنهنجي ننڍپڻ ڪهاڻين وسيلي تون تمام اهم ڪم ڪري رهيو آهين، عوام
۾ نئين شعور جي روشني ڪري رهيو آهين پر تو جيڪي
ڪيو آهي اُهو بيزار ڪندڙ قدم آهي. اها هڪ ڦڪي ۽
ڪُجسي زندگي آهي، جيڪا لڳ ڀڳ مئل آهي. انهيءَ
سموري کي شيطان جي حصي ۾ ئي وڃڻ ڏيندس! تنهنجي
”ليڊي“ مون تي ڪجهه اهڙي طرح جو اوچتو اثر ڇڏيو ڄڻ
مان پنهنجي زال ۾ شڪ ڪندو هجان. بهرحال مان پنهنجي
زال سان وفادار انهي ڪري رهيو آهيان جو ڪابه مناسب
عورت منهنجي نظر ۾ نه هئي پر کيس توڙي سندس ڀيڻ جي
مڙس کي وٺي، مان اڃا به ڊنل آهيان، منهنجو خيال
آهي ته تون پنهنجي ڪهاڻي جي اهڙي انت جي باري ۾
ايستائين نه سوچيو هوندو، تنهن ڪنهن پرڏيهي نالي
واري اداڪار (اولگانپِر) سان شادي جي ڳالهه به ٻڌڻ
۾ آئي هئي. جيڪڏهن عورت مئل ۽ گرم مزاج نه هجي ته
شادي ڪرڻ چڱي ڳالهه آهي. خط ضرور لکج.
تنهنجو: اي پيشڪاف (مئڪسم گورڪي)
چيخوف جو مئڪسم گورڪي کي لکيل هڪ خط!
بالٽا: 3 فيبروري 1900ع
تنهنجو خط مليو – مهرباني
ٽالسٽاءِ ۽ ”انڪل وانيا“ جي باري ۾ تنهنجون سِٽون پڙهيم. ”انڪل
وانيا“ کي مان اسٽيج تي نه ڏسي سگهيس. هتي بالٽا ۾
خطن کان سواءِ خوشي سان زنده رهڻ ڪافي مشڪل آهي.
توکي ڦڦڙن جي بيماري آهي ته پوءِ نجني ۾ ڇو رهيو پيو آهين؟ ٿورو
سوچ، نجني ۾ توکي ڪهڙي مدد ملي سگهندي؟، انهيءَ
شهر کي تون ڇا جي ڪري چهٽيو پيو آهين؟ جيڪڏهن توکي
ماسڪو پسند آهي ته لک، تون ماسڪو ۾ ڇو نٿو رهڻ
چاهين؟ ماسڪو ۾ ٿيٽر آهن ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي.
نجني ۾ رهندي تون ساري ڄمار اڳتي وڌي نه سگهندين.
تون گهڻو ڏسڻ چاهين ٿو، ڄاڻڻ چاهين ٿو… پنهنجي
نگاهه کي زندهه رکڻ چاهين ٿو. مون کي خبر آهي ته
تنهنجو تصور ڪافي تيز آهي، پر اهو اُنهي تندور
وانگر آهي، جنهن کي ٻارڻ نه ملي. ڪو به شخص انهي
کي محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ خاص ڪري ڪهاڻين ۾ … تون ٻن
يا ٽن ڪردارن کي پيش ڪرين ٿو، پر اُهي ڪردار ميڙ
کان الڳ رهن ٿا، ڪو به سمجهي سگهي ٿو ته اهي ڪردار
رڳو تنهنجو تصور آهن… عوام سان انهن جو ڪو سنٻنڌ
ناهي، اها تنقيد مان تنهنجي سٺين تخليقن (جهڙوڪ
”منهنجي سفر جو ساٿي“) جي باري ۾ نٿو ڪريان،
تنهنجي سٺين تخليقن ۾ ڪردارن سان گڏوگڏ انهي سموري
سرحدن جي جهلڪ ڏسجي ٿي، جتان اُهي آيا آهن، سندن
پس منظر ۾ سموريون انساني سچايون لڪل رهن ٿيون.
ڏس، مان ڪيڏو ليڪچر ڏئي رهيو آهيان توکي!
هاڻي توکي نجني ۾ نه رهڻ گهرجي. تون هڪ جوان شخص آهين. رشٽ پشٽ
آهين، سگهارو آهين، جيڪڏهن تنهنجي جڳهه تي مان
هجان ها ته هندستان وڃان ها. اهڙي طرح مان ٻيا ملڪ
ڏسان ها. ٻن يا وڌيڪ يونيورسٽين مان ڊگريون وٺان
ها. ها، مان بلڪل ٺيڪ ٿو چوان، تون کلندين، پر ڇا
ڪريان، چاليهن سالن جي هن ڄمار ۾ دم سان گڏوگڏ ٻين
گهڻين بيمارين مون کي گهيري رکيو آهي. خير، هڪ سٺي
دوست ۽ ساٿي وانگر تون منهنجي هن پادري جهڙي خطبي
جي ڪري ناراض نه ٿج.
مون کي خط لکج، مان ”فوما گارڊيو“ پڙهان پيو… اڃا تائين ڍنگ سان
انهيءَ کي ڏنو به نه اٿم.
تنهنجو: چيخوف
۽ پوءِ چيخوف جي موت کانپوءِ، گورڪي لکيو هو:
”مان جڏهن جهڪيل پن – ڇڻيل شام کي ڏسندو آهيان، ڳوٺ جي گهرن تي
ڪرندڙ اُس گهرن مٿان بيٺل آڪاش، ته مون کي چيخوف
جون ڪهاڻيون ياد اچي وينديون آهن.“
هڪ ڀيري چيخوف، گورڪيءَ کي چيو هو: ”چانڊوڪيءَ کي ڏسڻ لاءِ چنڊ
کي ڏسڻ ضروري ناهي. اُنهي ڀڳل بوتل کي ڏسڻ ڪافي
آهي، جنهن تي چانڊوڪي پئجي رهي آهي.“
شڪاري
اسير ملاح
سچي ڳالهه آهي، اسان جهڙو شوق به ڪنهن وڙلو ڪيو هوندو. شڪار به
ٿيندو ڪُتن سان. اسان جا ڪتا هونئن به پنهنجي تر ۾
مشهور هئا. مطلب ڀلو جوڙ هو، جهڙا ڪتا ويڙهو، اهڙا
همراهه خفتي.
اميرن جي ڳالهه ٻي آهي، جن وٽ لوڌون ڪتن جون، پنجوڙون، ڏڦڙيا ۽
واٺُو، پر ڪتا اسان جا به اهڙا ڏاڍا، جو پاڻ ڀلي
وڻن تي چڙهي وڃون، پر مجال آهي جو سور پنج وکون به
هلي. بس وٺجي ويو. اسين به اهڙا انڌا شڪاري جو آڌي
نه اسر، وقت نه ويلو بس، هل شڪار تي. وري شڪار تي
وڃون ته، نه پنڌ جي، نه ٿڪ جي، نه بُک جي، نه
سرديءَ جي، نه گرميءَ جي، اصل شڪار نه لڳي ته گهر
نه موٽون، ڀلي ٻه - ٻه چار - چار ڏينهن - راتيون
لڳي وڃن. پوءِ ساڻا مڙس، ٿڪل ڪتا گيهل گهلان… پر
بنا شڪار جي گهر موٽڻ جي ڪو به وائي نه واري، بُک
۾ پيٽ ڪنڊي سان، مجبور …آس پاس جي راڄن ڀاڳن مان
ٽڪر ڇڏائيندا، جهنگ مُنهن، راتيون رهندا شڪار ضرور
ڪريون. ڪتا به بکيا ته ڪتائي به، ڪو ٻلهر يا مادي
ماريون ته ٽڪر ٽڪر ڪري ڪتن کي ڏيون، پر لوڌ مڙسن
جي، ڪنهن جي مٿان وڃي ڪرون ته به، سڀڪو غريب، اسين
به روز ٻئي ڏينهن سنبريا بيٺا آهيون. آخر آسپاس جي
راڄن کي لهڻون ته ڪو نه. پر شونق … هڪ سوئر مارڻ
سان شونق پورو ئي نه ٿئي…
اهو ته وڍي ڪتن کي کارايون ۽ ڄاڙون وڻن ۾ ٽنگي ڇڏيون، جيئن نالي
وارا شڪاري، ڦاڙهن ۽ شينهن جون سسيون گهرن ۾
سجائيندا آهن. ڀلا جي اسان ڪو پنج ست يا اٺ آڱرو
ماريون ته وجهه سلهن ۾ ڳهندا ڳهندا سڌو ڳوٺ، مُرون
مُن تي ٻڌي، آلڙه ڪرايون. ننڍا وڏا پوڙها پڪا،
هڙئي اچي شعل ڏسن، ”مروان موت ملوڪان شڪار“ آلڙه
تي وري الڙ گُلرن کي وڙهڻ جي ترڪيب ڏيون… سڀڪو
نالي خاطر نوان نوان ڪتا آڻي، جي ڪتا آڻي ته، شڪار
تي به هلي ۽ اسين مڙس وري غريب پر ”پيٽ نه پاري
ڪتا ڌاري“ جي پهاڪي تي عمل ڪري شونق اسان به ڪو نه
ڇڏيو، ائين به ڪونهي ته ڪو رڳا سور مارياسين، پر
گدڙ، گدڙ به اهڙا بگهڙن جهڙا، ڳوهون… به ايڏيون
واڳن جيڏيون… ٺڪاءُ ڪُتي کي پڇ تي ٿي وڃي ته،
رانڀاٽ… وري سيهڙون… سيهڙون به اهڙيون ويڙهُو، جو
تيرن جهڙيون ڪانيون، ڪک مان لڳي ته پار ڳچيءَ مان
لڳي ته ٻسٽ! مجال آ هروڀرو جهڙو تهڙو، ڪتو وات
وجهي رڳو، ٻهوڙ… سيهڙن لاهه ڪڍي ڇڏيا. وات مان،
اکين مان، زبان مان، ڪانيون ڪڍي ڪڍي بيزار ٿي
پوندا هئاسين، ڪيترائي ڪتا جڏا ڪري وڌاسين، پر ڪتا
به اهڙا اڻ گُس، جو اصل نه مُڙن، ان حالت ۾ به وات
پيو ۽ سيهڙ…ڦونڌا ڦونڌا.
وري جهنگراڙ ٻلا… اهڙا جهڙا شينهن… ڏسجي پيو ته نه وڃي. زپّ
چنبو ڪتي کي ته… ڪونڪڙاٽ! پر ڪتي جو وات پيو، ۽
ڌوڻ ئي هڪڙي - ٻلي جا گيچ ٻچا ٻاهر، باقي لومڙ ۽
سها، ته ڪتن جو قُوت. اصل پنهنجا ڪيو پيا، ماريندا
۽ کائيندا هئا. پر چراخ به ماريوسين!
انهيءَ ڏينهن ته ڪمال ٿي ويو، چار ڪتا چراخ کي چهٽيل. پر ڀلا
چراخ تنهن جي طاقت، جهنگ ۾ ڪُتن کي کنيو پيو هلي!…
چراخ به ڪو جهڙو تهڙو ڪين هو… اسان ته رڳي راڻي
باغ ۾، چيلهه نڪتل چراخ ڏٺا هئا پر هي ڪو مواڙ
اڪيلائي جو سانڍيل هو… هيڪر ته هراسجي وياسين،
سمجهيوسين شينهن آهي، نه دانهن نه رنڀ، پر اها پڪ
هئي، جي ڪتا رسي ويس ته شينهن به نه وڃي… اوچتو
اڳيان اچي نڪتو، ٻه ڪتا چوٽ تي، هڪ ڏولي ۽ هڪڙو
پُڇڙ تي پر ڪِريئي نه…! جي هاٿي هجي ته به چار
ڪتا، ڪيرائي وجهنس… اڳي به ائين ڪو نه ٿيو هو…
کوسن جو اُٺ ٽن ڪتن ماري وڌو، ڪتا ڳاڙها ٿي، اچي
اسان وٽ بيٺا، پوءِ مهينو کن اها جوءِ ئي ڇڏي
وياسين، مهيني کان پوءِ ڳالهه پراڻي ٿي وئي، شڪايت
به آئي پر الائجي ڪهڙا شڪاري اُٺ ماري ويا…؟ اسان
مان سڀڪو پنهنجي مُنهن يارنهن ٻارنهن قسم کڻي ويو…
خير ڳالهه آئي وئي ٿي وئي… ها سو چراخ چار ڪتا کڻي
اچي سامهون نڪتو…
سچ ته اسان سڃاتو ئي ڪين. اسين اهوئي شينهن پيا سمجهون… نيٺ
شيديءَ دل ٻڌي، ٺڪاءُ ڪهاڙي ڪک ۾ ڪرايس… ڀَٻُ… پر
ڪهاڙي چمڙيءَ ۾ ئي نه هلي. هڪل ڪئي ٻئي همراهه،
متان انڌا، ڪتو نه مارين، اوازن تي ڪتن به دل ٻڌي،
ته توائي ٿيل ڪتا به اچي لڳس، اسين به چئو ڦير ڦري
وياسين، پر اهڙو دؤنس، جو پٽ تي ئي نه ڪري…
نيٺ چوٽ تي چُهٽل چئو اکيو ڇڏائي، همراه زپّ ڪرايس ڪُهاڙي،
گهاءُ ڪري ويس… اڌ مٿو، اک ڄاڙ، سميت ڪوس ڪاٽ سان
ٽڙڪي پيس - همراهه ٻي ورائي… هڪل ٿي متان شڪاري -
چراخ جي ڏندن جو کڙڪڻ بند ٿي ويو… بس سوگهو کڻي
ڪيوسين… ڳوٺ پيا کڻي اچون ته، اڌ تي مري ويو. پر
به ڳوٺ آندوسين، اتي وڏڙن چيو ته، بابا هي ته چراخ
آهي!!
اهڙا گهڻا واقعا… هڪڙي دفعي، ڪو گُجر، سوئر آيو. اصل مارئي نه
ڏئي، ٻه ٽي ڪُتا، ويجها ئي نه وڃنس. هُڏي ڏئي -
تڙي وٺي هلي ته هليو وڃي…
پري تائين سينڊ پئي ٻڌبي هئي… اهو آواز سؤر جي نڪ ڇؤنٽين مان
نڪرندو ويو انهيءَ سال تازو ريل ڪار هلي هئي. انهي
ڪري اسان به هن سوئر جو نالو ريل ڪار رکيو هو. هاڻ
سائين ريل ڪار نه مري…!!
هڪ ٻئي کي ٽوڪون،… ريل ڪار ماريو…ڪئين لوڌون آيون… پر ڪُتا
مارائي بڇڙا ٿي واپس ٿيا… شهر جا شوقين شڪاري به،
مٿان پئجي ويس، پوءِ ته وڻ نه لڀي جتي جُان بچاءُ
وٺن، ڀاڙيا ڪتا ڪڏهوڪا شهر وڃي سهڙيا پر وڙهڻ جهڙا
جيڪي وڙهيا، انهن جا رڳو مالڪ، رسيون لوڏيندا وڃي
شهر پهتا… هاڻ ته سور به زخمي ٿي ڇري پيو هو. بس
شڪارين جي ڌپ آئي، سامهون ٿي هُڏڪار ڪري ننگهه هڻي
ويهي رهندو هو… پوءِ ويڙهُو ڪتا ٽڪر ٽڪر ڪري، ڪن
جا ڀانڀا لاهي، اڳيان اڳيان گينوار سان پيو ويندو
هو. مجال آهي، جو ڪو به ڀُڻڪو ڪري… ريل ڪار کان،
شڪست کانپوءِ اسان به جوڙ مضبوط ڪري ورتو هو، مٿان
نامي گرامي شڪاري، اُستو ياقو به اچي نڪتو… ته
شهر، اسٽيشن وارا به لوڌ وٺي اچي نڪتا، بس، گڏجي
پياسين. هاڻ ٻه ٽي لوڌون ڪتن جون، ته ڌڻ مڙسن جو،
ڪن وٽ ڏڦا ته، ڪن وٽ ڪهاڙيون، شڪاري ته شڪارين جو
ماڳ، پر شهري شوقين، ڪن وٽ هاڪيون ته ڪن وٽ خنجر!
وري ڀنگي به گوشت جي لالچ ۾ ولر ڪري ڪاتيون ۽
ڪاترون کڻي، لانگ بوٽ پائي، اچي نڪتا هئا… اصل
جهنگ ۾ منگل ٿي ويا… پر جيڏي مهل امڪان ٿيو…… ريل
ڪار سان دوبدو، مقابل ٿياسين، همراهن ريل ڪار جو
رنڀ، هو ڪارڻ، هُڏيون ڏيڻ ۽ تڙيون ٻڌيون، وري مٿان
ڪتن کي مرندو ڏٺائون، پوءِ ته ڪا جاءِ نه لڀي، جتي
مڙس لڪن،… اصل ننڍن وڏن وڻن تي لنئون هجن، هيٺيان
چڙهندا وڃن. مٿان وارو ڦهه پٽ تي…وري ساڳيو ٿڙهه
کان چڙهڻ…هڪ ٻئي جي ٽنگن ۾ هٿ، جيڪو چوٽي تي پڄُي
رکيو آهي پٽ تي، وڻن جا هلڪا سلڪا ڏار ئي ڀڄي پيا.
سورء ۽ ڪتن جو مقابلو هڪ پاسي، ته ٻئي پاسي شغل ئي
ٻيو، شونقينن جا مُٽ پيا، پانئچن کان ٽِمن، ڀنگي
ته پنهنجن ئي ڪاترن ۽ ڪاتين ۾ ڦٽجي پيا… رت ۾
ڳاڙها… گهٽيل دانهون، ٻولي ئي پنهنجي اصل، نفسا
نفسي هئي…هن پاسي مِرون پٺ کٻڙ ۾ هڻي، نرو کڻي
ويهي رهيو، جيڪو ڪتو سامهون آيو ٻه اڌ… رڳو
ڪونڪڙاٽ، تان جو سڀ ڪتا پڙيءَ تي چٽُ! رت ريلا ڪير
وهڻ لڳو…آسي پاسي، ڪتن جا ڪم لٿا پيا آهن. ڪي ڳڀا
ڳڀا ٿيا، ڦٿڪن پيا…اوچتو… اوستي جي پٽ ڪهاڙي اُڀي
ڪري هوڪاريو: ڏاڍو ٿجانءِ ٻيليءَ جا پُٽ…اڳيان به
سوئر هو…هليو آيو…ٻه وال ٻچيءَ مان ڪڍي ويو… الله
خير ڪيو، جو لانگن مان اچي پيو، نه ته اُستي جي
پُٽ جا ٻه اڌ هجن ها، ته به خاشو ڌڪ آيس، ڪنڌ ڀر
وڃي ڪريو… وڏي اُستي کي ڄَر وٺي وئي، لوهه ڏئي
هليو آيو…… هاڻ مُرون ۽ ماڻهن جو مقابلو شروع ٿيو،
مٿان اسان جا همراهه به اچي سوڙها پيا. وري جيڪي
سياڻا ڪتا، پاڻ نه پيا مرڻ ڏين، تن به اچي ڌڻين جي
وچ سوئر کي، وات هنيا…مٿان ڪهاڙيون، ڏڦا… مطلب ته
ڪلاڪن جي هڻ وٺ کانپوءِ مڙس ڦٽائي… ڪتا مارائي، مس
مس وڃي، ريل ڪار کي ماريوسين پر اهڙي جٺ ڪڏهن ڪان
ٿي، آخر بيل گاڏي تي سوئر کي کڻي شهر آندوسين،
ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون… هتي وري مئل
مرونءَ کي، شهر جي ماڻهن واهه جُون لٺيون هنيون!!
خير سائين، انهيءَ کانوپءِ استي شڪار تان هن کنيو،
شهري شوقينن به اڳيئي توبهه ڪئي……پر اسان تڏهن به
شڪار ڪو نه ڇڏيو…!! وڏا ته پنهنجي ليکي پر اسان
ڇوڪرا ڇوڪرا، اصل جهڙا مها شڪاري! بس ادا، ڦي، ٻه
ٽي ڏينهن ئي ڪو نه گذريا ته، ٻه ٽي ڇوڪرا، هڪڙو
شيدي شام جو تيار ٿي نڪري پياسين، شڪار يت، ڏيڍ ٻه
ميل پنڌ کانپوءِ اوچتو راڱي ڪن ڪيٽا ڪيا، ماٺ،
ماٺ، ڪتو ڌپو کڻي، کٻڙ ۾ گهڙي پيو…هاٻوڙا ٿيا، ڪتا
به کٻڙ کي ڦري ويا، اسان مان ڪي کٻڙ تي چڙهيا ته
ڪي اندر ڪاهي پياسين، ڏسون ته ڪتا پٺ تي پيا
باهين، ڪتن کي رسيون وڌيون سين اڃا کٻڙ مان ئي نه
نڪتاسين ته ڀڻڪا ڪن پيا…، خوش پيا ٿيون ته ڪي ٻيا
شڪاري ساٿي پيا اچن، تيسين هڪل ٿي، ڪهڙا آهيو…وڏي
واڪي پنهنجا، چئي، ٻاهر نڪتاسين، بس ٻاهر ڇا
آياسين… لٺيون اُڀيون، هڪڙي کي ٺڪاء لوندڙي واري…
اڙي بابا، همراهه پاسي ڀر ڦهه وڃي ڪريو، تيسين ٻئي
رڙ ڪئي، ٽئي کي چنبو لڳو، ڪو گسائي ويو… اوچتي
مصيبت! اسين وات ڳاڙها ڇورا، هوڏانهن، مُنو ڊزن
همراهه…اڙي ڇو ڇو… اسان کي ڇو ٿا ماريو-؟ بس ڪر
مارڻ جا پُٽ… ڀيڻ جا…ماءُ جا… وري لٺيون اُڀيون،
ٻانهون پيا ٻڌون… اڙي اسان جا بابا آهيو ٻيلي ڏوهه
بخشيو، اڙي هلو، ڏوهه جا پُٽ، گارين جا زيپٽ،
گهروڙي پيا ڀونڊا ڏين، ڪير ڀُڻڪي ته لٺ اڀي، يا
الاهي هي ڪهڙي مصيبت… هاڻ لائين ۾ ڪيو اڳتي پيا
نين، نيٺ سڏ پنڌ تي سندن گهر هئا. لوڙهي کان الاهي
پري ٻه ڄڻا لٺيون اڀيون ڪري، اسان جي مٿان بيهي
رهيا… نيٺ هڪڙي دل ٻڌي پڇيو، ادا ڳالهه ڇا آهي؟
ڳالهه جا پُٽ، گڏوگڏ اگري گار… ڀونڊو به … ۽ مٿان
لٺ اُڀي اڙي اڙي بابا نالي ڌڻي جي! وري ڇڏ ڇڏان
هڪڙا وڙهڻ لاءِ تيار، ٻيا ڇڏائڻ ۾ پورا… حقيقت
هيءَ هئي ته ٽي ڏينهن اڳي هنن جون گڏهيون ڪتا ڦاڙي
ويا هئا، هڪڙو کودو به مري ويو هو…بس اسان جي
قسمت، ڏوهه ته الائجي ڪنهن ڪيو، پر ٻُهي ۾، اسين
اچي وياسين، هنن جو شڪ به اسان ۾ هو، هاڻ ته ڀڄڻ
جي واهه به ڪانه هئي! سج به اچي لٿو هو، اسان ۾ هڪ
اڌ لسڙاٽ ڇوڪرو، ڪن کي مُڇن جي ساوڪ، رڳو شيدي
سٽروٽر، هو گروشون گهڻيون…بک به لڳي هئي، هڪڙي چيو
ادا ڀلا ڪا ماني… پاڻي… بس ڪر ڏڦير جا پُٽ آڱوٺو
کائو ماني… ٻئي لٺ اُڀي ڪئي، گروڙيل ڀونڊو… اسان
جا ڪنڌ هيٺ……
ڀائو اسان شڪار کان به توبهه ڪئي، پر رڳو جند ڇڏيو… هاڻ هڪڙا
چون ته هنن کان هر ڏياريو، پريان ٻه همراهه جن جون
اکيون ڳاڙهيون هيون، چيائون ته اڙي کڻو اهو مُئل
کودو… سڀ سُسِي وياسين…کودي ۾ ڌپّ، ڪينائن پيا
ڳڙن… هڪڙي چيو اهو شيدي کڻندو… مٿان گار به هلندي
رهي… شيدي چوي ادا، گار نه ڏيو… بس ڪر گار جا پٽ،
ڏڦير… اصل اهيون ڪچيون گاريون جو ڪَرَ زمين ۾ غرق
ٿي وڃون… پر موت سامهون… نيٺ اوندهڙي ٿي ٻه لٺيون
کڻي بيٺا، ٻيا ته گهر هليا ويا. اسين پيا الله کي
ساريون. الائجي ڇا ٿيندو… تيسين هڪڙو اٿي آيو
رازداري ۾ چيائين، منهنجو خوني ڀاءُ اڃا ڪو نه آيو
آهي جي اچي ويو ته ڪنهن جو به خير ڪونهي……هاڻي
ڀڄو… بس اسان کي ته ڳالهه ٻُڌڻي هئي، همراهه جي
پيرن تي ڪري پياسين، ٻيلي تنهنجو الله ڀلو ڪري،
ٻانهون پيا ٻڌون، ٿورا پيا مڃون… دعائون ڪندا ائين
وٺي سِرهاڙو ڪيوسين. هاڻ اسان جو ڳوٺ، اتر تان ته
اسين توائي اوڀر ڏانهن، يڪي ڊوڙ، اهڙي جو، ڪتا به
نه رسن، ڏيڍ ٻن ميلن کانپوءِ درياه تي ڏس ساريسين
ته ابتو پنڌ ڪيوسين! وري رخ ڳوٺ ڏانهن ساڳي ڊوڙ،
سهڪ سهڪان، ڪير نه رسي ڪنهن کي…بس الله الله ڪري
اچي گهر پهتاسين. انهي واقعي کانپوءِ سچي ته، اسان
ڇوڪرن جو شڪار جي شونق کان ارواح ئي کڄي ويو. |