سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :10

پرديسي، پکي ۽ پدمڻي

انيس انصاري

دونهين جا طوفان اُڏائيندو، واريءَ مان وراڪا کائيندو، کيکڙو جڏهن ٿر جي ٿاڪ ”ڏانو ڌانڌل“ پهتو ته مسافرن دستور موجب اُن رڻ پٽ جي اڪيلي اجهي، ڪکائين چونري ڏانهن ڊڪ ڀري جتي سندس ٿڪاوٽ دور ڪرڻ جو سامان، چانهه ملڻ جي آس هئي. مان به تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو چونري ۾ داخل ٿيم، ڪاٺين جي ٻانگين ۾ ٽن هنڌن تي سادا ڪوپ ٽنگيل هئا پر اهي سڀ گڏي به مسافرن جي هڪ پتيءَ لاءِ به پورا ڪو نه هئا، چونري ۾ گهڙڻ سان ئي مسلمانن هڪ طرف ٽنگيل ڪوپن ۾ هٿ وڌا ته هندن وري ٻئي طرف ٽنگيل ڪوپن ۾، سمجهيم ته جي مان ڪنهن ڪوپ جو خالي ٿيڻ جو انتظار ڪيم ته پوءِ منهنجو حال وڌيڪ برو ٿي ويندو. مسلسل سفر ۽ اوجاڳي بند بند چڪائي ڇڏيو هو. مان وڌيم ۽ ٽين طرف ٽنگيل ڪوپن مان هڪ ۾ هٿ وڌم.

پريان رڙ ٿي، ”متان“!

مون حيرانيءَ مان اوڏانهن ڏٺو، سڀ اکيون مون ڏانهن کڄيل هيون.

هوٽل وارو چئي رهيو هو، ”اهي ڪوپ ڪولهين جا آهن.“

”پوءِ ڇا ٿيو؟“ مون جواب ڏنو.

”مسلمانن جا ڪوپ هن طرف هوندا آهن، خالي ٿئي ته توکي چانهه ڏيان ٿو.“

”تو ڪيئن سمجهيو ته مان مسلمان آهيان؟“ مون پڇيس.

”الله اکيون ڏنيون آهن، سائين! اوهان هيڏانهن اچو، ڄاڻ ڪوپ خالي ٿيو.“

”مان هن ڪوپ ۾ چانهه پيئندس،“ ڪوپ اڳتي آڻيندي چيم

سڀئي مون ڏانهن ڏسي رهيا هئا، ڪي محبت مان مرڪي رهيا هئا ته ڪي نفرت مان نهاري رهيا هئا ۽ ڪن جي اکين مان تعجب جي حالت صاف نظر اچي رهي هئي.“

چيومانس، ”چانهه پيار، ڪولهي منهنجا ڀائر نه آهن ته سؤٽ ته ضرور آهن.“

هن حيرانيءَ مان مون ڏي ڏٺو.

”ادا! اسان سڀني انسانن مسلمانن، هندن، ڀيلن، ڪولهين وغيره جو ڏاڏو ته حضرت آدم هو نه؟“

”چئين سچ ٿو.“ کيکڙي ۾ اڪيلي سفر ڪندڙ عورت چئي اٿي، هن نه مسلمانن وارو ڪوپ کنيو هو ۽ نه هندن وارو. هوءَ هڪ اسٽين ليس اسٽيل جو مگ مان چانهه پي رهي هئي جو هڪ ڏور سان سندس ڳچيءَ ۾ ٻڌل هو. هن چيو ”ٿورو ترس ٻار، ڄاڻ ڪوپ خالي ٿيو، تڪڙ ڪهڙي اٿئي؟“

مون ضد ڪندي چيو، ”جي پيئڻ بعد پنهنجو مگ ڏين ٿي مون کي ته مان ترسان ٿو، نه ته مان هن ڪوپ ۾ چانهه پيئندس.“

هن رڙ ڪئي، ”نه نه مان پنهنجي برتن ۾ پُٽ کي پاڻي پيئڻ به ڪين ڏيندي آهيان.“

باوجود ان جي جو ڪي ڪوپ خالي به ٿيا هئا، مان پنهنجي هٿ ۾ کنيل ڪوپ کي اڳتي وڌائيندي دڪاندار کي چيو، ”چانهه ڏي.“

هن پري کان ڪوپ ۾ چانهه وڌي.

چپن تي آڻڻ کان اول ان عورت اڳتي وڌي اچي منهنجي هٿ کي روڪيو، چيائين، ”ڇو ٿو پنهنجو ڌرم وڃائين ٻچا!“

مون چانهه مان هلڪو ڍڪ ڀريو. عورت ۾ اکيون کپائي چيومانس، منهنجو ڌرم اهڙو ڪچو ڪين آهي، جهڙو تون سمجهين ٿي. مان ته اهڙي ماءُ کي چوڻ لاءِ به تيار نه آهيان، جا پنهنجي پٽ کي پنهنجي برتن ۾ پاڻي به پيئڻ نه ڏي.“

عورت ساري وسي ٿي وئي. کيکڙي ۾ وڃي پنهنجي سيٽ تي ويهي

چانهه پي موٽڻ تي مون کي ماني جي ڀر ۾ ئي دالي ۾ ويهڻ لاءِ جاءِ ملي. کيکڙو هليو.

”ٿر ۾ نئو آيل ٿو ڏسجين ٻار؟“

”ها مائي! ائين ئي آهي،“ مون ڪجهه بيزاريءَ مان کيس جواب ڏنو. ”تڏهين ته اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين نه“ مائيءَ چيو، ”توکي اها خبر آهي ته هتي ڪن ذاتين کي اٺ تي چڙهڻ جي اجازت به نه آهي ۽ ڪي ماڻهو اُتم ذات وارن جي گهر ۾ پير به پائي نٿا سگهن.“

”هوندو“. مون جواب ڏنو.

”آهي“ هن آهي تي زور ڏيندي چيو، ”هتي اوچ نيچ جو وڏو خيال رکيو وڃي ٿو، ٻار!“

مون ڪنڌ ورائي مائيءَ کي ڇوهه مان ڏٺو. ڪجهه وقت خاموشي ٿي وئي. ”ڪاڏي وڃي رهيو آهين ٻچا؟“ مائي وڌيڪ خاموش رهي نه سگهي. ”مائي! پرديسي ۽ پکيءَ جي نه هوندي آهي. منزل ۽ نه ماڳ، اڄ هِت سڀانهُت.“

”پر آخر وڃين ڪيستائين ٿو؟“ هن پڇيو.

”في الحال اڏام ته ننگرپارڪر تائين آهي،“ مون چيو.

”الائي اُتي ڪنهن وٽ ويندين، ڪو مٽ يا مائٽ، ڪو يار دوست؟“

”نه ڪنهن کي اتي سڃاڻان ۽ نه ڪو سڃاڻي ئي مون کي.“

”نالو ڇا ٿئي ٻار؟“

”اخلاق“ مون جواب ڏنو

”اکلاڪ! جي مان توکي انيل سڏيان؟“

”ڀلي سڏ امان!“ مان پنهنجي رويي تي پشيمان ٿيندي چيو.

امان جو اکر ٻڌڻ سان مائي جي منهن تي ممتا ۽ مهر جي سمنڊ جون موجون صاف ۽ ظاهر نظر اچڻ لڳيون.

”انيل منهنجو پٽ آهي، هن وقت اسلام ڪوٽ ۾ ٿو رهي. مان ان ڏانهن وئي هيم. اهو به تو وانگر آهي ضدي ۽ چنچل. مان ننگر کان ٻن ميلن تي ٿي رهان. هلي مون وٽ رهه انيل.“ ائين چوندي سندس آواز ڀرجي آيو.

”شرط هڪڙي سان، جي مونکي پنهنجي مگ ۾ چانهن پيارين ته؟“

”ڏاڍو شرير آهين انيل.“ مائي جي مُنهن ۾ ممتا جي جهلڪ ڏسي مون کي امان ياد اچي ويئي جا هن وقت منهن جي اوسيئڙي ۾ در ڏانهن پئي تڪيندي هوندي.

يونيورسٽي مان موڪل ملڻ تي ڳوٺ وڃڻ جي بدران رخ رکيم ٿر ڏانهن. گهر نياپو به اڌوگابرو موڪليو هيم. خيال ته هرچند راٺيءَ سان مٺيءَ تائين وڃڻ جو هو پر اتي پهچڻ بعد خيال ڪيم ته آيو آهيان ته ٻيو ملڪ به ته ڏسان. ٿر بر، مارئي ۽ ملير اوپرا ته نه هئا مون لاءِ پر تنهن هوندي به… مائي جو نالو سَتي هئو. رن زال هئي. ٻڪرين ۽ ڳئن جي وڳ هيس. پٽس اسلام ڪوٽ ۾ ڪمائيندو هو. مائي مڙس جا ڪک ڇڏڻ نه پئي گهريا. هئا سوڍا راجپوت، دل جا وڏا ۽ سچار.

ٻنڀي ۾ اندر گهڙيا سين ته ڏٺم ته هڪ نوجوان ڇوڪري مٺوءَ جي پڃري اڳيان ويهي کانئس پڇي رهي هئي: ”ٻول مٺو، امان اچي ٿي؟ انيل اچي ٿو؟“

ماءُ کي ڏسڻ سان ئي وٺي ڊوڙ پاتائين پر مون تي نظر پوڻ سان سڄي وسي ٿي وئي. ماڻس مرڪي چيس. ”اني! هي تنهن جو ڀاءُ آهي اکلاڪ، مان ته کيس انيل سڏيندي آهيان. آهي به اهڙو ئي حرڪتي ۽ چنچل، ڪجهه ڏينهن اسان وٽ رهندو“.

ٿر گهمڻ جي بجاءِ مان ته ڪُڙجي ويم قيد ۾. انيلا مون کي ”سڃا“ پري پي لڳي. ڏاڍو ذهن تي زور ڏنم ياد ڪرڻ لاءِ ته آخر کيس ڪٿي ڏٺو آهي مون؟ اڙي هيءَ ته پدمڻي آهي! ڪام سوتر جي پدمڻي اهو هڏ اهو ڪاٺ اها چال اها ڍال اهو رنگ اهو روپ مان کيس پدمڻي سڏڻ لڳم.

هڪ ڏينهن تلاءَ تان پاڻي ڀريندي چيائين، ”اسان ٿريليون آهيون، مارئي جي مان ۽ مريادا واريون، تون هڪ پرديسي آهين، اڄ هِت سڀاڻي هت پکي ۽ پرديسي سان ڪهڙو پريتڻو. ٻيو تون آهين مسلمان ۽ اسان هندو راجپوت، تنهن جو دڳ جدا ۽ منهنجو دڳ جدا.“

”هڪ ئي دڳ تي مان توسان هلڻ لاءِ تيار آهيان!“

”اجايا ٻول نه ٻول پرديسي، جنهن سڪ سان آيو آهين، اها ئي من رکي هتان ورهونءَ به پکيءَ ۽ پرديسيءَ سان ڪهڙي پريت؟“

”پکيءَ سان ته پريت اٿي اڳيئي، پرديسي سان به لنوءَ ته لائي ڏس!“

”جهڙو مون لاءِ انيل اهڙو تون آهين اکلاڪ.“

”اڃا ڪجهه ته رهه انيل. ٿر ته تو ڏٺو ئي ڪين!“

”گهڻو ڏٺو اٿم امان! منهنجي ٻي ماءُ به آهي، جا انتظار ۽ اوجاڳا ڪندي هوندي مون لاءِ“

ٽيڏي نظر سان مون انيلا کي ڏٺو. هن نظر بچائي اک مان هڪ لڙڪ اگهي ورتو.

چونئري جي ٻاهران مٺوءَ جو خالي پڃرو پيو هو.

وڃايل ٻار

زيب سنڌي

”هڪ ڇوڪرو گم ٿي ويو آهي، جنهن جي عمر چار سال آهي. ڪڻڪ رنگو، گلابي ڪپڙا ۽ ڳاڙهو چمپل پيل اٿس، جنهن به ڀاءُ کي هٿ اچي، مهرباني ڪري ٽائون ٿاڻي تي ڇڏي وڃي، ۽ ماءُ پيءُ جي دعائن سان گڏ هڪ هزار رپيا انعام حاصل ڪري!“ ٽانگي جي اڳئين سيٽ تي ويٺل پڙهي وارو اعلان ڪري ٿو ۽ ٽانگو اڳتي وڌي وڃي ٿو.

هي روڊ ڄاڻ ڦاٽو. هي ٽانگو غفائن ۾ گم ٿي ويندو ۽ مان به آخر ڌرتي ڌڏي ڇو نه ٿي. هي سڀ گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو مرن ڇو نٿ ٿا! هي سڀ دڪان ۽ بلڊنگون تباهه ڇو نٿيون ٿين. زلزلو هر هر فقط ميڪسيڪو سٽي ءَ ۾ ڇو ٿو اچي اڳ پوءِ هيءَ سڄي دنيا تباهه ٿيڻ گهرجي. قيامت اچڻ گهرجي. سمورا رنگ، خوشبو ۽ هوائون ختم ٿيڻ گهرجن. قيامت اڄ ئي اچڻ گهرجي“. ٽانگي جي پوئين سيٽ تي ويٺل ٽيهارو سالن جو نوجوان سوچي ٿو. هو ڪنهن به صورت ۾ نارمل نٿو لڳي. هر هر ڇرڪي ٿو، هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو. سندس نيڻن ۾ گلابي رنگ اٽڪي پيو آهي، سندس اکيون چئني ڏسائن ۾ گلابي رنگ جي ڳولا ڪنديون رهن ٿيون. ٽانگو ڪنهن نامراد عاشق جيان آهستي آهستي هلندو رهي ٿو. پڙهي وارو هلندڙ ٽانگي مان ريڊيو انائونسر جيان رٽيل جملا ورجائي ٿو:”هڪ ڇوڪرو گم ٿي ويو آهي“.

هو سوچي ٿو. ”منهنجو مٺڙو صبح کان گم آهي. ناشتو به نه ڪيو هئائين! بک تي هوندو منهنجو ٻچڙو! اوهه… هن ٽانگي جو گهوڙو آهستي ڇو ٿو هلي. بيمار ٿو لڳي. مرڻ کپي انهي واهيات گهوڙي کي! ٿي سگهي ٿو ڪجهه پئسا کيسي ۾ هجنس ۽ ڪجهه وٺي کاڌو هجئين. هن مرضيل گهوڙي کي ماري ڇڏڻ گهرجي. پر صبح سان هن مون کان خرچي به ته نه ورتي هئي.“ ٽانگو شهر جي هڪ اهم چوڪ وٽ وڃي بيهي رهي ٿو، پڙهي واير جي زبان جي ٽيپ هلڻ شروع ٿئي ٿي“ هڪ ڇوڪرو گم ٿي ويو آهي، جنهن جي عمر…“

پوئين سيٽ تي ويٺل شخص ڇرڪ ڀريندو رهي ٿو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهي ٿو. هڪ طرف ڏسي. ٻئي طرف نهار ڪري وري سندس ڪنڌ ساڳيءَ طرف ڦري وڃي ٿو. ائين سندس ڪنڌ، سندس اکين کي چئني ڏسائن ۾ گردش ڏيندو رهي ٿو. اوچتو سندس نظرون وڃي گلابي رنگ ۾ کُپن ٿيون. گلابي ڪپڙن تي، پر اهي گلابي ڪپڙا چئن سالن جي ٻار کي پهريل ناهن. اهي گلابي ڪپڙا پهريل ويهن سالن جو ڪو نوجوان آهي. گلابي ڪپڙن وارو نوجوان، روڊ جي هڪ پاسي تي ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهي.

ٽانگي جي پوئين سيٽ تي ويٺل نوجوان ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو، ”آخر… آخر هن لوسيءَ کي گلابي ڪپڙا پائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. وس پڄي ته جيڪر انهي کي هڪڙي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيان! جيڪر انهيءَ گلابي ڪپڙن واري کي خون ڪيان ۽ موٽ ۾ منهنجو ٻچڙو لڀي پوي… جيڪڏهن ائين ممڪن هجي ته مان اهو خون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان… ڌرتي ڌڏي ڇونٿي… زلزلو ڇو نٿو اچي… منهنجا ٻچڙا! منهنجا بابا! ڌرتي ڌرتي ڦاٽي ڇونٿي. هي ٽانگو غفائن ۾ گم ڇو نٿو ٿئي! او- او منهنجا جاني!“ سوچيندي سڏڪو اڀري اچيس ٿو. ڍڪ پي وڃي ٿو. سڪي ويل اکين مان نڄاڻ ڪيئن ٻه ڳوڙها ڪري پونس ٿا. ڳيت ڏئي، هٿ کڻي اکين تي رکي ٿو.

ٽانگو هلندو رهي ٿو. اعلان ورجائبو رهي ٿو.”هڪ ڇوڪرو…“

هڪ هنڌ روڊ جي ڀر ۾، هڪ ننڍڙي پارڪ ۾ ننڍڙا ننڍڙا ٻار راند کيڏي رهيا آهن. هڪ ٻئي جي ڪڍ ڊڪي رهيا آهن. ٽانگوآهستي آهستي پنهنجي رفتار سان هلي رهيو آهي. اوچتو هو ٽانگي واري جي ڪلهي تي هٿ رکي رڙ ڪري ٿو: ”ترس – ترس!“ ۽ پوءِ ساڳيءَ وڦلندڙ آواز سان پڙهي واري کي چوي ٿو:”هنن ٻرن ڏانهن منهن ڪري اعلان ڪر… متان هنن ٻارڙن منهنجي پٽ کي ڏٺو هجي.“

پڙهي وارو پوئتي منهن ڪري، گُهورَ وجهي هن ڏانهن ڏسي ٿو ۽ پوءِ ٻارڙن ڏانهن منهن ڪري اعلان ڪري ٿو. ”هڪ ڇوڪرو گم ٿي ويو آهي…“ هڪ ننڍڙي ٻار جي گم ٿي وڃڻ جو ٻڌي، ٻارڙن کان راند وسري وڃي ٿي ۽ هو جتي آهن، اتي پنڊ پهڻ ٿي وڃن ٿا ۽ ڏاڍي ڌيان، حيرت ۽ خوف وچان اعلان ٻڌڻ لڳن ٿا. سندن جرڪندڙ مک ڪومائجي ويا آهن.

هو سوچي ٿو، ”ٿي سگهي ٿو، انهن ٻارڙن مان ڪڏهن ڪوئي منهنجي ٻچڙي سان راند کيڏيو هجي… انهن معصومڙن مان ڪنهن منهنجي جانيءَ سان ٽهڪڙا ڏنا هجن…“ سندس دل چاهي ٿي، جيڪر هوٽانگي مان لهي، هڪ هڪ ٻار کي وڃي چُمي پر هو دل جهلي نٿو سگهي. سوچي ٿو، ”متان هراسيل ٻار وڌيڪ هراسجي وڃن!“ هو پاڻ ته جبر ڪري ويٺو رهي ٿو. اعلان پورو ٿئي ٿو. ٽانگو اڳتي وڌي وڃي ٿو. ٻار حيرت ۽ ڊپ مان ٽانگي کي ويندي ڏسندا رهن ٿا. لڳي ٿو، هاڻي هو وڌيڪ راند کيڏي نه سگهندا.

ٽانگو شهر جي مکيه رستن تي هلندو رهي ٿو ۽ اعلان ٿيندو رهي ٿو. هن جون آسائتيون اکيون هيڏانهن هوڏانهن واجهائينديون رهن ٿيون. اڻ لکي اميد ۽ وجود کي ويڙهي ويل مايوسيءَ منجهان سندس وجود جي ڪائنات ۾ گُهٽَ ٻوسٽ وڌندو وڃي ٿو. لڳي ٿو، ڄڻ سندس اندر ۾ ڪو طوفان اچڻ وارو هجي. ڄڻ سندس دل جي دنيا ميڪسيڪو سٽي ٿيڻ واري هجي.

ٻارڙو صبح جو اٺين وڳي گم ٿيو هو. يارهين وڳي هن ڳولا شروع ڪئي هئي ۽ ٻي وڳي باقاعدي ٿاڻي تي رپورٽ ڪري، هن شهر ۾ پڙهو ڏيارڻ شروع ڪيو هو ۽ هينئر شام جا ست اچي ٿيا آهن. انهيءَ وچ ۾ هو ٻه دفعا ٿاڻي تان به جاچ ڪري چڪو آهي پر ڪو پتو نه پيو آهي.

پڙهي واري جو آواز به هاڻي جواب ڏئي رهيو آهي ۽ هو پوئتي منهن ورائي کيس چوي ٿو: ”ابا! رک الله تي، رب چڱي ڪندو. سڄي شهر ۾ پڙهوگهمايو اٿئون.“ ۽ پوءِ پڙهي وارو، ٽانگي واري کي پنهنجي گهر طرف هلڻ لاءِ چوي ٿو.

هو جيئن ئي پنهنجي گهر اڳيان ٽانگي تان لهي ٿو، تيئن پنهنجي زال ثريا کي در کان ٻاهر واجهائيندي ڏسي ٿو. زال کي ٻاهر واجهائيندي ڏسي هو مايوس ٿي وڃي ٿو. جُهڪَرَ جي دڙي جيان، جنهن کي اڄ تائين ڪنهن کوٽي به ناهي ڏٺو! گهر ۾ گهڙڻ شرط سندس زال اچي کيس ڳچيءَ کان جهلي ٿي: ”ڪاٿي آ، ڪاٿي آ منهنجو ٻچڙو؟ تون اڪيلو گهر ڇو آيو آن؟ ڇو آيو آن اڪيلو!؟“ هوءَ چرين جيان رڙيون ڪرڻ لڳي ٿي.

پهرين ته هو صبر کان ڪم وٺي ٿو، ڇاتيءَ مان اٿلندڙ سنڌوءَ کي بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر سنڌو ته طوفان جيان اٿلندو آهي ۽ بند پنهنجو گُهمنڊ وڄائي ڪکن جيان لڙهي ويندا آهن. هن جي دل جا بند به نيٺ ٽٽي پون ٿا ۽ هو پنهنجي مُنهن کي ڌَڪُ هڻي ڌرتيءَ تي ويهي رهي ٿو. دنيا تباهه ٿيڻ لڳي ٿي، ”اڙي مان ڇا ڪيان! ڇا ڪيان مان ڪاٿان ڳوليان پنهنجي ابي کي! ڪاٿئون ڳوليان…“ ۽ هو سڏڪن ۾ لڙهڻ لڳي ٿو، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ حالتون کيس مڪمل طور تي شڪست ڏئي چڪيون هجن ۽ هو پنهنجي وجود جي ڪربلا تي ماتم ڪري رهيو هجي. سندس زال پڻ سندس ڀرسان فرش تي ويهي رهي ٿي پر هوءَ مڙس کي هيئن اوچتو ٽٽندي ڏسي سانت ۾ اچي وئي آهي، ثريا ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هيڏا مضبوط سهارا ڪڏهن هيئن به جُهري پوندا آهن، وکري ويندا آهن! اڄوڪي ڏينهن ۾، پٽ جي گم ٿي وڃڻ کانپوءِ ثريا لاءِ هي هڪ ٻيو وڏو سانحو آهي! ڇهن سالن جي شادي واري عرصي ۾ اڄ هن مڙس جو بننهه نئون روپ ڏٺو آهي. ڀڳل ٽٽل، وکري ويل، تباهيءَ جو هڪ نئون منظر، روح جي گهرائين ۾ پيهي ويندڙ، پيڙيندڙ ۽ هوريندڙ، اوچتو ثريا ڪجهه سامت ۾ اچي ٿي ۽ هوءَ مڙس جي ڪلهن ۾ کڻي هٿ وجهي ٿي. تون به ائين ٿو روئين! تون به عورتن جيان پار ٿو ڪڍين! ڪير منهنجي ٻچڙي کي ڳوليندو؟ ڪير مونکي آٿت ڏيندو؟“

هو ڪنڌ مٿي ڪري زال ڏانهن ڏسي ٿو ۽ سندس ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي ننڍڙي ٻارڙي جيان سڏڪي پوي ٿو، (بلڪل ائين، جيئن ڪڏهن ڪڏهن سندس چئن سالن جو پٽ ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي سڏڪي پوندو هو) پر هاڻي زال جي ڇاتي ۾ منهن لڪائي سڏڪندي سندس حواس بحال ٿيڻ لڳا ۽ سندس قوت موٽڻ لڳي آ. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هو منهن مٿي ڪري ثريا کي چوي ٿو: ”صبر ڪر - صبر ڪر مٺي. مان ڳوليندس پنهنجي شهزادي کي - ضرور ڳولي هٿ ڪندس!“

ثريا اٿي، پاڻي جو گلاس ڀري اچي سندس اڳيان بيهي ٿي. هو گلاس وٺي، ٻه ڍڪ ڀري، گلاس ڌرتيءَ تي رکي ڇڏي ٿو ۽ بيهي رهي ٿو. ڪي پل هو اندر ئي اندر پنهنجي وکري ويل وجود جي حصن کي ميڙي ٿو ۽ در ڏانهن وڌي ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ثريا جهيڻي آواز سان دعائون گهرندي رهي ٿي.

فوٽ پاٿ تي هلندي هو هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائيندو رهي ٿو.خاص طور تي جيڪڏهن ڪو سندس پٽ جو هم عمر ٻار ٿو نظر اچي ته ان کي هو ڏاڍي ڌيان سان ڏسي ٿو. روڊ تان گذرندڙ ٽانگن ۽ رڪشائن کي به هو ڏاڍو ڌيان سان ڏسندو رهي ٿو. متان ڪنهن ٽانگي ۾، ڪنهن رڪشا ۾ کيس پنهنجو چنڊ نظر اچي وڃي پر کيس هر طرف اوندهه ٿي نظر اچي. اڻٽيهين جي اونداهي کان به وڌيڪ، ڄڻ ڪائنات مان سج، چنڊ، تارا ۽ روشني جا ٻيا هي وسيلا گم ٿي ويا هجن، ڪٿي الوپ ٿي ويا هجن ۽ هو سوچي ٿو، ”رڪشا کي چار ڦيٿا به ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن رڪشا کي اڳيان به ٻه ڦيٿا هجن ته ڪهڙو فرق پوندو. سائيڪلون هڪ ڦيٿي سان هئڻ گهرجن، جيڪڏهن مداري هڪ ڦيٿي سان سائيڪل هلائي سگهي ٿو ته پوءِ ٻيا ماڻهو به هلائي سگهن ٿا. هونءَ به سائيڪل هلائڻ سرڪس واري تماشي کان گهٽ ڪمال ته ناهي، آخر مداري به ته ماڻهو آهي. اسان سڀ کي مداري ٿيڻ کپي. آهيون اسين سڀ مداري، اسين پنهنجو تماشو به پاڻ ئي آهيون- سامهون واري بلڊنگ کي جيڪر پاڙئون پٽي ابتو ڪري رکي ڇڏجي. بلڊنگ جي آکيرن ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو هٿن تي ابتا ٿي هلندا پاڻيهي ٻاهر نڪري ايندا.“ ۽ هو اوچتو گوڏن ڀر اچي روڊ تي ڦهڪو ڪري ٿو. هلندي هلندي فوٽ پاٿ تان کيس ٿيڙ اچي ويو آهي. ڀرسان لنگهندڙ ماڻهن جي چڀندڙ نظرن کي لنوائي هو اٿي بيهي رهي ٿو. سامهون ايندڙ رڪشا کي هٿ جي اشاري سان بيهاري ٿو. رڪشا ۾ ويهي، هو رڪشا واري کي ٽائون ٿاڻي ڏانهن هلڻ لاءِ چوي ٿو. رڪشا مناسب رفتار سان هلي رهيو آهي، هو چاهي ٿو، رڪشا واري کي تيز هلڻ لاءِ چوي، متان سندس ٻچڙي جي ڪا خبر پئجي هجي پر ٻئي پل سوچي ٿو، ”ڀل رڪشا آهستي هلي، متان منهنجو شهزادو ڪنهن رستي تي هجي ۽ رڪشا جي تيزي سبب مان کيس ڏسي نه سگهان. نه – رڪشا کي تيز هلڻ کپي، نه آهستي، تيز آهستي تيز…“ هو انهيءَ ٻڏتر ۾ ڪو به فيصلو ڪري نٿو سگهي.

ٿاڻي وٽ رڪشا واري کي ڪرايو ڏئي، هو تڪڙو تڪڙو اندر هليو وڃي ٿو. سڌو وڃي وڏي منشيءَ جي مٿان بيهي ٿو، ”سائين، منهنجي ننڍڙي جي ڪا خبر پئي؟“ هو آس جي تلاوَ ۾ پٿر اڇلي ٿو.

وڏو منشي پنهنجي وڏين مڇن کي مروٽيندي، ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏسي ٿو ۽ مرڪي پوي ٿو، ”ويهه ويهه! مبارڪ هجئي.“

اوچتو ڄڻ انڌڪار گم ٿيڻ لڳي ٿو. ڄڻ سج، چنڊ، تارا ۽ روشني جا ٻيا سمورا وسيلا هڪ ئي وقت روشن ٿي پون ٿا. آس جي تلاوَ ۾ نيلِ ڪنول مرڪڻ لڳن ٿا.

مون ته سپاهي به موڪليو آهي، تنهنجي گهر ته پنهنجو ٻالڪو سڃاڻي کڻي وڃو. سپاهي نه پهتو ڇا؟“

”نه سائين – پر ڪاٿي آ، ڪاٿي آ منهنجو ٻچڙو!؟“

”صبر ڪر، صبر ڪر – رنو ٿي، پنهنجي ڪواٽر تي موڪليو اٿماس، ٻارن ڏي،“ وڏو منشي رڙ ڪري ٿو، ”اڪو! اڙي او اڪبر!“

کن پل ۾ بوتل جو جِنُ اچي حاضر ٿئي ٿو، ”جي سائين!“

”اڙي وڃ – گهران ٻالڪو ته کڻي آ.“

پوڙهو سپاهي اڪبر وڃڻ لڳي ٿو ته هو سپاهيءَ سان گڏ وڃڻ لاءِ اٿي بيهي رهي ٿو.

”ايڏي تڪڙ نه ڪبي آ سهڻا! تون اتي بسڙي ڪري ويٺو هج.“ وڏو منشي ٿورو تکائيءَ مان چوي ٿو، ”اچي ٿو ڇوڪرو هتي.“

سپاهي جي وڃڻ کانپوءِ هو اڻ تڻ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي ٿو. کيس گهڙيون، صدين کان وڌيڪ ڦهلجندي محسوس ٿين ٿيون. ڄڻ وقت آسمان ۾ وڃي اٽڪيو هجي. ڌرتي جو گولو ٽِڪَ ٻڌي هڪ هنڌ بيهي رهي هجي ۽ ڪائنات پنڊ پهڻ ٿي وئي هجي. اوچتو ثريا هڪ سپاهيءَ سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي. ثريا اچڻ سان ڪمري جي چئني ڏسائن ۾ ڏسي ٿي. هن تي به نظر پويس ٿي. پر کيس نظر انداز ڪري، هلڪي رڙ ڪري ٿي، ”ڪاٿي آ منهنجو ٻچڙو!“ سندس هلڪڙي رڙ ۾ صدين جي پيڙا سمايل آهي، ڄڻ موهن جي دڙي مان، ڪنهن روح صدين جي سانت کانپوءِ ڇرڪ ڀريو هجي.

هو اٿي ٿو ۽ زال کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي ڀرسان بينچ تي ويهاري ٿو. ”اچي ٿو، وڏي منشيءَ جي گهر آهي، سپاهي کيس وٺڻ آيو آهي.“

ثريا جون اکيون ڏياريءَ جي رات جيان جرڪي پون ٿيون، ”مون کي خبر هئي ته تون به هتي جاچ لاءِ ضرور آيو هوندين، پر جيئن ئي نياپو مليو ته مان به هلي آيس.“

هو ڪو به جواب نٿو ڏئي. ٻنهي جون نظرون در ۾ کتل آهن، اهو در، جنهن مان کن پل کانپوءِ زندگي جون نيون هوائون گهلي  پونديون.

اوچتو سپاهي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ پنڊ پهڻ ٿيل ڪائنات ۾ وري ساهه پئجي وڃي ٿو. هوائون هٻڪار جي وڃن ٿيون. سپاهيءَ جي هنج ۾ سندس زندگي جي ڪائنات جو جرڪندڙ چنڊ آهي. هو ٻئي هڪ ئي وقت اٿي بيهي رهن ٿا. سندن پٽ کين ڏسي خوشيءَ مان روئي پوي ٿو ۽ هو ٻئي هڪ ئي وقت وڃي پنهنجي ٻچڙي ۾ هَٿَ وجهن ٿا ۽ هڪ ئي وقت ٻئي کيس پنهنجي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

ڪجهه دير کانپوءِ هو ٻار مان هٿ ڪڍي وٺي ٿو ۽ ثريا ٻارڙي کي ڀاڪر ۾ ڀري بيهي رهي ٿي.

”سائين! اوهانجا لک قرب - لک مهربانيون.“ هو چاهيندي به وڌيڪ ڪجهه ڳالهائي نٿو سگهي. ڄڻ نڙيءَ مان لفظن جي ٻاهر نڪرڻ جو رستو ئي بند ٿي ويو هجي. کيس وڏو منشي ۽ سمورا سپاهي فرشتن جيان محسوس ٿين ٿا.

هڪ سپاهي سندس ڪن ۾ اچي سڙٻاٽ ڪري ٿو، ”انعام جي رقم ڪاٿي آ؟“

”حاضر سائين! مان ته منجهند کان وٺي کيسي ۾ رکيو وتان.“ هو کيسي ڏانهن هٿ وڌائي ٿو، ”پر منهنجو اُهو محسن آهي ڪاٿي؟“

سپاهي کيس ٻانهن کان جهلي ٻاهر وٺي وڃي ٿو. ثريا سندس ڪڍ ٻاهر هلي اچي ٿي. سپاهي کانئس هڪ هزار رپيا وٺندي چوي ٿو، ”انعام تي ته اسان جو حق آهي، سائين! ڇو ته تنهنجي پٽ کي اغوا ڪيو ويو هو ۽ اسان کيس هٿ ڪيو آهي.“

”اغوا ڪيو ويو هو!!“ هن کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو، سندس جهومندڙ دل مٿان وسوسن جو ڄار اچي ڪري ٿو، ”پر ڪنهن! ڇو!“

”هو ڏس، او هو جيڪو سامهون منحوس پيو اٿئي!“ سپاهي سيخن ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جتي هڪ اڌڙوٽ شخص ڪنجهي رهيو آهي.

ثريا ۽ هو نفرت وچان وڃي سيخن جي ڀرسان بيهن ٿا. هنن ٻنهي جي پيرن تي نظر پوڻ شرط، سيخن پٺيان قيدي ڪنڌ مٿي ڪري هنن ڏانهن ڏسي ٿو. سندس جسم ۽ منهن تي ڌڪن جا انيڪ نشان آهن. ٻارڙي کي ماءُ جي هنج ۾ ڏسي قيدي جي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا ۽ هو سيخن ۾ هٿ وجهي ڪنجهندو ڪرندو، پنهنجي جسم کي مٿي ڇڪي اٿي بيهي رهي ٿو. قيدي ٿڌو ساهه کڻي چوي ٿو، ”ڀاءُ مون توهان جو ٻارڙو منجهند جو ريلوي ڦاٽڪ پويان رئندي ڏٺو هو. کيس کڻي ڏاڍو رليس پر وارثن جو پتو نه پيو. نيٺ اچي ٿاڻي تي رپورٽ ڪرڻ لاءِ پهتس، پر ابتو کڻي مون کي جهليو اٿائون!“ قيدي ڳيت ڏئي ثريا ڏانهن ڏسي ٿو، سندس منهن تي شفقت جي چانڊاڻ پکڙجي وڃي ٿي، ”ادي! ڀيڻ، مان به ٻچن وارو آهيان!“.

روڄ

 

ناشناس

اوچتو ڳوٺ جي خاموش فضا ۾ روئڻ جو آواز اُٿيو، روڄ پٽڪي جو آواز ويو آهستي آهستي بلند ٿيندو. لڳي پيو ته ڳوٺ ۾ ڪو قضيو ٿيو آهي.

هي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، صبح جي مهل هميشہ اتي خاموشي هوندي آهي. هاري ناري، ڌڻار ٻڪرار، ڪَمي ڪُڙمي، ڇڙا ڇانڊا سڀ وڃي پنهنجي پنهنجي ڪم ڪرت سان لڳندا آهن. زالون گهر جي ڪم ڪار ۾ رُڌل رهنديون آهن. ڪچي مجهند جو جڏهن ڪم ڪار جهڪو ٿيندو آهي ته پوءِ هڪ ٻئي سان گڏجي ويهنديون. سور سلينديون ۽ ڏک سُک ونڊينديون آهن.

ڳوٺ جون زالون هڪ هڪ ڪري کوسن جي ويڙهي ۾ اچي گڏ ٿيون ۽ مرد ويڙهي جي ٻاهر ملان عبدالله واري مسجد ۾ وڃي سهڙيا، مرد خاموش ويٺا هئا، باقي ويڙهي مان اندران، پارن ڪڍڻ ۽ ڍنڍ ڪران ڏئي روئڻ جو آواز هڪ ترتيب سان پئي اُٿيو. ائين پئي لڳو جيئن ڪنهن خاص ٿَلهه تي ٻڌل ڪو پُرسوز راڳ هُجي.

سائينداد جو پٽ گذاري ويو هُيو، هو اکيون ڳاڙهيون ڪيون مُپ ماريون، مٿي اگهاڙو، اکين ۾ رات جون نشانيون کنيون، مردن جي وچ ۾ ويٺو هُيو. ڪپڙا ميرا ۽ گهنجيل هُيس. کيس ڇهه پٽ اڳيئي هُيا، فوتي سندس ستون پُٽ هُيو. ڌيڻائو ٻار کيس نه هيو. عمر لڳ ڀڳ چاليهه ورهه ٿيندس. وچولي هلت وارو هُيو، ٻه ٽي ٻارا زمين به هُئي ۽ مال ڀٽارو به هُيس. مطلب ته خوش گذر ٿيندو هُيس.

ويڙهي اندر کٽ تي ٻار جو لاش رکيل هُيو. ٻار کي ڄائي ٻه مهينا مَس گذريا هُيا. هو ڪمزور ڄائو هُيو ۽ مسلسل بخار ۽ الٽين وگهي گذاري ويو. کٽ جي چؤطرف عورتون پَٽَ تي ويٺيون پار ڪڍي پئي رُنيون، ”… اڙي ابا هي تنهنجي وڃڻ جي وهي هُئي…“، فوتيءَ جي ڏاڏيءَ سُر سان پار ڪڍيو.

”ائي اڙي ابا نه چوڙيئي نه ماڻيئي…“ مائي ست ڀائي ڀر وٺرائي. سڀئي زائفون ڄڻ ته جملي جي اثر هيٺ ڦِسي پيون – روڄ جو اواز مٿي ٿيڻ لڳو.

سائينداد جي ماءُ، مائي ڄامل ڳوٺ ۾ سيبتي زال سمجهي ويندي هئي. ڪنهن جڳ جي مائي هئي. ويڙهي جون زائفائون گهر جي ڪم ڪار، غمي خوشي مطلب ته هر اٿڻي ويهڻي ۾ سندس صلاح کانسواءِ نه هلنديون هُيون.

مائي ڄامل وچ روڄ مان يڪدم اٿي، کيس خيال آيو ته ڇوڪر مٿان لُنگي وجهجي، وڌيڪ ڪپڙا پوندا ته ڳوٺ ۾ نانءُ ٿيندو. هو سامان واري ڪوٺي ۾ وئي ۽ وڏي ڪاٺ جي صندوق کولي هنڌن کي هيٺ مٿي ڪري لُنگي ڳولهڻ لڳي.

صندوق وڏي هُئي، جنهن تي چِٽَ نڪتل هئا. گٺل ڪاٺ چغلي کائي رهيو هُيو ته صندوق به گهٽ ۾ گهٽ مائي ڄامل کان ته ضرور وڏي هوندي. لُنگي ڳولهڻ ۾ مائي ڄامل کي ڪافي تڪليف ٿي رهي هئي. هن هڪ هڪ ڪري رلهيون ۽ سَوَڙيون صندوق مان ٻاهر ڪڍڻ شروع ڪيون. ائين پئي لڳو ڄڻ ته لنگي صندوق ۾ هُئي ئي ڪانه. مائي ڄامل صندوق تي سُڪَ ٿي وئي.

هن جي وڃڻ کانپوءِ پارن ڪڍڻ ۽ روڄ پٽڪي ۾ گهڻو فرق اچي ويو. آواز تمام ڍرو ٿي ويو هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪو سُڏڪي جو آواز پئي آيو نه ته مڙوئي ٿيو خير.

اهو حال ڏسي مائي ست ڀائي ڀڙڪو ڏئي اٿي ۽ مائي ڄامل کي ڳولهڻ شروع ڪيائين. ست ڀائي پڻ مائي ڄامل جي جوڙ جي هُئي، هو روڄ پٽڪي مان واقف هُئي پر ڪو ڀر جَهلڻ وارو نه هو. ويڙهي جون ٻيون زائفائون هُيون عمر جون ننڍيون تن کي ڀرو وٺائڻ نه پئي آئي ۽ روڄ ويو ڍرو ٿيندو.ل هوءَ مجبور ٿي اٿي هُئي. هر ڪوٺيءَ ۾ گهڙي وري پئي ٻاهر نڪتي، هن جي تڪڙ ۽ پريشاني ڏسي ائين پئي لڳو ته ڄڻ ڪو وڏو واقعو ٿي ويو آيه. نيٺ ست ڀائي اچي سامان واري ڪوٺيءَ ۾ نڪتي، هٿ چيلهه تي رکي ساهه پٽڻ بيٺي. ڪراڙي زال هُئي ايتري تڪڙي پنڌ کيس ٿڪائي وڌو هُيو.

”اڙي ادِي! هي ڪهڙو ناحق ڪيو اٿئي؟“ ست ڀائي سهڪندي چيو.

”ادِي! ڇوڪرَ لاءِ لُنگي ٿي پئي ڳولهيان، مٿان وجهنديس، ”ڄامل بنا ڪنڌ ورائڻ جي تڪڙ ۾ وراڻيو. سندس ڌيان صندوق ۾ هُيو، هن ست ڀائي جي آواز ۾ ڳڻتي ۽ شڪايت کي محسوس نه ڪيو هُيو.

”ڇوڪرين جي آسري تي خلق ڇڏي آئي آن،“ ست ڀائي دانهن ڪئي.

”نڀاڳين کي راڄ ۾ روئڻ ئي نٿو اچي، پاڻ تي ملڪ کلائينديون ڇا؟“ وقت جي نزاڪت ۽ پنهنجي اهميت جي احساس سندس آواز ۾ جوش پيد اڪيو هو.

”مان ڪهڙو منهن ڪارو ڪيان ادِي! هيڏيون ساريون هِن، اڃا ننڍڙيون آهن. مان به ڪيترو وقت هوندي سانِ!“ مائي ڄامل وڏائي سان چيو، سندس اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي. ”ٻار ناهن ته ٻيو وري ڇا هِن؟ اٿيون ويٺيون ئي ڪونهن، انهن کي ڪهڙي خبر،“ ست ڀائي ڳالهه کي ٽيڪ ڏني.

مائي ڄامل سٽ ڏئي لُنگي پيٽيءَ جي تري مان ڇڪي ڪڍي، صندوق جو ڍَڪ بند ڪندي چيو هل ”ادي! نيٺ پاڻ کي ئي منهن ڏيڻو آ!“

ٻئي ڪراڙيون تڪڙيون تڪڙيون اچي وري پڌر تي کٽ جي پاسي کان ٿي ويٺيون.

”اڙي ابا ماءُ کلندي کڻئي ها…“، مائي ڄامل پار ڪڍيو

”ماءُ جي جهولي خالي ڪيون ٿو وڃين…“، مائي ست ڀائي پاسو وٺرايو.

”ستن جو ساٿ ڇنيون ٿو وڃين…“ مائي ڄامل دردناڪ دانهن ڪئي.

”اڙي ابا هن اڱڻ کيڏين ها…“ مائي ست ڀائي سڏڪو ڀريندي ڀر وٺرائي.

”پيءُ جو ٻانهن ٻيلي ٿئين ها…“ مائي ڄامل ڍنڍ ڪر ڏيندي پار ڪڍيو.

”اڙي ابا هي ڪهڙو ناحق ڪري وئين“ ست ڀائي دانهن ڪئي.

ڳوٺ جي خاموش فضا ۾ روڄ جو آواز وري بلند ٿيڻ لڳو.

 

مجرم چهرو

هائزخ بوئل / امداد چاچڙ

مان بندرگاه تان سامونڊي پکين کي گهوري رهيو هوس. پکي سمنڊ ۾ ٽُٻيون هڻي پنهنجن پرڙن کي ڦڙڪائي پاڻي جي ڦڙن کي ڇنڊي رهيا هئا. پکين کانسواءِ ڪو ٻيو جانور نظر جي ور ڪو نه ٿي چڙهيو. پاڻي جي وڇايل چادر مٿان تيل جا ترورا تري رهيا هئا. پاڻي انڊلٺو ٿي ويو هو – پري پري تائين ڪو جهاز به ڏسڻ ۾ نڪو نه ٿي آيو. ڪرينن تي ڪٽ چڙهي ويئ هئي. مٿن ڄڻ يتيمي پئي وسي. گدام خالي هئا، ڀتيون پاسن کان کاڌل هيون. زمين ايتير ويران ٿي چڪي هئي، جو ڪنهن ساهواريءَ شئي جو اهڃاڻ نٿي مليو. پوري جو وپرو نظام اوپرو اوپرو ۽ زندگي کان خالي پئي لڳو. منهنجي خيال ۾ هي بندرگاه ڪيترن سالن کان پهرين دنيا کان ڪٽيل پئي لڳو، جيئن ڪنهن ساڻ رابطو نه رهيو اٿس.

ڪڏهن جهرڪي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي ٻاهر نڪري آڪاش ڏي ٿي اڏاڻي ته ڪڏهن وري پرڙا ڦڙڪاڻي پاڻيءَ ڦڙن کي ڇنڊي ٻيهر پاڻي ۾ ٽٻي ٿي هنيائين. هو اهو عمل وَر وَر ورجائي رهي هُئي هر ٽٻيءَ کانپوءِ اُڀ ڏي پئي ڏٺائين ۽ پرڙا پکيڙي مٿي اوچائي ڏي ٿي ويئي، ڄڻ ڪنهن ساٿيءَ جي ڳولا هجيس. منهنجي من چاهيو، اٽي جون ننڍڙيون ڳوڙهيون ٺاهي، انهن جهرڪين ڏي اڇليان، پر مان پاڻ به مانيءَ کان محروم هئس. مان ته بکايل ۽ ٿڪل به هئس. مون پنهنجا ٻئي هٿ خالي کيسن ۾ لڪائي ڇڏيا ۽ هڪ ٿڌو ساهه ڀري پنهنجا سمورا سور پيٽ ۾ سمائي ڇڏيم. منهنجي ڪلهي تي ڪنهن هٿ رکيو. مون ڪنڌ ورائي ڏٺو، پوليس وارو هو. مون ڪلهن کي سوڙهو ڪندي هن جي گرفت مان نڪرڻ چاهيو.

”ڪامريڊ“ هن پنهنجي گرفت کي مضبوط ڪندي چيو.

”پوليس آفيسر؟“ مون پڇيو.

”هتي ڪو به آفيسر نه آهي، هر شخص ڪاميرڊ آهي.“

”منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟“

”ڏوهه“ هُن ٽهڪ هوا ۾ اڇليندي چيو.

”تون غمگين پيو ڏسجين“، مون بي ساخته ٽهڪ ڏنو. ”کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي“، پوليس واري جو چهرو جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.

مون سوچيو، هي هن سنسان بندرگاه تي ڊيوٽي ڪندي بيزار ٿي پيو آهي ۽ شايد اڃا تائين هن کي ڪو ڏوهاري هٿ نه آيو آهي. سمنڊ جي ڪناري ڪا ڇيڪ گهمندڙ عورت به ڪانهي ۽ نه ئي ڪو شرابي نشئي گندي پاڻي ۾ ٿڙندي نظر آيو اٿس ۽ نه ئي ڪو بشني هٿ چڙهيو آهيس. پر مون جلد ئي محسوس ڪيو ته هو مون کي ڪرڙين اکين سان گهوري رهيو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هو مون کي گرفتار ڪرڻ ٿو چاهي، اک ڇنڀ ۾ هُن مون کي هٿ ڪڙيون پارائي ڇڏيون. هٿڪڙيءَ جي کڙڪي جي ڪري مون کي هوش آيو ۽ ائين لڳم ڄڻ مان واقعي ڪو رولو يا لوفر هجان. مون جهرڪين تي مٿاڇري ۽ حسرت ڀري نگاه وڌي. جهرڪيون پرڙا کولي اُڀ تي اڏي رهيون هيون. مان سمنڊ ڏانهن ڏٺو ۽ وک وڌايم. هاڻي مان پوليس جي قبضي ۾ هوس، مون کي ڪافي ماريو ڪٽيو ويندو. پوءِ ڪنهن اونداهي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ اڇلايوويندو. ڇا اهو سٺو نه ٿئي جو پٺيان ڌڪو لڳم.

مان بي اختيار ڪيئي وکون اڳتي وڌي وس.

”منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي سائين؟“ مون هٻڪندي پڇيو

”توکي ڪابه خبر ناهي؟ هڪ قانون پاس ٿيو آهي ته هر شخص کي خوش و خرم نظر اچڻ گهرجي“

مون پوري طاقت سان پنهنجي آواز ۾ سرهائي ڀريندي چيو

”ڪوڙ“

”پر مون پهرين ڪڏهن به ناهي ٻڌو ته اهڙو قانون پاس ٿيو آهي؟“

”ڪڏهن نه ٿئي ٻڌو، حالانڪه ڇٽيهه ڪلاڪ ٿي چڪا آهن، ان قانون پاس ٿئي ۽ چوويهن ڪلاڪن کانپوءِ هر قانون جو نفاذ شروع ٿيو وڃي“.

”پر مونکي ته انهي جي ڪابه خبر ڪانهي“

”هر اخبار ۾ خبر ڇپجي چڪي آهي لائوڊ اسپيڪرن ذريعي اعلان ڪيو ويو آهي. ڪامريڊ تون ڇٽيهن ڪلاڪن کان بيهوش هئين؟“ هو مون کي گهلي رهيو هو مان سردي جي شدت ۽ بک جي باه ۾ جڪيل هئس مون پنهنجو جائزو ورتو ڪپڙا ڦاٽي چڪا هئا، شرمندگي اوج تي هئي ۽ قانون هو، هر ڪامريڊ کي صاف سٿرا ڪپڙا پائڻ گهرجن.

سڙڪ تي هر شخص سرهائي مکوٽو پائي وڃي رهيو هو، جيئن ئي ڪنهن راهگير جي پوليس واري تي نظر ٿي پئي. هن جو چهرو سرهائي جو اهڃاڻ ٿي ٿي ويو.

هر شخص ڦڙتائي سان راهه پار ڪري ٿي ويو، مون اهو به محسوس ڪيو ته هر شخص مون کان پوليس واري کان پري رهڻ جي ٿي ڪئي. هُنن جي اهائي ڪوشش پئي ڏٺي ته هو راهه جي پهرينءَ موڙ تان اسان کان پرڀرو نڪري وڃن.

اسان هڪ راهه پار ڪئي ته امالڪ هڪ پوڙهو شخص سامهون اچي ويو. هو اسڪول جو ماستر ٿي لڳو اسان ايترو ته سندس ويجهو پهچي ويا هئاسين، جو هن جو اسان کان بچي نڪرڻ محال ٿي پيو. قانون مطابق هن پوليس واري کي عزت ۽ احترام سان سلام ڪيو ۽ فرض طور منهنجي منهن ۾ ٽي ڀيرا ٿُڪيو ۽ وڏي آواز سان چيائين ”سوئر، بي غيرت ۽ قوم جا ويري!“ هي عمل پورو ڪندي هُن جو گلو خشڪ ٿي رهيو هو. مون به قانون جي احترام ۾ پنهنجي ڦاٽل آستين سان منهن صاف ڪيو. منهنجي پٺن تي هڪ زوردار ڌڪ لڳو ۽ زوردار آواز سان منهنجا ڪن ٻُرڻ لڳا.

پهرين ضرب جو پهريون قدم! واقعي اهو ڌڪ ان سزا جي پهرين وک هئي! جو مان ڀوڳڻ پئي ويس، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو ماستر ٻئي طرف نڪري ويو، باقي سمورو رستو هڪ خالي ٿانء جيان لڳي رهيو هو.

هر شخص اسان کان پرڀرو مٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو مان آخر اتي پهچي ويس، جتي آندو پئي ويم گهگهو جو آواز ڪنين پيم هي مزدورن جي لاءِ سگنل هو ته ڪم کان واندا ٿي هٿ مُنهن ڌوئي وٺن ۽ قانون پٽاندڙ خوش خُرم ۽ مطمئن نظر اچڻ لڳن، ته جيئن کين هر ڏسڻ وارو چئي سگهي ته مزدور ڪم کان واندا ٿي خوشي محسوس ڪري رهيا آهن، ضرورت کان وڌيڪ خوشيءَ جو اظهار به نه هئڻ گهرجي.

انتهائي خوشيءَ جو اظهار صرف صبح جو ڪرڻ کپي ته جيئن خبر پوي ته مزدور ڪم تي وڃڻ مهل ڪيڏا نه سرها هوندا آهن. راهه ۾ مزدورن کي ڳائيندو وڃڻ گهرجي، خوش قسمتي سان گهگِهو مزدورن جي فيڪٽري کان نڪرڻ کان ڏهه منٽ اڳ وڄندو آهي، جي هو گهگهو وڄندي ئي ٻاهر اچن ها ته هُنن مزدورن کي قانون جي احترام ۾ منهنجي منهن ۾ ٽي ڀيرا ٿڪڻو پوي ها ۽ گار سان گڏ ”قوم دشمن“ جو نعرو پڻ هڻڻو پوي ها.

جتي مونکي آندو پئي ويو، سو هڪ معمولي گهر جيان لڳي رهيو هو. سڀ کان پهرين، پَهري تي بيٺل ٻن سپاهين پنهنجي رائفلن جي ڪُنداقن سان منهنجي پٺن کي چُٽيو اندر ڪمَري ۾ هڪ ڊگهي ميز پيل هئي، ان تي ٽيليفون رکيل هئي، ميز جي ڀر ۾ به ٻه ڪرسيون پيل هيون ۽ باقي ڪمرو خالي هو. مون کي ڪمري جي سامهون بيهاريو ويو، ميز جي ڪنڊ وٽ ڪو شخص فولادي خول پايو ويٺو هو. هڪ شخص پوئين پاسي کان داخل ٿيو ۽ ماٺڙي ڪري ٻيءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. کيس ڀوري رنگ جي وردي پهريل هُئي. پوليس جي جاچ شروع ٿي.

”تنهنجو پيشو؟“

”سو ته اوهانجي سامهون آهي ڪامريڊ!“

”تايرخ پيدائش“؟

”پهرين جنوري 1901ع“

”گذران جو وسيلو“

”جيل ڪاٽڻ“

”ڪٿي ۽ ڪيترا ڏينهن رهئين“

جيل نمبر 12- ڪوٺي نمبر 13 مان اڃا ڪالهه آجائي نصيب ٿي اٿم“

”آجائي جا حڪم احڪام؟“ مون کيسي مان ڪجهه ڪاغذ ڪڍي کين پيش ڪيا. ”ڏوهه ڪهڙو ڪيو هُيئي؟“

”خوش و خرّم ڏٺو ويو هئم“ ٻنهي آفيسرن هڪ ٻئي ڏي نهاري حڪم ڏنو ”صاف صاف ٻُڌاءِ؟“

”سائين هڪ آفيسر جي موت تي حڪومت پاران فرمان جاري ڪيو ويو هو ته هر شخص غمگين نظر اچڻ گهرجي ۽ پوري ملڪ ۾ سوڳ ملهايو وڃي.

هڪ پوليس واري مون کي جهلي ورتو ۽ الزام مڙهيائين ته منهنجا لڙڪ خوشيءَ جا آهن ۽ منهنجو چهرو خوش و خُرّم نظر اچي رهيو آهي“

”ڪيتري مدت جي سزا ملي هُيئي؟“

”پنجن سالن جي“

جانچ ختم ٿي چڪي هئي ۽ پوءِ ڪيترائي سپاهي مون تي حملي آور ٿيا. ڪافي ماريو ڪٽيو ويم ۽ پوءِ ڏهن سالن جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويم. مون سوچيو!

جڏهن جيل کان ٻاهر ايندس ته چهري کي اتي ئي ڪٿي پوري ايندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 \
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com