زيب عاقلي جي ياد ۾ تاثر
عنايت بلوچ
نالو: عبدالحق زيب عاقلي
والد جو نالو: مولوي محمّد عاقل عاقلي.
تاريخ پيدائش: 1920- 10- 1
هنڌ – ڳوٺ: عاقل – ضلعو لاڙڪاڻو.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ بحيثيت اسٽاف
آرٽسٽ جي 62- 6- 30 داخل ٿيو.
1937 ۾ پروڊيوسر ٿيو.
۽ 74- 6- 10 تي سينئر پروڊيوسر ٿيو.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي بيشمار تحريرون تقريرون، ڊراما، فيچر
– گيتن ڀريون ڪهاڻيون وغيره لکيائين ۽ ڪيترن
پروگرامن ۾ پاڻ حصو پڻ ورتائين.
•
ڪيتري وقت کان وٺي بس اهو اونو ۽ اوسيئڙو هوس ته ڪنهن به طرح
لنڊن وڃان ۽ امڙ سان ملي اچان، جنهن لاءِ
ڏاڍوماندو ٿيو آهيان.“ مرحوم زيب عاقلي جنهن لاءِ
مرحوم لکندي قلم کي ڄڻ (جُهٻو ٿي اچي) پنهنجي لائق
۽ سلڇڻي ڌيءَ کي امڙ چئي مخاطب ٿيندو هو جيڪا
لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان
MBBS
ڪرڻ کانپوءِ گذريل چئن سالن کان لنڊن ۾ ڊاڪٽري
پيشي ۾ پي ايڇ ڊي پئي ڪري.
پٽ جي اولاد نه هئڻ ڪري زيب مرحوم جو سڄو پيار سندس ٽن نياڻين
سان هو پر سڀني کان وڌيڪ سلمه سندس گهڻي لاڏلي ۽
کيس وڌيڪ پياري هئي. مونکي ڪيئي ڀيرا چيو هئائين:
”عنايت صاحب، علاج جو ته مڙيئي بهانو آهي. لنڊن وڃان ٿو رڳو امڙ
(سلمه) سان ملڻ ان کان اڳ جو رضا رباني تسليم ڪندي
هن دنيا مان هليو وڃان، آس اٿم ته سلمه سان ملي
اچان، حياتي تي ڪو ڀروسو ڪونهي؟“
زيب صاحب جو لنڊن وڃڻ، سندس آسَ جي تڪميل جو ڄڻ هڪ رٿيل پروگرام
هو، ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه. سندس آسَ پوري ٿي.
پنهنجي نياڻي سان مليو سِڪ لاٿائين ۽ ڪجهه وقت
بيماري جي حالت ۾ لنڊن ۾ رهيو. وطن واپس موٽيو ته
فقط هڪڙي مقصد سان ته: پنهنجي جسم جي امانت ان
مٽيءَ جي حوالي ڪري جنهن جي ڪک مان پاڻ جنم ورتو
هئائين، اها مٽي جنهن پالي سنڀالي نه رڳو کيس وڏو
ڪيو هو پر علم ادب، تحمل تدبير، تحرير ۽ تقرير ۾
کيس يڪتا ڪري ڇڏيو هو. زيب صاحب به پنهنجي ڌرتي جي
قرض لاهڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي.
شاعريءَ ۾ ڏات ۽ ڏانوَ جو اهڙُ ڌاڪو ڄمايائين جو هنجي پنهنجي
مخصوص اسلوب جو ٻيو ڪو به جوڙ ۽ جس شايد ئي ڪو هجي
– اسان جو دوست پروانو ڀٽي ته ان خيال جو آهي ته
گذريل اڌ صديءَ اندر زيب صاحب جهڙو پُر اثر ۽
جاذبيت رکندڙ قطعو اڄ تائين ڪنهن به ڪونه لکيو
آهي.
محترمه پروانو ڀٽي، جيڪو خود به پنهنجي شاعري ۾ قطعا ۽ رباعيون
لکڻ جي حوالي سان زياده مشهور آهي، زيب صاحب کي
قطعن لکڻ جو استاد ڪوٺيو آهي ۽ اهو به مڃيو اٿائين
ته اسان زيب مرحوم مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي؛ زيب
مرحوم جا چند قطعا نموني طور هتي پيش ڪجن ٿا.
ٻئي جي ڳالهه ٻڌي نٿو ڪوئي، هر ڪنهن کي آ پنهنجي پنهنجي
دل جو حال ٻڌايون ڪنهنکي، ڪنهن سان اوريون اهنجي سنهنجي
انگ ازل جو ائين نه هوندو، لکيو اهو ٿا پاڻ لکو،
سهڻو سڦلو ڀاڳ اوهانجو، ڪاري ڪوجهي قسمت مُنهنجي
****
ساڳيا ڏوٿي ساڳيا ڏکڙا، ساڳيو آدم، ساڳيو ساهه
ساڳيو مقصد، ساڳي منزل، ساڳيا راهي، ساڳي راهه
وقت سندي رفتار سڃاڻو، ڏاڍا هاڻي ڏاڍ ڇڏيو
ڪانهي لِڪڻ جي جاءِ ڪنهين کي، اوڀر اولهه هڪ الله
*****
ماروئڙن جي ماڳ منجهاران، ڌارين جو آديس ٿيو
تڏهن پيارو ديس اسانجو، پنهنجي لئي پرديس ٿيو
ڇا هو دودو، ڇا هو دولهه، ڇا هو هوشو هاءِ الا
ڪاڏي گم ٿيا ڪونڌر پنهنجا، خالي لال لبيس ٿيو.
*****
امانت آ ڪنهن جي، فلڪ کي ٻڌايو
هٽائي وڃو بجليون آشيان تان،
چئو موت کي ڪو بهانو نه ڳولي،
ڪندس جان قربان، زمين تان زبان تان
غريبن جي گهر ۾ جيڪو ڄائو، لکي ڇڏ
انهيءَ جو جياپو اجايو لکي ڇڏ
اسان جون ڇا ذاتيون، اسان جا ڇا شجرا
لکين ٿو ته نالو وتايو لکي ڇڏ.
*****
زيب مرحوم جي تقرير ڪندو هو ته سندس آواز ۽ انداز جو، جوشيلو،
جذباتي ۽ اثرائتو طريقو، لفظن جو انتهائي مناسب
استعمال ۽ جيڪو ڪجهه چوڻ چاهيندو هو ته حاضرين،
ناظرين ۽ سامعين کي ڪجهه دير ۽ ڪجهه وقت لاءِ
پنهنجو هم زبان ۽ هم خيال بڻائي ڇڏيندو هو. هڪ
دفعي پاڪستان جو اڳوڻو صدر فيلڊ مارشل جنرل محمد
ايوب خان (مرحوم) سکر ۾ آيو. سکر جي نيشنل اسٽيڊيم
۾ کيس تقرير ڪرڻي هئي، پر ڪي اهڙا نوجوان به
اسٽيڊيم جي احاطي ۾ داخل ٿي چڪا هئا، جن ايوب خان
کي تقرير ڪرڻ نٿي ڏني، شور شرابو ۽ هُل هنگامو
ايترو ته وڌي چڪو هو جو تقرير جو بنهه ڪو امڪان
نٿي نظر آيو، منتظمين مان ڪيترائي ماڻهو مائيڪ تي
آيا ته لُڙ بند ڪرائجي پر ناڪام ٿيا. نيٺ زيب صاحب
مائيڪروفون جي سامهون آيو. پنهنجي گجندڙ ۽ گونجندڙ
آواز ۾ ماڻهن سان مخاطب ٿيو. فقط ٻن منٽن ۾ پوري
اسٽيڊيم جو هُل هنگامو ماٺ ۽ سانت ۾ تبديل ٿي ويو
۽ هاڻي مرحوم صدر جو اسٽيج تي اچڻ ممڪن ٿي پيو،
جڏهن جنرل ايوب اسٽيج تي آيو ته کيس چوڻو پيو:
”دوستو، مونکي وڏي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو اٿوَ جو زيب عاقلي جهڙي بي
مثال ۽ شعله بيان مقرر جي مٿان مونکي ڳالهرايو
ٿا.“
زيب مرحوم کي علم ادب جي ڏاتِ پنهنجي خاندان کان ورثي ۾ ملي
هئي. سندس والد بزرگوار مولوي محمّد عاقل عاقلي
پنهنجي وقت جو هڪ وڏي رتبي وارو ۽ قادر الڪلام
شاعر هو. پر ڪيڏو نه افسوس جو مقام آهي، جو ڪيترن
سنڌ واسين کي ايڏي وڏي شاعر جي نالي کان به واقفيت
ڪانهي، مولانا عاقلي صاحب جي سخنوري جو ڪمال ۽
سندس شاعرانه عظمت جو اندازو هيٺ ڏنل نظم مان
لڳائي سگهجي ٿو، جنهن تي هن چئن ٻولين ۾ طبع
آزمائي ڪئي آهي، يعني فارسي، عربي، سنڌي ۽ هندي پر
اهڙي نموني ۾ معنى ۽ مفهوم پاڻ ۾ ڳُتيل ۽ لاڳاپيل
آهن، جو ائين هرگز محسوس ئي نٿو ٿئي ته ڪو زور ڪري
شاعري جا جوهر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر
ائين پيو لڳي ته ڏات پنهنجا جوهر پاڻهي پئي
ڏيکاري. ملاحظه ڪيو:
به ربود دِلم آن رشڪ – پري.
به ڪرشمه و ناز و عشوه گري.
- شب و روز من اندر جُستن وي هُوَ مَحبوبُ اَنِيّ في الحئي
تنهن ناز ڀريئي جي دَرسن لئي – مين ڍُونڍ ڦِرون نگري نگري
- من گريئه و نالئه و ناڪامي – قد سِرت نديم الا لامي.
تون ته يار وڃي ٿئين آرامي – ڪيسي پريت پيا تُمَهري تُمَهري
- اي قبلئه – جان، وائي، ڪعبئه – دل في يوم في بيتي اُندل،
اِهو عرض ڪري عجزئون عاقل – سن ارج سکي هَمَري هَمَري
زيب صاحب جو وڏو ڀاءُ مرحوم عبد عاقلي به پنهنجي دؤر جو تمام
وڏو شاعر هو، هو منهنجي والد بزرگوار غلام نبي
اداسي، (مرحوم) جو دوست هو…پر منهنجي ملاقات عبد
صاحب سان فقط تڏهن ٿي، جڏهن بابا جن پنهنجي خالق –
حقيقي ڏي هليا ويا ۽ عبد صاحب جن، بابا مرحوم جن
جي تعزيت ڪرڻ لاءِ منهنجي ڳوٺ آيا. عبد صاحب جن،
بابا مرحوم جن سان ٿيل رهاڻين جا حال احوال اوريا
۽ ڪيترن مشاعرن ۾ گڏجي شعر پڙهڻ جا قصا ٻڌايا.
اهڙي نموني ڪافي ادبي ڪچهري ٿي جيڪا جڏهن به ياد
پوندي آهي ته هڪ طرح رُوح ۾ تازگي محسوس ڪندو
آهيان ته ٻئي طرف اندر ۾ روڄ راڙو به برپا ٿي
ويندو آهي ته وقت ظالم اسان کان ڪهڙا ڪهڙا نه
لاجواب هيرا موتي کسي ٿو وٺي ۽ فقط اک ڇنڀ ۾
خوشگوار حال کي اڻموٽ ماضيءَ جي ڌُنڌَ ۾ ڌِڪي ٿو
ڇڏي. عبد صاحب، بابا جن جي تعزيت ڪرڻ آيو هو، سو
خود به ٿوري وقت کان پوءِ مرحوم ٿي ويو.
زيب عاقلي مرحوم سان ٿيل رهاڻيون ۽ ڪچهريون هاڻي ماضي جو حصو
بڻجي چڪيون آهن. مون تي تمام گهڻو مهربان هو ۽ قرب
ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون اچي ڪندو هو. بيحد مٺو
سٺو انسان هو، ڪنهن کي به رنجايائين ڪو نه – پاڻ
تڪليفن ۾ رهيو پر سندس ذات کان ڪنهن کي به ڪا
تڪليف نه پهتي. ڳالهائيندو هو ته لطف پيو ايندو هو
۽ دل چوندي هئي ته ڀلي اڃا به ڳالهائي پر زيب صاحب
ڳالهائيندي ڳالهائيندي جي ڪنهن بحث ۾ الجهي پيو ته
پوءِ سندس ڳالهائڻ جو رنگ ڍنگ اهڙو ته اثرائتو
(Dominating)
هوندو هو جو ٻئي کي سواءِ ان جي ته ماٺ ڪري ويهي
زيب صاحب کي ٻڌي ٻيو ڪو به چارو نه هوندو هو. ان
وقت سندس دليل وزندار ۽ ڳالهائڻ کڙڪيدار ۽ رعبدار
هوندو هو.
وقت جي سڀني وڏن ماڻهن سان نه رڳو سندس واقفيت هئي پر تمام
گهاٽا رشتا ۽ لاڳاپا هئا. صدر کان وٺي وزيراعظم
تائين ۽ وزيراعظم کان وٺي وزيراعلى تائين. هر دؤر
۾ کيس هرڪو ڄاڻندو سڃاڻندو هو ۽ سندس عزت ڪندو هو.
راڄن جا ڪم ڪيائين، ڪن کي نوڪريون وٺي ڏنائين ته
ڪن کي پروموشن، ڪن کي پلاٽ ۽ پرمٽون وٺي ڏنائين ته
ٻين جا ڪيترائي ڪم ڪيائين پر پاڻ پنهنجي لاءِ ڪو
به فائدو نه وٺي سگهيو. تنگدستيءَ ۾ وقت گذاريائين
پر مجال آهي جو ڪنهن کي محسوس به ٿيڻ ڏئي ته زيب
مفلسيءَ ۽ تنگدستي جو شڪار آهي ۽ مدد جو طلبگار
آهي، هرگز نه بس ڪٿان نه ڪٿان قدرت جي طرفان سندس
غيبي امداد پئي ٿيندي هئي ۽ وقت عزت ۽ شرافت جو
پيو گذرندو هوس. اهڙي حالت ۾ به زيب مرحوم جي منهن
تي سدائين مرڪ ۽ ڪچهري ۾ ٽهڪن تي ٽهڪ لڳا پيا
هوندا هئا.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سندس ڪيل خدمتون هميشہ يادگار
رهنديون، ڊراما لکيائين، گيتن ڀريون ڪهاڻيون ۽
فيچر بي شمار تعداد ۾ لکيائين. ڪيتريون تقريرون
موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان لکيائين، جيڪي سامعين ۾
تمام گهڻيون پسند ڪيون ويون.
جڏهن 1965ع ۾ هندستان – پاڪستان جي وچ ۾ جنگ لڳي ته ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد تان ڪيترائي پروپئگنڊا فيچر نشر
ٿيندا رهيا، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول فيچر هو ”ناٽڪ
منڊلي“ جيڪو زيب مرحوم هر روز لکندو هو.
زيب عاقلي مرحوم جي گُڻن، شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتن تي جيڪڏهن
تفصيل سان لکبو ته اڃا تمام گهڻو لکي سگهجي ٿو، ڇو
ته سندس شخصيت جو شمار اُنهن چند انسانن ۾ ٿئي ٿو
جنهن لاءِ ڀِٽَ ڌڻي چيو آهي ته:
ماڻهو سَڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. |