سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :5

سنڌ ــــ سيان جي نظر ۾

(قسط – 2)                        ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

پنجين صدي هجريءَ ۾ سنڌ: ٽين ۽ چوٿين صدي کان پوءِ پنجين صدي هجريءَ (يارهين صدي عيسوي) جو احوال به ڪن سياحن جي ڪتابن ۾ ملي ٿو، اهڙن مورخن، عالمن ۽ سياحن مان ٻه نالا قابل ذڪر آهن:

ابو ريحان البيروني (وفات 1048ع) ۽ ابو عبدالله بن محمد، جيڪو عام طرح سان شريف الادريسي جي نالي مشهور آهي، بيروني جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ سنڌ ۽ هند جي جاگرافيائي حالتن ۽ مختلف علمن جو ذڪر موجود آهي، انهن مان ”ڪتاب الهند“ جڳ مشهور ڪتاب آهي. ادريسي وڏو ماهر جاگرافيدان هو. آفريڪا جي شاهي خاندان ادريسي جو چشم و چراغ هو. سندس نسب جو سلسلو حضرت علي رضه سان ملي ٿو. مقليه شهر ۾ ڄائو ۽ قرطبه ۾ تعليم حاصل ڪيائين. هن اصطرلاب ٺاهيو، جيڪو دنيا جو پهريون اصطرلاب آهي. جاگرافي لکڻ لاءِ هو جاگرافيدانن ۽ مصورن جي هڪ جماعت ساڻ ڪري سڄي دنيا گهميو. دنيا جي سيرو سياحت ڪري، مشاهدي ۽ مطالعي جي بنياد تي ”نزهة المشتاق“ نالي ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جو احوال به ملي ٿو.

ادريسي، منصوره بابت لکي ٿو:

”منصوره وڏو ۽ ڏاڍو آباد شهر آهي. هتي شاهوڪار واپاري رهن ٿا. دولت ۽ چوپايو مال تمام گهڻو آهي. سرسبز ٻنيون ۽ ميويدار باغ آهن. گهر ڪچا ۽ پڪا ٻنهي قسمن جا آهن. هي شهر غريبن جون تڪليفون ۽ پريشانيون دور ڪندڙ آهي، هتي جي رهاڪن لاءِ شهر جي پسگرادئي ۾ اهڙيون وڻندڙ ۽ فرحت بخش جايون آهن، جتي هو تفريح لاءِ ويندا آهن. اهڙا ڏينهن مقرر آهن، جن ڏينهن تي هو ڪم ڪار ڇڏي آرام ۽ دماغي سڪون لاءِ انهن جاين تي ويندا آهن. هتي واپاري ڌنڌي وارن جو وڏو تعداد رهي ٿو. بازاريون باروقن آهن ۽ کاڌي پيتي جي سامان سان ڀرپور آهن … چاندي ۽ ٽامي ٻنهي قسمن جا سڪا رائج آهن. هتي جو درهم، چانديءَ جي معياري درهم کان پنجوڻي قيمت جو آهي. هتي تاتاري سڪا به اچن ٿا ۽ انهن جي ذريعي به واپار ٿئي ٿو. هتي مڇي به جام آهي ۽ گوشت به سستو آهي. ميوو ٻاهران اچي ٿو، پر ڪجهه هتي به ٿئي ٿو(1).

ابو ريحان البيروني پنهنجي سفر دوران ملتان ۽ سنڌ ۾ به آيو هو. هن ڪافي وقت ملتان ۾ رهي، تحقيقي ڪم ڪيو، جيڪو ان وقت سنڌ جو حصو هو. هو موجوده سنڌ ۾ به آيو ۽ گهميو. هن ”ڪتاب الهند“ ۾ سنڌ جي شهرن بهمنوا (برهمنا باد)، لوهراني (لاهري بندر)، منصوره، اروڙ، ديبل ۽ سدوسان، (سيوهڻ) ۽ مهراڻ درياءَ جا نالا ڄاڻايا آهن. اروڙ بابت لکي ٿو:

”اروڙ، سنڌو درياءَ جي ٻن شاخن جي وچ ۾ واقع آهي“ (2). ٻن شاخن مان مطلب آهي: هاڪڙي درياءَ جون ٻه شاخون جيڪي هاڪڙي جي ڦٽي وڃڻ کانپوءِ سنڌو درياءَ مان نڪري اروڙ وٽان وهي، هيٺ پاڻ ۾ گڏجي هڪ درياءَ ٿي وهندو هو، جنهن کي نارو سڏيو ويندو هو، انهي ئي درياءَ جون شاخون منصوره وٽان به وهنديون هيون، اها ڳالهه البيروني جي بيان مان به معلوم ٿئي ٿي. هو لکي ٿو:

”جڏهن درياءَ هڪ ٿي سنڌ جي شهر اروڙ کان اڳتي وڌندو آهي، ته اسان وٽ ان جو نالو ”مهراڻ“ درياءُ پڙهيو ويندو آهي. هي سڪون سان ڦهلجندو، صاف ٿيندو ۽ ڪجهه جاين کي ٻيٽن وانگر گهيرو ڪندو منصوره تائين پهچندو آهي، جيڪو ان جي شاخن جي وچ ۾ واقع آهي. آخر وهي وڃي ٻن هنڌن تي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هڪ شهر ”لوهاراڻي“ (لاهري) جي ويجهو ۽ ٻيو ڪجهه قدر پورب کان هٽي ڪڇ واري علائقي ۾ .“(3)

سنڌونديءَ جي دريائي جانورن بابت البيروني لکيو آهي:

”هندستاني دريائن ۾ اهڙي طرح گهڙيال ملن ٿا، جهڙي طرح نيل ندي ۾ انهي ڪري جا حظ پنهنجي سادگي سبب ۽ دريائن جي نڪرڻ وارن هنڌن ۽ سمنڊن جي صورتن کان قطعي اڻ ڄاڻائيءَ سبب ائين سمجهيو، ته مهراڻ درياءَ نيل جي هڪ شاخ آهي.

انهن دريائن ۾ عجيب عجيب قسمن جا جانور جهڙوڪ: گهڙيال ۽ مانگر مڇ ۽ عجيب غريب قسمن جون مڇيون ملن ٿيون. هڪ جانور مَشڪ (کَلِي) وانگر ٿيندو آهي، ۽ ٻيڙين جي اڳيان اچي ترندو ۽ کيڏندو رهندو آهي. ان کي ماڻهو ”برلو“ چوندا آهن.

اسان سمجهون ٿا، ته اهو ڊولفن يا ان جو قسم آهي، ان لاءِ چيو ويندو آهي، ته ساهه کڻڻ لاءِ ان جي مٿي تي هڪ ٽنگ هوندو آهي.“ (4) جنهن کي ”بيروني“، ”برلو“ چوي ٿو، ان کي سنڌي ۾ ”ٻُلهڻ“ چيو ويندو آهي. هي جانور سنڌونديءَ ۾ اڃا به ملي ٿو.

اڳ ۾ عرب سياحن جي سفرنامن جي حوالي سان آيو آهي، ته سنڌ جا مرد وڏا وار رکائيندا هئا. بيرونيءَ ڄاڻايو آهي، ته سنڌ ۽ هند جا مرد انهيءَ ڪري وڏا وار رکائيندا هئا، ته جيئن مغز کي گرمي نه لڳي، جيئن عرب ليکڪن لکيو آهي، ته سنڌ جا هندو اڪيلو کائيندا آهن. تيئن بيروني به ساڳي ڳالهه لکي آهي. هو لکي ٿو:

”هو ليپو ڏنل ٿلهي تي اڪيلو ويهي ماني کائيندا آهن، جيڪو کاڌو بچندو اٿن ته اهو وري ڪم نه آڻيندا آهن. کاڌي جا ٿانوَ جيڪڏهن ٺڪر جا هوندا آهن، ته اهي اڇلائي ڇڏيندا آهن.“ اڪيلو ويهي کائڻ جو رواج اڄ تائين سنڌ جي هندن ۾ موجود آهي. سنڌ ۾ سڌي پاسي تي ڳچيءَ وارو چولو پائيندا آهن.

مردن جي چولي کي کٻي پاسي کان ۽ عورتن جي چولي کي سڄي پاسي ڳچي هوندي هئي. هينئر اهڙن چولن جو رواج گهڻو گهٽجي ويو آهي، ان هوندي به شڪارپور جي مردن ۾ اهڙن چولن پائڻ جو رواج ڪجهه قدر موجود آهي. بيروني به لکيو آهي، ته ”چولن کي سڄي ۽ کٻي پاسي ڳچي ٿئي ٿي“. يعني ان زماني ۾ مرد کٻي پاسي ۽ عورتون سڄي پاسي واري ڳچيءَ وارا چولا پائينديون هيون. اهو رواج لاڳيتو هليو آيو.

مردن جي زيورن پائڻ جو ذڪر عرب سياحن به ڪيو آهي. بيروني به اها ڳالهه ڪري ٿو، ته مرد زيور پائين ٿا جهڙوڪ: واليون، ڪڙا ۽ منڊيون. اهو رواج پوءِ هلندو رهيو. اڄ به ڪٿي ڪٿي مردن جي ڪنن ۾ واليون نظر اينديون.

مطلب ته بيروني، سنڌ جي تاريخ، ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽ جاگرافيائي حالتن جو ڪجهه احوال ڏنو آهي. ان کانسواءِ هن سنڌ جي دريائن جي وهڪرن جي به صحيح صورتحال بيان ڪئي آهي. سنڌ ۽ هند جي شهرن جي وچ ۾ مفاصلو ڏنو اٿس ۽ سنڌ جي قريباً ٻارهن شهرن جي ڊگهائي ڦاڪ ۽ ويڪرائي ڦاڪ به لکي آهي، نه فقط ايترو، پر هن سنڌ جي جدا جدا علائقن ۾ جيڪي صورتخطيون رائج هيون، انهن جو وچور به بيان ڪيو اٿس ۽ ڪٿي ڪٿي زبان جا لفظ به صحيح معنى ۾ آندا اٿس. اهو ڏيکاري ٿو، ته هن سنڌ جو صحيح معنى ۾ مشاهدو ڪيو هو. (5) ستين صدي هجري: ڇهين صدي هجري جو احوال ڪنهن سفرنامي ۾ ڪو نه ٿو ملي. البت ستين صدي هجري جو ٿورو احوال ملي ٿو. حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري جي ملفوظات دليل العارفين مان معلوم ٿئي ٿو، ته حضرت خواجه معين الدين چشتي پنهنجي مرشد خواجه عثمان هاروني سان سير سفر ڪندو سنڌ ۾ آيو ۽ لڪياري ۽ راشدي خاندانن جي وڏي ڏاڏي سيد صدرالدين لڪياري سان ملاقات ڪيائين. ڪجهه ڏينهن ان جي صحبت ۾ گذاريائين. هو کانئس ڏاڍو متاثر ٿيا (6).

حضرت بابا فريد گنج شڪر به سفر جي دوران مذڪور سنڌي بزرگ سان مليو. سندس ملفوظات ”راحت القلوب“ ۾ ان ملاقات جو ذڪر هن طرح آيو آهي:

”فرمايائون ته هڪ ڀيري جڏهن سيوستان ڏانهن سفر ڪري رهيو هوس، تڏهن اتي جي اوليائن ۽ بزرگن سان ملاقات ڪيم. هڪ ڏينهن شيخ محمد سيوستاني (سيد صدر الدين محمد احمد) جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، جو ولايت جو صاحب بزرگ هو. سلوڪ جي باري ۾ ساڻس گفتگو ٿي.“(7)

هن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ستين صدي هجري ۾ صفيانه تحريڪن سنڌ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، ۽ ڪيترائي صوفي بزرگ سنڌ ۾ موجود هئا. هن ئي زماني ۾ حضرت قلندر شهباز سنڌ ۾ آيو، ۽ حضرت غوث بهاؤالحق ذڪريا ملتاني سنڌ جو سيرو سفر ڪري، دين جي تبليغ ڪئي ۽ سهروردي سلسلي کي ڦهلايو. چشتي بزرگ به گهميا، پر انهن جو مسلڪ گهڻو رائج ٿي نه سگهيو.

اٺين صدي هجري: هن زماني ۾ جڳ مشهور سياح ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو. سندس سڄو نالو محمد بن عبدالله بن ابراهيم بن عبدالله اللواطي الطنجي آهي، ۽ ڪنيت ابو عبدالله لقب شرف الدين  آهي. سنه 703هه (1304ع) ۾ طنج (مراڪش) ۾ تولد ٿيو ۽ 779هه (1377)ء ۾ وفات ڪيائين. ڪيترن ئي ملڪن جو سير سفر ڪيائين. سنڌ ۾ به آيو ۽ سنڌ جا ڪيترائي شهر گهميو ۽ بزرگن سان ملاقاتون ڪيائين. 1354ع ۾ موٽي مراڪش پهتو ۽ پنهنجي سفر جو احوال هڪ عالم ابن جزي الڪلبي کان لکارايائين. ڪن عالمن جو خيال آهي ته سفر جو احوال ابن بطوطه پاڻ لکيو. ابن جزي ان جو اختصار ڪيو. سفرنامي جو سڄو نالو ”تحفة النظار في غرائب الابصار“ آهي. هن سفرنامي ۾ سنڌ جو تمام گهڻو احوال ملي ٿو، جيڪو صحيح حقيقتن تي مشتمل آهي. ابن بطوطه 1- محروم 734هه (1333)ء تي سنڌو درياءَ کان لنگهيو. هن سفر دوران سنڌ جي ٻيلي ۾ گينڊو ڏٺو (8) ٻه ڏينهن پنڌ ڪري اچي ”جناني“ شهر ۾ پهتو، ان شهر بابت لکي ٿو:

”هي وڏو خوبصورت شهر درياءَ جي ڪناري تي آهي. هن شهر ۾ سومرا قوم جا ماڻهو رهن ٿا، جيڪي قديم زماني کان هتي رهندڙ آهن. مؤرخ لکن ٿا ته حجاج بن يوسف جي وقت ۾ سنڌ فتح ٿي، ته هن قوم جا ماڻهو هن شهر ۾ رهندا هئا.ل شيخ رڪن الدين بن شيخ شمس الدين بن شيخ بهاؤالدين ذڪريا قريشي ملتاني مون کي ٻڌايو هوت ه سندن وڏو ڏاڏو محمد بن قاسم جي ان لشڪر ۾ هو، جيڪو حجاج، عراق مان موڪليو هو پوءِ هو هن ملڪ ۾ ترسي پيو ۽ سندس اولاد وڌيو ويجهيو. هي شيخ رڪن الدين اهو آهي، جنهن بابت شيخ برهان الدين اعرج مون کي شهر ”اسڪندريه“ ۾ چيو هو، ته ان سان ملجانءِ(9)

سومرن جي رهڻي ڪهڻي بابت ڄاڻايو اٿس:

”سومرا قوم جا ماڻهو ڪنهن سان به گڏجي نه کائيندا آهن ۽ جڏهن هو کائيندا آهن ته ڪو به انهن ڏانهن ڏسندو ناهي. هو پنهنجي ذات وارن کان سواءِ ٻي ڪنهن ذات واري سان مائي مٽي نه ڪندا آهن. ان زماني ۾ انهن جو سردار ”دنار“ نالي هڪ شخص هو.“(10)

”جناني“ کان هلي هو سيوهڻ پهتو. سيوهڻ بابت لکي ٿو:

”هي هڪ وڏو شهر آهي ۽ ريگستان ۾ واقع آهي. هتي ڪرڙ کانسواءِ ٻيو وڻ نظر نه آيو. نهر جي ڪناري تي گدرن کان سواءِ ٻي پوک نه ٿي ٿئي. هن شهر جا ماڻهو جوئر ۽ ”جلبان“ جنهن کي مشنڪ به چوندا آهن، جي ماني پچائي کائيندا آهن، هن شهر ۾ مڇي تمام گهڻي آهي ۽ ماهيو کير به جهجهو آهي. هتي جا ماڻهو اسقنقور (ريگ ماهي، گلوئي) به کائيندا آهن. هي جانور پيرن تي هلنيو ۽ ڳوهه جي شڪل جهڙو ٿيندوآهي، پر ان کي پڇ ڪو نه ٿيندو آهي. هتي جا ماڻهو ان کي واريءَ مان کوٽي ڪڍندا آهن ۽ ان جو پيٽ چيري، گندگي صاف ڪري، زعفران جي بدران ڪرڪم (هيڊ) ڀري، پچائي کائيندا آهن.(11)

سيوهڻ جي گرمي مشهور آهي. ابن بطوطه گرمي جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

”اسان هن شهر ۾ پهتاسين ته سخت گرمي هئي. منهنجا ساٿي لڱين اگهاڙا هوندا هئا. هو هڪ وڏو رومال پاڻي ۾ پسائي، مٿي سان ٻڌندا هئا ۽ هڪ رومال آلو ڪري ڪلهن تي رکندا هئا. رومال سڪي ويندا هئا ته وري آلا ڪندا هئا.“(12)

ابن بطوطه سيوهڻ ۾ شهر جي خطيب شيباني سان مليو، جنهن کيس حضرت عمر بن عبدالعزيز جو پراڻو ڏيکاريو، جيڪو سندس ڏاڏي کي خطيب مقرر ڪرڻ وقت ڏنو ويو هو. ان تي سن 99 هه لکيل هو، ان کانسواءِ هو شيخ محمد بغدادي سان مليو، جيڪو حضرت قلندر شهباز جي درگاهه جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ رهندو هو. هن کيس پنهنجي عمر 14 سالن کان وڌيڪ ٻڌائي، هن جو چوڻ هو ته هو ان وقت بغداد ۾ موجود هو، جڏهن هلاڪو، خليفي معتصم باالله کي قتل ڪيو هو. سندس اچڻ کان اڳ ۾ ونار (انڙ – سمو) ۽ قيصر، مرڪزي حڪومت کان بغاوت ڪري، سيوهڻ ۾ خود مختيار حڪومت قائم ڪئي هئي. اهو ٻڌي ملتان جو گورنر عماد الملڪ سيوهڻ تي ڪاهي آيو هو. قيصر به مقابلو ڪيو پر پوءِ جڏهن پڄي نه سگهيو، ته قلع بند ٿي ويهي رهيو. آخر ٻنهي جي وچ ۾ صلح ٿيو، پر سرتيز عمادالملڪ ساڻس دغا ڪئي. ابن بطوطه لکي ٿو:

جڏهن قيصر ۽ ان جو لشڪر امان جي وعدي تي ٻاهر آيو، ته سر تيز انهن سان دغا ڪئي. انهن جي ملڪيت لٽي ۽ سڀني کي قتل ڪرائي ڇڏيو. هر روز ڪنهن نه ڪنهن جي سري لڻائيندو هو، ڪنهن کي تلوار سان ٻه ٽڪر ڪرائيندو هو، ڪنهن جي کل لهرائيندو هو ۽ انهن کلن ۾ بُههُ ڀرائي، شهر جي فصيل تي لٽڪائي ڇڏيندو هو. گهڻن ئي ماڻهن سان اِهو حال ٿيو، انهن جا لٽڪندڙ لاش ڏسي دل دهلجي ويندي هئي ۽ ڀَؤ ورائي ويندو هو، انهن جون کوپڙيون شهر جي وچ ۾ گڏ ڪري، ڍير ڪيون ويون هيون. مان هن واقعي کان پوءِ شهر ۾ پهتس ۽ هڪ وڏي مدرسي ۾ رهڻ لڳس. مدرسي جي ڇت تي سمهندو هوس، اتان لاش لٽڪندا نظر ايندا هئا. جڏهن صبح جو اٿندو هوس ته لاش ڏسي ڏڪي ويندو هوس. آخر ان مدرسي ۾ رهڻ ڇڏي ڏنم“.(13)

هڪ ٻاهرين سياح جو بيان ٻڌائي ٿو ته سنڌ تي دهليءَ جي حڪمرانن طرفان وقت بوقت ڪيترا اندوهناڪ ظلم ٿيا آهن. اهو سلسلو پوءِ به هلندو رهيو. مظهر شاهجهاني جو بيان ان جو شاهد آهي. ان کانپوءِ ابن بطوطه، سنڌ جي سامونڊي بندر ”لاهري“ جو ذڪر ڪيو آهي. ”لاهري“ بابت لکي ٿو.

هي خوبصورت شهر سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي. ان جي ويجهو سنڌو درياءَ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هي وڏو بندرگاهه آهي. هتي يمن ۽ فارس جا درياء ۽ واپاري وڏي تعداد ۾ آهن، انهي ڪري هي شهر ڏاڍو شاهوڪار آهي ۽ ان جو محصول به تمام گهڻو آهي. قاضي علاؤالملڪ فصيح الدين خراساني (ان وقت دهلي حڪومت طرفان لاهري بندر جا حاڪم) مونکي ٻڌايو ته هن بندر جو محصول سٺ لک دينار آهي. علاؤ الملڪ کي ان جو ويهون حصو ملندو آهي.“ (14)

لاهري، ديبل کان پوءِ سنڌ جي سامونڊي بندر طور نروار ٿيو ۽ جلد ئي وڏو اوج حاصل ڪيائين.

مغلن جي زماني ۾ به هي سنڌ جو خوبصورت، وڏو ۽ شاهوڪار بندر هو. ابوالفضل، ”آئين اڪبري“ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. مغل دور جي ٻين تاريخن ۾ به هن بندر جو احوال آيو آهي. هن بندر جي ڀرسان ابن بطوطه تمام قديم زماني جا آثار ڏٺا. انهن جو ذڪر هن طرح ڪيو اٿس:

”هڪ ڏينهن امير علاء الملڪ سان گڏ سير ڪندي شهر کان ستن ڪوهن جي مفاصلي تي هڪ ميدان تي پهتس، جنهن کي ”تارنا“ چون ٿا (جنرل ڪننگهام جي تحقيق موجب هي کنڊر ”ديبل“ بندر جا هئا، جيڪو لاهري بندر کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي هو، جيڪڏهن ابن بطوطه جي چوڻ موجب مذڪوره شهر هڪ هزار سال اڳ ويران ٿيو ته پوءِ اهي آثار ديبل بندر جا نه هئا.) اتي ماڻهن ۽ جانورن جون پٿر جون مورتيون، سڄيون ۽ ڀڳل ٽٽل پيون هيون، انهن کانسواءِ اناج جهڙوڪ: ڪڻڪ، چڻا ۽ مهري دال جا ڪڻا پٿرايل پيا هئا. شهر پناهه ۽ گهرن جي ڀتين جو سامان به موجود هو. کنڊرن ۾ پٿر مان گهڙيل هڪ گهر هو، جنهن جي وچ تي هڪ چبوترو هو، جيڪو هڪ ئي پٿر مان ٺهيل هو. ان تي هڪ ماڻهوءَ جو بت هو، جنهن جو مٿو ڪجهه وڏو هو. منهن هڪ پاسي ڦريل هو ۽ ٻئي هٿ چيلهه جي پويان ٻڌل هئس. انهيءَ هنڌ بدبودار پاڻي بيٺل هو. اتي ڪيترين ئي ڀتين تي سنڌي زبان ۽ رسم الخط ۾ ڪي اکر لکيل هئا. امير الملڪ ٻڌايو ته هن ملڪ جو مؤرخن جو خيال آيه ته هي تباهه ٿيل شهر آهي ۽ چبوتري تي جيڪو بت هو، اهو بادشاهه جو هو. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ به ان گهر کي ”راجا جو محل“ چوندا آهن ۽ ڀتين تي لکيل اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها بربادي تقريباً هڪ هزار سال اڳ ٿي گذري هوندي.“(15)

لاهري بندر کان پوءِ بن بطوطه ”بکر“ آيو. بکر بابت لکيو اٿس:

”هي ڏاڍو خوبصورت شهر آهي، سنڌو درياءَ جي هڪ شاخ هن جي وچان لنگهي ٿي. شاخ جي وچ ۾ هڪ خوبصورت درگاهه آهي، جتي هر مسافر کي کاڌو ملي ٿو. اها ڪشلو خان تعمير ڪارئي هئي. هتي منهنجي ملاقات امام عبدالله حنفصي ۽ شهر جي قاضي ابو حنيفه شمس الدين شيرازي سان ٿي، شمس الدين جي عمران جي چوڻ موجب هڪ سؤ ويهه سال هئي.“(16)

بکر کان پوءِ ابن بطوطه ”اچ“ پهتو.

ڏهين صدي هجري: ان کانپوءِ وري ڏهين صدي هجريءَ ۾ هڪ ترڪي سياح جو نالو ملي ٿو، جنهن پنهنجي سفرنامي م سنڌ جو احوال ڏنو آهي. ترڪي ٻيڙي جو امير البحر سيدي علي رئيس ڏهين صدي هجري جي ٽين چوٿرائي جي شروع ۾ سنڌ ۽ هند پهتو. هو مسقط، گوادر ۽ سورت کان ٿيندو احمد آباد پهتو. اتان خشڪي رستي پنج ڏينهن پنڌ ڪري پتنه (پٽن) پهتو، جتان وري راڌڻپور آيو. اتان اٺن جي ذريعي سنڌ ڏانهن رخ ڪري 1- ربيع الاول 962هه (1555ع) تي ”پارڪر“ پهتو. سنڌ ۽ هند ۾ ڪجهه وقت گذاري افغانستان، خراسان، فارس ۽ آذربائيجان کان ٿيندو سن 964هه- (1557ع) ۾ بغداد پهتو. اُتان قسطنطنيه آيو ۽ باقي حياتي وڏي مرتبي سان سلطاني ملازمت ۾ گذاري سن 980هه (1574ع) ۾ وفات ڪيائين. هن هي ڪتاب لکيا:

محيط: هندي سمنڊ ۽ عمان نار جي احوال ۽ موسم جي اڳڪٿي بابت آهي. هن هي ڪتاب ان وقت لکيو، جڏهن هو سامونڊي سفر جو تجربو ڪري. سن 961هه-1554ع) ۾ گجرات جي شهر احمد آباد ۾ مقيم هو. ڪتاب جو متن جرمن ترجمي سان ڇپجي چڪو آهي.(17)

مرات الڪائنات: فلڪيات بابت آهي ۽ اڃا نه ڇپيو آهي.

شعر: هن ترڪي ۽ چغتائي ٻولين ۾ شعر به چيو آهي.

مرات الممالڪ: هن ۾ سيد علي رئيس پنهنجي چئن سالن جي سفر (961هه کان 964هه تائين) جو احوال ڏنو آهي. هي ڪتاب 964هه ۾ لکي سلطان سليمان کي پيش ڪيائين، جنهن کيس وڏو انعام ڏنو. هن ۾ سنڌ جو احوال به آندو اٿس. لکي ٿو:

”اسان قريباً ڏهه ڏينهن پارڪر کان رڻ پٽ ۾ پنڌ ڪري (21- ربيع الاول) وانگه ۾ پهتاسين، جيڪو سنڌ جو سرحدي شهر آهي. هتان اسان اُٺ ڀاڙي ڪيا ۽ پنج ڏينهن پنڌ ڪري جوڻ ۽ فتح باغ ۾ آياسين.“ (18)[1]

سنڌ جون سياسي حالتون بيان ڪندي لکيو اٿس:

”انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي تخت گاهه تي شاهه حسن ميرزا متمڪن هو. هن چاليهه ورهيه راڄ ڪيو، ۽ گذريل پنجن سالن کان فالج جي مرض ۾ مبتلا هو؛ جنهن ڪري گهوڙي سواري کان لاچار ٿي، سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي رستي اچ – وڃ ٿي ڪيائين.

انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي دارلخلافه ٺٽي جو ڪماندار عيسى ترخان، شاهه حسن ميرزا جي چنڊ لائق اميرن کي قتل ڪرائي، خزاني تي قبضو ڪري ويٺو هو، جيڪو نصرت آباد جي قلعي ۾ گڏ ٿيل هو. هن نقدي پنهنجي ماڻهن ۾ ورهائي، پاڻ کي همايون بادشاهه جو لقب ڏيئي جمعي جي خطبي ۾ پنهنجو نالو شامل ڪري نقارو وڄرايو.

انهيءَ تي شاهه حسن ميرزا سلطان محمود نالي پنهنجي ٿڃ – شريڪ ڀاءُ کي بري فوج جو ڪماندار ڪري، پاڻ چار سؤ جهازن جو ٻيڙو وٺي مير عيسى بيگ جي سرڪوبيءَ لاءِ هليو.“(19)

ان کانپوءِ لڙائيءَ جو ذڪر ڪيو اٿس ته هڪ مهينو هلي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مري ويا. آخر ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ صلح ٿيو. ميرزا عيسى، شاهه حسن ميرزا جي گهر واريءَ حاجي بيگم کي شاهه حسن ڏانهن ڏياري موڪليو. (20) تاريخ معصومي موجب هوءَ صفر 962هه جي آخري تاريخ تي شاهه حسن وٽ پهتي.

جمادي الاول تي شاهه حسن درياء رستي ۽ سلطان محمود خشڪي رستي بکر ڏانهن روانا ٿيا. گهر واريءَ جي پهچڻ کان ڏهه ڏينهن پوءِ ميرزا حسن وفات ڪئي.

سيدي علي لکيو آهي ته ماڻهن ۾ چؤپچو هلي ته جوڻس کيس زهر ڏيئ مارايو آهي (21) سيدي علي اهو به لکيو آهي ته شاهه سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ سندس ٽوکي کي غيبي لشڪر ڪري سڏيو، ان کانسواءِ کيس لاهوري (لاهري) بندر يعني ديول سنڌ جي صوبيداري جي آڇ به ڪيائينس، جيڪا هن قبول نه ڪئي.(22)

علي اهو به ڄاڻايو آهي ته هن سنڌ جي مشائخن مان شيخ عبدالوهاب سان ملاقات ڪئي ۽ شيخ جمالي ۽ شيخ ميرڪ جي مقبرن جي زيارت ڪئي.(23)

سيد علي ٺٽي کان نصرپور ويو، جنهن کي سندس اچڻ کان اڳ راجپوتن لُٽي ڇڏيو هو (24).

ان بعد هو درياءَ ۾ اوڀارون هلي سيوهڻ پهتو. اتان پاٽ ۽ دبله (درٻيلو) کان ٿيندو بکر جي قلعي وٽ پهتو. اُتي سلطان محمود ۽ ميرزا شاهه حسن جي وزير ملاباريءَ سان مليو. (25) هو دريائي سفر جو مشاهدو هن طرح لکي ٿو:

”اسان کي درياءَ ۾ مانگر مڇ منهن پيو ۽ ڪناري سان ڪيئي ببر شينهن به ڏٺاسين. واٽ تي سميجن ۽ ماڇين قبيلن سان مقابلو ڪرڻو پيو، جن جي حد مان لنگهي رهيا هئاسين“(26)

سميجن ۽ ماڇين جو مقابلو ڌارين سان لاڳيتو هلندو رهيو. مغل حڪومت طرفان مقرر ڪيل حاڪمن کي به هنن سک سان سمهڻ نه ڏنو، انهن واقعن جو احوال تفصيل سان تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ ملي ٿو.

سيدي علي جي بيان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ سنڌو درياءَ ۾ مانگر مڇ هئا ۽ گهاٽن ٻيلن ۾ ببر شينهن رهندا هئا.

سيدي علي بکر مان هلي، مئو ۽ اچ کان ٿيندو ملتان پهتو. اتان لاهور هليو ويو.

يارهين صدي هجري ۾ سنڌ: هن صديءَ ۾ ٻن مکيه ماڻهن جا نالا ملن ٿا، جن سنڌ گهمي ۽ پنهنجن ڪتابن ۾ سنڌ جو احوال آندو. اهي آهن: فرانسي نڪولاس منوچي ۽ محمود بن امير ولي بلخي، انهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:

محمود بن امير ولي بلخي: هو بلخ ۾ سنه 1004هه (1595ع) ۾ ڄائو ۽ بخارا ۾ تعليم حاصل ڪيائين. هو سن 1034هه (1624ع) ۾ بلخ کان روانو ٿيو ۽ 1 محرم سنه 1035هه (1625ع) تي لاهور پهتو. ان کانپوءِ هو هلال آباد، آگري، حيدرآباد دکن، ڏکڻ هندستان، سيلون، سوماترا ٻيٽ ۽ اوڙيسا جي گادي وارو شهر ڪٽڪ گهمندو آگري آيو. هو ذوالحج 1039هه (1631ع)  ۾ آگرو ڇڏي، وري سفر تي نڪتو. ساڻس گڏ مرزا حسيني به سفر ڪري رهيو هو، جيڪو بکر جو نئون فوجدار ٿي اچي رهيو هو. فتح پور، اجمير ۽ جيسلمير کان ٿيندا هو شعبان 1040هه (1631ع) ۾ بکر پهتا. يعني هو موجوده تعلقي پنو عاقل مان لنگهي جيسلمير ويندڙ قديم سڙڪ ذريعي بکر پهتا. ان کانپوءِ هو سبي گنجابي کان ٿيندو واپس وطن ويو ۽ شعبان 1040هه (1631ع) ۾ بلخ پهتو. اتي ويهي هن پنهنجي سفر جي روئداد ۽ مشاهدا ڪتاب ۾ قلمبند ڪيا، جنهن جو نالو هن ”بحر الاسرار في مناقب الاخبار“ (فارسي زبان) رکيو. هي سفرنامو ستن جلدن تي مشتمل هو، جنهن مان فقط پهرين جلد جو اڌ ۽ ڇهين جلد جو اڌ وڃي بچيا آهن. انهن حصن کي ڊاڪٽر رياض الاسلام جامع انگريزي مقدمي سان ايڊٽ ڪري، سال 1980ع ۾ ڇپايو آهي. هن سفرنامي ۾ سنڌ جي حالتن ۽ شهرن جو ذڪر به آيو آهي. لکي ٿو ته اسان جيسلمير ۾ 14 ڏينهن رهياسين ان کانپوءِ 15 ڏينهن وري رات جو روانا ٿياسين. ستين ڏينهن الور پهتاسين. ان کانپوءِ لکي ٿو:

”قافلو ستين ڏينهن الور پهتو، جيڪو ”بکر“ جي ماتحت آهي. هڪ ڏينهن اُتي رهي ٻئي ڏينهن سنڌو درياءَ ٽپي، سکر اچي رهياسين.“(27)

هن مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهن ڏينهن ۾ اروڙ جو شهر ته موجود هو پر ان جي مرڪزي حيثيت ۽ سياسي اهميت ختم ٿي وئي هئي ۽ بکر علائقي جو شهر هو. سکر جي ميون ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت لکي ٿو:

”هن ملڪ ۾ انب، کارڪون، گدرا، هنداڻا، انگور ۽ ڏاڙهون تمام سٺي قسم جا ٿين ٿا. هتي جا ماڻهو ڏاڍا مهمان نواز آهن ۽ خاص طرح سان روزي نماز جا پابند آهن.“(28)

بکر بابت لکي ٿو:

”بکر کي هڪ مضبوط قلعو آهي، جنهن جون ديواريون ڏاڍيون پختيون آهن. اندرين فصيل ۽ ٻاهرين ديوار جي وچ ۾ سهڻيون عمارتون ۽ باغ آهن. هن جي چوڌاري سنڌو درياءَ وهي ٿو.“(29) پراڻي زماني ۾ سنڌ ۾ ماڻهن کي واري جو تپ ٿيندو هو، جيڪڏهن هڪ ڏينهن بخار ٿي ڇڏي ويندو هو ۽ ٻئي ڏينهن ٿيندو هو ته ان کي ”ٻيئڙ تپ“ چوندا هئا، جيڪڏهن ٻه ڏينهن ڇڏي وري ٽئين ڏينهن ٿيندو هو ته ان کي ”ٽيئڙ تپ“ چوندا هئا. محمود بلخيءَ کي به بکر ۾ ”ڪو ٽيئڙ تپ“ ٿي پيو، جنهن کي هن ”تپ ربع“ سڏيو آهي. لکي ٿو:

”واري جو تپ (تپ ربع) ٿي پيو، جيڪو هن علائقي ۾ عام آهي. علاج صحيح نه ٿيو جنهن ڪري جلندر ٿي پيو. حاذق حڪيم ۽ طبيب مولانا صلاح الدين سيوهاڻي جي مهرباني ٿي، جنهن هريڙ جي پاڻي سان علاج ڪيو ۽ ڇهن ڏينهن ۾ چڱو ڀلو ٿي ويس.“(30)

بکر بابت وڌيڪ لکيو اٿس:

”هي سنڌونديءَ جي وچ تي هڪ ٻيٽ جي صورت ۾ آهي. قديم زماني ۾ هن کي منصوره [2] سڏيو ويندو هو. هن کي مضبوط قلعو آهي ۽ منجهس ڪيترا مدرسا ۽ مسجدون آهن، جن جون عمارتون سرن ۽ پٿرن مان جڙيل آهن ۽ ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهن. هن علائقي جي ماتحت ڪيترا پرڳڻا آهن ۽ پسگردائيءَ ۾ روهڙي ۽ سکر نالي شهر آهن، جيڪي درياءَ جي ٻن ڪپن تي واقع آهن. روهڙي ساڄي ۽ روهڙي کاٻي پاسي آهي. هن شهر ڪيترائي عالم ۽ لائق ماڻهو پيدا ڪيا آهن. هتي جا ماڻهو شريف حيادار ۽ قناعت پسند آهن.“(31)

هو بکر کان پوءِ سبي ۽ گنجابه ويو هو. لکي ٿو، ته سبي ۽ گنجابور (بلوچستان) سنڌ جي تابع آهن (32) ٺٽي جو احوال به آندو اٿس. لکي ٿو:

”هي سنڌ جي شهرن مان هڪ آهي. اهو پهرين ولايت ۾ آهي، پر ڪي ان کي ٻي ولايت ۾ ليکين ٿا. هي ڪيچ ۽ مڪران جي ڀرسان آهي؛ انهي ڪري ايران کي هندستان سان ملائي ٿو. شروع ۾ هن کي ”بيبل“، ۽ بعد ۾ ”ديبل“، ۽ بعد ۾ گرم آبهوا جي ڪري ”ٺٽو“ سڏيو ويو* هي هندي سمنڊ جي ڪناري جي مشهور بندرن مان هڪ آهي. گرم ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ ميوو هن شهر ۾ جهجهي مقدار ۾ ملي ٿو. هن جي ڀرسان مهراڻ وهي ٿو. جيڪو هندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، ڪپڙو، ايران ۽ هندستان ۾ ٺهندڙ شيون هت ملن ٿيون. هتي جي پسگردائي ۾ ڌاڙيل ڏاڍا گهڻا آهن. هتان فارس، عراق ۽ عربستان جي بندرن ڏانهن ويندڙ واپاري، وڏي تعداد ۾ هتان لنگهن ٿا. اڪثر آبادي حنفي مذهب سان تعلق رکندڙ آهي، جيڪي زاهد ۽ روزي نماز جا پابند آهن. (33)

شروع ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته سياحن پنهنجي طبيعت موجب سنڌين جون ڪي اوڻايون به لکيون آهن. اوڻايون ته انسانن ۾ ٿين ٿيون پر ڪن سياحن سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کان ڳالهيون ٻڌي، اٻوجهه سنڌين تي الزام به مڙهيا آهن، جيڪي سراسر غلط بياني تي ٻڌل آهن. هو سنڌ جي ماڻهن جون خوبيون به بيان ڪندي کين حيادار سڏي ٿو، اتي ئي وري هو لکي ٿو، ته حجاب ۾ گهٽ آهن. سنڌي اڄ به حضور شرم ۽ حيادار آهن. ان زماني جي سنڌي ماڻهن بابت بي حجاب هجڻ جو تصور به ڪري نٿو سگهجي.

سنڌي عورتن بابت لکي ٿو:

”هتان جون عورتون پاڻ کي صاف نه ٿيون رکن ۽ ائين پنهنجي ملڪ ۾ ماڻهن لاءِ ڌڪار جو باعث بڻيل آهن.

سنڌي عورتون پنهنجي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پورهيو ڪنديون رهيون آهن. عورتون جيڪڏهن پوکي – راهي ۾ ڪم ڪنديون رهنديون، يا مختلف ڌنڌن جهڙوڪ ڪنڀارڪو، ڪورڪو، موچڪو وغيره ڪمن ۾ مردن جو هٿ ونڊائينديون رهنديون، ته اهي هار سينگار ڪيئن ڪنديون؟ هنن کي هار سينگار جي نه ضرورت هوندي آهي ۽ نه واندڪائي. بلخيءَ جو بيان سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين حڪمرانن يا اميرن جي بيان تي ترجماني ڪري ٿو، جيڪي هميشه سنڌ جي ماڻهن کي ڌڪار جي نظر سان ڏسندا رهيا ۽ سنڌين جون خوبيون به کين اوڻايون نظر آيون.

بلخي، سنڌي عورتن تي بي بنياد الزام ڏيندي لکي ٿو:

”جيڪڏهن ڪو کين (سنڌي عورتن کي) ٻاهر هلڻ جي آڇ ٿو ڪري، ته اهي پنهنجي مٽن، مائٽن، مڙسن ۽ ٻارن کي به ڇڏڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن، پر جيئن اهي منهن، مهانڊي جون موچاريون نه آهن، انهي ڪري ڪن ٿورن بد دماغ واپارين کان سواءِ ٻيو ڪو به انهن کي ٻاهر وٺي وڃڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿو ٿئي، جيڪي کين وٺي وڃن ٿا، اهي به کين ٻاهر وٺي وڃي وڪڻي ٿا ڇڏين“:

بلخي جو جو هي بيان سراسر بهتان آهي ۽ هن سواءِ ڪنهن تحقيق جي لکيو آهي. هيءَ ڳالهيون کيس انهن ماڻهن ٻڌايون آهن، جن ٻاهران اچي پنهنجي سازشن ذريعي سنڌ تي حڪومت ڪئي، ۽ سنڌين کي بي گناهه مختلف تڪليفون به ڏنيون ۽ انهن کي بدنام به ڪيو. ٿي سگهي ٿو، ته ڪن حرام خور ۽ نمڪ حرام واپارين پنهنجي حرڪتن، حرفتن ۽ سازشن ذريعي ڪن عورتن کي کڻي وڃي ٻاهر وڪيو هجي.

سکر شهر جي ٻاهران، موجوده لوهي پل جي لڳ مٿين پاسي کان ”جند پير“ جي نالي سان هندن جو ڌرمي آستان آهي. اُتي هو زالين مردين درياء ۾ وهنجندا به آهن. اها هن جي ڌرمي رسم آهي، جيڪا اڄ تائين هلي اچي. عورتون جڏهن به وهنجنديون هيون ته ڪپڙن سميت وهنجنديون هيون. البت مرد لڱين اگهاڙا انگوڇون ٻڌي وهنجندا هئا پر مرد ۽ عورتون هڪ ئي هنڌ هڪ ٻئي کان ٿورو پرتي ٿي وهنجندا هئا، ان منظر کي بلخي هن طرح بيان ڪري ٿو.

”هن ملڪ جي هيءَ عجيب و غريب رسم آهي ته عورتون ۽ مرد بنا شرم ۽ حياءَ جي درياءَ جي ڪناري يت سنان ڪندا آهن.“

ڪيڏي نه غلط بياني آهي! مسلمان عورتون ته درياءَ تي وڃي وهنجنديون ئي نه هيون هندو عورتن لاءِ به اها ڳالهه صحيح نه آهي. هو درياءَ تي وهنجنديون ضرور هيون پر اگهاڙيون ٿي نه. هنن کي هيٺ تي انگوڇو ٻڌل هوندو هو ۽ جسم تي ڪو نه ڪو ڪپڙو ضرور هوندو هو. خاص ڳالهه اها به آهي ته ماڻهن ۾ حياءُ هو. اوڏانهن ڪو مرد ماڻهو ويندو ئي ڪو نه هو.

سنڌ ۾ يورپين جي آمد، سڪندر مقدوني کانپوءِ يورپي قومن مان سڀ کان پهريائين بوچرو گيز سامونڊي ڌاڙيلن هندستان جو سامونڊي رستو معلوم ڪري، مشرق جي بي پناهه دولت بيدردي سان ڦرڻ ۽ لٽڻ شروع ڪئي. هن ٺٽي کي به ڦريو لٽيو ۽ پوءِ ان کي باهه ڏني. هي اهو زمانو هو، جڏهن شاهه حسن ارغون کان پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي هئي. بکر تي محمود بکري جي ۽ ٺٽي تي ميرزا عيسى ترخان جي حڪومت هئي.

پورچوگيز سياحن مان ”ڊيوريٽ باريو سا“ پهريون سياح هو، جنهن ”هرمز“ ٻيٽ کان گجرات تائين سامونڊي سفر ڪيو. هن سنڌ بابت به ڪجهه لکيو آهي پر سندس بيان بلڪل غلط آهي. سنه 1612ع ۾ انگيريزن سورت ۾ پهرين ڪوٺي قائم ڪئي. ان کانپوءِ هو جاسوسي ڪرڻ سنڌ ۾ به ايندا رهيا، انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو سامونڊي بندر ”لاهري“ ملن جي قبضي ۾ هو ۽ بندر ۾ انهن جو نائب رهندو هو. مغل نائب انگريز جاسوسن جو آڌرڀاءُ ڪيو، انهيءَ ڪري هنن کي ملڪ ڏسڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ سهولت ملي. ملڪ ڏسي، رابرٽ ۽ پاويل رپورٽ تيار ڪري موڪلي، جنهن ۾ سر رابرٽ ڄاڻايو:

”سنڌ ۾ واپار وڏي فائدي وارو ٿيندو ته ڇاڪاڻ ته مغل حڪومت ۾ سنڌ شاهوڪار ۾ شاهوڪار صوبو آهي“.

ان کانپوءِ 1613ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي طرفان نير جي خريداريءَ لاءِ ”نڪولس وٿنگٽن“ احمد آباد کان سنڌ ۾ آيو. سفر جي دوران هن جيڪي ڏٺو وائٺو، اهو قلمبند ڪيائين. ان ۾ سنڌ بابت ڪجهه مواد ملي ٿو. سنه 1615ع ۾ ”ٽامس رو“ انگلينڊ جي بادشاهه ”جيمس اول“ جو سفير ٿي سنڌ ۾ آهيو. هن ايسٽ انڊيا ڪمپني کي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي، ان ۾ لکيائين:

”مونکي يقيني طور معلوم ٿيو آهي ته سنڌو درياءَ تجارت لاءِ تمام مفيد آهي؛ ڇاڪاڻ جو لاهور کان سنڌ تائين آسانيءَ سان سفر ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي آبهوا صحت بخش آهي ۽ سنڌ جو نير ۽ ٻيون شيون انگلينڊ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿينديون.“

سنه 1635ع ۾ انگريزن ٺٽي ۾ پهرين تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي. هو سنڌ مان ڪپڙو، نير ۽ قلمي شورو خريد ڪري ٻاهر موڪليندا هئا. سنه 1641ع ۾ هڪ پورچوگيز پادري سنڌو درياءَ ذريعي لاهوري کان بکر پهتو. لکي ٿو:

”بکر ۾ باغن جي ڪري ميوو تمام گهڻو آهي ۽ ملڪ ڏاڍو سرسبز ۽ شاداب آهي. هر سال خراسان مان مال سان ڀريل قافلا هتي اچن ٿا“.

سندس سفرنامو سنه 1643ع ۾ ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو.

ان کانپوءِ نڪولس مونوچي سنڌ ۾ آيو. ان جو ڏنل احوال هتي الڳ ڏجي ٿو.

سنه 1699ع ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ اسڪاٽلينڊ جو سياح ۽ واپاري ڪيپٽن اليگزينڊر هئملٽن سنڌ ۾ آيو. ان جو سفرنامو ”نيو اڪائونٽ آف اسٽڊيز“ سنه 1627ع ۾ ايڊنبرگ ۾ ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو. هن ٺٽي جي علم ۽ تعليم بابت لکيو آهي:

”ٺٽو شهر دينيات، لسانيات ۽ علم سياست جي تعليم ۽ تدريس جي سلسلي ۾ خاص شهرت رکي ٿو. هتي چار سؤ ڪاليج آهن، جتي شاگردن کي انهن علمن جي تعليم ڏني وڃي ٿي“.

سنه 1748ع ۾ هڪ انگريز ڪيپٽن ڪوڪ ٺٽي ۾ آيو ۽ هتي ئي فوت ٿيو. سندس قبر مڪلي تي آهي. ٽالپوري دور ۾ به ٺٽي ۽ شاهبندر ۾ انگريزن جون ڪوٺيون قائم هيون، انهن ڏينهن آ۾ هڪ وڏو مڪار بمبئي سول سروس جو عملدار ”ناٿن ڪرو“ سنڌ ۾ آيو. هن خط ۾ ڪمپني کي سنڌ جو احوال لکي موڪليو پوءِ به ڪيترا انگريز ايندا رهيا.

نڪولاس منوچي: هي دارا جو وفادار ملازم هو ۽ توبچي هو، ان سان گڏ حڪمت به ڪجهه قدر ڄاڻندو هو. اصل اطالوي هو ۽ وينس جو رهاڪو هو. هو جڏهن يورپ کان هندستان آيو ته سنڌ جي سامونڊي بندر تان لنگهيو. بعد ۾ جڏهن دارا ۽ اورنگ زيب جي لڙائي دوران، دارا جا ٻار ٻچا ۽ وفادار ماڻهو بکر جي قلعي ۾ اچي رهيا ته هي به انهن سان گڏ بکر ۾ هو. هندستان ۾ گهڻو وقت رهڻ کانپوءِ هن پنهنجي سفر جو احوال ۽ مشاهدا ڪتاب جي صورت ۾ قلمبند ڪيا، جنهن کي هن ”سٽوريا ڊوموگو“ نالو ڏنو. پيش لفظ ۾ هو لکي ٿو، ته ”مان جيڪي ڪجهه لکندس، ان ۾ مبالغي کي ڪو به دخل نه هوندو، ڇاڪاڻ ته ان کي مان گناهه سمجهان ٿو“. ٿي سگهي ٿو ته هو غلط بياني نه ڪندو هجي پر سندس بيان ۾ سندس مذهبي عقيدن، طبعي رجحانن ۽ ذاتي پسند ناپسند، ذهني ڪيفيت ۽ پنهنجي ملڪ جي ثقافتي قدرن کي ضرور دخل آهي.

سندس ڪتاب ۾ مغل حڪومت جي سياسي ڳالهين، انتظامي امور، مذهبي لاڙن، لڙاين ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جو احوال ملي ٿو. سندس ڪتاب ضخيم آهي ۽ ٽن حصن تي مشتمل آهي. پيش لفظ ۾ پاڻ لکيو اٿس:

”مان سفرنامي کي ٽن حصن ـــ پهرين حصي کي ٻن مقالن ۾ ورهايان ٿو. پهرين مقالي ۾ وينس کان هلي دهليءَ تائين پهچڻ جا حالات درج آهن. ٻئي مقالي ۾ مغل بادشاهن جا حالات، اورنگزيب جي تخت نشيني ۽ ان جي ڀائرن جي قتل جو م ختصر احوال درج ڪيو ويندو، ٻئي حصي ۾ اورنگزيب جي تخت نشيني ۽ ان جي ڀائرن جي قتل جو مختصر احوال درج ڪيو ويندو. ٻئي حصي ۾ اورنگزيب جي فتحن، جنگين ۽ سندس ڪاميابي جو ذڪر هوندو. ٽين حصي ۾ مغل بادشاهت جي سياست، هندستان جي راجائن ۽ مهاراجائن جي شان و شوڪت ۽ ملڪ جي محصول جو ڪجهه ذڪر هوندو. ڪن ٻين ڳالهين ۽ هندستان جي مذهب بابت آخر ۾ ڪجهه لکندس“. (34).

ڪتاب جي پهرين حصي ۾ هن سنڌ جو احوال به آندو آهي. هو 14 سالن جي عمر ۾ 1651ع ۾ سامونڊي ٻيڙي تي چڙهي هندستان روانو ٿيو. هو 15- ڊسمبر تي بندر عباس کان روانو ٿي، 12 ڏينهن سفر ڪري، سنڌ جي سامونڊي بندر تي پهتو، جنهن کي هو ”سنڌي بندر“ سڏي ٿو. سندس اشارو مشهور بندر ”لاهري“ ڏانهن آهي، جنهن جو ذڪر ابن بطوطه ۽ ٻين سياحن به ڪيو آهي؛ هو سنڌو درياهه جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

”هتي ”سنڌ بندر“ تي اسان جي جهاز لنگر هنيو، اسان سڄي رات درياءُ جي اوڀارين طرف هلي، هڪ هنڌ پهتاسين، جيڪو سمنڊ کان ٻارهن ڪلاڪن جي پنڌ تي واقع آهي.“

هي تمام وڏو درياءُ آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌو دريائن جي ميلاپ سان بڻجي ٿو؛ جيڪي ملڪ جي اندروني حصي ۾ ان ۾ اچي ملن ٿا، هتي مون ڪيتريون ئي عربي ۽ فارسي ٻيڙيون ڏٺيون، جيڪي کارڪون، گهوڙا، جواهرات، موتي، خوشبويون کؤنر ”سنا“ جا پن، حجراليهود وغيره شيون مڪي (شريف) ۽ ٻين هنڌن تان آڻين ٿيون. ان جي بدران هتان ڪاري ۽ اڇي کنڊ، گيهه، زيتون جو تيل، ناريل جو تيل وغيره کڻي وڃن ٿيون. ان کان سواءِ هتي جا ماڻهو اڇي ململ ۽ ڇيٽ وغيره به تيار ڪن ٿا. اهو مال به هتان ٻاهر وڃي ٿو. شهر (سنڌي/لاهري بندر) ۾ ٽي ننڍا ڪارخانا (واپار جون ڪوٺيون) آهن. هڪ انگريز جو، ٻيو ولنديزين جو ۽ ٽيون پورچوگيزن جو. هڪ پيرين اگهاڙو ڪارمليت پادري به هڪ ننڍي جهوپڙي ۾ رهي ٿو، پر اڄ ڪلهه (1698ع- 1699ع ۾ جڏهن هن ڪتاب ٿي لکيو) يورپين مان ڪو به هتي ڪو نه ٿو رهي. سنڌڏ جو دارالسلطنت ٺٽو آهي، جتي هن صوبي جو حاڪم رهي ٿو. اهو هن شهر کان ٻارهن فرسنگ اندر آهي“.

هنن جو جهاز سنڌي لاهري بندر تان هلي 12- جنوري 1653ع تي اچي سورت بندر تي لنگر انداز ٿيو. اُتي هن کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي گورنر شاهجهان بادشاهه کي خط لکيو، جنهن ۾ ڄاڻايائين:

”مان جهان پناهه کي ملڪ جي خوشحاليءَ تي مبارڪ باد ڏيان ٿو؛ جنهن تي اوهان وڏي انصاف ۽ عقلمندي سان حڪومت ڪري رهيا آهيو. اهڙو عدل ۽ انصاف نه ڪنهن ڏٺو، نه ٻڌو. ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙو امن امان نه رهيو آهي. جهڙو هندستان جي سلطنت ۾ آهي. مان روزانو ملڪ ۾ پڙهو ڏياريندو آهيان، ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪابه تڪليف هجي يا شڪايت هجي، ته اهو چي شاهي حضور ۾ پيش ڪري سگهي ٿو. پر ڪيترن مهينن گذرڻ کانپوءِ به اهڙي شڪايت نه ايندي آهي“ ڪيڏي نه غلط بياني آهي، تاريخ مظهر شاهجهاني، مغل گورنرن ۽ انهن جي اميرن جي ظلم، ڏاڍ ۽ انسانيت سوز حرڪتن سان ڀري پيئي آهي. هي ڪتاب اها رپورٽ آهي، جيڪا هڪ ڌاري، پر سنڌ ۾ آباد ٿيل فرد جي لکيل آهي. هن جو پيءُ ۽ ڀائر به مغلن جي حڪومت ۾ سنڌ جي مختلف پرڳڻن تي گورنر ٿي رهيا. هي پاڻ سيوهڻ ۾ رهندو هو ۽ سنڌي به نه هو، پر هن سنڌ جي ماڻهن تي مغل گورنرن طرفان ٿيندڙ ظلم ڏٺا ۽ ٻڌائي ته تڙپي اٿيو. هن انهن ظلمن جو داستان هڪ ڪتاب ۾ لکيو، جيڪو بادشاهه تائين پهچائڻ لاءِ روانو ٿيو، پر اميرن ۽ گورنرن جي سازشن سبب بادشاهه تائين پهچي نه سگهيو. اهو ڪتاب هينئر ڇپجي منظر عام تي آيو آهي.

مٿئين خط مان معلوم ٿئي ٿو ته مغل گورنر هيڏانهن ههڙا ڪيس ڪلور ڪندا هئا ۽ هوڏانهن بادشاهه کي لکي موڪليندا هئا ته ملڪ ريئان کيئان آهي، امن امان آهي ۽ شينهن ٻڪري گڏ ٿا چرن – ائين به ڪندا هئا ته هو پنهنجي خطن ۾ اهڙيون هٿرادو ٺهيل ڳالهيون به لکندا هئا، جيڪي بادشاهه کي حيرت ۾ وجهن، ته جيئن خط ۾ خبريت پيدا ٿئي ۽ بادشاهه کي خبر پئي ته سندن گورنر ملڪ جي حالتن کان باخبر رهن ٿا – هتي ذڪر ڪيل خط ۾ به اهڙي ئي حيرت ۾ وجهندڙ خبر آهي، جيڪا سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي وئي، اهو ئي سبب آهي جو منوچي به سورت ۾ ان خط جو چؤٻول ٻڌو. اها جڙتو خبر هيءَ آهي:

”مگر داين مون کي ٻڌايو آيه ته هڪ نون سالن جي ڇوڪري کي هڪ ٻار ڄائو آهي“.

اهو ظاهر ڪري ٿو ته مغل گورنرن سنڌين کي ڦريندا لٽيندا ۽ ماريندا به هئا ته انهن ڪوڙيون تهمتون به رکندا هئا. هيءَ خبر به سنڌين کي بدنام ڪرڻ جي هڪ ڪڙي آهي. افسوس، اهو آهي، ته بادشاهه ۽ ان جا ماڻهو تعجب ۾ ته ضرور پيا، پر ان خبر کي سچو سمجهيائون. ائين به ڪو نه سوچيائون ته ستن – اٺن سالن جي ڇوڪريءَ کي پيٽ ٿيڻ ممڪن به آهي يا نه؟

خبر جو افسوسناڪ پهلو هي آهي ته بادشاهه حڪم ڏنو ته ان ٻار کي درٻار ۾ موڪليو وڃي، جتي هن جو نالو ”اول دوست“ رکيو ويو، جڏهن هو بالغ ٿيو، تڏهن بادشاهه ان کي شاهي محل ۾ چراغن جو ڪم سپرد ڪيو. يعني بادشاهه، جڏهن گورنر کي ٻار موڪلڻ لاءِ چيو، تڏهن هن ڪنهن جو ٻار کسي موڪلي ڏنو ۽ اهو به لکي موڪليو ته اهو ٻار هڪ چاڪيءَ کي ڄائو هو.

منوچي، اهو احوال تفصيل سان لکيو آهي، جڏهن هو  دارا جي ٻارن ٻچن ۽ وفادار سپاهين سان گڏ بکر جي قلعي ۾ رهيل هو. هن احوال جو تعلق جيئن ته سنڌ جي رهڻي ڪهڻي سان نه آهي پر دارا ۽ اورنگزيب جي لڙاين سان آهي؛ تنهن ڪري هتي ڏيڻ طوالت جو باعث ٿيندو. البت ايترو ذڪر ڪرڻ ضروري آيه ته جڏهن دارا جو لشڪر بکر جي قليع ۾ قلعبند هو، تڏهن بکر ۾ شين جي آمد بند ٿي وئي هئي ۽ کاڌي جي شين جي اڻاٺ سبب اهي ڏاڍيون مهانگيون ٿي ويون هيون. منوچي لکي ٿو:

”قلعو (بکر جو قلعو) خالي ڪرڻ کان ٻه ڏينهن اڳ مون ٻه گابا ڇهين سئين رپين خريد ڪيا هئا؛ هڪ آئونس مکڻ هڪ روپئي ۾ ۽ ڪڪڙ جو چوزو تيرهن رپين ۾ خريد ڪيو هو.“

منوچي، ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ ٺٽي جي مغل گورنر عزت بيگ جي هڪ شرمناڪ حرڪت جو احوال ڏنو آهي. هن واقعو بيان ڪرڻ کان اڳ اهو به ڄاڻايو آيه ته هو عزت بيگ جي واقعن کان بخوبي واقف هو، ان متعلق لکي ٿو:

”هي نواب عورتن جو ڏاڍو شايق هو ۽ جنهن کي چاهيندو هو، پنهنجي بي شمارو دولت ۽ طاقت جي وسيلي حاصل ڪندو هو پر ان تي به قانع نه رهيو ۽ هڪ ڀيرو ٺٽي جي هڪ رهاڪو جي نياڻي تي عاشق ٿي پيو.“

ان کان پوءِ ڄاڻايو اٿس، ته هن ڌوتين جي ذريعي ان ڇوڪريءَ کي ريهي ريبي راضي ڪرڻ جي ڪوش ڪئي. ڇوڪري نهايت نيڪ هئي. هن پنهنجي پيءَ سان ڳالهه ڪئي. آخر هڪ رٿ رٿي، نواب کي چوائي موڪليو ويو ته هو ڇوڪري جي گهر رات جو زنانو لباس پائي اچي. ان کانپوءِ ڇوڪريءَ جي والد سٽ سٽي، نواب کي ڪوٺيءَ ۾ کڻي بند ڪيو ۽ سندس خوب خبر ورتي. ٻئي ڏينهن تي جڏهن درٻاري نواب جي گم ٿي وڃڻ جي ڪري، تشويش ۾ هئا. تڏهن انهن کي وٺي اچي ڪوٺيءَ جو در کولي کين نواب جو درشن ڪرايائين. ماڻهن جڏهن هڪ ڏاڙيءَ واري ماڻهوءَ کي زناني لباس ۾ ڏٺو ته حيرت ۾ پئجي ويا – نواب شرمساري وچان منهن ويڙهي پالڪيءَ ۾ چڙهي محل ۾ پهتو. ان کانپوءِ هو بيماريءَ جو بهانو ڪري اندر ويهي رهيو ۽ ٻاهر نه نڪتو. جڏهن اورنگزيب کي ان واقعي جي خبر پيئي، تڏهن هن کي لکي موڪليو، ته نواب کان عهدو ۽ مرتبو کسي، پيرين پيادو فوج جي حفاظت ۾ دهليءَ پهچايو وڃي.“ پر تمام گهڻن دوستن جي سفارش تي ان ۾ اها تبديلي ڪئي وئي ته کيس پيرين پيادي جي بدران گهوڙي تي چاڙهي لاهور آندو وڃي ۽ باقي زندگي گم نامي ۾ لاهور ۾ گذاري، منوچي لکي ٿو، ته ائين ٿيو.

هي هڪ واقعو ثابت ڪري ٿو، ته مغل حڪومت جي زماني ۾ مغلن جا گورنر سنڌ جي ماڻهن سان ڪيڏا ظلم ڪندا هئا!

منوچي، بکر جي قلعي بابت لکيو آهي:

”هي هڪ مضبوط قلعو آهي، ان جي وچ ۾ هڪ برج آهي، جنهن مان درياءُ جو نظارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو.“

بلگرامي سادات سنڌ ۾: مغلن جي ڏينهن ۾ علاه عبدالجليل بلگرامي (وفات 1713ع) بکر ۽ سيوستان جي بخش گري ۽ وقائع نويسي جي عهدي تي مقرر ٿي 4- رجب 1117هه (آڪٽوبر 1705ع) ۾ بکر پهتو. اورنگ زيب جي وفات کان پوءِ به هو انهيءَ عهدي تي رهيو. بادشاهه فرخ سير جي زماني ۾ صوبه بکر جي جتوئي پرڳڻي (شڪارپور وارو علائقو ) ۾ بقول علامه عبدالجليل مصري ڳڙن جهڙو مٺو ڳڙو وسيو. علامه مرحوم انهي واقعي کي هڪ رباعي ۾ منظوم ڪري، وقائع جي رجسٽر ۾ شامل ڪري، شاهي درٻار م موڪليو. رباعي هن طرح آهي:

فرح سير ان شهنشہ بابرڪات

چرخ از ادب او شده شيرين حرڪات

در سنده زيمن عهد عشرت مهدش

بار بد سحاب ريزه، قندو نبات.

بلگرامي سادات خاندان مان مير غلام علي آزاد بلگرامي (وفات 1786ع) به سيوستان ۽ بکر ۾ واقع نويس ٿي رهيو. هن پنهنجي ڪتاب ”ماٿر الاڪرام“ (35) ۾ سنڌ جي ڪن بزرگن جهڙوڪ: حضرت قلندر شهباز، شيخ محمد حيات سنڌي (جيڪو سندس استاد هو) ۽ شيخ مبارڪ ابوالفضل ۽ فيضي جو احوال آندو آهي. ٻين ڪتابن ۾ آيو آهي، ته شيخ مبارڪ (ابوالفضل ۽ فيضي جو والد) جا وڏوا سيوهڻ جي پسگردائيءَ ۾ ”ريل“ ۾ رهندا هئا.

”ماثرالاڪرام“ ۾ ”ريل“ بدران ”اهل“ لکيل آهي، منهنجي خيال م اها ڪتابت جي غلطي آهي. لطيف الله سورتي: سنه 1838ع ۾ هڪ انگريز عملدار ”ڪئپٽن ايسٽ وڪ“ سنڌ ۾ آيو. ساڻس گڏ سندس هڪ مسلمان منشي لطف الله سورتي به هو. هن پنهنجي سفرنامي ۾ سنڌ جو احوال آندو آهي. شڪارپور لڳ ”سنڌ واهه“ تي لڳندڙ ميلي جو احوال بيان ڪندي لکي ٿو:

”سنڌ واهه تي هڪ وڏو ميلو لڳندو آهي. آءٌ اهو ميلو ڏسڻ ويس، ميلي تي تمام وڏي تعداد ۾ ماڻهو آيل هئا، جن ۾ مرد به هئا، ته عورتون به هتي، مون کي پهريون ڀيرو سنڌي هندو سندرين کي بنا پردي ڏسڻ جو موقعو مليو، آءُ بنا هٻڪ جي چوان ٿو ته هنن مان ڪيتريون برطانيه جي پري چهرن سان به مقابلو ڪري سگهن ٿيون. هر طرح خوشي ۽ مسرت جي ڌم هئي. هڪ پاسي ڏٺم ته ميڙ ۾ هڪ ڊگهي اڇي ڏاڙهيءَ وارو پيرسن سنڌي، تنبوري جي سرن تي وجد جي حالت ۾ نچي ۽ ڳائي رهيو هو. تنبورو هڪ نوجوان هندو سندري وڄائي رهي هئي؛ ۽ وقت به وقت ان پير مرد جي گيتن ۾ پنهنجي سريلي ۽ مٺي آواز سان آواز ملائي، سندس سر ۾ سر جهلائي رهي هئي.

انگريز: ٽالپرن جي دور ۾ ڪيترائي انگريز سنڌ ۾ آيا ۽ پنهنجن ڪتابن ۾ سنڌ جو احوال تفصيل سان لکيائون. انهن مان ميسن، سر اليگزينڊر برنس، هينري واٽر بيلو، ڪيپٽن ڊيوڊسن، هينري پاٽينجر، جيمس برنس، چارلس ميسن، آرٿر ڪولوني، اليگزينڊر برنس، ڪيپٽن ايسٽ وڪ، ڪيپٽن لينو پولڊ، ميجر وليم نيپيئر، ميجر آئو ٽرام، چارلس ڊلڪي، رچرڊ برٽن وغيره، هتي انهن جي احوال جو جائزو ورتو ويندو ته مضمون تمام طويل ٿي ويندو. اهو جائزو مون جدا مقالي بعنوان ”سنڌ – مغربي ليکڪن ۽ سياحن جي نظر ۾“ ڏنو آهي. جيڪو سه ماهي مهراڻ سال 1979ع جي نمبر 3 ۽ 4 ۾ ڇپيو آهي.

حوالا

بحواله مقالو: منصوره جون علمي ۽ اقتصادي حالتون، از: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پريت پبليڪيشن جو ٽيون ڪتاب، مارچ 1983ع، ص 14.

ابو ريحان البيروني: ڪتاب الهند، اردو ترجمو از سيد اصغر علي، انجمن ترقي (هند) دهلي 1941ع، جلد اول، ص 273.

ايضاً، ص 348.

ايضاً، ص 271 – 272.

غرة الزيجات: بجيا نند، عربي ترجمه: ابو ريحان البيروني، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، سال 1973ع، انگريزي ۾ مهاڳ (Preface) لکيل: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 41.

هشت بهشت، اردو ترجمو، لاهور، ص 51.

ايضاً، ص 192.

سفر نامه ابن بطوطه، اردو ترجمه، نفيس اڪيڊمي ڪراچي، 1961ع ص 481.

ايضاً، ص 485.

ايضاً، ص 485.

ايضاً، ص 486.

ايضاً.

ايضاً.

ايضاً، ص 49.

 ايضاً، ص،. 49- سنڌي ترجمو، از محمد ابراهيم عباسي سنڌي ادبي بورڊ، سال 1976ع، ص 15.

 اردو ترجمه، ص 491، سنڌي ترجمو ص 16.

 پير حسام الدين راشدي: ڏهين صدي هجري جي سنڌ (سيدي علي رئيس جي سفرنامي جو سنڌي ترجمو)، شايع ٿيل، سه ماهي مهراڻ، سال 1971ع، ص 1 کان 4.

 ايضاً، ص 6.

 ايضاً، ص 6

 ايضاً، ص 7

 ايضاً، ص 7

 ايضاً

 ايضاً

 ايضاً

 ايضاً، ص 9

 ايضاً.

 محمود بن امير ولي بلخي: بحرالاسرار، مرتب: ڊاڪٽر رياض الاسلام، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچي يونيورسٽي. 1980، ص 95.

 ايضاً

 ايضاً، ص 96

 ايضاً، ص 97

 ايضاً 97996.

 ايضاً، ص 97

 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: مقالو: سنڌ – مغربي ليکڪن ۽ سياحن جي نظر ۾، سه ماهي مهراڻ سال 1979ع ص 243. ص 109 کان 114

 نڪولاس منوچي: اسٽوريا ڊوموگر، اردو ترجمو؛ ملڪ راج.

 مير غلام علي آزاد بلگرامي، ماثر الڪرام اردو ترجمو، دارالمصنفين، ڪراچي، 1983ع.


[1]   هيءَ ”وڳهه ڪوٽ“ جي بگڙيل صورت معلوم ٿئي ٿي. ڊاڪٽر دائود پوٽه، تعليقات معصومي (ص 294) ۾ ڪزنس (ص 123) جي حوالي سان لکيو آهي ته رڻ ڪڇ ۾ جڏهن پاڻي هو، تڏهن ٻيڙيون هلنديون هيون ۽ ان وقت ”وڳهه ڪوٽ“ بندر هو.

* جوڻ ۽ فتح باغ، ماتليءَ جي ويجهو قديم شهر هئا. انهن جا آثار اڄ به موجود آهن. هن شهر ميرزا شاهه حسن، همايون کي سنڌ مان هڪالي ڪڍڻ جي خوشيءَ ۾ ٻڌرايا هئا.

[2]  اها ڳالهه غلط آهي. منصوره جدا شهر هو، جيڪو عربن آباد ڪيو هو. البته تاريخ ۾ آيو آهي، ته بکر جو قديم نالو ”فرشته“ هو.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 \
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com