اتفاق
[اِنشائيه]
حليم بروهي
زندگي گذارڻ جا ٻه طريقا آهن- هڪڙو طريقو آهي ته سنئون سڌو بلڪل
نڪ سامهون هلبو هلجي ۽ پوءِ جنهن ڏينهن حياتي پوري
ٿئي، تنهن ڏينهن دنيا مان هليو وڃجي. اسان سڀيئي
گهڻو ڪري اهڙي زندگي گذاريندا آهيون ۽ نڪ سامهون
سڌو هلندا آهيون، اسان کاٻي ساڄي نه ڏسندا آهيون ۽
جيڪڏهن اسان جي سامهون ڪا اهڙي شئي يا ڳالهه آئي
جا اسان جي سڌو سامهون هلڻ ۾ اٽڪاءَ وجهي ته اسان
اها شئي يا ڳالهه فقط هڪڙي ٽوڪري ۾ ڦٽي ڪير وري
اڳتي هلڻ شروع ڪندا آهيون ته اسان ڪٿي ترسياسين به
نه، اٽڪياسين به نه، ۽ بلڪل سڌو هڪ سڌي ۽ سادي
زندگي گذاري آياسين، اُن آخري نقطي تي به اسان اهو
نه ڏسندا آهيون ته اُن ٽوڪري ۾ اسان ڪهڙيون شيون ۽
ڪهڙيون ڳالهيون ڦٽي ڪندا آياسين، ۽ اها ٽوڪري ڦٽي
ڪرڻ وقت ڪيتري ڀريل هئي. اڄ به اسان جيڪڏهن ٿورو
ترسي ڏسون ته اسان انهي ٽوڪري ۾ ڪهڙيون ڳالهيون
ڦٽي ڪيون آهن ته اسان ٿورڙو حيرت ۾ ضرور پونداسين.
اسان ڏسنداسين ته انهي ٽوڪري ۾ اسان فقط اهو ڪجهه
ڦٽي ڪندا آيا آهيون، جن کي اسان اتفاق يا اتفاقي
ڳالهه يا حادثو، يا ايڪسيڊنٽ چئي رد ڪري ڦٽي ڪيو
هو، ٻيو ڪجهه اسان کي حيرت ۾ وجهي يا نه، اها
ڳالهه اسان کي ضرور حيرت ۾ وجهندي ته اسان جي
زندگي ۾ واقعن ۽ حقيقتن جو هڪ وڏو انبوهه هو، هڪ
وڏو هُجوم هو، جنهن کي اسان اتفاق يا ائڪسيڊنٽ چئي
غير اهم سمجهي، ان نوڪري ۾ ڦٽي ڪيو هو، اها عجيب
ڳالهه آهي ته هن ڪائنات جو هي بي انت ڪارخانو جنهن
۾ اسان جي ڌرتي جهڙا هزارين لکين گره ۽ تارا آهن،
جنهن ۾ اسان جي سج واري نظام جهڙا بي شمار نظام
آهن، جنهن ۾
GALAXIES
جي تعداد جو به ڪو اندازو ناهي ۽ جنهن ۾ ڪائناتن
جي تعداد جي به ڪا حد ناهي، تنهن ڪائنات جي بي انت
ڪارخاني ۾ ڪا ڳالهه اتفاقي يا حادثاتي طرح به ٿي
سگهي ٿي، يا ڪو اتفاق يا حادثو به ٿي سگهي ٿو، يا
ڪا اهڙي ڳالهه به ٿي سگهي ٿي، جنهن کي اتفاق يا
حادثو چئي سگهجي. يا ڪابه اهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي،
جنهن جي ڪابه اهميت نه هجي، جيڪڏهن اهي اتفاق جيڪي
اسان جي زندگي ۾ ٿين ٿا – جيڪڏهن اهي اتفاق سچ پچ
غير اهم ۽ نسورا اتفاق آهن ته پوءِ اسان پنهنجي
فردي حيثيت ۾ سچ پچ اهڙا اهم چئباسين جو اتفاقن
جهڙين غير اهم ڳالهين لاءِ به اسان جي زندگي ۾
گنجائش رکيل آهي پر جيڪڏهن اسان سچ پچ اهم آهيون
ته پوءِ اهي غير اهم اتفاق اسان جي اهم زندگي ۾
ٿيڻ ئي نه گهرجن، ڳالهه ٽارڻ لاءِ اسان اهو به چئي
ويندا آهيون ته اسان جي پنهنجي زندگي به فقط هڪ
اتفاق آهي ۽ اهو چئي اسان هڪ وڌيڪ اتفاق اُن
ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي ڪندا آيهون، جا اڳيئي اسانجن ڦٽي
ڪيل اتفاقن سان ڀريل آهي.
اسان تڪڙا تيار ٿي گهران نڪري ڊوڙي بس ۾ ويهون ٿا ۽ بس ۾ اسان
کي اوچتو ياد ٿو اچي ته جنهن ۾ ڪم لاءِ اسان تڪڙا
نڪري اچي بس ۾ ويٺا آهيون، تنهن ڪم وارا ڪاغذ ته
گهر رهجي ويا آهن، اسان بس مان لهي موٽي گهر اچون
ٿا ۽ ڪاغذ کڻي وري تڪڙا روانا ٿيون ٿا ۽ ائين اسان
جو ڪلاڪ اڌ ضايع ٿي وڃي ٿو، انهي واقعي کي اسان
”اتفاق“ چئي يا ”انهي ۾ به ڪا ڀلائي آهي“ چئي
ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪري اڳتي نڪ سامهون هلڻ لڳون ٿا، اسان
ڏسون ٿا ته مس ختم ٿي وئي يا بال پين خالي ٿي وئي
۽ اسان کي مجبورن مس يا بال پين هٿ ڪرڻ لاءِ ڏهه
پندرهن منٽ ضايع ڪرڻا ٿا پون، يا مُرڳو ڪم بند ڪري
ٻئي وقت تي رکڻو ٿو پئي، انهي واقعي کي به اسان
”اتفاق“ يا ”انهيءَ ۾ به ڪا ڀلائي آهي“ چئي
ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ڪري اڳتي سڌو نڪ سامهو وڌون ٿا.
ٽيبل ڪرسي تي ويهي لکپڙهه ڪندي اسان جي ميز تان،
يا اسان جي هٿ مان، قلم يا پنو ڪريو پئي ۽ اهو
کڻندي اسان پنهنجا چار پنج سيڪنڊ ضايع ڪريون ٿا ۽
انهي ڳالهه کي به آسان ”اتفاق“ ۽ انهيءَ ۾ به ڪا
ڀلائي آهي“ چئي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪري اڃا به پنهنجي نڪ
سامهون سڌا ۽ بلڪل سڌا هلندا هلون ٿا.
هاڻي ڳالهه آهي سوچڻ جي ته جنهن نظام ۾ ڪنهن سج جو، ڪنهن چنڊ
جو، ڪنهن تاري يا گرهه جو ڪڏهن ڪو هڪ سيڪنڊ به
اتفاق سان ضايع يا هيٺ مٿي نٿو ٿئي، جنهن نظام ۾
هئڊروجن جا ٻه موليڪيول ۽ اوڪسيجن جو هڪ موليڪيول
گڏجي هميشہ ۽ سدائين پاڻي جو هڪ جزو ٺاهيندا آهن ۽
ڪڏهن به ڪو اهڙو اتفاق نٿو ٿئي جو هئڊروجن جا ٻه
جزا ۽ اوڪسيجن جو هڪ جزو گڏجي پاڻي بدران اتفاق
سان ڪنهن شربت جو هڪ جزو يا ڪنهن ائسڊ جا ٻه جزا
ٺاهين، جنهن نظام ۾ سج ۽ روشني جي رفتار ساڳي ۽
سدائين ساڳي رهي ٿي ۽ هڪ سيڪنڊ يا هڪ رتي جو تفاوت
ڪڏهن اتفاق سان به نٿو ٿئي ۽ جنهن نظام ۾ ڪنهن
ننڍي پُرزي جي چرپر ۾ به انتها ننڍڙي ڦير ڦار لاءِ
به اهڙو ٺوس اصولي سبب آهي، جنهن تي آڱر رکي چئي
سگهجي ٿو ته اهو آهي ان ڦير ڦار جو سبب تنهن نظام
۾ اهو بلڪل ناممڪن آهي ته اسان جو يا اوهان جو
ڪلاڪ اڌ يا ٻه چار سيڪنڊ به فقط اتفاق سان هيٺ مٿي
ٿي ويندا هجن.
جنهن نظام ۾ هزارين لکين ميلن جي مسافري کانپوءِ به سج جي رفتار
۾ فٽ اڌ فٽ جو تفاوت نٿو اچي، تنهن نظام ۾ بلڪل
ناممڪن آهي ته اهو فقط اتفاق هجي، جنهن تي اسان جي
يا اوهان جي وقت جو ڪو به حصو اهڙي اجائي طرح
قربان ٿي ويندو هجي جو ڪائنات ان قرباني جو ليکو
به نه ليکي. مُندن جي ڦيري سان سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ
واري وقت جي ڦير واري هر هڪ سيڪنڊ لاءِ اهڙو سبب
آهي، جنهن جي حوالي سان ٻڌائي سگهجي ٿو ته سڀاڻي
سج اڄوڪي وقت کان ايترا سيڪنڊ جلد يا دير سان
اڀرندو يا لهندو ۽ پاڻ پنهنجي معاملي ۾ آسان
پنهنجي سموري سڄي زندگي جي هر هڪ پل يا گهڙي جي
هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃڻ کان اتفاق چئي ٽوڪري ۾ ڦٽو
ڪري اڳتي سڌو سامهون وڌي ويندا آهيون.
صاف ثابت آهي ته جا ڳالهه اسان جي ذهني سطح کان مٿي آهي، تنهن
کي اسان اتفاق چوندا آهيون.
ڪنهن دوست ساٿي سان ڪٿي اتفاق سان ملڻ، فقط اتفاق سان ڪنهن کي
ڏسي وٺڻ، فقط اتفاق سان دير ٿي وڃڻ، فقط اتفاق سان
ڪنهن هنڌ وقت کان اڳ پهچي وڃڻ، فقط اتفاق سان ريل
نڪري وڃڻ ۽ بس کي به نه پهچي سگهڻ، فقط اتفاق سان
گاڏي جو ٽڪرجي پوڻ ۽ اتفاق سان ڪنهن جو بچي وڃڻ يا
نه بچڻ، انهن ۽ اهڙين ڳالهين کي اتفاق چوڻ ته ٺيڪ
آهي پر انهن کي سچ پچ اتفاق سمجهڻ غلط آهي، انهن ۾
معنائون، مطلب ۽ مقصد آهن، انهن جي ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ
جا سبب آهن ۽ انهن ۾ اشارا آهن، انهن لاءِ جيڪي
زندگي ٻئي طريقي سان گذاريندا آهن، انهن لاءِ جيڪي
اڳتي سڌو هلندي ساڄي ۽ کاٻي پاسي به ڏسندا هلندا
آهن.
اسان ياد ڪريون ته جنهن سان اسان ڪڏهن اتفاق سان مليا هئاسين،
يا جنهنکي اسان ڪٿي اتفاق سان ڏٺو هو، يا جيڪي
ڪاغذ اسان ڪڏهن اتفاق سان گهر وساري ويا هئاسين،
يا ڪلاڪ اڌ جيڪو اسان جو اتفاق سان ضايع ٿيو هو ۽
جن سڀني ڳالهين کي اسان ڪڏهن اتفاق سمجهيو هو ۽
وساري ڇڏيو هو ۽ جيڪڏهن اسان ياد ڪريون ته انهن
سڀني اتفاقن وارين ڳالهين جو اثر ڇا ٿيو هو ۽
نتيجو ڇا نڪتو هو، ته اسان اتفاقن کي اتفاق چوڻ به
ڇڏي ڏينداسين.
اسان جي زندگي ۾ سڀ کان اهم ڳالهيون اُهي آهن، جن کي اسان اتفاق
سمجهي پاسيرو ڪري ڇڏيندا آهيون.
تبصرا
• ادب ۾ سياسي ۽ سماجي مقصد جو اظهار ادب جي اهميت کي نٿو
گهٽائي، ائين به صحيح آهي ته ادب جي پرک اول ادبي
آهي ۽ پوءِ سياسي ۽ سماجي، ائين به صحيح آهي ته
ادبي تخليق نه اخباري مراسلو آهي نه ڪالم، پر پوءِ
به ادبي تخليق جي سياسي ۽ سماجي افاديت تي مون کي
ڪو ئي اعتراض نظر نٿو اچي، جي ادب هر لطيف فن
وانگر حسن جي علاش آهي ته ان طلاش جي دائري کان
سماج ۽ سياست کي ڇو ٻاهر رکيو وڃي؟ آخر هر عظيم
سياسي ۽ سماجي ادب ۾ سياست ۽ سماج جو هڪ تصور آهي،
جو ان جي خالق جي نظر ۾ تاج محل تي تروري وانگر
بکندو آهي.
-- شيخ اياز
|