سماجي لسانيات، (تعارف ۽ مقصد)
ڊاڪٽر غلام علي الانا
انسان، انسانيت ۽ انسان شناسي
(Humanities)
جي باري ۾ ڪيل مطالعي جو رڪارڊ هر دور ۾ ملي ٿو،
چاهي اهو مطالعو پٿر واري دور جي انسان جي باري ۾
هجي يا تاريخ کان اڳ واري دور يا تايرخي دور جي
انسان جو هجي ۽ يا اهو مطالعو چاهي اڄ جي همعصر
دوري واري انسان جي باري ۾ هجي، انهي سلسلي جو
مطالعو، انسان شناسيءَ جي مطالعي ۽ تجزئي جو موضوع
پڻ رهيو آهي، البت اهڙي مطالعي ۽ تجزئي جا ماپ ۽
ماڻا هر دور ۾ جدا جدا رهاي آهن. آرڪيالاجيءَ جا
ماهر اُن مواد جو تجزيو پنهنجي موضوع ۽ مضمون جي
لحاظ کان ڪندا آهن، علم بشريات جا ماهر پنهنجا ماڻ
۽ ماپا استعمال ڪندا آهن ۽ لسانيات جي ماهرن جي
نظر ۾ سماجي لسانيات
(socio-linguistics)
جي مطالعي ۽ تجزئي سان هن مسئلي جو حل ملندو آهي.
اهڙي طرح سماجيات، ادبيات جا ماهر ۽ نقاد پنهنجو
طريقو اختيار ڪندا آهن. مطلب ته مذڪوره رڪارڊ جي
مهيا ڪرڻ ۾، ڌار ڌار دورن ۾، جن جن هٿن ڪم ڪيو
هوندو، اُنهن ۾ فنڪار به هوندا، هنرمند به هوندا،
ڌار ڌار فنن ۽ هنرن جا ڄاڻو به هوندا ته وري
تاريخدان بشريات جا ماهر ۽ لسانيات جا اڪابر به
هوندا، اهڙيءَ طرح اقتصاديات، معاشيات ۽ معاشرتي
علمن جي ڄاڻن به هن ڏس ۾ پنهنجا رڪارڊ ڇڏيا آهن.
انهيءَ ساري اڀياس کي ”انسان شناسيءَ“ يعني
Humanities سان واسطو رکندڙ علمن ۽ موضوعن ۾ ورهائي
سگهجي ٿو.
هر شاعر يا اديب، مصنف يا مؤرخ، معاشيات ۽ معاشرتي علمن جو ڄاڻو
نفسيات، فلسفي ۽ ادبيات جي عالم کي انسان شناسيءَ
جو ماهر مڃيو ويو آهي، انهن ماهرن کي پنهنجي
پنهنجي دور جي انسان، اُن جي ڌار ڌار ضرورتن ۽
مسئلن جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ هوندي آهي.
شاهه لطيف، سچل ۽ ٻيا ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعر ۽ سگهڙ، سخنور،
ناول نويس، افسانه نگار ۽ ڊراما نويس، مؤرخ،
سماجيات جا ماهر 7 ٻيا، اهڙن سڄاڻ شخصن ۾ شمار ڪيا
ويندا آهن، جن کي پنهنجي پنهنجي دور جي ماحول،
ماڻهن جي مسئلن، گهرجن ۽ انسان شناسيءَ جي موضوعن
جي باري ۾ خبر ۽ ڄاڻ رهي آهي. لطيف، سچل، شاهه
ڪريم، مخدوم نوح رح، مخدوم محمّد زمان لنواريءَ
وارو، قليچ ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر وڏا انسان شناس
(Humanist)
هئا. هنن پنهنجي پنهنجي دور جي
ماڻهن جا مسئلا اشارن، ڪتابن، تشبيهن ۽ استعارن،
تمثيلن ۽ علامتن ذريعي بيان ڪيا آهن؛ اُنهن جا چٽ
چٽيا آهن ۽ انهن جا عڪس پيش ڪيا آهن. هن پنهنجي
ڪلام ذريعي سندن دور جي ماڻهن جي اخلاقي، معاشي،
معاشرتي ۽ ثقافتي قدرن کي بيان ڪيو آهي.
محقق البيرونيءَ جڏهن قديم سنڌ جو نقشو پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب،
”ڪتاب الهند“ ۾ پيش ڪيو، تڏهن هُن، اُن دور جي
باري ۾، اُن دور جي علمَ ادب جي باري ۾، سائنس ۽
ثقافت جي باري ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. اهڙيءَ
طرح علم الانسان
(Anthropology)
۽ علم اللسان
(linguistics)
جا ماهر جڏهن شاهه لطيف ۽ سچل جي ڪلام، شاهه ڪريم
۽ مخدوم نوح جي ڪلام، شاهه جي راڳ ۽ سچل جي راڳ،
شاهه ڪريم، شاهه لطيف، مخدوم نوح ۽ سچل جي پيغام
جو تجزيو ڪن ٿا، تڏهن هو واضح طور جتائين ٿا ته
انهن بزرگن ۽ اعلى انسانن جي سوچ ۽ عمل ۾ ڪهڙو فرق
آهي؟ مثال طور شاهه جي درگاهه جا فقير ڪاري رنگ جي
ڪفني ڍڪيندا آهن، هٿ ۾ دنبورو کڻندا آهن، ڳائڻ مهل
گهڻو ڪري ”گرام“ ۾ ڳائيندا آهن. لطيف جي ڪلام ۾
گيرڀ ۽ گاؤ هوندو آهي؛ هُو ويهي ڳائيندا آهن؛ نچڻ
ٽپڻ، هُل هنگامي کان پرهيز ڪندا آهن. اُن جي ڀيٽ ۾
سچل جي درگاهه جا فقير، گيڙو – رتا ڪپڙا پائيندا
آهن؛ هٿن ۾ ڪَڙا وجهندا آهن ۽ ڪنن ۾ ڪُنڊل پائيندا
آهن؛ ڳائڻ مهل اُوچي آلاپ ۽ ”ٽيپَ“ واري انداز ۾
ڳائيندا آهن؛ هڪ هٿ ۾ يڪتارو ۽ ٻئي هٿ ۾ کڙتال
کڻندا آهن؛ گوڙ ۽ گهمسان وارو رنگ ڪندا آهن، جنهن
سان انداز ۾ تيزي ۽ نچڻ ٽپڻ زياده هوندو آهي. شاهه
لطيف، شاهه ڪريم ۽ مخدوم نوح جي درگاهن تي ٿيندڙ
راڳ يا سماع عبادت مثل آهي، ان ۾ بندگي جو رنگ
وڌيڪ آهي. بهرحال هي مطالعو به سماجي مطالهعي جو
هڪ پهلو آهي. هن مطالعي کي ”انسان شناسي“، ”لطيف
شناسي“، ”مخدوم نوح شناسي“، يا ”سچل شناسي“ وارن
موضُعن سان شامل ڪري سگهجي ٿو.
سڀني صوفي بزرگن، ڪلاسيڪي ۽ جديد ادب جي سخنورن، ”انسان شناسي“
واري موضوع تي ئي لکيو آهي، هنن اُن موضوع جا ڪئين
پهلو نمايا ڪيا آهن، جن مان ڪي هي آهن: تڪبير،
وڏائي، گيرڀ ۽ گاءُ، نياز، نمرتا، نئڙت، پاڻ
سڃاڻڻ، سچائي، نيڪي، نيڪ نيتي، خدمت، شيوا، عبادت،
بندگي، دنيا فاني، مرشد جو مقام، عشق، محبت، سڪ،
پيار، طلب، اِخلاص، اوسيئڙو، جدائي، فراق، وڇوڙو،
ورلاپ، انتظار، وصل لاءِ پياس، پُڪارَ، دانهون ۽
فرياد، ديدار جي طلب، پڇتائڻ، توبهه ڪرڻ، رواداري،
عمل، قرباني، عزم، استقلال، مستقل مزاجي، انڪساري،
ٻين جي مدد ڪرڻ، ٻڌي ۽ ايڪو، مانِ، مريادا،
ماڻهپو، انسانيت، لحاظ، رک رکاءُ، فريب، دولاب،
دوکو، احسان فراموشي، خود بيني، خود شناسي، خود
قرباني، خود فريبي، بي غرضي، لوڀ، لالچ، مطلب،
خواهش، تمنا، آس، نراس، ايمانداري، مشترڪ مفاد،
خلوص، خود غرضي، بي غرض هجڻ، باهمي، عمل، ٻيائي،
جاکوڙ، ڪرڻ، محنت، مشقت، تعاون، مدد ڪرڻ ۽ منافقت
وغيره.
ٻوليءَ جو اڀياس پڻ ”انسان شناسي“
(Humanities)
جي وسيع موضوع جو هڪ اهم پهلو آهي. ٻوليءَ کي
پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجو سماج هوندو آهي. ٻولي پنهنجي
سماجي ماحول ۽ پنهنجي ڌرتي مان انسان ذات سان گڏ
اُڀري ۽ اُسري آهي. اُن جو پاڙون پنهنجي زمين ۾
کتل هونديون آهن، انهيءَ ڪري ”پاٽر“
(Potter)
جو هي رايو بلڪل صحيح آهي ته:
”بهترين زبان اُها آهي، جنهنجو بنياد ڪنهن سماج ۽ سماجي قدرن ۽
روايتن تي رکيل هجي“ (1).
”پاٽر“Potter))
جي انهيءَ دعوا جو دليل سنڌي سماج ۽ ٻولي پڻ آهي.
سنڌي ٻولي جون پاڙون، سنڌي سماج ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ ۾
اونهيون کُتل آهن، يعني ته سنڌي ٻوليءَ جو سرچشمو
سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌي سماج آهي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر سورلي
لکي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ جي لغت تي سنڌي سماج، سنڌي معاشري ۽ سنڌ جي معاشي
حالتن جو گهڻو ۽ گهرو اثر رهيو آهي“(2).
ٻولي، ڪنهن گفتگو ۽ مقصد جي عمل جو ڪردار ادا ڪندي آهي، انهيءَ
ڪري اُن جي هر لفظ، هر فقري ۽ هر جملي ۾ ڪو نه ڪو
مقصد يا مفهوم رکيل هوندو آهي. دراصل اهو مقصد يا
مفهوم ئي آهي، جو ڪنهن زبان جي عمل يا استعمال جي
ضرورت طرف اشارو ڪندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو
ڪنهن ٻوليءَ جو، انساني برادري يا انساني معاشري
اندر زنده رهي سگهڻ هڪ دليل آهي.
هر زبان، هر زماني ۾، پنهنجي دائري اندر، روزمره واري ماحول ۾
هميشہ استعمال ۽ رواج ۾ رهندي آئي آهي. زبان،
انسان ذات جي تخليات، نظريات، قوت احساس ۽ سماج
وهنوار جو هڪ رڪارڊ آهي. اهو رڪارڊ به انسان ۽
انسان جي سماج لاءِ تاريخ جو ڪم ڏيندو آهي. مٿي
چيو ويو آهي ته زبان ۽ معاشرو هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽
ملزم هوندا آهن. زبان جو مطالعو، دراصل معاشري جو
مطالعو آهي ۽ انهي لحاظ سان معاشري جو مطالعو،
حقيقت ۾، اُن معاشري ۾ مروج ۽ مستعمل زبان جو
مطالعو ئي سمجهيو ويندو آهي. زبان جي اهڙي مطالعي
کي ”سماجي لسانيات“ جو مطالعو يا اڀياس چئبو آهي.
”ڪنهن به ملڪ جي ٻولي، اُن ملڪ جي سماجي، ثقافتي،
تهذيبي ۽ تمدني تاريخ جي آئينه دار هوندي آهي، ڪنهن به قوم جي ٻوليءَ جي مطالعي مان اُن قوم جي معاشي ۽ معاشرتي قدرن،
سوچ ۽ فڪر جي ارتقا، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ
جي خبر پوندي آهي، زبان ثقافت جو آئينو پڻ آهي.
ڪنهن به قوم جي ثقافت جو مرڪزي عنصر زبان ئي هوندي
آهي، ڇو جو زبان، علم ادب جي خالق ۽ ادبي روايتن ۽
رجحانن جي محافظ هوندي آهي. ثقافت جي مطالعي ۾
ڪنهن قوم جي ٻولي ۽ علم ادب جو اڀياس پڻ شامل
هوندو آهي، ڇو ته ٻولي ۽ علم ادب جي اٿاهه ۽ بي
انت بحر جي اونهائيءَ ۾ ئي، اُن قوم جي سماجي،
ثقافتي، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ جا تهه لڪل هوندا
آهن“ (3)
سنڌي ثقافت جو مطالعو صرف قديم آثارن جو مطالعو نه آهي، يا صرف
فنونِ لطيفه، فن تعميرات، فن خطاطي، اجرڪ سازي،
ڇُرَ ڪم، ڪاشيگري، جنڊيءَ جي هنر جو اڀياس يا راڳ
۽ راڳڌاري جي ڄاڻ نه آهي، پر سنڌي ثقافت جو
مطالعو، سنڌي زبان جو مطالعو پڻ آهي. سنڌي ثقافت
جو مطالعو شاهه ڪريم، مخدوم نوح، شاهه لطيف، خواجه
محمد زمان، سچل، سامي، شاهه عنايت، ثابت علي شاهه،
سانگي، قليچ، ڪوڙي مل، گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائود
پوٽي، سيد حسام الدين شاهه راشدي، مخدوم طالب
المولى، ڊاڪٽر بلوچ، ابراهيم جويي، شيخ اياز، رسول
بخش پليجي، تنوير عباسي، شمشير، فتاح ملڪ، امداد،
نياز همايوني، علي احمد بروهي، بشير مورياڻي،
اُستاد بخاري، قادر جوڻيجي، نورالهدى شاهه،
خيرالنساء جعفري، ماهتاب محبوب، جبار جوڻيجي ۽
ويندي ذوالفقار راشدي، امر جليل، اياز قادري، انور
پيرزادي ۽ جديد علم ادب ۽ جديد سنڌي ادبيات جو
مطالعو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي، سنڌ جي تهذيب ۽
تمدن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي. اها جهلڪ يا اهو عڪس،
سنڌي ۾ چيل ڪلام ۽ لکيل ادبيات وسيلي پسي سگهجي
ٿو. اهو عڪس شاهه جي ڪلام ۾ ڏسي سگهجي ٿو؛ اهو عڪس
سچل جي ڪلام ۾ به نظر اچي ٿو؛ اهو عڪس جديد علم
ادب، شاعرن، ناول نگارن، افسانه ۽ ڊراما نويسن جي
شهپارن ۾ به نظر اچي ٿو. سنڌي علم ادب جو اهڙو
لساني اڀياس، سماجي لسانيات
(Social linguistics) جي اڀياس واري دائري ۾ داخل ڪيو ويو آهي،
ڇو ته شاهه، سچل، سامي ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ پيام
۾ سنڌ جي ڌار ڌار خطن جي ماڻهن جي تهذيبي، تمدني،
ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي زندگي جو عڪس نمايان آهي،
انهن جي ڪلام جي مطالعي مان ڌار ڌار خطن جي ماڻهن
جي مخصوص روايتن، ذهني لاڙن، سماجي قدرن ۽ قومي
مزاج جو پتو پوي ٿو. سنڌي علم ادب ۽ سنڌي ادبيات ۾
ڪم آندل ٻوليءَ جي اهڙي مطالعي کي ”سنڌي ٻولي جو
سماجي مطالعو“ چئبو؛ اهو مطالعو ”سماجي لسانيات جو
مطالعو“ ليکبو.
سماجي لسانيات مان مراد، سماج ۾ ٻوليءَ جي ڪارج ۽ استعمال جو
مطالعو آهي. ٻولي هر سماج جي تهذيب ۽ تمدن جو اهم
حصو آهي، ڇو ته اُن ٻوليءَ جي مطالعي مان اُن
سماج، سماجي گروهن ۽ فردن جي اُٿڻي ويهڻي، رسمن ۽
رواجن ۽ سماجي قدرن، قومي مزاج ۽ انساني ڪيفيتن
وغيره جي باري ۾ خبر پوي ٿي. ڪنهن به سماج ۽ اُن ۾
ڪم ايندڙ ٻوليءَ ۽ اُن جي ڳالهائيندڙن جي وچ ۾
گهاٽي ۽ گهري نسبت هوندي آهي. سماج ئي ڪنهن ٻوليءَ
کي ٺاهي ٿو، صورت ڏئي ٿو، اُن کي سنواري ٿو؛ اُن ۾
ترقي جون راهون هموار ڪري ٿو ۽ ٻولي ان جي عيوض،
اُن سماج جي نمائندي جي حيثيت ۾ ڪم ڪري ٿي؛ ٻين
لفظن ۾ هيئن چئبو ته ڪابه ٻولي پنهنجي سماج جي
بهترين نمائندي وارو ڪردار ادا ڪندي آهي، ۽ اُن
سماج جو آئينو هوندي آهي ۽ اُن سماج جي قدرن جي
باري ۾ وضاحت ڪندي آهي.
هر دور جو علم ادب، اُن دور جي سماج جو آئينو هوندو آهي (4).
شاهه ڪريم ۽ حضرت مخدوم نوح جي دور ۾ پيدا ٿيل علم ادب، اُن دور
جي سماجي حالتن جو ائينو آهي. شاهه لطيف، سچل،
سامي، ثابت علي شاهه ۽ ٻين شاعرن ۽ اديبن جي دور ۾
تخليق ڪيل ادب، انهن جي ڌار ڌار دورن جو نقش چٽي
ٿو. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته شاهه لطيف ۽ سچل جي
دور جي سياسي، سماجي، اقتصادي، علمي ۽ ادبي،
تهذيبي ۽ تمدني تاريخ جي معلومات جي سلسلي ۾ شاهه
۽ سچل جو ڪلام املهه سرمايو ۽ بي بها خزانو آهي.
هن سلسلي جي اڀياس جو بهترين وسيلو شاهه ۽ سچل جي
ڪلام ۾ ڪم آندل ٻولي جو اڀياس آهي. انهن جي ڪلام ۾
ڪم آندل اشارا، ڪنايا، تشبيهون ۽ استعاره، تمثيلون
۽ علامتون ئي آهن، جن جي مطالعي جي مدد سان انهن
جي مختلف دورن جي سماجي حالتن ۽ انهن جي ڪلام ۾ ڪم
آندل ٻوليءَ جو، سماجي لسانيات جي مطالعي ۾، مدد
ملي ٿي.
”سچل ۽ ثابت علي شاهه ٻئي هڪ ٻئي جا هم عصر شاعر هئا، ٻنهي تي
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور واري ٻولي ۽ علم ادب،
تهذيب ۽ تمدن جو گهڻو ۽ گهرو اثر رهيو آهي. ثابت
علي شاهه سنڌي زبان ۾ فارسيءَ جا انيڪ محاورا،
استعارا، تشبيهون ۽ لفظ ڪم آندا، جن جو سنڌي زبان
۾ اڳ ايترو رواج ڪو نه هو، انهيءَ ڪري، سنڌي زبان
جي صورت ۽ سٽاء ۾ تبديلي آئي؛ سنڌي ٻولي جي مزاج ۾
فرق آيو. ثابت علي شاهه وانگر سچل سرمست به عربي ۽
فارسيءَ جا بيشمار لفظ محاورا، ترڪيبون، تشبيهون ۽
استعارا پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا. شاهه ڪريم ۽ شاهه
لطيف توڙي سچل قرآن پاڪ جون انيڪ آيتون پڻ پنهنجي
ڪلام ۾ تلميح طور ڪم آنديون، ان ڪري سنڌي ٻولي جي
مزاج ۾ تبديلي آئي ۽ عربي توڙي فارسي جي لفظن ۽
ترڪيبن جي استعمال ۾ واڌارو ٿيو“(5).
شروع ۾ ”انسان“ ۽ ”انسان شناسي“
(Humanities)
جي باري ۾ ڪي ڳالهيون عرض ڪيون ويون آهن، ۽ انسان
شناسيءَ جي اڀياس لاءِ ڪن موضوعن جي نشاندهي پڻ
ڪئي وئي آهي، جيئن ته انساني معاشرو هميشہ ارتقا
پذير رهيو آهي، تنهن ڪري هر انساني معاشري جي باري
۾ معلومات، اُن دور جي علم ادب، ٻولي، فنونِ
لطيفه، هنرن ۽ ٻئي مواد جي مطالعي مان حاصل ٿي
سگهندي آهي؛ مثال طور موهن جي دڙي وارن قديم آثارن
مان هٿ آيل مواد جي مطالعي مان حاصل ٿي سگهندي
آهي؛ مثال طور موهن جي دڙي وارن قديم آثارن مان هٿ
آيل مواد جي مطالعي مان ان خطي ۽ ان دور جي سماجي
حالتن، سماجي قدرن، علم الانسان ۽ انسان شناسيءَ
جي باري ۾ خبر پوي ٿي؛ اُن دور جي مواد مان ڪن شين
تي چٽيل چٽن، گلن ٻوٽن، جانورن جي شڪلين صورتن،
تصويرن ۽ ٻئي سامان مان، اُن دور جي سماج ۽ سماجي
مطالعي ۾ مدد ملي ٿي. اُن هنڌان (موهن جي دڙي وارن
کنڊرن مان) مليل مُهرن تي لکيل ٻوليءَ جو اڃا
تائين فيصله ڪن نتيجو مطالعي جي صورت ۾، ظاهر ٿي
نه سگهيو آهي، جنهن مان خبر پوي ته ان وقت جي ٻولي
جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي ساخت ڪهڙي هئي؟ ان جو
سٽاءُ ڪهڙو هو؟ ان وقت واري ٻوليءَ جو مزاج ڪهڙو
هو؟، پر ڪجهه ٻئي مواد مان، ان شهر ۽ خطي جي ماڻهن
جي تهذيب ۽ تمدن، مذهب ۽ مذهبي رجحان، فن، هنرن،
ڪرت ۽ ڌنڌن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه معلوم ٿي سگهيو
آهي. جيڪڏهن موهن جي دڙي واري ٻوليءَ جي باري ۾
راز کلي پون، ته پوءِ هتي جي ماڻهن جي سياسي ۽
سماجي زندگيءَ متعلق گهڻوئي ڪجهه معلوم ٿي ويندو،
ڇو ته جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به سماج
جي مطالعي لاءِ ٻولي هڪ اهم ذريعو ۽ وسيلو آهي.
جيتوڻيڪ لطيف فنن ۽ هنرن جي مطالعي مان به علم
الانسان جي مدد سان، ان دور جي سماج ۽ سماج قدرن
جي باري ۾ گهڻو ئي ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو، پر ٻولي
هن ڏس ۾ هڪ واغد ذريعو ثابت ٿي آهي.
سماجي لسانيات جي مطالعي جي هڪ پهلو هي به آهي ته جڏهن ڪنهن به
سماج ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ سماج گروهن جا فرد هوندا
ته اهڙيءَ حالت ۾ ٻوليءَ تي ٻين سماجي گروهن جو
اثر ضرور ٿيندو آهي، يعني ته ڪنهن به سماج کي
لسانيات جي لحاظ کان هيٺين لساني گروهن (حصن ۾
ورهائي سگهجي ٿو (6):
(الف) يڪ - لساني گروهه(Mono-lingual
group)
(ب) دو - لساني گروهه(Bi-lingual group)
(ت) اڪثريتي لساني گروهه(Majority-lingual
group)
(ث) اقليتي لساني گروهه(Minority
lingual group)
انهن يا اهڙن ٻين لساني گروهن جو تفصيلي مطالعو سماجي لسانيات
جي مطالعي ۾ مدد ڪري ٿو.
سنڌي سماج جو انهن چئني گروهه بندين جي لحاظ کان جائزو وٺي
سگهجي ٿو، ڇو ته سنڌ ۾ اتر طرف سرائڪي ٻولي جو
اثر، ٿر واري ايراضيءَ ۾ ٿري لهجي تي سرحد پار کان
هڪ طرف گجراتي ٻوليءَ جو اثر رهيو آهي ته وري ٻئي
پاسي کان راجسٿاني ٻولي اثر انداز رهي آهي؛ اهڙيءَ
طرح لاسي، کيتراني، فراڪي، جعفرڪي، جد گالي ۽ لوري
چئني لهجا ڌار ڌار اثرن جا ثبوت ڏين ٿا؛ شهرن ۾
انگريزي ۽ اردوءَ جو اثر نمايان آهي، اُن کانسواءِ
فارسي ۽ عربي ٻولين جا اثر نه فقط سنڌي ٻوليءَ جي
لغت جو حصو بڻيل آهن، پر انهن اثرن جي ڪري سنڌي
ٻوليءَ جي مزاج، ساخت، سٽاءَ، صوتيات، ۽ صرف و نحو
تي به اثر ٿيو آهي. ساڳيءَ طرح اُڌارن ورتل لفظن
(Loar-words)
يا،
co-existence of words
۾ انهن سڀني پهلوئن جو تفصيلي جائزو ۽ مطالعو،
سنڌي سماج، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي تهذيب جي مطالعي ۾
مدد ڪندو، جنهن کي مجموعي طور سماجي لسانيات جو
مطالعو چيو ويندو.
سماجي لسانيات جي مطالعي لاءِ مٿي بيان ڪيل گروهن جي گهري اڀياس
دوران جن ”لساني حدن“
(linguistic domain) کي سامهون رکڻو پوندو، اُهي حدون هي آهن (7):
حاڪمن جي ٻولي/ حڪومت طرفان منظور ڪيل ٻولي
ڪٽنب جي ٻولي
دوستي ياري
مذهب
وڻج واپار
گذرمعاش
رانديون ۽ وندرون
سياسي ناتا/ سياسي حالتون
سماجي ناتا/ سماجي سنٻنڌ
آباديءَ جي لڏپلاڻ
انهن لساني حد بندين
(Linguistic domain) جي ڪري سنڌي سماج کي ڪن حالتن ۾ دو – لساني سماج جي صورت
اختيار ڪرڻي پيئي؛ مثال طور عربن جي دور ۾ حاڪمن
جي سرڪاري زبان عربي هئي، ته وري عوام جي زبان
سنڌي هئي. هن بيان جي تصديق عرب سياحن جي سفرنامن
مان به ٿئي ٿي. هن ڏس ۾ اسطخري (1951ع) لکي ٿو:
”منصوره، ملتان ۽ اُن جي مضافات جي ماڻهن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي
آهي“ (8) بشاري مقدسي (تصنيف 985ع) لکي ٿو:
”ديبل هڪ سامونڊي شهر آهي، هن سان هڪ سو ڳوٺ مليل آهن. هتي جا
رهاڪو زياده تر هندو آهن. سمنڊ جو پاڻي طغيانيءَ
جي وقت شهر جي ديوارن سان اچي لڳندو آهي. هتي جا
باشنده واپاري آهن. سنڌي ۽ عربي زبانون ڳالهائين
ٿا“(9).
اهڙيءَ طرح ابن حوقل پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي:
”منصوره، ملتان ۽ آسپاس جي علائقن ۾ عربي ۽ سنڌي زبانون رائج
آهن“ (10).
سومرن ۽ سمن جي دور ۾ دفتري زبان ڪهڙي هئي، تنهن جي باري ۾ ڪو
پڪو ثبوت نه ته ڪو نه ٿو ملي، البت سمن جي زماني ۾
ڪجهه مثال فارسيءَ جا ملن ٿا پر انهن ٻنهي دورن ۾
عوامي ٻولي سنڌي هئي، بلڪه عربن جي فتح کانپوءِ به
ماڻهن جي عام گفتگو ۽ وڻج واپار واري ٻولي سنڌي
هئي. مذهبي پرچار يا مذهبي تعليم عربي سان گڏ سنڌي
۾ به هوندي. سومرن جي دور ۾ اسماعيلي فڪر جي دعوت
جا ثبوت سنڌي زبان ۾ ملن ٿا.
ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ دفتري زبان فارسي هئي، پر عوام جي
گفتگو، وڻج واپار جي ٻولي سنڌي هوندي هئي. ڪلهوڙن
۽ ميرن جي دور ۾ فارسي سرڪاري زبان هئي ته سنڌي
وري عوام جي روزمره واري ٻولي رهي. اها به حقيقت
آهي ته سنڌ ۾ لڏپلاڻ جو سلسلو هزارن سالن کان رهيو
آهي. ڪلهوڙن جي دور ۾، ۽ ان کانپوءِ به، سرائڪي
زبان واري خطي کان بيشمار آبادي سنڌ ۾ لڏي آئي. هن
آباديءَ پنهنجن گهرن، ڳوٺن ۽ پنهنجي سماجي ماحول ۾
سرائڪي ٻولي ٿي استعمال ڪئي، پر ٻاهر روزانه
وهنوار ۾ سنڌي ٻولي ٿي ڳالهائي. ساڳي حالت پاڪستان
بڻجڻ کانپوءِ، اردو ۽ سنڌي جي وچ ۾ رهي آهي، انهن
حالتن جو سنڌي سماج تي گهڻو اثر رهيو آهي، جنهن جا
آثار ٻوليءَ تي پڻ نمايان آهن، جنهن جو ثبوت سماجي
لسانيات جي اڀياس ذريعي ملي سگهندو.
هت اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته سماج جا مختلف طبقا
(Clases)
۽ اُنهن ۾ مروج ٻولي/ ٻوليون سماجي لسانيات جي
مطالعي ۾ مدد ڪن ٿيون. اها ٻولي يا اهو لهجو جيڪو
Priviledged
طبقي ۾ ڳالهايو ويندو آهي، اُن طبقي جي ٻولي /لهجي
کي سماج ۾ بيشڪ وڌيڪ اهميت هوندي آهي، پر سماجي
لسانيات جي شاگردن جي نظر ۾، هر طبقي ۾ مروج ٻولي
يا لهجو، پنهنجي ليکي اُتم ۽ اهم هوندو آهي (11).
سنڌي زبان جي شاعرن ۽ اديبن پنهنجي ڪلام ۽ ادب ۾ مقامي ماحول،
سنڌي تهذيب ۽ تمدن ۽ سنڌي ثقافت جي دل آويز قدرن
کي بيان ڪيو آهي. هنن پنهنجين لکڻين ۾ خود شناسي ۽
خود احتسابي جو درس ڏنو آهي. هنن حق گوئي ۽ حق
پرستي جو سبق سيکاريو آهي. هنن کي انسان ذات ۽
انسانيت لاءِ سچو پيار هو يعني هو سڀ وڏا انسان
شناس هئا.
شاهه ۽ سچل توڙي ٻيا سڀ شاعر ۽ اديب پنهنجي دور جي عوام جا آواز
هئا. هنن جي ڪلام ۽ نثر جي اڀياس مان معلوم ٿو
ٿئي ته هنن جي زماني ۾ آباد عوام، کين گهڻو ويجهو
هو. شاهه جا بيت، وايون ۽ ڪافيون، اُن وقت جو عوام
جهونگاريندو هو ته وري سچل جون ڪافيون سچل جي
زماني ۾ هر هنڌ مشهور ٿيون. ڌار ڌار شاعرن ۽ اديبن
جي ڪلام ۽ نثري صنفن ۾ مختلف طبقن جي ماڻهن ۽ انهن
جي سماجي حالتن جو ذڪر آهي. عوام جا دک ۽ درد انهن
جي ڪلام ۽ نثري صنفن جا موضوع رهيا آهن. اُن ڪري
سنڌي ادب، هر دور ۾ عوام جو آواز رهيو آهي؛ هر دور
جو ادب اُن دور جي ترجماني آهي؛ هر دور جي سماجي
حالتن جو عڪس آهي؛ چٽ آهي ۽ حقيقت جو بيان آهي.
سماجي حالتن يا سماجي طبقن جي لحاظ کان سنڌي سماج کي جن جن
سماجي گروهن يا سماجي حدن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، ۽
سماجي لسانيات جي روشنيءَ ۾ تجزيو ڪري سگهجي ٿو،
اُهي آهن:
سماجي طبقا:
امير، غريب، سيد، مير، پير، فقير، شاهه، گدا، ڀاڳيا، راڄن جا
چڱا مڙس، حاڪم، واپاري، مزدور، هاري ناري، سانگي،
جهانگي، ڪوهستاني (جابلو ماڻهو)، ڏوٿي، ڌنار
مهاڻا، مير بحر، سامي/ جوڳي، ٺوري، شڪاري، ڳائڻا
وڄائڻا، ڪوري، موچي ۽ ملان مولوي، عالم، فاضل،
اُستاد، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر وغيره.
تهذيبي ۽ تمدني طبقا (حدون):
لباس، پهراڻ، کاڌو خوراڪ، رهڻي ڪهڻي، اُٿڻي ويهڻي، گهرگهاٽ، هنر
۽ فن، گل ٻوٽا ۽ چٽ وغيره.
تهذيبي ۽ تمدني طبقا (حدون):
تصوف، ويدانت، ڀڳتي تحريڪ، وحدت الوجود، فنافي الله، وحدت
الشهود، فنافي الشيخ، دنيا فاني، مرشد، صوفي، طالب
۽ مطلوب وغيره.
جاگرافيائي حدون:
اُتر، لاڙ، ٿر، سرو، ڪوهستان، لس، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، راوي،
چناب، سنڌو، سبي، ڪيچ، مڪران ۽ جدگال وغيره.
انساني ڪيفيت:
هٺ وڏائي، انڪساري، نمرتا، نياز، نئڙت، آزي نيزاري، نماڻائي،
نهٺائي، مستقل مزاجي، جرئتمندي، همت، بهادري،
بيباڪي، صبر، ليلائڻ، سڪ، سوز، طلب، پياس، تڙپ،
عشق، مبت، فراق، وصال، وڇوڙو، جدائي، جدت، ندرت،
مستي، جلال، جمال، اُمنگ، جذبو، رواداري ۽ همدردي
وغيره.
لساني خوبيون:
تشبيهون، استعاره، تمثيلون، تلميحون، تضمين، ترصيح، سجع بندي،
مجاز مرسل ۽ تجنيسون وغيره.
عورت جو ڪردار:
مارئي، سسئي، مومل، ليلان، سهڻي، هير، نوري، هيمون، ڪؤنرو،
ڪونجل، ٻاگهل ٻائي، هوٿل، ناتر، سَهتي ۽ مِري
وغيره.
مردن جو ڪردار:
عمر، پنهون، ڏير، راڻو، چنيسر، ميهار، رانجهو، تماچي، مُنگر،
ميربحر، مورڙو، منصور، سرمد، مخدوم بلاول ۽ هوشو
وغيره
مٿي ڄاڻايل لساني ۽ سماجي حد بندين ۽ طبقن جي حوالي سان، سنڌي
ادب جو سماجي لسانيات جي روشنيءَ ۾ مطالعو هڪ تمام
وڏو وسيع موضوع آهي. سنڌ وارن لاءِ هي هڪ نئون
موضوع آهي، جنهن تي تحقيق ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي.
مددي ڪتابن جا حوالا
Potter Simon, Language in Modern World, Harrel Hotson, ltd.
1960 p.24.
Sorley, H.T. Shah Abdul latif of Bhit,
London, 1940.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: زبان اور ثقافت، اسلام آباد، علامه
اقبال اوپن يونيورسٽي، 1988ع.
۽ پڻ ڏسو: ايضا، مقالو: ”انسان، زبان ۽ ثقافت“، سماهي مهراڻ،
ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ.
لطف الله بدوي: لطف اللطيف، حيدرآباد، آر ايڇ احمد ۽ برادرس
1955ع.
Jones Socio-linguigstics,
Islamabad, Allama Iqbal Open university, 1988.
ايضاً ۽ پڻ ڏسو: الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي جي لساني
جاگرافي. ڄام شورو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي،
1983ع.
اصطخري: المسالک الممالک: اردو ترجمو، هندستان عربون ڪي نظر
مين، جلد اول، دارالمصنفين، اعظم ڳڙهه، 1960ع، ص
375.
بشاري مقدسي: احسن التقاسيم في معرفة، ص ص 385-386.
Elliot, E.H. History of
India,
Vol:I, London Trubner and company, 1867, p:39
ڏسو حوالو نمبر 7.
ابن بطوطه جا سيوهڻ بابت تاريخي حوالا
عبدالله ورياه
سنڌ جي سرزمين تي صدين کان وٺي سياح، مورخ، جاگرافيدان، واپاري
۽ مختلف نمونن سان قسمت آزمائي ڪندڙ ماڻهو ايندا
رهيا آهن، انهن مان ڪيترن پنهنجن سفرنامن ۽ مختلف
تجربن کي لکيت ۾ پڻ آندو آهي، جنهن ۾ هنن پنهنجي
پنهنجي دور ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، شهرن ۽ ماڻهن
بابت انتهائي اهم معلومات ڏني آهي. اهڙا واقعا
اسان کي سنڌ جي تاريخ متعلق جيڪا معلومات مهيا ڪن
ٿا، اها ڪنهن ٻئي ذريعي سان ملڻ محال آهي. سنڌ جي
تاريخ بابت اهڙيون ئي ڪجهه شاهديون اسان کي اٺين
صدي هجري جي شروعات ۾ سنڌ ۾ ايندڙ هڪ عرب سياح ابن
بطوطه جي لکيل سفرنامي مان ملن ٿيون:
ابن بطوطه جو پورو نالو محمد بن عبدالله هو. پاڻ 24 فيبروري
1304ع/17 رجب 703هه سومر جي ڏينهن، مراڪش جي شهر
طنجه ۾ ڄائو هو. ابن بطوطه سندس خانداني لقب هو،
اهو خاندان مراڪش ۾ اڃا به موجود آهي. ابن بطوطه
جڏهن پنهنجي سفر جي پڄاڻي ڪري 755هه ۾ وطن واپس
وريو ته کيس اتي هڪ شهر ۾ قاضيءَ جو عهدو ڏنو ويو،
جيڪا سندس خانداني ڪِرت هئي، جتي هن سن 68- 1369ع/
70- 771هه ۾ وفات ڪئي. هن پنهنجو سفر ٻاويهن سالن
جي عمر يعني سنه 1326ع / 726هه ۾ شروع ڪيو. اٺن
سالن جي سير ۽ سفر کان پوءِ ابن طوطه ٽيهن سالن جي
عمر ۾ ڪابل کان هلي اچي پهرين محرم 734هه/ ٻارهين
سيپٽمبر 1333ع آچر جي ڏينهن سنڌو درياهه تي پهتو.
ابن بطوطه جي سفرنامي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو
بولان لڪ بلوچستان مان لنگهي ڪاهان کان ٿيندو،
جيڪب آباد ضلعي مان ڪٿان اچي سنڌ ۾ داخل ٿيو
هوندو.
سندس سنڌو درياهه ٽپڻ وارو معاملو به ڪجهه غور طلب آهي. سندس
چوڻ موجب، ”هو درياهه ٽپي ٻه ڏينهن سفر ڪري جناني
شهر مان ٿيندو سيوهڻ پهتو“. جڏهن ته سيوهڻ قديم
زماني کان وٺي سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري تي آباد
آهي. ابن بطوطه سيوهڻ پهچڻ کان اڳ ٻيهر درياهه ٽپڻ
جو ذڪر به نه ڪيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته
هو درياهه جي اصل ۽ وڏي وهڪري بدران سنڌوءَ جي
الهندي وهڪري تان ٽپي سنڌوءَ جي ساڄي پاسي، ان
الهندي وهڪري جو کاٻو ڪپ وٺي، لاڙڪاڻي جي هاڻوڪي
شهر واري ايراضيءَ جو الهندو پاسو وٺندي، ان وقت
قائم شهر ”جناني“ مان ٿيندو دادوءَ جي الهندي پاسي
کان لنگهي اچي سيوهڻ پهتو، جيڪر ان کي صحيح سمجهجي
ته پوءِ ”جناني“ جو قديم شهر به لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ
جي وچ واري ايراضيءَ ۾ ڪٿي هجڻ گهرجي. اڃا به ائين
چئجي ته اهو قديم شهر جنهن جو نالو به اسان کي
ڪنهن ٻئي تاريخ جي ڪتاب مان نٿو ملي، ”موهين جي
دڙي“ جي ڏکڻ اولهه ۾ ڪٿي موجود هو. جيڪو سنڌو
درياهه جي رخ مٽائڻ يا ڪنهن ٻي آفت سبب بلڪل تباهه
۽ برباد ٿي ويو، جنهن جي قديم آثارن جو به ڪو پتو
ڪو نه ٿو پوي. سفر جي اڳئين م رحلي ۾ ابن بطوطه
سيوهڻ پهتو، جتي ان وقت هندستان جي بادشاهه محمد
بن تغلق شاهه جي پاران سنڌ تي مقرر ڪيل امير عماد
الملڪ سرتيز موجود هو. هن دور ۾ سنڌ جي گاديءَ جو
هنڌ ملتان هو، جتي امير رهندو هو. ان کانسواءِ اچ،
بکر ۽ سيوستان ۾ پڻ سرڪاري ڪارندا رهندا هئا، جيڪي
ملڪي حالتن ۽ ٻاهران ايندڙ ماڻهن بابت مڪمل
معلومات پنهنجن اميرن معفت بادشاهه کي دهلي
پهچائيندا رهندا هئا.
سنڌ جو امير الامراء عماد الملڪ سرتيز سلطاني بادشاهه محمد بن
تغلق جو ناٺي ۽ فوج جو سپہ سالار هو، جنهن کي
بادشاهه بغاوتن کي منهن ڏيڻ ۽ ڏکين پرڳڻن جي
انتظام لاءِ مقرر ڪندو هو. کيس ڪجهه عرصو ديوگير
جي باغين کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ موڪليو ويو هو. اتان
دکن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو، جتي
دولت آباد جي لشڪر جي اڳواڻ سردار حسن گنگو سان
مقابلو ڪندي سنه 748هه ۾ مارجي ويو. سردار حسن
پوءِ ابوالمظفر علاؤالدين حسن گنگو جي نالي سان
دکن جي بهمني سلطنت جو باني ٿيو.
سنڌ ان وقت ۾ هندستان جي تغلق حاڪمن جي هٿ هيٺ هئي. ۽ سيوهڻ
واري علائقي ۾ مقامي سمن ۽ سومرن جو سردار اميرو
نار (ڄام انڙ) ۽ قيصر رومي حاڪم هئا. ۽ سيوهڻ ۾
رهندا هئا. هنن جي فوج ۾ ارڙهن سئو سوار هئا. هن
شهر ۾ ”رتن“ نالي هڪ هندو به رهندو هو، جيڪو ڪن
اميرن سان گڏجي هندستان جي بادشاهه محمد بن تغلق
جي درٻار ۾ پهتو. بادشاهه هن کان متاثر ٿي کيس
”سنڌ سردار جو لقب ڏيئي کيس انهي ملڪ جو حاڪم ڪري
سيوهڻ ۽ ان جا پرڳڻا جاگير طور ڏيئي، کيس وڏن
اميرن واريون نشانيون، نغارا ۽ جهنڊو عطا ڪري
روانو ڪيو. سيوهڻ پهچڻ تي ”(ڄام انڙ) قيصر لاءِ هن
جي اطاعت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. ٻنهي پاڻ ۾ صلاح
ڪري ملڪ رتن کي ماري وڌو ۽ سندس گڏ ڪيل مال ٻارهن
هزار دينارن تي قبضو ڪيو. ”اميرو نار“ (ڄام انڙ)
کي سڀني پنهنجو سردار مڃي کيس ”ملڪ فيروز“ جو لقب
ڏنو. هن سمورو مال لشڪر کي ورهائي ڏنو، پر لشڪر جي
گهٽتائي سبب پنهنجي قبيلي جي ماڻهن ڏانهن هليو
ويو. سيوهڻ ۾ باقي بچيل لشڪر قيصر رومي کي پنهنجو
سردار بنايو. هن واقعي جي خبر جڏهن سلطان محمد بن
تغلق جي مقرر ڪيل سنڌ جي امير الامراء، عماد الملڪ
سرتيز کي پهتي، جيڪو ملتان ۾ رهندو هو ۽ ملتان
سيوهڻ کان ڏهن ڏينهن جي پنڌ تي هو ته سرتيز لشڪر
وٺي سيوهڻ پهتو. قيصر رومي هن جو مقابلو ڪيو ۽
قلعي ۾ قابو ٿي ويٺو پر آخر جنگ هارائي قيد ٿي قتل
ڪيو ويو. عمادالملڪ سرتيز انهن جو مال ضبط ڪيو ۽
روزانو انهن قيدين مان ڪن کي قتل ڪرائي. انهن جون
کلون لهرائي بهه سان ڀرائي سيوهڻ قلعي جي ڀت تي
ٽنگائي ڇڏيندو هو ۽ ايترا ماڻهو مئا جو انهن جون
سسيون وچ شهر ۾ هڪ ڍڳ جيتريون گڏ ٿي ويون. ابن
بطوطه هن واقعي کانپوءِ سيوهڻ پهتو هو ۽ اتي جي هڪ
وڏي مدرسي ۾ وڃي رهيو هو، جيڪو قلعي جي سامهون هو.
ابن بطوطه مدرسي جي ڇت تي سمهندو هو ۽ جڏهن رات جو
سجاڳي ٿيندي هيس ته انهن ٽنگيل کلن تي اک وپندي
هيس ۽ ان وحشت ۾ اچي دل پريشان ٿي ويندي هُيس. نيٺ
ان مدرسي کي ڇڏي ساڳئي شهر ۾ وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ
رهيو.
مٿئين واقعي مان تاريخي معلومات ۽ خاص طرح سمن جي طاقت ۾ اچڻ ۽
هندستان جي بادشاهه محمد بن تغلق جي ڪارندن خلاف
بغاوت جون شاهديون ملن ٿيون، جيڪا سنه 733هه جي
ذوالحج مهيني مطابق 1333ع جي آگسٽ مهيني ۾ ٿي گذري
هئي.
مٿئين واقعن مان هن ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته سنڌ جا حڪمران
”سومرا“ توڻي ”سمه“ جيڪي سنڌ جي لاڙ وارن علائقن
تي حڪومت ڪندا هئا، دهليءَ جي سلطانن جي ڪمزوري جو
فائدو وٺي اچ ۽ ملتان تائين ملڪ قبضو ڪري ويندا
هئا ۽ ڪڏهن دهلي مان لشڪر ڪاهي اچي سندن طاقت کي
تباهه ڪير کين سنڌ جي لاڙ واري پاسي ڏي ڌڪي ڇڏيندو
هو. جڏهن وري سلطاني طاقت ڪجهه ڪمزور ٿيندي هئي يا
انهن جا گهرو جهيڙا سندن طاقت کي ختم ڪري ڇڏيندا
هئا ته سنڌي جوڌا پنهنجي آزادي کي قائم رکندي
غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍي ڪڍي آزاديءَ جو اعلان
ڪندا هئا.
ابن بطوطه ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي امير الامراء عماد الملڪ سرتيز
سان گڏ ملتان مان قاضي علالملڪ فصيح الدين خراساني
به مددگار ٿي پنهنجي لشڪر سان سيوهڻ آيو هو – هن
کي اڳتي لاهري بندر وڃڻو هو، جيڪو ان جي علائقي
سميت هن کي سلطان محمد بن تغلق جاگير ڪري ڏنو هو.
ان وقت لاهري بندر جو ساليانو محصول سٺ لک دينار
هوندو هو، جنهن مان ويهين پتي يعني ٽي لک دينار
جاگيردار کي ملندا ۽ باقي بادشاهه محمد بن تغلق جي
خزاني ۾ ستونجاهه لک دينار جمع ٿيندا هئا. لاهري
بندر هڪ وڏو شهر ۽ بندر گاهه هو، جتي يمن ۽ فارس
جا تمام گهڻا جهاز ۽ واپاري ايندا هئا.
ابن بطوطه جي بيان مان سنڌ جي لاهري بندر جي سالياني اپت ۽ سنڌ
جي بندرن تي ٿيندڙ واپار ۽ جهاز راني جي خبر پوي
ٿي – جيڪو ان دور جي وڻج واپار جي ترقي جو هڪ اهم
ثبوت آهي. معلوم ٿئي ته ان دور ۾ لاهري بندر ئي
سنڌ جو اهم سامونڊي بندر هو، جتي پرڏيهه کان جهازن
وسيلي مال اچي لهندو هو، جتان درياهه ۽ خشڪيءَ
وسيلي اهو مال سنڌ، هندستان ۽ افغانستان جي مختلف
علائقن ڏانهن موڪليو ويندو هو.
هن بيان مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته محمد بن تغلق جي دور ۾
لاهري بندر به سندس هٿ هيٺ هو، جنهن جي جاگير هڪ
خراساني امير جي حوالي ڪئي وئي هئي، جيڪو آمدني جي
ويهين پتي پاڻ کڻندو هو، جيڪي ٽي لک دينار ٿيندا
هئا.
ابن بطوطه سيوهڻ مان ان خراساني جاگيردار سان سن 734هه/1333ع ۾
پنج ڏينهن سنڌو درياهه ۾ سفر ڪري لاهري بندر ويو ۽
اتي پنج ڏينهن رهي بکر ۽ اچي کان ٿيندو ملتان هليو
ويو، جتان مختلف شهرن کان ٿيندو وڃي دهليءَ ۾
سلطان محمد بن تغلق جي درٻار ۾ پهتو، جيڪو غير
ملڪين کي وڏا انعام اڪرام ۽ عهدا ڏيندو هو. اهي سڀ
ابن بطوطه به حاصل ڪيا.
ابن بطوطه هندستان ۾ تمام وڏو عرصو رهيو ۽ مختلف علائقا گهميو،
ان دوران هن کي ڪيترا چڱا ۽ خراب واقعا پيش آيا،
پر هن مضمون ۾ صرف سنڌ متعلق بلڪ خاص طرح سيوهڻ
سان لاڳاپيل واقعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي
تاريخي اهميت جون حقيقتون آهن.
مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن کان سواءِ ابن بطوطه جي سفرنامي مان نه صرف
سندس ٻيو دفعو سيوهڻ ۾ اچڻ ثابت ٿئي ٿو، پر سلطان
محمد بن تغلق جو سنه 742هه/41-1342ع ۾ پهريون دفعو
بادشاهه جي حيثيت ۾ سيوهڻ ۾ اچي ڪافي عرصو رهڻ جي
پڻ خبر پوي ٿي، جنهن کي عام طرح ليکڪن ۽ تاريخدانن
بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن اهم واقعي جو ڪٿي
به ذڪر نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ان جا نتيجا ڪڍيا
ويا آهن ته اهي ڪهڙا سبب هئا، جن جي ڪري هندستان
جو بادشاهه وڏو سفر ڪري سنڌ آيو ۽ ڪيترا مهينا
سيوهڻ ۾ اچي رهيو. سڀ کان پهريائين ابن بطوطه جي
ان بيان کي هوبهو ڏسڻ گهرجي ته جيئن سمجهڻ ۾ آساني
ٿئي.
ابن بطوطه لکي ٿو ته ”جڏهن شيخ شهاب الدين سان ملڻ جي ڏوهه ۾
بادشاهه محمد شاهه تغلق ناراض ٿي پيو ته مون کي
اچي ڊپ ورايو، سو پنهنجو سڀ ڪجهه مال دولت ۽ ڪپڙا
ورهائي هڪ گداگر جا ڪپڙا پائي تارڪ الدنيا ٿي ويس.
انهن ڏينهن ۾ بادشاهه سنڌ جي ملڪ ۾ ويل هو. جڏهن
بادشاهه کي خبر پئي ته آئون تارڪ الدنيا ٿي ويو
آهيان. تڏهن مون کي پاڻ وٽ گهرائي ورتائين. ان وقت
بادشاهه سيوستان (سيوهڻ) ۾ هو. مان فقيرن جي ڪپڙن
۾ بادشاهه جي سامهون حاضر ٿيس. مون سان بادشاهه
تمام نرميءَ سان ٿي ڳالهايو ۽ وري سندس نوڪري ڪرڻ
لاءِ مونکي زور ڪرڻ لڳو پر مون صاف انڪار ڪيو ۽
کانئس حجاز جي سفر جي اجازت گهريم، جيڪا هن منظور
ڪئي. پوءِ مان بادشاهه وٽان هليو آيس ۽ هڪ خانقاهه
۾، جيڪا ملڪ شير جي نالي سان منسوب هئي، ترسي پيس.
هي جماد الثاني جون آخري تاريخون ۽ سنه
742هه/(1341ع هو. آئون رجب وارو سڄو مهينو ۽ شعبان
جي ڏينهن تاريخ تائين اتي عباد ڪندو رهيس. هتي مون
پنجن پنجن ڏينهن جو روزو رکڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح
سان چاليهه ڏينهن پورا ڪيم. جڏهن چاليهه ڏينهن
پورا ٿيا، تڏهن بادشاهه مون ڏانهن هڪ زين سميت
گهوڙو، ٻانهيون، غلام، خرچ ۽ ڪپڙا موڪلي ڏنا. پوءِ
مون اهي ڪپڙا پهريا. جڏهن آئون بادشاهه وٽ پهتس،
ته هن منهنجي اڳي کان به وڌيڪ عزت ڪئي ۽ چيو ته
توکي چين جي بادشاهه وٽ پنهنجو سفير ڪري ٿو
موڪليان، ڇو ته توکي سير سفر جو شوق آهي.“
هن بيان مان خبر پوي ٿي ته محمد بن تغلق شاهه هندستان جو
بادشاهه ٿيڻ کانپوءِ پهريون دفعو سنڌ ۾ سنه
742هه/1341ع ۾ اچي گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا سيوهڻ ۾
رهيو هو.
بادشاهه جي سنڌ ۾ اچي هڪ وڏو عرصو سيوهڻ ۾ رهڻ جي هن واقعي جي
ابن بطوطه جي سفرنامي کانسواءِ ٻئي ڪنهن به حوالي
مان خبر ڪانه ٿي پوي ۽ نه ئي اهو معلوم ٿي سگهي ٿو
ته سلطان جي اچڻ سبب ڪڙو هو.
جڏهن ابن بطوطه اچي بادشاهه سان مليو تڏهن جمادي الثاني جون
آخري تاريخون هيون. جيڪر هن کي ويهين تاريخ سمجهجي
ته پوءِ جمالد الثاني جا ڏهه ڏينهن رجب جو سڄو
مهينو ۽ شعبان جا ڏهه ڏينهن، يعني پوڻا ٻه مهينه
عبادت ۾ گذاريا، جنهن کانپوءِ بادشاهه سلامت هن کي
انعام اڪرام ۽ اعزاز ڏيئي نوڪريءَ ۾ ٻيهر رکيو ۽
سفير ٿي وڃڻ لاءِ چيائينس.
ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ ٻڌائي ٿو ته سيوستان کان ملتان
تائين، جيڪو سنڌ پرڳڻي جي گادي جو هنڌ آهي. ڏهن
ڏينهن جو رستو آهي ۽ ملتان کان دارالخلافت دهليءَ
تائين پنجاهه ڏينهن جو رستو آهي. سندس ان بيان کي
سامهون رکي جيڪر غور ڪجي ته ائين سمجهه ۾ ايندو ته
بادشاهه محمد بن تغلق سيوهڻ پهچڻ کانپوءِ ابن
بطوطه جو حال احوال معلوم ڪري هن کي سيوهڻ گهرائڻ
لاءِ ماڻهو موڪليو هوندو ته ان جي دهلي پهچي ابن
بطوطه کي سيوهڻ آڻڻ ۾ پڪ سان چار مهينا لڳي ويا
هوندا“ چار مهينا سفر وارا ۽ ٻه مهينا سيوهڻ ۾ رهڻ
وارا ڇهه ئي مهينا بادشاهه محمد بن تغلق جو پڻ
سيوهڻ ۾ هجڻ سمجهڻ گهرجي، جيڪو هڪ بادشاهه لاءِ
گاديءَ جي هنڌ کان ٻاهر بنا ڪنهن سبب جي سيوهڻ ۾
رهڻ ممڪن نٿو نظر اچي.
پر اهو مسئلو ابن بطوطه جي سفرنامي مان ئي حل ٿي وڃي ٿو. هو لکي
ٿو ته ”سنڌ ۾ ٽپال ٻن قسمن جي ٿيندي آهي“ هڪڙي
گهوڙي واري ۽ ٻي پيادي. گهوڙي واري ٽپال ”اولاق“
لاءِ هر چئن ڪوهن يعني ٻن ميلن تي هڪ چونڪي يا
”ڍاٻو“ هوندو آهي، انهيءَ وچ ۾ ٻه ڳوٺ ٻڌل هوندا
آهن. هر هڪ ڳوٺ وٽ پيادو تيار ٿيو بيٺو هوندو آهي،
جنهن جي مٿي تي ٽامي جا گهينگهرا ٻڌل هوندا آهن،
اهو همراهه ٽپال جو لفافو هٿ ۾ جهلي، گهينگهرن
واري لٺ هٿ ۾ کڻي وٺي ڊوڙندو آهي. اڳتي وري ٻيو
همراهه گهينگهرن جو آواز ٻڌيو تيار ٿيو بيٺو هوندو
آهي. هيءَ ٽپال گهوڙن کان به جلد پهچندي آهي. هن
طريقي سان تازا ميوا ڪابه گهربل شئي يا ماڻهو پنجن
ڏينهن ۾ پهچي ويندي آهي.
مٿئين بيان مان اهو سمجهڻ آسان ٿي پيو ته ابن بطوطه کي هندستان
جي بادشاهه محمد بن تغلق جي سيوهڻ ۾ ڇهه مهينا نه
پر وڌ ۾ وڌ هڪ مهينو لڳو هوندو، پر هن مان اهو
ثابت ٿئي ٿو ته بادشاهه ٽن مهينن کان وڌيڪ سنڌ جي
سرزمين سيوهڻ تي ترسيل هو. پر اهڙو احوال سواءِ هن
سفرنامي جي ٻيو ڪٿان به ملي نه سگهيو آهي، جنهن جي
آڌار تي سندس سيوهڻ ۾ اچڻ جو ڪو واضح سبب بيان ڪري
سگهجي. جڏهن ته بادشاهه جي ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو
ڏڪار ۽ وبا سبب دارالحڪومت کان ٻاهر رهڻ جي شاهدي
ملي ٿي.
ابن بطوطه ۽ بين تاريخدانن جي ليکتن جو جائزو وٺڻ سان ڪجهه
حقيقتون هن طرح واضح ٿين ٿيون.
ابن بطوطه موجب جمادي الاول جي نائين تاريخ بادشاهه معبر جي
بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ لشڪر سان روانو ٿيو. ابن
بطوطه سال سنه 742هه ڏنو آهي. ٻنهي حوالن کي گڏي
اها تاريخ 9 جمادي الاول 742هه مطابق 21 آڪٽوبر
1341ع آچر جو ڏينهن سمجهيو ويندو.
ابن بطوطه کي بادشاهه ويندي مهل قطب الدين مبارڪ شاهه خلجي
(716هه- 720هه) جي مقبري ٺهرائڻ، ان جي سنڀال ۽
غريبن جي کاڌي کارائڻ تي مقرر ڪري ويو، سندس وڃڻ
کانپوءِ هندستان ۾ سخت ڏڪار پيو، ايتري قدر جو
ماڻهو مئل گهوڙا ۽ ماڻهو جو ماس کائڻ لڳا ۽ اناج
جي قيمت ڇهه درهم في مڻ ٿي وئي.
سلطان جي لشڪر ۾ به اچي وبا پکڙي ۽ پاڻ به بيمار ٿي پيو ۽ ان
مهم کي اڌ ۾ ڇڏي موٽي آيو. ضياءَ الدين برني تاريخ
فيروز شاهي ۾ لکي ٿو ته هن دور ۾ ڪيترا علائقا
بادشاهه جي هٿ مان نڪري ويا. ظلمن ۽ ماڻهن کي قتل
ڪرائڻ سان به امن امان قائم نه ٿيو. گجرات ۽ ديگير
کان سواءِ ڪو به علائقو سندس هٿ هيٺ نه رهيو.
هر طرف بغاوت پکڙي وئي. بادشاهه محمد بن تغلق ڪاوڙ ۾ جيئن جيئن
ماڻهو مارايا تيئن سندس خلاف نفرت وڌندي وئي.
ماڻهن ڏڪار ۽ وبا سبب محصول ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا.
بادشاهه ڪجه ڏينهن دهليءَ ۾ رهي حالتن کي سڌارڻ جي
ڪوشش ڪئي پر حالتون سڌري نه سگهيون. بادشاهه ڪيترا
دفعا گهوڙن ۽ مال جي چاري لاءِ لشڪر سميت دهلي کان
نڪري گجرات ۽ سنڌ جي علائقن ڏانهن هليو ويندو هو ۽
وري موٽي ايندو هو. پر تڏهن به مال ۽ ماڻهو مرندا
رهيا. ابن بطوطه جي بيان موجب ”کيس ان دوران شيخ
شهاب الدين سان ملڻ جي ڏوهه ۾ پهري هيٺ رکيو ويو
هو. شيخ شهاب الدين جي قتل کانپوءِ هن کي آزادي
ملي پر بادشاهه جي خوف کان وڃي شيخ ڪمال الدين
عبدالله غازي جي خدمت ۾ رهيو، جيڪو وڏو عابد زاهد
۽ الله وارو هو. هن ڪيترا مهينا اتي عبادت ۾
گذاريا. انهن ڏينهن ۾ بادشاهه سنڌ ملڪ ۾ ويل هو.“
شيخ شهاب الدين جو ڏوهه اهو هو ته هن بادشاهه محمد بن ٿغلق کي
عادل چوڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ کيس ظالم چيو هئائين.
انهي حقيقت تان بادشاهه جو ڏمر ڏسڻو پيس، ۽ نيٺ
شهادت حاصل ڪيائين. ابن بطوطه ان سان هڪ دفعو ملڻ
جي ڏوهه ۾ قابو ٿيو پر ڀاڳ ڀلا هئس جو نئين حياتي
مليس ۽ جيئن چين روانو ٿيو ته وري هندستان ڏي منهن
نه ڪيائين.
سنڌ جي آبادي، سرسبزي خوشحالي ۽ مٿين واقعن کي سامهون رکندي اهو
چئي سگهجي ٿو ته بادشاهه محمد بن تغلق هندستان جي
ڏڪار، وبا ۽ بغاوتن کان بيزار ٿي، پنهنجي لشڪر ۽
مال سميت سنڌ جو رخ رکيو ۽ سيوستان يعني سيوهڻ ۾
اچي ديرو ڄمايائين. سنڌو درياهه جي ڪپ تي ان جا
انبار ۽ منڇر جي علائقي ۾ مشهور چراگاهون موجود
هيون، جتي ماڻهو ۽ مال کائي پي سکيا ستابا ٿيا. هن
علائقي جو حاڪم به بادشاهه جو ناٺي ”عماد الملڪ سر
تيز سلطاني“ هو، جنهن بادشاهه ۽ سندس لشڪر جي بي
انتها خدمت ڪئي. بادشاهه هتي پنهنجي پياري ۽ اڪيلي
ڌيءَ سان پڻ ملاقات ڪئي هوندي ۽ ڪيترا مهينا آرام،
عافيت ۽ سڪون سان گذاريا.
ابن بطوطه جي ڏنل تاريخ جماد الثاني جي آخر کي جيڪر 20 جمادي
الٿاني 742هه/پهرين ڊسمبر 1341ع ڇنڇر ڏينهن سمجهجي
ته ڏهين شعبان 712/19 جنوري 1342ع ڇنڇر جي ڏينهن
تائين صرف اهي پوڻا ٻه مهينا ٿي ٿا وڃن ۽ پڪ سان
ان کان وڌيڪ ڪجهه وقت بادشاهه مهمد بن تغلق سيوهڻ
۾ گذاريا ۽ پوءِ ملتان کان ٿيندو وڃي دهليءَ پهتو.
هي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهو واقعو آهي، جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو
آهي. ان مان نه صرف هندستان جي تغلق حاڪم محمد
شاهه جي سنڌ ۾ اچي ڪافي وقت سيوهڻ ۾ رهڻ جو ثبوت
ملي ٿو، پر ابن بطوطه جي ٻيهر سيوهڻ اچڻ جي پڻ خبر
پوي ٿي. جنهن ۾ هو بادشاهه سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ
”ملڪ علي شير“ جي خانقاه ۾ رهڻ جو ذڪر ٿو ڪري،
جيڪا اصل ۾ سيوهڻ جي اڳوڻي حاڪم ملڪ علي شير
جوڙايل خانقاهه هئي. ابن بطوطه سنڌ مان دهلي ويو ۽
اتان چين جو سفر شروع ڪيائين جتان موٽي هو پنهنجي
ملڪ مراڪش هليو ويو.
سيوهڻ بابت هن تاريخي اهميت جي حوالي جو سواءِ ابن بطوطه جي ٻئي
ڪنهن به ذڪر نه ڪيو آهي، جيڪر ابن بطوطه هن کي
پنهنجي سفرنامي ۾ شامل نه ڪري ها ته اسان کي ان
هاڪاري ۽ ظالم حڪمران جنهن بي پناهه لشڪر سان ٺٽي
تي 752هه/3151ع ۾ ڪاهه ڪئي ۽ سنڌوءَ جي ڪپ تي پلو
کائي بيمار ٿي مري ويو، جي سندس حياتيءَ ۾ سيوهڻ ۾
اچي ڪيترا مهينا رهڻ جي ڪابه سڌ نه پئجي سگهي ها.
نتيجا:
ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ سنڌ متعلق ۽ خاص طرح سيوهڻ بابت ڪيترا
تاريخي حوالا ملن ٿا، جن کي اسان جي تاريخدانن
بلڪل وساري ڇڏيو آهي. جن تي غور ڪرڻ سان اهڙي
تاريخي معلومات ملي ٿي، جيڪا ڪنهن به تاريخي ڪتاب
مان ملڻ ممڪن ڪونهي.
• ابن بطوطه سنڌ ۾ بلوچستان کان ٿيندو جيڪب آباد ضلعي مان داخل
ٿيو هو ۽ سنڌو درياهه جو مکيه وهڪرو نه پر ان جي
الهندي وهڪري کي پار ڪري لاڙڪاڻي ۽ دادو وارين
ايراضين مان ٿيندو سنه 734هه/1333ع ۾ سيوهڻ پهتو.
• سنڌ تي ان وقت هندستان جي تغلق حڪمران محمد بن تغلق جو راڄ هو
۽ سندس پاران امير عماد الملڪ سر تيز مقرر ٿيل هو،
جنهن جو مرڪز ملتان ۾ هو جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو
هنڌ ۽ سيوهڻ کان ڏهن ڏينهن جي پنڌ تي هو، سنڌ جو
امير عماد الملڪ سر تيز ان وقت سيوهڻ جي انتظام
درست ڪرڻ لاءِ سيوهڻ ۾ ترسيل هو.
• سنه 733هه/1333ع ۾ سيوهڻ جي انتظام لاءِ ڄام انڙ ۽ قيصر رومي
مقرر ڪيل هئا، پر پوءِ انهن جي مٿان ملڪ رتن کي
مقرر ڪيو ويو، جنهن کي هنن ٻنهي برداشت نه ڪيو ۽
گڏجي کيس قتل ڪري خزاني تي قبضو ڪيائون. ڄام انڙ
لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي لاڙ واريءَ ايراضيءَ ڏي
هليو ويو. قيصر روميءَ کي عماد الملڪ سرتيز ملتان
مان لشڪر چاڙهي اچي قيد ڪيو ۽ پوءِ ٻين باغين سميت
مارائي ڇڏيو.
• ابن بطوطه محرم 734هه/آگسٽ 1333ع ۾ انهن باغين جون بهه ڀريل
کلون سيوهڻ جي قلعي جي ڀت تي ٽنگيل ۽ انهن جي سسين
جو وڏو ڍڳ وچ شهر ۾ گڏ ٿيل ڏٺو هو، جنهن مان ان
بغاوت کي سختيءَ سان ختم ڪرڻ جي شاهدي ملي ٿي.
• سنه 734هه/1333ع ۾ سنڌ جي سري وارن علائقن ملتان، اچ، بکر ۽
سيوهڻ کان سواءِ لاڙ جا ڪجهه علائقا ۽ خاص طرح
لاهري بندر تغلق حڪمرانن جي حڪم هيٺ هئا. لاهري
بندر ۽ ان سان لاڳاپيل علائقا بادشاهه محمد بن
تغلق پاران قاضي علاالملڪ فصيح الدين خراساني کي
جاگير طور مليل هئا. لاهري بندر جو ساليانو محصول
سٺ لک دينار (سونا سڪا) هو. ويهين پتي يعني ٽي لک
دينار جاگيردار ۽ باقي ستونجاهه لک دينار سلطاني
خزاني ۾ جمع ٿيندا هئا. لاهري بندر وڏو بندرگاهه ۽
سهڻو شهر هو جتي سڄي دنيا جا جهاز ۽ ماڻهو ايندا
هئا.
• سنڌ جا اهم ۽ وڏا شهر پيادن ۽ گهوڙن جي ٽپال وسيلي هندستان جي
تختگاهه دهليءَ سان ڳنڍيل هئا ۽ سلطاني فرمان،
سوکڙيون ۽ ٻي ڪابه گهربل شئي پنجن ڏينهن ۾ سيوهڻ
کان دهلي پهچندي هئي.
• هندستان جو سلطان محمد بن تغلق، جيڪو ٺٽي تي بي پناهه لشڪر
سان ڪاهه ڪري آيو هو ۽ پلو کائي سنڌوءَ جي ڪناري
752هه/1351ع ۾ گذاري ويو. اهو پنهنجي حياتي ۾ به
گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا جمادي الثاني، رجب ۽ شعبان
742هه مطابق نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري 1341ع سيوهڻ ۾
اچي رهيو هو ۽ ابن بطوطه کي دهلي مان سيوهڻ گهرائي
اڳيان ڏوهه معاف ڪري چين جو سفير ٿي وڃڻ جو حڪم
ڏنائين.
محمد بن تغلق جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ سيوهڻ ۾ ايتري وقت لاءِ رهڻ جو سبب
دهليءَ ۾ ڏڪار، بيماري ۽ ملڪ ۾ بغاوتون سمجهڻ ۾
اچن ٿيون، جن کان بچڻ لاءِ سنڌ جهڙي سائي ستابي ۽
خوشحال ملڪ ۾ آيا. سندس ناٺي عمادالملڪ سرتيز سنڌ
جو حاڪم هو، جنهن وٽ سڪون سان ڳچ مهينا رهي پاڻ
سيوهڻ ۾ ساهه پٽيائين ۽ سندن گهوڙا ۽ ٻيا جانور
منڇر جي علائقي وارن سر سبز ميدانن ۾ گاهه ۽ داڻو
چرندا رهيا. خاص طرح سان سيوهڻ بابت مٿين تايرخي
حوالن بابت سواءِ ابن بطوطه جي ڪنهن به ٻئي سياح
يا تاريخدان ذڪر نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن محقق ان
تي روشني وڌي آهي.
مددي وسيلا
محمد ابراهيم عباسي، (مترجم سنڌي) ابن بطوطه جو سفر سني ادبي
بورڊ، حيدرآباد، 1976.
محمد حسين (مترجم اردو) سفرنامه ابن بطوطه يعني عجائب الاسفار،
بڪ لينڊ ڪراچي 1961.
يحى بن احمد عبدالله السيهرندي تاريخ مبارڪ شاهي (فارسي)
ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال، بپٽسٽ مشن پريس ڪلڪتو،
1931ع.
ضياءُ الدين برني، ڊاڪٽر سيد معين الحق (مترجم اردو) تاريخ
فيروز شاهي، مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1969.
محمد قاسم فرشته، عبدالحئي خواجه (مترجم اردو) تاريخ فرشته، شيخ
غلام علي اينڊ سنز لاهور 1969.
ابو النصر محمد خالدي، تقويم هجري و عيسوي، انجمن ترقي اردو،
ڪراچي 1952.
M.h.Panwahar, Chronological Dictionary of Sindh,
Institute of Sindhology Sindh University,
Jamshoro, 1983.
Jamini Mahan Banarjee, History of Feroz Shah
Tughluq, Progressive Books Lahore, 1976.
G.S.P. Freeman Grenville, The Muslim mand
Christian Calenders, Oxford University Press,
London,
1963.
(قلندر شهباز ؒ جي ميلي 1991ع/1411هه جي موقعي تي منعقد ڪيل ٻي
تاريخي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالو)
بهم جي ڀڙي جا قديم آثار
ڊاڪٽر محمد رفيق مغل
مترجم: مراد علي مرزا
سن 11-712ع ۾ عربن جي طرفان سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي فتح کانپوءِ
موجوده پاڪستان ۽ اتر ڏکڻ ايشيا جي سماجي،
اقتصادي، مذهبي ۽ ثقافتي جوڙجڪ ۾ ڳوڙهيون تبديلي
آيون. محمد بن قاسم ثقفي جي اڳواڻيءَ ۾ عرب فوج
جيڪا فوجي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، ان جي ڀيٽ ۾ ان
حملي جي ڪري جيڪي نتيجا نڪتا، انهن جي تمام گهڻي
اهميت آهي. منصوره جي بادشاهت جي قائم ٿيڻ جي ڪري،
جيڪا سنڌ ۾ ڏکڻ پنجاب جي علائقن تي پکڙيل هئي ۽
جنهن جا ملتان ۽ منصوره (1) ٻه گاديءَ وارا هنڌ
هئا، هن خطي ۾ اسلامي تهذيب جا بنياد رکيا ويا.
خاص ڪري سنڌ ۾ اسلامي حڪومت جي ثقافتي ۽ تاريخي
اهميت جي موضوع تي ڳوڙهي تحقيق ٿي آهي. ساڳيءَ ريت
عرب جاگرافيدانن ۽ تاريخدانن اسلامي فتح جي سلسلي
۾ جن ماڳن ۽ مڪانن جا حوالا ڏنا آهن، انهن جي
سڃاڻپ تي ٿيل ڪم پڻ دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي.
محمد بن قاسم سن 11-712ع ۾ عرب فوج جي اڳواڻي ڪندي، جنهن رستي
تان سنڌ کي فتح ڪرڻ جي لاءِ آيو هو. ان کي ڪيترن
ئي عالمن ڳولي لڌو آهي ۽ ان تي بحث ڪيو آهي (2).
ان هوندي به اوائلي مسلمان جاگرافيدانن ۽
تاريخدانن انهن سڀني ماڳن جي جيڪا پوري پختي سڃاڻپ
ڪرائي آهي، ان جي تصديق اڃا سر زمين تي ڪم ڪرڻ
کانپوءِ ٿي سگهندي. ان باري ۾ حملي ۽ واقعي جا
جيڪي تفصيل ڄاڻايا ويا آهن، انهن مان خبر پوي ٿي
ته اهي ڪهڙا علائقا هئا، جتي انهن شهرن ۽ وستين کي
ڳولي سگهجي ٿو. مسلمانن سنڌ ۾ جيڪي قديم شهر
پنهنجي قبضي ۾ ورتا هئا، انهن جي سڃاڻپ جي سلسلي ۾
هڪ خاص دقت اها ٿي پيش اچي، جو انهن جي نه پوري
چڪاس ٿي آهي ۽ نه وري کوٽائي ۽ سواءِ ٻن وڏن شهرن
جي جيڪي آهن، ڀنڀور (3) (ضلعو ٺٽو) ۽ سانگهڙ ضلعي
۾ شهدادپور جي ويجهو منصوره (4)، انهن ٻنهي هنڌن
تي آثار قديمه ۽ عجائب گهرن جي کاتي ڊاڪٽر ايف اي
خان جي نظرداري هيٺ کوٽايون ڪرايون آهن. هاڻي ان ۾
ڪو به شڪ ڪونهي ته ديبل (5) جو مشهور شهر ڀنڀور
واري هنڌ هو، جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو هو.
ساڳيءَ ريت منصوره ۾ آثار قديمه جون جيڪي شيون هٿ
آيون آهن، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو شهر
اسلامي دور کان اڳ واري شهر بهمڻ آباد يا برهمڻ
آباد جي کنڊرن تي يا ان جي ويجهو اٺين صدي
عيسويءَج جي پهرئين چوٿَ ۾ قائم ٿيو هو.
ديبل کان بهمڻ آباد تائين ۽ ان کان مٿي وڃڻ جي لاءِ محمد بن
قاسم جيڪو رستو ورتو هو، اهو صاف آهي (نقشو1).
جيڪڏهن اسين سنڌو درياه (مهراڻ) جي پراڻي وهڪري ۽
ان جي مختلف شاخن کي ڌيان ۾ رکنداسون ۽ جن تان
محمد بن قاسم اُڪري ويو هو، ته مختلف شهرن جي اصل
ماڳن جي صحت سان ڪٿ ڪري سگهجي. عالمن جو ان ڳالهه
تي عمومي اتفاق آهي ته نيرون ڪوٽ حيدرآباد جي نئين
شهر جي ويجهڙائي ۾ ۽ سنڌو درياه جي هاڻوڪي وهڪري
جي اوڀر ۾ هو. راؤڙ جو شهر، جنهن جي باري ۾ عالمن
اڪثر ڪري مونجهارو پئي پيدا ڪيو آهي، اهو درياهه
جي هڪ پرائي شاخ جي اڀرندي ڪناري تي واقع هو ۽
جنهن جي تلهار جي ويجهڙائي جي ايراضيءَ ۾ سڃاڻپ
ڪئي ويئي آهي. لئمبرڪ بُهروُر ۽ ڌليه کي ٿري ۽
ميرپورخاص ڪري ڄاڻايو آهي (6) بهمڻ آباد جي فتح جا
واقعا بلڪل واضح آهن، پر مٿي اتر ۾ الور طرف
بَرهووَر نالي شهر جي سڃاڻپ جي لاءِ تحريري ذريعن
۾ ڪابه سنجيده ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. ان هوندي به
اهو واضح آهي ته بهمڻ آباد جي فتح ۽ اتي جي
بندوبست ۽ معاملن مضبوط ڪرڻ کانپوءِ محمد بن قاسم
سئانديءَ ڏانهن وڌيو ۽ هڪ ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي
منزل ڪيائين، جنهن کي ڍنڍ وِڪرڀا يا وڪر بهار ۽ پڻ
ڪر بهار ڍنڍ سڏيو ويندو هو. ان ايراضيءَ ۾ گهڻو
ڪري ٻوڌين جي آبادي هئي، جن کي ساماني (پروهت)
سڏيو هو ۽ جيڪي تاجر ۽ واپاري هوندا هئا. چيو وڃي
ٿو ته ڏيپر گهانگهرو جا کنڊر اڳ ٻُڌنؤ بهار جو
مَٺَ هوندا هئا (7).
سئانديءَ کان محمد بن قاسم بَرهووَر يا ڀاروَر ڏانهن وڌيو. ان
هنڌ به چيو ويو آهي ته ٻوڌي رهندا هئا، اتي عرب
جنرل، سليمان بن بهتان ۽ ابو فدا قشوري کي گهرائي،
هدايتون ڏنيون ته مڪاني انتظام سنڀاليو. هن عَمرو
بن مختار الاڪبر حنفي کي سندن سردار مقرر ڪيو.
برهووَر ٿي سگهي ٿو ته ڪو شهر يا وستي هجي.
نوابشاهه ضلعي (8) ۾ ٻانڌي ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ
اولهه ۾ اٽڪل 22 ڪلوميٽر پري هڪ ٻوڌي مَٺِ اڃا
تائين موجود آهي، جنهن کي ٺل مير رڪن سڏين ٿا.
ڀِڙو بَهم جا کنڊر ان ساڳيءَ ايراضيءَ ۾ ملن ٿا.
جتي عرب فوج اَلور ڏانهن ويندي ترسي هئي.
ڀِڙوبَهم ۾ جيڪي کوجنائون ڪيون ويون، اهي ان تحقيق جو هڪ حصو
هيون، جنهن جو مقصد مرڪزي سنڌ ۾ قديم ماڳن جو ثبوت
ڏيڻو هو. محمد بن قاسم جنهن معلوم رستي تان ويو
هو، اُن تي بهم جي ڀڙي جو هنڌ پنهنجي تاريخي ۽
ثقافتي اهميت ڏيکاري ٿو، تنهن ڪري اهو خيال
ڏيکاريو ويو ته ان دڙي جي ڪري سنڌ ۾ اسلامي جنگي
مُهمن ۾ ڄاڻايل هنڌن مان ڪنهن هڪ هنڌ جي سڃاڻپ ۾
مدد ملي سگهندي. مرڪزي سنڌ جي علائقي ۾ ٻڌ مذهب جا
ڪي اهڙا اهم هنڌ پڻ ملن ٿا ۽ اهو پڻ ڳوڙهو امڪان
هو ته ڀنڀور ۽ منصوره جون هم عصر وستيون به اتي ئي
ملي سگهنديون. ان چڪاس لهڻ جي لاءِ ڀڙوبهم ۾ جيڪي
چَريون کوٽيون ويون هيون. انهن مان اوائلي اسلامي
دؤر بابت اهم معلومات هٿ آئي هئي. ان کوٽائيءَ جو
مختصر احوال ”پاڪستان آرڪيالوجي“ نمبر 2 ۾ ڏنو ويو
هو، پر ان وقت مڪمل رپورٽ شايع نه ٿي سگهي هئي (9)
انهيءَ وچ ۾ ڀنڀور ۽ منصوره ۾ کوٽايون ڪيون ويون،
جن جي نتيجي ۾ ڏکڻ سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن بابت
معلومات قلمبند ڪئي وئي آهي. هاڻي صاف ظاهر ٿيو
آهي ته ڀڙوبَهم اُن وقت جي اسلامي دنيا جو هڪ مڪمل
حصو هو، جيڪا اسپين کان وٺي سنڌ تائين پکڙيل هئي،
ان سان گڏ سنڌ ۾ اسلامي وستي جو جيڪو نمونو هو، ان
تي به اُن مان تمام قيمتي معلومات حاصل ٿئي ٿي،
انهن حقيقتن کي ڌيان ۾ رکندي موجوده مصنف ضروري
ڄاتو ته ڀڙوبَهم مان تازو کوٽائيءَ ۾ جيڪي شيون
مليون آهن، انهن جو اڀياس ڪيو وڃي ۽ ان جي اهميت
ڏانهن عالمن جو ڌيان ڇڪائجي.
سر زمين ۽ ان جون خاصيتون:
ڀڙوبَهم مرڪزي سنڌ جي ضلعي نوابشاه ۾ دوڙ ۽ ٻانڌي ريلوي اسٽيشنن
جي وچ ۾ ٻانڌيءَ جي ڏکڻ طرف 5.5 ڪلوميٽرن جي فاصلي
تي، ريلوي لائين ۽ امرجي واهه جي درميان واقع آهي.
اتي اهو ڀڙوبَهم جو ڀڙو سڏجي ٿو. (10) خاص دڙو ڪل
24 ايڪڙن جي ايراضي ۾ پکڙيل آهي، پر ان ماڳ جا
آثار اتر اولهه پاسي وڌيڪ چئن ايڪڙن جي ايراضي ۾
پکڙيل آهن (نقشو2).
اصل دڙي جي ايراضيءَ جي چوڌاري پڪ سري قلع بندي ٿيل آهي، جنهن
جي ماپ اتر کان ڏکڻ تائين 304 ميٽر آهي ۽ اوڀر کان
اولهه تائين 5. 289 ميٽر آهي. ان جي چوطرف پوک
لائق ٻنين جي سطح کان وڌ ۾ وڌ اوچائي چار ميٽر
آهي. قلع بندي جي ايراضيءَ جي اتر اولهه ۾ ٻاهر به
قبضي جي آثار اڃا تائين ڏسجن ٿا. ڪوٽ جي ديوار کي
وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ اڌ گول برج هڪجيتري وڇوٽي
تي ٺاهيا ويا آهن، جن مان گهٽ ۾ گهٽ چوويهه برج
سٺيءَ حالت ۾ آهن. لڳي ٿو ته باقي برج ڀڄي ڀري ويا
آهن.
دڙي جي سطح تي پڪين سرن ۽ ٺڪرن جي ٿانوَن جا ٽڪر پکڙيا پيا آهن.
ان جو ڏکڻ اوڀر وارو پاسو کاڄي ويو آهي ۽ جيڪو
اوسي پاسي جي ٻنين جي سطح سان اچي لڳو آهي. مڪاني
ماڻهن دڙي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي اونهيون کوٽايون
ڪيون آهن، جنهن جي ڪري ڪمرن جا اصل خاڪا پڌرا ٿي
پيا آهن. هڪ ڪمرو جنهن جي ماپ 5. 3X
8. 2 ميٽر آهي، ان ۾ اندران ٻن عمارتن جون سطحون
ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته پوئين
عمارت اوائلي دؤر جي رهائشي ڍير تي تعمير ڪئي وئي
هوندي. گهٽ ۾ گهٽ چوڏهن اَڏاوتون پڌريون ٿيون پيون
آهن، جن کي سن 1963ع ۾ مڪاني ماڻهن کوٽي ظاهر ڪيو
هو. دڙي جي اتر اوڀر حصي ۾ اڏاوتن جي هڪ ميڙ ۾
ڪيترائي ڪمرا متوازي قطارن ۾ ڏسجن ٿا، جن مان هر
هڪ جي ماپ اٽڪل 8. 5
X
5. 3 ميٽر ٿيندي، اتي سطح تي (جيڪا آخري دؤر جي
لڳي ٿي) جيڪي پڪيون سرون پيل هيون تن جي ماپ 29 يا
33 سينٽي ميٽر
X 23 س م ۽ 3. 6 يا 8. 3 س م آهي. ان وستيءَ جي عين وچ ۾ هڪ
مستطيل اڏاوت آهي، جنهن ۾ ٿنڀن جون قطارون آهن ۽
الهندي ديوار جي وچ ۾ محراب وانگر هڪ ننڍو حصو
ٻاهر نڪتل آهي. لڳي ٿو ته اها هڪ مسجد هوندي.
کوٽايون:
سطح تي جيڪي ظاهر خاصيتون ڏسجن ٿيون، انهن جي خبرداري سان چڪاس
ڪرڻ کانپوءِ ٽن هنڌن تي چَريون کوٽيون ويون هيون
ته جيئن ثقافتي آثار هٿ ڪجن ۽ ان ماڳ جي تاريخ
نئين سر جوڙي سگهجي. اهو پڻ ضروري سمجهيو ويو هو
ته اتي جي اڏاوتن جون خاصيتون مقرر ڪجن ۽ قلعي جي
ديوار سميت انهن جي تعمير جي تاريخ مقرر ڪجي. زمين
جي بنهه هيٺئين تهه تائين ٽي چريون کوٽيون ويون
هيون. (11) هر هڪ چريءَ مان جيڪي ثبوت مليا آهن،
انهن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو. قلعي جي اُڀرندي
ديوار جي وچ ۾ ٻاهر تي نڪتل هڪ ٻئي جي ويجهو ٻه
بُرج ڏيکارين ٿا ته اتي هڪ دروازو هوندو. انهن ٻن
برجن جي وچ ۾ هڪ چري (1) زمين جي قدرتي سطح تائين
کوٽي وئي هئي. اُميد مطابق ان مان هڪ رعبدار
دروازو ظهر ٿيو، جيڪو 5.5 ميٽر موڪرو هو ۽ جنهن جا
ٻه اڌ گولائي وارا پَڪسِرا برج هئا. ان دروازي يا
ڦاٽڪ جي معماري مان ٻن اڏاوتي دؤرن جا نشان ملن
ٿا. آخري دؤر ۾ ڦاٽڪ جي اندران ٻه ٻانهيون تعمير
ڪيون ويون هيون، جن جي ڪري ڪل ٻن ميٽرن جي ايراضي
والارجي وئي هئي. دروازي جي آخري اڏاوتي دور ۾ اتي
ڪا وڏي باهه لڳي هئي، جنهن جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ 92
سينٽي ميٽر ڀُرڻي رک جي ٿلهي تهه جا متوازي افقي
ڪارا ليڪا ڏسڻ ۾ آيا. سڙيل رک جا تَههَ نمبر (1) ۽
(2) زمين جي سخت مٿانهين تي پيا هئا، جڏهن دروازي
کي پوريءَ طرح ظاهر ڪيو ويو ته ان جي ماپ 76. 3
ميٽر ويڪري هئي (تصوير 3). قائم ديوار جي وڌ ۾ وڌ
اوچائي ٻن ميٽرن کان به وڌيڪ هئي. ڏاکڻون برج پڻ
پوري طرح سان ظاهر هو، جيڪو 96. 3 ميٽر موڪرو
ديوار لڳ هو ۽ ان سان گڏ ٺاهيو ويو هو. قلعي جي
چؤديواري جي اڀرندي پاسي کان اهو 91. 3 ميٽر ٻاهر
نڪتل هو. ٻاهران برج جو اڌ گهيرو 9 ميٽرن جو هو.
وڏي دروازي جي اندرئين طرف هڪ ٻي چري (11) کوٽائي وئي. ان مان
ٻن اڏاوتي دؤرن جا وڌيڪ ثبوت هٿ آيا، جن جو تعلق
نرم ۽ ڀرٽڻي ڇار جي تَهن (1) ۽ (2) سان هو ۽ جن ۾
آخري اڏاوتي دؤر جا ڪيترائي ٺڪر جا ٽڪر ۽ اوائلي
ديوار سان واسطو رکندڙ شيون مليون هيون.
ٻن اڏاوتي سطحن جي ظاهر ٿيڻ تي جتان ان ماڳ جي اڀرندي طرف ٻن
چرين مان بلڪل هڪ جهڙي خاصيت جا ٺڪر جا ٿانوَ ڏسڻ
۾ آيا هئا. اتي وڌيڪ تفتيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي
ته جيئن تصديق ڪري سگهجي ته اهي ٻئي اڏاوتون ڪهڙي
دؤر ۾ ٿيون هيون ۽ اها سخت باهه فقط وڏي دروازي
تائين محدود هئي يا ان سموري ايراضي ۾ لڳي هئي. ان
جو جواب هڪ ٻي چريءَ (111) مان ملي، جيڪا قلعي جي
الهندي ديوار جي لڳ ڏکڻ اولهه ڪنڊ ۾ کوٽائي وئي
هئي. ان مان سالم بچاءُ ديوار ظاهر ٿي، جنهن جي
ماپ 12. 2 ميٽر هئي (تصوير 4). قلعي جي ديوار جي
ٻن اڏاوتي دؤرن جي پڻ تصديق ٿي. تعميري ڪم جي
رڪاوٽ مان هر دؤر چٽيءَ طرح سان پڌرو هو. پوئين
دؤر جي ديوار اڳوڻي ديوار جي مُنهن مان ٿورو ٻاهر
نڪتل هئي. پوئين دور جي ديوار جا مٿيان تهه نرم ۽
ڀُرٽڻي ڪاري ڇار جهڙي مٽيءَ جا ٺهيل هئا، انهن
سڙيل تهن جي بناوت بلڪل انهن سڙيل تهن جهڙي هئي،
جيڪي ان دڙي جي اوڀر طرف ظاهر ٿيا هئا. ان آثاري
شاهديءَ مان پڌرو ٿيو ته ڀڙوبَهم جي سموري وستي
باهه لڳڻ جي ڪري تباهه ٿي هئي.
قلعي جي ديوار جي چوپٽيءَ تي ٽن هنڌن تي ٿوري کوٽائي پڻ ڪئي وئي
هئي. ان مان خبر پئي ته ان جي ڪل ويڪر 83. 1 ميٽر
هئي. ديوار جي اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي پڪل سرن جي
اوساري هئي، جن جي وچ ۾ 84 سنٽي ميٽرن ويڪري وٿي
مٽيءَ سان ڀريل هئي. مضبوطيءَ پکيڙ، تعميري مهارت،
قلعي بندي ۽ برجن ۾ ڀڙوبَهم جو مقابلو سنڌ ڀنڀور
۽ منصوره جي دفاعي سرشتن سان ڪري سگهجي ٿو.
ٺڪر جا ٿانوَ:
ڀڙوبَهم تي لاڳيتي قبضي جي نتيجي ۾ ٺڪر جي ٿانَون ٺاهڻ جي نمونن
۾ ڪابه وڏي ثقافتي تبديلي يا رڪاوٽ نظر نه آئي.
مٿئين تهه کان وٺي هيٺ قدرتي مٽيءَ تائين مليل
نمونن ۾ هڪجهڙائي ملي ٿي.. جيتوڻيڪ ٺڪر جي ٿانوَن
جي خاص نموني جي نايابي يا غير موجودگي جو سبب
شايد اهو هو، جو تمام ننڍي ايراضيءَ ۾ کوٽائي ڪئي
وئي هئي، پر انهن ٿانون جي اڀياس مان معلوم ٿيو ته
اهو سمورو ڀنڊار گهڻو ڪري هڪڙي ئي ثقافتي دؤر جي
ساڳئي گروهه جو آهي، جنهن جو زمانوي اٺين صدي
عيسويءَ کان وٺي پنج سؤ ورهين تائين پکڙيل آهي.
اتي ٺِڪر جي شين جا جدا جدا ۽ ننڍا وڏا ڪيترائي نمونا مليا هئا،
جن مان ڀڙوبَهم جي مڪاني هنرمندن جي ذهانت جو واضح
ثبوت ملي ٿو. اهي ڪاريگر ڏاڍاين دلڪش صورتن وارا
ٿانوَ ٺاهيندا هئا ۽ ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ سان انهن تي
تمام خوبصورت آرائشي چٽسالي ڪندا هئا. ڪنڀارڪي ڪم
جي انهن نمونن مان پتو پوي ٿو ته مٽيءَ کي استعمال
ڪرڻ ۽ ان جي سطح تي نقش و نگار چٽڻ ۽ انهن کي کليل
نهائين ۽ پچائڻ ۾ اهي ماڻهو ماهر هوندا هئا.
ڀڙوبَهم جي پسگردائي ۾ ڪنڀارڪي هنر جي اڀياس مان
خبر پوي ٿي ته مرڪزي سنڌ ۾ ٺڪر جي ٿانوَن جو رنگ
روپ ۽ آرائشي طريقا ساڳيا قديم زماني وارا آهن،
تنهنڪري ڪنڀارڪي هنر جي روايتن جو سلسلو هزارين
ورهين کان به وڌيڪ ٿئي ٿو.
ڀڙوبَهم ۾ ٺڪر جون شيون تيز ڦرندڙ چَڪَ تي ٺهنديون هيون ۽ پوءِ
انهن کي باهه ۾ پچائي انهن تي ڳاڙهي رنگ جا مختلف
پاڇا ڏنا ويندا هئا. اناج رکڻ جي وڏن ٿانون کي ٻن
حصن ۾ ٺاهبو هو ۽ پوءِ ڪنڌيءَ کان هيٺ انهن جي
مٿاڇري تي واڌو مٽي هڻي، سنڌو ٺاهي، انهن کي پاڻ ۾
ملائبو هو. ٿانوَ جي سطح تي سنڌو گهڙي هڻبو هو ته
جيئن ڪو نقش ٺهي اچي. ٺڪر جو مٿاڇرو تمام لسو
ٺاهيندا هئا ۽ ساڳئي رنگ جي پاڻي سان ان کي ڌوئبو
هو ۽ پڻ ٻاهرين پاسي هلڪو ڳاڙهو رنگ ڏبو هو. وڏن ۽
ننڍن پيالن جي تري تي ڏوريءَ جا نشان ڏيکارين ٿا
ته اهي ڪنڀار جي تيز ڦرندڙ چَڪ تان ڏوريءَ سان ڇڪي
جدا ڪبا هئا.
ڀڙوبَهم جا ٺڪر جا ٿانوَ هيٺ ڄاڻايل خاص قسمن ۾ رکي سگهجن ٿا،
جن جون پنهنجون خصوصيتون آهن، جيڪي هيٺ مختصر طور
تي ڏجن ٿيون:
سادي ڳاڙهي رنگ جا ٿانوَ:
ڀڙوبَهم مان ٺڪر جا سالم ٿانوَ ڪو نه مليا هئا، پر ٺڪرين جي
مختلف ٽڪرن کي ٻيهر جوڙڻ سان معلوم ٿيو ته شين کي
محفوظ رکڻ جي لاءِ وڏن ٿانوَن کان وٺي ننڍن پيالن
۽ وٽين تائين انهن جا ڪيترائي نمونا مليا هئا. وڏا
ٿانوَ يا ته گول آهن يا ڪُٻي تري وارا ڊگها. ان
نموني جي ٿانوَن کي عام طرح سان ٻن حصن ۾ ٺاهيو
ويندو هو ۽ پوءِ منصوره ۽ ڀنڀور مان لڌل ٿانون
وانگر انهن کي ڪنڌيءَ کان هيٺ ملائبو هو. پيالن ۽
وٽين جا ترا سڌا آهن. ٻنجن سان ڪوزن جي ڍَڪن جا
ڪُنا يا ته نوڪدار آهن يا وري پاسن کان اڀريل. ڪن
سادن ٿانون جون ڊگهيون ۽ سوڙهيون ڳچيون آهن، جيڪي
لڳي ٿو ته پاڻي جا ڪؤنرا آهن ۽ جيڪي اڃا تائين سنڌ
۾ استعمال ٿيندا آهن. پاڻي جي انهن ڪؤنرن جي تري ۾
مٽيءَ جو وڌيڪ ليپو ڏيندا آهن ته جيئن پاڻي وڌيڪ
ٿڌو رهي.
ڀوري مٽيءَ جا ٿانوَ:
ڀوري مٽيءَ مان ٺهيل شيون گهٽ مليون آهن، جن ۾ گهڻو ڪري کاڌي
پچائڻ جا ٿانوَ آهن. اهي ڪَنَنَ وٽان ڪشادا ٿين ٿا
۽ انهن جي هيٺئين حصي ۾ سنڌي وٽ تکي اُڪر ٿيل آهي.
سنڌي جي ويجهو دلڪش نقشن جي هڪ قطار به آهي. ان
ساڳئي نموني جي ڀوري مٽيءَ جا ٿانوَ، جن جي ڪنن تي
يا انهن جي هيٺان آرائشي ڪم جي قطار ٿئي ٿي، آخري
عباسي دؤر (10-12 صدي عيسوي) ۾ پڻ ڀنڀور مان مليا
آهن.
ٺڪر جا منقش ٿانوَ:
ٺڪر جي ٿانوَن جي مٿئين حصن تي نقاشي ٿيل آهي ۽ ڪن حالتن ۾
ٿانوَن جي ڪنارن تي اُها ڏسجي ٿي. اهو ڪم ڪاري رنگ
سان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهي رنگ جو به استعمال
ٿئي ٿو. هلڪي ڳاڙهي رنگ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڦڪي رنگ جي
ڪشادن حاشين اندر نقش ترتيب ڏنا ويا آهن. خاص نشان
مهندسي ۽ خطي آهن، جن ۾ منڌيئڙي وارين ليڪن سان وچ
۾ ڳاڙهن ٽٻڪن وارا مربع (تصوير 5، نمبر 4 ۽ 5) وَر
واريون ڪاريون ۽ ڳاڙهيون ليڪون (تصوير 5، نمبر 1،
2)، پَن جهڙا ٽٻڪن وارا نقش (تصوير 5، نمبر3) ٽٻڪن
وايرن ليڪن سان گول 7 ٽڪنڊا (تصوير 5، نمبر 6)
ڏسجن ٿا. ڀڙوبَهم مان مليل ٺڪر جي ٿانون تي چٽيل
نقش بلڪل اهڙا آهن. جهڙا آخري عباسي دؤر ۾ ڀنڀور
مان هٿ آيا هئا. (12) ڀنڀور مان جيڪي جانورن جا
نقش مليا آهن، اهڙا ڀڙوبَهم مان اڃا تائين ڪو نه
لڌا آهن.
ڪاشيءَ جا ٿانوَ:
ڀڙوبَهم جي سطح تي هڪ اڇي رنگ جو ٿلهو ٽڪرو مليو هو، جنهن جي
اندران بلو رنگ جو ۽ ٻاهران سائي رنگ جو روغني تهه
چڙهيل هو، ان تي جيڪو هٿيو لڳل هو، اهو هٿيو نه پر
هڪ آرائشي نمونو هو. اهو ٽڪرو ان وڏي مَٽ جو حصو
هو، جيڪو شين کي سانڍي رکڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو
هو. اهڙي قسم جا مَٽ پوئين عباسي دؤر ۾ ڏهين کان
ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ ڀنڀور ۽ منصوره ۾ عام جام
هوندا هئا. هاڻي خاطريءَ سان معلوم ٿيو آهي ته
اهڙن ڪاشيءَ جي ٿانوَن جوڙڻ جو هنر مصر مان حاصل
ڪيو ويو هو. رومي ۽ پاروٿي عهد ۾ ساساني حڪومت
(640-226) هيٺ ان هنر جو اوڀر طرف ايران ڏانهن اچڻ
کان اڳ شام ۽ عارق ۾ تمام گهڻو رواج هو. مسلمان
اهڙي قسم جا ٿانوَ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهين صديءَ تائين
استعمال ڪندا رهندا هئا. ان جو ثبوت ان دؤر جي
اسلامي دنيا جي انهن اسلامي تجارتي مرڪزن مان مليو
آهي، جيڪي اتر آفريقا کان ڏکڻ اوڀر ايشيا تائين
پکڙيل آهي.
چٽيل ٿانوَ:
ڀڙوبَهم جي چٽيل ٺڪر جي ٿانوَن مان ان وستيءَ جي تاريخوار واقعن
بابت اهم معلومات حاصل ٿئي ٿي. ٿانون جي ڪنن تي
ڳاڙهن حاشين جي اندر نقشن جا ٺپا هنيا ويا آهن.
عام نقش اهو آهي، جنهن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ گول
ڏيکاريل آهن، جن جي وچ ۾ ننڍو يا وڏو نقطو ڏنل ٿئي
ٿو ۽ ٻاهرئين ڪناري تي ننڍيون ليڪون ڏنل آهن، جنهن
مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو سج جو نشان آهي (شڪل 5،
نمبر 8-9). گهڻو ڪري هڪ نقطي جي چؤڌاري ي گول ڏنا
ويا آهن، پر ٻاهرين ليڪن يا سج جي ڪرڻن کانسواءِ
مثال (شڪل 5، نمبر 7 ۽ 10) ۽ ٽڪنڊن حاشين سان مثال
پڻ مليا آهن. ڀڙوبَهم مان مليل مٽيءَ جي ٿانوَن تي
ڇريل نقش ملتان جي ويجهو تلمبا دؤرن نمبر
III
۽
IV
مان لڌل نقشن سان چڱي طرح ملي اچن ٿا (14). تلمبا
مان مليل مٽيءَ جا ٿانوَ جيڪي ڀڙوبَهم جي ٿانوَن
جهڙائي آهن، 8 ۽ 14 صدي عيسوي جي زماني جا چيا وڃن
ٿا. اهو ثبوت ٻڌائي ٿو ته منصوره ۽ ڀنڀور جي زماني
۾ به ڀڙوبَهم موجود هو ۽ انهن شهرن جي زوال
کانپوءِ به ٿوري وقت تائين اهو آباد هو.
قديم شيون:
ڀڙوبَهم مان اڇي شيشي جا ٿورا ٽڪرا، ڪٽيل ٽامي جا سڪا، سبيءَ جا
ڪيترائي ڪنگڻ، نيم قيمتي پٿر جا داڻا، پڪل مٽيءَ
جو ڍڳي جو هڪ ننڍو بوتو ۽ سِڪن گهڙڻ جي لاءِ مٽيءَ
جا سڙيل ڪارب مليا آهن. ڀنڀور مان مٽيءَ جي سڪن
گهڙڻ جي ڪيترن ئي ڪاربن جو پتو پيو آهي، جن مان ڪن
جي سوراخن ۾ ٽامي جون گوريون چهٽيل آهن (15). راقم
الحروف 1966ع ۾ سنڌ ۾ اسلامي گادي واري شهر منصوره
جي جامع مسجد جي ٻاهران اهڙن ڪاربن جو هڪ وڏو ڍير
ڏٺو هو (16).
حاصل مطلب:
ڀڙوبَهم ۾ ڪيل چڪاس مان ثابت ٿيو آهي ته اها وستي اٽڪل اٺين صدي
عيسوي کان جڏهن ان جو بنياد پيو هو، قلعي يا ڪوٽ
اندر هوندي هئي. اتي گهٽ ۾ گهٽ پنج سئو سالن تائين
ڪنهن به وڏي ثقافتي تبديلي جو اهڃاڻ نٿو ملي.
جيستائين اها وستي آباد هئي. ان عرصي اندر گهٽ ۾
گهٽ هڪ ڀيرو قلعي جي ٻاهرئين ديوار يا ته ٻيهر
ٺاهي وئي هئي يا ان جي مرمت ڪئي وئي هئي. ڪوٽ ۾
اندر جيڪو اڏاوت جو نمونو هو، ان مان پڻ اڏاوت جي
ٻِن دؤرن جي خبر پئي هئي. ڀڙوبَهم سنڌ جي ٻين
اسلامي شهرن (ڀنڀور ۽ منصوره) ۽ ڏکڻ پنجاب جي
تلمبا جو همعصر رهيو هو، ڇاڪاڻ ته انهن وستين مان
ٺڪر جون ڪيتريون ئي هڪ جهڙيون شيون هٿ آيون آهن،
انهي هوندي به ٺڪر جي ٺهيل شين ۽ ٻين هنرن جي
گهڻائي ۽ رنگارنگي جيڪا منصوره جي شهري مرڪز ۽
ڀنڀور (ديبل) جي واپاري بندر ۾ ڏسجي ٿي، اها
ڀڙوبَهم جي ننڍڙي ڪوٽ ۾ ڪانه ٿي نظر اچي، جيڪو
درياهه جي هڪ پراڻي چئنل تي ملڪ اندر واقع هو.
ڀڙوبَهم جي قلعي جي ٻاهران ديوار پنهنجي وچ واري
ڪچي حصي سميت ڀنڀور جي پٿر ۽ منصوره جي پڪين سرن
وارين ديوارن جهڙي مضبوط آهي. اها سموري مسلمانن
جي وستي هئي ۽ اتي ڪنهن به قسم جو اهڙو ڪو به
اهڃاڻ نٿو ملي، جنهن مان خبر پوي ته اها اسلام جي
اچڻ کان اڳ جي وستي هئي، تنهن ڪري ڀڙوبَهم جي
موجوده دڙي کي برهوور به نه ٿو چئي سگهجي، جيڪا سن
712ع ۾ محمد بن قاسم جي اتان الور ڏانهن وڃڻ وقت
گهڻي قدر ٻوڌي وستي هئي.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اٺين صدي عيسوي جي شروعاتي دؤر ۾
ڀڙوبَهم جي پسگردائي واري ايراضي ۾ ٻوڌي ماڻهو
رهندا هئا، تنهن ڪري بهروَر ضرور ڀڙوبَهم جي ويجهو
هوندي. مثال طور نصرت واهه جي ريگيوليٽر جي ويجهو
نوابشاهه ٻانڌي رستي تي رتي ڀڙي نالي هڪ اڻ کوٽيل
دڙو ملي ٿو، جيڪو اٺن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي. اسلام
کان اڳ واري دؤر ۾ ان ويجهي ڇڪ ۾ ٻيا به ڪيترائي
دڙا هوندا جيڪي اسان جو ڌيان لهڻن. ان جي ويجهي ۾
ويجهو ٻوڌي هنڌ ٺل مير رڪڻ آهي، جيڪو مهراڻ (سنڌو)
نديءَ جي هڪ پراڻي وهڪري جي الهندي ڪناري يت ۽
ٻانڌي ريلوي اسٽيشن کان 22 ڪلوميٽر پري ڏکڻ اولهه
۾ واقع آهي، چيو ويو آهي ته برهوور پهچڻ کان اڳ
محمد بن قاسم سئاندي (سانگهڙ؟) جي ويجهو هڪ
خوبصورت ڍنڍ جي ويجهو اچي منزل ڪئي هئي، جنهن کي
ڍنڍ وڪرڀا يا وڪر بهار سڏيندا هئا. اها ايراضي
ٻوڌين جي وستي هوندي هئي. ٻوڌين جي هڪ ٻي وستي
جنهن کي ڏيپر گهانگهرو سڏيندا هئا.، بهمن آباد ۽
سانگهڙ جي وچ واقع آهي ۽ جيڪا ڪنهن زماني ۾ درياهي
چئنل جي هڪ ڪناري تي هوندي هئي. سئاندي ۽ برهووَر
جي وچ ۾ رستي تي جنهن ڍنڍ جو ذڪر ملي ٿو، اها لڳي
ٿو ته درياهي چئنل جي رخ بدلائڻ جي ڪري ٺهي هئي.
اهڙيءَ ريت آثار قديم، جون موجوده ثابتيون ٻڌائن
ٿيون، ته اسلامي فتح جي وقت سئاندي ۽ بَهرووَر جي
وچ واري ايراضيءَ ۾ رهندڙ ماڻهو اصل ۾ ٻڌ مذهب جا
پوئلڳ هئا. موجوده نالو ڀڙوبَهم يا بهم جو ڀڙو ان
بَرهووَر مان ئي نڪتل ٿي سگهي ٿو. سن 1963ع، ۾ اتي
جيڪا کوٽائي ٿي هئي، ان مان ڀڙوبهم ۾ اسلام کان اڳ
جي ڪنهن به وستيءَ جو ثبوت ڪو نه مليو آهي.
حوالا ۽ وضاحتون
Pathan, M.H., Arab Kingdom of Al-Mansurah in Sindh, niversity
of Sindh.
Baloch, N.B. (ed) 1963, Fateh Nama Sindh (Chachnama),
Hyderabad: Fredunbeg, M.K. 1900.
The Chachnama: An AncientHistory of Sindh,
Karachi Voll: Majumdar, R.C., 1931, The Arab
Invasion of India, Madras: Nadvi, Az., 1947,
Tarikh-i-Sindh (Urdu), Azamgarh: Pathan, Mumtaz
Hussain, 1978.
Sindh: Arab Period,
Hyderabad, Chapter Vll:Quddusi, I.H., 1971,
Tarikh-i-Sindh (Urdu), Lahore, Chapter 4.
Khan, F.A. 1976 Banbhore: A Preliminary Report on the Recent
Archaeological Excavations at Banbhore,
Karachi.
Cuesens, H. 1929, The Antiquities of Sindh, Calcutta, pp,
48-71 and further references to earlier works,
Pakistan Archaeology, 1968, no. 5, pp 186-202,
Farooq, A.A, 1986 Excavations at Mansurahh (13th
Season), Pakistan Archaeology, no, 10-22, pp,
3-35
Ghafur, M.A. 1966 Fourteen Kufic Inscriptions of Banbhore,
the site of Daybul, Pakistan Archaeology p.75.
Lambrick, H.T. 1964, Sindh: A General Introducation,
Hyderabad, Map facing page 170.
Cousens, 1929, ibid, pp. 59-60
Ibdid., pp. 98-99.
جولاءِ 1963ع ۾ کوٽائيءَ تي مون هڪ مختصر نوٽ لکيو هو. راقم
الحروف آثار قديمه کاتي ۾ تفتيشي شعبي جي ڊپٽي
ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد شريف جو گهڻو ٿورائتو آهي،
جنهن سيپٽمبر 1990ع ۾ ٻيهر مطالعي جي لاءِ گهربل
مواد مهيا ڪيو. ان هوندي ٺڪر جي ٿانوَن جا خاڪا هٿ
اچي نه سگهيا هئا، مون انهن جا عڪس (فوٽا) ڪراچي ۾
تيار ڪيا هئا، جن تان لاهور ۾ ناردرن سرڪل آفيس جي
سروي سيڪشن ۾ انهن جا خاڪا تيار ڪيا ويا هئا.
ان جو روينيو سروي نمبر آهي4، 3/42، 4، 1/48 ۽ 1، 2، 3/44، ديهه
نصرت، تپو ڏاهري، تعلقو نوابشاهه، دڙي جي حفاظت
ائنٽيڪئٽيز ايڪٽ 1975ع هيٺ ڪئي وڃي ٿي. جنوري
1983ع ۾ اتي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جناب محمد
صديق جي ميمڻ هڪ وڏو پٿر هڻائي ان تي انگريزي ۽
سنڌي ۾ هڪ ڊگهو وضاحتي بيان لکرايو، جيڪو هيٺين
لفظن تي ختم ٿئي ٿو: ”ڌڻي تعالى جو عذاب ان (شخص)
تي نازل ٿيندو جيڪو هن پٿر کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش
ڪندو.“ ان ڪتبي جي تصوير ڊاڪٽر قريشي حامد علي
خانائي صاحب پنهنجي مضمون ”بهم جو ڀڙو يا ڀڙوبهم“
سميت ٽماهي مهراڻ (سنڌي) حيدرآباد 3/1985ع، صفحو
218 تي ڇپائي آهي.
ڀڙوبهم ۾ کوٽائي ڊاڪٽر هارون الرشيد سال 1963ع جي
جون مهيني جي پهرئين هفتي ۾ شروع ڪئي هئي، پر ٽئين
ڏينهن تي کيس ڪراچي وڃڻو پيو، ان کانپوءِ اها
کوٽائي راقم الحروف ايڪسپلوريشن فورمين صدرالدين
مرحوم جي مدد سان پوري ڪئي هئي.
ايف اي خان، ”ڀنڀور“، 1976ع، ص 37.
کار گاڏڙ روغني ٿانوَ اتر سريلنڪا جي منتائي، ڏکڻ
ٿائيلينڊ جي ڪوکو کاؤ ۽ لم ڦو، ۽ اولهه جپان ۾
ڪييو شو ٻيٽ جي اترئين ڪناري تي فڪوئوڪا مان پڻ
مليا آهن. اهي نار ۾ ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري وارن
ملڪن ۾ به تمام گهڻا ملن ٿا.
Mughal, M.R. 1967, Excavations at Tulamba, West
PAKISTAN ARCHAEOLOGY, No:4, PIXV No: 9 and 16:
PIXVI. NO: Fig 30, Nos: 1, 14 and 26: and fig
32, NO:14.
ايف اي. خان، ”ڀنڀور“، 1976ع، ص 37.
سال 1965ع کان وٺي قديمه ۽ عجائب گهرن جي کاتي جيڪي کوٽايون
ڪيون آهن، انهن مان به اهي مليا آهن ۽ جيئن اڳ ايڇ
ڪزينس لکي ويو آهي. 1929، ساڳيو ڪتاب،
PLXV. |