رنگ اُجهامي ويا
خ. ح. ع. قاضي
ع. ق. شيخ جو پورو نالو عبدالله ولد قادر بخش شي، ٿر جي هڪ
ننڍڙي ۽ پرانهين ڳوٺ ”گڊڙو“ ۾ 8 مارچ 1914ع تي
ڄائو. سندس والد متقي، پرهيزگار، استاد، عالم ۽
حڪيم هو. ديني تعليم گهر ۾ ۽ اوائلي تعليم ٽنڊي
سومري ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ورتائين. ننڍي هوندي کان
ذهني لاڙو فن ۽ ادب ڏانهن هوس. لڪي لڪي ڪتاب
پڙهندو هو يا آڏا ابتا ليڪا ڪڍي پيو انهن کي رنگ
ڏيندو هو. عمر سارو ڪتاب ته گهڻائي پڙهيائين پر
يونيورسٽي جو ڪو به امتحان پاس ڪري ڪين سگهيو.
البت هاءِ اسڪول واري وقت ۾ هو ڊرائينگ گريڊ
امتحان پاس ڪري سگهيو.
ٻه ٽي سال زراعتي کاتي ۾ نوڪري ڪيائين پوءِ کيس ٿرپارڪر ضلعي ۾
ڊرائينگ ماستري جو وجهه مليو. اُن جي ٽريننگ لاءِ
هن کي انهي زماني ۾ هندستان جي مشهور اداري سر جي.
جي. اسڪول آف آرٽ بمبئي ۾ وڃڻو پيو. بمبئي ۾ هڪ
سال 38- 1949ع رهي. هو ٽريننگ ڪري واپس موٽي ته
آيو پر فن جي ديويءَ اهڙي ڇڪ ڪيس، جو هُو سن 1942ع
ڌاري هٿين خالي لڪ چوريءَ وري وڃي بمبئي جي ساڳئي
اسڪول آف آرٽ ۾ پهتو. اتي واندڪائي ۾ ڪم ڪري پئسا
ڪمائيندو هو، جنهن مان اسڪول جي في ڏيندو هو ۽
پنهنجو گذر سفر ڪندو هو، ڏيڍ سال ائين مس رهيو
هوندو ته سندس پيءُ سخت بيمار ٿي پيو، انهي ڪري هو
کيس هتي سنڌ ۾ ڏسڻ آيو. سندس والد کيس ڏسي ڏاڍو
سرهو ٿيو پوءِ پيءُ جي گهڻي اصرار ڪري فني تعليم
اڌ ۾ ڇڏي ميرپور خاص ۾ ئي رهي پيو، جتي هن کي
گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ڊرائينگ ماستري ملي وئي،
جلد ئي هن جي بدلي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾
ٿي. هتي هو شروعات ۾ ڪاليج واري حصي ۾ ئي رهيو ۽
پوءِ ڊرائينگ ٽيچرس ڪلاس ۽ ميوزم جو انچارج ٿيو.
حيدرآباد ۾ رهندي ع ق شيخ، مئٽرڪ، بي اي ايم اي ايل ايل بي جا
امتحان پاس ڪيا ۽ لئبرري سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ
ڊپلوما پڻ حاصل ڪيائين، انهي وچ ۾ سنڌ تعليم کاتي
طرفان سن 60- 1961ع ۾ کيس هڪ سال لاءِ انگلينڊ
موڪليو ويو، جتي ويسٽ آف انگلينڊ اڪيڊمي آف آرس
برسٽل يونيورسٽي برسٽل ۾ فن جي وڌيڪ سکيا ورتائين.
ع ق شيخ اديب هو ۽ مصور به افسانوي ادب سان خاص دلچسپي هئس، هُو
ڪيترن ئي افسانن جو خالق هو، سنڌي افسانن ۾ جن
حقيقت نگاري آندي. ع ق شيخ انهن مان هڪ هو. ساڳئي
وقت ڊزائن ۾ مهارت حاصل هيس. سنڌي ادبي بورڊ
سنڌالاجي، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ ٻين ڪيترن ئي
ادارن جي ڪتابن ۽ مهراڻ رسالي جون ڪور ڊزائنون ع ق
شيخ جي فني ڪاريگري جو ثبوت آهن. هن ”کهه ۽
کٿوري“، ”تاريخ اسلام“ ۽ داستان اندلس“ جهڙا ڪتاب
پڻ لکيا.
•
ننڍپڻ کان مخصوص نقش ذهن تي چٽيل، نرڙ ۾ گهنج، ڊگهو نوڪدار نڪ،
چشمي اندران پرڪشش اکيون، چپن جو مخصوص انداز،
هميشہ روبدار چهرو، اڳيان ويندي همت کان ڪم وٺڻو
پوندو. تمام ڀاري آواز مختصر ڳالهائڻ، تمام آهسته
آهسته ڳالهائيندو. مقصد جي ڳالهه ڪندو، هميشہ علم
و ادب ۽ فن جي ڳالهه ڪندو.
جڏهن به مليا جوان جذبن ۽ پراميد امنگن سان ناصحاڻه نقتا
ٻڌائيندا رهيا. پاڻ هميشہ مصروف مسلسل جدوجهد ڪندي
نظر آيا، ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿيڻ ڏنو ته عمر جي
وڏي ٿيڻ سان اڳتي وڌڻ واري همت ۾ ڪا ڪمي اچي سگهي
ٿي پر وڏي عمر ۾ هڪ دفعو شاگرد بڻجي سائين ع ق شيخ
صاحب آڏو بئنچ تي ويٺو ته هڪ آئيڊيل استاد جو روپ
اکين آڏو ڏسڻ جو موقعو مليو. والد صاحب جا نوجوان
ڪلاسي، عمر جي لحاظ کان پراڻي ۽ جهوني ڊرائنگ
ماستر جي ناتي عزت ۽ احترام ڪندا هئا ته والد صاحب
کي سائين جي آڏو طفل مڪتب ڏٺم. وڏي عمر جي ڪري
والد صاحب کي هميشہ قاضي صاحب ڪري چوندا هئا پر
جڏهن ڪاوڙ ۾ هوندا هئا ته بابا کي هلندڙ ڪلاس مان
اٿڻ جي همت نه ٿيندي هئي ۽ اسان ننڍڙن ذهنن لاءِ
استاد ۽ شاگرديءَ جو پرئڪٽيڪل اکين آڏو ماڊلن جي
صورت ۾ اهڙو ته ذهن نشين ٿي ويو جو اڄ ڏينهن تائين
استاد جي قدمن کي ڇهڻ ۾ آسيس ۽ آرام مليو وڃي،
سالن جا سال ع ق شيخ صاحب ساڳيو نظر آيو. فن جي
دنيا ۾ جڏهن پينسل کڻي ليڪون ڪڍندو ته هڪ هڪ لڪير
۾ فني باريڪي جهلڪندي، فني ڄاڻ جي اپٽار لاءِ
ويهندو ته آرٽ ۽ مصوري جي هر هڪ پهلو کي اجاگر ڪري
اهو ڪجهه ٻڌائيندو جيڪو وزني ڪو ڄاڻ رکي.
ان ٻالجتي واري شوق ۾ ڪچيون ڦڪيون لڪيرون ڏسي ڏاڍي پيار سان
انهن کي پسند ڪندي همت افزائي ڪندو ۽ ڪجهه نه ڪجهه
ٻڌائيندو. اهو رشتو هميشہ قائم رهيو، ڪيئي لاها
چاڙها آيا، زندگي جا ورق ورندا رهيا، اهو رشتو
رهندو آيو. اهو ڪڏهن خواب ۾ به تصور ڪو نه آيو ته
ڪو ع ق شيخ صاحب جهڙو زنده دل ماڻهو به موڪلائي
سگهي ٿو. هُو ته سدائين ساڳي طبيعت جو مالڪ هميشہ
هشاش بشاش ڪم ڪندي نظر آيو. نحيف ۽ لاغر جسم،
سدائين سوچن سان ڀرپور وک وک تي پيو اڳتي وڌڻ لاءِ
راهون ڏسندو. علم وادب سان بي پناهه عشق، درس و
تدريس سان آخر لمحي تائين واسطو رهيو. رٽائرمينٽ
کانپوءِ به پبلڪ اسڪول جي ذهين شاگردن کي سکيا
ڏيندو رهيو. اسان سڀني ڀائرن جي برسر روزگار بڻجڻ
تي استاد جي ناتي ڏاڍو پرسڪون ٿي بابا سائين کي
خراج تحسين ڏيندا هئا ۽ شاگرد جي سڌريل اولاد کي
ان جي لاءِ ميراث تصور ڪندا رهيا.
وقت بوقت والد صاحب سان خط و ڪتابت جاري رکندا آيا. تازو جڏهن
اسان جو والد محترم حج تي روانو ٿيو ته ساڻن
ملاقات لاءِ ويو پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا، کين دعائن سان
رخصت ڪيائون ۽ اڄ جڏهن ع ق شيخ صاحب اسان کان رخصت
ٿي ويا آهن ته ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ آرٽ جي ڪئنوس
تي ٻهڪندڙ رنگ اُجهامي الوپ ٿي ويا هجن.
فني دنيا ۾ تمام آڳاٽا فن پاره ۽ ٽائيٽل ڪور اڄ به انمول آهن.
سندن ٽريننگ ڪاليج ۾ ڊرائينگ ٽريننگ جي انچارج طور
ڪيل خدمات جي صلي ۾ سڄي ملڪ ۾ سندن شاگرد فن مصوري
جي آبياري ڪندا رهن ٿا ۽ هزارن جي تعداد ۾ فني ڄاڻ
رکندڙ، سندس ئي سيکاريل آهن. پاڻ وڏي ۾ وڏا ڄاڻو ۽
قديمي استاد هئا. پاڻ نه صرف بمبئي جي فائن آرٽس
ڪاليج جا پڙهيل هئا پر لنڊن کان سکيا وٺي آيا هئا.
ادبي دنيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهيا ۽ پنهنجي دور جا مهان ليکڪ ٿي
گذريا آهن. سندن انقلابي سوچ خود داري واري طبيعت
۽ بي لوث خدمت جي جذبي هزارين انسانن جي نه صرف
خدمت ڪئي پر سڀني جون زندگيون سڌارڻ ۽ خاندانن جي
خاندانن کي اڳتي وڌڻ لاءِ محنت ڪري منزل ماڻڻ لاءِ
اتساهه پيدا ڪيو. پاڻ سڄي عمر قلم، ڪاغذ، رنگ ۽
برش سان وڏي جدوجهد ڪندي، غربت ۽ سادگي واري زندگي
۾ به تمام وڏا شاڪر ۽ اصول جا مالڪ رهيا. سدائين
خوش وپشاڪ ۽ بلند وقار قائم رکندي عملي طرح محنت ۾
عظمت جو درس ڏنو. تمام ٿورو، ماٺيڻو ۽ هڪ راءِ
واري گفتگو ڪندي بنا رک رکاءُ جي برملا ذاتي راءِ
جو اظهار ڪندا، ڪڏهن به ڪنهن مصلحت کان ڪم نه ورتو
ان ڪري پنهنجي دور ۾ کين آفيسرن جي سرڪل ۾ سخت ۽
رکو تصور ڪيو ويندو رهيو.
ع ق شيخ جن سڌي سنئين حق ۽ سچ جي واٽ تي هلڻ ڪري هميشہ تڪليفن ۾
رهيا، تمام وڏي ڄاڻ علم و فن جي مڃيل شخصيت هوندي
به کين اصل مقام ملي نه سگهيو. هر دور جي حڪومتن
ڪڏهن به سندس بي پناه لياقتن جي مالڪ هجڻ باوجود
قدر نه ڪيو. هيڏي قدآور شخصيت جي اعلى صلاحيتن کي
عوام آڏو اجاگر ٿيڻ جو موقعو نه مليو. پاڻ مخصوص
طبيعت هجڻ ڪري ڪڏهن به ان جي پرواهه نه ڪئي ۽ نه
وري ڪڏهن بيقدرن آڏو اظهار ڪيو. پاڻ پنهنجي دنيا ۾
پنهنجي واٽ وٺيو سفر جاري رکندا آيا.
سندس تيار ڪيل تمام نادر اسڪيچ ڇپڻ ۽ ڇپائڻ جي بهاني دوست کڻي
ته ويا پر ان اهي ڇپائي پڌرا ڪيا ويا ۽ نه وري
سندن زندگي ۾ کين موٽي مليا، يقينن سندن ادبي
پورهيو به اهڙي طرح تمام گهٽ ڇپيو ۽ پڙهيو ويو، ٿي
سگهي ٿو سندن وڃڻ بعد اهو بي بها ۽ قيمتي سرمايو
سندس دوست ظاهر ڪن يا هينئر مرده پرستي جو نعرو
هڻي منظر عام تي آڻين.
والد صاحب سان استاد شاگرد واري پدري شفقت جو مون تي وڏو اثر
ٿيو، ابتدائي دور ۾ 1958ع واري زماني ۾ اڻ سڌي طرح
آرٽ طرف رغبت ملي. وقت بوقت ان طرف لاڙي ملڻ لاءِ
همت افزائي سبب شوق وڌندو رهيو پوءِ مسلسل
ملاقاتين ۾ دعائن سان گڏ پڙهائي بعد فني ڪاوشن
لاءِ همٿائيندا رهيا.
1964 کان 1968 جي انجنيئرنگ ڪاليج ڄام شوري ۾ پڙهائي دوران سندن
خدمت حاضري ڀري ڪجهه نه ڪجهه پلئه پائي وربو هو.
پوءِ به اهو چاهت وارو رشتو رهندو آيو. منهنجي
علمي زندگي ۾ قدم قدم تي والد صاحب طرفان ڪيل محنت
جي نتيجي تي خوش ٿيندا آ۽ آرٽ سان دلچسپي قائم رکڻ
لاءِ همٿائيندا رهندا هئا.
تازو 1981ع کان وٺي فن مصوري ۽ ڪاشيگري ۾ ڪم ڪرڻ تي مون کي ڏاڍو
همٿايائون مان وقت بوقت تيار ڪيل شيون کين ڏيکاري
نه صرف شاباس وٺندو هئس پر فن جي باري ۾ وڌيڪ
واڌارو ٿيندو رهيو.
سائين ع. ق. شيخ هڪ اُستاد هڪ دوست
علي اڪبر
شاگردن کي همٿائڻ ته ڪوئي شيخ صاحب کان سکي ها. هڪ نئون جذبو
اٿاري ڇڏيندو هو. همٿائڻ جي لاءِ پنهنجي زندگي جو
سڄو تجربو کن پل ۾ ڏيئي ڇڏيندو. سٺن سٺن آرٽسٽن جا
حوالا ڏيندو هو. سندن ڪم جي باري ۾ ٻڌائيندو هو ۽
چوندو هو ته فن ڪنهن جي ميراث ڪونهي، جيڪو محنت
ڪندو اهو ئي ان کي حاصل ڪندو، ڪڏهن سر جي جي آرٽ
ڪاليج بمبئي جا حوالا ڏيندو ته ڪڏهن لنڊن جي آرٽ
گئلريز جي باري ۾ ٻڌائيندو ته ڪڏهن شاڪر علي،
زبيده آغا، عبدالرحمان چغتائي جي ڪم جي باري ۾
سمجهائيندو. هر هڪ شاگرد کي اهڙي نموني اڳڀرو ڪندو
هو جو هو پاڻمرادو اڳتي وڌندو رهي ۽ ٿورڙوئي
رهنمائي سان ڪٿي کان ڪٿي پهچيو وڃي.
مون کي شاهه لطيف جي بيتن تي تصويرون ٺاهڻ لاءِ هميشہ همٿائيندو
رهيو. سندس سهڻيون صلاحون مون ۾ هڪ نئين جوت
جاڳائي ويون، جو هِنَ وقت منهنجو ڪم نرالي نوعيت
جو آهي واٽر ڪلر ڪرڻ جو هڪ انوکو طريقو اٿم ۽
منهنجو پنهنجو اسٽائيل آهي. اهو سڀ ڪجهه شيخ صاحب
جي صحبت ۽ سندس شاگردي جو نيتجو آهي.
آئون جڏهن 1957 ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ آيس ته اسان جو
استاد، زبيري صاحب هيو، جو مون کي سڀني شاگردن کان
وڌيڪ چاهيندو هو. ٻن مهينن کانپوءِ هو بدلي ٿي ويو
۽ ان جي جاءِ تي شيخ صاحب آيو. هن کان اڳ منهنجي
شيخ صاحب سان واقفيت ڪانه هئي. جيئن آيو ته ڪلاس ۾
محمد يعقوب سومرو جيڪو سندس اڳ ۾ واقف هيو. ان تي
وڌيڪ مهربان ٿيو ۽ منهنجي دل ۾ احساس ڪمتري آهسته
آهسته ديرو ڄمايو پر آئون دل شڪستو نه ٿيس. مون سڀ
ڳالهيون ڇڏي اسڪيچنگ تي زور رکيو ۽ سڀني کان وڌ ۾
وڌ اسڪيچ ڪندو هوس. روزانه 50، 100 ۽ 150 سڪيچ ڪڍي
ايندو هوس، جيئن ڪم ڏسندو رهيو، مون ڏانهن مائل
ٿيندو رهيو. هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته آئون دنيا
جهان کان بي خبر مارڪيٽ جي چوراهي تي هڪ پاسي
اسڪيچنگ ڪرڻ ۾ رڌل هوس. منهنجي چوڌاري ماڻهن جا
ميڙاڪا بيهي رهيا هئا. ڪير منهنجي ڀر ۾ يا سامهون
آهي، اها مون کي خبر ڪانه هئي. اوچتو ڪنهن اچي
منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو، منهن ورائي ڏسان ته شيخ
صاحب هئو، جيڪو ڪافي دير کان مون کي ڪم ڪندي ڏسي
رهيو هو. منهنجي ايتري همت ۽ ڪم ڪرڻ جو جنون ڏسي
تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ چيائين ته: ”هاڻي ٿورو ريسٽ
ڪر. هل ته چانهه پيئون.“ ڪيفي شيرازين تي اچي
ويٺاسين. پهريائين ته ڪاپي ڏٺائين پوءِ سمنڊ جيان
اٿلي پيو. دنيا جي بهترين چتر ڪارن ۽ سندن زندگي
بابت انيڪ ڪارنامن تي تفصيلي ليڪچر ڏيندو رهيو. هن
پهرين ملاقات ۾ مون مان احساس ڪمتري دور ڪري ڇڏي،
ايترو پنهنجو ڪري ڇڏيائين، ڄڻ هو ڪو منهنجو عزيز
دوست يا والد جي حيثيت ۾ منهنجي اڳيان هجي.
ايستائين جو ڪيفي جي بند ٿيڻ جو وقت ٿي ويو.
اُن ڏينهن کانپوءِ ڪلاس ۾ ڪلاس کان ٻاهر مون کي سڀني کان وڌيڪ
چاهڻ ۽ همٿائڻ لڳو. ان سلسلي ۾ ريفرنس بوڪس ۽ ڪجهه
تصويرون ڇپيل به ڏيکاريندو رهيو. ڪو ليک يا ڪا آتم
ڪهاڻي ڪنهن آرٽسٽ يا پينٽر جي اچي ڏيندو هو ته
پڙهه.
پڙهڻ لاءِ هر وقت همٿائيندو رهندو هو، سندس ڪيترائي دوست وٽس
ايندا هئا، جن کي پڙهڻ لاءِ ۽ لکڻ لاءِ همٿائيندو
هو، جيڪي هينئر وڏن عهدن تي فائز آهن، سڀني
سانپيار، محبت سان هلندو هو، سندس لکيل ڪتاب
پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هڪ ڪتابڙو ”مهمانن جا بهانا“
ته واهه جو هيو. پاڻ پڙهڻ ۽ پرائڻ جي هر فيلڊ ۾
دسترس رکندو هو. سندس شاگرد سڄي سنڌ ۾ آهن. هن
تمام گهڻا آرٽسٽ پيدا ڪيا، جيڪي سندس ئي شاگرد
آهن.
مون کي همٿائڻ لاءِ شام جو وپرٽريٽ پينٽنگ شروع ڪيائين، اسين
ٻئي گڏجي پينٽنگ ڪندا هئاسين، اهڙي طرح سان مون ۾
واڌارو ايندو ويو. آئون اڳتي وڌندو رهيس. لئنڊ
اسڪيپ، پينٽنگ، واٽر ڪلر ۾ ڪرڻ لاءِ همٿايائين. هڪ
ڀيرو اسان سان آئوٽ ڊور پينٽنگ ڪرڻ گڏ هليو. پاڻ
پهريائين ٺاهي ڏيکاريائين اهڙي طرح اسان کي راهه
ملي. اسان اڳتي وڌڻ شروع ڪيوسين. اهوئي سبب آهي ته
لئنڊ اسڪيپ پينٽنگ ۾ مون تمام گهڻي انداز ۾ ڪم ڪيو
آهي.
مون سان سندن ايتري ته پنهنجائپ ۽ محبت ٿي وئي جو هر روز شام جو
گڏ هوندا هئاسين. ٻن ٽن سالن کانپوءِ مون کي به
عشق جي ديوتا جو تير لڳو، آئون اوچتو هفتي کن لاءِ
گم ٿي ويس. پڇائون ڪري ڪري ٿڪجي پيو، منهنجي غير
موجودگي هن لاءِ هڪ عذاب ٿي وئي، جيسين مان واپس
وريس، تيسين هڪ وڏو افسانو ”محبت جي راهه تي“ لکي
پورو ڪيائين. مان نه هيس ته قلم ۽ ڪاغذ سان
منهنجون ڳالهيون ڪيائين. اهو افسانو پوءِ ڪنهن
رسالي ۾ ڇپائي ڇڏيائين.
ساڳئي طرح منهنجي به ساڻس تمام گهڻي محبت هئي. کانئس ڪڏهن به
پري نه ويندو هوس. ڪابه ڳالهه هجي، ڪو به ڪم هجي،
ڪابه شئي ڇپائڻي هجي، منهنجي صلاح ضرور وٺندو هو.
آئون کيس استاد نه پر پنهنجو وڏو بزرگ سمجهندو هوس
۽ سندس تمام گهڻو احترام ڪندو هوس، جو ايترو
احترام شايد مون ڪنهن ٻئي جو ڪيو هجي. |