راشدي صاحب جي هڪ يادگار تقرير
مرحوم پير حسام الدين شاهه راشدي صاحب جن جي تاريخ 9- 11- 1980ع
آچر ڏينهن شام جو 5 وڳي پاڪستان نيشنل سينٽر
حيدرآباد ۾ گرداس واڌواڻيءَ جي ڪتاب ”جيڪي ڏٺو
مون“ جي مهورت جي موقعي تي ڪيل تاريخي تقرير
شاهنواز بابر سومرو
نوٽ: سنڌ جي عظيم مفڪر تاريخدان ۽ دانشور سائين پير حسام الدين
راشدي جن جي هڪ تاريخي تقرير پيش خدمت آهي، جا پاڻ
9- 11- 1980ع تي پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾
دادا گرداس واڌواڻيءَ جي ڪتاب ”جيڪي ڏٺو مون“ جي
مهورت جي موقعي تي ڪئي هئائون.
پير حسام الدين راشدي مرحوم 20 سيپٽمبر 1911ع مطابق 26 رمضان
المبارڪ 1329هه، سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪناري جي هڪ
ننڍڙي ڳوٺ بهمڻ تعلقو رتوديرو ضلعو لاڙڪاڻو جي هڪ
پيراڻي گهر ۾ جنم ورتو. سندن خانداني نالو ”ڏنل
شاهه“ هو. سندس ڏاڏو سيد پير شاهه سنڌ جي برگذيده
شخصيت پير محمّد راشد روضي ڌڻي جي اولاد مان هو،
جنهن جي نالي پويان هاڻي هي سڄو خاندان ”راشدي“
سڏجي ٿو. سندن ڏاڏو سنڌ جي مثالي بزرگن مان هڪ هو.
پير صاحب ننڍي هوندي باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي پر
هن پنهنجي همت ۽ محنت سان علمي جدوجهد ڪري ڪاميابي
حاصل ڪئي. پاڻ پنهنجي عملي زندگي جو آغاز شعر،
افسانا ۽ مضمون لکي ڪيائون. ابتدائي زماني ۾ صحافت
سان پڻ لاڳاپيل رهيا. اڳتي هلي پاڻ سنڌ جي تاريخ
تي به لکڻ شروع ڪيائون ۽ سنڌ سان پنهنجي گهري
لڳاءَ ۽ تحقيق ڪري سنڌ جي تاريخ جو مستند عالم
تسليم ڪيو ويو. سنڌ جي تاريخ تي پير صاحب جو قول
سندَ جي حيثيت رکي ٿو:
سڄي دنيا جي ملڪن ۾ سندس مقالن ۽ مضمونن کي مٿاهين حيثيت حاصل
آهي. سندس انهن علمي خدمتن کي تسليم ڪندي، کين
ڪافي علمي اعزاز، تمغا ۽ انعام پڻ ڏنا ويا. پير
صاحب کي لکڻ سان گڏ گهمڻ ۽ تاريخي جايون ڏسڻ جو به
شوق جنون جي حد تائين هو. پير صاحب ڪافي مُلڪن جا
سفر ڪيا. ايران سندس پسنديده ملڪ هو، پير صاحب
ايران سان محبت جي ڪري ڪافي مقالا ۽ مضمون لکيا ۽
ايراني اديبن ۽ عالمن سان پنهنجا تعلقات قائم
ڪيائين، سندس ايران بابت علمي خدمتن کي تسليم
ڪندي، شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلوي پنهنجي ملڪ جو
وڏي ۾ وڏو سرڪاري اعزاز ”نشان سپاس درجه اول“ عطا
ڪيو. ايراني حڪومت پير صاحب جو ايترو ته خيال ڪندي
هئي جو سندس ڪنهن به تجويز کي رد نه ڪيو. حيدرآباد
جي ”خانه فرهنگ ايران“ جو قيام پير صاحب جي ذاتي
ڪوشش جو نتيجو آهي.
پير صاحب جي مهمان نوازي مشهور هئي. آئي جو آڌر، محبت ۽ خلوص
سان ملڻ، وڃڻ وقت دروازي تائين اچي موڪلائڻ، سندن
خاص خصوصيت هئي. مختصر ته پير صاحب آيل مهمانن جو
آڌر ڀاءُ ايترو ته پيار ۽ محبت سان ڪندو هو، جنهن
جو مثال ملڻ مشڪل آهي. شاهه لطيف جو هي بيت مٿن
پورو اچي ٿو:
جي ايندي چونئي آءُ، ويندي چونئي ويهه
ڏوري ڏوري ڏيهه، اڱڻ وڃجي ان جي.
پير صاحب هڪ شخصيت نه پر اداري واري حيثيت رکندا هئا، جنهن مان
بي انتها ماڻهن پنهنجي علمي ۽ ادبي رهنمائي حاصل
ڪئي، پير صاحب جي زندگي تي جيترو به لکجي گهٽ آهي،
سندس شخصيت، سندن پيار، محبت، شفقت، خلوص ۽ مهمان
نوازي وسارڻ جي نه آهي.
سندن ائين اوچتو هليو وڃڻ سوين سڪايلن کي ڪنهن چوواٽي تي اڪيلو
بي يارو مددگار ڇڏي هليو وڃڻ، برداشت کان ٻاهر هو،
پر سندن ڏيکاريل راهه ۽ سندن ٻاريل علم جي مشعل
اسان جي رهنمائي ڪري رهيا آهن.
مختصر ته پير صاحب جي زندگي جا يادگار تمام گهڻا مقالا، تقريرون
۽ ڪتاب آهن، جيڪي اسان کي هميشہ سندن ياد ڏياريندا
رهندا. عبدالله ورياهه جو مضمون ”قبا مير شهداد
خان ٽالپر“ پڙهڻ بعد جڏهن سائين اسان کي ڪراچي سڏي
پهرين ملاقات ڪئي ته اتي ئي پير صاحب جو حڪم ٿيو
ته شاهپور چاڪر ۾ مير شهداد خان جو مقبرو ڏسجي،
جنهن لاءِ ڇنڇر 9 – 11 – 1980ع جو ڏينهن مقرر
ڪيائون ۽ پروگرام مطابق پاڻ حميد آخوند، ممتاز
مرزا، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ محمد ابراهيم جويو
صاحب گڏجي ڀٽ شاهه ريسٽ هائوس پهتا، هتان ٽنڊي آدم
مان عبدالله ورياهه، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ آئون
ڀٽ شاهه پهتاسين، رات جو اُستاد مرحوم منظور علي
خان سان رهاڻ ٿي ۽ صبح جو سوير شاهپور چاڪر روانا
ٿياسين. سفر ڊگهو هو، پر پير صاحب طبيعت جي خرابي
جي باوجود همت سان قبا شهداد پهتا، جتي سانگهڙ
هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي جي طرفان سائين پير
صاحب جي مان ۾ انتظام ڪيل هو، پير صاحب اتي پهچڻ
شرط فرمايو: ”ورياهه! جيڪر هت نه اچان ها ته سڄي
زندگي افسوس رهي ها:“ قبا شهداد جي قبرستان ۾، اتي
جي دوستن سٺو انتظام ڪيو هو، غلام قادر ڏاهري،
محسن علي شاهه، محمد خان ٻُرڙو ۽ ٻيا ڪيترا دوست
اتي موجود هئا.
پير صاحب پهچڻ شرط پنهنجي ڪئميرا سان قبرستان جا فوٽ ڪڍڻ شروع
ڪيا. گرمي سخت هئي پر پير صاحب جي همت کي سلام
آهي، هتان واپس ٿي ٽنڊي آدم ”ورياهه هائوس“
آياسين، جتي سندن مان ۾ ٻنپهرن جي مانيءَ جو
انتظام ڪيل هو. ماني واپرائڻ کانپوءِ اسان سڀ گڏجي
حيدرآباد روانا ٿياسين، جتي پير صاحب کي ڪاڪي
گرداش واڌواڻي جي ڪتاب ”جيڪي ڏٺو مون“ جي مهورت
ڪرڻي هئي. پير صاحب نهايت ٿڪل هجڻ باوجود جيڪو
ڳالهايو سو هن دور جي ماحول ۽ زماني ۾ اسان لاءِ
هڪ سبق ۽ رهبريءَ جو ڪم ڏيندو. اميد ته جن دوستن
سائين پير صاحب جي هيءَ تقرير نه ٻڌي هئي، سي هيءَ
تقرير پڙهي، سائينءَ جي پيغام کي ٻين تائين
پهچائيندا.
آغا صاحب! دادا گرداس واڌواڻي! ۽ دوستو! اسان ٻڌو هو دادا
ليکراج، اڄ ٻڌوسين ته واڌواڻي به دادا آهي.
خواتين، نوجوان دوستو منهنجا! منهنجي ڪيفيت ذهني ۽ جسماني،
تَهان کي منهنجي صورت ۽ چهري منجهون معلوم هوندي.
مان ڪلهه صبح جو ڪراچيءَ کنئون نڪتو آهيان ۽ مسلسل
هن وقت تائين هلندو رهيو آهيان ۽ بيحد ٿڪل آهيان.
اها شايد تهان سڀني کي خبر آهي ته مان بيمار رهان
ٿو پيو اڪثر، تنهن ڪري زياده مان تهان جي خدمت ۾
پنهنجا خيال عرض نه ڪري سگهندس. منهنجي نوجوان
دوستن بي انتها نفيس ۽ مؤثر مضمون پڙهيا آهن، جن
کنئون ايمانداري جي ڳالهه اها آهي ته مان متاثر
ٿيو آهيان،بيحد اميد افزا ڳالهه آ، اها ته انسان
تسلسل ۽ ذهن جي حاضري ساڻ مضمون لکي سگهي ٿو.
تنقيد ۽ تبصرا ڪري سگهي ٿو پيو. اها خود اميد افزا
ڳالهه آ، مسٽر واڌواڻيءَ جي ڪتاب تي مفصل ڪلاڪ ڏيڍ
تائين مان تقرير ڪراچي ۾ ڪري چڪو آهيان، انهن
ساڳين خيالن کي وري دهرائڻ جي ڪا هتي ضرورت ڪانهي
ڪا.
تهان کي مان عرض فقط هڪڙو ڪندس ته جيئن اسان جي هڪڙي نوجوان
دوست تهان کي ٻڌايو ته سنڌ جي تاريخ، سنڌ جا
تاريخي آثار، سنڌ جي تهذيب، سنڌ جو تمدن، سڀ خدشي
۾ آ، برباد ٿي رهيو آ، سنڀال ڪانهي ڪا، تنهن ڪري
انهيءَ شئي کي نظر ۾ رکندي، هن وقت اسان جي لاءِ
بيحد ضروري آهي ته ڀل اسان افسانا لکون، ڇاڪاڻ ته
اهي ڀي ڪنهن مقصد جي تحت سنڌ ۾ لکيا وڃن ٿا، نظمون
ڀي ڀل لکون، ڇاڪاڻ ته ڪابه نظم سنڌ ۾ بي مطلب، بي
معنى ۽ بي مقصد نٿي لکي وڃي: اهي ٻئي صنفون بيحد
ضروري آهن. ليڪن ساڳئي وقت مان تهان کي عرض ڪندس
ته هڪ زمانو گذري چڪو آ، ٻيو زمانو جيستائين پڪو
ٿئي ۽ اچي تيستائين جو وچون دؤر جيڪو آهي، جنهن ۾
هن وقت تهان هلي رهيا آهيو ۽ اسان موجود آهيون،
اهو اهڙو آ، جڏهن تهان جا عمر رسيده ماڻهو، جن
هيءَ سڄي صدي ڏٺي آ، اهي پنهنجيون يادگيريون ايندڙ
دنيا جيڪا تيار ٿي رهي آ، انهيءَ جي لاءِ لکي ڇڏي
وڃن.
تهان سيريئس ڪتاب خبر ناهي پڙهو ٿا يا نه، ليڪن انهي ڏس ۾، جنهن
۾، اسان جي دوست واڌواڻيءَ لکيو آ، ڪتاب، انهيءَ ۾
سڀ کنئون پهرين جي ايم سيد ٻن جُلدن ۾ ”جنب گذاريم
جن سين“ لکيو آهي، تنهن ۾ انهي سڄي زماني ۽ انهن
سڀني ماڻهن جو هن ذڪر ڪيو آ، جن سان اهو اٿيو
ويٺو، گڏ گهميو يا رهيو آ. بيحد مفيد، بيحد قيمتي
۽ آئينده نسل جي تاريخ جي لاءِ مستند دستاويز آ.
اهڙي نموني ساڻ پير علي محمد راشدي ڀي ٻن جُلدن ۾ ”اُهي ڏينهن
اُهي شينهن“ جي نالي سان ڪتاب لکيو آ. ٽيون جلد
ڇپجي رهيو آ، اهو ڪتاب ڀي انهي سلسلي يعني
يادگيرين واري سلسلي جو بهترين ڪتاب آهي. اهڙي
نموني سان منهنجو ڀي هڪڙو ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“
جي نالي ساڻ ڇپيو آ، انهيءَ ۾ ڀي ڪنهن هڪڙي خاص
عرصي جون يادگيريون لکيل آهن. هن ڪتاب جو عنوان
”جيڪي ڏٺو مون“ سو حقيقت ۾ مان انهيءَ پنهنجي ڪتاب
جي لاءِ جنهن جو پوءِ نالو ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“
ٿيو، 1960ع ۾ رٿيو هئم ۽ تقريباً منهنجي سرڪل ۾
مشهور به ٿي ويو هو، ليڪن جي ايم سيد انهي ساڳئي
نالي ساڻ هڪڙو ڪتاب ڇپرايو، تنهن کنئون پوءِ وري
مان مناسب نه سمجهيو ته انهي ساڳئي نالي ساڻ
منهنجيون يادگيريون ڇپجن. هاڻ چڱو ٿيو جو گرداس
جو ڪتاب ڇپيو آ، هي ڪتاب پنجون ڪتاب آهي، انهيءَ
سلسلي جو، يادگيرين جو تهان کي مان عرض ڪيو ته
يادگيريون، مثلاً خواجه صاحب ويٺو آ، جنهن کي خوجو
چون ٿا پيا، هن جي زندگي پوري تاريخ رهي آهي. هن
هڪڙي دنيا ڏٺي آ، تهان جي تعليم جو جنهن نئون نسل
تيار ڪيو آ، انهي سموري جا داستان ۽ واقعا، نواب
شاهه جي تاريخ، اهي سڀ جيڪڏهن هي پنهنجيون ويهي
يادگيريون لکي ته اها هن جي لاءِ ته تاريخ نه
هوندي، ليڪن پڙهندڙن جي لاءِ ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ
اها تاريخ جو ڪتب ڏيندي.
تاريخ جو مطلب ئي اهو آ ته انسان واقعات جيڪي ڏسي ٿو يا جيڪي هن
کي معلوم آهن. سي قلم بند ڪري. پڙهندڙ انهيءَ
منجهئون ڪهڙو فائدو وٺن ٿا پيا، ڇا لاڀ پرائين ٿا
پيا، اهو انهن تي ڇڏيل آ.
پندرهن ويهه ڏينهن ٿيا جڏهن گرداس جي ڪتاب جو مهورت ٿيو ڪراچي
۾، تڏهن مان افسوس پئي ڪيو ته خانبهادر کهڙي ڪجهه
ڪو نه لکيو. ڪجهه لکي وڃي ته بهتر آ. فلاڻي نه
لکيو، شيخ صاحب نه لکيو، پنجن ڏهن ڏينهن کنئون
پوءِ خانبهادر کهڙو ڀي هليو ويو. اها ڀي تاريخ
اسان جي ختم ٿي وئي!
تهان کي مان حالتن کي نظر ۾ رکندي ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي هيءَ
پر زور ۽ دست بدست گذارش ٿو ڪيان ته اوهان مهرباني
ڪري، هت جيئن آغا صاحب تهان کي چيو ته انگريزيءَ ۽
يورپ جي زبانن ۾ ايڏو علم آ، جنهن جو ڪو سرو نظر
ئي نٿو اچي پيو. اسان ته هڪڙي تمام محدود تاريڪ ۽
ردي دنيا ۾ رهون ٿا پيا، جاٿي جيڪو ساهه کڻون ٿا
پيا سو تعفن ۽ بدبودار آب و هوا ۾ کڻون ٿا پيا،
دنيا ۾ انسان ائين زندگي گذارين ٿا گندگيءَ ساڻ،
جيئن هتي، اسان جي سر زمين تي ڪيوڙيون ماڪوڙا يا
ڪينئان زندگي گذارين ٿا.!
اسان هن دنيا جي ڀيٽ ۾ حالتن جي لحاظ سان، پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي
لحاظ ساڻ، علم ۽ دانش جي لحاظ سان انهن جيتن جي
برابر آهيون، انهي دنيا جي مقابلي ۾، هيءَ اُها
صدي آ، جنهن ۾ دنيا جا وڏي ۾ وڏا ايجاد ٿيا آهن.
ٻه جنگيون هن ۾ لڳيون، بادشاهيون هن صديءَ ۾ ويون.
هوائي جهاز ٽرانسسٽر، ٽي ويون، حتيٰ ڪه آغا صاحب
راڪيٽ جو نالو ڀي کڻي آيو. مونکي ڀئو ٿو ٿئي،
ڇاڪاڻ ته راڪيٽ جي سلسلي ۾ دنيا ۾ خبر ناهي ته
الائي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي؟ مطلب هي آهي ته هيءَ صدي
ايڏي فن، علم ۽ دانش ۽ سائنس جي لحاظ ساڻ ثروت مند
آ ۽ علم جي انهن شاخن ۾ ماڻهن لکيا آهن، ڪتاب، جو
مان ڪهڙو تهان کي بيان ڪيان. تنهن ڪري تهان کي
جيئن آغا صاحب فرمايو، آغا صاحب هڪ ڳالهه وساري
ويو ته سندس تعلق چورَن ۽ ڌاڙيلن ساڻ ڀي رهيو آ،
اها ڳالهه کانئس وسري وئي.
مطلب منهنجو هيءُ آهي ته اوهان کي پڙهڻ کپي، حاصل ڪرڻ کپي، علم
ڄاڻڻ کپي ۽ انهيءَ ڄاڻ کي تهان ٻين تائين پهچائڻ
جي ڪوشش ڪيو.
منهنجا دوستو! اها حقيقت آ ته اڄ بهترين تقريرون نوجوانن ڪيون
آهن. دل خوش ٿي آ، هڪڙي دوست انهيءَ تي افسوس جو
اظهار ڪيو ته اسان جون سڀ تاريخي شيون برباد ٿي
ويون آهن. انهي جي تحفظ جي لاءِ سوسائٽي ٺاهيو يا
ڪو ٻيو صلاح مشورو ڪيو.
اها حقيقت اٿوَ ته اسان هن وقت درياهه جي ڪپ تي ويٺا آهيون ۽
درياهه ۾ پائيندڙ آ، ڪنهن به وقت درياهه جو بند
جيڪڏهن پاڻي پاتو ته اسان وڃي پاڻي ۾ پونداسين.
اهڙي صورتحال ۾ هن وقت اوهان ويٺا آهيو، تنهن جي
تحفظ ۽ انهي جي بقاءَ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. مان ڪلهه
ڊاڪٽر الانا جي تحريڪ ۽ پنهنجي دوست عبدالله
ورياهه ۽ آخوند حميد جي تحريڪ ساڻ ويو هوس، شاهپور
چاڪر ٽالپرن جا مقبرا ڏسڻ ۽ اتئون هاڻ سڌو اچان
ٿو. نهايت ڏکويل دل ساڻ، سڄو قبرستان جيڪو تاريخي
آ، اهو برباد ٿي چڪوآ، انهي جا پٿر ماڻهو کڻي ويا
آهن، ڪابه قبر سلامت ڪانهي ڪا، تاريخي ڪتبا ڪرن ٿا
پيا. اها ساڳي حالت هالن جي ڀڪ ساڻ، ٽالپرن جي
مقبرن جي آ، حيدرآباد جي حالت تهان پاڻ ٻڌي، انهي
کنئون زياده ابتڙ حالت مڪليءَ جي تاريخي قبرستان
جي آ، جنهن جي تاريخي قبرن جا ڪتبا ڪراچي جا
واپاري ايندي ويندي پٽيو کنيو وڃن ٿا ۽ پنهنجن
بنگلن ۾ وڃي محض ڊيڪوريشن آرائش جي واسطي هڻن ٿا،
اتان جي تاريخ تباهه ٿئي ٿي. هنن جي بنگلن جي
ديوارن جي هڪڙي زينت ٿئي ٿي، جنهن کي هو نه پڙهي
سگهن ٿا، نه سمجهي سگهن ٿا نه عربي ڄاڻن جو اهي
ڪلام مجيد جون آيتون، انهن تي جيڪي اڪريل آهن، سي
پڙهي سگهن. نه فارسي منجهئون بهرور آهن، جو هنن کي
خبر پئي ته هن تي ڪهڙو شعر لکيل آ.
بهرحال مطلب اهو آ ته نقصان ضرور ٿئي، اها جيڪا تخريبڪاري جي
اسان جي عادت آ، جو ايندي ويندي ڪنهن جي موٽر بيٺي
هوندي تڏهن ڀي ان کي نقصان ٿئي، ته اها تخريب جي
عادت جيڪا آهي، انهي کي پوري ڪرڻ لاءِ ضرور پٿر
پاڻ سان کنيو ايندا، تنهن ڪري مڪليءَ جو قبرستان
تهان جو برباد ٿو ٿئي ۽ اهو نه فقط اسان کي تاريخ
جي لحاظ ساڻ عزيز آ، ليڪن تازيءَ تاريخ جي سلسلي ۾
هن ڪري ڀي اسان کي عزيز آ، جو شيخ عبدالمجيد سنڌي
هتي دفن آ ۽ مان کي يقين آ ته اسان جي سنڌ جي نئين
تاريخ مڪليءَ جي قبرستان تئون ٺهندي، تنهن ڪري
تهان کي انهيءَ طرف توجہ ڏيڻ کپي. هتي ڪيترا
منهنجا فاضل دوست ويٺا آهن. مسٽر پنهور آ، جيڪو
سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪري ٿو پيو. ڊاڪٽر الانا آهي،
هي نوجوان اسان جو عبدالله ورياهه، جيڪو آهي
زميندار، جنهن کي زندگي پنهنجي زمينداري جا جيڪي
گندا شغل ٿيندا آهن، وڏيرن جا، انهي ۾ گذارڻ کپندي
هئي، ليڪن انهي جي مقابلي ۾ هن سنڌ جي تاريخ سان
دلچسپي ورتي آهي ۽ تهان کي حيرت ٿيندي ته 20000
(ويهه هزار) سڪا سنڌ جا جيڪي 50 ورهيه اسان تاريخ
لکي آ، ليڪن انهن منجهون هڪڙو نه ڏٺو اٿئون، سي هن
عبدالله ورياهه اهي گڏ ڪيا آهن. انهن تي تحقيق ڪري
ٿو پيو، مطلب اهو ته اسان وٽ مواد آ، اسان وٽ
ماڻهو آهن، اسان وٽ جذبو آ ۽ اهو جذبو الله ڪارڻ
آ، وطن دوستيءَ ۽ آبروءَ جي خدمت جي لاءِ اسان کي
اهو جذبو آ، ڪنهن پيسي جي مقصد يا ڪنهن منافقت ۽
آبروءَ جي سلسلي ۾ ڪونهي ڪو، محض وطن جي خدمت ۽
علم جي خدمت جي لاءِ اسان کي اهو جذبو آ، تنهن ڪري
مان تهان نوجوانن کي عرض ڪندس ته تهان منجئون هر
هڪ ماڻهو سنڌ جي تاريخ جو محافظ بڻجڻ کپي. سنڌ جي
زبان جو محافظ هجڻ کپي، سنڌ جي ادب ۽ ثقافت جو
محافظ هجڻ کپي. جيسين تهان منجهئون هر هڪ ماڻهو
انهيءَ شئي جي حفاظت جو عزم نه ڪندو، تيسين مان
سمجهان ٿو ته اهي شيون گهڻي عرصي تائين قائم رهي
نه سگهنديون.
منهنجا دوستو! منهنجي ڪيترن نوجوانن، دوستن، واڌواڻي صاحب جي
ڪتاب متعلق تهان کي ٻڌايو آ، مان سمجهان ٿو پيو ته
بهترين ڪتاب، بهترين زبان ۾ ۽ بهترين دور جيڪو
اسان جو سنهري دؤر آهي، انهيءَ جي سلسلي ۾ اهو
دستاويز اٿوَ. ممڪن آهي ته انهيءَ شئي جو احساس ۽
اهميت هاڻ اسان کي نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته واڌواڻي ۽
اسان جو زمانو قريب آ، تنهن ڪري جيڪا شئي قريبي
هوندي آ، انهيءَ جي اهميت جو احساس نه ٿيندو آ.
ليڪن مان تهان کي يقين ٿو ڏيان ته زبان جي لحاظ ساڻ، لکڻ جي
انداز جي لحاظ ساڻ، جڏهن هي پنهنجي وطن جو بيان ٿو
ڪري ته ايڏي محبت ساڻ ۽ هڪڙي جذبي ساڻ ڪري ٿو جو
معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي دل به ٻاهر ڪڍي هٿ تي کنيو
ٿو وتي پيو، تنهن کنئون پوءِ وڏي ڪرامت واڌواڻي جي
هيءَ آ ته هن سڄي زندگي انگريزيءَ ۾ لکيو، ڪڏهن ڀي
سنڌي ۾ هن هڪ سٽ نه لکي. ليڪن اها اسان جي زبان جي
ڪرامت آ ته جڏهن هن انهيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو، تڏهن
بهترين ڪتاب بهترين زبان ۾ لکي هن تيار ڪيو.
واڌواڻي کي مان ڪراچيءَ ۾ عرض ڪيو هو ته ڀائي! هن
وقت اسان جي زبان ٻين سڀني ڳالهين ساڻ گڏ وڏي خدشي
۾ آ، نه فقط اسان جي پنهنجي زبان خراب ٿي رهي آهه،
هتي اخبارن جي ذريعي ريڊئي ۽ ٽي ويءَ جي ذريعي ۽
هي جيڪو بيشعور نوجوان جنهن کي ڪابه بيڪ گرائونڊ
(Back ground)
پس منظر ڪونهي ڪو، نه تهذيب، نه علم انهي جي گاڏڙ
زبان يا اسان جا بعض ڪامورا ٻاهر سنڌي ٿا ڳالهائين
۽ گهر ۾ اردو ٿا ڳالهائين ۽ اردو ڀي ڪا فضيلت واري
اردو هجي ته اسان کي ڪو به اعتراض ڪونهي. ڪو ليڪن
گورخن واري اردو ڳالهائين ٿا، جيڪا جيڪڏهن اردوءَ
وارا ٻڌن ته مار ڪچن هنن کي، ته اهڙي صورتحال ۾
منهنجا دوستو تهان کي، مان واڌواڻي کي عرض ڪيو هو
ته هندو اسان وٽئون هليا ويا. هاڻي اسان سڀني تي
فرض آهي ته ان زبان کي محفوظ رکون.
ڊاڪٽر نواز علي شوق تهان کي عرض ڪيو ته ڪيترا لفظ هن جي پٽن کي
يا اولاد کي نٿا اچن، ڇاڪاڻ ته هو ٻهراڙي منجهون
اٿي ۽ اچي شهرن ۾ آيا آهن، انهن لفظن ساڻ واهپو
ڪونهي ڪو، مان واڌواڻيءَ کي چيو ته ڀائي هندو اسان
وٽئون هليا ويا آهن ۽ هندو سنڌ جو هڪ جزو آ ۽
تاريخ آ ۽ هنن جو احساس آ، جنهن کي هاڻ اسان
پنهنجي زبان چئون ٿا،حقيقت ۾ مشترڪه زبان هئي اسان
جي ۽ هنن جي. ڊاڪٽر گربخشاڻي جو پنهنجي زبان تي
احسان هو. ليڪن بهرحال اهو اسان سمجهون ٿا اسان تي
احسان آ، مان عرض ڪيو هن کي ته اها وڏي ۾ وڏي خدمت
ٿيندي. هي وقت آ جو تون ڀي جيئرو آن، ممڪن آ ته
سڀاڻي تون ڀي نه هجين، بهشت ته ڪو نه چوندس ڇاڪاڻ
ته مسلمان مڃيندا ڪو نه ڪو ته جنت نصيب توکي
ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اسان جو اعتقاد آهي ته فقط
مسلمان، پوءِ ڪهڙا ڀي هجن اهي جنت ۾ ويندا، باقي
ٻيو ڪو به دنيا جو بني بشر ڪو نه ويندو. تنهن ڪري
ممڪن آ ته تنهنجو ڀي جلد پراڻ تياڳي، تنهن ڪري
ڀائي منهنجا، اها زبان، اهي اکر، مثلاً مان پنهنجي
والده مرحومه تي مضمون پئي لکيو، مانکي پنهنجي ڳوٺ
جو نقشو انهي ۾ ڏيڻو هو، مانکي ”رسوئيو“ نه آيو،
ڀائي! جيڪو ماني پچائيندو آ، ليڪن رڌڻي جو هندو
اکر به مانکي نه آيو. مان ڪيترائي ڏينهن بلڪه اڄ
ڏينهن تائين انهي ۾ سرگردان آهيان. ”شڪارپور“… مان
واڌواڻي کي عرض ڪيو ته اسان جي تهذيب ۽ تمدن جو
خاص مرڪز هو، انهيءَ ۾ بهترين تمدن رکندڙ هندو يا
جن جو تعلق سينٽرل ايشيا ساڻ هو، انهن جون پڳڙيون
جيڪي هيون ڪيئي نمونا، ته شڪارپور جي پڳڙين جا
هئا. اهي هندو ويا، اهي پڳڙيون ويون، اهي رنگ روپ
ويا، اهي کاڌا خوراڪون ويون، اها زبان وئي. مان
کيس عرض ڪيو ته مهرباني ڪري، هاڻ گهڻو ئي ڪجهه تو
اسان جو خانو خراب ڪيو آ، اسان جا اعمال لکي انهي
ڪتاب ۾، انهيءَ کنئون مٿي لکڻ جي ڀي ضرورت آهي، پر
مهرباني ڪري تون ڪوشش ڪر ته اهي لفظ جيڪي متروڪ ٿي
ويا آهن، ترڪ ٿي ويا آهن، هندن جي وڃڻ جي ڪري ترڪ
ٿي ويا آهن، انهن کي تون پنهنجن مضمونن ۾ ڪنهن نه
ڪنهن صورت ۾ آڻ ته ڪي اهي اسان جي لاءِ محفوظ رهجي
وڃن. انهن پڳڙين جا نالا، اهي ڪريا ڪرم جا نالا،
اهي کاڌن خوراڪن جا نمونا ۽ نالا. اهي سڄيون شيون،
اهي آهن، جيڪي نه فقط هتي اسان وٽئون عدم پيدا ٿي
ويون آهن، ليڪن مان سمجهان ٿو پيو ته سنڌي هندن
ساڻ هندستان ۾ اهائي عقوبت آ، جيڪا هتي اسان ساڻ
آ، انهن جي آل اولاد کنئون ڀي اها تهذيب ۽ اهو
تمدن ۽ اهي زبان جا اکر انهن کنئون ڀي وسري ويا
هوندا!، تون هتي آهين اڃا، سلامت آن، توڙي جو
توکي گهر ڪونهي ڪو ۽ اسان جي دوست کي افسوس ٿيو ته
توکي گهر ڪونهي، ليڪن مانکي افسوس اهو ٿيو گهر ته
ڪونهي ڪو، ليڪن جنهن ڪوٺيءَ ۾ تون رهين ٿو، تنهن ۾
به ٻُڌو اٿم ته هڪڙي مسلمان توسان کَهند ٻڌي آ،
جيڪا ڳالهه اخبار ۾ پڻ آئي آهي.
تنهن ڪري گهر ته توکي هي وٺي نٿا ڏئي سگهن، انهيءَ کهند کان
توکي بچائين ته ڀاءُ منهنجا! تون مهرباني ڪر. اسان
تي، جيئن مان توکي ڪراچي ۾ اڳي عرض ڪيو هو. مان
هنن سڀني نوجوانن کي به عرض ڪندس ته توکي التجا ڪن
ته اسان جا وسريل اکر ۽ متروڪ ٿيل جملا ۽ تهذيبي
نشانيون، اهي تون ڪوشش ڪر، پنهنجي مختلف مضمونن ۾
آڻڻ جي.
رڌڻي جو هندو اکر اڃا تائين مانکي نه آيو جو مان گهڻي ڪوشش ڪئي
آ، ڊاڪٽر الانا به هندو شئي آ. رسويو جو لفظ اچي
ٿو مانکي، ليڪن جاتي رسوئي پچائجي ٿي، انهيءَ جو
ڇاهي هندو اکر؟ نتيجو اهو نڪتو جو هڪڙيءَ جاءِ تي
اچي مان اٽڪي بيهي رهيس ۽ اتي جو قلم مان ڇڏيو آ
ته اڃا تائين … مطلب اهو آ ته ڪيڏيون مشڪلاتون اچن
ٿيون، نئين زماني ۾ رهڻ جي ڪري مان تهان کي ٻڌايو
هو ته مان ٿڪل آهيان ۽ حالت منهنجي خراب آ، ليڪن
باوجود انهيءَ جي ڀي، ڇاڪاڻ ته تهان جي خدمت ۾
بيهندي مانکي هڪڙي سهادت آ ۽ خوشي ٿئي ٿي، تنهن
ڪري مان بي اختيار ڳالهائيندو ويو آهيان ۽ انهيءَ
۾ وقت ظاهر آ ته زياده ٿي ويو آ، تهان کنئون معافي
وٺان ٿو پيو ۽ تهان کي اهو عرض ڪندس ته واڌواڻي
صاحب کي پنهنجي خانگي نشست برخواست ۾ انهي ڳالهه
تي ضرور آماده ڪيو ته اڃا ڀي لکي، گهڻو لکي ۽ انهن
شين تي خاص طرح لکي، جيڪي هاڻ ختم ٿي چڪيون آهن يا
ختم ٿيڻ تي آهن. مهرباني. |