سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-3/ 1991ع

 

صفحو :8

ڊاڪٽر محمد رفيق مغل

مترجم: مراد علي مرزا

سن 11-712ع ۾ عربن جي طرفان سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي فتح کانپوءِ موجوده پاڪستان ۽ اتر ڏکڻ ايشيا جي سماجي، اقتصادي، مذهبي ۽ ثقافتي جوڙجڪ ۾ ڳوڙهيون تبديلي آيون. محمد بن قاسم ثقفي جي اڳواڻيءَ ۾ عرب فوج جيڪا فوجي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، ان جي ڀيٽ ۾ ان حملي جي ڪري جيڪي نتيجا نڪتا، انهن جي تمام گهڻي اهميت آهي. منصوره جي بادشاهت جي قائم ٿيڻ جي ڪري، جيڪا سنڌ ۾ ڏکڻ پنجاب جي علائقن تي پکڙيل هئي ۽ جنهن جا ملتان ۽ منصوره (1) ٻه گاديءَ وارا هنڌ هئا، هن خطي ۾ اسلامي تهذيب جا بنياد رکيا ويا. خاص ڪري سنڌ ۾ اسلامي حڪومت جي ثقافتي ۽ تاريخي اهميت جي موضوع تي ڳوڙهي تحقيق ٿي آهي. ساڳيءَ ريت عرب جاگرافيدانن ۽ تاريخدانن اسلامي فتح جي سلسلي ۾ جن ماڳن ۽ مڪانن جا حوالا ڏنا آهن، انهن جي سڃاڻپ تي ٿيل ڪم پڻ دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي.

 

محمد بن قاسم سن 11-712ع ۾ عرب فوج جي اڳواڻي ڪندي، جنهن رستي تان سنڌ کي فتح ڪرڻ جي لاءِ آيو هو. ان کي ڪيترن ئي عالمن ڳولي لڌو آهي ۽ ان تي بحث ڪيو آهي (2). ان هوندي به اوائلي مسلمان جاگرافيدانن ۽ تاريخدانن انهن سڀني ماڳن جي جيڪا پوري پختي سڃاڻپ ڪرائي آهي، ان جي تصديق اڃا سر زمين تي ڪم ڪرڻ کانپوءِ ٿي سگهندي. ان باري ۾ حملي ۽ واقعي جا جيڪي تفصيل ڄاڻايا ويا آهن، انهن مان خبر پوي ٿي ته اهي ڪهڙا علائقا هئا، جتي انهن شهرن ۽ وستين کي ڳولي سگهجي ٿو. مسلمانن سنڌ ۾ جيڪي قديم شهر پنهنجي قبضي ۾ ورتا هئا، انهن جي سڃاڻپ جي سلسلي ۾ هڪ خاص دقت اها ٿي پيش اچي، جو انهن جي نه پوري چڪاس ٿي آهي ۽ نه وري کوٽائي ۽ سواءِ ٻن وڏن شهرن جي جيڪي آهن، ڀنڀور (3) (ضلعو ٺٽو) ۽ سانگهڙ ضلعي ۾ شهدادپور جي ويجهو منصوره (4)، انهن ٻنهي هنڌن تي آثار قديمه ۽ عجائب گهرن جي کاتي ڊاڪٽر ايف اي خان جي نظرداري هيٺ کوٽايون ڪرايون آهن. هاڻي ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ديبل (5) جو مشهور شهر ڀنڀور واري هنڌ هو، جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو هو. ساڳيءَ ريت منصوره ۾ آثار قديمه جون جيڪي شيون هٿ آيون آهن، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو شهر اسلامي دور کان اڳ واري شهر بهمڻ آباد يا برهمڻ آباد جي کنڊرن تي يا ان جي ويجهو اٺين صدي عيسويءَج جي پهرئين چوٿَ ۾ قائم ٿيو هو.

ديبل کان بهمڻ آباد تائين ۽ ان کان مٿي وڃڻ جي لاءِ محمد بن قاسم جيڪو رستو ورتو هو، اهو صاف آهي (نقشو1). جيڪڏهن اسين سنڌو درياه (مهراڻ) جي پراڻي وهڪري ۽ ان جي مختلف شاخن کي ڌيان ۾ رکنداسون ۽ جن تان محمد بن قاسم اُڪري ويو هو، ته مختلف شهرن جي اصل ماڳن جي صحت سان ڪٿ ڪري سگهجي. عالمن جو ان ڳالهه تي عمومي اتفاق آهي ته نيرون ڪوٽ حيدرآباد جي نئين شهر جي ويجهڙائي ۾ ۽ سنڌو درياه جي هاڻوڪي وهڪري جي اوڀر ۾ هو. راؤڙ جو شهر، جنهن جي باري ۾ عالمن اڪثر ڪري مونجهارو پئي پيدا ڪيو آهي، اهو درياهه جي هڪ پرائي شاخ جي اڀرندي ڪناري تي واقع هو ۽ جنهن جي تلهار جي ويجهڙائي جي ايراضيءَ ۾ سڃاڻپ ڪئي ويئي آهي. لئمبرڪ بُهروُر ۽ ڌليه کي ٿري ۽ ميرپورخاص ڪري ڄاڻايو آهي (6) بهمڻ آباد جي فتح جا واقعا بلڪل واضح آهن، پر مٿي اتر ۾ الور طرف بَرهووَر نالي شهر جي سڃاڻپ جي لاءِ تحريري ذريعن ۾ ڪابه سنجيده ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. ان هوندي به اهو واضح آهي ته بهمڻ آباد جي فتح ۽ اتي جي بندوبست ۽ معاملن مضبوط ڪرڻ کانپوءِ محمد بن قاسم سئانديءَ ڏانهن وڌيو ۽ هڪ ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي منزل ڪيائين، جنهن کي ڍنڍ وِڪرڀا يا وڪر بهار ۽ پڻ ڪر بهار ڍنڍ سڏيو ويندو هو. ان ايراضيءَ ۾ گهڻو ڪري ٻوڌين جي آبادي هئي، جن کي ساماني (پروهت) سڏيو هو ۽ جيڪي تاجر ۽ واپاري هوندا هئا. چيو وڃي ٿو ته ڏيپر گهانگهرو جا کنڊر اڳ ٻُڌنؤ بهار جو مَٺَ هوندا هئا (7).

سئانديءَ کان محمد بن قاسم بَرهووَر يا ڀاروَر ڏانهن وڌيو. ان هنڌ به چيو ويو آهي ته ٻوڌي رهندا هئا، اتي عرب جنرل، سليمان بن بهتان ۽ ابو فدا قشوري کي گهرائي، هدايتون ڏنيون ته مڪاني انتظام سنڀاليو. هن عَمرو بن مختار الاڪبر حنفي کي سندن سردار مقرر ڪيو. برهووَر ٿي سگهي ٿو ته ڪو شهر يا وستي هجي. نوابشاهه ضلعي (8) ۾ ٻانڌي ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ اولهه ۾ اٽڪل 22 ڪلوميٽر پري هڪ ٻوڌي مَٺِ اڃا تائين موجود آهي، جنهن کي ٺل مير رڪن سڏين ٿا. ڀِڙو بَهم جا کنڊر ان ساڳيءَ ايراضيءَ ۾ ملن ٿا. جتي عرب فوج اَلور ڏانهن ويندي ترسي هئي.

ڀِڙوبَهم ۾ جيڪي کوجنائون ڪيون ويون، اهي ان تحقيق جو هڪ حصو هيون، جنهن جو مقصد مرڪزي سنڌ ۾ قديم ماڳن جو ثبوت ڏيڻو هو. محمد بن قاسم جنهن معلوم رستي تان ويو هو، اُن تي بهم جي ڀڙي جو هنڌ پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي اهميت ڏيکاري ٿو، تنهن ڪري اهو خيال ڏيکاريو ويو ته ان دڙي جي ڪري سنڌ ۾ اسلامي جنگي مُهمن ۾ ڄاڻايل هنڌن مان ڪنهن هڪ هنڌ جي سڃاڻپ ۾ مدد ملي سگهندي. مرڪزي سنڌ جي علائقي ۾ ٻڌ مذهب جا ڪي اهڙا اهم هنڌ پڻ ملن ٿا ۽ اهو پڻ ڳوڙهو امڪان هو ته ڀنڀور ۽ منصوره جون هم عصر وستيون به اتي ئي ملي سگهنديون. ان چڪاس لهڻ جي لاءِ ڀڙوبهم ۾ جيڪي چَريون کوٽيون ويون هيون. انهن مان اوائلي اسلامي دؤر بابت اهم معلومات هٿ آئي هئي. ان کوٽائيءَ جو مختصر احوال ”پاڪستان آرڪيالوجي“ نمبر 2 ۾ ڏنو ويو هو، پر ان وقت مڪمل رپورٽ شايع نه ٿي سگهي هئي (9) انهيءَ وچ ۾ ڀنڀور ۽ منصوره ۾ کوٽايون ڪيون ويون، جن جي نتيجي ۾ ڏکڻ سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن بابت معلومات قلمبند ڪئي وئي آهي. هاڻي صاف ظاهر ٿيو آهي ته ڀڙوبَهم اُن وقت جي اسلامي دنيا جو هڪ مڪمل حصو هو، جيڪا اسپين کان وٺي سنڌ تائين پکڙيل هئي، ان سان گڏ سنڌ ۾ اسلامي وستي جو جيڪو نمونو هو، ان تي به اُن مان تمام قيمتي معلومات حاصل ٿئي ٿي، انهن حقيقتن کي ڌيان ۾ رکندي موجوده مصنف ضروري ڄاتو ته ڀڙوبَهم مان تازو کوٽائيءَ ۾ جيڪي شيون مليون آهن، انهن جو اڀياس ڪيو وڃي ۽ ان جي اهميت ڏانهن عالمن جو ڌيان ڇڪائجي.

سر زمين ۽ ان جون خاصيتون:

ڀڙوبَهم مرڪزي سنڌ جي ضلعي نوابشاه ۾ دوڙ ۽ ٻانڌي ريلوي اسٽيشنن جي وچ ۾ ٻانڌيءَ جي ڏکڻ طرف 5.5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، ريلوي لائين ۽ امرجي واهه جي درميان واقع آهي. اتي اهو ڀڙوبَهم جو ڀڙو سڏجي ٿو. (10) خاص دڙو ڪل 24 ايڪڙن جي ايراضي ۾ پکڙيل آهي، پر ان ماڳ جا آثار اتر اولهه پاسي وڌيڪ چئن ايڪڙن جي ايراضي ۾ پکڙيل آهن (نقشو2).

اصل دڙي جي ايراضيءَ جي چوڌاري پڪ سري قلع بندي ٿيل آهي، جنهن جي ماپ اتر کان ڏکڻ تائين 304 ميٽر آهي ۽ اوڀر کان اولهه تائين 5. 289 ميٽر آهي. ان جي چوطرف پوک لائق ٻنين جي سطح کان وڌ ۾ وڌ اوچائي چار ميٽر آهي. قلع بندي جي ايراضيءَ جي اتر اولهه ۾ ٻاهر به قبضي جي آثار اڃا تائين ڏسجن ٿا. ڪوٽ جي ديوار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ اڌ گول برج هڪجيتري وڇوٽي تي ٺاهيا ويا آهن، جن مان گهٽ ۾ گهٽ چوويهه برج سٺيءَ حالت ۾ آهن. لڳي ٿو ته باقي برج ڀڄي ڀري ويا آهن.

دڙي جي سطح تي پڪين سرن ۽ ٺڪرن جي ٿانوَن جا ٽڪر پکڙيا پيا آهن. ان جو ڏکڻ اوڀر وارو پاسو کاڄي ويو آهي ۽ جيڪو اوسي پاسي جي ٻنين جي سطح سان اچي لڳو آهي. مڪاني ماڻهن دڙي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي اونهيون کوٽايون ڪيون آهن، جنهن جي ڪري ڪمرن جا اصل خاڪا پڌرا ٿي پيا آهن. هڪ ڪمرو جنهن جي ماپ 5. 3X 8. 2 ميٽر آهي، ان ۾ اندران ٻن عمارتن جون سطحون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته پوئين عمارت اوائلي دؤر جي رهائشي ڍير تي تعمير ڪئي وئي هوندي. گهٽ ۾ گهٽ چوڏهن اَڏاوتون پڌريون ٿيون پيون آهن، جن کي سن 1963ع ۾ مڪاني ماڻهن کوٽي ظاهر ڪيو هو. دڙي جي اتر اوڀر حصي ۾ اڏاوتن جي هڪ ميڙ ۾ ڪيترائي ڪمرا متوازي قطارن ۾ ڏسجن ٿا، جن مان هر هڪ جي ماپ اٽڪل 8. 5 X 5. 3 ميٽر ٿيندي، اتي سطح تي (جيڪا آخري دؤر جي لڳي ٿي) جيڪي پڪيون سرون پيل هيون تن جي ماپ 29 يا 33 سينٽي ميٽر X 23 س م ۽ 3. 6 يا 8. 3 س م آهي. ان وستيءَ جي عين وچ ۾ هڪ مستطيل اڏاوت آهي، جنهن ۾ ٿنڀن جون قطارون آهن ۽ الهندي ديوار جي وچ ۾ محراب وانگر هڪ ننڍو حصو ٻاهر نڪتل آهي. لڳي ٿو ته اها هڪ مسجد هوندي.

کوٽايون:

سطح تي جيڪي ظاهر خاصيتون ڏسجن ٿيون، انهن جي خبرداري سان چڪاس ڪرڻ کانپوءِ ٽن هنڌن تي چَريون کوٽيون ويون هيون ته جيئن ثقافتي آثار هٿ ڪجن ۽ ان ماڳ جي تاريخ نئين سر جوڙي سگهجي. اهو پڻ ضروري سمجهيو ويو هو ته اتي جي اڏاوتن جون خاصيتون مقرر ڪجن ۽ قلعي جي ديوار سميت انهن جي تعمير جي تاريخ مقرر ڪجي. زمين جي بنهه هيٺئين تهه تائين ٽي چريون کوٽيون ويون هيون. (11) هر هڪ چريءَ مان جيڪي ثبوت مليا آهن، انهن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو. قلعي جي اُڀرندي ديوار جي وچ ۾ ٻاهر تي نڪتل هڪ ٻئي جي ويجهو ٻه بُرج ڏيکارين ٿا ته اتي هڪ دروازو هوندو. انهن ٻن برجن جي وچ ۾ هڪ چري (1) زمين جي قدرتي سطح تائين کوٽي وئي هئي. اُميد مطابق ان مان هڪ رعبدار دروازو ظهر ٿيو، جيڪو 5.5 ميٽر موڪرو هو ۽ جنهن جا ٻه اڌ گولائي وارا پَڪسِرا برج هئا. ان دروازي يا ڦاٽڪ جي معماري مان ٻن اڏاوتي دؤرن جا نشان ملن ٿا. آخري دؤر ۾ ڦاٽڪ جي اندران ٻه ٻانهيون تعمير ڪيون ويون هيون، جن جي ڪري ڪل ٻن ميٽرن جي ايراضي والارجي وئي هئي. دروازي جي آخري اڏاوتي دور ۾ اتي ڪا وڏي باهه لڳي هئي، جنهن جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ 92 سينٽي ميٽر ڀُرڻي رک جي ٿلهي تهه جا متوازي افقي ڪارا ليڪا ڏسڻ ۾ آيا. سڙيل رک جا تَههَ نمبر (1) ۽ (2) زمين جي سخت مٿانهين تي پيا هئا، جڏهن دروازي کي پوريءَ طرح ظاهر ڪيو ويو ته ان جي ماپ 76. 3 ميٽر ويڪري هئي (تصوير 3). قائم ديوار جي وڌ ۾ وڌ اوچائي ٻن ميٽرن کان به وڌيڪ هئي. ڏاکڻون برج پڻ پوري طرح سان ظاهر هو، جيڪو 96. 3 ميٽر موڪرو ديوار لڳ هو ۽ ان سان گڏ ٺاهيو ويو هو. قلعي جي چؤديواري جي اڀرندي پاسي کان اهو 91. 3 ميٽر ٻاهر نڪتل هو. ٻاهران برج جو اڌ گهيرو 9 ميٽرن جو هو.

 

وڏي دروازي جي اندرئين طرف هڪ ٻي چري (11) کوٽائي وئي. ان مان ٻن اڏاوتي دؤرن جا وڌيڪ ثبوت هٿ آيا، جن جو تعلق نرم ۽ ڀرٽڻي ڇار جي تَهن (1) ۽ (2) سان هو ۽ جن ۾ آخري اڏاوتي دؤر جا ڪيترائي ٺڪر جا ٽڪر ۽ اوائلي ديوار سان واسطو رکندڙ شيون مليون هيون.

ٻن اڏاوتي سطحن جي ظاهر ٿيڻ تي جتان ان ماڳ جي اڀرندي طرف ٻن چرين مان بلڪل هڪ جهڙي خاصيت جا ٺڪر جا ٿانوَ ڏسڻ ۾ آيا هئا. اتي وڌيڪ تفتيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي ته جيئن تصديق ڪري سگهجي ته اهي ٻئي اڏاوتون ڪهڙي دؤر ۾ ٿيون هيون ۽ اها سخت باهه فقط وڏي دروازي تائين محدود هئي يا ان سموري ايراضي ۾ لڳي هئي. ان جو جواب هڪ ٻي چريءَ (111) مان ملي، جيڪا قلعي جي الهندي ديوار جي لڳ ڏکڻ اولهه ڪنڊ ۾ کوٽائي وئي هئي. ان مان سالم بچاءُ ديوار ظاهر ٿي، جنهن جي ماپ 12. 2 ميٽر هئي (تصوير 4). قلعي جي ديوار جي ٻن اڏاوتي دؤرن جي پڻ تصديق ٿي. تعميري ڪم جي رڪاوٽ مان هر دؤر چٽيءَ طرح سان پڌرو هو. پوئين دؤر جي ديوار اڳوڻي ديوار جي مُنهن مان ٿورو ٻاهر نڪتل هئي. پوئين دور جي ديوار جا مٿيان تهه نرم ۽ ڀُرٽڻي ڪاري ڇار جهڙي مٽيءَ جا ٺهيل هئا، انهن سڙيل تهن جي بناوت بلڪل انهن سڙيل تهن جهڙي هئي، جيڪي ان دڙي جي اوڀر طرف ظاهر ٿيا هئا. ان آثاري شاهديءَ مان پڌرو ٿيو ته ڀڙوبَهم جي سموري وستي باهه لڳڻ جي ڪري تباهه ٿي هئي.

قلعي جي ديوار جي چوپٽيءَ تي ٽن هنڌن تي ٿوري کوٽائي پڻ ڪئي وئي هئي. ان مان خبر پئي ته ان جي ڪل ويڪر 83. 1 ميٽر هئي. ديوار جي اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي پڪل سرن جي اوساري هئي، جن جي وچ ۾ 84 سنٽي ميٽرن ويڪري وٿي مٽيءَ سان ڀريل هئي. مضبوطيءَ پکيڙ، تعميري مهارت، قلعي بندي ۽ برجن ۾ ڀڙوبَهم جو مقابلو سنڌ  ڀنڀور ۽ منصوره جي دفاعي سرشتن سان ڪري سگهجي ٿو.

ٺڪر جا ٿانوَ:

ڀڙوبَهم تي لاڳيتي قبضي جي نتيجي ۾ ٺڪر جي ٿانَون ٺاهڻ جي نمونن ۾ ڪابه وڏي ثقافتي تبديلي يا رڪاوٽ نظر نه آئي. مٿئين تهه کان وٺي هيٺ قدرتي مٽيءَ تائين مليل نمونن ۾ هڪجهڙائي ملي ٿي.. جيتوڻيڪ ٺڪر جي ٿانوَن جي خاص نموني جي نايابي يا غير موجودگي جو سبب شايد اهو هو، جو تمام ننڍي ايراضيءَ ۾ کوٽائي ڪئي وئي هئي، پر انهن ٿانون جي اڀياس مان معلوم ٿيو ته اهو سمورو ڀنڊار گهڻو ڪري هڪڙي ئي ثقافتي دؤر جي ساڳئي گروهه جو آهي، جنهن جو زمانوي اٺين صدي عيسويءَ کان وٺي پنج سؤ ورهين تائين پکڙيل آهي.

اتي ٺِڪر جي شين جا جدا جدا ۽ ننڍا وڏا ڪيترائي نمونا مليا هئا، جن مان ڀڙوبَهم جي مڪاني هنرمندن جي ذهانت جو واضح ثبوت ملي ٿو. اهي ڪاريگر ڏاڍاين دلڪش صورتن وارا ٿانوَ ٺاهيندا هئا ۽ ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ سان انهن تي تمام خوبصورت آرائشي چٽسالي ڪندا هئا. ڪنڀارڪي ڪم جي انهن نمونن مان پتو پوي ٿو ته مٽيءَ کي استعمال ڪرڻ ۽ ان جي سطح تي نقش و نگار چٽڻ ۽ انهن کي کليل نهائين ۽ پچائڻ ۾ اهي ماڻهو ماهر هوندا هئا. ڀڙوبَهم جي پسگردائي ۾ ڪنڀارڪي هنر جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته مرڪزي سنڌ ۾ ٺڪر جي ٿانوَن جو رنگ روپ ۽ آرائشي طريقا ساڳيا قديم زماني وارا آهن، تنهنڪري ڪنڀارڪي هنر جي روايتن جو سلسلو هزارين ورهين کان به وڌيڪ ٿئي ٿو.

ڀڙوبَهم ۾ ٺڪر جون شيون تيز ڦرندڙ چَڪَ تي ٺهنديون هيون ۽ پوءِ انهن کي باهه ۾ پچائي انهن تي ڳاڙهي رنگ جا مختلف پاڇا ڏنا ويندا هئا. اناج رکڻ جي وڏن ٿانون کي ٻن حصن ۾ ٺاهبو هو ۽ پوءِ ڪنڌيءَ کان هيٺ انهن جي مٿاڇري تي واڌو مٽي هڻي، سنڌو ٺاهي، انهن کي پاڻ ۾ ملائبو هو. ٿانوَ جي سطح تي سنڌو گهڙي هڻبو هو ته جيئن ڪو نقش ٺهي اچي. ٺڪر جو مٿاڇرو تمام لسو ٺاهيندا هئا ۽ ساڳئي رنگ جي پاڻي سان ان کي ڌوئبو هو ۽ پڻ ٻاهرين پاسي هلڪو ڳاڙهو رنگ ڏبو هو. وڏن ۽ ننڍن پيالن جي تري تي ڏوريءَ جا نشان ڏيکارين ٿا ته اهي ڪنڀار جي تيز ڦرندڙ چَڪ تان ڏوريءَ سان ڇڪي جدا ڪبا هئا.

ڀڙوبَهم جا ٺڪر جا ٿانوَ هيٺ ڄاڻايل خاص قسمن ۾ رکي سگهجن ٿا، جن جون پنهنجون خصوصيتون آهن، جيڪي هيٺ مختصر طور تي ڏجن ٿيون:

سادي ڳاڙهي رنگ جا ٿانوَ:

ڀڙوبَهم مان ٺڪر جا سالم ٿانوَ ڪو نه مليا هئا، پر ٺڪرين جي مختلف ٽڪرن کي ٻيهر جوڙڻ سان معلوم ٿيو ته شين کي محفوظ رکڻ جي لاءِ وڏن ٿانوَن کان وٺي ننڍن پيالن ۽ وٽين تائين انهن جا ڪيترائي نمونا مليا هئا. وڏا ٿانوَ يا ته گول آهن يا ڪُٻي تري وارا ڊگها. ان نموني جي ٿانوَن کي عام طرح سان ٻن حصن ۾ ٺاهيو ويندو هو ۽ پوءِ منصوره ۽ ڀنڀور مان لڌل ٿانون وانگر انهن کي ڪنڌيءَ کان هيٺ ملائبو هو. پيالن ۽ وٽين جا ترا سڌا آهن. ٻنجن سان ڪوزن جي ڍَڪن جا ڪُنا يا ته نوڪدار آهن يا وري پاسن کان اڀريل. ڪن سادن ٿانون جون ڊگهيون ۽ سوڙهيون ڳچيون آهن، جيڪي لڳي ٿو ته پاڻي جا ڪؤنرا آهن ۽ جيڪي اڃا تائين سنڌ ۾ استعمال ٿيندا آهن. پاڻي جي انهن ڪؤنرن جي تري ۾ مٽيءَ جو وڌيڪ ليپو ڏيندا آهن ته جيئن پاڻي وڌيڪ ٿڌو رهي.

ڀوري مٽيءَ جا ٿانوَ:

ڀوري مٽيءَ مان ٺهيل شيون گهٽ مليون آهن، جن ۾ گهڻو ڪري کاڌي پچائڻ جا ٿانوَ آهن. اهي ڪَنَنَ وٽان ڪشادا ٿين ٿا ۽ انهن جي هيٺئين حصي ۾ سنڌي وٽ تکي اُڪر ٿيل آهي. سنڌي جي ويجهو دلڪش نقشن جي هڪ قطار به آهي. ان ساڳئي نموني جي ڀوري مٽيءَ جا ٿانوَ، جن جي ڪنن تي يا انهن جي هيٺان آرائشي ڪم جي قطار ٿئي ٿي، آخري عباسي دؤر (10-12 صدي عيسوي) ۾ پڻ ڀنڀور مان مليا آهن.

ٺڪر جا منقش ٿانوَ:

ٺڪر جي ٿانوَن جي مٿئين حصن تي نقاشي ٿيل آهي ۽ ڪن حالتن ۾ ٿانوَن جي ڪنارن تي اُها ڏسجي ٿي. اهو ڪم ڪاري رنگ سان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهي رنگ جو به استعمال ٿئي ٿو. هلڪي ڳاڙهي رنگ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڦڪي رنگ جي ڪشادن حاشين اندر نقش ترتيب ڏنا ويا آهن. خاص نشان مهندسي ۽ خطي آهن، جن ۾ منڌيئڙي وارين ليڪن سان وچ ۾ ڳاڙهن ٽٻڪن وارا مربع (تصوير 5، نمبر 4 ۽ 5) وَر واريون ڪاريون ۽ ڳاڙهيون ليڪون (تصوير 5، نمبر 1، 2)، پَن جهڙا ٽٻڪن وارا نقش (تصوير 5، نمبر3) ٽٻڪن وايرن ليڪن سان گول 7 ٽڪنڊا (تصوير 5، نمبر 6) ڏسجن ٿا. ڀڙوبَهم مان مليل ٺڪر جي ٿانون تي چٽيل نقش بلڪل اهڙا آهن. جهڙا آخري عباسي دؤر ۾ ڀنڀور مان هٿ آيا هئا. (12) ڀنڀور مان جيڪي جانورن جا نقش مليا آهن، اهڙا ڀڙوبَهم مان اڃا تائين ڪو نه لڌا آهن.

ڪاشيءَ جا ٿانوَ:

ڀڙوبَهم جي سطح تي هڪ اڇي رنگ جو ٿلهو ٽڪرو مليو هو، جنهن جي اندران بلو رنگ جو ۽ ٻاهران سائي رنگ جو روغني تهه چڙهيل هو، ان تي جيڪو هٿيو لڳل هو، اهو هٿيو نه پر هڪ آرائشي نمونو هو. اهو ٽڪرو ان وڏي مَٽ جو حصو هو، جيڪو شين کي سانڍي رکڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو هو. اهڙي قسم جا مَٽ پوئين عباسي دؤر ۾ ڏهين کان ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ ڀنڀور ۽ منصوره ۾ عام جام هوندا هئا. هاڻي خاطريءَ سان معلوم ٿيو آهي ته اهڙن ڪاشيءَ جي ٿانوَن جوڙڻ جو هنر مصر مان حاصل ڪيو ويو هو. رومي ۽ پاروٿي عهد ۾ ساساني حڪومت (640-226) هيٺ ان هنر جو اوڀر طرف ايران ڏانهن اچڻ کان اڳ شام ۽ عارق ۾ تمام گهڻو رواج هو. مسلمان اهڙي قسم جا ٿانوَ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهين صديءَ تائين استعمال ڪندا رهندا هئا. ان جو ثبوت ان دؤر جي اسلامي دنيا جي انهن اسلامي تجارتي مرڪزن مان مليو آهي، جيڪي اتر آفريقا کان ڏکڻ اوڀر ايشيا تائين پکڙيل آهي.

چٽيل ٿانوَ:

ڀڙوبَهم جي چٽيل ٺڪر جي ٿانوَن مان ان وستيءَ جي تاريخوار واقعن بابت اهم معلومات حاصل ٿئي ٿي. ٿانون جي ڪنن تي ڳاڙهن حاشين جي اندر نقشن جا ٺپا هنيا ويا آهن. عام نقش اهو آهي، جنهن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ گول ڏيکاريل آهن، جن جي وچ ۾ ننڍو يا وڏو نقطو ڏنل ٿئي ٿو ۽ ٻاهرئين ڪناري تي ننڍيون ليڪون ڏنل آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو سج جو نشان آهي (شڪل 5، نمبر 8-9). گهڻو ڪري هڪ نقطي جي چؤڌاري ي گول ڏنا ويا آهن، پر ٻاهرين ليڪن يا سج جي ڪرڻن کانسواءِ مثال (شڪل 5، نمبر 7 ۽ 10) ۽ ٽڪنڊن حاشين سان مثال پڻ مليا آهن. ڀڙوبَهم مان مليل مٽيءَ جي ٿانوَن تي ڇريل نقش ملتان جي ويجهو تلمبا دؤرن نمبر III ۽ IV مان لڌل نقشن سان چڱي طرح ملي اچن ٿا (14). تلمبا مان مليل مٽيءَ جا ٿانوَ جيڪي ڀڙوبَهم جي ٿانوَن جهڙائي آهن، 8 ۽ 14 صدي عيسوي جي زماني جا چيا وڃن ٿا. اهو ثبوت ٻڌائي ٿو ته منصوره ۽ ڀنڀور جي زماني ۾ به ڀڙوبَهم موجود هو ۽ انهن شهرن جي زوال کانپوءِ به ٿوري وقت تائين اهو آباد هو.

قديم شيون:

ڀڙوبَهم مان اڇي شيشي جا ٿورا ٽڪرا، ڪٽيل ٽامي جا سڪا، سبيءَ جا ڪيترائي ڪنگڻ، نيم قيمتي پٿر جا داڻا، پڪل مٽيءَ جو ڍڳي جو هڪ ننڍو بوتو ۽ سِڪن گهڙڻ جي لاءِ مٽيءَ جا سڙيل ڪارب مليا آهن. ڀنڀور مان مٽيءَ جي سڪن گهڙڻ جي ڪيترن ئي ڪاربن جو پتو پيو آهي، جن مان ڪن جي سوراخن ۾ ٽامي جون گوريون چهٽيل آهن (15). راقم الحروف 1966ع ۾ سنڌ ۾ اسلامي گادي واري شهر منصوره جي جامع مسجد جي ٻاهران اهڙن ڪاربن جو هڪ وڏو ڍير ڏٺو هو (16).

حاصل مطلب:

ڀڙوبَهم ۾ ڪيل چڪاس مان ثابت ٿيو آهي ته اها وستي اٽڪل اٺين صدي عيسوي کان جڏهن ان جو بنياد پيو هو، قلعي يا ڪوٽ اندر هوندي هئي. اتي گهٽ ۾ گهٽ پنج سئو سالن تائين ڪنهن به وڏي ثقافتي تبديلي جو اهڃاڻ نٿو ملي. جيستائين اها وستي آباد هئي. ان عرصي اندر گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو قلعي جي ٻاهرئين ديوار يا ته ٻيهر ٺاهي وئي هئي يا ان جي مرمت ڪئي وئي هئي. ڪوٽ ۾ اندر جيڪو اڏاوت جو نمونو هو، ان مان پڻ اڏاوت جي ٻِن دؤرن جي خبر پئي هئي. ڀڙوبَهم سنڌ جي ٻين اسلامي شهرن (ڀنڀور ۽ منصوره) ۽ ڏکڻ پنجاب جي تلمبا جو همعصر رهيو هو، ڇاڪاڻ ته انهن وستين مان ٺڪر جون ڪيتريون ئي هڪ جهڙيون شيون هٿ آيون آهن، انهي هوندي به ٺڪر جي ٺهيل شين ۽ ٻين هنرن جي گهڻائي ۽ رنگارنگي جيڪا منصوره جي شهري مرڪز ۽ ڀنڀور (ديبل) جي واپاري بندر ۾ ڏسجي ٿي، اها ڀڙوبَهم جي ننڍڙي ڪوٽ ۾ ڪانه ٿي نظر اچي، جيڪو درياهه جي هڪ پراڻي چئنل تي ملڪ اندر واقع هو. ڀڙوبَهم جي قلعي جي ٻاهران ديوار پنهنجي وچ واري ڪچي حصي سميت ڀنڀور جي پٿر ۽ منصوره جي پڪين سرن وارين ديوارن جهڙي مضبوط آهي. اها سموري مسلمانن جي وستي هئي ۽ اتي ڪنهن به قسم جو اهڙو ڪو به اهڃاڻ نٿو ملي، جنهن مان خبر پوي ته اها اسلام جي اچڻ کان اڳ جي وستي هئي، تنهن ڪري ڀڙوبَهم جي موجوده دڙي کي برهوور به نه ٿو چئي سگهجي، جيڪا سن 712ع ۾ محمد بن قاسم جي اتان الور ڏانهن وڃڻ وقت گهڻي قدر ٻوڌي وستي هئي.

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اٺين صدي عيسوي جي شروعاتي دؤر ۾ ڀڙوبَهم جي پسگردائي واري ايراضي ۾ ٻوڌي ماڻهو رهندا هئا، تنهن ڪري بهروَر ضرور ڀڙوبَهم جي ويجهو هوندي. مثال طور نصرت واهه جي ريگيوليٽر جي ويجهو نوابشاهه ٻانڌي رستي تي رتي ڀڙي نالي هڪ اڻ کوٽيل دڙو ملي ٿو، جيڪو اٺن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي. اسلام کان اڳ واري دؤر ۾ ان ويجهي ڇڪ ۾ ٻيا به ڪيترائي دڙا هوندا جيڪي اسان جو ڌيان لهڻن. ان جي ويجهي ۾ ويجهو ٻوڌي هنڌ ٺل مير رڪڻ آهي، جيڪو مهراڻ (سنڌو) نديءَ جي هڪ پراڻي وهڪري جي الهندي ڪناري يت ۽ ٻانڌي ريلوي اسٽيشن کان 22 ڪلوميٽر پري ڏکڻ اولهه ۾ واقع آهي، چيو ويو آهي ته برهوور پهچڻ کان اڳ محمد بن قاسم سئاندي (سانگهڙ؟) جي ويجهو هڪ خوبصورت ڍنڍ جي ويجهو اچي منزل ڪئي هئي، جنهن کي ڍنڍ وڪرڀا يا وڪر بهار سڏيندا هئا. اها ايراضي ٻوڌين جي وستي هوندي هئي. ٻوڌين جي هڪ ٻي وستي جنهن کي ڏيپر گهانگهرو سڏيندا هئا.، بهمن آباد ۽ سانگهڙ جي وچ واقع آهي ۽ جيڪا ڪنهن زماني ۾ درياهي چئنل جي هڪ ڪناري تي هوندي هئي. سئاندي ۽ برهووَر جي وچ ۾ رستي تي جنهن ڍنڍ جو ذڪر ملي ٿو، اها لڳي ٿو ته درياهي چئنل جي رخ بدلائڻ جي ڪري ٺهي هئي. اهڙيءَ ريت آثار قديم، جون موجوده ثابتيون ٻڌائن ٿيون، ته اسلامي فتح جي وقت سئاندي ۽ بَهرووَر جي وچ واري ايراضيءَ ۾ رهندڙ ماڻهو اصل ۾ ٻڌ مذهب جا پوئلڳ هئا. موجوده نالو ڀڙوبَهم يا بهم جو ڀڙو ان بَرهووَر مان ئي نڪتل ٿي سگهي ٿو. سن 1963ع، ۾ اتي جيڪا کوٽائي ٿي هئي، ان مان ڀڙوبهم ۾ اسلام کان اڳ جي ڪنهن به وستيءَ جو ثبوت ڪو نه مليو آهي.

حوالا ۽ وضاحتون

1.      Pathan, M.H., Arab Kingdom of Al-Mansurah in Sindh, niversity of Sindh.

2.     Baloch, N.B. (ed) 1963, Fateh Nama Sindh (Chachnama), Hyderabad: Fredunbeg, M.K. 1900.

The Chachnama: An AncientHistory of Sindh, Karachi Voll: Majumdar, R.C., 1931, The Arab Invasion of India, Madras: Nadvi, Az., 1947, Tarikh-i-Sindh (Urdu), Azamgarh: Pathan, Mumtaz Hussain, 1978.

Sindh: Arab Period, Hyderabad, Chapter Vll:Quddusi, I.H., 1971, Tarikh-i-Sindh (Urdu), Lahore, Chapter 4.

3.     Khan, F.A. 1976 Banbhore: A Preliminary Report on the Recent Archaeological Excavations at Banbhore, Karachi.

4.     Cuesens, H. 1929, The Antiquities of Sindh, Calcutta, pp, 48-71 and further references to earlier works, Pakistan Archaeology, 1968, no. 5, pp 186-202, Farooq, A.A, 1986 Excavations at Mansurahh (13th Season), Pakistan Archaeology, no, 10-22, pp, 3-35

5.     Ghafur, M.A. 1966 Fourteen Kufic Inscriptions of Banbhore, the site of Daybul, Pakistan Archaeology p.75.

6.     Lambrick, H.T. 1964, Sindh: A General Introducation, Hyderabad, Map facing page 170.

7.     Cousens, 1929, ibid, pp. 59-60

8.     Ibdid., pp. 98-99.

9.  جولاءِ 1963ع ۾ کوٽائيءَ تي مون هڪ مختصر نوٽ لکيو هو. راقم الحروف آثار قديمه کاتي ۾ تفتيشي شعبي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد شريف جو گهڻو ٿورائتو آهي، جنهن سيپٽمبر 1990ع ۾ ٻيهر مطالعي جي لاءِ گهربل مواد مهيا ڪيو. ان هوندي ٺڪر جي ٿانوَن جا خاڪا هٿ اچي نه سگهيا هئا، مون انهن جا عڪس (فوٽا) ڪراچي ۾ تيار ڪيا هئا، جن تان لاهور ۾ ناردرن سرڪل آفيس جي سروي سيڪشن ۾ انهن جا خاڪا تيار ڪيا ويا هئا.

10. ان جو روينيو سروي نمبر آهي4، 3/42، 4، 1/48 ۽ 1، 2، 3/44، ديهه نصرت، تپو ڏاهري، تعلقو نوابشاهه، دڙي جي حفاظت ائنٽيڪئٽيز ايڪٽ 1975ع هيٺ ڪئي وڃي ٿي. جنوري 1983ع ۾ اتي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جناب محمد صديق جي ميمڻ هڪ وڏو پٿر هڻائي ان تي انگريزي ۽ سنڌي ۾ هڪ ڊگهو وضاحتي بيان لکرايو، جيڪو هيٺين لفظن تي ختم ٿئي ٿو: ”ڌڻي تعالى جو عذاب ان (شخص) تي نازل ٿيندو جيڪو هن پٿر کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو.“ ان ڪتبي جي تصوير ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي صاحب پنهنجي مضمون ”بهم جو ڀڙو يا ڀڙوبهم“ سميت ٽماهي مهراڻ (سنڌي) حيدرآباد 3/1985ع، صفحو 218 تي ڇپائي آهي.

11. ڀڙوبهم ۾ کوٽائي ڊاڪٽر هارون الرشيد سال 1963ع جي جون مهيني جي پهرئين هفتي ۾ شروع ڪئي هئي، پر ٽئين ڏينهن تي کيس ڪراچي وڃڻو پيو، ان کانپوءِ اها کوٽائي راقم الحروف ايڪسپلوريشن فورمين صدرالدين مرحوم جي مدد سان پوري ڪئي هئي.

12. ايف اي خان، ”ڀنڀور“، 1976ع، ص 37.

13. کار گاڏڙ روغني ٿانوَ اتر سريلنڪا جي منتائي، ڏکڻ ٿائيلينڊ جي ڪوکو کاؤ ۽ لم ڦو، ۽ اولهه جپان ۾ ڪييو شو ٻيٽ جي اترئين ڪناري تي فڪوئوڪا مان پڻ مليا آهن. اهي نار ۾ ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن ۾ به تمام گهڻا ملن ٿا.

14. Mughal, M.R. 1967, Excavations at Tulamba, West PAKISTAN ARCHAEOLOGY, No:4, PIXV No: 9 and 16: PIXVI. NO: Fig 30, Nos: 1, 14 and 26: and fig 32, NO:14.

15. ايف اي. خان، ”ڀنڀور“، 1976ع، ص 37.

16. سال 1965ع کان وٺي قديمه ۽ عجائب گهرن جي کاتي جيڪي کوٽايون ڪيون آهن، انهن مان به اهي مليا آهن ۽ جيئن اڳ ايڇ ڪزينس لکي ويو آهي. 1929، ساڳيو ڪتاب، PLXV.

سنڌ ــــ سيان جي نظر ۾

(قسط – 2)                            ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

پنجين صدي هجريءَ ۾ سنڌ: ٽين ۽ چوٿين صدي کان پوءِ پنجين صدي هجريءَ (يارهين صدي عيسوي) جو احوال به ڪن سياحن جي ڪتابن ۾ ملي ٿو، اهڙن مورخن، عالمن ۽ سياحن مان ٻه نالا قابل ذڪر آهن:

ابو ريحان البيروني (وفات 1048ع) ۽ ابو عبدالله بن محمد، جيڪو عام طرح سان شريف الادريسي جي نالي مشهور آهي، بيروني جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ سنڌ ۽ هند جي جاگرافيائي حالتن ۽ مختلف علمن جو ذڪر موجود آهي، انهن مان ”ڪتاب الهند“ جڳ مشهور ڪتاب آهي. ادريسي وڏو ماهر جاگرافيدان هو. آفريڪا جي شاهي خاندان ادريسي جو چشم و چراغ هو. سندس نسب جو سلسلو حضرت علي رضه سان ملي ٿو. مقليه شهر ۾ ڄائو ۽ قرطبه ۾ تعليم حاصل ڪيائين. هن اصطرلاب ٺاهيو، جيڪو دنيا جو پهريون اصطرلاب آهي. جاگرافي لکڻ لاءِ هو جاگرافيدانن ۽ مصورن جي هڪ جماعت ساڻ ڪري سڄي دنيا گهميو. دنيا جي سيرو سياحت ڪري، مشاهدي ۽ مطالعي جي بنياد تي ”نزهة المشتاق“ نالي ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جو احوال به ملي ٿو.

ادريسي، منصوره بابت لکي ٿو:

”منصوره وڏو ۽ ڏاڍو آباد شهر آهي. هتي شاهوڪار واپاري رهن ٿا. دولت ۽ چوپايو مال تمام گهڻو آهي. سرسبز ٻنيون ۽ ميويدار باغ آهن. گهر ڪچا ۽ پڪا ٻنهي قسمن جا آهن. هي شهر غريبن جون تڪليفون ۽ پريشانيون دور ڪندڙ آهي، هتي جي رهاڪن لاءِ شهر جي پسگرادئي ۾ اهڙيون وڻندڙ ۽ فرحت بخش جايون آهن، جتي هو تفريح لاءِ ويندا آهن. اهڙا ڏينهن مقرر آهن، جن ڏينهن تي هو ڪم ڪار ڇڏي آرام ۽ دماغي سڪون لاءِ انهن جاين تي ويندا آهن. هتي واپاري ڌنڌي وارن جو وڏو تعداد رهي ٿو. بازاريون باروقن آهن ۽ کاڌي پيتي جي سامان سان ڀرپور آهن … چاندي ۽ ٽامي ٻنهي قسمن جا سڪا رائج آهن. هتي جو درهم، چانديءَ جي معياري درهم کان پنجوڻي قيمت جو آهي. هتي تاتاري سڪا به اچن ٿا ۽ انهن جي ذريعي به واپار ٿئي ٿو. هتي مڇي به جام آهي ۽ گوشت به سستو آهي. ميوو ٻاهران اچي ٿو، پر ڪجهه هتي به ٿئي ٿو(1).

ابو ريحان البيروني پنهنجي سفر دوران ملتان ۽ سنڌ ۾ به آيو هو. هن ڪافي وقت ملتان ۾ رهي، تحقيقي ڪم ڪيو، جيڪو ان وقت سنڌ جو حصو هو. هو موجوده سنڌ ۾ به آيو ۽ گهميو. هن ”ڪتاب الهند“ ۾ سنڌ جي شهرن بهمنوا (برهمنا باد)، لوهراني (لاهري بندر)، منصوره، اروڙ، ديبل ۽ سدوسان، (سيوهڻ) ۽ مهراڻ درياءَ جا نالا ڄاڻايا آهن. اروڙ بابت لکي ٿو:

”اروڙ، سنڌو درياءَ جي ٻن شاخن جي وچ ۾ واقع آهي“ (2). ٻن شاخن مان مطلب آهي: هاڪڙي درياءَ جون ٻه شاخون جيڪي هاڪڙي جي ڦٽي وڃڻ کانپوءِ سنڌو درياءَ مان نڪري اروڙ وٽان وهي، هيٺ پاڻ ۾ گڏجي هڪ درياءَ ٿي وهندو هو، جنهن کي نارو سڏيو ويندو هو، انهي ئي درياءَ جون شاخون منصوره وٽان به وهنديون هيون، اها ڳالهه البيروني جي بيان مان به معلوم ٿئي ٿي. هو لکي ٿو:

”جڏهن درياءَ هڪ ٿي سنڌ جي شهر اروڙ کان اڳتي وڌندو آهي، ته اسان وٽ ان جو نالو ”مهراڻ“ درياءُ پڙهيو ويندو آهي. هي سڪون سان ڦهلجندو، صاف ٿيندو ۽ ڪجهه جاين کي ٻيٽن وانگر گهيرو ڪندو منصوره تائين پهچندو آهي، جيڪو ان جي شاخن جي وچ ۾ واقع آهي. آخر وهي وڃي ٻن هنڌن تي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هڪ شهر ”لوهاراڻي“ (لاهري) جي ويجهو ۽ ٻيو ڪجهه قدر پورب کان هٽي ڪڇ واري علائقي ۾ .“(3)

سنڌونديءَ جي دريائي جانورن بابت البيروني لکيو آهي:

”هندستاني دريائن ۾ اهڙي طرح گهڙيال ملن ٿا، جهڙي طرح نيل ندي ۾ انهي ڪري جا حظ پنهنجي سادگي سبب ۽ دريائن جي نڪرڻ وارن هنڌن ۽ سمنڊن جي صورتن کان قطعي اڻ ڄاڻائيءَ سبب ائين سمجهيو، ته مهراڻ درياءَ نيل جي هڪ شاخ آهي.

انهن دريائن ۾ عجيب عجيب قسمن جا جانور جهڙوڪ: گهڙيال ۽ مانگر مڇ ۽ عجيب غريب قسمن جون مڇيون ملن ٿيون. هڪ جانور مَشڪ (کَلِي) وانگر ٿيندو آهي، ۽ ٻيڙين جي اڳيان اچي ترندو ۽ کيڏندو رهندو آهي. ان کي ماڻهو ”برلو“ چوندا آهن.

اسان سمجهون ٿا، ته اهو ڊولفن يا ان جو قسم آهي، ان لاءِ چيو ويندو آهي، ته ساهه کڻڻ لاءِ ان جي مٿي تي هڪ ٽنگ هوندو آهي.“ (4) جنهن کي ”بيروني“، ”برلو“ چوي ٿو، ان کي سنڌي ۾ ”ٻُلهڻ“ چيو ويندو آهي. هي جانور سنڌونديءَ ۾ اڃا به ملي ٿو.

اڳ ۾ عرب سياحن جي سفرنامن جي حوالي سان آيو آهي، ته سنڌ جا مرد وڏا وار رکائيندا هئا. بيرونيءَ ڄاڻايو آهي، ته سنڌ ۽ هند جا مرد انهيءَ ڪري وڏا وار رکائيندا هئا، ته جيئن مغز کي گرمي نه لڳي، جيئن عرب ليکڪن لکيو آهي، ته سنڌ جا هندو اڪيلو کائيندا آهن. تيئن بيروني به ساڳي ڳالهه لکي آهي. هو لکي ٿو:

”هو ليپو ڏنل ٿلهي تي اڪيلو ويهي ماني کائيندا آهن، جيڪو کاڌو بچندو اٿن ته اهو وري ڪم نه آڻيندا آهن. کاڌي جا ٿانوَ جيڪڏهن ٺڪر جا هوندا آهن، ته اهي اڇلائي ڇڏيندا آهن.“ اڪيلو ويهي کائڻ جو رواج اڄ تائين سنڌ جي هندن ۾ موجود آهي. سنڌ ۾ سڌي پاسي تي ڳچيءَ وارو چولو پائيندا آهن.

مردن جي چولي کي کٻي پاسي کان ۽ عورتن جي چولي کي سڄي پاسي ڳچي هوندي هئي. هينئر اهڙن چولن جو رواج گهڻو گهٽجي ويو آهي، ان هوندي به شڪارپور جي مردن ۾ اهڙن چولن پائڻ جو رواج ڪجهه قدر موجود آهي. بيروني به لکيو آهي، ته ”چولن کي سڄي ۽ کٻي پاسي ڳچي ٿئي ٿي“. يعني ان زماني ۾ مرد کٻي پاسي ۽ عورتون سڄي پاسي واري ڳچيءَ وارا چولا پائينديون هيون. اهو رواج لاڳيتو هليو آيو.

مردن جي زيورن پائڻ جو ذڪر عرب سياحن به ڪيو آهي. بيروني به اها ڳالهه ڪري ٿو، ته مرد زيور پائين ٿا جهڙوڪ: واليون، ڪڙا ۽ منڊيون. اهو رواج پوءِ هلندو رهيو. اڄ به ڪٿي ڪٿي مردن جي ڪنن ۾ واليون نظر اينديون.

مطلب ته بيروني، سنڌ جي تاريخ، ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽ جاگرافيائي حالتن جو ڪجهه احوال ڏنو آهي. ان کانسواءِ هن سنڌ جي دريائن جي وهڪرن جي به صحيح صورتحال بيان ڪئي آهي. سنڌ ۽ هند جي شهرن جي وچ ۾ مفاصلو ڏنو اٿس ۽ سنڌ جي قريباً ٻارهن شهرن جي ڊگهائي ڦاڪ ۽ ويڪرائي ڦاڪ به لکي آهي، نه فقط ايترو، پر هن سنڌ جي جدا جدا علائقن ۾ جيڪي صورتخطيون رائج هيون، انهن جو وچور به بيان ڪيو اٿس ۽ ڪٿي ڪٿي زبان جا لفظ به صحيح معنى ۾ آندا اٿس. اهو ڏيکاري ٿو، ته هن سنڌ جو صحيح معنى ۾ مشاهدو ڪيو هو. (5) ستين صدي هجري: ڇهين صدي هجري جو احوال ڪنهن سفرنامي ۾ ڪو نه ٿو ملي. البت ستين صدي هجري جو ٿورو احوال ملي ٿو. حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري جي ملفوظات دليل العارفين مان معلوم ٿئي ٿو، ته حضرت خواجه معين الدين چشتي پنهنجي مرشد خواجه عثمان هاروني سان سير سفر ڪندو سنڌ ۾ آيو ۽ لڪياري ۽ راشدي خاندانن جي وڏي ڏاڏي سيد صدرالدين لڪياري سان ملاقات ڪيائين. ڪجهه ڏينهن ان جي صحبت ۾ گذاريائين. هو کانئس ڏاڍو متاثر ٿيا (6).

حضرت بابا فريد گنج شڪر به سفر جي دوران مذڪور سنڌي بزرگ سان مليو. سندس ملفوظات ”راحت القلوب“ ۾ ان ملاقات جو ذڪر هن طرح آيو آهي:

”فرمايائون ته هڪ ڀيري جڏهن سيوستان ڏانهن سفر ڪري رهيو هوس، تڏهن اتي جي اوليائن ۽ بزرگن سان ملاقات ڪيم. هڪ ڏينهن شيخ محمد سيوستاني (سيد صدر الدين محمد احمد) جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، جو ولايت جو صاحب بزرگ هو. سلوڪ جي باري ۾ ساڻس گفتگو ٿي.“(7)

هن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ستين صدي هجري ۾ صفيانه تحريڪن سنڌ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، ۽ ڪيترائي صوفي بزرگ سنڌ ۾ موجود هئا. هن ئي زماني ۾ حضرت قلندر شهباز سنڌ ۾ آيو، ۽ حضرت غوث بهاؤالحق ذڪريا ملتاني سنڌ جو سيرو سفر ڪري، دين جي تبليغ ڪئي ۽ سهروردي سلسلي کي ڦهلايو. چشتي بزرگ به گهميا، پر انهن جو مسلڪ گهڻو رائج ٿي نه سگهيو.

اٺين صدي هجري: هن زماني ۾ جڳ مشهور سياح ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو. سندس سڄو نالو محمد بن عبدالله بن ابراهيم بن عبدالله اللواطي الطنجي آهي، ۽ ڪنيت ابو عبدالله لقب شرف الدين  آهي. سنه 703هه (1304ع) ۾ طنج (مراڪش) ۾ تولد ٿيو ۽ 779هه (1377)ء ۾ وفات ڪيائين. ڪيترن ئي ملڪن جو سير سفر ڪيائين. سنڌ ۾ به آيو ۽ سنڌ جا ڪيترائي شهر گهميو ۽ بزرگن سان ملاقاتون ڪيائين. 1354ع ۾ موٽي مراڪش پهتو ۽ پنهنجي سفر جو احوال هڪ عالم ابن جزي الڪلبي کان لکارايائين. ڪن عالمن جو خيال آهي ته سفر جو احوال ابن بطوطه پاڻ لکيو. ابن جزي ان جو اختصار ڪيو. سفرنامي جو سڄو نالو ”تحفة النظار في غرائب الابصار“ آهي. هن سفرنامي ۾ سنڌ جو تمام گهڻو احوال ملي ٿو، جيڪو صحيح حقيقتن تي مشتمل آهي. ابن بطوطه 1- محروم 734هه (1333)ء تي سنڌو درياءَ کان لنگهيو. هن سفر دوران سنڌ جي ٻيلي ۾ گينڊو ڏٺو (8) ٻه ڏينهن پنڌ ڪري اچي ”جناني“ شهر ۾ پهتو، ان شهر بابت لکي ٿو:

”هي وڏو خوبصورت شهر درياءَ جي ڪناري تي آهي. هن شهر ۾ سومرا قوم جا ماڻهو رهن ٿا، جيڪي قديم زماني کان هتي رهندڙ آهن. مؤرخ لکن ٿا ته حجاج بن يوسف جي وقت ۾ سنڌ فتح ٿي، ته هن قوم جا ماڻهو هن شهر ۾ رهندا هئا.ل شيخ رڪن الدين بن شيخ شمس الدين بن شيخ بهاؤالدين ذڪريا قريشي ملتاني مون کي ٻڌايو هوت ه سندن وڏو ڏاڏو محمد بن قاسم جي ان لشڪر ۾ هو، جيڪو حجاج، عراق مان موڪليو هو پوءِ هو هن ملڪ ۾ ترسي پيو ۽ سندس اولاد وڌيو ويجهيو. هي شيخ رڪن الدين اهو آهي، جنهن بابت شيخ برهان الدين اعرج مون کي شهر ”اسڪندريه“ ۾ چيو هو، ته ان سان ملجانءِ(9)

سومرن جي رهڻي ڪهڻي بابت ڄاڻايو اٿس:

”سومرا قوم جا ماڻهو ڪنهن سان به گڏجي نه کائيندا آهن ۽ جڏهن هو کائيندا آهن ته ڪو به انهن ڏانهن ڏسندو ناهي. هو پنهنجي ذات وارن کان سواءِ ٻي ڪنهن ذات واري سان مائي مٽي نه ڪندا آهن. ان زماني ۾ انهن جو سردار ”دنار“ نالي هڪ شخص هو.“(10)

”جناني“ کان هلي هو سيوهڻ پهتو. سيوهڻ بابت لکي ٿو:

”هي هڪ وڏو شهر آهي ۽ ريگستان ۾ واقع آهي. هتي ڪرڙ کانسواءِ ٻيو وڻ نظر نه آيو. نهر جي ڪناري تي گدرن کان سواءِ ٻي پوک نه ٿي ٿئي. هن شهر جا ماڻهو جوئر ۽ ”جلبان“ جنهن کي مشنڪ به چوندا آهن، جي ماني پچائي کائيندا آهن، هن شهر ۾ مڇي تمام گهڻي آهي ۽ ماهيو کير به جهجهو آهي. هتي جا ماڻهو اسقنقور (ريگ ماهي، گلوئي) به کائيندا آهن. هي جانور پيرن تي هلنيو ۽ ڳوهه جي شڪل جهڙو ٿيندوآهي، پر ان کي پڇ ڪو نه ٿيندو آهي. هتي جا ماڻهو ان کي واريءَ مان کوٽي ڪڍندا آهن ۽ ان جو پيٽ چيري، گندگي صاف ڪري، زعفران جي بدران ڪرڪم (هيڊ) ڀري، پچائي کائيندا آهن.(11)

سيوهڻ جي گرمي مشهور آهي. ابن بطوطه گرمي جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

”اسان هن شهر ۾ پهتاسين ته سخت گرمي هئي. منهنجا ساٿي لڱين اگهاڙا هوندا هئا. هو هڪ وڏو رومال پاڻي ۾ پسائي، مٿي سان ٻڌندا هئا ۽ هڪ رومال آلو ڪري ڪلهن تي رکندا هئا. رومال سڪي ويندا هئا ته وري آلا ڪندا هئا.“(12)

ابن بطوطه سيوهڻ ۾ شهر جي خطيب شيباني سان مليو، جنهن کيس حضرت عمر بن عبدالعزيز جو پراڻو ڏيکاريو، جيڪو سندس ڏاڏي کي خطيب مقرر ڪرڻ وقت ڏنو ويو هو. ان تي سن 99 هه لکيل هو، ان کانسواءِ هو شيخ محمد بغدادي سان مليو، جيڪو حضرت قلندر شهباز جي درگاهه جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ رهندو هو. هن کيس پنهنجي عمر 14 سالن کان وڌيڪ ٻڌائي، هن جو چوڻ هو ته هو ان وقت بغداد ۾ موجود هو، جڏهن هلاڪو، خليفي معتصم باالله کي قتل ڪيو هو. سندس اچڻ کان اڳ ۾ ونار (انڙ – سمو) ۽ قيصر، مرڪزي حڪومت کان بغاوت ڪري، سيوهڻ ۾ خود مختيار حڪومت قائم ڪئي هئي. اهو ٻڌي ملتان جو گورنر عماد الملڪ سيوهڻ تي ڪاهي آيو هو. قيصر به مقابلو ڪيو پر پوءِ جڏهن پڄي نه سگهيو، ته قلع بند ٿي ويهي رهيو. آخر ٻنهي جي وچ ۾ صلح ٿيو، پر سرتيز عمادالملڪ ساڻس دغا ڪئي. ابن بطوطه لکي ٿو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com