سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-3/ 1991ع

 

صفحو :13

بهرحال مطلب اهو آ ته نقصان ضرور ٿئي، اها جيڪا تخريبڪاري جي اسان جي عادت آ، جو ايندي ويندي ڪنهن جي موٽر بيٺي هوندي تڏهن ڀي ان کي نقصان ٿئي، ته اها تخريب جي عادت جيڪا آهي، انهي کي پوري ڪرڻ لاءِ ضرور پٿر پاڻ سان کنيو ايندا، تنهن ڪري مڪليءَ جو قبرستان تهان جو برباد ٿو ٿئي ۽ اهو نه فقط اسان کي تاريخ جي لحاظ ساڻ عزيز آ، ليڪن تازيءَ تاريخ جي سلسلي ۾ هن ڪري ڀي اسان کي عزيز آ، جو شيخ عبدالمجيد سنڌي هتي دفن آ ۽ مان کي يقين آ ته اسان جي سنڌ جي نئين تاريخ مڪليءَ جي قبرستان تئون ٺهندي، تنهن ڪري تهان کي انهيءَ طرف توجہ ڏيڻ کپي. هتي ڪيترا منهنجا فاضل دوست ويٺا آهن. مسٽر پنهور آ، جيڪو سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪري ٿو پيو. ڊاڪٽر الانا آهي، هي نوجوان اسان جو عبدالله ورياهه، جيڪو آهي زميندار، جنهن کي زندگي پنهنجي زمينداري جا جيڪي گندا شغل ٿيندا آهن، وڏيرن جا، انهي ۾ گذارڻ کپندي هئي، ليڪن انهي جي مقابلي ۾ هن سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي ورتي آهي ۽ تهان کي حيرت ٿيندي ته 20000 (ويهه هزار) سڪا سنڌ جا جيڪي 50 ورهيه اسان تاريخ لکي آ، ليڪن انهن منجهون هڪڙو نه ڏٺو اٿئون، سي هن عبدالله ورياهه اهي گڏ ڪيا آهن. انهن تي تحقيق ڪري ٿو پيو، مطلب اهو ته اسان وٽ مواد آ، اسان وٽ ماڻهو آهن، اسان وٽ جذبو آ ۽ اهو جذبو الله ڪارڻ آ، وطن دوستيءَ ۽ آبروءَ جي خدمت جي لاءِ اسان کي اهو جذبو آ، ڪنهن پيسي جي مقصد يا ڪنهن منافقت ۽ آبروءَ جي سلسلي ۾ ڪونهي ڪو، محض وطن جي خدمت ۽ علم جي خدمت جي لاءِ اسان کي اهو جذبو آ، تنهن ڪري مان تهان نوجوانن کي عرض ڪندس ته تهان منجئون هر هڪ ماڻهو سنڌ جي تاريخ جو محافظ بڻجڻ کپي. سنڌ جي زبان جو محافظ هجڻ کپي، سنڌ جي ادب ۽ ثقافت جو محافظ هجڻ کپي. جيسين تهان منجهئون هر هڪ ماڻهو انهيءَ شئي جي حفاظت جو عزم نه ڪندو، تيسين مان سمجهان ٿو ته اهي شيون گهڻي عرصي تائين قائم رهي نه سگهنديون.

منهنجا دوستو! منهنجي ڪيترن نوجوانن، دوستن، واڌواڻي صاحب جي ڪتاب متعلق تهان کي ٻڌايو آ، مان سمجهان ٿو پيو ته بهترين ڪتاب، بهترين زبان ۾ ۽ بهترين دور جيڪو اسان جو سنهري دؤر آهي، انهيءَ جي سلسلي ۾ اهو دستاويز اٿوَ. ممڪن آهي ته انهيءَ شئي جو احساس ۽ اهميت هاڻ اسان کي نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته واڌواڻي ۽ اسان جو زمانو قريب آ، تنهن ڪري جيڪا شئي قريبي هوندي آ، انهيءَ جي اهميت جو احساس نه ٿيندو آ.

ليڪن مان تهان کي يقين ٿو ڏيان ته زبان جي لحاظ ساڻ، لکڻ جي انداز جي لحاظ ساڻ، جڏهن هي پنهنجي وطن جو بيان ٿو ڪري ته ايڏي محبت ساڻ ۽ هڪڙي جذبي ساڻ ڪري ٿو جو معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي دل به ٻاهر ڪڍي هٿ تي کنيو ٿو وتي پيو، تنهن کنئون پوءِ وڏي ڪرامت واڌواڻي جي هيءَ آ ته هن سڄي زندگي انگريزيءَ ۾ لکيو، ڪڏهن ڀي سنڌي ۾ هن هڪ سٽ نه لکي. ليڪن اها اسان جي زبان جي ڪرامت آ ته جڏهن هن انهيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو، تڏهن بهترين ڪتاب بهترين زبان ۾ لکي هن تيار ڪيو. واڌواڻي کي مان ڪراچيءَ ۾ عرض ڪيو هو ته ڀائي! هن وقت اسان جي زبان ٻين سڀني ڳالهين ساڻ گڏ وڏي خدشي ۾ آ، نه فقط اسان جي پنهنجي زبان خراب ٿي رهي آهه، هتي اخبارن جي ذريعي ريڊئي ۽ ٽي ويءَ جي ذريعي ۽ هي جيڪو بيشعور نوجوان جنهن کي ڪابه بيڪ گرائونڊ (Back ground) پس منظر ڪونهي ڪو، نه تهذيب، نه علم انهي جي گاڏڙ زبان يا اسان جا بعض ڪامورا ٻاهر سنڌي ٿا ڳالهائين ۽ گهر ۾ اردو ٿا ڳالهائين ۽ اردو ڀي ڪا فضيلت واري اردو هجي ته اسان کي ڪو به اعتراض ڪونهي. ڪو ليڪن گورخن واري اردو ڳالهائين ٿا، جيڪا جيڪڏهن اردوءَ وارا ٻڌن ته مار ڪچن هنن کي، ته اهڙي صورتحال ۾ منهنجا دوستو تهان کي، مان واڌواڻي کي عرض ڪيو هو ته هندو اسان وٽئون هليا ويا. هاڻي اسان سڀني تي فرض آهي ته ان زبان کي محفوظ رکون.

ڊاڪٽر نواز علي شوق تهان کي عرض ڪيو ته ڪيترا لفظ هن جي پٽن کي يا اولاد کي نٿا اچن، ڇاڪاڻ ته هو ٻهراڙي منجهون اٿي ۽ اچي شهرن ۾ آيا آهن، انهن لفظن ساڻ واهپو ڪونهي ڪو، مان واڌواڻيءَ کي چيو ته ڀائي هندو اسان وٽئون هليا ويا آهن ۽ هندو سنڌ جو هڪ جزو آ ۽ تاريخ آ ۽ هنن جو احساس آ، جنهن کي هاڻ اسان پنهنجي زبان چئون ٿا،حقيقت ۾ مشترڪه زبان هئي اسان جي ۽ هنن جي. ڊاڪٽر گربخشاڻي جو پنهنجي زبان تي احسان هو. ليڪن بهرحال اهو اسان سمجهون ٿا اسان تي احسان آ، مان عرض ڪيو هن کي ته اها وڏي ۾ وڏي خدمت ٿيندي. هي وقت آ جو تون ڀي جيئرو آن، ممڪن آ ته سڀاڻي تون ڀي نه هجين، بهشت ته ڪو نه چوندس ڇاڪاڻ ته مسلمان مڃيندا ڪو نه ڪو ته جنت نصيب توکي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اسان جو اعتقاد آهي ته فقط مسلمان، پوءِ ڪهڙا ڀي هجن اهي جنت ۾ ويندا، باقي ٻيو ڪو به دنيا جو بني بشر ڪو نه ويندو. تنهن ڪري ممڪن آ ته تنهنجو ڀي جلد پراڻ تياڳي، تنهن ڪري ڀائي منهنجا، اها زبان، اهي اکر، مثلاً مان پنهنجي والده مرحومه تي مضمون پئي لکيو، مانکي پنهنجي ڳوٺ جو نقشو انهي ۾ ڏيڻو هو، مانکي ”رسوئيو“ نه آيو، ڀائي! جيڪو ماني پچائيندو آ، ليڪن رڌڻي جو هندو اکر به مانکي نه آيو. مان ڪيترائي ڏينهن بلڪه اڄ ڏينهن تائين انهي ۾ سرگردان آهيان. ”شڪارپور“… مان واڌواڻي کي عرض ڪيو ته اسان جي تهذيب ۽ تمدن جو خاص مرڪز هو، انهيءَ ۾ بهترين تمدن رکندڙ هندو يا جن جو تعلق سينٽرل ايشيا ساڻ هو، انهن جون پڳڙيون جيڪي هيون ڪيئي نمونا، ته شڪارپور جي پڳڙين جا هئا. اهي هندو ويا، اهي پڳڙيون ويون، اهي رنگ روپ ويا، اهي کاڌا خوراڪون ويون، اها زبان وئي. مان کيس عرض ڪيو ته مهرباني ڪري، هاڻ گهڻو ئي ڪجهه تو اسان جو خانو خراب ڪيو آ، اسان جا اعمال لکي انهي ڪتاب ۾، انهيءَ کنئون مٿي لکڻ جي ڀي ضرورت آهي، پر مهرباني ڪري تون ڪوشش ڪر ته اهي لفظ جيڪي متروڪ ٿي ويا آهن، ترڪ ٿي ويا آهن، هندن جي وڃڻ جي ڪري ترڪ ٿي ويا آهن، انهن کي تون پنهنجن مضمونن ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ آڻ ته ڪي اهي اسان جي لاءِ محفوظ رهجي وڃن. انهن پڳڙين جا نالا، اهي ڪريا ڪرم جا نالا، اهي کاڌن خوراڪن جا نمونا ۽ نالا. اهي سڄيون شيون، اهي آهن، جيڪي نه فقط هتي اسان وٽئون عدم پيدا ٿي ويون آهن، ليڪن مان سمجهان ٿو پيو ته سنڌي هندن ساڻ هندستان ۾ اهائي عقوبت آ، جيڪا هتي اسان ساڻ آ، انهن جي آل اولاد کنئون ڀي اها تهذيب ۽ اهو تمدن ۽ اهي زبان جا اکر انهن کنئون ڀي وسري ويا هوندا!، تون هتي  آهين اڃا، سلامت آن، توڙي جو توکي گهر ڪونهي ڪو ۽ اسان جي دوست کي افسوس ٿيو ته توکي گهر ڪونهي، ليڪن مانکي افسوس اهو ٿيو گهر ته ڪونهي ڪو، ليڪن جنهن ڪوٺيءَ ۾ تون رهين ٿو، تنهن ۾ به ٻُڌو اٿم ته هڪڙي مسلمان توسان کَهند ٻڌي آ، جيڪا ڳالهه اخبار ۾ پڻ آئي آهي.

تنهن ڪري گهر ته توکي هي وٺي نٿا ڏئي سگهن، انهيءَ کهند کان توکي بچائين ته ڀاءُ منهنجا! تون مهرباني ڪر. اسان تي، جيئن مان توکي ڪراچي ۾ اڳي عرض ڪيو هو. مان هنن سڀني نوجوانن کي به عرض ڪندس ته توکي التجا ڪن ته اسان جا وسريل اکر ۽ متروڪ ٿيل جملا ۽ تهذيبي نشانيون، اهي تون ڪوشش ڪر، پنهنجي مختلف مضمونن ۾ آڻڻ جي.

رڌڻي جو هندو اکر اڃا تائين مانکي نه آيو جو مان گهڻي ڪوشش ڪئي آ، ڊاڪٽر الانا به هندو شئي آ. رسويو جو لفظ اچي ٿو مانکي، ليڪن جاتي رسوئي پچائجي ٿي، انهيءَ جو ڇاهي هندو اکر؟ نتيجو اهو نڪتو جو هڪڙيءَ جاءِ تي اچي مان اٽڪي بيهي رهيس ۽ اتي جو قلم مان ڇڏيو آ ته اڃا تائين … مطلب اهو آ ته ڪيڏيون مشڪلاتون اچن ٿيون، نئين زماني ۾ رهڻ جي ڪري مان تهان کي ٻڌايو هو ته مان ٿڪل آهيان ۽ حالت منهنجي خراب آ، ليڪن باوجود انهيءَ جي ڀي، ڇاڪاڻ ته تهان جي خدمت ۾ بيهندي مانکي هڪڙي سهادت آ ۽ خوشي ٿئي ٿي، تنهن ڪري مان بي اختيار ڳالهائيندو ويو آهيان ۽ انهيءَ ۾ وقت ظاهر آ ته زياده ٿي ويو آ، تهان کنئون معافي وٺان ٿو پيو ۽ تهان کي اهو عرض ڪندس ته واڌواڻي صاحب کي پنهنجي خانگي نشست برخواست ۾ انهي ڳالهه تي ضرور آماده ڪيو ته اڃا ڀي لکي، گهڻو لکي ۽ انهن شين تي خاص طرح لکي، جيڪي هاڻ ختم ٿي چڪيون آهن يا ختم ٿيڻ تي آهن. مهرباني.

سيد حسام الدين راشدي ۽

سنڌي ادبي بورڊ

غلام محمد لاکو

سيد حسام الدين راشدي مرحوم نه رڳو سنڌ ۾، يا سنڌ کان ٻاهر علمي ۽ ادبي ادارن لاءِ ڪم ڪيو، پر پاڻ ڪيترن ئي ادارن جا حقيقي معنى ۾ باني سڏجي ٿو. سنڌالاجي جي بنياد کان ڪري ان جي نالي جي تجويز تائين، راشدي صاحب جو ذهن ڪارفرما رهيو. ليڪن ان کان علاوه سنڌي ادبي بورڊ اڄ جيڪو ناماچار حاصل ڪيو آ، ان ۾ پير صاحب مرحوم جي مسلسل جاکوڙ ۽ عالمانه خدمتن کي وڏو دخل حاصل آهي.

سنڌي ادبي بورڊ سن 1940ع ۾ تڏهوڪي وزير تعليم، سائين جي ايم سيد جي ذاتي دلچسپي سان وجود ۾ آيو. اڳتي هلي 1951ع ۾ سنڌ سرڪار هن اداري کي درست طور تي تحرڪ ۾ آندو ۽ علمي توڙي ادبي ڪم ڪرڻ لاءِ فنڊس مهيا ڪيا. ان کانسواءِ بورڊ جي بهتر ڪارڪردگي لاءِ، عالمن ۽ اديبن کي پڻ گورننگ باڊي تي نامزد ڪيو ويو. تن ڏينهن ۾ صوبي جا تعليمي وزير، بورڊ تي چيئرمين طور يا صدر جي حيثيت ۾، ڪم ڪار جي خود نگراني ڪندا هئا ليڪن ان ريت بورڊ جي ڪم تي هو ڪنهن طرح به اثر انداز نه ٿيندا هئا. عالمن، اديبن ۽ محققن جي راءِ کي هر طرح جي اهميت حاصل رهندي هئي. بورڊ جي گورننگ باڊي تي ڪيئي نامور عالم ۽ اديب مقرر ٿيا، اهڙي نامزدگي لاءِ صرف علمي ۽ ادبي رتبي کي ڏٺو ويندو هو، هن ڏس ۾ پير حسام الدين راشدي جو نالو وڏي اهميت رکندو هو.

رسالي ”مهراڻ“ جا پراڻا پرچا اٿلائيندي خبر پوي ٿي ته راشدي صاحب مرحوم ڊسمبر 1954ع ۾ مقرر ڪيل گورننگ باڊي تي پهريون ڀيرو مقرر ٿيو. مارچ 1955ع ۾ مقرر ڪيل نئين باڊي تي به وري کين ميمبر طور کنيو ويو. سيپٽمبر 1861ع ۾ بورڊ جي تشڪيل ٿي، ان ۾ به پاڻ ميمبر جي حيثيت ۾ ڏسجن ٿا. 1968ع ۾ ميمبرن جي تبديلي ٿي، تڏهن کين نامزد نه ڪيو ويو. 1974ع ۾ اسين کين وري به هن اعلى ادبي اداري جي مجلس عامله تي ميمبر طور ڏسون ٿا. وقفي وقفي سان ڏسجي ٿو ته راشدي صاحب کي، بورڊ جي گورننگ باڊيءَ تان هٽايو ٿي ويو، جنهن جا ڪي سياسي سبب به هوندا هئا، ته ذاتي نوعيت جا ڪي معاملا پڻ رڪاوٽ بڻبا هئا.

اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ جيڪو علمي مانُ ۽ مرتبو حاصل ڪيو يا وري ان جيڪي ادبي ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ بهترين تحقيقي ڪم ڪيو، ان ۾ بنيادي طرح ٽن ماڻهن جو سڌو سنئون هٿ آهي: محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سيد حسام الدين راشدي مرحوم اهڙي مڃتا خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب متعدد موقعن تي ڪئي آهي.

راشدي صاحب مرحوم سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڪهڙيون خدمتون انجام ڏنيون، ان جي تفصيل لاءِ ته هڪڙي جداگانه دفتر جي ضرورت آهي، ان هوندي به اسين مختصر طرح انهن خدمتن جو اڀياس ڪنداسين. رسالي ”مهراڻ“ جا پراڻا پرچا اٿلائيندي ڏسجي ٿو ته سائين مرحوم ڪجهه وقت بورڊ تي، ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيو هو. ان ڏس ۾ البته سندن ڪم ڪار جي نوعيت جي خبر نه ٿي پوي. علامه دائود پوٽي سان گڏ 1957ع ۾ پاڻ ”مهراڻ“ جي ادارتي عملي ۾ به شامل ڪيو ويو هو. ليڪن ڪم ڪار جي ڪثرت ۽ پوءِ بيماري سبب، علاج خاطر منيلا هليو ويو، جتي ان وقت سندن ڀاءُ پير علي محمد راشدي سفير طور مقرر هو.

بورڊ ۾ هڪ ميمبر جي حيثيت ۾ پڻ هڪ اسڪالر جي روپ ۾، سندن شخصيت ۽ راءِ کي وڏي اهميت حاصل ڏسجي ٿي. بورڊ جي ڪتابن جي اشاعت لاءِ سندن راءِ يا نظرثاني ضروري سمجهي ويندي هئي. مثال طور اسين ڏسون ٿا ته ڀيرومل جي ”قديم سنڌ“ سندن عالمانه نظرثانيءَ بعد ڇپجي ظاهر ٿي. ان طرح ٻيا به ڪيئي ڪتاب سندن ڏسيل نقطن تحت مرتب ٿيا ۽ شايع ٿي نڪتا. سنڌي ادبي بورڊ ۾ فارسي ڪتابن جي ايڊيٽنگ، ترتيب، ميڙا چونڊي ۽ ڇپائي ۾ سندن بنيادي هٿ آهي. بورڊ وٽ موجود شاندار قلمي ڪتابن جي ڪليڪشن ۽ ڪجهه نسخن جي نقل ٿيل صاف سٿرين ڪاپين ۾ به هن مرحوم عالم جي ڪاوشن کي گهڻو عمل دخل حاصل آهي. اهڙو اظهار اعجاز الحق قدوسي مرحوم پنهنجي آتم ڪٿا ”ميري زندگي ڪي پڇتر سال“ ۾ پڻ ڪيو آهي. هن سموري ڪارڪردگي ۽ حاصلات لاءِ پير صاحب آڏو اعظم ڳڙهه، دهلي، جامعه، عثمانيه، اورينٽل اسٽڊيز سينٽر پنجاب يونيورسٽي ۽ مصر جي الازهر يونيورسٽي جا مثال موجود هئا.

هنن خدمتن کان سواءِ راشدي صاحب، بورڊ جي طرفان متعدد ڪانفرنسن ۽ اجلاسن ۾ به شرڪت ڪئي. رسالو ”مهراڻ“ 4/1964ع ان حقيقت جي شاهدي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. مارچ 1964ع جي آخري ڏهاڪي ۾، لاهور ۽ پشاور ۾ ٽي علمي ڪانفرنسون ٿيون، جن ۾ بورڊ جي نمائندگي ڪندي، پير صاحب مرحوم شريڪ ٿيو هو.

پهرين ڪانفرنس لاهور ۾ 21 کان 23 مارچ تائين ٿي. هي ڪانفرنس سينٽو جي اهتمام هيٺ ”آثار قديمه ۽ ڪل پاڪستان ميوزمس“ عنوان تحت ٿي. ان ريت 28 کان 30 مارچ تائين پشاور يونيورسٽيءَ جي اسلاميه ڪاليج ۾ ”اسلامي تعليمات جي آل پاڪستان ڪانفرنس“ ٿي گذري، جنهن ۾ پڻ پير صاحب شريڪ ڏسجي ٿو. ان ريت 29 مارچ تي وري به پشاور شهر ۾ ”ڪل پاڪستان چوڏهين تاريخ ڪانفرنس“ ٿي گذري، ان موقعي تي شريڪ اديبن بورڊ جي فارسي مطبوعات ۽ تاريخ بابت ڪيل ڪم جي وڏي واکاڻ ڪئي ۽ ان حوالي سان راشدي صاحب جي ڪيل خدمتن جو خاص طرح سان ذڪر ڪيو ويو. پروفيسر شيخ عبدالرشيد ته سندن علمي ڪمن کي بهترين انداز سان ساراهيو. خود راشدي صاحب ڪانفرنس کي سنڌ بابت ٿيندڙ کوجنائن کان آگاهه ڪيو ۽ مستقبل جي ارادن ۽ تحقيقات متعلق مفصل روشني وڌي. پشاور ۾ رهڻ دوران پاڻ اتي جا ادارا ڏٺائون ۽ ڪتبخانن ۾ موجود قلمي ڪتابن متعلق پنهنجي راءِ ڏنائون.

جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي علمي ڪتابن جي ساک ۽ ڪم ڪار جي شهرت، سنڌ جون حدون ٽپي ٻاهرين دنيا تائين پهتي، تڏهن ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ محققن بورڊ کي ڏسڻ ۽ علمي تحقيق جو مشاهدو ڪرڻ ضروري ڄاتو، ان خيال کان پروفيسر شمل کان ڪري ايراني عالمن تائين، بورڊ ۾ جيڪي به اديب آيا، اهي سيد حسام الدين راشدي مرحوم جي تحرڪ ۽ تعاون سان پهتا. کين بورڊ بابت آگاهي ڏيڻ، ڪتابن جي اشاعت کان واقف ڪرڻ ۽ قلمي نسخن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ راشدي صاحب مرحوم اڳ کان اڳرو رهندو هو. ليڪن بورڊ ۽ پير صاحب جي حوالي سان هڪ اهم ڳالهه محترم محمد ابراهيم جويي جي ذڪر سان به اچي ٿي. جويو صاحب پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڏهاڪو کن سال بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. اداري کي صاف سٿري ۽ مخلص انتظاميا ڏيڻ، ڪتابن جي ايڊيٽنگ ۽ مطبوعات متعلق مشورا ڏيڻ ۽ ڪم ڪار کي تندهي، ايمانداري ۽ نفاست ۽ ذميداري سان وقت تي اڪلائڻ ۾ جويي صاحب جو وڏو ڪردار آهي. راشدي صاحب کي سنڌ جي هن لائق اديب جي صحبت نصيب ٿي. تڏهن ڪيترن ئي جُزوي اختلافن هوندي به هي ٻئي ليکڪ هڪ ٻئي تي خوب اثر انداز ٿيا. راشدي صاحب بنيادي طور تي هڪ صحافي هو، ادبي ڪم ڪار جي آغاز وقت، مٿن مولوي عبدالحق، سيد سليمان ندوي، مولانا ظفر علي خان ۽ غلام رسول مهر جو وڏو اثر هو. هي صاحب اردو زبان جا مڃيل عالم ۽ صحافي هئا. مرحوم حسام الدين جي لکڻين، مقدمه نگاري ۽ تاليف ۾ جيڪو وطن دوستي، سنڌ پرستي، ۽ فڪر جي پختگي جو عنصر ڏسجي ٿو، انهيءَ نقطي جديد سنڌي تاريخ نويسي لاءِ بنيادي پٿر جو ڪم ڪيو آهي، ان حقيقت جي تصديق ٻنهي بزرگن جي ڪتابي ورثي مان پوري طرح ٿئي ٿي. بلاشبہ جويي صاحب سگهاري سنڌي ادب جي اوسر ۾ نهايت ئي معتبر ۽ ٺوس ڪردار اد ڪيو آهي ۽ ان حقيقت کان ته مرحوم قربان علي بگٽيءَ جهڙو تيز ۽ تُرش نقاد به انڪار نه ڪندو هو.

هنن سڀني خدمتن کان هٽي ڪري بورڊ لاءِ راشدي صاحب جي خدمت اداري جي فارسي مطبوعات ۽ تاريخ لاءِ ڪيل ڪم جي صورت ۾، قيامت تائين زنده رهندي ۽ ڳائبي رهبي. سنڌي ادبي بورڊ جي فارسي پبليڪيشن جي رٿا جوڙڻ کان وٺي حڪومت پاڪستان کان منصوبي جي تڪميل لاءِ رقم جي حاصلات تائين، هن مَهان عالم جو معتبر ڪردار ڏسجي ٿو. مرحوم ممتاز حسن مرڪزي سرڪار ۾ اعلى آفيسر ۽ پير صاحب جو ذاتي دوست هو. ان ذريعي هن علمي رٿا لاءِ پيسو حاصل ڪيو ويو. ان بعد علمي ڪم لاءِ پڻ سنڌ جي هن لاثاني اديب وڏو ڪم ڪيو. خود به ڪيئي ڪتاب ايڊٽ ڪيائون ۽ هندستان مان ڪراچي پهتل محققن کان به ڪم ورتائون. ان ڏس ۾ اعجاز الحق قدوسي حبيب الله رشدي، محمود احمد عباسي، سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوري ۽ حفيظ هوشيارپوري جا نالا کڻي سگهجن ٿا. سيد سليمان ندوي کان به تاريخ سنڌ تي ڪم ڪرائڻ لاءِ پيش رفت ڪئي وئي. ليڪن سيد صاحب جي اچانڪ وفات سبب ڪاميابي حاصل نه ٿي. عبدالحئي حبيبي افغاني پاڪستان آيو ته ان جون خدمتون به پاڻ ئي بورڊ لاءِ حاصل ڪيائون. قاضي احمد ميان اختر جونا ڳڙهي کي به بورڊ جي علمي ڪمن لاءِ چيو ويو. ليڪن حياتي جي بيوفائي سبب هو مرحوم اداري لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيو. علامه سعيد نفيسي ڪراچي پهتو ته راشدي صاحب بورڊ جي ڪم ڪار لاءِ هن صاحب سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پنهنجي ايڊٽ ڪيل ”تڪمله مقالات الشعرا“ تي کانئس تقريظ به لکائي ورتي. ياد رهي ته آقائي سعيد ويهين صدي جي ايراني اسڪالرن ۾ نهايت ممتاز حيثيت رکي ٿو. پير صاحب سنڌي اديبن کان ڪم وٺڻ ۽ انهن کي مواد جي سهولت ڏيڻ ۾ به ڪوتاهي نه ڪيائون. مرحوم لطف الله بدوي ۽ بدر عالم دراني مرحوم جا نالا هن ڏس ۾ کڻي سگهجن ٿا، ان طرح بورڊ جي فارسي مطبوعات ۾ معبتر ڪتابن جو گهڻو واڌارو ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ جي اردو ڪتابن ۽ تاريخ بابت ڪيل ڪم ۾ راشدي صاحب نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ڏس ۾ ”برهانپورڪي سنڌي اولياءَ“ ۽ ”تاريخ ڪلهوڙا“ جا نالا بنا ڪنهن هٻڪ جي کڻي سگهجن ٿا. راشد برهانپوري مرحوم ۽ مولانا غلام رسول مهر هي ڪتاب خاص سندن دوستي ۽ صحبت جي اثر سبب لکيا هئا. ٻي صورت ۾ بورڊ اهڙن ٻن تاريخي ۽ مستند ڪتابن جي اشاعت کان محروم رهجي وڃي ها!

ان کان علاوه پير صاحب مرحوم پاڻ به سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڪتاب لکيا، ايڊٽ ڪيا ۽ مرتب ڪيا، انهن ڪتابن جي مقدمه نگاري، ايڊيٽنگ ۽ مفيد علمي حاشين سبب، بلاشڪ بورڊ جو ٻاهرين دنيا ۾ مان مٿانهون ٿيو. سندن سڄو توجهه سنڌ متعلق فارسي ماخذن جي اشاعت طرف رهيو. ان ڏس ۾ کين گهڻيون ڪاميابيون حاصل ٿيون ۽ اسان جي سياسي توڙي ادبي تاريخ جي ڪيئي گم ٿيل ڪڙين کي، ملائڻ ۾ سندن ڪوششون سڦل رهيون. سچ ته ٽن سنڌي ڪتابن جي ڇپجڻ سان پير صاحب کي وڏي مڃتا ملي، پر سنڌي ادبي بورڊ کي به نوجوان نسل ۾ گهڻي پذيرائي حاصل ٿي. پاڻ اڪثر ڪري رسالي ”مهراڻ“ لاءِ مقالا وڏي شوق سان لکندا هئا، جي پوءِ ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ ڇپجي محفوظ ٿيا، بورڊ طرفان سائين حسام الدين مرحوم جا هي ڪتاب ڇپيا، جن کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ کانپوءِ ئي انهن جي اهميت جو اندازو ڪري سگهبو ۽ بورڊ لاءِ هن مثالي اسڪالر جي ڪيل خدمتن جو احاطو ڪري سگهبو.

(الف) سنڌي ڪتاب:

- تذڪره امير خاني، 1961ع، - مڪلي نامہ، 1967ع- تذڪرة مشاهير سنڌ، 1974ع، - هو ڏوٿي هو ڏينهن، 1977ع، - مير محمد معصوم بکري، 1979ع.

(ب) فارسي ڪتاب:-

- مثنوي چنيسر نامه 1956ع، - مثنوي مظهر ال آثار، 1957ع، - مقالاة الشعرا، 1957ع، - تڪمله مقالاة الشعرا، 1958ع، - مثنويات و قصائد قانع، 1961ع- تاريخ مظهر شاهجهاني، 1962ع، - هشت بهشت، 1963ع، - منشور الوصيت، 1964ع، - ترخان نامه، 1964ع، حديقة اولاوليا، 1967ع، - روضة السلاطين، 1968ع، - جواهر العجائب، 1968ع، - ديوان فخري، 1968ع ۽ - تحفة الڪرام، 1971ع

هت هڪ نظر ۾ انهن ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا، جي راشدي صاحب جي تعارف سان بورڊ شايع ڪري پڌرا ڪيا:

(1)  تحفة الطاهرين، 1956ع (2) مثنويات هير و رانجها، 1957ع (3) ديوان عطا، 1957ع (4) برهانپور ڪي سندهي اوليا، 1957ع (5) تاريخ ڪلهوڙا، 1958ع (6) تاريخ تازه نواءِ معارڪ، 1959ع (7) ڪليات مائل 1959ع (8) ديوان محسن، 1963ع (9) ديوان صنعت، 1968ع.

(2)        راشدي صاحب مرحوم جي ڇڏيل ادبي اثاثي جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته متعدد ڪتابن کي پاڻ بورڊ لاءِ ايڊٽ ڪرڻ گهريائين ٿي، ليڪن بعد ۾ پاڻ غير سنڌي ادارن لاءِ علمي توڙي تحقيقي ڪم ۾ مصروف ٿي ويا. پير صاحب کي بورڊ لاءِ خاص ڪري چار تحقيقي ڪم ڪرڻ جو ارادو باقي هو (1) تعليقات مقالاة الشعراء (2) تذڪره مشائخ سيوستان (3) تحفة الڪرام، رهيل حصو (4) معيار سالڪان طريقت، آخري ڪتاب لاءِ ته پنجاب يونيورسٽي جي اردو جي انسائيڪلوپيڊيا ۾ لکيل آهي ته اهو راشدي صاحب جي ايڊيٽنگ سان ڇپجي به چڪو آهي!

(3)        سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي تاريخ نون جلدن ۾ شايع ڪرڻ گهري ٿي. ارغون، ترخان ۽ مغل دور تي ڪم ڪرڻ لاءِ راشدي صاحب کي آماده ڪيو ويو. تاريخ ڪلهوڙا جي پيش لفظ ۾ پاڻ لکيو اٿن ته: ارغونن ۽ ترخانن تي ڪم جو پورائو ڪيوويو آهي ۽ مغلن بابت پڻ ڪم پوري ٿيڻ تي آهي. ليڪن اڳتي هلي ان کي پورو ڪرڻ بجاءِ سڄو ڌيان تاريخي ماخذن جي ترتيب تي ڏنائون. اهو بهرحال سچ آهي ته ارغونن ۽ ترخانن بابت ڪم جو پورائو ڪيو ويو هو. مون خود اهڙا مسودا سندن ذاتي ڪليڪشن ۾ ڏٺا آهن.

(4)  سنڌي ادبي بورڊ وٽ اڄ وسيلن ۽ پيسي ڏوڪڙ جي تنگي ڪانهي، ان صورت ۾ اداري کي پنهنجي علمي ۽ تحقيقي ڪم کي توسيع ڏئي راشدي صاحب جي ڇڏيل ڪمن کي تڪميل تي پهچائڻ گهرجي. مٿي ذڪر ڪيل اڻ پورن مسودن کي ترتيب ڏئي شايع ڪرڻ سان، هڪ طرف سنڌ جي تاريخ بابت وڌيڪ مواد موجود ٿيندو ۽ ٻئي طرف ائين ڪرڻ سان خود اداري جو مانُ به مٿانهون ٿيندو.

• رومانيت فرديت پسندي واري بغاوت هئي – ڪلاسيڪيت جي خلاف سياست ۽ اخلاق جي دائري ۾ هڪ رد عمل، سماج ۾ بحيثيت مجموعي ۽ آرٽ ۾ معروضي آئيڊيل. ڪلاسيڪيت ۾ فنڪار جو نقطه نظر خالصتاً معروضي آهي. هن جي خيال ۾ پاڻ کي پنهنجي هيرو سان ٺهڪائڻ ۽ ان جي روپ ۾ پاڻ وڻائڻ، يا پڙهندڙن ۽ ڪهاڻي جي وچ ۾ دخل انداز ٿيڻ ۽ پنهنجي ذاتي جذبات کي هوا ڏيڻ فني بدذوقي جي برابر آهي. رومانيت پسند ليکڪ يا ته پاڻ ئي پنهنجو هيرو آهي يا پنهنجي هيرو سان مطابقت رکي ٿو ۽ پنهنجي شخصيت ۽ جذبات کي دلچسپي جي بنيادي موضوع جي حيثيت سان پيش ڪري ٿو. راسين، موليئر ۽ سئفٽ چاهين ٿا ته اسين سندن تخليق ۾ دلچسپي وٺون. ٻئي طرف شاتو بريان، ميرسي، بائرن ۽ ورڊز ورٿ چاهين ٿا ته اسين پاڻ سندن ذات ۾ دلچسپي وٺون ۽ اهي اسان کي انفرادي داخلي اهميت جي زور تي پنهنجي ذات ۾ دلچسپي وٺڻ جي دعوت ڏين ٿا. حڪومت، اخلاق، رواج يا ڪليسا جي خلاف رومانيت پسند جي حيثيت هميشہ هڪ باغي واري رهي آهي.

ـــــ ايڊمنڊ ولس

مٽيءَ جا پنوڙا

علي بابا

او سنڌيا،

توکي ڏسڻ لاءِ ڌرتيءَ ۽ آڪاسن کان نوان نوان جَنَبَ پني ورتم، ساڙڌرو جي جَهرڻي مان منهن ڌوئي گوڙڌرو کان حياءُ پني ورتم ۽ ڪارونجهر جي انگاس، آڪاس سان ڳالهيون ڪندڙ چوٽين کان هيٺ لهي آيس. تنهنجيءَ ڳولا ۾ جانٺن قدمن سان ٿَرَ ڀٽن جو سمونڊ جهاڳڻ لڳس، جيئن ڍاٽياڻيون کيٽن مٿان همرچو ڳائين، تيئن ٿَرَ ڇڙواڳ هوائون گيت ٿيون ڳائن ۽ ٺٺوليون، اُڏائڻ، هولر يا ٿيون ڪن مون پٺيان

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

توکي ڪنهن ٺاهيو

توکي ڪنهن موهيو

پنڌو پنڌ ڪيسين

ڇو نه گهريئه گهوڙا

(ڌوڙ ڌر جي ويندين)

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

سپنا اکين ڪيڙا

موتئي مُگري جيڙا

بکئي پيٽ ڪيسين

بگريءَ وڌءِ نه ڀُڳڙا

(مٽيءَ ملي ويندين)

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا.

هاڻ ڀلا انهن ڇڙواڳ رولو هوائن کي ڪيهي خبر ته مون هي جَنَبَ وٺڻ لاءِ پاراڇر رشيء کي ڪيئن راضي ڪيو، انڌو جَنَبَ ورتو. اکين جي جوت لاءِ گوڙ ڌرو ڪا راضي ٿئي ڇا! چئي: اکين تي ڪيڏا به جوتي پَها رکانءِ ڪنيا ايڏي ته ڪا مڻڪور ۽ حسناڪ آهي جو تون هنجي سونهن ڏسي ڀنڀلجي ويندين، سندس اکين جا ٻاڻ ۽ ماڻ ڏسي تون بي حيا ٿي ويندين. نه لوڪ ڏسندين ۽ لياءُ تون انهي گلن کان به ڪومل لاجونتي نار کي ڪومائي ڇڏيندين. هي اٻلا، تون اُهو بيچين ڀونر آهين، جنهن لاءِ اهو جهنگلي ڍنڍ ڪنول ناهي. اهو تنهنجي حصي جو ناهي. تڏهن رڙ ڪري چيومانس

- ڇو ناهي منهنجي حصي جو اهو ڪنول؟… ڇو؟… بس ناهي. اهو اکر آسمانن ۾ لکيل آهي، تڏهن گهائل ٿي ڀوڏيسر جي پوڄ پاڻي تي هٿ رکي چيومانس: مون کي هن کي ڏسڻ جي آگيا ملڻ گهرجي. هن پوڄ پاڻي جو سوڳنڌ آئون ڏانهس ايهيءَ نماڻي نهار سان ناريندس، جو هوءَ ٻهه ٻهه ٻَهڪندي رهندي. تڏهن مون کي ساڙ ڌرو جي جهرڻي مان منهن ڌوئڻ جي آڳيا ملي. مون آڏو جوت پکڙجي وئي، تڏهن مون سچ ڏٺو. تڏهن مون محسوس ڪيو سوريه شِر سٽو اڃان آهي ۽ ان جي روشني ۾ آئون ديهُن مٿان ديهون، ڀٽن مٿان ڀٽون لتاڙيندو پئي هُليس ۽ ڇڙواڳ هوائون مون پٺيان ڳائينديون ٿي هليون.

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

روپ تنهنجو ڪوجهو

ڄڻ ڌرتي ٻوجهو

پِن سونهن، جا سڳڙا

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا.

هوائن پنهنجا گيت پئي ڳاتا، اوچتو هڪ آٺريل ترائيءَ مان پاڻي پئندي مون پنهنجو اولڙو ڏسي ورتو. مان پنهنجي سونهن وڃائي چڪو هئس! مونکي پنهنجون اکيون اصل وڻيون ئي ڪين، آئون پنهنجو عڪس ڏسي گونگا لڙڪ لاڙيندو رهيس. نمن مٿان مور ڏاڍي گمڀيرتا مان پئي ٽهوڪيو.

سڏڪا ڀري چيومانس:

…او پکين جا پالڻهار، سونهن جا ڌڻي. مان مٽيءَ جو پنوڙو آهيان. سونهن جي ساڻيهه جو رمتو. اوڏانهن پيو وڃان جتي حُسن کانسواءِ هلبو ئي ناهي. الائي وڻندو سانس به ڪي نه. الاءِ اوءَ مونڏانهن نيڻ کڻي نهاريندي به يا نه. منهنجو ته سڄو جَنَبَ رُلي ويو. منهنجي ڳالهه تي مور ٽهوڪيو ۽ پنهنجيءَ چهنب سان پنهنجو رنگا رنگ کنڀ ڇِني سرائي ٺاهي ان ۾ ٻه لڙڪ ڀري مونکي ڏنائين ۽ چيائين ته:

- هي سرمو اکين ۾ وجهي ڇڏ، ڪجليون ٿي پونديئه اکيون، تنهنجي اکين جا ڏورا انڊلٺ جا رنگ مٽيندا ۽ اوءَ نار تو ۾ مُڙي مُڙي نهاريندي. تنهنجي نيڻن ۾ هن کي مهاتما ٻڌ جي نيڻن جي اونهاڻ ۽ پيڙا ڏسڻ ۾ ايندي ۽ روپلي ڪولهيءَ واري ڏيا، ايئن چئي مور اڏاڻو ۽ روپلي ڪولهيءَ جي گڊ مٿان وڃي زور زور سان ٽهوڪڻ لڳو.

آئون ڀٽن مٿان ڀٽون اورهانگيندو ويس وڄوٽي جي اگهاڙي ساڙيندڙ نُڀ ۾ مون کي ڪونج جي ڪُرڪ ٻڌڻ ۾ آئي. رڙ ڪري چيومانس:

- ڪونج ڙي ڪونج، جَنَبَ جَنَبَ ۾ هڪ مُنڌ منهنجو من موهيندي آئي آهي. تڙپائيندي آئي آهي. هن جَنَبَ ۾ الائي سڃاڻندي به ڪي نه، پاڻي به پياريندي ڪي نه. ڏاڍو ڊناڻو هان. ڏاڍو هيساڻو ها، ڪاري قيام ٿي ويندي، ڪريان ته ڇا ڪريان؟ اُن هوڏڻ اوڏڻ جي دل پاهڻ آهي. ڪَهل ئي ڪانه پويس. منهنجي درد جي دانهن ٻڌي ڪونج هيٺ لهي آئي ۽ چيائين: هن سپيءَ جي دٻليءَ ۾ منهنجي ڪُرڪ بند آهي، جڏهن هوءَ تنهنجي سڏ تي نه مِڙي، دانهن نه اونهائي ته پوءِ ان دٻليءَ جو منهني کولي ڇڏج پوءِ ڏسج ڪيئن نه نجابت ۽ نياوَ مان مان توڏانهن ٿي نهاري وسري ويل سمورا جَنَبَ ياد اچي ويندس. موهت ٿي پوندي تو مٿان. ايترو چئي ڪونج اُڏامي وئي. اوڏانهن جيڏانهن ڪونجون وينديون آهن. هوائون مون پٺيان ڳائينديون پئي هليون:

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

مکڻ جي ماٽي

سهڻي تنهنجي ڪاٺي

آءُ تنهنجي گولي

سهڻي تنهنجي ٻولي

چنچر پاڻي ڪيڏو

وينگس اُرهه جيڏو

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

هوائون گُهلنديون پئي رهيون. آئون ڪاڪ لئون لاڪ لتاڙيندو سنڌوءَ ڪناري اُن ڪاڪ جي ڏيهه ۾ پهچي ويس. پرهه ويلا جو هوءَ سنڌو ڪناري شِوجي مندر جي ڏاڪن هيٺان سنڌو گهاٽ جي ٻيڙين تي ويٺي پَرن تي ٻچا کڻي ترندڙ ٻُلهڻين کي چؤڳو ڏئي رهي هئي. هن جي پنهنجي جادوئي دنيا هئي، سپنن جيهي، کيس ڪيهي خبر ته ڪو ديوداس ڪيئن مٿاهنس اور گهور پيو وڃي. شِو جي مندر پهچي مون دٻليءَ ۾ بند ڪونجن جي آواز کي آزاد ڪري ڇڏيو جيئن خبر پويس ته آئون اچي ويو آهيان. مون کي ڏسي ڇر مٿان مڌماتيون نچندڙ ٻُلهڻيون ڇرڪي ٽوٻار ۾ هليون ويون. هن پاڻ به ڇرڪ ڀري مون ڏانهن نهاريو ۽ ڪروڌ مان مون ڏانهن نهاريندي رهي. اهڙي ڪروڌ مان جنهن ۾ موهه ئي موهه هو. ساڙي رک ڪري ڇڏيندڙ موهه:

- ڪير آهين تون، تو هن ڪنيا گهاٽ ۾ پير پائڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي؟

- تون مون کي نٿي سڃاڻي؟ هوءَ ڪان دير تائين منهنجي اکين ۾ نهاريندي رهي.

- نه، تون الائي ڪير آهين. تو منهنجي ٻولهڻين کي ڊيڄاريو آهي، تون پراڻي ڪال جو ڪو آر به بد روح آهين.

- توکي منهنجي اکين ۾ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟

- ماڻهوءَ جي اکين ۾ لوڀ ۽ موهه مايا جي ڄار کانسواءِ ڀلا ٻيو ڇا ڏسڻ ۾ اچي سگهندو.

- ها موهه… تو سچ چيو آهي. تنهنجي ڪايا ئي سڀ ڪجهه آهي. تنهنجي خوبصورت ڪايا جو موهه ئي مونکي ڪارونجهر جي پاڙن مان ڇڪي ڪڍي آيو آهي. ڪيڏو نه لڀائيندڙ آهين تون!

- ها پر تون هن جَنَبَ ۾ به مونکي ماڻي نه سگهندي، آئون ڪنهن ٻئي جي آهيان.

- نه نه تون منهنجي آهين. رڳو منهنجي.

- آهستي ڳالهاءِ، آئون رسوا ٿي وينديس. تون مونکي رسوا ڪرڻ لاءِ اکين ۾ هي ڪجلا ڪامڻ ڀري آيو آهين. ونءُ هليو. آئون تنهنجي ناهيان، هتان ونءُ هليو…جلدي ونءُ هليو…

- سکڻو هتان وڃان هليو. پيٽ ڀري توکي ڏسان به نه! وري اُن نرڳ ڏانهن موٽي وڃان جتي رڳو انڌوڪار آهي.

- ها، آئون ڪنهن به جَنَبَ ۾ تنهنجي ٿي نه سگهنديس.

- ڇو، ايڏو آنياءُ ڇو؟…!…

ان لاءِ ته جيئن تون وري وري مون لاءِ جَنَبَ وٺندو رهين ۽ آئون وري وري تنهنجي اوسيئڙي جو مزو ماڻيندي رهان. وَنءُ هليو…ونءُ… هوءَ ڍڪون ڀري روئڻ ئي لڳي ۽ مون کيس وڌيڪ روئاڻڻ نٿي چاهيو ۽ هوائون گيت ٿيون ڳائن:

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

سنڌو تنهنجو ساههُ

ڌرتي تنهنجي ماءُ

پِنوڙا ڙي پنوڙا

او مٽيءَ جا پنوڙا

۽ هو پاڻ کي اَجهاڳ سنڌوءَ ۾ اُڇلائي ٿو ڇڏي ۽ گوناگون سنڌوءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندو، ڇولان ڇول سنڌوءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.

رسول ميمڻ

سج تخليق ٿيو ته ان جي پهرين ڪرڻن سان گڏ ٻه ٽهڪ سفر ڪندا اچي ٻرندڙ ڌرتيءَ تي ڪريا، اهي ان ڌرتيءَ جي خوشي ۾ سمائجي ويا. هوائن ۾، پاڻي، پهاڙن، سرسبز ميدانن ريگستانن ۽ بيابانن ۾، اهي ٽهڪ جن ۾ هڪ ٿلهي آواز وارو هو ۽ هڪ سنهي آواز وارو، اهي ڌرتي جي هر حصي ۾ گونجندا رهيا. سج ۾ ڌماڪي سان ڦاٽي وجود ورتل ڪائنات جي ڌرتيءَ وارو حصو، جنهن جي تهن مان ٻاڦ ۽ دونهون سدائين ڪنهن وسري ويل خواب جيان پيو مٿي بلند ٿيندو هو. هر طرف هڪ گرم ڪوهيڙو هو، جنهن مان اهي ٻه ٽهڪ اڏامندا هڪ طرف کان ٻئي طرف ڏانهن پئي هليا ويا. نظر نه ايندڙ ٽهڪ، جن کي نه ڳلو هيو، نه زبان، نه ڏند ۽ چپ، بس اهي هيا جن سان ڌرتي ڏاڍي امن ڀري ۽ شانت ٿي ڏٺي. اهي ٽهڪ ڪڏهن ڪنهن پهاڙ تان ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ته ڪڏهن اڏامندا ڪنهن ريگستان طرف هليا ويندا هئا، ڪڏهن وقت سان گڏ ٿڌي ٿيل برف جي تهن ۾ موجود هوندا هئا ته ڪڏهن ڌرتي جو ڪونهن وهندڙ درياهه جي ڪپ تي وڻ هيٺان ٻڌبا هئا، اهي ٽهڪ ئي هيا، جن جي سهاري ڌرتي تيزيءَ سان سرسبز ۽ شاداب ٿيندي وئي. ان جي باهه ٿڌي ٿيندي وئي، ٻرندڙ جبل اجهامندا ويا. زلزلن ۾ گهٽتائي ايندي وئي ۽ ڌرتيءَ جي سونهن ۾ اضافو ٿيندو ويو. گندگي صاف ٿيندي وئي ۽ ان جي ماحول ۾ خوشگوار تبديلي ايندي وئي، ڌرتي جي چؤگرد اوزون تهه گهري ۽ گهاٽي ٿيندي وئي، جيئن اهي ٻه ٽهڪ اتي هميشہ لاءِ قيد ٿي وڃن ۽ ڪائنات جي ٻئي حصي ڏانهن منتقل نه ٿين.

اهي ٽهڪ جيڪي خوشين، امن ۽ محبت جي صورت ۾ پيا ڌرتيءَ جي ان واديءَ ۾ ڊوڙون پائيندا هئا، تن کي ڪئي سال لنگهي ويا، اهي ايئن ئي موجود رهيا، ڪنهن به وجود کانسواءِ اهي پنهنجو احساس ڏياري ڌرتيءَ کي خوشحالي ۽ امن ڏانهن وٺي ويندا رهيا. سوين سالن جي سفر ۾ نه ئي اهي ٽهڪ مُئا ۽ نه ئي مري جيئرا ٿيا، اهي ڄڻ ڌرتيءَ جو حصو بڻجي ويا.

هڪ ڏينهن اهي ٻئي ٽهڪ جن مان هڪ سمنڊ جي گاج جيان ٿلهو ۽ پروقار هو ۽ ٻيو گلاب جي ڏانڊين سان صبح جي گسندڙ هير ڪري پيدا ٿيندڙ نرم ۽ نازڪ آوازن جهڙو هيو، سي ڪنهن پهاڙ جي دامن ۾ گونجي رهيا هئا ته اوچتو ڪاري لباس ۾ ملبوس هڪ سڙيل گوشت وارو جسم اچي انهن اڳيان نروار ٿيو، ان جي هڪ هٿ ۾ بديءَ جي عصا هئي ۽ ٻيو هٿ خالي هو، جنهن سان هن مختلف اشارا ڪري ڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، اهو ائين هو جيئن رات ويندي ويندي پنهنجي ڪارنهن جو ٽڪرو وساري وئي هجي، ان جي سڙيل چمڙي ۽ ڪاري لباس ۾ ڪو به فرق نه هو، چمڙي ڪٿان ٿي شروع ٿي ۽ لباس جسم جي ڪهڙي حصي کي ڍڪيون بيٺو هو، ان جي ڪابه حد مقرر نه پئي ڪري سگهجي. ان جو جسم تپيل پهاڙ وانگر ٿي ڏٺو جنهن جي مٿي ۽ جسم مان ڄر پئي نڪرندي هجي، ان ڳالهايو ته ان جي وات مان باهه نڪتي.

”توهان خوش آهيو… تمام خوش“ ان ٻنهي ٽهڪن کي چيو. ”آءُ چاهيان ٿو ته توهان جي خوشين ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ڪريان.“

پهريون اهي ٻئي ٽهڪ چپ ٿي ويا، جيئن ڊڄي ويا هجن پر ان سڙيل چمڙيءَ واري جڏهن ڏاڍي پيار مان انهن کي سمجهايو ته انهن ٽهڪن جو آواز موٽي آيو.

”آءُ توهان جو دوست آهيان، مون کان توهان کي ڊڄڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، آءُ به توهان جيان هن وادي ۾ آيو هوس توهان جيان منهنجو به ڪو وجود نه هو، هيءُ سڙيل جسم نه هو، زبان اکيون، ڪن ۽ جسم جا ٻيا عضوا نه هئا، آءُ به توهان جيان هڪ آواز هوس، ٽهڪ نه هوس هڪ سڏڪو هئس، جيڪو ڌرتي جي هن وادي ۾ پيو سُڏڪندو هو، هڪ ڏينهن باهه جي تلاءَ ۾ وهنجي جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته منهنجو وجود ظاهر ٿي پيو، منهن جا عضوا وجود ۾ اچي ويا ۽ آءُ سڙيل چمڙيءَ وارو هڪ جسم ٿي پيس.“

ٽهڪ هن جي ڳالهه غور سان ٻڌندا رهيا، اهي ڪڏهن گونجندا رهيا ته ڪڏهن چپ رهيا. سڙيل چمڙيءَ وارو ڳالهائيندو رهيو ”آءٌ چاهيان ٿو ته توهان سان دوستي ڪري توهان کي هڪ راز جي ڳالهه ٻڌايان جي ڪا توهان جي لاءِ بي حد فائدي واري آهي.“

ٽهڪ چپ ٿي ويا، جيئن اهي هن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ راضي ٿي ويا هجن.

”آءُ چاهيان ته توهان هن ڌرتيءَ جي لذت جو فائدو وٺي سگهو“ سڙيل چمڙيءَ واري ڳالهايو”هي جيڪي ٿڌي پاڻي جا آبشار آهن، وڻن ۾ لڙڪندڙ ميوا ۽ زمين ۾ ٿيندڙ سبزيون ڪڻڪ جا داڻا ۽ مختلف اناج آهن، هيءَ جيڪا ڪپهه آهي، سون ۽ معدنيات جون آکاڻيون آهن، هيرا ۽ جواهرات آهن، آءُ چاهيان ٿو اهي سڀ توهان جي ڪم اچي سگهن، توهان انهن کي استعمال ڪري وڌيڪ سکي رهي سگهو.“

ٽهڪ هن جي ڳالهه غور سان ٻڌندا رهيا ۽ بلڪل چپ ٿي ويا.

”اهي سڀ سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي هڪ ڪم ڪرڻو پوندو، جيئن آءُ هڪ سڏڪو هوس ۽ باهه جي تلاءَ ۾ وهنجي هڪ جسم ٿي پيس، تيئن توهان ٻنهي کي مٽيءَ جي ڌٻڻ ۾ وهنجڻو پوندو، توهان جا جسم به ظاهر ٿي پوندا.“

خاموش ٽهڪن جيئن هن جي ڳالهه تي ڪجهه چوڻ چاهيو هجي، جنهن کي سڙيل چمڙيءَ وارو سمجهي ويو.

”نه مون جهڙا سڙيل ۽ بدصورت جسم نه پر اهي خوبصورت ۽ وڻندڙ جسم ٿي پوندا، جن تي باهه جو ڪو به داغ نه هوندو.“

ٽهڪ ان ڏينهن کانپوءِ چپ رهيا، جيئن اهي ڪجهه سوچيندا هجن، سڙيل چمڙيءَ وارو روز، انهن وٽ پهچي ويندو هو ۽ سمجهائي پنهنجي عصا تي سوار ٿي اڏامي هليو ويندو هو. ٿورا ڏينهن گذريا ته اهي ٻئي ٽهڪ ان ڳالهه تي راضي ٿي ويا ته هو مٽيءَ جي ڌٻڻ ۾ ضرور وهنجندا.

هڪ ڏينهن سڙيل چمڙي وارو انهن کي ڌرتي جي اهڙي حصي وٽ وٺي ويو، جتي پاڻي جو هڪ ميرو تلاءُ هو، جنهن ۾ ان پنهنجي عصا گهمائي ته ان ۾ چيڪي مٽي حل ٿي وئي، اهو هڪ ڌٻڻ جهڙو ٿي پيو، جنهن کانپوءِ هن انهن کي هٿ جي اشاري سان ان ۾ گهرڻ لاءِ چيو، ٻئي خاموش ٽهڪ ان ۾ اندر لهي ويا ۽ جڏهن ٽٻي هڻي مٿي اڀريا ته اهي انسان ٿي پيا، هڪ ڪاري چمڙي وارو مرد ۽ ٻي اڇي ڀوري چمڙي واري عورت، انهن جا سڀ عضوا وجود ۾ اچي ويا، انهن جون زبانون ٺهي پيون، اهي ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ سنگهڻ لڳا، جڏهن اهي ڌُٻڻ مان وهنجي ٻاهر نڪتا ته انهن کي بک محسوس ٿي، انهن وڻن مان لڙڪندڙ ميوا کائي جڏهن ڍؤ ڪيو ته انهن کي اڃ محسوس ٿي، انهن وهندڙ آبشارن جو ٿڌو پاڻي پئي جڏهن هڪ ٻئي کي نهاريو ته ڏاڍو خوش ٿيا. ٻه اگهاڙا جسم جن کي پنهنجي عريانيت جو ڪو به احساس نه هو، اهي اهڙا ئي پاڪ هئا، جهڙا پهريون ٽهڪن جي صورت ۾ هئا، انهن ويجهو اچي هڪ ٻئي کي ڇهي ڏٺو، انهن کي پهرين ته يقين ئي نه ٿي آيو ته اُهي واقعي ظاهر ٿي پيا آهن، مٽيءَ جو رنگ انهنجي نظر نه ايندڙ وجود تي چڙهي ظاهر ٿي پيو آهي پر پوءِ جڏهن انهن هڪ ٻئي کي ڇهي محسوس ڪيو ته انهن کي پنهنجي ظاهر ٿيڻ جو يقين اچي ويو. اهي به ڌرتي جي هر ظاهر نظر ايندڙ شئي وانگر ٿي پيا. اهي گهميا پئي ته انهن جي قدمن جا نشان پئي ٺهيا، اهي سج اڳيان پئي بيٺا ته انهن جي پٺيان پاڇا پئي ٺهيا، اهي پاڻي ۾ ٿي گهڙيا ته اوتري مقدار ۾ پاڻي هٽي ٿي ويو، انهن ساهه ٿي کنيو، سرديءَ گرميءَ کي ٿي محسوس ڪيو، طوفانن ۽ زلزلن کان انهن کي خوف ٿي ٿيو. مينهن ۽ تيز اُس انهن لاءِ هڪ مسئلو بڻجي پئي، جتي انهن جي وجود وٺندڙ جسمن کي ڪي فائدا پهتا اتي انهن لاءِ ڪجهه مسئلا به پيدا ٿي پيا، آخر هڪ ڏينهن انهن وادي ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي تيز آواز ۾ ان سڙيل چمڙيءَ واري کي پڪارڻ شروع ڪيو پر سڙيل چمڙي وارو ظاهر نه ٿيو. اِهي ٻئي وجود ۾ ايندڙ ٽهڪ طوفانن، زلزلن، مينهن ۽ تيز اُس جو مقابلو ڪندا جيئندا رهيا، آخر مجبور ٿي انهن پهاڙ جي دامن ۾ هڪ غار اندر دنيا جو پهريون گهر ٺاهيو، جتي اهي ٻئي رهڻ لڳا ۽ پاڻ کي جيئري رکڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳا، مرد غار کان پري پري تائين وڃي شڪار ڪيو ۽ عورت زمين کيڙي ان ۾ اناج اپايو. انهن جي زندگي جو اهو سلسلو جاري رهيو. هڪ ڏينهن عورت غار ۾ اڪيلي هئي ته سڙيل چمڙي وارو اچي ان اڳيان ظاهر ٿيو، عورت جنهن جو منهن پهريون کان ڪافي مرجهائجي ملول ٿي ويو هو، اها ان سڙيل چمڙيءَ واري کي سامهون ڏسي روئڻهارڪي ٿي پئي، ”او سڙيل چمڙي وارا تون ڪٿي هئين“ عورت ان کي چيو ”ڇا تون اسان جا سڏ نه ٻڌا؟ ڇا توکي ٻڌڻ جي سگهه نه آهي؟ يا تون اسان جي ٻولي نه پيو سمجهين؟“

سڙيل چمڙيءَ وارو ٽهڪ ڏئي کليو.

”آءُ سڀ ڏسان ۽ ٻڌان پيو.“ ان چيو ”دراصل آءُ توهان جو امتحان وٺي رهيو هوس، ڏسي رهيو هوس ته توهان حاصل ڪيل زندگي کي ڪهڙي نموني ٿا گهاريو پر عورت تون مون کي سخت مايوس ڪيو“ ان پنهنجي عصا سان هن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”تون جيڪا بي انتها خوبصورت ۽ ڀوري چمڙي واري آهين، سا هڪ وحشي، ڪاري چمڙيءَ ۽ ٿلهن چپن واري مرد سان زندگي ڪيئن گذاري رهي آهين؟ ڇا تون ڪڏهن چانڊوڪي رات ۾ ماٺي پاڻي مٿان بيهي ان ۾ پنهنجو عڪس ڏٺو آهي؟ ڇا تون ڪڏهن پنهنجي گلابي چپن کي ڇُهي انهن جي خوشبوءِ محسوس ڪئي آهي؟ ڇا تون پنهنجي سونهري وارن ۾ شام جو سج لهندي ڏٺو آهي؟ تون ڪيڏي نه نازڪ ۽ ملائم آهين، سج جي ماڪ جيان تازي شاداب آهين، تنهنجي ڀوري چمڙيءَ مان ئي ته سياري جو پهاڙن مٿان ڪرندڙ اڇي برف جنم ورتو آهي، چانڊوڪي تنهنجي وجود جو ئي ته پاڇو آهي، تون ايڏي حسين هوندي، ان ڪاري چمڙيءَ واري کي ڪيئن برداشت ڪري رهي آهين، جنهن جي جسم ۾ غلاظت ۽ بدبوءِ آهي، ان جي کهري چمڙيءَ ۾ نفرت جهڙي ڪاراڻ ڀريل آهي، آخر تون ان سان حياتي جا ڏينهن ڪيئن گذاري رهي آهين.“

عورت سڙيل چمڙيءَ واري جي ڳالهين تي حيران رهجي وئي.

”آءُ توکي هڪ راز جي ڳالهه ٻڌائي سڀني دردن ۽ پيڙائن کان نجات ڏياري ڇڏيندس“

سڙيل چمڙيءَ وارو ڳالهائيندو ويو“ پر پهريون توکي ان وحشي مرد کان الڳ ٿيڻ لاءِ مونسان واعدو ڪرڻو پوندو.“

عورت ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي.

”اهو ڪيئن ممڪن آهي.“ ان چيو”آءُ ان کانسواءِ جيئڻ جو تصور به نٿي ڪري سگهان.“ سڙيل چمڙيءَ واري کي ٿوري مايوسي ٿي.

”ته پوءِ آءُ وڃي رهيوآهيان“ سڙيل چمڙيءَ واري چيو ”جڏهن توکي منهنجي ضرورت پوي ته ضرور ياد ڪجانءِ.“

ان کانپوءِ هو پنهنجي عصاتي سوار ٿي اڏامندو هليو ويو ۽ عورت سوچيندي رهجي وئي.

شام ٿي ته مرد هڪ جانور کي شڪار ڪري غار ۾ کڻي آيو، انهن گڏجي پٿر جي اوزارن سان ان جي ماس کي وڍي باهه ۾ پچايو ۽ گڏجي کاڌو. رات گهري ٿي ته مرد عورت جي ويجهو آيو عورت کي پهريون دفعو ان جي وجود مان بوءِ آئي. ان جي اگهاڙي جسم کان شرم محسوس ٿيو، عورت منهن پري ڪري بيهي رهي، مرد هن جي اها حالت ڏسي پريشان ٿي ويو، هن عورت ڏانهن حيرت ڀريل نظرن سان ڏسندي ڪجهه پڇڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کي پنهنجي پاسي ۾ ويهارڻ لاءِ جڏهن ان جي ٻانهن کي جهليو ته اها ٻانهن ڇڏائي ٻئي پاسي ڏانهن هلي وئي. مرد اها سموري رات جاڳندي گذاري.

صبح ٿيو ته عورت پهريون دفعو ماٺي پاڻيءَ جي چشمي تي وڃي ان ۾ پاڻ کي نهاريو، صبح جي ڪوهيڙي ۾ ان جو منهن جهڙ ۾ لڪندڙ ۽ ظاهر ٿيندڙ چنڊ جهڙو هو، هن هٿ هڻي پنهنجن وارن کي ڇنڊيو ته انهن جون تارون سون جيان جرڪي پيون. هن پنهنجي هر انگ ۽ گوري چمڙيءَ کي ڇُهي محسوس ڪيو ۽ پوءِ  پنهنجي جسم جي اگهاڙن، نازڪ حصن کي نرم پنن ۽ ڪکن سان ويڙهي لڪائي ڇڏيو. مرد جي ڪاري چمڙي هن جي وجود کي ڪنڊن جيان چڀندي محسوس ٿي.

ان ڏينهن کانپوءِ مرد محسوس ڪيو ته عورت ۾ ڪجهه تبديلي اچي وئي آهي. اها هن سان سنئين منهن سان ڳالهائڻ کان لنوائي رهي آهي. هن کان پري پري رهڻ لڳي آهي، ان ۾ هن لاءِ موجود گرمجوشي ٿڌي ٿي وئي آهي. مرد ڏاڍو پريشان ٿي ويو ۽ اداس رهڻ لڳو.

هر صبح جو شڪار جي ڳولا ۾ نڪري ويندو هو ۽ سڄو ڏينهن پريشانيءَ ۽ ڏک جي حالت ۾ گهمندو رهندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن هو اهڙي ئي حالت ۾ نديءَ جي ڪناري ويٺو سوچي رهيو هو ته سڙيل چمڙيءَ وارو اچي ظاهر ٿيو ۽ هن جي حالت تي ٽهڪ ڏئي کلي پيو.

”بيوقوف مرد“ ان سڙيل چمڙيءَ واري چيو ”آخر هڪ ڪمزور عورت توکي اداس ڪري ڇڏيو. هڪ نرم گوشت ۽ هيڻن هڏن جي مُٺ، جنهن کي تون پنهنجي پير جي مضبوط کڙيءَ سان  چيڀاٽي مهٽي سگهين ٿو. آخر اها تنهنجي طاقت تي غالب اچي وئي، هڪ ڪمزور جسم واري عورت جيڪا توسان ڳالهائڻ به پسند نه ٿي ڪري، آخر تون ان کي ڪيئن برداشت ڪري رهيو آهين، ڇا تون ڪڏهن پنهنجين مضبوط ٻانهن ۽ طاقت ور جسم کي ڏٺو آهي، ڇا تون ڪڏهن پنهنجي سگهه محسوس ڪئي آهي. تون چاهين ته پنهنجي طاقت وسيلي صرف حڪم ڪري سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهين ٿو. تنهنجي لاءِ ڪهڙي شئي ناممڪن آهي، آخر هن اداسي ۽ غمگينيءَ جو ڪهڙو سبب آهي. توکي پنهنجي سگهه استعمال ڪري ان عورت کي زير ڪرڻو پوندو.“

سڙيل چمڙيءَ وارو ڳالهائيندو ويو ۽ مرد هن جي هر ڳالهه غور سان ٻڌندو ويو.

”طاقت سان نفرت کي محبت ۾ تبديل نه ٿو ڪري سگهجي.“ مرد ان کي چيو ”آءُ چاهيان ٿو ته هن جي دل ۾ مون لاءِ سچي محبت هجي.“

مرد جي ڳالهه تي سڙيل چمڙيءَ وارو وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کليو، جنهن سان واديءَ ۾ پڙاڏا پيدا ٿيا، جيئن هر شئي هن سان گڏ ٽهڪ ڏيندي هجي.

”اهو ناممڪن آهي ته اها عورت توسان سچي محبت ڪري سگهي.“ سڙيل چمڙيءَ واري چيو ”ڇا تو ڪڏهن پنهنجيءَ بدصورتي کي محسوس ڪيو اهي، پنهنجيءَ ڪاري چمڙيءَ تي نظر ڦيرائي ان کي ڏٺو آهي. پنهنجن ٿلهن چپن ۽ بي ڊولي منهن کي جاچيو آهي. آخر تو ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو اها عورت توسان پنهنجي پيار کي جاري رکي سگهي. تنهنجي چڱائي ان ۾ آهي ته تون پنهنجي طاقت جو فائدو وٺ، ان کي استعمال ڪري پنهنجي حڪمراني جو آغاز ڪر يا ٻئي صورت ۾ ان عورت کان الڳ ٿي وڃن.“ سڙيل چمڙي واري چيو ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندو پريشان مرد کي پنهنجي حال تي ڇڏي عصا تي چڙهي اڏامندو هليوويو.

مرد غار ۾ موٽو ته عورت جيڪا هن جو انتظار ڪندي هئي، اها اتي موجود نه هئي. هن نظر ڦيرائي وادي ۾ نهاريو ته اها هن کي مٺي پاڻي جي چشمي وٽ پنهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيرائي انهن کي سنواريندي نظر آئي. هو اڳتي وڌيو ۽ اچي ان مٿان بيٺو. عورت هن ڏانهن نهارڻ کانسواءِ پنهنجي ڪار م مشغول رهي هن هر هر پاڻي ۾ نهاري ٿي، پاڻ کي ڏٺو ۽ مرد جو عڪس ان ۾ نظر اچڻ جي باوجود نه ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي ڏسڻ لاءِ ڪنڌ ڦيرايو. مرد هيٺ جهڪي هن کي ٻانهن کان ورتو ۽ عورت سٽ ڏئي ڇڏائي پري هٽي وئي.

”تون بد صورت آهين.“ عورت چيو ”تنهنجي چمڙي ڪاري ۽ کهري آهي.“

”نه آءُ طاقت ور آهيان“ مرد چيو ”مون ۾ تنهنجي مٿان حڪمراني جي طاقت آهي.“

عورت جو ڇرڪ نڪري ويو، هن پهريون دفعو هن جي ڪاري چمڙيءَ تان نظر هٽائي هن جي طاقت ور جسم کي ڏٺو. عورت کي خوف محسوس ٿيو  دل ۾ هن لاءِ نفرت وڌي وئي.

”تون منهنجي ويجهو اچڻ جي ڪوشش نه ڪر“ عورت چي ”تون هتان هليو وڃ، مون کي تنهنجي وجود مان بدبوءِ اچي رهي آهي.“

مرد عورت جي چوڻ تي اتان هليو وڃڻ بجاءِ اڳتي وڌي هن وٽ آيو ۽ وهشت مان هن کي وارن کان جهلي هيٺ ڇڪي منهن کي آسمان طرف ڪري ڇڏيو. عورت جي رڙ نڪري وئي.

”هاڻي ٻڌاءِ!“ مرد چيو ”توکي پنهنجي ڪهڙي برتريءَ تي ناز آهي؟“

عورت چپ رهي هن ڪجهه نه ڳالهايو، صرف خوف مان هن ڏانهن منهن مٿي ڪري ٽيڏيءَ اک سان نهاريندي رهي.

مرد آخر هن کي وارن کان ڇڏي ڌڪو ڏنو ۽ هوءَ پري وڃي ڪري.

”توکي هن واديءَ ۾ ايئن جيئڻو پوندو، جيئن آءُ چاهيندس. ”مرد غار ڏانهن ويندي مڙندي هن کي چيو.

”مون کي توکان نفرت آهي“ عورت چيو ”آءُ تنهنجي ڪاري چمڙيءَ کان نفرت ڪريان ٿي.“

مرد ويندي ويندي رڪجي هن ڏانهن ڏٺو ۽ ڪاوڙ مان ڪجهه دير سوچيو.

”جيڪڏهن توکي مون کان نفرت آهي ته مون وٽ به تنهنجي لاءِ پيار نه آهي.“ هن چيو ۽ پوءِ تيز وکون کڻندو هليو ويو.

هو ٻئي الڳ ٿي ويا. مرد طاقت کي استعمال ڪرڻ جو سوچي به ان کي استعمال نه ڪري سگهيو ۽ عورت هن کان پري هڪ ٻيءَ غار ۾ وڃي پناهه ورتي، جتي اها الڳ ٿلڳ رهڻ لڳي. وادي جنهن ۾ ٽهڪ پيا گونجندا هئا، اها موت جهڙي چپ ۾ بدلجي وئي، ڄڻ وڻن جي پنن ۽ هوا ۾ ڪو به آواز نه بچيو هجي، انهن جي زبان ڪٽجي وئي هجي نه اتي آبشارن جي ڪرڻ جو آواز هو ۽ نه ئي ڪن چرندڙ چپن جو آواز. پوري وادي هڪ رنگن سان ٺهيل تصوير ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن ۾ نظارا ڄميل هوندا آهن. سج جيڪو روز خوشيءَ مان ٻهڪندو اوڀر کان طلوع ٿيندو هو، اهو ڄڻ ٻن ٽهڪن کي نه ٻڌي اداسيءَ مان سفر ڪري اولهه ۾ وڃي ڪرندو هو. شام رات جو غمگين ڪارو چولو پائي ستارن جي هجوم سان ماتم ڪندي هلي ويندي هئي ۽ چنڊ ڪنهن فلسفي جي زرد چهري جيان ڪن خيالن ۾ گم ڄڻ وڃايل رستن ۾ پيو ڀٽڪندو هو. ائين ڪئي سج اڀريا، شامون آيون. راتيون لنگهي ويون ۽ چنڊ رمندا رهيا، پر اهي پاڻ ۾ نه مليا، انهن جي دورين ۾ اضافو ٿيندو ويو. وقت سان گڏ انهن جي نفرت درد ۾ بدلجي وئي. اڪثر راتين جو گدڙ جي اونائين جيان ڪي سڏڪا بلند ٿيندا هئا ۽ چانڊوڪيءَ کي ڇرڪائي وجهندا هئا. عورت جيڪا پنهنجي گوري چمڙيءَ تي فخر ڪندي هئي، ان وقت سان گڏ محسوس ڪيو ته اها ڪنهن قدردان کان سواءِ غير ضروري ۽ بيڪار آهي، جيستائين ان کي ڪو چُمڻ ۽ ڇهڻ وارو نه آهي، اها ڪنهن ڪم جي نه آهي، ڪو ته هجي جيڪو آخر هن جي خوبصورتي جي تعريف ڪري، هن جي چپن تي ٻرندڙ گلابي باهه کي چمي سگهي. هن جي هر انگ کي پيار ڪري سيني سان لڳائي، عورت جيئن سوچيندي وئي هن جي من ۾ پيار جاڳندو ويو ۽ هوءَ بي قرار ٿي وئي، جنهن کان هوءَ روئڻ لڳي.

مرد جيڪو عروت جي وڇڙڻ کانپوءِ هيڪل وياڪل ٿي ويو هو ۽ اڪثر پريشاني جي حالت ۾ پيو واديءَ جي پٿرن سان مٿو ٽڪرائي سڏڪا ڀريندو وتندو هو، تنهن محسوس ڪيو ته هن وٽ دل ۾ عورت لاءِ ڪابه نفرت نه آهي. هن دل ۾ پاڻ کي ننديو پئي ته آخر هن عورت تي پنهنجي زور آزمائي ڪري ان کي وارن کان ڇو ڇڪيو؟ ان تي هٿ ڇو کنيو؟ ان سان نفرت جو اظهار ڇو ڪيو؟ آخر هو ان کانسواءِ ڪيئن جي سگهي ٿو. هن جو اڪيلو جسم ڪهڙي ڪم جو آهي. پيار کانسواءِ هن جيئري رهڻ جو تصور ڪيئن ڪيو؟ هن جي دل چاهيو ته هو ڊوڙندو وڃي ان کي سيني سان لڳائي پيار ڪري ۽ واپس غار ۾ وٺي اچي.

سج اڀريو ته دنيا جي ڪاراڻ برف جيان رجي ڏينهن ۾ تبديل ٿي وئي پر هڪ پهاڙ تي ڪاراڻ جو هڪ ڌٻو ائين جو ائين رهجي ويو، جيڪو ڪارو چوغو پاتوين بديءَ جي عصا هٿ ۾ کنيو بيٺو هو. سج مٿي اڀريو ته اهو ڪاراڻ جو ڌٻو گهرو ٿيندو ويو ۽ دل ئي دل ۾ ٽهڪ ڏيندو رهيو. ڪجهه وقت گذريو ته عورت سڏڪا ڀريندي ان وٽ آئي ۽ سڙيل چمڙيءَ واري هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي هن کي تسلي ڏني.

”توکي روئڻ جي ڪا ضرورت ناهي.“ ان عورت کي چيو ”آءُ چاهيان ٿو ته هن واديءَ ۾ ساڳيا ٽهڪ گونجن جيئن پهريون گونجندا هئا. آءُ مرد جي دل ۾ تنهنجي لاءِ نفرت کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرايو آهي. هو تو سان ملڻ لاءِ بيتاب آهي  توکي ڳوليندو هاڻي هاڻي اوڀر طرف ويو آهي.“

سڙيل چمڙيءَ واري جي ڳالهه ٻڌي عورت جي منهن تي سرهائي اچي وئي ۽ بي خوديءَ مان مرد کي پڪاريندي، ان کي ڳوليندي اوڀر طرف هلي وئي.

ڪجهه دير گذري ته مرد پريان آهون ڀريندو ظاهر ٿيو، غم ۽ بيوفائي هَنَ جي حالت خراب ڪري ڇڏي هئي. هن جو مضبوط جسم ڏٻرو ٿي ويو هو، جنهن کان هو لاچاريءَ ۾ هلندو پئي نظر آيو. هو جڏهن سڏڪا ڀيرندو سڙيل چمڙيءَ واري وٽ آيو ته سڙيل چمڙيءَ واري هڪ گهرو ساهه کڻي انتهائي درد مان هن ڏانهن نهاريو.

”تو پنهنجي هيءَ ڪهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي؟“ سڙيل چمڙيءَ واري چيو ”تون پاڻ کي سنڀال، ڳوڙها اگهه ۽ تسلي ڪَرِ، عورت توسان ملڻ لاءِ ڏاڍي بي قرار آهي. مون ان جي دل مان تنهنجي لاءِ موجود هر نفرت کي ڪڍي ٻاهر اڇلرايو آهي. اها توسان ملڻ چاهي ٿي ۽ هاڻي هاڻي اولهه طرف توکي ڳوليندي هلي وئي آهي.“

مرد جو خوشيءَ مان ذري گهٽ ٽهڪ نڪري ويو ۽ هن جو هيٺ جهڪيل ڪرنگهو واپس موٽي ايندڙ سگهه کان بلڪل سڌو ٿي ويو. هن بي قراريءَ مان اولهه طرف نهاريو ۽ پوءِ تيزيءَ سان عورت کي پڪاريندو اوڏانهن وڌي ويو.

جڏهن عورت اوڀر طرف ۽ مرد اولهه طرف هليا ويا ته سڙيل چمڙيءَ وارو ٽهڪ ڏئي کلي پيو ۽ چيو: ”بيوقوف انسان“ ۽ پوءِ هو وڏا ٽهڪ ڏئي کلندو رهيو ”توهان جيڪي دنيا جي تخليق سان گڏ وجود ۾ اچي الڳ ٿيا آهيو، هاڻي دنيا جي ختم ٿيڻ تائين هڪ ٻئي کي ڳوليندا رهندا“ سڙيل چمڙيءَ وارو خوشي مان ڳالهائڻ لڳو ”توهان هڪ ٻئي کي ڪڏهن به ڳولي نه سگهندا توهان دنيا جا ڀٽڪيل نسل آهيو، وقت توهان کي هڪ ٻئي کان پري ڪندو ويندو. توهان جي دورين ۾ اضافو ٿيندو ويندو ۽ توهان هڪ ٻئي کانسواءِ تڙپي اڪيلائين ۾ مري ويندا. توهان ڪڏهن به هڪ ٻئي کي نٿا ڳولي سگهو“ سڙيل چمڙيءَ وارو خوشيءَ مان نچڻ لڳو.

پر آءُ جيڪو سڀني جي نظرن کان اوجهل گم سم ٿيو هڪ پهاڙ جي دامن مان ويٺو اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هوس، سڙيل چمڙيءَ واري جي ان ڳالهه تي مرڪي پيس، بيوقوف ڪنهن جاءِ جا، مون دل ۾ چيو توکي شايد خبر ناهي ته ڌرتي گول آهي، هيءُ جيڪو هڪ اولهه طرف ۽ ٻيو اوڀر طرف هڪ ٻئي کي ڳوليندو نڪتو آهي، انهن جو ميلاپ ضرور ٿيندو، ڌرتيءَ جي ٻئي پاسي جتي انسانن جو هڪ پرامن ۽ ترقي پسند نسل جنم وٺندو.

پرديسي، پکي ۽ پدمڻي

انيس انصاري

دونهين جا طوفان اُڏائيندو، واريءَ مان وراڪا کائيندو، کيکڙو جڏهن ٿر جي ٿاڪ ”ڏانو ڌانڌل“ پهتو ته مسافرن دستور موجب اُن رڻ پٽ جي اڪيلي اجهي، ڪکائين چونري ڏانهن ڊڪ ڀري جتي سندس ٿڪاوٽ دور ڪرڻ جو سامان، چانهه ملڻ جي آس هئي. مان به تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو چونري ۾ داخل ٿيم، ڪاٺين جي ٻانگين ۾ ٽن هنڌن تي سادا ڪوپ ٽنگيل هئا پر اهي سڀ گڏي به مسافرن جي هڪ پتيءَ لاءِ به پورا ڪو نه هئا، چونري ۾ گهڙڻ سان ئي مسلمانن هڪ طرف ٽنگيل ڪوپن ۾ هٿ وڌا ته هندن وري ٻئي طرف ٽنگيل ڪوپن ۾، سمجهيم ته جي مان ڪنهن ڪوپ جو خالي ٿيڻ جو انتظار ڪيم ته پوءِ منهنجو حال وڌيڪ برو ٿي ويندو. مسلسل سفر ۽ اوجاڳي بند بند چڪائي ڇڏيو هو. مان وڌيم ۽ ٽين طرف ٽنگيل ڪوپن مان هڪ ۾ هٿ وڌم.

پريان رڙ ٿي، ”متان“!

مون حيرانيءَ مان اوڏانهن ڏٺو، سڀ اکيون مون ڏانهن کڄيل هيون.

هوٽل وارو چئي رهيو هو، ”اهي ڪوپ ڪولهين جا آهن.“

”پوءِ ڇا ٿيو؟“ مون جواب ڏنو.

”مسلمانن جا ڪوپ هن طرف هوندا آهن، خالي ٿئي ته توکي چانهه ڏيان ٿو.“

”تو ڪيئن سمجهيو ته مان مسلمان آهيان؟“ مون پڇيس.

”الله اکيون ڏنيون آهن، سائين! اوهان هيڏانهن اچو، ڄاڻ ڪوپ خالي ٿيو.“

”مان هن ڪوپ ۾ چانهه پيئندس،“ ڪوپ اڳتي آڻيندي چيم

سڀئي مون ڏانهن ڏسي رهيا هئا، ڪي محبت مان مرڪي رهيا هئا ته ڪي نفرت مان نهاري رهيا هئا ۽ ڪن جي اکين مان تعجب جي حالت صاف نظر اچي رهي هئي.“

چيومانس، ”چانهه پيار، ڪولهي منهنجا ڀائر نه آهن ته سؤٽ ته ضرور آهن.“

هن حيرانيءَ مان مون ڏي ڏٺو.

”ادا! اسان سڀني انسانن مسلمانن، هندن، ڀيلن، ڪولهين وغيره جو ڏاڏو ته حضرت آدم هو نه؟“

”چئين سچ ٿو.“ کيکڙي ۾ اڪيلي سفر ڪندڙ عورت چئي اٿي، هن نه مسلمانن وارو ڪوپ کنيو هو ۽ نه هندن وارو. هوءَ هڪ اسٽين ليس اسٽيل جو مگ مان چانهه پي رهي هئي جو هڪ ڏور سان سندس ڳچيءَ ۾ ٻڌل هو. هن چيو ”ٿورو ترس ٻار، ڄاڻ ڪوپ خالي ٿيو، تڪڙ ڪهڙي اٿئي؟“

مون ضد ڪندي چيو، ”جي پيئڻ بعد پنهنجو مگ ڏين ٿي مون کي ته مان ترسان ٿو، نه ته مان هن ڪوپ ۾ چانهه پيئندس.“

هن رڙ ڪئي، ”نه نه مان پنهنجي برتن ۾ پُٽ کي پاڻي پيئڻ به ڪين ڏيندي آهيان.“

باوجود ان جي جو ڪي ڪوپ خالي به ٿيا هئا، مان پنهنجي هٿ ۾ کنيل ڪوپ کي اڳتي وڌائيندي دڪاندار کي چيو، ”چانهه ڏي.“

هن پري کان ڪوپ ۾ چانهه وڌي.

چپن تي آڻڻ کان اول ان عورت اڳتي وڌي اچي منهنجي هٿ کي روڪيو، چيائين، ”ڇو ٿو پنهنجو ڌرم وڃائين ٻچا!“

مون چانهه مان هلڪو ڍڪ ڀريو. عورت ۾ اکيون کپائي چيومانس، منهنجو ڌرم اهڙو ڪچو ڪين آهي، جهڙو تون سمجهين ٿي. مان ته اهڙي ماءُ کي چوڻ لاءِ به تيار نه آهيان، جا پنهنجي پٽ کي پنهنجي برتن ۾ پاڻي به پيئڻ نه ڏي.“

عورت ساري وسي ٿي وئي. کيکڙي ۾ وڃي پنهنجي سيٽ تي ويهي

چانهه پي موٽڻ تي مون کي ماني جي ڀر ۾ ئي دالي ۾ ويهڻ لاءِ جاءِ ملي. کيکڙو هليو.

”ٿر ۾ نئو آيل ٿو ڏسجين ٻار؟“

”ها مائي! ائين ئي آهي،“ مون ڪجهه بيزاريءَ مان کيس جواب ڏنو. ”تڏهين ته اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين نه“ مائيءَ چيو، ”توکي اها خبر آهي ته هتي ڪن ذاتين کي اٺ تي چڙهڻ جي اجازت به نه آهي ۽ ڪي ماڻهو اُتم ذات وارن جي گهر ۾ پير به پائي نٿا سگهن.“

”هوندو“. مون جواب ڏنو.

”آهي“ هن آهي تي زور ڏيندي چيو، ”هتي اوچ نيچ جو وڏو خيال رکيو وڃي ٿو، ٻار!“

مون ڪنڌ ورائي مائيءَ کي ڇوهه مان ڏٺو. ڪجهه وقت خاموشي ٿي وئي. ”ڪاڏي وڃي رهيو آهين ٻچا؟“ مائي وڌيڪ خاموش رهي نه سگهي. ”مائي! پرديسي ۽ پکيءَ جي نه هوندي آهي. منزل ۽ نه ماڳ، اڄ هِت سڀانهُت.“

”پر آخر وڃين ڪيستائين ٿو؟“ هن پڇيو.

”في الحال اڏام ته ننگرپارڪر تائين آهي،“ مون چيو.

”الائي اُتي ڪنهن وٽ ويندين، ڪو مٽ يا مائٽ، ڪو يار دوست؟“

”نه ڪنهن کي اتي سڃاڻان ۽ نه ڪو سڃاڻي ئي مون کي.“

”نالو ڇا ٿئي ٻار؟“

”اخلاق“ مون جواب ڏنو

”اکلاڪ! جي مان توکي انيل سڏيان؟“

”ڀلي سڏ امان!“ مان پنهنجي رويي تي پشيمان ٿيندي چيو.

امان جو اکر ٻڌڻ سان مائي جي منهن تي ممتا ۽ مهر جي سمنڊ جون موجون صاف ۽ ظاهر نظر اچڻ لڳيون.

”انيل منهنجو پٽ آهي، هن وقت اسلام ڪوٽ ۾ ٿو رهي. مان ان ڏانهن وئي هيم. اهو به تو وانگر آهي ضدي ۽ چنچل. مان ننگر کان ٻن ميلن تي ٿي رهان. هلي مون وٽ رهه انيل.“ ائين چوندي سندس آواز ڀرجي آيو.

”شرط هڪڙي سان، جي مونکي پنهنجي مگ ۾ چانهن پيارين ته؟“

”ڏاڍو شرير آهين انيل.“ مائي جي مُنهن ۾ ممتا جي جهلڪ ڏسي مون کي امان ياد اچي ويئي جا هن وقت منهن جي اوسيئڙي ۾ در ڏانهن پئي تڪيندي هوندي.

يونيورسٽي مان موڪل ملڻ تي ڳوٺ وڃڻ جي بدران رخ رکيم ٿر ڏانهن. گهر نياپو به اڌوگابرو موڪليو هيم. خيال ته هرچند راٺيءَ سان مٺيءَ تائين وڃڻ جو هو پر اتي پهچڻ بعد خيال ڪيم ته آيو آهيان ته ٻيو ملڪ به ته ڏسان. ٿر بر، مارئي ۽ ملير اوپرا ته نه هئا مون لاءِ پر تنهن هوندي به… مائي جو نالو سَتي هئو. رن زال هئي. ٻڪرين ۽ ڳئن جي وڳ هيس. پٽس اسلام ڪوٽ ۾ ڪمائيندو هو. مائي مڙس جا ڪک ڇڏڻ نه پئي گهريا. هئا سوڍا راجپوت، دل جا وڏا ۽ سچار.

ٻنڀي ۾ اندر گهڙيا سين ته ڏٺم ته هڪ نوجوان ڇوڪري مٺوءَ جي پڃري اڳيان ويهي کانئس پڇي رهي هئي: ”ٻول مٺو، امان اچي ٿي؟ انيل اچي ٿو؟“

ماءُ کي ڏسڻ سان ئي وٺي ڊوڙ پاتائين پر مون تي نظر پوڻ سان سڄي وسي ٿي وئي. ماڻس مرڪي چيس. ”اني! هي تنهن جو ڀاءُ آهي اکلاڪ، مان ته کيس انيل سڏيندي آهيان. آهي به اهڙو ئي حرڪتي ۽ چنچل، ڪجهه ڏينهن اسان وٽ رهندو“.

ٿر گهمڻ جي بجاءِ مان ته ڪُڙجي ويم قيد ۾. انيلا مون کي ”سڃا“ پري پي لڳي. ڏاڍو ذهن تي زور ڏنم ياد ڪرڻ لاءِ ته آخر کيس ڪٿي ڏٺو آهي مون؟ اڙي هيءَ ته پدمڻي آهي! ڪام سوتر جي پدمڻي اهو هڏ اهو ڪاٺ اها چال اها ڍال اهو رنگ اهو روپ مان کيس پدمڻي سڏڻ لڳم.

هڪ ڏينهن تلاءَ تان پاڻي ڀريندي چيائين، ”اسان ٿريليون آهيون، مارئي جي مان ۽ مريادا واريون، تون هڪ پرديسي آهين، اڄ هِت سڀاڻي هت پکي ۽ پرديسي سان ڪهڙو پريتڻو. ٻيو تون آهين مسلمان ۽ اسان هندو راجپوت، تنهن جو دڳ جدا ۽ منهنجو دڳ جدا.“

”هڪ ئي دڳ تي مان توسان هلڻ لاءِ تيار آهيان!“

”اجايا ٻول نه ٻول پرديسي، جنهن سڪ سان آيو آهين، اها ئي من رکي هتان ورهونءَ به پکيءَ ۽ پرديسيءَ سان ڪهڙي پريت؟“

”پکيءَ سان ته پريت اٿي اڳيئي، پرديسي سان به لنوءَ ته لائي ڏس!“

”جهڙو مون لاءِ انيل اهڙو تون آهين اکلاڪ.“

”اڃا ڪجهه ته رهه انيل. ٿر ته تو ڏٺو ئي ڪين!“

”گهڻو ڏٺو اٿم امان! منهنجي ٻي ماءُ به آهي، جا انتظار ۽ اوجاڳا ڪندي هوندي مون لاءِ“

ٽيڏي نظر سان مون انيلا کي ڏٺو. هن نظر بچائي اک مان هڪ لڙڪ اگهي ورتو.

چونئري جي ٻاهران مٺوءَ جو خالي پڃرو پيو هو.

زيب سنڌي

”هڪ ڇوڪرو گم ٿي ويو آهي، جنهن جي عمر چار سال آهي. ڪڻڪ رنگو، گلابي ڪپڙا ۽ ڳاڙهو چمپل پيل اٿس، جنهن به ڀاءُ کي هٿ اچي، مهرباني ڪري ٽائون ٿاڻي تي ڇڏي وڃي، ۽ ماءُ پيءُ جي دعائن سان گڏ هڪ هزار رپيا انعام حاصل ڪري!“ ٽانگي جي اڳئين سيٽ تي ويٺل پڙهي وارو اعلان ڪري ٿو ۽ ٽانگو اڳتي وڌي وڃي ٿو.

هي روڊ ڄاڻ ڦاٽو. هي ٽانگو غفائن ۾ گم ٿي ويندو ۽ مان به آخر ڌرتي ڌڏي ڇو نه ٿي. هي سڀ گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو مرن ڇو نٿ ٿا! هي سڀ دڪان ۽ بلڊنگون تباهه ڇو نٿيون ٿين. زلزلو هر هر فقط ميڪسيڪو سٽي ءَ ۾ ڇو ٿو اچي اڳ پوءِ هيءَ سڄي دنيا تباهه ٿيڻ گهرجي. قيامت اچڻ گهرجي. سمورا رنگ، خوشبو ۽ هوائون ختم ٿيڻ گهرجن. قيامت اڄ ئي اچڻ گهرجي“. ٽانگي جي پوئين سيٽ تي ويٺل ٽيهارو سالن جو نوجوان سوچي ٿو. هو ڪنهن به صورت ۾ نارمل نٿو لڳي. هر هر ڇرڪي ٿو، هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو. سندس نيڻن ۾ گلابي رنگ اٽڪي پيو آهي، سندس اکيون چئني ڏسائن ۾ گلابي رنگ جي ڳولا ڪنديون رهن ٿيون. ٽانگو ڪنهن نامراد عاشق جيان آهستي آهستي هلندو رهي ٿو. پڙهي وارو هلندڙ ٽانگي مان ريڊيو انائونسر جيان رٽيل جملا ورجائي ٿو:”هڪ ڇوڪرو گم ٿي ويو آهي“.

هو سوچي ٿو. ”منهنجو مٺڙو صبح کان گم آهي. ناشتو به نه ڪيو هئائين! بک تي هوندو منهنجو ٻچڙو! اوهه… هن ٽانگي جو گهوڙو آهستي ڇو ٿو هلي. بيمار ٿو لڳي. مرڻ کپي انهي واهيات گهوڙي کي! ٿي سگهي ٿو ڪجهه پئسا کيسي ۾ هجنس ۽ ڪجهه وٺي کاڌو هجئين. هن مرضيل گهوڙي کي ماري ڇڏڻ گهرجي. پر صبح سان هن مون کان خرچي به ته نه ورتي هئي.“ ٽانگو شهر جي هڪ اهم چوڪ وٽ وڃي بيهي رهي ٿو، پڙهي واير جي زبان جي ٽيپ هلڻ شروع ٿئي ٿي“ هڪ ڇوڪرو گم ٿي ويو آهي، جنهن جي عمر…“

پوئين سيٽ تي ويٺل شخص ڇرڪ ڀريندو رهي ٿو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهي ٿو. هڪ طرف ڏسي. ٻئي طرف نهار ڪري وري سندس ڪنڌ ساڳيءَ طرف ڦري وڃي ٿو. ائين سندس ڪنڌ، سندس اکين کي چئني ڏسائن ۾ گردش ڏيندو رهي ٿو. اوچتو سندس نظرون وڃي گلابي رنگ ۾ کُپن ٿيون. گلابي ڪپڙن تي، پر اهي گلابي ڪپڙا چئن سالن جي ٻار کي پهريل ناهن. اهي گلابي ڪپڙا پهريل ويهن سالن جو ڪو نوجوان آهي. گلابي ڪپڙن وارو نوجوان، روڊ جي هڪ پاسي تي ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهي.

ٽانگي جي پوئين سيٽ تي ويٺل نوجوان ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو، ”آخر… آخر هن لوسيءَ کي گلابي ڪپڙا پائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. وس پڄي ته جيڪر انهي کي هڪڙي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيان! جيڪر انهيءَ گلابي ڪپڙن واري کي خون ڪيان ۽ موٽ ۾ منهنجو ٻچڙو لڀي پوي… جيڪڏهن ائين ممڪن هجي ته مان اهو خون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان… ڌرتي ڌڏي ڇونٿي… زلزلو ڇو نٿو اچي… منهنجا ٻچڙا! منهنجا بابا! ڌرتي ڌرتي ڦاٽي ڇونٿي. هي ٽانگو غفائن ۾ گم ڇو نٿو ٿئي! او- او منهنجا جاني!“ سوچيندي سڏڪو اڀري اچيس ٿو. ڍڪ پي وڃي ٿو. سڪي ويل اکين مان نڄاڻ ڪيئن ٻه ڳوڙها ڪري پونس ٿا. ڳيت ڏئي، هٿ کڻي اکين تي رکي ٿو.

ٽانگو هلندو رهي ٿو. اعلان ورجائبو رهي ٿو.”هڪ ڇوڪرو…“

هڪ هنڌ روڊ جي ڀر ۾، هڪ ننڍڙي پارڪ ۾ ننڍڙا ننڍڙا ٻار راند کيڏي رهيا آهن. هڪ ٻئي جي ڪڍ ڊڪي رهيا آهن. ٽانگوآهستي آهستي پنهنجي رفتار سان هلي رهيو آهي. اوچتو هو ٽانگي واري جي ڪلهي تي هٿ رکي رڙ ڪري ٿو: ”ترس – ترس!“ ۽ پوءِ ساڳيءَ وڦلندڙ آواز سان پڙهي واري کي چوي ٿو:”هنن ٻرن ڏانهن منهن ڪري اعلان ڪر… متان هنن ٻارڙن منهنجي پٽ کي ڏٺو هجي.“

پڙهي وارو پوئتي منهن ڪري، گُهورَ وجهي هن ڏانهن ڏسي ٿو ۽ پوءِ ٻارڙن ڏانهن منهن ڪري اعلان ڪري ٿو. ”هڪ ڇوڪرو گم ٿي ويو آهي…“ هڪ ننڍڙي ٻار جي گم ٿي وڃڻ جو ٻڌي، ٻارڙن کان راند وسري وڃي ٿي ۽ هو جتي آهن، اتي پنڊ پهڻ ٿي وڃن ٿا ۽ ڏاڍي ڌيان، حيرت ۽ خوف وچان اعلان ٻڌڻ لڳن ٿا. سندن جرڪندڙ مک ڪومائجي ويا آهن.

هو سوچي ٿو، ”ٿي سگهي ٿو، انهن ٻارڙن مان ڪڏهن ڪوئي منهنجي ٻچڙي سان راند کيڏيو هجي… انهن معصومڙن مان ڪنهن منهنجي جانيءَ سان ٽهڪڙا ڏنا هجن…“ سندس دل چاهي ٿي، جيڪر هوٽانگي مان لهي، هڪ هڪ ٻار کي وڃي چُمي پر هو دل جهلي نٿو سگهي. سوچي ٿو، ”متان هراسيل ٻار وڌيڪ هراسجي وڃن!“ هو پاڻ ته جبر ڪري ويٺو رهي ٿو. اعلان پورو ٿئي ٿو. ٽانگو اڳتي وڌي وڃي ٿو. ٻار حيرت ۽ ڊپ مان ٽانگي کي ويندي ڏسندا رهن ٿا. لڳي ٿو، هاڻي هو وڌيڪ راند کيڏي نه سگهندا.

ٽانگو شهر جي مکيه رستن تي هلندو رهي ٿو ۽ اعلان ٿيندو رهي ٿو. هن جون آسائتيون اکيون هيڏانهن هوڏانهن واجهائينديون رهن ٿيون. اڻ لکي اميد ۽ وجود کي ويڙهي ويل مايوسيءَ منجهان سندس وجود جي ڪائنات ۾ گُهٽَ ٻوسٽ وڌندو وڃي ٿو. لڳي ٿو، ڄڻ سندس اندر ۾ ڪو طوفان اچڻ وارو هجي. ڄڻ سندس دل جي دنيا ميڪسيڪو سٽي ٿيڻ واري هجي.

ٻارڙو صبح جو اٺين وڳي گم ٿيو هو. يارهين وڳي هن ڳولا شروع ڪئي هئي ۽ ٻي وڳي باقاعدي ٿاڻي تي رپورٽ ڪري، هن شهر ۾ پڙهو ڏيارڻ شروع ڪيو هو ۽ هينئر شام جا ست اچي ٿيا آهن. انهيءَ وچ ۾ هو ٻه دفعا ٿاڻي تان به جاچ ڪري چڪو آهي پر ڪو پتو نه پيو آهي.

پڙهي واري جو آواز به هاڻي جواب ڏئي رهيو آهي ۽ هو پوئتي منهن ورائي کيس چوي ٿو: ”ابا! رک الله تي، رب چڱي ڪندو. سڄي شهر ۾ پڙهوگهمايو اٿئون.“ ۽ پوءِ پڙهي وارو، ٽانگي واري کي پنهنجي گهر طرف هلڻ لاءِ چوي ٿو.

هو جيئن ئي پنهنجي گهر اڳيان ٽانگي تان لهي ٿو، تيئن پنهنجي زال ثريا کي در کان ٻاهر واجهائيندي ڏسي ٿو. زال کي ٻاهر واجهائيندي ڏسي هو مايوس ٿي وڃي ٿو. جُهڪَرَ جي دڙي جيان، جنهن کي اڄ تائين ڪنهن کوٽي به ناهي ڏٺو! گهر ۾ گهڙڻ شرط سندس زال اچي کيس ڳچيءَ کان جهلي ٿي: ”ڪاٿي آ، ڪاٿي آ منهنجو ٻچڙو؟ تون اڪيلو گهر ڇو آيو آن؟ ڇو آيو آن اڪيلو!؟“ هوءَ چرين جيان رڙيون ڪرڻ لڳي ٿي.

پهرين ته هو صبر کان ڪم وٺي ٿو، ڇاتيءَ مان اٿلندڙ سنڌوءَ کي بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر سنڌو ته طوفان جيان اٿلندو آهي ۽ بند پنهنجو گُهمنڊ وڄائي ڪکن جيان لڙهي ويندا آهن. هن جي دل جا بند به نيٺ ٽٽي پون ٿا ۽ هو پنهنجي مُنهن کي ڌَڪُ هڻي ڌرتيءَ تي ويهي رهي ٿو. دنيا تباهه ٿيڻ لڳي ٿي، ”اڙي مان ڇا ڪيان! ڇا ڪيان مان ڪاٿان ڳوليان پنهنجي ابي کي! ڪاٿئون ڳوليان…“ ۽ هو سڏڪن ۾ لڙهڻ لڳي ٿو، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ حالتون کيس مڪمل طور تي شڪست ڏئي چڪيون هجن ۽ هو پنهنجي وجود جي ڪربلا تي ماتم ڪري رهيو هجي. سندس زال پڻ سندس ڀرسان فرش تي ويهي رهي ٿي پر هوءَ مڙس کي هيئن اوچتو ٽٽندي ڏسي سانت ۾ اچي وئي آهي، ثريا ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هيڏا مضبوط سهارا ڪڏهن هيئن به جُهري پوندا آهن، وکري ويندا آهن! اڄوڪي ڏينهن ۾، پٽ جي گم ٿي وڃڻ کانپوءِ ثريا لاءِ هي هڪ ٻيو وڏو سانحو آهي! ڇهن سالن جي شادي واري عرصي ۾ اڄ هن مڙس جو بننهه نئون روپ ڏٺو آهي. ڀڳل ٽٽل، وکري ويل، تباهيءَ جو هڪ نئون منظر، روح جي گهرائين ۾ پيهي ويندڙ، پيڙيندڙ ۽ هوريندڙ، اوچتو ثريا ڪجهه سامت ۾ اچي ٿي ۽ هوءَ مڙس جي ڪلهن ۾ کڻي هٿ وجهي ٿي. تون به ائين ٿو روئين! تون به عورتن جيان پار ٿو ڪڍين! ڪير منهنجي ٻچڙي کي ڳوليندو؟ ڪير مونکي آٿت ڏيندو؟“

هو ڪنڌ مٿي ڪري زال ڏانهن ڏسي ٿو ۽ سندس ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي ننڍڙي ٻارڙي جيان سڏڪي پوي ٿو، (بلڪل ائين، جيئن ڪڏهن ڪڏهن سندس چئن سالن جو پٽ ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي سڏڪي پوندو هو) پر هاڻي زال جي ڇاتي ۾ منهن لڪائي سڏڪندي سندس حواس بحال ٿيڻ لڳا ۽ سندس قوت موٽڻ لڳي آ. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هو منهن مٿي ڪري ثريا کي چوي ٿو: ”صبر ڪر - صبر ڪر مٺي. مان ڳوليندس پنهنجي شهزادي کي - ضرور ڳولي هٿ ڪندس!“

ثريا اٿي، پاڻي جو گلاس ڀري اچي سندس اڳيان بيهي ٿي. هو گلاس وٺي، ٻه ڍڪ ڀري، گلاس ڌرتيءَ تي رکي ڇڏي ٿو ۽ بيهي رهي ٿو. ڪي پل هو اندر ئي اندر پنهنجي وکري ويل وجود جي حصن کي ميڙي ٿو ۽ در ڏانهن وڌي ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ثريا جهيڻي آواز سان دعائون گهرندي رهي ٿي.

فوٽ پاٿ تي هلندي هو هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائيندو رهي ٿو.خاص طور تي جيڪڏهن ڪو سندس پٽ جو هم عمر ٻار ٿو نظر اچي ته ان کي هو ڏاڍي ڌيان سان ڏسي ٿو. روڊ تان گذرندڙ ٽانگن ۽ رڪشائن کي به هو ڏاڍو ڌيان سان ڏسندو رهي ٿو. متان ڪنهن ٽانگي ۾، ڪنهن رڪشا ۾ کيس پنهنجو چنڊ نظر اچي وڃي پر کيس هر طرف اوندهه ٿي نظر اچي. اڻٽيهين جي اونداهي کان به وڌيڪ، ڄڻ ڪائنات مان سج، چنڊ، تارا ۽ روشني جا ٻيا هي وسيلا گم ٿي ويا هجن، ڪٿي الوپ ٿي ويا هجن ۽ هو سوچي ٿو، ”رڪشا کي چار ڦيٿا به ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن رڪشا کي اڳيان به ٻه ڦيٿا هجن ته ڪهڙو فرق پوندو. سائيڪلون هڪ ڦيٿي سان هئڻ گهرجن، جيڪڏهن مداري هڪ ڦيٿي سان سائيڪل هلائي سگهي ٿو ته پوءِ ٻيا ماڻهو به هلائي سگهن ٿا. هونءَ به سائيڪل هلائڻ سرڪس واري تماشي کان گهٽ ڪمال ته ناهي، آخر مداري به ته ماڻهو آهي. اسان سڀ کي مداري ٿيڻ کپي. آهيون اسين سڀ مداري، اسين پنهنجو تماشو به پاڻ ئي آهيون- سامهون واري بلڊنگ کي جيڪر پاڙئون پٽي ابتو ڪري رکي ڇڏجي. بلڊنگ جي آکيرن ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو هٿن تي ابتا ٿي هلندا پاڻيهي ٻاهر نڪري ايندا.“ ۽ هو اوچتو گوڏن ڀر اچي روڊ تي ڦهڪو ڪري ٿو. هلندي هلندي فوٽ پاٿ تان کيس ٿيڙ اچي ويو آهي. ڀرسان لنگهندڙ ماڻهن جي چڀندڙ نظرن کي لنوائي هو اٿي بيهي رهي ٿو. سامهون ايندڙ رڪشا کي هٿ جي اشاري سان بيهاري ٿو. رڪشا ۾ ويهي، هو رڪشا واري کي ٽائون ٿاڻي ڏانهن هلڻ لاءِ چوي ٿو. رڪشا مناسب رفتار سان هلي رهيو آهي، هو چاهي ٿو، رڪشا واري کي تيز هلڻ لاءِ چوي، متان سندس ٻچڙي جي ڪا خبر پئجي هجي پر ٻئي پل سوچي ٿو، ”ڀل رڪشا آهستي هلي، متان منهنجو شهزادو ڪنهن رستي تي هجي ۽ رڪشا جي تيزي سبب مان کيس ڏسي نه سگهان. نه – رڪشا کي تيز هلڻ کپي، نه آهستي، تيز آهستي تيز…“ هو انهيءَ ٻڏتر ۾ ڪو به فيصلو ڪري نٿو سگهي.

ٿاڻي وٽ رڪشا واري کي ڪرايو ڏئي، هو تڪڙو تڪڙو اندر هليو وڃي ٿو. سڌو وڃي وڏي منشيءَ جي مٿان بيهي ٿو، ”سائين، منهنجي ننڍڙي جي ڪا خبر پئي؟“ هو آس جي تلاوَ ۾ پٿر اڇلي ٿو.

وڏو منشي پنهنجي وڏين مڇن کي مروٽيندي، ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏسي ٿو ۽ مرڪي پوي ٿو، ”ويهه ويهه! مبارڪ هجئي.“

اوچتو ڄڻ انڌڪار گم ٿيڻ لڳي ٿو. ڄڻ سج، چنڊ، تارا ۽ روشني جا ٻيا سمورا وسيلا هڪ ئي وقت روشن ٿي پون ٿا. آس جي تلاوَ ۾ نيلِ ڪنول مرڪڻ لڳن ٿا.

مون ته سپاهي به موڪليو آهي، تنهنجي گهر ته پنهنجو ٻالڪو سڃاڻي کڻي وڃو. سپاهي نه پهتو ڇا؟“

”نه سائين – پر ڪاٿي آ، ڪاٿي آ منهنجو ٻچڙو!؟“

”صبر ڪر، صبر ڪر – رنو ٿي، پنهنجي ڪواٽر تي موڪليو اٿماس، ٻارن ڏي،“ وڏو منشي رڙ ڪري ٿو، ”اڪو! اڙي او اڪبر!“

کن پل ۾ بوتل جو جِنُ اچي حاضر ٿئي ٿو، ”جي سائين!“

”اڙي وڃ – گهران ٻالڪو ته کڻي آ.“

پوڙهو سپاهي اڪبر وڃڻ لڳي ٿو ته هو سپاهيءَ سان گڏ وڃڻ لاءِ اٿي بيهي رهي ٿو.

”ايڏي تڪڙ نه ڪبي آ سهڻا! تون اتي بسڙي ڪري ويٺو هج.“ وڏو منشي ٿورو تکائيءَ مان چوي ٿو، ”اچي ٿو ڇوڪرو هتي.“

سپاهي جي وڃڻ کانپوءِ هو اڻ تڻ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي ٿو. کيس گهڙيون، صدين کان وڌيڪ ڦهلجندي محسوس ٿين ٿيون. ڄڻ وقت آسمان ۾ وڃي اٽڪيو هجي. ڌرتي جو گولو ٽِڪَ ٻڌي هڪ هنڌ بيهي رهي هجي ۽ ڪائنات پنڊ پهڻ ٿي وئي هجي. اوچتو ثريا هڪ سپاهيءَ سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي. ثريا اچڻ سان ڪمري جي چئني ڏسائن ۾ ڏسي ٿي. هن تي به نظر پويس ٿي. پر کيس نظر انداز ڪري، هلڪي رڙ ڪري ٿي، ”ڪاٿي آ منهنجو ٻچڙو!“ سندس هلڪڙي رڙ ۾ صدين جي پيڙا سمايل آهي، ڄڻ موهن جي دڙي مان، ڪنهن روح صدين جي سانت کانپوءِ ڇرڪ ڀريو هجي.

هو اٿي ٿو ۽ زال کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي ڀرسان بينچ تي ويهاري ٿو. ”اچي ٿو، وڏي منشيءَ جي گهر آهي، سپاهي کيس وٺڻ آيو آهي.“

ثريا جون اکيون ڏياريءَ جي رات جيان جرڪي پون ٿيون، ”مون کي خبر هئي ته تون به هتي جاچ لاءِ ضرور آيو هوندين، پر جيئن ئي نياپو مليو ته مان به هلي آيس.“

هو ڪو به جواب نٿو ڏئي. ٻنهي جون نظرون در ۾ کتل آهن، اهو در، جنهن مان کن پل کانپوءِ زندگي جون نيون هوائون گهلي  پونديون.

اوچتو سپاهي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ پنڊ پهڻ ٿيل ڪائنات ۾ وري ساهه پئجي وڃي ٿو. هوائون هٻڪار جي وڃن ٿيون. سپاهيءَ جي هنج ۾ سندس زندگي جي ڪائنات جو جرڪندڙ چنڊ آهي. هو ٻئي هڪ ئي وقت اٿي بيهي رهن ٿا. سندن پٽ کين ڏسي خوشيءَ مان روئي پوي ٿو ۽ هو ٻئي هڪ ئي وقت وڃي پنهنجي ٻچڙي ۾ هَٿَ وجهن ٿا ۽ هڪ ئي وقت ٻئي کيس پنهنجي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

ڪجهه دير کانپوءِ هو ٻار مان هٿ ڪڍي وٺي ٿو ۽ ثريا ٻارڙي کي ڀاڪر ۾ ڀري بيهي رهي ٿي.

”سائين! اوهانجا لک قرب - لک مهربانيون.“ هو چاهيندي به وڌيڪ ڪجهه ڳالهائي نٿو سگهي. ڄڻ نڙيءَ مان لفظن جي ٻاهر نڪرڻ جو رستو ئي بند ٿي ويو هجي. کيس وڏو منشي ۽ سمورا سپاهي فرشتن جيان محسوس ٿين ٿا.

هڪ سپاهي سندس ڪن ۾ اچي سڙٻاٽ ڪري ٿو، ”انعام جي رقم ڪاٿي آ؟“

”حاضر سائين! مان ته منجهند کان وٺي کيسي ۾ رکيو وتان.“ هو کيسي ڏانهن هٿ وڌائي ٿو، ”پر منهنجو اُهو محسن آهي ڪاٿي؟“

سپاهي کيس ٻانهن کان جهلي ٻاهر وٺي وڃي ٿو. ثريا سندس ڪڍ ٻاهر هلي اچي ٿي. سپاهي کانئس هڪ هزار رپيا وٺندي چوي ٿو، ”انعام تي ته اسان جو حق آهي، سائين! ڇو ته تنهنجي پٽ کي اغوا ڪيو ويو هو ۽ اسان کيس هٿ ڪيو آهي.“

”اغوا ڪيو ويو هو!!“ هن کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو، سندس جهومندڙ دل مٿان وسوسن جو ڄار اچي ڪري ٿو، ”پر ڪنهن! ڇو!“

”هو ڏس، او هو جيڪو سامهون منحوس پيو اٿئي!“ سپاهي سيخن ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جتي هڪ اڌڙوٽ شخص ڪنجهي رهيو آهي.

ثريا ۽ هو نفرت وچان وڃي سيخن جي ڀرسان بيهن ٿا. هنن ٻنهي جي پيرن تي نظر پوڻ شرط، سيخن پٺيان قيدي ڪنڌ مٿي ڪري هنن ڏانهن ڏسي ٿو. سندس جسم ۽ منهن تي ڌڪن جا انيڪ نشان آهن. ٻارڙي کي ماءُ جي هنج ۾ ڏسي قيدي جي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا ۽ هو سيخن ۾ هٿ وجهي ڪنجهندو ڪرندو، پنهنجي جسم کي مٿي ڇڪي اٿي بيهي رهي ٿو. قيدي ٿڌو ساهه کڻي چوي ٿو، ”ڀاءُ مون توهان جو ٻارڙو منجهند جو ريلوي ڦاٽڪ پويان رئندي ڏٺو هو. کيس کڻي ڏاڍو رليس پر وارثن جو پتو نه پيو. نيٺ اچي ٿاڻي تي رپورٽ ڪرڻ لاءِ پهتس، پر ابتو کڻي مون کي جهليو اٿائون!“ قيدي ڳيت ڏئي ثريا ڏانهن ڏسي ٿو، سندس منهن تي شفقت جي چانڊاڻ پکڙجي وڃي ٿي، ”ادي! ڀيڻ، مان به ٻچن وارو آهيان!“.

روڄ

ناشناس

اوچتو ڳوٺ جي خاموش فضا ۾ روئڻ جو آواز اُٿيو، روڄ پٽڪي جو آواز ويو آهستي آهستي بلند ٿيندو. لڳي پيو ته ڳوٺ ۾ ڪو قضيو ٿيو آهي.

هي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، صبح جي مهل هميشہ اتي خاموشي هوندي آهي. هاري ناري، ڌڻار ٻڪرار، ڪَمي ڪُڙمي، ڇڙا ڇانڊا سڀ وڃي پنهنجي پنهنجي ڪم ڪرت سان لڳندا آهن. زالون گهر جي ڪم ڪار ۾ رُڌل رهنديون آهن. ڪچي مجهند جو جڏهن ڪم ڪار جهڪو ٿيندو آهي ته پوءِ هڪ ٻئي سان گڏجي ويهنديون. سور سلينديون ۽ ڏک سُک ونڊينديون آهن.

ڳوٺ جون زالون هڪ هڪ ڪري کوسن جي ويڙهي ۾ اچي گڏ ٿيون ۽ مرد ويڙهي جي ٻاهر ملان عبدالله واري مسجد ۾ وڃي سهڙيا، مرد خاموش ويٺا هئا، باقي ويڙهي مان اندران، پارن ڪڍڻ ۽ ڍنڍ ڪران ڏئي روئڻ جو آواز هڪ ترتيب سان پئي اُٿيو. ائين پئي لڳو جيئن ڪنهن خاص ٿَلهه تي ٻڌل ڪو پُرسوز راڳ هُجي.

سائينداد جو پٽ گذاري ويو هُيو، هو اکيون ڳاڙهيون ڪيون مُپ ماريون، مٿي اگهاڙو، اکين ۾ رات جون نشانيون کنيون، مردن جي وچ ۾ ويٺو هُيو. ڪپڙا ميرا ۽ گهنجيل هُيس. کيس ڇهه پٽ اڳيئي هُيا، فوتي سندس ستون پُٽ هُيو. ڌيڻائو ٻار کيس نه هيو. عمر لڳ ڀڳ چاليهه ورهه ٿيندس. وچولي هلت وارو هُيو، ٻه ٽي ٻارا زمين به هُئي ۽ مال ڀٽارو به هُيس. مطلب ته خوش گذر ٿيندو هُيس.

ويڙهي اندر کٽ تي ٻار جو لاش رکيل هُيو. ٻار کي ڄائي ٻه مهينا مَس گذريا هُيا. هو ڪمزور ڄائو هُيو ۽ مسلسل بخار ۽ الٽين وگهي گذاري ويو. کٽ جي چؤطرف عورتون پَٽَ تي ويٺيون پار ڪڍي پئي رُنيون، ”… اڙي ابا هي تنهنجي وڃڻ جي وهي هُئي…“، فوتيءَ جي ڏاڏيءَ سُر سان پار ڪڍيو.

”ائي اڙي ابا نه چوڙيئي نه ماڻيئي…“ مائي ست ڀائي ڀر وٺرائي. سڀئي زائفون ڄڻ ته جملي جي اثر هيٺ ڦِسي پيون – روڄ جو اواز مٿي ٿيڻ لڳو.

سائينداد جي ماءُ، مائي ڄامل ڳوٺ ۾ سيبتي زال سمجهي ويندي هئي. ڪنهن جڳ جي مائي هئي. ويڙهي جون زائفائون گهر جي ڪم ڪار، غمي خوشي مطلب ته هر اٿڻي ويهڻي ۾ سندس صلاح کانسواءِ نه هلنديون هُيون.

مائي ڄامل وچ روڄ مان يڪدم اٿي، کيس خيال آيو ته ڇوڪر مٿان لُنگي وجهجي، وڌيڪ ڪپڙا پوندا ته ڳوٺ ۾ نانءُ ٿيندو. هو سامان واري ڪوٺي ۾ وئي ۽ وڏي ڪاٺ جي صندوق کولي هنڌن کي هيٺ مٿي ڪري لُنگي ڳولهڻ لڳي.

صندوق وڏي هُئي، جنهن تي چِٽَ نڪتل هئا. گٺل ڪاٺ چغلي کائي رهيو هُيو ته صندوق به گهٽ ۾ گهٽ مائي ڄامل کان ته ضرور وڏي هوندي. لُنگي ڳولهڻ ۾ مائي ڄامل کي ڪافي تڪليف ٿي رهي هئي. هن هڪ هڪ ڪري رلهيون ۽ سَوَڙيون صندوق مان ٻاهر ڪڍڻ شروع ڪيون. ائين پئي لڳو ڄڻ ته لنگي صندوق ۾ هُئي ئي ڪانه. مائي ڄامل صندوق تي سُڪَ ٿي وئي.

هن جي وڃڻ کانپوءِ پارن ڪڍڻ ۽ روڄ پٽڪي ۾ گهڻو فرق اچي ويو. آواز تمام ڍرو ٿي ويو هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪو سُڏڪي جو آواز پئي آيو نه ته مڙوئي ٿيو خير.

اهو حال ڏسي مائي ست ڀائي ڀڙڪو ڏئي اٿي ۽ مائي ڄامل کي ڳولهڻ شروع ڪيائين. ست ڀائي پڻ مائي ڄامل جي جوڙ جي هُئي، هو روڄ پٽڪي مان واقف هُئي پر ڪو ڀر جَهلڻ وارو نه هو. ويڙهي جون ٻيون زائفائون هُيون عمر جون ننڍيون تن کي ڀرو وٺائڻ نه پئي آئي ۽ روڄ ويو ڍرو ٿيندو.ل هوءَ مجبور ٿي اٿي هُئي. هر ڪوٺيءَ ۾ گهڙي وري پئي ٻاهر نڪتي، هن جي تڪڙ ۽ پريشاني ڏسي ائين پئي لڳو ته ڄڻ ڪو وڏو واقعو ٿي ويو آيه. نيٺ ست ڀائي اچي سامان واري ڪوٺيءَ ۾ نڪتي، هٿ چيلهه تي رکي ساهه پٽڻ بيٺي. ڪراڙي زال هُئي ايتري تڪڙي پنڌ کيس ٿڪائي وڌو هُيو.

”اڙي ادِي! هي ڪهڙو ناحق ڪيو اٿئي؟“ ست ڀائي سهڪندي چيو.

”ادِي! ڇوڪرَ لاءِ لُنگي ٿي پئي ڳولهيان، مٿان وجهنديس، ”ڄامل بنا ڪنڌ ورائڻ جي تڪڙ ۾ وراڻيو. سندس ڌيان صندوق ۾ هُيو، هن ست ڀائي جي آواز ۾ ڳڻتي ۽ شڪايت کي محسوس نه ڪيو هُيو.

”ڇوڪرين جي آسري تي خلق ڇڏي آئي آن،“ ست ڀائي دانهن ڪئي.

”نڀاڳين کي راڄ ۾ روئڻ ئي نٿو اچي، پاڻ تي ملڪ کلائينديون ڇا؟“ وقت جي نزاڪت ۽ پنهنجي اهميت جي احساس سندس آواز ۾ جوش پيد اڪيو هو.

”مان ڪهڙو منهن ڪارو ڪيان ادِي! هيڏيون ساريون هِن، اڃا ننڍڙيون آهن. مان به ڪيترو وقت هوندي سانِ!“ مائي ڄامل وڏائي سان چيو، سندس اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي. ”ٻار ناهن ته ٻيو وري ڇا هِن؟ اٿيون ويٺيون ئي ڪونهن، انهن کي ڪهڙي خبر،“ ست ڀائي ڳالهه کي ٽيڪ ڏني.

مائي ڄامل سٽ ڏئي لُنگي پيٽيءَ جي تري مان ڇڪي ڪڍي، صندوق جو ڍَڪ بند ڪندي چيو هل ”ادي! نيٺ پاڻ کي ئي منهن ڏيڻو آ!“

ٻئي ڪراڙيون تڪڙيون تڪڙيون اچي وري پڌر تي کٽ جي پاسي کان ٿي ويٺيون.

”اڙي ابا ماءُ کلندي کڻئي ها…“، مائي ڄامل پار ڪڍيو

”ماءُ جي جهولي خالي ڪيون ٿو وڃين…“، مائي ست ڀائي پاسو وٺرايو.

”ستن جو ساٿ ڇنيون ٿو وڃين…“ مائي ڄامل دردناڪ دانهن ڪئي.

”اڙي ابا هن اڱڻ کيڏين ها…“ مائي ست ڀائي سڏڪو ڀريندي ڀر وٺرائي.

”پيءُ جو ٻانهن ٻيلي ٿئين ها…“ مائي ڄامل ڍنڍ ڪر ڏيندي پار ڪڍيو.

”اڙي ابا هي ڪهڙو ناحق ڪري وئين“ ست ڀائي دانهن ڪئي.

ڳوٺ جي خاموش فضا ۾ روڄ جو آواز وري بلند ٿيڻ لڳو.

مجرم چهرو

هائزخ بوئل / امداد چاچڙ

مان بندرگاه تان سامونڊي پکين کي گهوري رهيو هوس. پکي سمنڊ ۾ ٽُٻيون هڻي پنهنجن پرڙن کي ڦڙڪائي پاڻي جي ڦڙن کي ڇنڊي رهيا هئا. پکين کانسواءِ ڪو ٻيو جانور نظر جي ور ڪو نه ٿي چڙهيو. پاڻي جي وڇايل چادر مٿان تيل جا ترورا تري رهيا هئا. پاڻي انڊلٺو ٿي ويو هو – پري پري تائين ڪو جهاز به ڏسڻ ۾ نڪو نه ٿي آيو. ڪرينن تي ڪٽ چڙهي ويئ هئي. مٿن ڄڻ يتيمي پئي وسي. گدام خالي هئا، ڀتيون پاسن کان کاڌل هيون. زمين ايتير ويران ٿي چڪي هئي، جو ڪنهن ساهواريءَ شئي جو اهڃاڻ نٿي مليو. پوري جو وپرو نظام اوپرو اوپرو ۽ زندگي کان خالي پئي لڳو. منهنجي خيال ۾ هي بندرگاه ڪيترن سالن کان پهرين دنيا کان ڪٽيل پئي لڳو، جيئن ڪنهن ساڻ رابطو نه رهيو اٿس.

ڪڏهن جهرڪي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي ٻاهر نڪري آڪاش ڏي ٿي اڏاڻي ته ڪڏهن وري پرڙا ڦڙڪاڻي پاڻيءَ ڦڙن کي ڇنڊي ٻيهر پاڻي ۾ ٽٻي ٿي هنيائين. هو اهو عمل وَر وَر ورجائي رهي هُئي هر ٽٻيءَ کانپوءِ اُڀ ڏي پئي ڏٺائين ۽ پرڙا پکيڙي مٿي اوچائي ڏي ٿي ويئي، ڄڻ ڪنهن ساٿيءَ جي ڳولا هجيس. منهنجي من چاهيو، اٽي جون ننڍڙيون ڳوڙهيون ٺاهي، انهن جهرڪين ڏي اڇليان، پر مان پاڻ به مانيءَ کان محروم هئس. مان ته بکايل ۽ ٿڪل به هئس. مون پنهنجا ٻئي هٿ خالي کيسن ۾ لڪائي ڇڏيا ۽ هڪ ٿڌو ساهه ڀري پنهنجا سمورا سور پيٽ ۾ سمائي ڇڏيم. منهنجي ڪلهي تي ڪنهن هٿ رکيو. مون ڪنڌ ورائي ڏٺو، پوليس وارو هو. مون ڪلهن کي سوڙهو ڪندي هن جي گرفت مان نڪرڻ چاهيو.

”ڪامريڊ“ هن پنهنجي گرفت کي مضبوط ڪندي چيو.

”پوليس آفيسر؟“ مون پڇيو.

”هتي ڪو به آفيسر نه آهي، هر شخص ڪاميرڊ آهي.“

”منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟“

”ڏوهه“ هُن ٽهڪ هوا ۾ اڇليندي چيو.

”تون غمگين پيو ڏسجين“، مون بي ساخته ٽهڪ ڏنو. ”کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي“، پوليس واري جو چهرو جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.

مون سوچيو، هي هن سنسان بندرگاه تي ڊيوٽي ڪندي بيزار ٿي پيو آهي ۽ شايد اڃا تائين هن کي ڪو ڏوهاري هٿ نه آيو آهي. سمنڊ جي ڪناري ڪا ڇيڪ گهمندڙ عورت به ڪانهي ۽ نه ئي ڪو شرابي نشئي گندي پاڻي ۾ ٿڙندي نظر آيو اٿس ۽ نه ئي ڪو بشني هٿ چڙهيو آهيس. پر مون جلد ئي محسوس ڪيو ته هو مون کي ڪرڙين اکين سان گهوري رهيو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هو مون کي گرفتار ڪرڻ ٿو چاهي، اک ڇنڀ ۾ هُن مون کي هٿ ڪڙيون پارائي ڇڏيون. هٿڪڙيءَ جي کڙڪي جي ڪري مون کي هوش آيو ۽ ائين لڳم ڄڻ مان واقعي ڪو رولو يا لوفر هجان. مون جهرڪين تي مٿاڇري ۽ حسرت ڀري نگاه وڌي. جهرڪيون پرڙا کولي اُڀ تي اڏي رهيون هيون. مان سمنڊ ڏانهن ڏٺو ۽ وک وڌايم. هاڻي مان پوليس جي قبضي ۾ هوس، مون کي ڪافي ماريو ڪٽيو ويندو. پوءِ ڪنهن اونداهي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ اڇلايوويندو. ڇا اهو سٺو نه ٿئي جو پٺيان ڌڪو لڳم.

مان بي اختيار ڪيئي وکون اڳتي وڌي وس.

”منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي سائين؟“ مون هٻڪندي پڇيو

”توکي ڪابه خبر ناهي؟ هڪ قانون پاس ٿيو آهي ته هر شخص کي خوش و خرم نظر اچڻ گهرجي“

مون پوري طاقت سان پنهنجي آواز ۾ سرهائي ڀريندي چيو

”ڪوڙ“

”پر مون پهرين ڪڏهن به ناهي ٻڌو ته اهڙو قانون پاس ٿيو آهي؟“

”ڪڏهن نه ٿئي ٻڌو، حالانڪه ڇٽيهه ڪلاڪ ٿي چڪا آهن، ان قانون پاس ٿئي ۽ چوويهن ڪلاڪن کانپوءِ هر قانون جو نفاذ شروع ٿيو وڃي“.

”پر مونکي ته انهي جي ڪابه خبر ڪانهي“

”هر اخبار ۾ خبر ڇپجي چڪي آهي لائوڊ اسپيڪرن ذريعي اعلان ڪيو ويو آهي. ڪامريڊ تون ڇٽيهن ڪلاڪن کان بيهوش هئين؟“ هو مون کي گهلي رهيو هو مان سردي جي شدت ۽ بک جي باه ۾ جڪيل هئس مون پنهنجو جائزو ورتو ڪپڙا ڦاٽي چڪا هئا، شرمندگي اوج تي هئي ۽ قانون هو، هر ڪامريڊ کي صاف سٿرا ڪپڙا پائڻ گهرجن.

سڙڪ تي هر شخص سرهائي مکوٽو پائي وڃي رهيو هو، جيئن ئي ڪنهن راهگير جي پوليس واري تي نظر ٿي پئي. هن جو چهرو سرهائي جو اهڃاڻ ٿي ٿي ويو.

هر شخص ڦڙتائي سان راهه پار ڪري ٿي ويو، مون اهو به محسوس ڪيو ته هر شخص مون کان پوليس واري کان پري رهڻ جي ٿي ڪئي. هُنن جي اهائي ڪوشش پئي ڏٺي ته هو راهه جي پهرينءَ موڙ تان اسان کان پرڀرو نڪري وڃن.

اسان هڪ راهه پار ڪئي ته امالڪ هڪ پوڙهو شخص سامهون اچي ويو. هو اسڪول جو ماستر ٿي لڳو اسان ايترو ته سندس ويجهو پهچي ويا هئاسين، جو هن جو اسان کان بچي نڪرڻ محال ٿي پيو. قانون مطابق هن پوليس واري کي عزت ۽ احترام سان سلام ڪيو ۽ فرض طور منهنجي منهن ۾ ٽي ڀيرا ٿُڪيو ۽ وڏي آواز سان چيائين ”سوئر، بي غيرت ۽ قوم جا ويري!“ هي عمل پورو ڪندي هُن جو گلو خشڪ ٿي رهيو هو. مون به قانون جي احترام ۾ پنهنجي ڦاٽل آستين سان منهن صاف ڪيو. منهنجي پٺن تي هڪ زوردار ڌڪ لڳو ۽ زوردار آواز سان منهنجا ڪن ٻُرڻ لڳا.

پهرين ضرب جو پهريون قدم! واقعي اهو ڌڪ ان سزا جي پهرين وک هئي! جو مان ڀوڳڻ پئي ويس، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو ماستر ٻئي طرف نڪري ويو، باقي سمورو رستو هڪ خالي ٿانء جيان لڳي رهيو هو.

هر شخص اسان کان پرڀرو مٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو مان آخر اتي پهچي ويس، جتي آندو پئي ويم گهگهو جو آواز ڪنين پيم هي مزدورن جي لاءِ سگنل هو ته ڪم کان واندا ٿي هٿ مُنهن ڌوئي وٺن ۽ قانون پٽاندڙ خوش خُرم ۽ مطمئن نظر اچڻ لڳن، ته جيئن کين هر ڏسڻ وارو چئي سگهي ته مزدور ڪم کان واندا ٿي خوشي محسوس ڪري رهيا آهن، ضرورت کان وڌيڪ خوشيءَ جو اظهار به نه هئڻ گهرجي.

انتهائي خوشيءَ جو اظهار صرف صبح جو ڪرڻ کپي ته جيئن خبر پوي ته مزدور ڪم تي وڃڻ مهل ڪيڏا نه سرها هوندا آهن. راهه ۾ مزدورن کي ڳائيندو وڃڻ گهرجي، خوش قسمتي سان گهگِهو مزدورن جي فيڪٽري کان نڪرڻ کان ڏهه منٽ اڳ وڄندو آهي، جي هو گهگهو وڄندي ئي ٻاهر اچن ها ته هُنن مزدورن کي قانون جي احترام ۾ منهنجي منهن ۾ ٽي ڀيرا ٿڪڻو پوي ها ۽ گار سان گڏ ”قوم دشمن“ جو نعرو پڻ هڻڻو پوي ها.

جتي مونکي آندو پئي ويو، سو هڪ معمولي گهر جيان لڳي رهيو هو. سڀ کان پهرين، پَهري تي بيٺل ٻن سپاهين پنهنجي رائفلن جي ڪُنداقن سان منهنجي پٺن کي چُٽيو اندر ڪمَري ۾ هڪ ڊگهي ميز پيل هئي، ان تي ٽيليفون رکيل هئي، ميز جي ڀر ۾ به ٻه ڪرسيون پيل هيون ۽ باقي ڪمرو خالي هو. مون کي ڪمري جي سامهون بيهاريو ويو، ميز جي ڪنڊ وٽ ڪو شخص فولادي خول پايو ويٺو هو. هڪ شخص پوئين پاسي کان داخل ٿيو ۽ ماٺڙي ڪري ٻيءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. کيس ڀوري رنگ جي وردي پهريل هُئي. پوليس جي جاچ شروع ٿي.

”تنهنجو پيشو؟“

”سو ته اوهانجي سامهون آهي ڪامريڊ!“

”تايرخ پيدائش“؟

”پهرين جنوري 1901ع“

”گذران جو وسيلو“

”جيل ڪاٽڻ“

”ڪٿي ۽ ڪيترا ڏينهن رهئين“

جيل نمبر 12- ڪوٺي نمبر 13 مان اڃا ڪالهه آجائي نصيب ٿي اٿم“

”آجائي جا حڪم احڪام؟“ مون کيسي مان ڪجهه ڪاغذ ڪڍي کين پيش ڪيا. ”ڏوهه ڪهڙو ڪيو هُيئي؟“

”خوش و خرّم ڏٺو ويو هئم“ ٻنهي آفيسرن هڪ ٻئي ڏي نهاري حڪم ڏنو ”صاف صاف ٻُڌاءِ؟“

”سائين هڪ آفيسر جي موت تي حڪومت پاران فرمان جاري ڪيو ويو هو ته هر شخص غمگين نظر اچڻ گهرجي ۽ پوري ملڪ ۾ سوڳ ملهايو وڃي.

هڪ پوليس واري مون کي جهلي ورتو ۽ الزام مڙهيائين ته منهنجا لڙڪ خوشيءَ جا آهن ۽ منهنجو چهرو خوش و خُرّم نظر اچي رهيو آهي“

”ڪيتري مدت جي سزا ملي هُيئي؟“

”پنجن سالن جي“

جانچ ختم ٿي چڪي هئي ۽ پوءِ ڪيترائي سپاهي مون تي حملي آور ٿيا. ڪافي ماريو ڪٽيو ويم ۽ پوءِ ڏهن سالن جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويم. مون سوچيو!

جڏهن جيل کان ٻاهر ايندس ته چهري کي اتي ئي ڪٿي پوري ايندس.

هيءَ ڪهاڻي

فرانز ڪافڪا / قاسم ڪيهر

” هيءَ ڪهاڻي سڄي ڪائنات جي آهي. هن کي دنيا جي هر ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. سڀني اسڪولن جي ڪارن بورڊن تي اها ئي ڪهاڻي لکي ويندي آهي. مائرون پنهنجن ٻارن کي ٿڃ پياريندي ان جي باري ۾ سوچينديون آهن. پيار محبت ڪرڻ وارا سرگوشين ۾ اهائي ڪهاڻي بيان ڪندا آهن. سپاهي ميدان جنگ ڏانهن ويندي اها ئي ڪهاڻي ورجائيندا آهن. دڪاندارن ۽ گراهڪن جي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڪهاڻي جو ورجاءُ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. مذهبي تقريرن ۾ انجو ذڪر ڪيو ويندو آهي. اها روزانو اخبارن ۾ شايع ٿيندي آهي ۽ مسافر سفر دوران ان کي پڙهڻ کانپوءِ ڀر واري کي پڙهڻ لاءِ ڏيندا آهن. مطالعه خانن ۾ تاريخدان ان ڪهاڻيءَ جي قدامت تي حيران ويٺا ٿيندا آهن. ٽيليگرام ان لاءِ ئي ايجاد ٿيو هو ته اها ڪهاڻي دنيا ۾ تيزي سان ڦهلائي سگهجي. قديم آثارن جي تلاش ۾ ڪيل کوٽاين مان اهائي ڪهاڻي نڪرندي آهي. وڏين ڊگهين عمارتن جون ڏاڪڻيون ان ڪهاڻي کي ڇت تائين وٺي وينديون آهن. ڏيساور جا سياح اڻ ڏٺل جڳهن تي ان ڪهاڻي جي ڳالهه ڪڍندا آهن پر انهن کان پهرين وحشي نسلن جا فرد اتان جي ماڻهن سان ان جو ذڪر ڪري چڪا هوندا آهن. ستارا اهائي ڪهاڻي ٻڌائيندا آهن. شام جي سمي ڍنڍن جي شفاف پاڻيءَ ۾ ان جو طئي عڪس نظر ايندو آهي. درياهه جون لهرون اُن کي ئي جبلن جي هيٺان وهائي کڻي اينديون آهن پر بادل ان کي ٻيهر چوٽين تي وڇائي ڇڏيندا آهن.

۽ تون… تون هتي ويٺو ان ڪهاڻي جي بي مهلي ۽ بي تعلق هجڻ جي شڪايت ٿو ڪرين. تو يقينن پنهنجو ننڍپڻ ڏاڍو تلخ گذاريو آهي.

[عالمي ادب]

رڳو مرڻ لاءِ جيئڻ ۾ ڪو مزو ناهي

مئڪسم گورڪي / ولي رام ولڀ

ٻڌايو، اوهان ڪنهن کي هونئن ئي ياد ڪندا آهيو؟ نه نه؟ ياد اُنهن کي ڪيو ويندو آهي، جيڪي متاثر ڪندا رهيا هجن. يادگيرين ۾ اُهي واقعا ۽ ڳالهيون رهنديون آهن، جيڪي ياد ايندڙ جي تعلق ۾ رهندي ظاهر ٿين. وهنوار جي سطح تي … ڪردار جي طور تي…! اهي ڳالهيون مثال بڻجي وينديون آهن ۽ اسان کي سُڌ پوندي آهي ته فلاڻو شخص مؤثر ۽ مهان ڇو ۽ ڪيئن ٿيو! چيخوف جي حوالي سان سندس زندگيءَ جو هيءَ داستان مئڪسم گورڪي جي زباني پيش ڪجي ٿو.

ولي رام ولڀ

ڪُچڪ – ڪوايه ڳوٺ ۾ چڄيخون وٽ ٿوري زمين ۽ اڇو ٻماڙ گهر هو. هڪ ڀيري هن مون کي پنهنجي ڳوٺ سڏايو… ۽ مون کي پنهنجي انهي نالي ماتر ”جاگير“ ۾ سير ڪرائيندي ڏاڍي اُتساهه سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو…

”جيڪڏهن مون وٽ پيسو هجي ها ته مان هتي بيمار اُستادن لاءِ هڪ سينيٽوريم جوڙايان ها. ڏاڍو خلاصو، کليل، هوادار ۽ روشن… وڏيون وڏيون ڇتيون، وڏيون وڏيون دريون… هڪ شاندار لئبريري، ماکيءَ جي مکين جو مرڪز، ڀاڄين جون واڙيون، گلن جو باغيچو ۽ هر قسم جي سنگيت ۽ ساز هجي ها انهيءَ سينيٽوريم ۾، انهيءَ ۾ پوک ۽ تارن جي علم تي به ليڪچر ٿين ها… سمجهيئه! اُستادن کي گهڻي ڄاڻ هئڻ گهرجي، تمام گهڻي …! پوءِ هو ماٺ ٿي ويو. ڪجهه کنگهي، پوءِ ٽيڏي نگاهه سان مون کي ڏسندي مُرڪي ڏنائين. هن جي انهي مُرڪ ۾ ڏاڍي ڪشش هئي، جنهن کي ڏسي ڪو به کيس لڳاتار ٻڌندي رهڻ تي مجبور ٿي پوي ها.

مون کي ائين تجسس ۾ ڏسي هو وري چوڻ لڳو، ”منهنجي خوابن جا تفصيل ٻڌي تون بيزار ٿيڻ لڳو آهين. شايد! پر مون کي انهن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ڏاڍو وڻي ٿي. ڪاش! تون محسوس ڪري سگهين ته ڳوٺن ۾ لائق، سمجهدار ۽ اربيل اُستادن جي ڪيڏي ضرورت آهي. پنهنجي ملڪ ۾ اُستادن لاءِ جلد کان جلد اسان کي بهترين حالتون پيدا ڪرڻيون آهن، انهن جي آسپاس هڪ ماحول تيار ڪرڻو آهي، ڇو ته ڳوٺن جي رهواسين کي جيڪڏهن گهڻن پاسائين سکيا نه ڏني ويندي ته ملڪ انهيءَ عمارت وانگر ڊهي پوندو، جنهن جو بنياد ڪَچين سرن جو رکيل هجي. انهيءَ ڪري تمام ضروري آهي ته اُستاد کي اداڪار به هئڻ گهرجي، ڪلاڪار به اديب به… ۽ کيس پنهنجي ڪم سان چرين وانگر پيار ڪرڻ گهرجي!… جيتوڻيڪ هِتي حالت اها آهي ته اسان جا اُستاد ته کاٽي کڻندڙ مزدورن وانگر… پڙهيل لکيل اڻ پڙهيل آهن. اهي ايڏي بي دليءَ سان اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن، ڄڻ ڏيهه نيڪالي ڏيڻ تي کين گهر ڇڏڻو پئجي ويو هجي!

انهي جا ڪيترائي ڪارڻ آهن… اسان جا استاد بُک ۽ بيحالي جا شڪار آهن. انهن جي دماغ ۾ نوڪري وڃائڻ جو خطرو هميشه لامارا ڏيندو رهندو آهي، انهن مونجهارن ۾ ڦاٿل اهي ڪڏهن ڪجهه نٿا سکي سگهن… جڏهن ته هڪ ماستر کي ته ڳوٺ جو اعلى شخص هئڻ گهرجي، جو هارين جي هر سوال جو جواب ڏئي سگهي. سندس عقلمندي جي بنياد تي سڀ سندس عزت ڪن! ۽ هتي حال اهو آهي جو اسان جي ملڪ ۾ سڀئي اُستادن جي بي عزتي ڪندا آهن. ڳوٺ جو پوليس وارو، سرمايه دار، مُلان، وڏيرو ۽ اسڪول انسپيڪٽر، جيڪي تربيت کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي بدران رڳو گسيل پٽيل اصول لاڳو ڪرڻ ۾ ئي رڌل رهندا آهن!… اُستاد، جن کي عوام جي تربيت ڪرڻ جو فرض سونپيو ويو آهي، کين نالي ماتر اُجرت ڏيڻ بيهودگي آهي!…”حڪومت جا مخالف“ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ اهڙو لفظ بڻجي ويو آهي، جن جو نالو وٺي چالاڪ ماڻهو، جاهلن کي ڊيڄاريندا- ڌمڪائيندا رهندا آهن…، اهو بيحد ڌڪار جوڳو ڪم آهي… هڪ وڏي ۽ اوچي ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ جو مذاق ڪرڻ آهي… توکي ڇا ٻڌايان، ڪنهن اُستاد سان ملندو آهيان ته سندس مسڪيني ۽ بي حالي ڏسي سن ٿي رهجي ويندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته لڳندو آهي ڄڻ سندس انهي حالت لاءِ ذميوار خود مان آهيان…سچ، مان ائين ئي محسوس ڪندو آهيان!“ هڪ کن لاءِ روڪجي هُن پنهنجو هٿ اڳتي وڌايو ۽ چيائين، ”ڪيڏو نه اجايو ۽ گندو آهي، اهو سڀ!“ سندس اکين ۾ ڏک جهلڪڻ لڳو. لوندڙين تي گهنجن جو موهيندڙ ڄار اُڀري آيو ۽ سندس شخصيت وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي پر هن هونئن ئي ساڄي – کاٻي ڏٺو ۽ پاڻ تي ئي کلڻ لڳو، ”ڏٺئه نه، مان ته توکي ڪنهن وڏي اخبار جو ايڊيٽوريل ٻڌائي ويس. هاڻي اچ، ايڏي صبر سان ٻڌندي رهڻ لاءِ توکي چانهه پياريان!

هو ائين ئي ڪندو هو، ڳنڀير، گهري ۽ ڪم جون ڳالهيون ڪندي ڪندي ڄڻ پنهنجين ڳالهين جو مذاق اڏائي ڇڏيندو هو. سندس انهي مذاق جي پٺيان ڪجهه نه ٿيندي رهڻ جي تڪيلف صاف صاف سڃاڻي سگهبي هئي. اُها تڪليف، جنهن مان لفظن ۽ سپنن جي قيمت ڀلي ڀانت معلوم ٿئي ٿي.

 

ڪتن سان ريس!

اسان گهر ڏانهن موٽي رهيا هئاسين. اُهو اُس وارو سهامڻو ڏينهن هو. سج جي رنگ وکييرندڙ چمڪندڙ ڪرڻن ۾ لهرن جا سُر، سنگيت پيدا ڪري رهيا هُئا. وڻڪار ۾ ڪٿي ڪو ڪتو پنهنجي ئي خوشي ۾ مست، ڪوڪاٽ ڪري رهيو هو. چيخوف منهنجو هٿ جهلي ورتو ۽ کنگهندي چيائين، ”ڏاڍي شرم ۽ افسوس جي ڳالهه آهي، پر سچ آهي ته گهڻا ماڻهو ڪتن سان ريس ڪندا آهن…!“ پوءِ کلندي چيائين، ”مان جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهيان، اهي پوڙهن جون ڳالهيون آهن… شايد مان پوڙهو ٿيندو پيو وڃان!“

پنهنجي پسند جي ڳالهه!

چيخوف بي حد سرل سڀاءُ جو هو ۽ اهائي سندس شخصيت جي سونهن به هئي. کيس اهو سڀ ڪجهه وڻندو هو، جيڪو سرل هو. سچ هو، بنان ٺڳيءَ جي هو، پنهنجي واقفڪارن کي به سرل بنائڻ جو سندس پنهنجو ئي انداز هو.

هڪ ڀيري ٽي ڏکيل چٽيل عورتون ساڻس ملڻ آيون. سندن ريشمي ڪپڙن جي سرسراهٽ ۽ عطر جي سڳنڌ ڪمري ۾ ڦهلجي وئي. اُهي چيخوف جي سامهون ويهي، منهن کي موڙا ڏيندي، سياست ۾ پنهنجي گهيري دلچسپي ظاهر ڪندي پڇڻ لڳيون:

”جنگ جو نتيجو ڇا نڪرندو؟

چيخوف ڪجهه سوچيندي ڳنڀيرتا ڀريل پر نهٺائي سان چيو، ”جنگ جو انت ته امن ۾ ئي ٿيندو.“

”ها، اهو ته ٺيڪ آهي پر ڪير جيتيندو؟ يوناني جيتيندا يا تُرڪ؟“

”جيڪو طاقتور هوندو، اُهو ئي جيتيندو“.

”اوهان کي طاقتور ڪير ٿو لڳي؟

”جنهن کي سٺي ماني ملي ٿي ۽ جيڪو وڌيڪ تربيت يافته آهي؟“

”واهه ڪهڙي ڳالهه ڪجي!“ هڪ عورت ٽڙي پيئي، ”هونئن اوهان کي ڪير وڌيڪ پسند آهي؟ يوناني يا تُرڪ؟“

چيخوف اُنهيءَ عورت کي هڪ نظر ڏٺو ۽ چپن تي ڏاڍي پنهنجائپ جي مُرڪ آڻيندي چيائين، ”مون کي نه ميوي جو مُربو وڌيڪ پسند آهي!“

”مون کي به …مون کي پسند آهي!“

”ڏاڍو ذائقيدار ٿيندو آهي مُربو!“ ٻي عورت به ڳالهائڻ لڳي ۽ اُهي ٽيئي ٽهڪ ڏيئي مُربن جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳيون، هيستائين اُهي رڳو ڏيکاءُ لاءِ پنهنجي پنهنجي ڄاڻ جو مظاهرو ڪري رهيون هيون، کين يونانين ۽ تُرڪن جي موضوع تي گفتگو ڪرڻي پيئي هئي، جن جي باري ۾ انهن ڪڏهن غور وفڪر به نه ڪيو هو. اُهي خوش هيون جو هاڻي کين بي سبب دماغ تي زور نه وجهڻو پوندو. شايد انهي ڪري وڃڻ وقت ٽنهي عورتن چيخوف سان وعدو ڪيو ته اُهي هن لاءِ کوڙ سارو مُربو موڪلينديون.

اُهي هليون ويون ته مون چيو، ”ڏاڍي مزيدار گفتگو ٿي!“

چيخوف هوريان کليو، ”هر ماڻهو کي پنهنجي ئي دلچسپي جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي!“

ڏوهه، سزا ۽ گراموفون

هڪ ٻئي موقعي تي وٽس هڪ نوجوان وڪيل آيو. هو سندس سامهون بيهي پنهنجي گهنڊيدار وارن کي پويان جهٽڪي، ڏاڍي خود اعتمادي سان چوڻ لڳو، ”اوهان جي ڪهاڻي ”ڏوهاري“ منهنجي اڳيان ڏاڍو پيچيده مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن مان اهو مڃي وٺان ته انهي ڪهاڻي جي ڪردار ”ڊينس“ ۾ ڏوهه جي خواهش موجود آهي ته مان اکيون ٻوٽي کيس جيل موڪلي ڇڏيان، ڇو ته انهيءَ ۾ سماج جو فائدو آهي، پر هو صفا جهنگلي آهي. کيس ڏوهه جي ڪا خبر ئي ناهي. انهيءَ ڪري مون کي مٿس ترس ئي اچي ٿو پر جيڪڏهن مان اهو سمجهي وٺان ٿو ته ڊينس اهي بُرا ڪم پنهنجي بيوقوفي جي سبب ڪري ٿو ته سماج کي ڪيئن ڀروسو ڏياري سگهجي ٿو ته جيڪي ٿيو سو ٿيو، هاڻي ڊينس ريل جون پٽڙيون نه کوليندو ۽ ريل گاڏيون اونڌيون نه ڪندو؟ اها منهنجي پريشاني آهي ۽ هاڻي اوهان ئي ٻڌايو، ڇا ڪيو وڃي؟“

چيخوف چيو، ”جيڪڏهن مان جج هجان ها ته ڊينس کي آزاد ڪري ڇڏيان ها.“

”ڪيئن؟ ڪهڙي آڌار تي؟“

”مان کيس چوان ها… دوست، تون اڃا تائين پيشه ور ڏوهاري نه ٿئين. ڀڄي وڃ ۽ وڃي ڪجهه سک!“

وڪيل کليو پر وري ڳنڀير ٿي ويو. ”نه چيخوف صاحب، انهي مسئلي جو حل هر صورت ۾ سماج جي فائدي ۾ ٿيڻو آهي، اُنهيءَ سماج جي فائدي ۾ جنهن جي زندگي جي تحفظ جو بار منهنجي ڪلهن تي آهي. ٺيڪ آهي ته ڊينس جهنگلي آهي… پر هو ڏوهاري ته آهي… ۽ اهو سچ به آهي.“

”اوهان گراموفون ٻڌڻ پسند ڪندا آهيو؟“ تنهن تي چيخوف ڳالهه بدلائي ڇڏي.

”جي ها، بيحد! ڏاڍي خوبصورت ايجاد آهي، اهو گراموفون!“

”پر مان انهيءَ جو رينگٽ سهي نٿو سگهان“.

”ڇو؟“

”جڏهن ٻڌو تڏهن گانو…گانو…!“ ڪو مزو ناهي منجهس! انهيءَ جا سُر به کوکلا ۽ بي دم هوندا آهن!… خير، ڇا اوهان کي فوٽو گرافيءَ جو به شوق آهي؟“

وڪيل دراصل فوٽوگرافيءَ جو ئي شوقين هو، هو بيحد دلچسپيءَ سان انهيءَ جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳو، هاڻي کيس اُنهي خوبصورت ايجاد – گراموفون ۾ ڪا دلچسپي نه هئي، چيخوف جي نظر کيس پهرين ئي تاڙي ورتو هو. سندس وڪالت نامو ڪٿي پري وڃي ويٺو ۽ سندس ڊريس جي اندران هڪ جيئرو ۽ دلچسپ انسان جهاتي پائڻ لڳو جو زندگي جي مشڪلاتن جي باري ۾ ايترو ئي اناڙي هو، جيترو پهريون ڀيرو شڪار ڪرڻ لاءِ نڪتل ڪوئي ٻلو!

وڪيل صاحب کي دروازي تائين ڇڏي اچڻ کانپوءِ چيخوف ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، ”هه هه! ههڙي قسم جا ڇوڪرا انصاف جا ٺيڪيدار بڻجي انسانن جي قسمت جا فيصلا ڪندا آهن!”…۽ ٿورو ماٺ ٿي چيائين، ”مدعي هميشہ مڇي ئي جي شڪار ۾ مزو وٺندو آهي!“

انهن کي نه پڙهو!

هُو ڇسائي جو ٻول پڌرو ڪرڻ ۾ هوشيار هو. اهو هڪ اهڙو فن آهي، جنهن تي رڳو اهو ئي عبور حاصل ڪير سگهي ٿو، جيڪو سماجي زندگي جي باري ۾ پنهنجو فرض محسوس ڪندو هجي…هڪ اهڙو فرض جيڪو انسان ۾ سادگي، سونهن ۽ دٻدٻو ڏسڻ جي خواهش سان معمور هجي. هو ڇسائيءَ جو ڪٽر نقاد هو.

ڪنهن ساڻس شڪايت ڪئي، ”فلاڻي اخبار جا ڳنڀير حصا ڏُکيا ۽ بيزار ڪندڙ هوندا آهن!“

”اهي بلڪل نه پڙهو!“ چيخوف ڏاڍي ڀروسي سان راءِ ڏني، ”اهي سهڪاري رچنائون هونديون آهن.…اهڙو ساهت جنهن کي ڪريسنوف، چرنوف ۽ بيلوف يعني ”ڳاڙهو“، ”ڪارو“ ۽ ”سفيد“ لکندا آهن. هڪ ليک لکندو آهي. ٻيو تنقيد ڪندو آهي ۽ ٽيون ٻنهي جي جاهلپڻي جو رعب وهاريندو رهندو آهي. اهو ته ”ڊمي“ گڏ کڻي تاش کيڏڻ جهڙو ڪم آهي. افسوس آهي جو اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کان به ڪڏهن نٿا پڇن ته آخر پڙهندڙ کي انهن سڀني جي ڪهڙي ضرورت آهي!“

آفيسر بنجون يا عقلمند!

لاڳيتو بيمار رهڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن هو پاڻ تائين محدود ٿي ويندو هو، انهن ڏينهن ۾ هو ٻاهر جي ماڻهن سان ملڻ قطعي پسند نه ڪندو هو.

انهن ڏينهن کيس خشڪ کنگهه هئي، صوفي تي ليٽئي ٿرماميٽر سان کيڏندي چوڻ لڳو، ”رڳو مرڻ لاءِ جيئڻ ۾ ڪو مزو ناهي… پر اها خبر هوندي به ته اسان وقت کان اڳ مري وينداسين، برابر جيئرو رهڻ بلڪل جاهلپڻو آهي!“

هڪٻئي موقعي تي هو دريءَ مان سمنڊ کي نهاريندي هوريان هوريان چوڻ لڳو، ”اسان کي سٺي سڦل، سُک ڏيندڙ موسم ۽ بيحد محبت جي مرگهه ترشنا ۾ شاهوڪار ٿيڻ يا پوليس آفيسر بڻجڻ جي ڪوڙي اميد ۾ جيئڻ جي عادت ٿي پئي آهي. پر مون اڄ تائين ڪنهن کي وڌيڪ عقلمند بڻجڻ جو خواهشمند نه ڏٺو. اسان پنهنجو پاڻ ۾ سوچيندا آهيون.… نئين زار جو راڄ پهرين کان بهتر ۽ ٻه صديون بعد اڃا به سٺو ٿي ويندو!… پر ڪو به اها ڪوشش نٿو ڪري ته اهي چڱا ڏينهن سڀاڻي ئي اچي وڃن، جڏهن ته ساري زندگي روز بروز ڏُکي ٿيندي پئي وڃي… پنهنجي مرضيءَ سان هلندي پيئي وڃي… زندگي کان منهن موڙيندي پيئي وڃي… ڪنهن مذهبي جلوس ۾ منڊي ٽنڊي فقير وانگر!“

هڪدم ملندي آهي خوشي!

هن جون اکيون ڏاڍيون من موهيندڙ هيون، کلندي منجهن عورتاڻي سونهن اُجاگر ٿي وپندي هئي. سندس خاموشي واري کِل ۾ غضب جي ڪوشش هئي. سدائين ائين لڳندو هو ڄڻ سچ پچ پنهنجي کِل جو لطف حاصل ڪري رهيو هجي. جيڪڏهن چئي سگهجي ته مان به اهو ئي چوندس ته ايڏي معصوم کِل واري ٻئي ماڻهوءَ سان مان ڪڏهن به نه مليو آهيان.

هن جهڙي انسان کي ياد ڪرڻ هميشہ سٺو لڳندو آهي. اهو خوشين جي هڪدم اچڻ وانگر هوندو آهي، جيڪو زندگي ۾ اتساهه ڀري کيس وري گهري ۽ صاف معنى عطا ڪندو آهي.

انسان ڪائنات جو مرڪزي قطرو آهي!

۽ تون پڇين ٿو، سندن برايون…؟ سندن ڪمزوريون؟ اسان سڀ پنهنجي ساٿي انسانن جي پيار جا بکايل آهيون… ۽ جڏهن بک لڳي هجي ته ڪچي ماني به سوادي لڳندي آهي.

 

گورڪيءَ جو هڪ تنقيدي خط چيخوف جي نانءُ

نِجني: 5 جنوري 1900ع

پيارا چيخوف!

مون هاڻي ئي تنهنجي ”ليڊي“ (وڊ دي ڊاگ) پڙهي آهي، خبر اٿيئي ته تون ڇا پيو ڪيرين؟ تون هڪدم حقيقت نگاري جو قتل پيو ڪرين ۽ تون اها تمام جلدي هميشہ لاءِ ختم ڪري ڇڏيندين. اها روپ - رسم اڳيئي پنهنجي ڄمار پوري ڪري چڪي آهي.

پنهنجي ننڍپڻ ڪهاڻين وسيلي تون تمام اهم ڪم ڪري رهيو آهين، عوام ۾ نئين شعور جي روشني ڪري رهيو آهين پر تو جيڪي ڪيو آهي اُهو بيزار ڪندڙ قدم آهي. اها هڪ ڦڪي ۽ ڪُجسي زندگي آهي، جيڪا لڳ ڀڳ مئل آهي. انهيءَ سموري کي شيطان جي حصي ۾ ئي وڃڻ ڏيندس! تنهنجي ”ليڊي“ مون تي ڪجهه اهڙي طرح جو اوچتو اثر ڇڏيو ڄڻ مان پنهنجي زال ۾ شڪ ڪندو هجان. بهرحال مان پنهنجي زال سان وفادار انهي ڪري رهيو آهيان جو ڪابه مناسب عورت منهنجي نظر ۾ نه هئي پر کيس توڙي سندس ڀيڻ جي مڙس کي وٺي، مان اڃا به ڊنل آهيان، منهنجو خيال آهي ته تون پنهنجي ڪهاڻي جي اهڙي انت جي باري ۾ ايستائين نه سوچيو هوندو، تنهن ڪنهن پرڏيهي نالي واري اداڪار (اولگانپِر) سان شادي جي ڳالهه به ٻڌڻ ۾ آئي هئي. جيڪڏهن عورت مئل ۽ گرم مزاج نه هجي ته شادي ڪرڻ چڱي ڳالهه آهي. خط ضرور لکج.

تنهنجو: اي پيشڪاف (مئڪسم گورڪي)

 

چيخوف جو مئڪسم گورڪي کي لکيل هڪ خط!

بالٽا: 3 فيبروري 1900ع

تنهنجو خط مليو – مهرباني

ٽالسٽاءِ ۽ ”انڪل وانيا“ جي باري ۾ تنهنجون سِٽون پڙهيم. ”انڪل وانيا“ کي مان اسٽيج تي نه ڏسي سگهيس. هتي بالٽا ۾ خطن کان سواءِ خوشي سان زنده رهڻ ڪافي مشڪل آهي.

توکي ڦڦڙن جي بيماري آهي ته پوءِ نجني ۾ ڇو رهيو پيو آهين؟ ٿورو سوچ، نجني ۾ توکي ڪهڙي مدد ملي سگهندي؟، انهيءَ شهر کي تون ڇا جي ڪري چهٽيو پيو آهين؟ جيڪڏهن توکي ماسڪو پسند آهي ته لک، تون ماسڪو ۾ ڇو نٿو رهڻ چاهين؟ ماسڪو ۾ ٿيٽر آهن ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي. نجني ۾ رهندي تون ساري ڄمار اڳتي وڌي نه سگهندين. تون گهڻو ڏسڻ چاهين ٿو، ڄاڻڻ چاهين ٿو… پنهنجي نگاهه کي زندهه رکڻ چاهين ٿو. مون کي خبر آهي ته تنهنجو تصور ڪافي تيز آهي، پر اهو اُنهي تندور وانگر آهي، جنهن کي ٻارڻ نه ملي. ڪو به شخص انهي کي محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ خاص ڪري ڪهاڻين ۾ … تون ٻن يا ٽن ڪردارن کي پيش ڪرين ٿو، پر اُهي ڪردار ميڙ کان الڳ رهن ٿا، ڪو به سمجهي سگهي ٿو ته اهي ڪردار رڳو تنهنجو تصور آهن… عوام سان انهن جو ڪو سنٻنڌ ناهي، اها تنقيد مان تنهنجي سٺين تخليقن (جهڙوڪ ”منهنجي سفر جو ساٿي“) جي باري ۾ نٿو ڪريان، تنهنجي سٺين تخليقن ۾ ڪردارن سان گڏوگڏ انهي سموري سرحدن جي جهلڪ ڏسجي ٿي، جتان اُهي آيا آهن، سندن پس منظر ۾ سموريون انساني سچايون لڪل رهن ٿيون. ڏس، مان ڪيڏو ليڪچر ڏئي رهيو آهيان توکي!

هاڻي توکي نجني ۾ نه رهڻ گهرجي. تون هڪ جوان شخص آهين. رشٽ پشٽ آهين، سگهارو آهين، جيڪڏهن تنهنجي جڳهه تي مان هجان ها ته هندستان وڃان ها. اهڙي طرح مان ٻيا ملڪ ڏسان ها. ٻن يا وڌيڪ يونيورسٽين مان ڊگريون وٺان ها. ها، مان بلڪل ٺيڪ ٿو چوان، تون کلندين، پر ڇا ڪريان، چاليهن سالن جي هن ڄمار ۾ دم سان گڏوگڏ ٻين گهڻين بيمارين مون کي گهيري رکيو آهي. خير، هڪ سٺي دوست ۽ ساٿي وانگر تون منهنجي هن پادري جهڙي خطبي جي ڪري ناراض نه ٿج.

مون کي خط لکج، مان ”فوما گارڊيو“ پڙهان پيو… اڃا تائين ڍنگ سان انهيءَ کي ڏنو به نه اٿم.

تنهنجو: چيخوف

۽ پوءِ چيخوف جي موت کانپوءِ، گورڪي لکيو هو:

”مان جڏهن جهڪيل پن – ڇڻيل شام کي ڏسندو آهيان، ڳوٺ جي گهرن تي ڪرندڙ اُس گهرن مٿان بيٺل آڪاش، ته مون کي چيخوف جون ڪهاڻيون ياد اچي وينديون آهن.“

هڪ ڀيري چيخوف، گورڪيءَ کي چيو هو: ”چانڊوڪيءَ کي ڏسڻ لاءِ چنڊ کي ڏسڻ ضروري ناهي. اُنهي ڀڳل بوتل کي ڏسڻ ڪافي آهي، جنهن تي چانڊوڪي پئجي رهي آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com