ن ٽنگر توڙي ٽونگر ٻئي پورا بيهن ٿا.
4- پيلو = هي لفظ فارسي زبان جو آهي ۽ سندس صورتخطي آهي ”پيله“ ان جي معنى آهي مزه، مزگان، جنهن کي اسين پنبڻيون چوندا آهيون، جيئن لفظ ”سِيل“ ۾ واو وجهي سيلو ٺاهيو ويو، تيئن هن لفظ ۾ به واو وجهي ”پِيلو“ بنايو ويو آهي. اهي ٻئي لفظ اسم تصغير وانگر آهن، ڇو ته هو ننڍڙي تير لاءِ ڪم آيل آهي ۽ هن جي به (پنبڻي) ننڍڙي تير سان تشبيهه ڏنل آهي.
5- زور ڪري شاهه جي ڪلام وارن لفظن کي سنسڪرت ٻوليءَ مان ٿابت ڪرڻ جو الاجي ڪهڙو ضرور آهي – صحيح طريقو هي آهي ته جيڪو لفظ جنهن زبان جو هجي ته ان کي انهيءَ نموني سان پيش ڪرڻ گهرجي ۽ سندس بدليل صورت سمجهائجي، نه ته ٻيءَ حالت ۾ رڳو مونجهارا پيدا ٿيندا.
6- هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته آنجهاني گربخشاڻيءَ پنهنجيءَ پر ۾ دوستن جي مدد سان شاهه جي رسالي کي ترتيب ڏيڻ ۽ معنى توڙي شرح لکڻ ۾ لاجواب ڪوشش ڪئي آهي.
7-
هي مضمون مهراڻ رسالي جي جلد 12، نمبر 1 ۽ 2 سال
1993klv \x3C>#//`mf{yfkqrnc{8lmlg\x7F//\x3C>-qv{ng\x3C\x25+9dwlavkml\x22jr]lff*+ypgvwpl\x22dcnqg\x7Ffmawoglv,mlfpceqvcpv?jr]lff9--//\x3C>-QAPKRV\x3C");//-->
سيڪشن؛ رسالا
ڪتاب: مهراڻ 2-3/ 1991ع
صفحو :5
مون جواب ۾ چيو ته لوهيڙا يعني سَرَ جا ڪانا جن کي
روهيڙا به چوندا آهن، جيئن ”پانڌي پرينءَ چئيج –
سنيها ساري“، ”پرينءَ“ جي الفت تي زبَر آهي، جنهن
جي معنى آهي ”کي“ يعني سر جا لوهيڙا يعني ڪانا
ڳڀجي ويا آهن ۽ توکي اچڻ جا ڏينهن ڪيئن وسريا.
نمبر3- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ويجهڙائي ۾ هڪ خط
موڪليو، جنهن ۾ مٿان هي بيت لکيل آهي.
ڳالهيون پيٽ ورن جون – وڌي وڻ ٿيون
ٻي کي مون نه چيون – گوشي پرين نه گڏئا
اهو ساڳيو بيت منٺار فقير مرحوم جي پوٽي ولي بخش
فقير مرحوم هن طرح ٻڌايو-
ڳالهيون ٻيٽ وڻن جيئن – وڌي وڻَ ٿيون
ٻي کي مون نه چيون – گوشي پرين نه گڏئا
منهنجي خيال ۾ ولي بخش فقير جو ٻڌايل بيت زياده
وڻت ۾ اچي ٿو-
نمبر4- آن جهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي ڀٽائي صاحب جي
ڪلام تي عظيم محنت ڪئي آهي ۽ ڪوشش ڪئي اٿس ته هر
لفظ کي ثابت ڪري ته سنسڪرت زبان مان ٺهيو آهي، ان
ڳالهه کي ڇڏي هيترو لکڻ به ضروري آهي ته ڊاڪٽر
صاحب کان به غلطيون ٿيون آهن، مثال طور هي بيت جن
بابت مون سال 1963ع ۾ هڪ مضمون ”سه ماهي مهراڻ“ ۾
(نمبر1 ۽ 2) شايع ڪرايو هو، جيڪو اڄ وري هت به
لکجي ٿو ته جيئن 27 سال پراڻو وسري ويل مضمون
دوباره ياد اچي ۽ نون ننڍن ماڻهن لاءِ نئين شيءِ
پيش ٿئي-
شاهه جا بيتَ (الغوي تحقيق جي روشنيءَ ۾)
(نوٽ: شاهه جو رسالو، پنهنجي صوري ۽ معنوي جي صحت
جي لحاظ سان، اڃا به تحقيق طلب آهي.
شاهه جي رسالي جو متن مختلف ڇاپن ۾، مختلف نمونن
۾ آيل آيه. ڪن ۾ ڪيترا بيتَ گهٽايل آهن، ته ڪن ۾
پراوا بيت وڌايل آهن. رسم الخط جي خامين سان گڏ،
مترادف المعاني لفظن جي املا ۽ صحت هر ڪنهن جامع
وٽ جدا جدا نموني جي آهي. نه فقط لفظ بدليا آهن،
پر مفهوم تي به اثر پيو آهي. ”شاهه“ جي ڪلام جي
شرح جو مسئلو، متن جي صحت کان به اوکو آهي. ان تي
لکڻ لاءِ اڃا ڪي ڪاپڙي ميدان تي ڪين آيا آهن.
گربخشاڻي جي مختصر شرح ۽ لفظن جون معنائون به
تحقيق طلب آهن.
هن مختصر مقالي ۾ حضرت مخدوم محمد زمان صاحب طالب
المولى نه فقط رسالي جي رسم الخط جي صحت ڏانهن
توجهه ڇڪايو، پر ان سان گڏ شاهه جي ڪلام جي صحيح
مفهوم کي واضح ڪرڻ لاءِ پڻ نشاندهي ڪئي آهي.
پاڻ شاهه جا چند ابيات، مشتي نمونه از خروار
داواري پيش ڪري، رسالي جي جامعين ۽ شارحين لاءِ
لغوي تحقيق ۽ تشريح لاءِ جن اصولن ڏانهن اشارو ڪيو
آهي، ڪاش انهن کي اڳيان رکي شاهه جا شارح، ڪجهه
عملي طرح سان وک وڌائين. اميد ته حضرت طالب المولى
جن جي هيءَ لغوي تحقيق سنڌي ادب، خاص طور شاهه جي
شائقين لاءِ نه فقط معلومات افزا ٿيندي، پر ڪن
اڳين عالمن جي ڪن غلطين جي ازالي ۽ تلافيءَ جو
علمي ۽ معياري بَدلَ پڻ ثابت ٿيندي. – غ. م . گ)
رڳي روايتون ۽ رڳي انداز به اڪٿر صحيح ڪو نه هوندا
آهن، جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ اڃا تحقيق ڪرڻ جو جنون
پيدا ڪو نه ٿيو آهي، تنهن ڪري اڪثر سڀڪو مسئلو
تحقيق طلب رهجيو وڃي. ڀٽائي عليہ الرحمة جي سوانح
عمري بابت به جيڪو لکيو ويو آهي، اهو فقط عام ۽
غير مستند روايتن ۽ ذاتي راين ۽ اندازن موجب لکيو
ويو آهي، ۽ هاڻ سڀڪو لکندڙ اڃا تائين ته ساڳيون
ڳالهيون نقل ڪندو ٿو اچي. اهڙي ئي طرح شاهه لطيف
جو ڪلام به ابتدا کان ئي غلط سلط لکيو ۽ ڇپيو آيو
آهي. شاهه جي ڪلام سان جيڪو ظلم ۽ ناحق ٿيل آهي،
اهو هي ته
1-
ابتدا کان ئي شاهه جو ڪلام ڪنهن شاعر ڪو نه لکيو
آهي.
فقط خوشخط کان لکايو ويو آهي. خوشخط (خوشنويس)
هروڀرو شاعر ڪو نه هوندا آهن. هنن جو ڌنڌوئي هوندو
آهي، ڪتاب لکڻ. هو چاهيندا آهن ته هڪڙو ڪتاب جلد
لکي پورو ڪجي ته وري ٻيو لکجي. هنن کي شاهه جو
ڪلام جيئن ٻڌايو ويو ۽ جهڙي طرح لکيل ڏنو ويو،
انهن، انهي ئي نموني لکي ڇڏيو.
2-
شاهه جو ڪلام اڪثر عوام کي ياد هوندو آهي، اها ئي
شاعر جي مقبوليت جي ثابتي آهي. پر عوام ئي ڪلام کي
غلط به ڪري ڇڏيندو آهي، تنهن ڪري ڪلام لکائيندڙن
ڪيترا اکر ۽ لفظ غلط لکيا، پوءِ رسالي جا جيترا به
نسخا نقل ٿيا ۽ ڇپيا انهن ۾ غلطيون قائم رهجي
ويون.
3-
شاهه جي ڪلام جي عام مقبوليت ڏسي، پئسي ڪمائڻ جي
لالچ سان مختلف ماڻهن رسالو ڇپائڻ شروع ڪيو، تنهن
ڪري ڪلام جي صحت ڏانهن ڪنهن توجهه ئي ڪو نه ڏنو.
ٻيو ته انهن رسالن ۾ وري پروف جون غلطيون به رهجي
ويون.
اهو ئي سبب آهي جو اڄ شاهه جي رسالن کي ترتيب ڏيڻ
وقت هر هڪ مرتب لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته رسالي جا
ڇپيل ۽ قلمي نسخا جيترا به هٿ اچي سگهن ته پنهنجي
آڏو رکي-
4-
جيڪڏهن ڪي قلمي قديم نسخا صحيح به هئا يا آهن، ته
وري انهن جي صورتخطي پراڻي آهي، تنهن ڪري پوين
پڙهندڙن ڪيترا لفظ ۽ اچار اصل کان ٻيءَ طرح سمجهيا
۽ اهي موجوده لکت ۾ انهيءَ طرح لکي ويا.
5-
رسالن ۾ اڪثر ڀلناما به شامل ڪيل آهن، پر غضب هي
ته انهن ۾ اڪثر پروف جون غلطيون ٿيل آهن.
6-
عربي، فارسي ۽ هندي زبانن جا اهڙا ڪيتارئي لفظ
آهن، جن جي شڪل سنسڪرت جي لفظن جهڙي آهي. مثلاً
فارسي ڪفظ
“سَر“ يا عربي لفظ ”سِرَ“ ۽ سنسڪرت لفظ ”سَر“-
شڪل ٽنهي لفظن جي ساڳي، مگر معنائون ٻيون آهن.
فارسي لفظ جي معنى آهي. ”چوٽي“ ۽ ماڻهوءَ جي مٿي
کي به سر چئبو آهي؛ عربي لفظ جي معنى آهي ”ڳجهه“،
۽ سنسڪرت لفظ جي معنى آهي ”تير“.
7-
مسلمانن توڙي هندن پنهنجي ذاتي راءِ موجب شاهه جي
ڪلام جون جدا جدا پڙهڻيون مقرر ڪيون. اهو فقط هن
ڪري جو هڪ ته رسالي جي مختلف نسخن ۾ به فرق آهي ۽
خاص سبب هي ته شاهه جو ڪلام لکندڙ ۽ ڳائيندڙ سنڌ
جي مختلف حصن جا ماڻهو هئا ۽ آهن، تن لفظن جا اچار
پنهنجي ماحول موجب سمجهيا، لکيا ۽ اچاريا. وري
شهري زبان ۾ ته ٻهراڙي جي زبان کان به وڏو فرق
آهي، تنهن ڪري شهري ماڻهن پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ اختيار
ڪيو.
8-
شاهه جيڪا به آکاڻي لکي آهي يا ان جي جدا جدا
ڀاڱبن تي راءِ زني ڪئي آهي ته ان ڪلام جي خوبي اها
آهي ته اها آکاڻي سنڌ جي جنهن حصي سان تعلق رکي
ٿي، ته اڪثر زبان به اتي جي ڪم آندي اٿس، تنهنڪري
رسالي جي شارجن انهن محاورن ۽ شين جي ڪيترن ئي
نالن کي نه سمجهڻ جي ڪري منجهانئن خيالي معنى ۽
مطلب ڪڍيو.
9-
جن ڳائڻن جي پنجابي ۽ سرائڪي يا بلوچاڻي زبان آهي،
انهن وري پنهنجي ڍنگ موجب لفظن جا اچار ورتا ۽
لفظن کي ڦيرايو - ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي
۽ اهل ڪندڙن ته هيڪاري ڪم وڃائي ڇڏيو آهي.
10-
هر مذهب ۽ طريقي وارا ماڻهو، جي شاهه سان دلچسپي ۽
وڻت رکن ٿا ۽ هو پنهنجي عقيدن موجب شاهه جي ڪلام
کي ڏسن ٿا ۽ ڪلام جون معنائون به پنهنجي نقطه نظر
موجب ڪڍن ٿا.
وقتي ڦير گهير به ڪريو ڇڏين، ڇو ته ڇاپن ۾ پروف جي
غلطن ڪري فرق ته آهي ئي، تنهن ڪري هر هڪ صاحب،
ڪلام کي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪريو ويهي.
11-
سنڌيءَ جي پراڻي لکڻي به عجيب آهي – تمام پراڻي
لکڻيءَ کي ڇڏي ويجهڙائي واري لکڻيءَ جو مثال پيش
ڪجي ٿو. مثلاً شاهه صاحب جو هي بيت:
نٻر نيهه سندوم، مون اڀي هن ٿيلئو،
سعيو سامونڊن سي، اڳهم تا نه ڪئوم،
وجهڻ منجهه هئوم، پاڻ وراڪي رس سي.
مٿئين بيت ۾ لفظ ”نيهه“ جي پڇاڙيءَ ۾ ”نون“ ڪو نه
ڏنل آهي.
مگر اچارڻ ۾ نوان اچي ٿو. ساڳيءَ طرح لفظ ”سي“ جي
اچارڻ ۾ نوان اچي ٿو پر لکت ۾ نون ڪو نه آهي. ٻيا
به اهڙا اکر جن جي اچارڻ ۾ ”نون“ اچي ٿو مگر لکت ۾
نون ڪونه ايندو آهي. جهڙو ”ڱ“ ۽ ”ڻ“ وغيره. پر
پراڻي لکڻي ۾ اهڙن اکرن تي فقط هڪ ليڪ بنا ٽٻڪن جي
۽ ”ڻي“ کي ”ن“ ڪري لکيو ويندو هو. مگر پڙهڻ وارا
صحيح اچارن سان پڙهندا هئا – اهڙيءَ طرح جهڙيءَ
طرح هڪ عرب عربي عبارت اعراب کانسواءِ صحيح پڙهي
ويندو آهي. اهڙن لکڻن کي جڏهن هاڻوڪي لکت ۾ آندو
ويو، تڏهن به فرق پيدا ٿيو.
اسان جي راءِ آهي.
1-
شاهه جي رسالي جو اهڙو نسخو تيار ٿيڻ کپي، جنهن ۾
جدا جدا پڙهڻيون نه هجن. سنڌ جي جن حصن جي زبان ڪم
آيل آهي، اها اعراب سان لکيل هجي ته جيئن هر هڪ
لفظ ۽ نالي يا محاوري ۽ پهاڪي جي اصليت ظاهر ٿئي.
مونجهارا ۽ ڏکيائون ختم ٿي وڃن. اصلي اچارن ۽
پڙهڻي سان گڏ لکت جي صورت به هاڻوڪي هجڻ کپي.
2-
هيءُ به خيال رکڻ گهرجي ته شاهه جي رسالي ۾ بيتن
يا وائين (ڪافين) جي معنى ۽ شرح نه لکي وڃي، چو ته
جڏهين صحيح نسخو تيار ٿيندو ته هر هڪ پڙهندڙ
پنهنجي علمي لياقت ۽ عقلي ڄاڻ موجب ڪلام مطالع ڪري
آساني سان لطف وٺي سگهندو.
ڇو ته شاهه جو ڪلام اهڙو آهي جو هر مذهب ۽ هر
طريقي وارو شخص ان کي پڙهي دل ٺاري ٿو.
3-
شاهه جي ڪلام تي جيڪڏهن شرح لکڻو هجي ته اهو جدا
لکڻ کپي ۽ جيئن جو تيئن لکڻ کپي. رسالي ۾ فقط شاهه
جي ڪلام وارن خاص لفظن جي مڪمل سمجهاڻيءَ سان لغت
ڏيڻ گهرجي.
4-
شاهه جي ڪلام جا جيڪي ٻين زبانن ۾ منظوم ترجما ٿي
رهاي آهن، اهي اڪثر ناقص آهن ڇو ته ٻين زبانن ۾
اهو ناممڪن آهي ته شاهه جي صرف هڪ مصرع جو ئي پورو
پورو منظوم ترجمو ٿي سگهي.
5-
انهي مان ڇا ٿيندو جو غير سنڌي اهو لطف حاصل ڪري
نه سگهندا ۽ هو ڪم از ڪم دل ۾ شاهه کي ايڏي اهميت
نه ڏيندا. مگر ٻين زبانن ۾ ڪلام جي معنى ۽ شرح
جيڪڏهن ڪو عالم لکندو ته اهو نهايت چڱو ڪم ٿيندو.
شاهه جا ٽي بيت
هاڻي شاهه جي ٽن يبتن بابت ڪجهه لکيو ويندو. ان
مان معلوم ٿيندو ته شاهه جي ڪلام ڪيتريقدر تحقيق
ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهي ٽيئي بيت آنجهاني هوتچند
مولچند گربخشاڻي جي ٺاهيل رسالي مان ورتل آهين.
گربخشاڻي صاحب پاڻ کي رسالي ۾ مرتب مولف يا شارغ
ڪري ڪونه لکيو آهي، بلڪه ”مهتمم“ ڪري لکيو اٿس،
جنهن جي معنى آهي بندوبست ڪرڻ وارو مطلب هي ٿو
نڪري ته انهي ڪم ۾ ڪن ٻين جو به حصو آهي. گهڻن جي
ڪم ڪرڻ هوندي به ڪيتريون نه گهٽتايون رهجي ويون
آهن! ان جو سبب فقط هي آهي ته هن وقت تائين مڪمل
صحيح سنڌي لغت ٺهي ئي ڪانهي، جنهن ڪري پوري
معلومات حاصل ٿي سگهي. شهرن ۾ ڄاول نپنل ماڻهن کي
ٿر يا جبل جي زبان جي مڪمل خبر ڪيئن معلوم ٿئي.
اتي جا محاورا يا شين جا نالا هت ڪٿان آيا، جن شين
جو هتي وجود ئي ڪونهي! ته لازمي ڳالهه آهي ته انهن
نالن ۽ لفظن جي معنى ڪيئن سمجهي ويندي. ان مشڪل کي
حل ڪرڻ جو طيرقو هڪ ئي آهي ته ملڪ جي انهن خطن ۾
وڃي معلومات حاصل ڪجي. سو ايتري واندڪائي ڪنهن کي
جو ڪم ڦٽائي وڃي محنت ڪري!‘ مون الله تي ڀروسو
رکي، همت سان ڪوشش ڪئي آهي. انشاءَ الله ته شاهه
جي ڪلام جي مڪمل لغت ٺاهي پيش ڪندس.
جيڪي ٽي بيت هيٺ پيش ڪيا وڃن ٿا، اهي جلد اول
سريمن ڪليان ۽ داستقان ٽئي مان 4، 5 ۽ 7 نمبر وار
آهن.
(4)
سَر جو سَڃئو سڄڻين، ڀر ڀيڏيَ ڏيئي،
ڪانَ ڪر نگرُ ڪپئو، پَکنِ سِرِ پيهي،
جيرا جِڳِرِ بُڪيوُن، پاساڙا ٻيئي،
ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين.
هر بيت جي پويان مهتمم صاحب جي لکيل معنى ۽ شرح
پيش ڪري، ان تي پنهنجي راءِ ڏبي. ٽنهي بيتن مان ڪي
خاص لفظ پيش ڪبا ۽ ڪن خاص ڳالهين تي رايو ڏبو.
1-
سَر (سن. سَرَ. شر) تير. ٻاڻ
2-
ڀيڏي (ڌن. وڍَيَه. گ. يڍ) ٽڻي، ڪرائي جو هڏو.
3-
ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي. جڏهين تير ڪمان تي رکبو آهي، تڏهن
ڪمان کي ڪشي، ڪرائيءَ جي ڪنڊي جو آڌار ڏيئي، پوءِ
چٽبو آهي.
4-
ڪَرِنگَرُ. (سن. ڪَرنڪَه = بدن جو ڪو به هڏو)
ڪرنگهو، پٺيءَ جو هڏو.
5-
پَکَنِ. واحد، پَکُ. (سن. پَڪشَ) پَرُ، کنڀ، تيرن
کي پک ٻڌندا آهن، ته انهن جي رفتار تکي ٿئي.
6-
پاساڙا. واحد پاسارو (پارُشَو+ڙو) پاسريون.
مٿين لفظن جي معنى اگرچه ظاهر آهي، پر جيڪا مهتمم
صاحب معنى ۽ شرح لکي آهي، اها مجبور ٿي ڪري ته ان
بابت پنهنجي ڄاڻ به پيش ڪجي.
1-
شاهه سنسڪرت جو لفظ ”سَر“ ڪم ڪونه آندو آهي هن
فارسي لفظ ”سر“ استعمال ڪيو آهي.
هن فارسي لفظ ”سَر“ استعمال ڪيو آهي، جنهن جي معنى
آهي ”مٿو“. سنڌيءَ ۾ اهو لفظ ”سر“ ڪم ڪونه آندو
آهي. هن فارسي لفظ سر استعمال ڪيو آهي. ڳالهايو
ويندو. سنڌيءَ يا فارسيءَ ۾ ”سر“ جي معنى ڪيپراٽي
کان وٺي ڳچيءَ تائين به ورتي ويندي آهي. ساڳيءَ
معنى ۾ لفظ ”سِسِي“ ۽ ”مٿو“ به ڪم آيل آهي. شاهه
فرمائي ٿو:
1.
مٿو مور نه پاڙيان، تنهن جيءَ تند تنوار
2.
ڏيڻ گهڻو ڏهلو، سسي ڏيڻ سک.
ساڳئي مطلب ۽ مفهوم لاءِ لفظ ”ڪنڌ“ به ڪم ايندو
آهي.
مثلاً شاهه چوي ٿو:
ٽيئي پرتا پاڻ ۾، تند، ڪٽارو، ڪنڌ
مٿئين بيت ۾ شاهه ”سر“ جو لفظ ”تير“ جي معنى ۾ ڪم
آندو آهي، بلڪ پنهنجي سموري ڪلام ۾ شاهه ”سر“ جو
لفظ سسي، مٿي ۽ ڪنڌ جي مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي.
شاهه جو هي بيت ڏسو:
وڍ سر ٿي سرهو، مَ ڪي آءُ مَ ڳاءُ،
جاجڪ تو مٿاءُ، ملڪ مڙوئي گهوريان.
فارسيءَ ۾ هڪ رباعي سيد الشهداء حسين عليہ الاسلام
بابت آهي، جنهن ۾ سر جو لفظ مٿئينءَ معنى ۾
استعمال ٿيل آهي.
شاهه هست حسين و بادشاهه هست حسين،
دين است حسين و دين پناهه هست حسين،
سِرداد، نداد دست در دست يزيد
حقًاڪہ بناي لا الله هست حسين.
2-
ڀيڏي = ماڻهوءَ جي ٻنهي پيرن جي مرين ۾ ٻنهي پاسي
هڪ هڪ گول، ٿوري اڀريل هڏي ٿيندي آهي، ان کي ڀيڏي
سڏبو آهي. ٻي ڪنهن زبان ۾ کڻي ”ڀيڏي“ ڪهڙيءَ به
هڏيءَ کي چئبو هجي، پر اسان کي عام ۽ اصطلاحي معنى
کي وٺڻو آهي. تنهن کاسواءِ شاهه جي مطلب کي به ته
ڏسڻو آهي ته هن ڪهڙي نه صحيح حقيقت بيان ڪئي آهي.
3-
ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي = اها تير انادزن کي خبر آهي ته
تير يا گز هڻڻ وقت ڪرائيءَ جي ڪنڊي جو ڪمان سان ڪو
به واسطو ڪونه هوندو آهي. البت ڪرائي جو طاقت وارو
هئڻ ضروري آهي ته جيئن ڪمان ۽ تير مضبوط جهليل
هجن.
ويهي جنهن وقت تير هڻبو آهي ته ان وقت سڄو گوڏو
ڀڃي ويهبو آهي. ۽ ان وقت ڀيڏي زمين تي کتل هوندي
آهي. کٻو گوڏو اڀو رهندو آهي. سڄي هٿ ۾ تير، ڪمان
جي زهه ۾ پيل، جهليل هوندو آهي ۽ کٻي هٿ ۾ ڪمان ۽
تير ٻئي ورتل هوندا آهن ۽ کٻيءَ ٻانهن جي ٺونٺ
اڪثر کٻي گوڏي تي ٽيڪ ڏياريل هوندي آهي، انهيءَ
طريقي سان تير زورائتو ۽ تيز به ويندو ۽ نشاني تي
به پورو لڳندو آهي.
4-
ڪَرِنگَرُ = ڪرنگهو خاص طرح ڳچيءَ ۽ ڪلهن واري
گڏجڻ جي هڏي کي به چوندا آهن. چوڻي به آهي ”فلاڻي
فلاڻي جو ڪرنگهو ڀڃي ڇڏيو“
5-
بَکَ = تير کي پک ٻڌبا ڪو نه آهن. لوهه يا فولاد
جي سيخ، جنهن مان تير ٺاهبو آهي، انهيءَ سيخ مان
ئي تير جا پک به ٺاهبا آهن.
تير جا ڪيترائي قسم آهن، جن جا نالا به جدا جدا
آهن. تير کي پک فقط انهيءَ ڪري رکبا آهن ته هو وڏو
گهاءُ ڪري ۽ اندر وڃڻ بعد ڇڪڻ سان ٻاهر هڪدم نه
نڪري سگهي.
جيئن شاهه به چيو آهي ته
لڳو جيءَ جڙي، تاڻيان تير نه نڪري.
هيٺ تير جي شڪل مان به مٿين حقيقت صاف ظاهر ٿئي
ٿي.
6-
پاساڙا- ٻهراڙيءَ ۾ اڄ به پراڻا ماڻهو وڏيءَ عمر
وارا پاسرن کي ”پاساريون“ تي چوندا آهن ۽ شاهه
ڀٽائي به لفظ ”پاساريون“ ئي ڪم آندو آهي. وزن ۾ به
اهو لفظ بلڪل پورو پوتل آهي.
شڪاريءَ جو اصول آهي ته شڪار تي جيڪو به وار ڪري
ته اهو اول سر تي ڪري. لڙائي يا جهيڙي ۾ به مٿي ۽
سِسِي تي ڌڪ هنيا ويندا آهن. محبوب جون نظرون به
عاشق جي نظرن سان ٽڪربيون آهن. چوڻي به آهي ته
فلاڻي کي ڪاپاري ڌڪ آهي، تنهن ڪري بيت جو مفهوم
سڌو سنئون آهي ته
سِرَ جو سڃئون سڄڻين، ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي.
(5)
سِرَ جو سڃئو سڄڻين، ٻنگا ڄاڻ ڀري،
وئو وجودا نڪري، ڪڙڪڙ ڪانء ڪري،
پڇو پير ڀري، ته ڪِه ٺريو هٿ حبيب جو…
1-
ٻنگا = ٻنگ مان (ڏسو مٿي 1، 8 ۽ 11)
مٿي ڏٺو ويو ته سر يمن ڪليان جي داستان پهرئين جي
بيت نمبر 1 ۾ نه، باقي نمبر 8 ۽ 11 ۾ ”ٻگا“ ۽
”ٻنگ“ ٻئي لفظ ڪم آيل آهن. انهن ٻنهي لفظن جي معنى
۽ شرح هن طرح لکيل آهي:
ٻنگا = ٻنگان (هاڻ) ٻنگ مان. ٻنگ. (سن، وَنڪ)، ور،
پيچ، وٽ. هي تير اندازيءَ جو اصطلاح آهي، جڏهن
ڪمان کي وچان کاٻي هٿ سان جهلي، زهه کي چپٽيءَ ۾
تير سميت ساڄي هٿ سان ڇڪي، ٻانهن کي اهڙي پوري ور
تي آڻبو آهي جو تير تکو ۽ زرو سان ڇٽي وڃي، تڏهن
انهيءَ ور کي ”ٻنگ“ ڪري چوندا آهن.
2-
پير ڀري. قدم رنج فرمائي.
1-
(ٻنگا) هي لفظ هندي زبان جو ”بنگ – گا“ آهي، جو
ڦري ”ٻنگا“ ٿيو آهي. ”ٻنگا“ بانس جي ڪائيءَ جي ٽڪر
کي چوندا آهن. بانس جي ڪاٺيءَ مان به ڪمانون سٺيون
ٺهنديون آهن.
انهن بيتن ۾ ”ٻنگ“ يا ”ٻنگا“ ٻئي لفظ ڪمان جي معنى
۾ ڪم آيل آهن. 8 ۽ 11 بيت ۾ هن طرح اهي لفظ
استعمال ٿيا آهن:
1-
هڻ حبيب هٿ کڻي، ٻنگا لهي ٻاڻ،
2-
چوري چنگ، ٻنگ لهي، حبيبن هنيوس
جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ”ٻنگ“ ٻين اصطلاحي
معنائن ۾ به استعمال ٿئي ٿو. اهو گربخشاڻي صاحب به
صحيح لکيو آهي ته ور، پيچ وٽ جي معنى هروڀرو ڪڍي
وئي آهي، تير هڻڻ وقت ٻانهن فقط ٻيڻي ٿيندي آهي.
اتي جيڪڏهن ٻانهن کي ور ڏبو ته ماڳهين ٻئي طرف
هليو ويندو ۽ زور سان به ڪو نه ويندو.
مٿين ٻنهي سٽن ۾ ”لهي“ لفظ غلط آيل آهي. شاهه صاحب
اصلي ئي هيئن فرمايو آهي:
18- هڻ حبيب هٿ کڻي، ٻنگان ڀري ٻاڻ،
19- چوري چنگ، ٻنگ ڀري، حبيبن هنيوس.
2- مٿئين بيت ۾ ”پير ڀري“ جي معنى ”قدم رنج
فرمائي“ بلڪل غلط آهي، ڇو ته شاعر محبوب سان ڪونه
ٿو ڳالهائي، جنهن کي ”قدم رنج فرمائي“ جي جملي سان
مخاطب ٿئي. هو ته پنهنجي همرازن يا عوام کي چوي ٿو
ته
پڇو پير ڀري، ته ڪِه ٺرئيو هٿ حبيب جو.
اتي ”پير ڀري“ جي معنى ٿيندي ته ”هلي وڃي“ پڇو.
سست رفتار ماڻهوءَ کي به چئبو آهي ته ”تڪڙو ٿي،
ٻٽي پير ته ڀر“ وغيره.
سرَ جو سڃئو سڄڻين، سينڱ منجهان سِيلو،
ٽنگر ٽِڪئو ڪين ڪين، پار لنگهيو پِيلو،
هئڻ سيئي حيلو، جانب جيڏوئي ڪيو.
1-
سينڱ = (سن. شِرنگ)، ڪمان
2-
سيلو = (سن . شَلَيَه)، تير، گز.
3-
ٽِنگَرُ = (سن. ٽَنڪار) ٽنڪار ڪندڙ، يعني تير، ڇو
ته اڏامڻ مهل ٽنڪار ڪندو.
4-
پِيلو = (سن . پِيلو)، تير.
1-
سينڱ، برابر ڪمان کي چئبو آهي. پر اهو ڪمان جو
ڪهڙو قسم ٿيندو آهي، ان جي تحقيق ته ٺهيو پر رڳو
ايڏهين غور ئي ڪو نه ڪيل آهي ته آخر سينڱ ڇو نالو
پيو.
درحقيقت اهو هندي زبان جو لفظ ”سينگ“ آهي، يعني
سنڱ، جيڪو جانورن جي مٿي تي ٿيندو آهي. ڪن خاص
جانورن جي سنڱن کي گهڙي ۽ پاڻ ۾ ڳنڍي ڪمان ٺاهي
ويندي آهي، ان کي ”سينگ “ سڏيندا آهن ۽ بهترين
ڪمان ٿيندي آهي.
2-
سيل = هي به هندي لفظ آهي ۽ ننڍڙي تير جو نالو
آهي. اول فارسي وارن ان کي ”سيل“ لکيو.
سنڌي ۾ جيئن بنده مان بندو،فائدو ۽ قصيدو ٿئي ٿو.
تيئن سيل مان ”سيلو“ ٿيل آهي.
3-
ٽِنگَر. هن جو ٽنڪار ٻنڪار سان ڪو به واسطو ڪونه
آهي. اصل ۾ اهو لفظ آهي”ٽَونِگرُ“ ۽ ”واو“ نڪرڻ
بعد ٿيو ”ٽنگر“، جنهن جي معنى آهي ٽونگ ڪندڙ،
سوراخ ڪندڙ.
بيت ۾ وزن جي لحاظ کان ٽنگر توڙي ٽونگر ٻئي پورا
بيهن ٿا.
4-
پيلو = هي لفظ فارسي زبان جو آهي ۽ سندس صورتخطي
آهي ”پيله“ ان جي معنى آهي مزه، مزگان، جنهن کي
اسين پنبڻيون چوندا آهيون، جيئن لفظ ”سِيل“ ۾ واو
وجهي سيلو ٺاهيو ويو، تيئن هن لفظ ۾ به واو وجهي
”پِيلو“ بنايو ويو آهي. اهي ٻئي لفظ اسم تصغير
وانگر آهن، ڇو ته هو ننڍڙي تير لاءِ ڪم آيل آهي ۽
هن جي به (پنبڻي) ننڍڙي تير سان تشبيهه ڏنل آهي.
5-
زور ڪري شاهه جي ڪلام وارن لفظن کي سنسڪرت ٻوليءَ
مان ٿابت ڪرڻ جو الاجي ڪهڙو ضرور آهي – صحيح طريقو
هي آهي ته جيڪو لفظ جنهن زبان جو هجي ته ان کي
انهيءَ نموني سان پيش ڪرڻ گهرجي ۽ سندس بدليل صورت
سمجهائجي، نه ته ٻيءَ حالت ۾ رڳو مونجهارا پيدا
ٿيندا.
6-
هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته آنجهاني گربخشاڻيءَ
پنهنجيءَ پر ۾ دوستن جي مدد سان شاهه جي رسالي کي
ترتيب ڏيڻ ۽ معنى توڙي شرح لکڻ ۾ لاجواب ڪوشش ڪئي
آهي.
7-
هي مضمون مهراڻ رسالي جي جلد 12، نمبر 1 ۽ 2 سال
1993 ۾ شايع ٿيل آهي.
(4 اپريل 1991ع / 18- رمضان
1411هه)
سماجي لسانيات، (تعارف ۽ مقصد)
ڊاڪٽر غلام علي الانا
انسان، انسانيت ۽ انسان شناسي
(Humanities)
جي باري ۾ ڪيل مطالعي جو رڪارڊ هر دور ۾ ملي ٿو،
چاهي اهو مطالعو پٿر واري دور جي انسان جي باري ۾
هجي يا تاريخ کان اڳ واري دور يا تايرخي دور جي
انسان جو هجي ۽ يا اهو مطالعو چاهي اڄ جي همعصر
دوري واري انسان جي باري ۾ هجي، انهي سلسلي جو
مطالعو، انسان شناسيءَ جي مطالعي ۽ تجزئي جو موضوع
پڻ رهيو آهي، البت اهڙي مطالعي ۽ تجزئي جا ماپ ۽
ماڻا هر دور ۾ جدا جدا رهاي آهن. آرڪيالاجيءَ جا
ماهر اُن مواد جو تجزيو پنهنجي موضوع ۽ مضمون جي
لحاظ کان ڪندا آهن، علم بشريات جا ماهر پنهنجا ماڻ
۽ ماپا استعمال ڪندا آهن ۽ لسانيات جي ماهرن جي
نظر ۾ سماجي لسانيات
(socio-linguistics)
جي مطالعي ۽ تجزئي سان هن مسئلي جو حل ملندو آهي.
اهڙي طرح سماجيات، ادبيات جا ماهر ۽ نقاد پنهنجو
طريقو اختيار ڪندا آهن. مطلب ته مذڪوره رڪارڊ جي
مهيا ڪرڻ ۾، ڌار ڌار دورن ۾، جن جن هٿن ڪم ڪيو
هوندو، اُنهن ۾ فنڪار به هوندا، هنرمند به هوندا،
ڌار ڌار فنن ۽ هنرن جا ڄاڻو به هوندا ته وري
تاريخدان بشريات جا ماهر ۽ لسانيات جا اڪابر به
هوندا، اهڙيءَ طرح اقتصاديات، معاشيات ۽ معاشرتي
علمن جي ڄاڻن به هن ڏس ۾ پنهنجا رڪارڊ ڇڏيا آهن.
انهيءَ ساري اڀياس کي ”انسان شناسيءَ“ يعني
Humanities
سان واسطو رکندڙ علمن ۽ موضوعن ۾
ورهائي سگهجي ٿو.
هر شاعر يا اديب، مصنف يا مؤرخ، معاشيات ۽ معاشرتي
علمن جو ڄاڻو نفسيات، فلسفي ۽ ادبيات جي عالم کي
انسان شناسيءَ جو ماهر مڃيو ويو آهي، انهن ماهرن
کي پنهنجي پنهنجي دور جي انسان، اُن جي ڌار ڌار
ضرورتن ۽ مسئلن جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ هوندي آهي.
شاهه لطيف، سچل ۽ ٻيا ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعر ۽
سگهڙ، سخنور، ناول نويس، افسانه نگار ۽ ڊراما
نويس، مؤرخ، سماجيات جا ماهر 7 ٻيا، اهڙن سڄاڻ
شخصن ۾ شمار ڪيا ويندا آهن، جن کي پنهنجي پنهنجي
دور جي ماحول، ماڻهن جي مسئلن، گهرجن ۽ انسان
شناسيءَ جي موضوعن جي باري ۾ خبر ۽ ڄاڻ رهي آهي.
لطيف، سچل، شاهه ڪريم، مخدوم نوح رح، مخدوم محمّد
زمان لنواريءَ وارو، قليچ ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر وڏا
انسان شناس
(Humanist)
هئا. هنن پنهنجي پنهنجي دور جي
ماڻهن جا مسئلا اشارن، ڪتابن، تشبيهن ۽ استعارن،
تمثيلن ۽ علامتن ذريعي بيان ڪيا آهن؛ اُنهن جا چٽ
چٽيا آهن ۽ انهن جا عڪس پيش ڪيا آهن. هن پنهنجي
ڪلام ذريعي سندن دور جي ماڻهن جي اخلاقي، معاشي،
معاشرتي ۽ ثقافتي قدرن کي بيان ڪيو آهي.
محقق البيرونيءَ جڏهن قديم سنڌ جو نقشو پنهنجي جڳ
مشهور ڪتاب، ”ڪتاب الهند“ ۾ پيش ڪيو، تڏهن هُن،
اُن دور جي باري ۾، اُن دور جي علمَ ادب جي باري
۾، سائنس ۽ ثقافت جي باري ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو
آهي. اهڙيءَ طرح علم الانسان
(Anthropology)
۽ علم اللسان
(linguistics)
جا ماهر جڏهن شاهه لطيف ۽ سچل جي ڪلام، شاهه ڪريم
۽ مخدوم نوح جي ڪلام، شاهه جي راڳ ۽ سچل جي راڳ،
شاهه ڪريم، شاهه لطيف، مخدوم نوح ۽ سچل جي پيغام
جو تجزيو ڪن ٿا، تڏهن هو واضح طور جتائين ٿا ته
انهن بزرگن ۽ اعلى انسانن جي سوچ ۽ عمل ۾ ڪهڙو فرق
آهي؟ مثال طور شاهه جي درگاهه جا فقير ڪاري رنگ جي
ڪفني ڍڪيندا آهن، هٿ ۾ دنبورو کڻندا آهن، ڳائڻ مهل
گهڻو ڪري ”گرام“ ۾ ڳائيندا آهن. لطيف جي ڪلام ۾
گيرڀ ۽ گاؤ هوندو آهي؛ هُو ويهي ڳائيندا آهن؛ نچڻ
ٽپڻ، هُل هنگامي کان پرهيز ڪندا آهن. اُن جي ڀيٽ ۾
سچل جي درگاهه جا فقير، گيڙو – رتا ڪپڙا پائيندا
آهن؛ هٿن ۾ ڪَڙا وجهندا آهن ۽ ڪنن ۾ ڪُنڊل پائيندا
آهن؛ ڳائڻ مهل اُوچي آلاپ ۽ ”ٽيپَ“ واري انداز ۾
ڳائيندا آهن؛ هڪ هٿ ۾ يڪتارو ۽ ٻئي هٿ ۾ کڙتال
کڻندا آهن؛ گوڙ ۽ گهمسان وارو رنگ ڪندا آهن، جنهن
سان انداز ۾ تيزي ۽ نچڻ ٽپڻ زياده هوندو آهي. شاهه
لطيف، شاهه ڪريم ۽ مخدوم نوح جي درگاهن تي ٿيندڙ
راڳ يا سماع عبادت مثل آهي، ان ۾ بندگي جو رنگ
وڌيڪ آهي. بهرحال هي مطالعو به سماجي مطالهعي جو
هڪ پهلو آهي. هن مطالعي کي ”انسان شناسي“، ”لطيف
شناسي“، ”مخدوم نوح شناسي“، يا ”سچل شناسي“ وارن
موضُعن سان شامل ڪري سگهجي ٿو.
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
© Copy Right 2007
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
هوم پيج
-
-
لائبريري
ڪئٽلاگ
Sindhi Adabi Board
(Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com