سڀني صوفي بزرگن، ڪلاسيڪي ۽ جديد ادب جي سخنورن،
”انسان شناسي“ واري موضوع تي ئي لکيو آهي، هنن اُن
موضوع جا ڪئين پهلو نمايا ڪيا آهن، جن مان ڪي هي
آهن: تڪبير، وڏائي، گيرڀ ۽ گاءُ، نياز، نمرتا،
نئڙت، پاڻ سڃاڻڻ، سچائي، نيڪي، نيڪ نيتي، خدمت،
شيوا، عبادت، بندگي، دنيا فاني، مرشد جو مقام،
عشق، محبت، سڪ، پيار، طلب، اِخلاص، اوسيئڙو،
جدائي، فراق، وڇوڙو، ورلاپ، انتظار، وصل لاءِ
پياس، پُڪارَ، دانهون ۽ فرياد، ديدار جي طلب،
پڇتائڻ، توبهه ڪرڻ، رواداري، عمل، قرباني، عزم،
استقلال، مستقل مزاجي، انڪساري، ٻين جي مدد ڪرڻ،
ٻڌي ۽ ايڪو، مانِ، مريادا، ماڻهپو، انسانيت، لحاظ،
رک رکاءُ، فريب، دولاب، دوکو، احسان فراموشي، خود
بيني، خود شناسي، خود قرباني، خود فريبي، بي غرضي،
لوڀ، لالچ، مطلب، خواهش، تمنا، آس، نراس،
ايمانداري، مشترڪ مفاد، خلوص، خود غرضي، بي غرض
هجڻ، باهمي، عمل، ٻيائي، جاکوڙ، ڪرڻ، محنت، مشقت،
تعاون، مدد ڪرڻ ۽ منافقت وغيره.
ٻوليءَ جو اڀياس پڻ ”انسان شناسي“
(Humanities)
جي وسيع موضوع جو هڪ اهم پهلو آهي. ٻوليءَ کي
پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجو سماج هوندو آهي. ٻولي پنهنجي
سماجي ماحول ۽ پنهنجي ڌرتي مان انسان ذات سان گڏ
اُڀري ۽ اُسري آهي. اُن جو پاڙون پنهنجي زمين ۾
کتل هونديون آهن، انهيءَ ڪري ”پاٽر“
(Potter)
جو هي رايو بلڪل صحيح آهي ته:
”بهترين زبان اُها آهي، جنهنجو بنياد ڪنهن سماج ۽
سماجي قدرن ۽ روايتن تي رکيل هجي“ (1).
”پاٽر“Potter))
جي انهيءَ دعوا جو دليل سنڌي سماج ۽ ٻولي پڻ آهي.
سنڌي ٻولي جون پاڙون، سنڌي سماج ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ ۾
اونهيون کُتل آهن، يعني ته سنڌي ٻوليءَ جو سرچشمو
سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌي سماج آهي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر سورلي
لکي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ جي لغت تي سنڌي سماج، سنڌي معاشري ۽
سنڌ جي معاشي حالتن جو گهڻو ۽ گهرو اثر رهيو
آهي“(2).
ٻولي، ڪنهن گفتگو ۽ مقصد جي عمل جو ڪردار ادا ڪندي
آهي، انهيءَ ڪري اُن جي هر لفظ، هر فقري ۽ هر جملي
۾ ڪو نه ڪو مقصد يا مفهوم رکيل هوندو آهي. دراصل
اهو مقصد يا مفهوم ئي آهي، جو ڪنهن زبان جي عمل يا
استعمال جي ضرورت طرف اشارو ڪندو آهي. اهو ئي ڪارڻ
آهي جو ڪنهن ٻوليءَ جو، انساني برادري يا انساني
معاشري اندر زنده رهي سگهڻ هڪ دليل آهي.
هر زبان، هر زماني ۾، پنهنجي دائري اندر، روزمره
واري ماحول ۾ هميشہ استعمال ۽ رواج ۾ رهندي آئي
آهي. زبان، انسان ذات جي تخليات، نظريات، قوت
احساس ۽ سماج وهنوار جو هڪ رڪارڊ آهي. اهو رڪارڊ
به انسان ۽ انسان جي سماج لاءِ تاريخ جو ڪم ڏيندو
آهي. مٿي چيو ويو آهي ته زبان ۽ معاشرو هڪ ٻئي
لاءِ لازم ۽ ملزم هوندا آهن. زبان جو مطالعو،
دراصل معاشري جو مطالعو آهي ۽ انهي لحاظ سان
معاشري جو مطالعو، حقيقت ۾، اُن معاشري ۾ مروج ۽
مستعمل زبان جو مطالعو ئي سمجهيو ويندو آهي. زبان
جي اهڙي مطالعي کي ”سماجي لسانيات“ جو مطالعو يا
اڀياس چئبو آهي.
”ڪنهن به ملڪ جي ٻولي، اُن ملڪ جي سماجي، ثقافتي،
تهذيبي ۽ تمدني تاريخ جي آئينه دار هوندي آهي،
ڪنهن به
قوم جي ٻوليءَ جي مطالعي مان اُن قوم جي معاشي ۽
معاشرتي قدرن، سوچ ۽ فڪر جي ارتقا، تهذيبي ۽ تمدني
تاريخ
جي خبر پوندي آهي، زبان ثقافت جو آئينو پڻ آهي.
ڪنهن به قوم جي ثقافت جو مرڪزي عنصر زبان ئي هوندي
آهي، ڇو جو زبان، علم ادب جي خالق ۽ ادبي روايتن ۽
رجحانن جي محافظ هوندي آهي. ثقافت جي مطالعي ۾
ڪنهن قوم جي ٻولي ۽ علم ادب جو اڀياس پڻ شامل
هوندو آهي، ڇو ته ٻولي ۽ علم ادب جي اٿاهه ۽ بي
انت بحر جي اونهائيءَ ۾ ئي، اُن قوم جي سماجي،
ثقافتي، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ جا تهه لڪل هوندا
آهن“ (3)
سنڌي ثقافت جو مطالعو صرف قديم آثارن جو مطالعو نه
آهي، يا صرف فنونِ لطيفه، فن تعميرات، فن خطاطي،
اجرڪ سازي، ڇُرَ ڪم، ڪاشيگري، جنڊيءَ جي هنر جو
اڀياس يا راڳ ۽ راڳڌاري جي ڄاڻ نه آهي، پر سنڌي
ثقافت جو مطالعو، سنڌي زبان جو مطالعو پڻ آهي.
سنڌي ثقافت جو مطالعو شاهه ڪريم، مخدوم نوح، شاهه
لطيف، خواجه محمد زمان، سچل، سامي، شاهه عنايت،
ثابت علي شاهه، سانگي، قليچ، ڪوڙي مل، گربخشاڻي،
ڊاڪٽر دائود پوٽي، سيد حسام الدين شاهه راشدي،
مخدوم طالب المولى، ڊاڪٽر بلوچ، ابراهيم جويي، شيخ
اياز، رسول بخش پليجي، تنوير عباسي، شمشير، فتاح
ملڪ، امداد، نياز همايوني، علي احمد بروهي، بشير
مورياڻي، اُستاد بخاري، قادر جوڻيجي، نورالهدى
شاهه، خيرالنساء جعفري، ماهتاب محبوب، جبار جوڻيجي
۽ ويندي ذوالفقار راشدي، امر جليل، اياز قادري،
انور پيرزادي ۽ جديد علم ادب ۽ جديد سنڌي ادبيات
جو مطالعو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي، سنڌ جي تهذيب ۽
تمدن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي. اها جهلڪ يا اهو عڪس،
سنڌي ۾ چيل ڪلام ۽ لکيل ادبيات وسيلي پسي سگهجي
ٿو. اهو عڪس شاهه جي ڪلام ۾ ڏسي سگهجي ٿو؛ اهو عڪس
سچل جي ڪلام ۾ به نظر اچي ٿو؛ اهو عڪس جديد علم
ادب، شاعرن، ناول نگارن، افسانه ۽ ڊراما نويسن جي
شهپارن ۾ به نظر اچي ٿو. سنڌي علم ادب جو اهڙو
لساني اڀياس، سماجي لسانيات
(Social linguistics)
جي اڀياس واري دائري ۾ داخل ڪيو
ويو آهي، ڇو ته شاهه، سچل، سامي ۽ ٻين شاعرن جي
ڪلام ۽ پيام ۾ سنڌ جي ڌار ڌار خطن جي ماڻهن جي
تهذيبي، تمدني، ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي زندگي جو
عڪس نمايان آهي، انهن جي ڪلام جي مطالعي مان ڌار
ڌار خطن جي ماڻهن جي مخصوص روايتن، ذهني لاڙن،
سماجي قدرن ۽ قومي مزاج جو پتو پوي ٿو. سنڌي علم
ادب ۽ سنڌي ادبيات ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جي اهڙي
مطالعي کي ”سنڌي ٻولي جو سماجي مطالعو“ چئبو؛ اهو
مطالعو ”سماجي لسانيات جو مطالعو“ ليکبو.
سماجي لسانيات مان مراد، سماج ۾ ٻوليءَ جي ڪارج ۽
استعمال جو مطالعو آهي. ٻولي هر سماج جي تهذيب ۽
تمدن جو اهم حصو آهي، ڇو ته اُن ٻوليءَ جي مطالعي
مان اُن سماج، سماجي گروهن ۽ فردن جي اُٿڻي ويهڻي،
رسمن ۽ رواجن ۽ سماجي قدرن، قومي مزاج ۽ انساني
ڪيفيتن وغيره جي باري ۾ خبر پوي ٿي. ڪنهن به سماج
۽ اُن ۾ ڪم ايندڙ ٻوليءَ ۽ اُن جي ڳالهائيندڙن جي
وچ ۾ گهاٽي ۽ گهري نسبت هوندي آهي. سماج ئي ڪنهن
ٻوليءَ کي ٺاهي ٿو، صورت ڏئي ٿو، اُن کي سنواري
ٿو؛ اُن ۾ ترقي جون راهون هموار ڪري ٿو ۽ ٻولي ان
جي عيوض، اُن سماج جي نمائندي جي حيثيت ۾ ڪم ڪري
ٿي؛ ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ڪابه ٻولي پنهنجي
سماج جي بهترين نمائندي وارو ڪردار ادا ڪندي آهي،
۽ اُن سماج جو آئينو هوندي آهي ۽ اُن سماج جي قدرن
جي باري ۾ وضاحت ڪندي آهي.
هر دور جو علم ادب، اُن دور جي سماج جو آئينو
هوندو آهي (4).
شاهه ڪريم ۽ حضرت مخدوم نوح جي دور ۾ پيدا ٿيل علم
ادب، اُن دور جي سماجي حالتن جو ائينو آهي. شاهه
لطيف، سچل، سامي، ثابت علي شاهه ۽ ٻين شاعرن ۽
اديبن جي دور ۾ تخليق ڪيل ادب، انهن جي ڌار ڌار
دورن جو نقش چٽي ٿو. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته شاهه
لطيف ۽ سچل جي دور جي سياسي، سماجي، اقتصادي، علمي
۽ ادبي، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ جي معلومات جي سلسلي
۾ شاهه ۽ سچل جو ڪلام املهه سرمايو ۽ بي بها خزانو
آهي. هن سلسلي جي اڀياس جو بهترين وسيلو شاهه ۽
سچل جي ڪلام ۾ ڪم آندل ٻولي جو اڀياس آهي. انهن جي
ڪلام ۾ ڪم آندل اشارا، ڪنايا، تشبيهون ۽ استعاره،
تمثيلون ۽ علامتون ئي آهن، جن جي مطالعي جي مدد
سان انهن جي مختلف دورن جي سماجي حالتن ۽ انهن جي
ڪلام ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جو، سماجي لسانيات جي
مطالعي ۾، مدد ملي ٿي.
”سچل ۽ ثابت علي شاهه ٻئي هڪ ٻئي جا هم عصر شاعر
هئا، ٻنهي تي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور واري ٻولي ۽
علم ادب، تهذيب ۽ تمدن جو گهڻو ۽ گهرو اثر رهيو
آهي. ثابت علي شاهه سنڌي زبان ۾ فارسيءَ جا انيڪ
محاورا، استعارا، تشبيهون ۽ لفظ ڪم آندا، جن جو
سنڌي زبان ۾ اڳ ايترو رواج ڪو نه هو، انهيءَ ڪري،
سنڌي زبان جي صورت ۽ سٽاء ۾ تبديلي آئي؛ سنڌي ٻولي
جي مزاج ۾ فرق آيو. ثابت علي شاهه وانگر سچل سرمست
به عربي ۽ فارسيءَ جا بيشمار لفظ محاورا، ترڪيبون،
تشبيهون ۽ استعارا پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا. شاهه
ڪريم ۽ شاهه لطيف توڙي سچل قرآن پاڪ جون انيڪ
آيتون پڻ پنهنجي ڪلام ۾ تلميح طور ڪم آنديون، ان
ڪري سنڌي ٻولي جي مزاج ۾ تبديلي آئي ۽ عربي توڙي
فارسي جي لفظن ۽ ترڪيبن جي استعمال ۾ واڌارو
ٿيو“(5).
شروع ۾ ”انسان“ ۽ ”انسان شناسي“
(Humanities)
جي باري ۾ ڪي ڳالهيون عرض ڪيون ويون آهن، ۽ انسان
شناسيءَ جي اڀياس لاءِ ڪن موضوعن جي نشاندهي پڻ
ڪئي وئي آهي، جيئن ته انساني معاشرو هميشہ ارتقا
پذير رهيو آهي، تنهن ڪري هر انساني معاشري جي باري
۾ معلومات، اُن دور جي علم ادب، ٻولي، فنونِ
لطيفه، هنرن ۽ ٻئي مواد جي مطالعي مان حاصل ٿي
سگهندي آهي؛ مثال طور موهن جي دڙي وارن قديم آثارن
مان هٿ آيل مواد جي مطالعي مان حاصل ٿي سگهندي
آهي؛ مثال طور موهن جي دڙي وارن قديم آثارن مان هٿ
آيل مواد جي مطالعي مان ان خطي ۽ ان دور جي سماجي
حالتن، سماجي قدرن، علم الانسان ۽ انسان شناسيءَ
جي باري ۾ خبر پوي ٿي؛ اُن دور جي مواد مان ڪن شين
تي چٽيل چٽن، گلن ٻوٽن، جانورن جي شڪلين صورتن،
تصويرن ۽ ٻئي سامان مان، اُن دور جي سماج ۽ سماجي
مطالعي ۾ مدد ملي ٿي. اُن هنڌان (موهن جي دڙي وارن
کنڊرن مان) مليل مُهرن تي لکيل ٻوليءَ جو اڃا
تائين فيصله ڪن نتيجو مطالعي جي صورت ۾، ظاهر ٿي
نه سگهيو آهي، جنهن مان خبر پوي ته ان وقت جي ٻولي
جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي ساخت ڪهڙي هئي؟ ان جو
سٽاءُ ڪهڙو هو؟ ان وقت واري ٻوليءَ جو مزاج ڪهڙو
هو؟، پر ڪجهه ٻئي مواد مان، ان شهر ۽ خطي جي ماڻهن
جي تهذيب ۽ تمدن، مذهب ۽ مذهبي رجحان، فن، هنرن،
ڪرت ۽ ڌنڌن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه معلوم ٿي سگهيو
آهي. جيڪڏهن موهن جي دڙي واري ٻوليءَ جي باري ۾
راز کلي پون، ته پوءِ هتي جي ماڻهن جي سياسي ۽
سماجي زندگيءَ متعلق گهڻوئي ڪجهه معلوم ٿي ويندو،
ڇو ته جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به سماج
جي مطالعي لاءِ ٻولي هڪ اهم ذريعو ۽ وسيلو آهي.
جيتوڻيڪ لطيف فنن ۽ هنرن جي مطالعي مان به علم
الانسان جي مدد سان، ان دور جي سماج ۽ سماج قدرن
جي باري ۾ گهڻو ئي ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو، پر ٻولي
هن ڏس ۾ هڪ واغد ذريعو ثابت ٿي آهي.
سماجي لسانيات جي مطالعي جي هڪ پهلو هي به آهي ته
جڏهن ڪنهن به سماج ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ سماج گروهن
جا فرد هوندا ته اهڙيءَ حالت ۾ ٻوليءَ تي ٻين
سماجي گروهن جو اثر ضرور ٿيندو آهي، يعني ته ڪنهن
به سماج کي لسانيات جي لحاظ کان هيٺين لساني گروهن
(حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو (6):
(الف) يڪ - لساني گروهه(Mono-lingual
group)
(ب) دو - لساني گروهه(Bi-lingual
group)
(ت) اڪثريتي لساني گروهه(Majority-lingual
group)
(ث) اقليتي لساني گروهه(Minority
lingual group)
انهن يا اهڙن ٻين لساني گروهن جو تفصيلي مطالعو
سماجي لسانيات جي مطالعي ۾ مدد ڪري ٿو.
سنڌي سماج جو انهن چئني گروهه بندين جي لحاظ کان
جائزو وٺي سگهجي ٿو، ڇو ته سنڌ ۾ اتر طرف سرائڪي
ٻولي جو اثر، ٿر واري ايراضيءَ ۾ ٿري لهجي تي سرحد
پار کان هڪ طرف گجراتي ٻوليءَ جو اثر رهيو آهي ته
وري ٻئي پاسي کان راجسٿاني ٻولي اثر انداز رهي
آهي؛ اهڙيءَ طرح لاسي، کيتراني، فراڪي، جعفرڪي، جد
گالي ۽ لوري چئني لهجا ڌار ڌار اثرن جا ثبوت ڏين
ٿا؛ شهرن ۾ انگريزي ۽ اردوءَ جو اثر نمايان آهي،
اُن کانسواءِ فارسي ۽ عربي ٻولين جا اثر نه فقط
سنڌي ٻوليءَ جي لغت جو حصو بڻيل آهن، پر انهن اثرن
جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جي مزاج، ساخت، سٽاءَ، صوتيات،
۽ صرف و نحو تي به اثر ٿيو آهي. ساڳيءَ طرح اُڌارن
ورتل لفظن
(Loar-words)
يا،
co-existence of words
۾ انهن سڀني پهلوئن جو تفصيلي جائزو ۽ مطالعو،
سنڌي سماج، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي تهذيب جي مطالعي ۾
مدد ڪندو، جنهن کي مجموعي طور سماجي لسانيات جو
مطالعو چيو ويندو.
سماجي لسانيات جي مطالعي لاءِ مٿي بيان ڪيل گروهن
جي گهري اڀياس دوران جن ”لساني حدن“
(linguistic domain)
کي سامهون رکڻو پوندو، اُهي حدون هي آهن (7):
(1)
حاڪمن جي ٻولي/ حڪومت طرفان منظور ڪيل ٻولي
(2)
ڪٽنب جي ٻولي
(3)
دوستي ياري
(4)
مذهب
(5)
وڻج واپار
(6)
گذرمعاش
(7)
رانديون ۽ وندرون
(8)
سياسي ناتا/ سياسي حالتون
(9)
سماجي ناتا/ سماجي سنٻنڌ
(10)
آباديءَ جي لڏپلاڻ
انهن لساني حد بندين
(Linguistic domain)
جي ڪري سنڌي سماج کي ڪن حالتن ۾ دو – لساني سماج
جي صورت اختيار ڪرڻي پيئي؛ مثال طور عربن جي دور ۾
حاڪمن جي سرڪاري زبان عربي هئي، ته وري عوام جي
زبان سنڌي هئي. هن بيان جي تصديق عرب سياحن جي
سفرنامن مان به ٿئي ٿي. هن ڏس ۾ اسطخري (1951ع)
لکي ٿو:
”منصوره، ملتان ۽ اُن جي مضافات جي ماڻهن جي ٻولي
سنڌي ۽ عربي آهي“ (8) بشاري مقدسي (تصنيف 985ع)
لکي ٿو:
”ديبل هڪ سامونڊي شهر آهي، هن سان هڪ سو ڳوٺ مليل
آهن. هتي جا رهاڪو زياده تر هندو آهن. سمنڊ جو
پاڻي طغيانيءَ جي وقت شهر جي ديوارن سان اچي لڳندو
آهي. هتي جا باشنده واپاري آهن. سنڌي ۽ عربي
زبانون ڳالهائين ٿا“(9).
اهڙيءَ طرح ابن حوقل پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي:
”منصوره، ملتان ۽ آسپاس جي علائقن ۾ عربي ۽ سنڌي
زبانون رائج آهن“ (10).
سومرن ۽ سمن جي دور ۾ دفتري زبان ڪهڙي هئي، تنهن
جي باري ۾ ڪو پڪو ثبوت نه ته ڪو نه ٿو ملي، البت
سمن جي زماني ۾ ڪجهه مثال فارسيءَ جا ملن ٿا پر
انهن ٻنهي دورن ۾ عوامي ٻولي سنڌي هئي، بلڪه عربن
جي فتح کانپوءِ به ماڻهن جي عام گفتگو ۽ وڻج واپار
واري ٻولي سنڌي هئي. مذهبي پرچار يا مذهبي تعليم
عربي سان گڏ سنڌي ۾ به هوندي. سومرن جي دور ۾
اسماعيلي فڪر جي دعوت جا ثبوت سنڌي زبان ۾ ملن ٿا.
ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ دفتري زبان فارسي هئي،
پر عوام جي گفتگو، وڻج واپار جي ٻولي سنڌي هوندي
هئي. ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ فارسي سرڪاري زبان
هئي ته سنڌي وري عوام جي روزمره واري ٻولي رهي.
اها به حقيقت آهي ته سنڌ ۾ لڏپلاڻ جو سلسلو هزارن
سالن کان رهيو آهي. ڪلهوڙن جي دور ۾، ۽ ان کانپوءِ
به، سرائڪي زبان واري خطي کان بيشمار آبادي سنڌ ۾
لڏي آئي. هن آباديءَ پنهنجن گهرن، ڳوٺن ۽ پنهنجي
سماجي ماحول ۾ سرائڪي ٻولي ٿي استعمال ڪئي، پر
ٻاهر روزانه وهنوار ۾ سنڌي ٻولي ٿي ڳالهائي. ساڳي
حالت پاڪستان بڻجڻ کانپوءِ، اردو ۽ سنڌي جي وچ ۾
رهي آهي، انهن حالتن جو سنڌي سماج تي گهڻو اثر
رهيو آهي، جنهن جا آثار ٻوليءَ تي پڻ نمايان آهن،
جنهن جو ثبوت سماجي لسانيات جي اڀياس ذريعي ملي
سگهندو.
هت اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته سماج جا مختلف طبقا
(Clases)
۽ اُنهن ۾ مروج ٻولي/ ٻوليون سماجي لسانيات جي
مطالعي ۾ مدد ڪن ٿيون. اها ٻولي يا اهو لهجو جيڪو
Priviledged
طبقي ۾ ڳالهايو ويندو آهي، اُن طبقي جي ٻولي /لهجي
کي سماج ۾ بيشڪ وڌيڪ اهميت هوندي آهي، پر سماجي
لسانيات جي شاگردن جي نظر ۾، هر طبقي ۾ مروج ٻولي
يا لهجو، پنهنجي ليکي اُتم ۽ اهم هوندو آهي (11).
سنڌي زبان جي شاعرن ۽ اديبن پنهنجي ڪلام ۽ ادب ۾
مقامي ماحول، سنڌي تهذيب ۽ تمدن ۽ سنڌي ثقافت جي
دل آويز قدرن کي بيان ڪيو آهي. هنن پنهنجين لکڻين
۾ خود شناسي ۽ خود احتسابي جو درس ڏنو آهي. هنن حق
گوئي ۽ حق پرستي جو سبق سيکاريو آهي. هنن کي انسان
ذات ۽ انسانيت لاءِ سچو پيار هو يعني هو سڀ وڏا
انسان شناس هئا.
شاهه ۽ سچل توڙي ٻيا سڀ شاعر ۽ اديب پنهنجي دور جي
عوام جا آواز هئا. هنن جي ڪلام ۽ نثر جي اڀياس
مان معلوم ٿو ٿئي ته هنن جي زماني ۾ آباد عوام،
کين گهڻو ويجهو هو. شاهه جا بيت، وايون ۽ ڪافيون،
اُن وقت جو عوام جهونگاريندو هو ته وري سچل جون
ڪافيون سچل جي زماني ۾ هر هنڌ مشهور ٿيون. ڌار ڌار
شاعرن ۽ اديبن جي ڪلام ۽ نثري صنفن ۾ مختلف طبقن
جي ماڻهن ۽ انهن جي سماجي حالتن جو ذڪر آهي. عوام
جا دک ۽ درد انهن جي ڪلام ۽ نثري صنفن جا موضوع
رهيا آهن. اُن ڪري سنڌي ادب، هر دور ۾ عوام جو
آواز رهيو آهي؛ هر دور جو ادب اُن دور جي ترجماني
آهي؛ هر دور جي سماجي حالتن جو عڪس آهي؛ چٽ آهي ۽
حقيقت جو بيان آهي.
سماجي حالتن يا سماجي طبقن جي لحاظ کان سنڌي سماج
کي جن جن سماجي گروهن يا سماجي حدن ۾ ورهائي سگهجي
ٿو، ۽ سماجي لسانيات جي روشنيءَ ۾ تجزيو ڪري سگهجي
ٿو، اُهي آهن:
(1)
سماجي طبقا:
امير، غريب، سيد، مير، پير، فقير، شاهه، گدا،
ڀاڳيا، راڄن جا چڱا مڙس، حاڪم، واپاري، مزدور،
هاري ناري، سانگي، جهانگي، ڪوهستاني (جابلو
ماڻهو)، ڏوٿي، ڌنار مهاڻا، مير بحر، سامي/ جوڳي،
ٺوري، شڪاري، ڳائڻا وڄائڻا، ڪوري، موچي ۽ ملان
مولوي، عالم، فاضل، اُستاد، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر
وغيره.
(2)
تهذيبي ۽ تمدني طبقا (حدون):
لباس، پهراڻ، کاڌو خوراڪ، رهڻي ڪهڻي، اُٿڻي ويهڻي،
گهرگهاٽ، هنر ۽ فن، گل ٻوٽا ۽ چٽ وغيره.
(3)
تهذيبي ۽ تمدني طبقا (حدون):
تصوف، ويدانت، ڀڳتي تحريڪ، وحدت الوجود، فنافي
الله، وحدت الشهود، فنافي الشيخ، دنيا فاني، مرشد،
صوفي، طالب ۽ مطلوب وغيره.
(4)
جاگرافيائي حدون:
اُتر، لاڙ، ٿر، سرو، ڪوهستان، لس، ڪڇ، ڪاٺياواڙ،
گجرات، راوي، چناب، سنڌو، سبي، ڪيچ، مڪران ۽ جدگال
وغيره.
(5)
انساني ڪيفيت:
هٺ وڏائي، انڪساري، نمرتا، نياز، نئڙت، آزي
نيزاري، نماڻائي، نهٺائي، مستقل مزاجي، جرئتمندي،
همت، بهادري، بيباڪي، صبر، ليلائڻ، سڪ، سوز، طلب،
پياس، تڙپ، عشق، مبت، فراق، وصال، وڇوڙو، جدائي،
جدت، ندرت، مستي، جلال، جمال، اُمنگ، جذبو،
رواداري ۽ همدردي وغيره.
(6)
لساني خوبيون:
تشبيهون، استعاره، تمثيلون، تلميحون، تضمين،
ترصيح، سجع بندي، مجاز مرسل ۽ تجنيسون وغيره.
(7)
عورت جو ڪردار:
مارئي، سسئي، مومل، ليلان، سهڻي، هير، نوري،
هيمون، ڪؤنرو، ڪونجل، ٻاگهل ٻائي، هوٿل، ناتر،
سَهتي ۽ مِري وغيره.
(8)
مردن جو ڪردار:
عمر، پنهون، ڏير، راڻو، چنيسر، ميهار، رانجهو،
تماچي، مُنگر، ميربحر، مورڙو، منصور، سرمد، مخدوم
بلاول ۽ هوشو وغيره
مٿي ڄاڻايل لساني ۽ سماجي حد بندين ۽ طبقن جي
حوالي سان، سنڌي ادب جو سماجي لسانيات جي روشنيءَ
۾ مطالعو هڪ تمام وڏو وسيع موضوع آهي. سنڌ وارن
لاءِ هي هڪ نئون موضوع آهي، جنهن تي تحقيق ڪرڻ جي
گهڻي ضرورت آهي.
مددي ڪتابن جا حوالا
(1)
Potter Simon, Language in Modern World, Harrel
Hotson, ltd. 1960 p.24.
(2)
Sorley, H.T. Shah Abdul latif of Bhit,
London, 1940.
(3)
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: زبان اور ثقافت،
اسلام آباد، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، 1988ع.
(4)
۽ پڻ ڏسو: ايضا، مقالو: ”انسان، زبان ۽ ثقافت“،
سماهي مهراڻ، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ.
(5)
لطف الله بدوي: لطف اللطيف، حيدرآباد، آر
ايڇ احمد ۽ برادرس 1955ع.
(6)
Jones Socio-linguigstics,
Islamabad, Allama Iqbal Open university, 1988.
(7)
ايضاً ۽ پڻ ڏسو: الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي
ٻولي جي لساني جاگرافي. ڄام شورو. انسٽيٽيوٽ
آف سنڌ الاجي، 1983ع.
(8)
اصطخري: المسالک الممالک: اردو ترجمو،
هندستان عربون ڪي نظر مين، جلد اول،
دارالمصنفين، اعظم ڳڙهه، 1960ع، ص 375.
(9)
بشاري مقدسي: احسن التقاسيم في معرفة، ص ص
385-386.
(10)
Elliot, E.H. History of
India, Vol:I, London Trubner and company, 1867,
p:39
(11)
ڏسو حوالو نمبر 7.
ابن بطوطه جا سيوهڻ بابت تاريخي حوالا
عبدالله ورياه
سنڌ جي سرزمين تي صدين کان وٺي سياح، مورخ،
جاگرافيدان، واپاري ۽ مختلف نمونن سان قسمت آزمائي
ڪندڙ ماڻهو ايندا رهيا آهن، انهن مان ڪيترن پنهنجن
سفرنامن ۽ مختلف تجربن کي لکيت ۾ پڻ آندو آهي،
جنهن ۾ هنن پنهنجي پنهنجي دور ۾ سنڌ جي تاريخ،
جاگرافي، شهرن ۽ ماڻهن بابت انتهائي اهم معلومات
ڏني آهي. اهڙا واقعا اسان کي سنڌ جي تاريخ متعلق
جيڪا معلومات مهيا ڪن ٿا، اها ڪنهن ٻئي ذريعي سان
ملڻ محال آهي. سنڌ جي تاريخ بابت اهڙيون ئي ڪجهه
شاهديون اسان کي اٺين صدي هجري جي شروعات ۾ سنڌ ۾
ايندڙ هڪ عرب سياح ابن بطوطه جي لکيل سفرنامي مان
ملن ٿيون:
ابن بطوطه جو پورو نالو محمد بن عبدالله هو. پاڻ
24 فيبروري 1304ع/17 رجب 703هه سومر جي ڏينهن،
مراڪش جي شهر طنجه ۾ ڄائو هو. ابن بطوطه سندس
خانداني لقب هو، اهو خاندان مراڪش ۾ اڃا به موجود
آهي. ابن بطوطه جڏهن پنهنجي سفر جي پڄاڻي ڪري
755هه ۾ وطن واپس وريو ته کيس اتي هڪ شهر ۾ قاضيءَ
جو عهدو ڏنو ويو، جيڪا سندس خانداني ڪِرت هئي، جتي
هن سن 68- 1369ع/ 70- 771هه ۾ وفات ڪئي. هن پنهنجو
سفر ٻاويهن سالن جي عمر يعني سنه 1326ع / 726هه ۾
شروع ڪيو. اٺن سالن جي سير ۽ سفر کان پوءِ ابن
طوطه ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڪابل کان هلي اچي پهرين
محرم 734هه/ ٻارهين سيپٽمبر 1333ع آچر جي ڏينهن
سنڌو درياهه تي پهتو. ابن بطوطه جي سفرنامي مان
معلوم ٿئي ٿو ته هو بولان لڪ بلوچستان مان لنگهي
ڪاهان کان ٿيندو، جيڪب آباد ضلعي مان ڪٿان اچي سنڌ
۾ داخل ٿيو هوندو.
سندس سنڌو درياهه ٽپڻ وارو معاملو به ڪجهه غور طلب
آهي. سندس چوڻ موجب، ”هو درياهه ٽپي ٻه ڏينهن سفر
ڪري جناني شهر مان ٿيندو سيوهڻ پهتو“. جڏهن ته
سيوهڻ قديم زماني کان وٺي سنڌو درياهه جي ساڄي
ڪناري تي آباد آهي. ابن بطوطه سيوهڻ پهچڻ کان اڳ
ٻيهر درياهه ٽپڻ جو ذڪر به نه ڪيو آهي، جنهن مان
معلوم ٿئي ٿو ته هو درياهه جي اصل ۽ وڏي وهڪري
بدران سنڌوءَ جي الهندي وهڪري تان ٽپي سنڌوءَ جي
ساڄي پاسي، ان الهندي وهڪري جو کاٻو ڪپ وٺي،
لاڙڪاڻي جي هاڻوڪي شهر واري ايراضيءَ جو الهندو
پاسو وٺندي، ان وقت قائم شهر ”جناني“ مان ٿيندو
دادوءَ جي الهندي پاسي کان لنگهي اچي سيوهڻ پهتو،
جيڪر ان کي صحيح سمجهجي ته پوءِ ”جناني“ جو قديم
شهر به لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ جي وچ واري ايراضيءَ ۾
ڪٿي هجڻ گهرجي. اڃا به ائين چئجي ته اهو قديم شهر
جنهن جو نالو به اسان کي ڪنهن ٻئي تاريخ جي ڪتاب
مان نٿو ملي، ”موهين جي دڙي“ جي ڏکڻ اولهه ۾ ڪٿي
موجود هو. جيڪو سنڌو درياهه جي رخ مٽائڻ يا ڪنهن
ٻي آفت سبب بلڪل تباهه ۽ برباد ٿي ويو، جنهن جي
قديم آثارن جو به ڪو پتو ڪو نه ٿو پوي. سفر جي
اڳئين م رحلي ۾ ابن بطوطه سيوهڻ پهتو، جتي ان وقت
هندستان جي بادشاهه محمد بن تغلق شاهه جي پاران
سنڌ تي مقرر ڪيل امير عماد الملڪ سرتيز موجود هو.
هن دور ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ملتان هو، جتي امير
رهندو هو. ان کانسواءِ اچ، بکر ۽ سيوستان ۾ پڻ
سرڪاري ڪارندا رهندا هئا، جيڪي ملڪي حالتن ۽
ٻاهران ايندڙ ماڻهن بابت مڪمل معلومات پنهنجن
اميرن معفت بادشاهه کي دهلي پهچائيندا رهندا هئا.
سنڌ جو امير الامراء عماد الملڪ سرتيز سلطاني
بادشاهه محمد بن تغلق جو ناٺي ۽ فوج جو سپہ سالار
هو، جنهن کي بادشاهه بغاوتن کي منهن ڏيڻ ۽ ڏکين
پرڳڻن جي انتظام لاءِ مقرر ڪندو هو. کيس ڪجهه عرصو
ديوگير جي باغين کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ موڪليو ويو
هو. اتان دکن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو
هو، جتي دولت آباد جي لشڪر جي اڳواڻ سردار حسن
گنگو سان مقابلو ڪندي سنه 748هه ۾ مارجي ويو.
سردار حسن پوءِ ابوالمظفر علاؤالدين حسن گنگو جي
نالي سان دکن جي بهمني سلطنت جو باني ٿيو. |