امير بخاري
غزل
رهبري، جي رهزني بنجي ته پوءِ؟
دوستي، جي دشمني بنجي ته پوءِ؟
سمجهه جون مان نيڪيون ڳايان پيو،
سا، سراپا غير جي بنجي ته پوءِ؟
حُسن سان تعلق وڌائيندو وڃان،
ٿيندي ٿيندي عاشقي بنجي ته پوءِ؟
تون چئين ٿو، موت کان پاسو ڪريان،
موت، مون لئه زندگي بنجي ته پوءِ؟
متقّي ئي ٿي وڃان، پر محتسب،
مُند هيءَ جي شبنمي بنجي ته پوءِ؟
تون ڳلي پنهنجي مان ٿو، مونکي ڪڍين،
هر ڳلي، تنهنجي ڳلي بنجي ته پوءِ؟
نفرتن جا ڏينهن ملهايون پيا،
نئين صدي، سڪ جي صدي بنجي ته پوءِ؟
ڪاهِ اڳتي، ڇاجي ساهي اي امير،
روڪ ايندڙ ڏينهن، ٻي بنجي ته پوءِ؟
الحاج رحيم بخش ”قمر“
بيت
هَاري تُنهنجي هَڙَ، کائيندڙَ کايو وَڃن،
”قمر“ چئي ٿو ڪوڙَجِي، جَانِبَ ڪڍجُ جَڙَ،
ڪَڏهين سوئين ڪسيون، ڪڏهن واٽر ڪَڙَ،
وڏا تنهنجا وَڙَ، آهن نِت عَالَمَ تي.
*
هاري تُنهنجي هَڙَ، کايو وڃن کوٽا،
مڙئي تنهنجي مَالَ تي، مَچي ٿِئڙا موٽا،
ساڳُ، ڦَريُون، ڦوٽا، ڏِئين پنهنجي ڏيهه کي.
*
کيڙِ اڃا پڻ کيڙِ، کيتي هيءَ کيڙيندڙ جي،
ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءَ مان، ماڻڪ موتي ميڙ،
”کٻي“ چئي کيت تون، ڇڳا پنهنجا ڇيڙِ،
”قمر“ چئي ٿو ڪِيڙِ، ڏاند ڀٽارا ڏيهه ۾.
*
ڏاندَ ڀٽارا ڏيهه ۾، جانب تنهنجا جوڙ،
ڪارا، ڪمرا، ڪڪڙا، تِيلا ڪن ٿا توڙ،
ساوا، ڀورا، مليرا، بيشڪ سڀ ڀلوڙ،
کيڙي اَنُ ڪَنِ کوڙ، ”قمر“ چئي قرب سين.
*
ڀونءِ مٿي بسم الله چئي، ٻَهون ڇَٽين ٻِجُ،
بيشڪ ڀونءِ هي تنهنجي، ساجن تنهنجو سِجُ،
ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪمند، ڏيهه سڄي کي ڏج،
نيهن نڀائين نج، لاکو چئي لوڪ سين.
*
ڀونءِ مٿي بسم الله چئي، جاٽ هَڻين ٿو جوڙي،
ماڻڪ موتي ميڙئين، خيما پنهنجا کوڙي،
”قمر“ اهو نه ڪم جو، محنت کان جو منهن موڙي،
ويا توکي وڪوڙي، ظالم هن زمين تي.
*
ڀونءِ مٿي بسم الله چئي، هاري ڪاهين هَرُ،
سلا ڄمندا سهڻا، فائق جَهليندا ڦَرُ،
تنهنجو سڄو تَرُ، لاکو چئي لوڪ ۾.
فقير منٺار (مارانوي)
ڪافي
وسيلو ٿي وسارج ڪينڪي _ جو سبق پڙهايو سچي سچي
آهي اها صلاح سڀن کي _ رنگ انهيءَ ۾ ڪو رچي رچي
ڏينهن دنيا جا ٿورڙا _ رهي هرڪو هليو ويندو هتان
ڪر ڪا ڪار اهڙي ادا _ جا توکي اُتي ڪم اچي اچي
رفاقت ۽ راز وارا _ ڇڏي ساٿي ويا سفر ۾
هي هي هينئڙو تنين لئه _ پر ۾ پيو پچي پچي
جُدا ٿي يار جاني _ ڇڏي ويا ڇپر ۾
وڪوڙي وِرههِ ويڙا _ منٺار ڪيئن مچي مچي.
احمد خان مدهوش
غزل
آڻيان ڪٿان تشبيهه ڪا ، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا
توکي مٺا خلقيو خدا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
لوچان ته ڇا لوچي لهان، سوچان ته ڇا سوچي سگهان؟
هر سوچ کان وڌ سُونهن آ، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
مرڪي اچڻ، مُرڪي ملڻ، مُرڪي ڏسڻ، موهي وجهڻ
اي دلربا تنهنجي ادا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
غب غب غضب ۽ لال لب، آهن عجب سارا وَسب
سڀ زيب وَر زيبائِتا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
چاسون چکڻ، ماکيون مکڻ، مصريون سڄڻ، شِيرين پَر
تنهنجي لُعابن جا مزا، سڀ کان الڳ، سڀ کان جدا.
ٿر جي اُٺي جي هِير جو تاثير ڀي اڪسير آ،
پر تنهنجي زلفن جي هوا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
نازڪ هٿن پيرن مٿان، مينديءَ رَتا نقشا گهڻا،
تنهنجو مگر رنگِ حنا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
تنهنجي نظر جو دل جگر تي واهه جو آهي اثر،
تنهنجو ڪهڻ، تنهنجي قضا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
سهڻا سڄڻ تنهنجي اچڻ، واسي ڇڏيو سارو اڱڻ،
تنهنجي عنايت ۽ عطا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
حاذق حڪيمن جي دوا، پيرن فقيرن جي دُعا
سڀ ٺيڪ پر تنهنجي شفا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
جنت برابر خوب تر کان خوب تر آهي، مگر،
تنهنجي ڳلي صدبارها، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
مدهوش جي آ آرزوُ، ويٺو هُجين تون روبرو
منهنجي طلب، منهنجي دعا، سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.
اياز گل
غزل
جنهن جي سامهون سُرت ۽ ساڃهه ساٿُ نه ڏيندي آهي
ڪائي ساڀيا، سپني کان ڀي سُهڻي ٿيندي آهي
سونهن جڏهن ڪي عڪس اکين ۾، اوتيندي آهي
ننڊَ اَسُر جي، هِيرَ ڏکڻ جي وسري ويندي آهي
ڪڏهن هينئين جي حالت هوندي آهي ائين، جيئن
سُڃَ شهر ۾ آڌيءَ رات جو، ٽرين ڇڏيندي آهي
مان هن کي ٿوريءَ جهٽَ ۾، بيزار ڪري وجهندو آهيان
هيءَ حياتي توسان ئي پر، بور نه ٿيندي آهي
رات ڪنهن بيوههَ عورت وانگي، چنڊ شرابيءَ جيان
ياد ڪڙي ڪا اوجاڳن جا، ڪَنَ ڀريندي آهي
فون تي پُڇندو آهي هڪڙو، ياد ڪرڻ وارو:
”توکي ڀي او جيڏا! مُنهنجي ياد ڪا ايندي آهي؟“
ادل سومرو
غزل
سڙيل گهر تي باک ڦُٽي آ،
درد – شهر تي باک ڦٽي آ.
ناتر جُهومي نيٺ ٿڪي آ
شِوَ مندر تي باک ڦٽي آ.
مور ڪُٺل جي ريٽي رت مان
ڪارونجهر تي باک ڦٽي آ.
ٿاريليءَ جو گَجُ ٿو مُرڪي
ڏهر ڏهر تي باک ڦٽي آ.
سپني مان سندرتا جاڳي
پيارَ- نگر تي باک ڦٽي آ.
پاڻياريءَ جي پهچڻ سان ئي
ڀوڏيسر تي باک ڦٽي آ.
دُک جي رات لڙي آ ٿريا!
هر ٿوهر تي باک ڦُٽي آ.
پکي، بتيلا، سنڌُو، ساوڻ
لهر لهر تي باک ڦٽي آ.
تو جي نيڻ کنيا هِن مُرڪي
دل جي ٿَرَ تي باک ڦٽي آ.
شبنم گل
غزل
جيڪو هوندو اک جو تارو،
ماڻهو هوندو سو تو پارو
تنهنجي مرڪ جي لاٽ بنان،
اونداهو آهي جڳ سارو.
توکي ڌاريو چوڻو پيم
ڪونه هيو ٻيو ڪوئي چارو.
پڪي گهر ۾ سڪ نه ڪائي،
جرڪيو ڪچي گهر جو گارو.
ڪنهن سان پنهنجا سور سليان،
شهر ۾ هرڪو هو ويچارو.
جنهن جو تن هو اَڇو اُجرو
ڪيڏو هو سو من جو ڪارو.
سميع لنڊ
غزل
چنريءَ ۾ مک پنهنجو لڪائي-
ڪنهن آواز تي پيئي ڪنائي –
لابارن ۾ ڪڻڪ رنگي ٿي،
سنگ سٽي ۽ سينڊ وڄائي-
چانڊوڪيءَ ۾ پنهنجي اڱڻ تي،
چنڊ ڏي هر هر پئي چتائي-
ڇا لئه ڇولين کان پئي ڇرڪي،
سامونڊين سان لنئون لڳائي-
منهنجي ڦڪي جيون ۾ ٿي،
انڊلٺ جهڙا رنگ رچائي-
”ڪرم“ ٽالپر
گيت
جيون جوت اجهامي ويندي،
تڏهين ايندين، پوءِ ڇا ٿيندو!
موسم يار بهار نه هوندي،
جذبن منجهه جيار نه هوندي،
ڪائي سوچ ۽ سار نه هوندي،
نيڻن منجهه نهار نه هوندي،
جڏهين جيت ۽ هار نه هوندي.
تڏهين ايندين پوءِ ڇا ٿيندو!
ڪوئي سوز ۽ ساز نه هوندو،
ڪائي رمز ۽ راز نه هوندو،
مون وٽ نينهن ۽ ناز نه هوندو،
عشق جو هي انداز نه هوندو،
آجيان لئه آواز نه هوندو.
تڏهين ايندين پوءِ ڇا ٿيندو!
گُهورن ۾ ڪو گهاءُ نه هوندو،
صُحبت ۾ ڪو ساءُ نه هوندو،
طلب ۾ ڪوئي تاءُ نه هوندو،
اڳيون آڌرڀاءُ نه هوندو،
”ڪرم“ ڪوئي ڪهڪاءُ نه هوندو.
تڏهين ايندين پوءِ ڇا ٿيندو!
واجد
غزل
صدمو جو صدا ٿي پيو،
هڪ فرض ادا ٿي پيو.
هي زهر آ، يا امرت،
دردن جي دوا ٿي پيو!
جو ڪالهه هيو قاتل،
اڄ راهه نما ٿي پيو!
ادراڪ وَيو اُڪري،
داناءُ دغا ٿي پيو!
هِن ڀُونءِ جو هر ڀتر،
آ خاڪ – شِفا ٿي پيو.
ساڃاهه سوا هر هڪ،
سرواڻ سزا ٿي پيو.
تاج جويو
وائي
رَتَ ٻُڏاڻو لاشُ،
اَڇن گُلڙن سيج تي!
ماڻهوءَ، مِرُون ٿِي ڪُٺو،
ماڻهوءَ جو وشواش…
ڌرتيءَ ڌاڙِ ڌاڙِ ڪئي،
رتُ رُنو آڪاش …
گهيريو ڪارن بادلن،
سورج جو پرڪاشُ …
خاڪي جويو
غزل
ڪنهن لئه لڙڪ وهائي ويٺين،
پنهنجا پاند پسائي ويٺين.
ڪاري رات اُٻهريون آسون،
سپنن منجهه سجائي ويٺين.
صدين کان پوءِ سچ – سڃاڻي،
تڙ – تڙ تند تپائي ويٺين.
خون خوابن منجهه ڀري تون،
در – در ديپ جلائي ويٺين.
اوجاڳن جي انبورن کي،
اکڙين منجهه اٽڪائي ويٺين.
سَنِکَنِ ۾ صدين جو ساهه وجهي،
واڄٽ ڪو ته وڄائي ويٺين.
گؤري ولڀ
ڏيکاءُ
وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي
مان چوان ٿي
خوش آهيان مان
توهان به مونسان
ٽهڪن ۾ ساٿ ڏيو
ڪٿي هي ٽهڪ
سُڏڪن ۾ بدلجي نه وڃن
۽ سڄي ماحول جو
مزو خراب ٿي نه وڃي.
مظهر لغاري
غزل
زمانا! زهر ڪيڏو پي وَياسين،
رڳو هڪ شخص خاطر جي وياسين.
اُهو جنهن لاءِ اوجاڳا ڪياسين،
اُهو جنهن لاءِ شاعر ٿي وياسين.
انهيءَ جي گهر کي ڳوليندي شهر ۾،
پاڻ ئي پاڻ گم ٿي وياسين.
هوائون ڪنهنجا ٿيون آڻين سنيها،
وري سيبن جيان اُڊڙي وياسين.
حسن ۽ سونهن جي دنيا مان مظهر،
هٿين خالي هٿين خالي وياسين.
وسيم سومرو
آزاد نظم
سرءَ جي رُت ۾
سڀن وڻن جا،
وينگس جي ويڙهوٽي وانگر،
ويڙهيل آهن وار،
چُپ چپن جيئن،
پن پن آهي،
ٽاريون؛ ٽاريون،
ڄڻ ته ٻڌل سَوَ ٻانهون آهن،
ههڙيءَ گُهٽَ ۾،
ماڻهن جو ٿو گهٽجي ساههُ،
هرڪوئي ٿو،
هير اچڻ جِي؛ هڻي صدا،
سرءَ جي رُت ۾،
هير جي ورندي،
اُڀ – ساها سڀ مهڪي پوندا،
تازا تازا ساهه کڻي،
جُهومي جُهومي،
سڀن وڻن جا کلندا وارَ،
چُرندا چپ ۽،
ٻانهون ٽاريون ٻهڪي نچنديون،
چهڪي نچنديون،
ناچ آ نچندو،
جيئن شادين ۾ ڪوئي شيدي.
سوز هالائي
غزل
سونهن سينگار، تنهنجي نيڻن ۾،
ميگهه ملهار، تنهنجي نيڻن ۾.
آئيني جيئن شفاف ۽ روشن،
جوت جنسار، تنهنجي نيڻن ۾.
هرڪا تخليق ٿي هتي سرجي،
ڪوئي فنڪار، تنهنجي نيڻن ۾.
ايترو نه آهي ساري ڌرتيءَ تي،
جيڏو سهڪار، تنهنجي نيڻن ۾.
اوتجي ڪيئن ويو تعجب آ،
سارو سنسار، تنهنجي نيڻن ۾.
گَهِري ساگر جي ڇولين وانگر،
سونهن جي ڌار، تنهنجي نيڻن ۾.
پاڻ پنهنجو پسيم ٿي ائين لڳو،
پيار ئي پيار، تنهنجي نيڻن ۾.
رفيق سيال
غزل
ڌرتي ساڳئي ڍول نه ساڳيا،
محبت جا ماحول نه ساڳيا.
گُهٽجي گُهٽجي ساهه کڻون ٿا،
چاهت جا چؤٻول نه ساڳيا.
ڪنهن جي هنج ۾ ڳوڙها ڳاڙيون،
جڳ ۾ اهڙا جهول نه ساڳيا.
سک ۾ ساٿ نڀائڻ وارا،
ڏک ۾ تنهنجا قول نه ساڳيا.
جيڪي گفتا پيار وڌائن،
گفتا سي انمول نه ساڳيا.
سچ جي خاطر يار ”رفيق“
سوريءَ سِرڙا گهول نه ساڳيا.
سيد علي احمد ساقي سروري
غزل
منهنجو مسجود جانِ جان آهي
جو زماني ۾ هڪ زمان آهي
هجر جي رات هي به گذري وئي
فجر جي مون ٻُڌي اذان آهي
ڪيئن جدا تون ڪري سگهين ٿو رقيب
مُنهنجو سهڻو ته ساه، سان آهي
هي جهان چند روز جو چٽڪو
هي فنا جو فقط مڪان آهي
مُنهنجو آغوش مسڪين، محبوب
”اڄ طبيعت روان دوان آهي“
تنهن رسُولِ خدا تان مان صدقي
جنهن جي صدقي ۾ هي جهان آهي
پيرسن آهيان ته ڇا ٿي پيو
دوست اڄ به دل جوان آهي
ڪهڪشان، چنڊ ۽ ڪتيون تارا
تنهنجي قدمن جو هي نشان آهي
پشپا ولڀ
چهڪ چهڪ – ٽهڪ
منهنجي راهن ۾ آهن نيزا اُڀا
۽ ترارون تکيون
نٽهڻ اُس ۾ واريءَ جو صحرا
اکين ۾ ڪيئي ٿوهر نِسري آيا آهن
۽ تون چوين ٿو ته
توکي مسڪرائي ڏيکاريان مان!
چهڪ چهڪ سڄو جُسو آهي
۽ خوش رهندي ڪريان مان!
پر مان توکي کِلي ڏيکارينديس
چهڪ چهڪ ٽهڪ ڏينديس!
مير حسن آريسر
غزل
هي سانوڻي وسڪار جي،
اڄ نينڍ ڏي ٿي پيار جي.
تُنهنجي وڳي مان ٿي اچي،
سرهاڻ مينديءَ ڏار جي.
ها، پر گُلابن ۾ ڪٿي،
هٻڪار منهنجي يارَ جي؟
ڪنهن کي رئاڙي ٽهڪ ڏيڻ،
آ ريت هن سنسار جي.
ڇا سڪ نه ڪارونجهر کي آ،
هن موسمِ ملهار جي؟
تُنهنجي ادا هرڪا مِٺي،
ڄڻ مُرڪ ننڍڙي ٻار جي.
جنهن ۾ نه خُوشبوءِ ديس جي
سا شاعري ٻئي پار جي!
اياز جاني
غزل
من ۾ ٿاڪ تنهنجي نيڻن جا،
چپَ هيراڪ تنهنجي نيڻن جا.
راز سرجيا نه سي به ڄاڻن ٿا،
ڇا ته ادارڪ تنهنجي نيڻن جا.
باک جي چهري کي اَوَسِ چُمندا،
جن کي ڀي چاڪ تنهنجي نيڻن جا.
پيار جا ديپ ڪنهن به ٻاريا پر،
ٿا سجن تاڪ تنهنجي نيڻن جا.
آنءُ مفلس ۽ شهر تنهنجي ۾،
ڪيترا واڪ تنهنجي نيڻن جا.
جهول گدلي ۾ ڪيئن جهلي جاني،
لَڙڪ سڀ پاڪ تنهنجي نيڻن جا.
رکيل مورائي
وائي
ڪِيئن هوءَ مرڪي پئي، پنهنجو عَڪس پَسي
آئيني ۾
اُبتيون سُبتيون ليڪون، جيون جي ڦرهي
آئيني ۾
جوڀن بَلبُ اُجهاميو، ٿي وئي اونداهي
آئيني ۾
چانديءَ تارُون چَڳَ ۾، چَهرو چانڊوڪي
آئيني ۾
متل جوڳي
گيت
ڀُونءِ ڀني، مينهن اُٺا.
اڃان پرين ڪونه وَرِيا.
رات ٺري، لوڪ سُتو
واءُ لڳو دَردُ ڏکيو
چيٽَ جا هِتِ چنڊ ڏٺا.
اڃان پرين ڪونه وريا.
ڪڻڪ لٿي، ونئڻن پيا
نَوان ڪيئي نينهن ٿيا
ڪو نه کِليا محب رُٺا.
اڃان پرين ڪونه وريا.
سِڪ لڳي، هانءُ هُرِيو
چنگ وڳو، چاهه چريو
ساهه سوين سورَ سٺا.
اڃان پرين ڪونه وريا.
سج ٻڏو، شام لڙي،
دڳ ۾ ڪا ديد اڙي
کوڙَ ٿيا لڙڪ ڪَٺا.
اڃان پرين ڪونه وريا.
ضمير ڦُل
غزل
آيو اُڀري چنڊُ پڌر ۾،
سوچون ڊوڙن سُونهن ننگر ۾.
”ڪين سگهي جا سمنڊ وسائي،
ايڏي آهي آڳ اندر ۾.
منهنجو چاههُ ازل جو آهي،
ناهي پر ڪو پيار پٿر ۾.
هُوند لکي ها هيڪر مون ڏي،
پنهنجو سُندر نانءُ پَتَر ۾.
ڇُوليون آهن ڄڻ سنڌوءَ جون،
منهنجي هر هڪ بند ڇپر ۾.
چاههَ چڙا ۽ گهنڊ وڄايو،
ايڏي ڇو آ ماٺ مندر ۾؟!
ڪوثر هالائي
غزل
ڪجهه نه سڃاڻي سگهيون، اکيون،
ڪيڏو ڀلجي پيون، اکيون.
هاڻ ورائڻ اوکو آهي،
جهل پل ساڻ نه جهليون، اکيون.
تنهنجي واٽ نهاري سائين!
ٿڪجي آهن پيون، اکيون.
ڪيڏا پرکا بادل برسيا،
پوءِ به آهن پياسيون، اکيون.
توسان ٿيون جي قرب ڪچهريون،
ڪنهن پر ناهن ڀليون، اکيون.
هيءَ ته وفا جي ريت نه آ، تو،
ڇالئه آهن ڦيريون، اکيون.
محب ملڻ جي ويل آ هرڪا،
روز، رهن ٿيون آتيون اکيون.
جيون جي ڪنهن موڙ تي توکي،
”ڪوثر“ ڳولي لهنديون، اکيون. |