انگريز: ٽالپرن جي دور ۾ ڪيترائي انگريز سنڌ ۾ آيا
۽ پنهنجن ڪتابن ۾ سنڌ جو احوال تفصيل سان لکيائون.
انهن مان ميسن، سر اليگزينڊر برنس، هينري واٽر
بيلو، ڪيپٽن ڊيوڊسن، هينري پاٽينجر، جيمس برنس،
چارلس ميسن، آرٿر ڪولوني، اليگزينڊر برنس، ڪيپٽن
ايسٽ وڪ، ڪيپٽن لينو پولڊ، ميجر وليم نيپيئر، ميجر
آئو ٽرام، چارلس ڊلڪي، رچرڊ برٽن وغيره، هتي انهن
جي احوال جو جائزو ورتو ويندو ته مضمون تمام طويل
ٿي ويندو. اهو جائزو مون جدا مقالي بعنوان ”سنڌ –
مغربي ليکڪن ۽ سياحن جي نظر ۾“ ڏنو آهي. جيڪو سه
ماهي مهراڻ سال 1979ع جي نمبر 3 ۽ 4 ۾ ڇپيو آهي.
حوالا
(1)
بحواله مقالو: منصوره جون علمي ۽ اقتصادي حالتون،
از: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پريت پبليڪيشن جو
ٽيون ڪتاب، مارچ 1983ع، ص 14.
(2)
ابو ريحان البيروني: ڪتاب الهند، اردو ترجمو از
سيد اصغر علي، انجمن ترقي (هند) دهلي 1941ع، جلد
اول، ص 273.
(3)
ايضاً، ص 348.
(4)
ايضاً، ص 271 – 272.
(5)
غرة الزيجات: بجيا نند، عربي ترجمه: ابو ريحان
البيروني، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، سال 1973ع،
انگريزي ۾ مهاڳ
(Preface)
لکيل: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 41.
(6)
هشت بهشت، اردو ترجمو، لاهور، ص 51.
(7)
ايضاً، ص 192.
(8)
سفر نامه ابن بطوطه، اردو ترجمه، نفيس اڪيڊمي
ڪراچي، 1961ع ص 481.
(9)
ايضاً، ص 485.
(10)
ايضاً، ص 485.
(11)
ايضاً، ص 486.
(12)
ايضاً.
(13)
ايضاً.
(14)
ايضاً، ص 49.
(15)
ايضاً، ص،. 49- سنڌي ترجمو، از محمد ابراهيم
عباسي سنڌي ادبي بورڊ، سال 1976ع، ص 15.
(16)
اردو ترجمه، ص 491، سنڌي ترجمو ص 16.
(17)
پير حسام الدين راشدي: ڏهين صدي هجري جي سنڌ
(سيدي علي رئيس جي سفرنامي جو سنڌي ترجمو)، شايع
ٿيل، سه ماهي مهراڻ، سال 1971ع، ص 1 کان 4.
(18)
ايضاً، ص 6.
(19)
ايضاً، ص 6
(20)
ايضاً، ص 7
(21)
ايضاً، ص 7
(22)
ايضاً
(23)
ايضاً
(24)
ايضاً
(25)
ايضاً، ص 9
(26)
ايضاً.
(27)
محمود بن امير ولي بلخي: بحرالاسرار، مرتب: ڊاڪٽر
رياض الاسلام، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ
ايشين اسٽڊيز ڪراچي يونيورسٽي. 1980، ص 95.
(28)
ايضاً
(29)
ايضاً، ص 96
(30)
ايضاً، ص 97
(31)
ايضاً 97996.
(32)
ايضاً، ص 97
(33)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: مقالو: سنڌ – مغربي
ليکڪن ۽ سياحن جي نظر ۾، سه ماهي مهراڻ سال 1979ع
ص 243. ص 109 کان 114
(34)
نڪولاس منوچي: اسٽوريا ڊوموگر، اردو ترجمو؛ ملڪ
راج.
(35)
مير غلام علي آزاد بلگرامي، ماثر الڪرام اردو
ترجمو، دارالمصنفين، ڪراچي، 1983ع.
سنڌ جو دارالمصنفين
(سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ)
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
[سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جا شايع ڪيل
ڪتاب، منهنجي والد مرحوم حڪيم قاضي محمّد يعقوب
قريشيءَ جي لائبريري ۾ گڏ ڪيل هئا. ننڍ پڻ ۾ انهن
ڪتابن کي ڏاڍي چاهه سان پڙهندو هوس، اُن وقت کان
وٺي، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن
سان، وڏو انس پئي رهيو آهي. سندم ڪن ادبي دوستن ۽
سڄڻن، وقت به وقت، صلاح پئي ڏني ته انهي سوسائٽيءَ
متعلق هڪ تحقيقي ڪتاب لکان، انهيءَ ڏس ۾ بنده راقم
”سنڌ جو دارالمصنفين“ نالي هڪ ڪتاب لکيو آهي. هيءُ
مقالو، منهنجي انهيءَ قلمي ڪتاب جي ڪن چونڊ حصن تي
مشتمل آهي. ق – ح – خ]
برصغير هندو پاڪ ۾ ”دارالمصنفين“ اعظم ڳڙهه. هڪ
اهڙو عظيم الشان، علمي، ادبي ۽ اشاعتي ادارو آهي،
جنهن کي تواريخ ۾ هميشه عزت ۽ احترام جي نگاهه سان
ڏٺو ويندو. دارالمصنفين“ جي ڪارنامن جو اثر،
برصغير جي اڪثر سڀني صوبن تي پيو. سنڌ صوبو پڻ اُن
جي اثر کان رهي نه سگهيو. هونءَ به تواريخي لحاظ
کان اهو ڏٺو ويندو، ته هر اها تحريڪ، جنهن برصغير
هندو پاڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ جنم ورتو، سنڌ پڻ هر
ان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي. انهيءَ سلسلي ۾،
سنڌ جي سرزمين کي اهو شرف پڻ حاصل آهي ته هتان جي
مسلمانن پنهنجي سنڌي زبان، علمي خواهه مذهبي ادب،
تواريخ، تهذيب ۽ تمدن کي زندهه رکڻ ۽ ان کي ترقي
وٺائڻ لاءِ اهڙي قسم جي قومي اشاعتي اداري کي وجود
۾ آندو.
ٽالپرن جي دور ۾، حيدرآباد جي قديم تواريخي شهر ۾
ٽالپرن جي شاهي درٻار، علم ۽ ادب، تهذيب ۽ تمدن،
شعر ۽ شاعريءَ جو مرڪز هئي – هن دور جي خاتمي
کانپوءِ حيدرآباد جي شاهي درٻار جي اُها زيب ۽
زينت، بي نور ٿي وئي. حيدرآباد جي انهيءَ قديم
علمي ۽ ادبي شهر ۾، ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي
نالي سان، هڪ علمي ۽ ادبي قومي ادارو قائم ٿيو؛
جنهن کي بلاشبهه، ”سنڌ جو دارالمصنفين“ سڏي سگهجي
ٿو. سنڌ جي هن اداري، سنڌي قوم ۽ سنڌ جي علم ۽
ادب، تهذيب ۽ تمدن ۽ تعليمي ميدان ۾ وڏي خدمت
سرانجام ڏني آهي. هتي سنڌ جي انهي قومي اداري جو
مفصل احوال ڏجي ٿو ته جيئن اسان جو نئون نسل انهي
مان واقفيت حاصل ڪري ۽ ساڳئي وقت ان کي اهو بخوبي
احساس ٿئي ٿو ته سندن اڳين بزرگن، سنڌي زبان ۽ ادب
کي ڪهڙين ڪهڙين حالتن پٽاندڙ، زندهه ۽ دائم رکڻ
لاءِ جتن ۽ ڪوششون پئي ڪيون آهن!
تواريخي ۽ سياسي پس منظر:
سن 1843ع ۾ انگريزن مياڻي جي ميدان تي، ٽالپرن سان
جنگ ڪري، سنڌ ملڪ فتح ڪيو. سنڌ جي فتح پنهنجي جاءِ
تي هڪ عظيم سانحو آهي. مياڻي جو جنگي معرڪو، دراصل
انگريز سامراج جي مڪاري ۽ فريب ڪاري جو هڪ کليو
ثبوت آهي، انهيءَ جنگ کانپوءِ سنڌ ملڪ، پنهنجي
قومي آزادي ۽ خودمختياري کان هميشه لاءِ محروم ٿي
ويو. اُن دور کان وٺي سن 1947ع تائين هڪ صديءَ جو
سمورو عرصو، اڪثر غلامي ۽ محڪوميت جو دور رهيو.
سنڌ جي فتح کانپوءِ سر چارلس نيپيئر انتظامي لحاظ
کان، سنڌ جو پهريون گورنر ٿيو. هو سنڌ مان ويندي
هن ملڪ کي بمبئي پرڳڻي جو هڪ حصو بڻائي ويو. سنڌ
جو بمبئي سان الحاق، هڪ غير فطري هو.
بمبئي، سنڌ کان تمام ڏورانهون هنڌ هو. ان ڪري هتان
جي ماڻهن کي، پنهنجن معاملن ۾ ڪافي تڪليفون ۽
دُشواريون پيش اينديون هيون. سر چارلس نيپيئر جي
وڃڻ کانپوءِ رابرٽ پرنگل کي سنڌ جو پهريون ڪمشنر
مقرر ڪيو ويو. بمبئي جي گورنر طرفان سمورا
اختيارات ڪمشنر جي حوالي ڪيا ويا، گويا سنڌ جو
ڪمشنر، سنڌ جو حاڪم اعلى هو.
انهي دوران سن 1857ع ۾ ”جنگ آزادي“ وڙهي ويئي،
جنهن کي انگريزن، پنهنجيءَ پر ۾ ”غدر“ جو نالو
ڏنو. اها آزادي جي جنگ به سامراجي ٽُڪرن تي پليل
چند غدارن جي غداري ڪري، ناڪام ٿي وئي، آزادي جي
انهي ويڙهه ۾ سنڌ جي عوام پڻ ڀرپور حصو ورتو، انهي
جي عيوض، انگريز حاڪمن، سنڌ ۾ ڏاڍ ۽ جبر کان ڪم
ورتو، سنڌ جي عوام، ڌارين حاڪمن جي ڏاڍاين ۽
ظالمانه ڪاررواين جي خلاف، پنهنجو آواز بلند ڪيو.
انگريزن، آزادي جي انهيءَ آواز کي ڪهڙن ڪهڙن ڪُڌن
نمونن ۾ گهُٽيو، ان سلسلي ۾ سنڌ جي تواريخ جا باب
ڀريا پيا آهن. (1) جنگ آزادي جي ناڪامي کانپوءِ
انگريزن سنڌ جي سڀني اڳين نشانن کي هر لحاظ کان
مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ جيئن هر فاتح ۽ جابر حڪمران،
پنهنجن مقصدن کي سڌ ڪرڻ لاءِ ڪندو آهي.
جنگ آزادي جي خاتمي کانپوءِ سنڌ جي مسلمانن ۽ هندن
پاڻ ۾ گڏجي، سڀ کان پهريائين ”سنڌ سڀا“ نالي هڪ
جماعت قائم ڪئي. هن جماعت جو مکيه مقصد هو ته هندو
۽ مسلمان، سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي
ڪوششون ڪن (2) ليڪن انگريزن پنهنجي سياسي حڪمت
عملي سان انهي جماعت ۾ ڦوٽ وڌي، انگريزن، هندن کي
اهو تاثر ڏنو ته اهو انگريز ئي آهي، جنهن کين
مسلمانن جي غلاميءَ کان نجات ڏياري آهي. سنڌ جي
مسلمان حاڪمن جي تواريخ کي مسخ ڪري، هندن کي اهو
به ذهن نشين ڪرايو ويو ته مسلمان حاڪم تعصبي هئا،
دراصل مفتوح ته سنڌي هندو به هئا، پر جيئن ته
انگريزن، حڪومت جون واڳون مسلمانن کان ورتيون
هيون؛ انهي ڪري انگريزن، سنڌ جي هندن جي هر سطح تي
ڀرپور رهنمائي ۽ مدد ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ان جي ڀيٽ ۾
مسلمانن کي هر طرح سان مٽائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئا.
سنڌ جي ديني مدرسن ۽ مڪتبن کي، سنڌ جي اڳوڻن
مسلمان حاڪمن کان مليل جاگيرون، معاوضا ۽ وظيفا پڻ
بند ڪيا ويا. (3) انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو
سنڌ جا مسلمان، هر طرح سان تباهي جي ڪناري تي پهچي
ويا.
انهن مٿين حالتن، سنڌ جي مسلمانن کي اهو سوچڻ تي
مجبور ڪيو، ته انهي تباهي ۽ بربادي جي ڪُن مان
ٻاهر نڪرڻ جو واحد ذريعو صرف اهو آهي، ته سنڌ کي
هڪ دفعو ٻيهر اها ساڳي اڳ واري حيثيت ڏياري وڃي.
اهڙيءَ طرح سنڌ جي مسلمانن ۾، سياسي سجاڳي ۽
جاڳرتا جي لهر پيدا ٿي. سن 1880ع ۾ ڪراچيءَ ۾
”انجمن اسلام“ جي نالي سان، سنڌ جي مسلمانن هڪ
جماعت قائم ڪئي؛ جنهن جا روح روان خانبهادر حسن
علي آفندي ۽ مولوي الهه بخش ”ابوججهو“ هئا. (4)
انهيءَ جماعت جو صدر، خانبهادر حسن علي آفندي هو،
مگر اسان سنڌ وارن جي روايتي حسد ۽ ساڙ واري طبيعت
جي ڪري اها جماعت هلي نه سگهي ۽ آخر ختم ٿي وئي.
ان کانپوءِ 17- جمادي الاول 1301هه/15 مارچ 1884ع
تي مولوي الهه بخش ”اٻوجهي“ جي سعي ۽ ڪوشش سان،
”مجمع محمدي“ •
جي نالي سان، هڪ جماعت وجود ۾ آئي؛ جا پوءِ اڳتي
هلي، ”سنڌ محمّدن ائسوسيئيشن“ جي نالي ۾ تبديل ٿي
۽ ان کي سنڌ جي هڪ سياسي جماعت بڻايو ويو. (5)
”سنڌ محمّدن ائسوسيئيشن“، سنڌ جي مسلمانن جي هڪ
فعال سياسي جماعت ٿي اُڀري. هن سياسي جماعت جي
سهاري هيٺ، ”سنڌ جي بمبئي کان علحدگي“ واري تحريڪ
شروع ٿي. هن جماعت، سنڌ جي عوام کي، ”آزاد سنڌي
قوم“ جو احساس ڏياريو ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾، بمبئي کان
الڳ ٿي، پنهنجي خودمختيار صوبائي حيثيت ۾ ترقي ڪرڻ
۽ واڌاري جو شعور ڏياريو. (6) ”سنڌ جي بمبئي کان
علحدگي واري تحريڪ جي مهم ۾ هندو به شامل هئا، (7)
پر پوءِ هندن جي هڪ طبقي، انهي تحريڪ جي مخالفت
شروع ڪري ڏني.
پهرين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ ڪانگريس، سوراج جي
مهم شروع ڪئي ۽ مسلمانن وري ”خلافت تحريڪ“ جو
بنياد وڌو. ڪانگريس، ”خلاف تحريڪ“ جي سلسلي ۾،
مسلمانن جي تائيد ڪئي. ”سنڌ خلافت تحريڪ“ جي
قيادت، حضرت مولانا سيد تاج محمود امروٽي ؒ
سنڀالي. (8) ڪجهه وقت کانپوءِ سنڌ ۾ ”هجرت تحريڪ“
زور ورتو ۽ هتان ڪافي تعداد ۾ مسلمان هجرت ڪري،
افغانستان ڏانهن ويا؛ پر افغانن جي غلط رويي
سببان، سنڌي مهاجرن سان ڏاڍيون جُٺيون ٿيون ۽ اُهي
واپس پنهنجي وطن سنڌ موٽي آيا.
سنه 1913ع ۾ ڪراچيءَ ۾، ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ جو
ساليانو اجلاس ٿيو؛ جنهن جي مرحبائي ڪميٽي جي
چيئرمين سرڳواسي هر چند راءِ وشنداس پنهنجي رپورٽ
۾ واضح لفظن ۾ ظاهر ڪيو ته سنڌ جو بمبئي سان جوڙ،
ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي.
سنڌ جو ڪمشنر، سنڌ اندر هڪ ڊڪٽيٽر ٿي، حڪومت ڪري
ٿو (9) سن 1917ع ۾ برطانيه سرڪار جو وزير هند،
مسٽر مانٽيگو سنڌ ۾ آيو ۽ هن جي اڳيان ”سنڌ محمّدن
ائسوسيئيشن“ ۽ ”سنڌ پراونشل ڪائونسل“ جي طرفان،
سنڌ جي جدائيءَ وارو سوال پيش ڪيو ويو. ان کانپوءِ
سن 1924ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ”الوحيد“ اخبار جي
ذريعي، سنڌ اندر باقاعدي سنڌ جي جدائي واري تحريڪ
هلائي؛ جنهن جو ڏاڍو سُٺو نتيجو نڪتو. سن 1925ع ۾
عليڳڙهه ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جو اجلاس ٿيو، جتي
پهريون ڀيرو، هندستان جي سطح تي، سنڌ جي جدائيءَ
جو مطالبو ڪيو ويو. اهو ٺهراءُ شيخ عبدالميجد
سنڌيءَ جي طرفان پيش ڪيو ويو هو. (10) ان کانپوءِ
سن 1926ع ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جي دهلي واري
اجلاس ۾ پڻ ”سنڌ جي جدائي واري سوال کي دُهرايو
ويو. سن 1927ع ۾ ”سنڌ نيشنل ليگ“ قائم ٿي، جنهن جو
مقصد پڻ ”سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ وارو هو. ڊسمبر
1927ع ”آل انڊيا ڪانگريس“، سنڌ جي جدائي واري
تحريڪ جي مطالبي کي قبول ڪيو. مارچ 1928ع ۾”آل
انڊيا ڪانگريس“، سر پرشوتمداس جي صدارت ۾ هڪ ڪميٽي
ٺاهي ۽ ان کي سنڌ جي مالي حالت جي باري ۾، جاچ
پڙتال ڪرڻ جو ڪم سپرد ڪيو ويو. 17- جولاءِ 1928ع
تي ”سنڌي هندو – مسلم پئڪٽ“ ٺهيو، جنهن تي هندو ۽
مسلمان اڳواڻن صحيحون ڪيون ۽ پهريون دفعو سنڌي
هندن، سنڌ جي جدائي واري سوال کي قبول ڪيو- (11)
ان کانسواءِ سيپٽمبر 1928ع ۾ ”آل انڊيا پارٽيز
ڪانفرنس“ جي سهاري هيٺ ”نهرو ڪميٽي“ پنهنجي رپورٽ
پيش ڪئي، جنهن ۾ هندن جي سخت مخالفت هوندي به ”سنڌ
جي جدائي“ کي قبول ڪيو ويو. (12) اهڙي طرح سان
”سنڌ جي بمبئي کان جدائي“ واري تحريڪ تمام گهڻو
زور ورتو ۽ آهستي آهستي ٿي اها تحريڪ سنڌ ۾ هر سطح
تي زور وٺندي رهي. آخرڪار سن 1936ع ۾ سنڌ کي هڪ
الڳ صوبو بنايو ويو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان
وٺي سن 1931ع تائين سنڌ ۾ اهي مٿي بيان ڪيل سياسي
حالتون رهيون، جن جي مد نظر ”سنڌ مسلم ليگ ادبي
سوسائٽي“ جي قائم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي.
علمي ۽ ادبي پس منظر:
ويهين صدي عيسوي جو شروعاتي دور، سياسي ۽ قومي
تحريڪن جو زمانو هو، انهن سياسي ۽ قومي تحريڪن
دوران، برصغير جي اڪثر سڀني پرڳڻن ۾، علائقائي ادب
کي زور وٺائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جي مهم شروع ٿي، انهي
ڏس ۾ هندستان جي مختلف علائقن ۾، علم ۽ ادب کي
ترقي وٺائڻ لاءِ ڪيتريون تحريڪون ۽ سوسائٽيون وجود
۾ آيون. دنيا جي مُهذب قومن جي بيداريءَ ۽ خاص ڪري
برصغير جي سياسي تبديلين ۽ ڦيرين گهيرين سبب، سنڌ
جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ پڻ سنڌي زبان ۽ ادب کي زور
وٺائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ اُتساهه پيدا ٿيو. اهڙيءَ
طرح دنيا جي مُهذب ۽ زندهه قومن وانگر، سنڌي
عالمن، اديبن ۽ شاعرن ۾ پڻ پنهنجي زبان ۽ ادب کي
زندهه ۽ سلامت رکڻ ۽ اُن ۾ جديد دور جي تقاضائن
موجب، ادبي ۽ تواريخي سرمايي کي يڪجاءِ ڪرڻ جو شوق
۽ جذبو پيدا ٿيو.
انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت سنڌ ۾، عربي ۽ فارسي
ٻوليون رواج ۾ هيون. سنڌ جي مدرسن، مڪتبن ۽
خانقاهن ۾ ديني درس ۽ تدريس، انهن ٻولين ۾ ڏنو
ويندو هو. سنڌي زبان پڻ مدرسن ۾ رواج هيٺ هئي.
ڪلهوڙن جي دور ۾، عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ، سنڌي ۾
به درس ۽ تديرس جو رواج عام ٿيو. اهڙي رح مسلمانن
جو مذهبي، اخلاقي، ادبي ۽ تواريخي سرمايو اڪثر ڪري
عربي، فارسي ۽ مروج سنڌي ٻولين ۾ هو، ڪلهوڙن جي
دور ۾ مخدوم ابوالحسن جي تيار ڪيل ”عربي سنڌي“
صورتخطي رواج ۾ هئي ۽ سنڌ جي اڪٿر سمورو ديني ادب،
انهيءَ صورتخطيءَ ۾ ڊگهن نظمن جي صورت ۾ لکيو
ويندو هو. ان دور جو جيڪو به علمي ۽ ادبي سرمايو
موجود آهي، اهو گهڻو ڪري صوفياڻي ۽ مذهبي نوعيت جو
آهي. سنڌي زبان تي عربي ۽ فارسي ٻولين جي غلبي ڪري
ان ۾ سنڌي قوميت جو رنگ بنهه ڪو نه هو.
مخدوم ابوالحسن جي ايجاد ڪيل سنڌي صورتخطي، سنڌ جي
ماڻهن ۾، آهستي آهستي پنهنجي مادري زبان ”سنڌي“
لاءِ محبت جو هڪ جذبو پيدا ڪيو. اهڙي طرح سنڌ جي
ماڻهن ۾، سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ قوميت وارو هڪ سچو
جذبو ۽ روح پيدا ٿيو. انگريزن جي دور حڪومت کان اڳ
۾، سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ اُن وقت جي حڪومتن، ڪنهن
به طرح جي ڪابه سرپرستي ڪانه ڪئي. اُن دور ۾ جيڪو
به سنڌي ادب پيدا ٿيو، اُن ۾ سنڌ جي مقامي عالمن،
اديبن، شاعرن ۽ صوفي درويشن پنهنجي پنهنجي نموني ۾
ڀرپور حصو ورتو ۽ سنڌي زبان ۽ ادب کي هر لحاظ کان
مالامال ڪيو. ائين کڻي چئجي ته انهيءَ ادبي تحريڪ
۾، سنڌ جي ماڻهن جو پنهنجو انفرادي عمل دخل هو.
سن 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ ۾
علم ۽ ادب لاءِ ترقي جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. هن
دور ۾ سنڌي زبان کي ”سنڌ جي سرڪاري دفتري زبان“
قرار ڏنو ويو. سنڌ 1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر، هڪ
”لٽريچر ڪميٽي“ مقرر ڪئي؛ جنهن جي حوالي اهو ڪم
سپرد ڪيو ويو ته سنڌ ۾ سنڌي زبان ۽ علم ۽ ادب کي
ترقي ڏياري ۽ مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي تيار ڪيل
سنڌي صورتخطيءَ ۾ موزون تبديليون آڻي – انهي ڪميٽي
سڀ کان پهريائين سنڌي ٻولي جي اکرن، صورتن ۽ آوازن
تي توجهه ڏنو، ان کانپوءِ لفظڻ جي جوڙجڪ ۽ بيهڪ تي
ڪافي بحث مباحثو ڪري، ان لاءِ قاعدا قانون ۽ گرامر
جا اصول مرتب ڪيا ويا.
اهڙي طرح سن 1853ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فيئر،
سنڌ پرڳڻي لاءِ نئين عربي سنڌي ”الف – ب“ تيار
ڪرائي، سنڌ ۾ نئين صورتخطيءَ لکڻ جو رواج عام ڪيو.
ان طرح سنڌي نثر لکجڻ جو رواج عام ٿيو. قديم نظم
جي بجاءِ جديد سنڌي نثر کي وڌڻ ۽ اُسرڻ ۾ تمام
گهڻي هٿي ملي. اهڙي طرح سنڌي زبان جي صورتخطي ۾ هڪ
جهڙائي مضمون ۽ عبارت جي رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڪافي ڦيرو
آيو.
انگريز سرڪار، سموري سنڌ ۾ ”سنڌي پرائمري اسڪولن“
جو ڄار وڇايو. سنڌ جي ڪن وڏن شهرن جهڙوڪ: شڪارپور،
حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ هاءِ اسڪول پڻ کوليا ويا. ان
مان انگريزن جو اهو مقصد هو ته سنڌ وارا، انگريزي
ٻولي ۽ ادب کان روشناس ٿين ۽ ٻئي طرف، نئين سنڌي
صورتخطي جو سنڌ ۾ باقاعدي رواج جاري ٿئي. سرڪار
انهن ٻنهي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي. ساڳي وقت انگريزن،
سنڌ ۾ نوڪري ڪندڙ انگيرز عملدارن لاءِ سنڌي ٻولي
سکڻ ۽ لکڻ لازمي ٺهرايو، ته جيئن هُو سنڌ جي مقامي
ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذائن کي پوريءَ طرح سمجهي انهن
جي ڏکن ۽ سُکن ۾ شريڪ ٿي سگهن.
سنڌ ۾ اسڪولن جي قائم ٿيڻ کانپوءِ سرڪاري سطح تي،
ڪيترائي درسي ڪتاب تيار ڪرايا ويا. سنڌي ٻوليءَ جي
نئين صورتخطيءَ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌي نثر جو
رواج عام ٿيو، پر ان هوندي به نئين رسم الخط ۾ اڃا
يڪسانيت پيدا ڪانه ٿي هئي ۽ هرڪو عالم، اديب ۽
شاعر پنهنجي پنهنجي نموني ۾، سنڌي صورتخطي ٻيو
استعمال ڪندو هو، ان وقت جي انگريز سرڪار، جيئن
اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون، ته تعليم کاتي جي
طرفان سنڌي صورتخطيءَ ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ
ڪوششون ڪيون. سنڌ جي هندو خواهه مسلمانن ۽ پرڏيهي
عالمن، اديبن ۽ شاعرن وڏي محنت ۽ جذبي سان، انهن
سرڪاري ڪوششن ۾ ڀروپر حصو روتو. اهڙيءَ طرح ”جديد
سنڌي نثر“ آهستي آهستي ترقي ڪئي ۽ ان جي صحيح شڪل
۽ شباهت وجود ۾ آئي.
”جديد سنڌي نثر“ آهستي آهستي ترقي ڪئي ۽ ان جي
صحيح شڪل ۽ شباهت وجود ۾ آئي.
”جديد سنڌي نثر“ آهستي آهستي ترقي ڪئي ۽ ان جي
صحيح شڪل ۽ شباهت وجود ۾ آئي.
”جديد سنڌي نثر“ جي عمارت کي اَڏڻ ۽ سينگارڻ ۾
ديوان ننديرام سيوهاڻي، سيد ميران محمّد شاهه
(اول)، ديوان ڪوڙي مل کلناڻي، مرزا صادق علي بيگ،
ديوان اُڌارام، آخوند لطف الله، ديوان ڪيولورام ۽
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ڀرپور حصو ورتو، انهن
ڏيهي عالمن کانسواءِ پر ڏيهي عالمن پڻ سنڌي ادب جي
ترقي ۽ واڌاري لاءِ چڱا گهڙا ڀريا. مرزا قليچ بيگ
پنهنجي حياتي جا پنجاهه ورهيه سنڌي زبان ۽ ادب جي
خدمت ۾ پورا ڪيا ۽ پنهنجي لکڻين جو هڪ وڏو قيمتي
ذخيرو، سنڌي ادب ۾ هميشه لاءِ يادگار ڇڏيو. سنڌي
ادب جي اها عمارت صدين تائين قائم رهندي، انهن
اوائلي عالمن ۽ اديبن جون تصنيفون ۽ تاليفون، گهڻو
ڪري ڌارين ٻولين جي ترجمن جي صورت ۾ هيون، دنيا جي
اڪثر مُهذب ۽ سڌريل ٻولين جي نثر جي شروعات، ڌارين
ٻولين جي ترجمن سان ئي ٿي آهي. ڌارين ٻولين جي
ترجمن ڪرڻ مان اهو نتيجو نڪتو، جو سنڌي نثر ۾
پختگي ۽ رواني پيدا ٿي. اهڙي طرح سنڌي نثر روزمرهه
جي زندگي سان تعلق رکندڙ ڳالهين سان همڪنار ٿيو،
ان دور ۾ صحافت جي باقاعده شروعات ٿي ۽ ان جي
ذريعي پڻ سنڌي نثر پنهنجو ترقي طرف وک وڌائي.
انگريزن جي ابتدائي دور ۾، سنڌ ۾ ڪو به اهڙو قومي
ادبي ادارو يا انجمن ڪانه هئي، جنهن جي سهاري هيٺ،
سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪو خاطر
خواهه ڪم ٿي سگهي. البت سنڌ جا ڪيترائي هندو خواهه
مسلمان عالم، اديب ۽ شاعر پنهنجي پنهنجي نموني ۾،
انفرادي طرح، سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪندا ٿي
رهيا. ان دور ۾، سنڌي ادب جي ڪن گهڻگهرن ۽ سڄڻن،
ڪي انجمنون ۽ سوسائٽيون وجود ۾ آنديون، جن جي
ذريعي سنڌي زبان ۽ ادب ڪافي ترقي ڪئي.
سن 1914ع ۾ هاسانند وڪيل ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ قائم
ڪئي، ڄيٺمل پرسرام ۽ لعلچند امر ڏنو مل، انهي ڪم ۾
سندس ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا. هن سوسائٽي جي طرفان
نهايت ئي قيمتي ڪتاب شايع ڪيا ويا، سنڌي علم ۽ ادب
کي زور وٺائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جي سلسلي ۾ مجموعي طرح
اها پهرين ادبي ڪوشش هئي. مرزا قليچ بيگ جا ڪافي
ناياب ۽ قيمتي ڪتاب پڻ هن سوسائٽي جي طرفان ڇپرايا
ويا.
”سنڌي ساهت سوسائٽي“، جي ماٺي پوڻ کانپوءِ ديوان
ڪيولرام ”نيئن سنڌي لائبريري“ جي نالي سان هڪ علمي
۽ ادبي انجمن قائم ڪئي، ديوان صاحب پنهنجي هڙان سٺ
هزار رپيه انهي انجمن جي حوالي ڪيا. هن انجمن جي
طرفان اٽڪل ساٺيڪو کن بهترين ڪتاب ڇپايا ويا. مرزا
قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام ۽ لعلچند امر ڏنومل، انهي
انجمن جا مکيه ليکڪ هئا.
سن 1920ع ۾ ديوان منوهرداس، ”ڪوڙومل سنڌي ساهتيه
منڊل“ نالي هڪ ادارو قائم ڪيو. هن اداري ورهين جا
ورهيه سنڌي زبان جي سُڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪيو ۽
اڪثر ڌرمي، علمي، ادبي ۽ تواريخي ڪتاب شايع ڪرايا.
هن اداري جو ٻيو اهم مقصد اهو هئو ته ”هندو –
مسلم“ اتحاد کي، سنڌي ڪتابن جي ذريعي قائم رکجي.
سن 1929ع ۾ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، هن فاني
جهان مان رحلت ڪري ويو. مرزا صاحب جي وفات کانپوءِ
سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. ساڳئي وقت سنڌ
جو قديم علمي، ادبي 7 تواريخي سرمايو، جو سنڌ جي
قديم علمي گهراڻن جي ڪتبخانن ۾، سندن پوين جي
لاپرواهي سببان اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي رهيو هو. ان کي
پڻ محفوظ ڪرڻ ۽ شايع ڪرائڻ جو سخت ضرورت هئي. سنڌ
جون علمي، ادبي ۽ سياسي حالتون پڻ آهستي آهستي هڪ
نئين موڙ جي طرف گامزن هيون، انهيءَ سموري ڪم لاءِ
ڪنهن موزون ”سنڌي قومي اداري“ جي قائم ٿيڻ جي اشد
ضرورت هئي، جنهن جي سهاري هيٺ، سنڌي ادب جي انهيءَ
املهه خزاني کي محفوظ ڪري سگهجي.
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو قيام ۽ مقصد:
انهيءَ مٿئين بيان ڪيل پس منظر جي مد نظر، سنڌ ۾
هڪ اهڙي قومي اداري يج ضرورت کي محسوس ڪندي،
حيدرآباد شهر ۾ ان سسللي جي هڪ تحريڪ هلي، جنهن جو
محرڪ خانبهادر محمّد صديق ميمڻ هو. مرحوم محمّد
صديق ميمڻ انهيءَ ڏس ۾، اڪيلي سر همت جو سندرو
ٻڌي، سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ ميدان عمل
۾ آيو. پاڻ پنهنجي همت ۽ اورچائيءَ سان جدوجهد
ڪري، سنڌي علم ۽ ادب کي نئين سر سڌارڻ ۽ سنوارڻ
لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيائين. هن سنڌ جي منتشر
قوم ۾، اتحاد ۽ تنظيم پيدا ڪري، اُن ۾ سجاڳي ۽
بيداري پيدا ڪئي. خانبهادر محمّد صديق ميمڻ جنوري
1931ع ۾ حيدرآباد ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ جي
نالي سان، هڪ علمي ۽ ادبي اداري جو بنياد وڌو. پاڻ
انهيءَ سوسائٽي جي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اُن جي
اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ لکي ٿو:
”هن ڪار خير ۾ هر ڪنهن پڙهيل مسلمان کي ٻانهن ٻيلي
ٿيڻ، پنهنجو فرض ڄاڻڻ گهرجي. هر ڪنهن پڙهيل مسلمان
جو فرض آهي ته هن ادبي سوسائٽي جو ميمبر ٿئي، يقين
آهي ته جيڪڏهن اسين سڀئي پڙهيل مسلمان، هن اسلامي
ڪم ڏانهن پورو توجهه ڏينداسين، ته اسان جي قوم جو
ٻيڙو جو هن وقت جهل جي ڪُنَ ۾ توائي ۾ آهي، سو
نڪري پار پوندو ۽ اسلامي علم، ادب ۽ اخلاق، جنهن
سان ڪنهن وقت سڄي دنيا سينگاريل هئي، سو وري اسان
جي دلين کي منور ڪندو“(13)
خانبهادر محمّد صديق جي انهيءَ مٿئين عبارت مان
اهو صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿو، ته هن سوسائٽيءَ جي
پيڙهه ، مذهبي بنيادن تي رکي ويئي، انهيءَ باري ۾،
ميمڻ صاحب، وڌيڪ وضاحت ڪندي، ”سنڌي ساهت ڪانفرنس“
واري صدارتي تقرير ۾ چوي ٿو:
”هن (سوسائٽي) جي پيڙهه، ”مذهب“ جي پڪي بنياد تي
رکي وئي آهي، سندس عمارت اڏڻ ۾ سڀئي هُنر هلايا
ويا آهن. ”تواريخ“ سندس اعلى رُڪن آهي. ”شعر“ سندس
سينگار آهي. ”اخلاق“ سندس ڇِت آهي. ”ڪشاده خيالي“
سندس در آهن“(14)
اهڙي ريت ميمڻ صاحب، هن سوسائٽي جي نالي رکڻ جي
وضاحت ڪندي، انهيءَ ساڳئي ”سنڌي ساهت ڪانفرنس“ جي
موقعي تي چوي ٿو:
”هن سوسائٽي جو نالو، ڪنهن خاص نقطه نظر سان
”مسلم“ لفظ سان شامل ٿيل آهي. پر عملي طرح هي
سوسائٽي، ڪنهن خاص فرقي جا ڪتاب شايع نه ٿي ڪري،
سندس ميمبر هندو، مسلمان ۽ ڪرستان هڪ هزار جي
تعداد ۾ آهن.“(15)
خانبهادر محمّد صديق ميمڻ، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي
جي قيام جي باري ۾ لکي ٿو:
”1- سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي اهڙي ضرورت آهي،
جهڙي سنڌ جدا ٿيڻ جي.
1-
سنڌ ملڪ کي سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي مان ايترو فائدو
پهچڻو آهي، جيترو سنڌ جي جدائيءَ مان.
2-
اسلامي علم ادب جي ترتيب ۽ اشاعت کانسواءِ سنڌ جي
جدائيءَ مان فائدو محال آهي.
3-
سڀ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جا ديني، تواريخي، اخلاقي
ڪتاب، ميمبر کي گهر ويٺي، بنا قيمت ملندا
رهندا-“(16)
4-
ميمبر ٿيڻ لاءِ سال ۾ رڳو 2 رپيا يا 5 رپيا، حيثيت
سارو ڏيڻو آهي.
5-
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جا ديني، تواريخي، اخلاقي
ڪتاب، ميمبر کي گهر ويٺي، بنا قيمت ملندا
رهندا-“(16)
انهيءَ مٿئين بيان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي، ته
اُن وقت انهيءَ سوسائٽيءَ جي قائم ٿيڻ جي ڪيتري
قدر نه ضرورت هئي. هن سوسائٽيءَ اٽڪل پنجهتر کن
دلڪش ۽ معياري ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. اهڙا ديده زيب
۽ دلڪش ڪتاب، اُن وقت تائين سنڌ جي ٻئي ڪنهن به
اداري شايع نه ڪيا هئا. سنڌي ادب ۾، سوسائٽي جي
انهن شايع ٿيل ڪتابن جو وڏو اعلى مقام آهي.
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي وجود ۾ اچڻ جي ضرورت ۽
اهميت جي باري ۾، اسان سوسائٽيءَ جي باني خانبهادر
محمد صديق ميمڻ جي عبارتن جا جنسي ٽڪرا پيش ڪري
سوسائٽي جي مقصدن جي ٿوري جهلڪ ڏني آهي، پر
سوسائٽي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ان جي اڳيان هيٺيان
مکيه مقصد هئا:
”1- سنڌي عام فهم ٻوليءَ ۾ ديني، اخلاقي ۽ تواريخي
ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ ميمبرن ۾ تقسيم ڪرڻ.
2- سنڌ جي مسلمانن جي اقتصادي ۽ معاشرتي زندگيءَ
جو ڪتابن ذريعي اصلاح ڪرڻ.
3- سنڌ جي اهل قلم اصحاب جي ڀرپور همت افزائي ڪري،
انهن جي مدد ڪرڻ (17)
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ پنهنجي اڻ ٿڪ ڪوششن سان،
مٿين مقصدن ۾ جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي، اُن جو مفصل
احوال اڳتي بيان ڪيو ويندو.
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي جوڙجڪ
جنوري 1931ع ۾ حيدرآباد شهر ۾، سنڌي عالمن، اديبن
۽ علم دوست ماڻهن جي پاڻ ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي؛ جنهن ۾
هن سوسائٽي جو اهو مٿيون نالو تجويز ڪرڻ کانپوءِ
اُن کي صحيح نموني ۾ هلائڻ ۽ ان جي جوڙجڪ يا ڍانچي
کي تشڪيل ڏيڻ لاءِ اهو يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي ميمبر شپ لاءِ مکيه ٻه
ڪلاس هوندا:
پهريون ڪلاس:
هن ڪلاس ۾ ”لائيف ميمبر“ کنيا ويندا ۽ انهن ميمبرن
لاءِ چندو، هڪ سؤ رپيا يڪمشت رکيو ويو.
ٻيو ڪلاس:
هن ڪلاس کي وڌيڪ ٻن حصن (الف) ۽ (ب) ۾ ورهايو ويو.
الف ۽ ب ميمبرن ۾ ڪو خاص تفاوت نه هو؛ البت الف
ميمبرن لاءِ چندو، 5 رپيا في سال ۽ ب ميمبرن لاءِ
چندو، 2 رپيا في سال مقرر ڪيو ويو.
انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو، ته مٿي ذڪر
ڪيل سڀني ميمبرن کي، سال ۾ ڇهه سؤ صفحن جا ڪتاب
مفت ڏنا ويندا.
انهيءَ گڏجاڻي ۾ سوسائٽيءَ جا هيٺيان عهديدار
چونڊيا ويا:
پريزيڊنٽ: سيد ميران محمّد شاهه
سيڪريٽري: خانبهادر محمّد صديق ميمڻ
مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر:
1-
مخدوم ميان غلام حيدر صديقي.
2-
حڪيم مولوي فتح محمّد سيوهاڻي.
3-
پير ميان غلام مجدد سرهندي.
4-
خانبهادر رئيس نورالدين احمد غلام علي، پرنسپال
ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد.
5-
مسٽر محمّد ابراهيم، ايڊمنسٽريٽو آفيسر ضلع سکر.
6-
مسٽر عبدالحق، ايڊمنسٽريٽو آفيسر ضلع ڪراچي.
7-
قاضي جان محمّد، ايڊمنسٽريٽو آفيسر ضلع نوابشاهه.
8-
قاضي عبدالغني، ايڊمنسٽريٽو آفيسر اپر سنڌ فرنٽيئر
(جيڪب آباد).
9-
مسٽر عبدالرزاق ميمڻ، پرنسپال مدرسه هاءِ اسڪول
خيرپور ميرس.
10-
مسٽر عثمان علي انصاري، پرنسپال مدرسه هاءِ اسڪول
نوشهروفيروز.
11-
مسٽر علي خان ابڙو.
12-
حڪيم شمس الدين صاحب.
13-
حڪيم عبدالڪريم عباسي صاحب.
14-
ميان محمّد هاشم ”مخلص“.
15-
ميان محمّد بخش ”واصف“.
16-
ميان حافظ عبدالڪريم صاحب.
17-
ميان غلام سرور ”قادري“.
18-
ميان محمّد صديق ”مسافر“.
19-
مسٽر غلام مرتضى، ماستر صاحب.
20-
حڪيم قاضي عبدالخالق ”خليق“ مورائي.(18)
6-
مئي 1934ع تي سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ساليانو
جلسو ٿيو، انهيءَ موقعي تي سال 1934ع لاءِ هيٺيان
عهديدار چونڊيا ويا.
پريزيڊنٽ: سيد ميران محمد شاهه.
وائيس پريزيڊنٽ: ڊاڪٽر شيخ محمّد ابراهيم
”خليل“.
جنرل سيڪريٽري: خانبهادر محمّد صديق ميمڻ.
جوائنٽ سيڪريٽري:
سيٺ ڪمال الدين ميمڻ ۽ سيد مٺن شاهه
خزانچي: ميان غلام مرتضى، ماستر صاحب
آڊيٽر: حافظ ميان عبدالڪريم.
مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر:
1-
مخدوم ميان غلام حيدر صديقي
2-
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
3-
پير غلام مجدد سرهندي
4-
سيد محمد صالح شاهه
5-
خانبهادر ميان نور الدين احمد
6-
قاضي جان محمّد
7-
مسٽر علي محمد سيال
8-
قاضي عبدالغني.
9-
مسٽر علي خان ابڙو
10-
حڪيم شمس الدين احمد
11-
حڪيم عبدالڪريم عباسي
12-
مسٽر علي محمّد سيال
13-
ميان محمّد خان ”غني“
14-
ميان محمّد بخش ”واصف“
15-
مسٽر عبداللطيف ميمڻ
16-
مولوي محمد جعفر
17-
مسٽر فتح محمّد قريشي
18-
ميان محمّد صديق ”مسافر“
19-
مسٽر عبدالرسول
20-
مسٽر آدم هارون صديقي
21-
مرزا افضل بيگ
22-
ميان محمّد صالح ڀٽي
23-
ميان يار محمد ٽانوي ”مسلم“
24-
مسٽر حاجي فيض محمّد ميمڻ
25-
اپريل 1935ع تي منعقد ٿيل
سالياني جلسي ۾، سال 1935ع لاءِ سوسائٽيءَ جا
هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
پريزيڊنٽ: سيد ميران محمّد شاهه.
وائيس پريزيڊنٽ: ڊاڪٽر شيخ محمّد ابراهيم
”خليل“.
جنرل سيڪريٽري: خانبهادر محمّد صديق ميمڻ.•
جوائنٽ سيڪريٽري: مسٽر فتح محمّد قريشي ۽
مسٽر ڪمال الدين ميمڻ
خزانچي: ميان غلام مرتضى، ماستر
صاحب
آڊيٽر: حافظ ميان عبدالڪريم
صاحب.
|