شبير ”هاتف“
غزل
پڪو ڪيوسين وفائن جو نصاب آهسته آهسته،
جفائن جو سهي وينداسين تاب آهسته آهسته..
رخ انور جڏهين ٿيو بي حجاب آهسته آهسته،
اسان ڀانيو ته اُڀريو آفتاب آهسته آهسته..
ڀلي هُو ڪن اسان جو احتساب آهسته آهسته،
جي وقت آيو ته ڏينداسين جواب آهسته آهسته..
بَڇيا اڄ جن اسان جي پويان ڪَئين، مُنڪر نڪير آهن،
انهن کان پاڻ وٺنداسون حساب آهسته آهسته..
ڏنيون جن ويهه جون وٽيون ڀري زم زم جي نالي ۾،
انهن چهرن تان لاٿوسين نقاب آهسته آهسته.
اسان هڪ ڀيرو جنهن کي دل جي دنيا جو ڌڻي مڃيو،
اُهو عالم جو ٿي ويو انتخاب آهسته آهسته..
ٻُڌون ٿا يار وٽ اڄ دعوتِ نظّاره عام آهي،
مڙيا آهن اچي سڀ شيخ و شباب آهسته آهسته.
اسان جي عشق جو قائل ته ٿي ويو هُو بُتِ ڪافر،
ٻڌي خاموش جذبن جو خطاب آهسته آهسته.
ٻه ٽي ڀيرا ڪرياسين بام تي پهچي ته ڇا ٿي پيو،
”هميشہ ٿيبو آهي ڪامياب آهسته آهسته.
امين منزل، جون راتيون، ساز جون ۽ سوز جون راتيون،
اُهي راتيون ته بَس ٿي ويون خواب آهسته آهسته..
جتي چيهن چَتُن جا چهچها بلبل جي ٻولي هئي،
اڏي گهر ويٺا اُت ڪارا ڪُلاب آهسته آهسته.
ڪڏهوڪا ڀيلجي ويا گلشنِ انسانيت جا گل،
ٿيا مقبول ڪاغذ جا گلاب آهسته آهسته..
اگر هن قوم جي مُرده دلي قائم رهي ”هاتف“،
ته پوءِ تاريخ جو ٿينداسون باب آهسته آهسته..
محبوب سروري
غزل
توڪَل جو ٻڌي سندرو، رکي قابو ڪفن سر تي،
”وڏي تڪليف ڪاٽڻ بعد رسيو يار جي در تي“،
ٻُـڪن سان ساقي پياريندو، ٻُڌو ٿم حوض ڪوثر تي،
نه هيرايم تڏهن دل کي، صراحي تي ۽ ساغر تي،
نماڻن نينهن وارن جو ته ننگ آ، ننگ پرور تي،
وفائن کي وڏو آ آسرو الله اڪبر تي.
جتي اُڇلي ڇڏي قسمت، اتي تُنهن جا ئي سڏباسين،
محبّت جي رهون محڪم ٿا مرڪز تي ۽ محور تي.
اسان هڪٻئي جي اکين مان، اُگهيا ٿي اشڪ فرقت جا،
وَئي حيران ٿي دنيا، ملڻ جي اهڙي منظر تي!
چمن ۾ آشيانو صرف مون هڪڙي جو آهي ڇا؟
جڏهن بجلي جي دل چاهي، ڪِري ٿي منهنجي ئي گهر تي!
رڳو هيءَ منهنجي ڏوهن جي سزا، مونکي ملي ناهي،
ٻين جي پڻ ڪڍي ڪاوڙ ٿو مالڪ پنهنجي نوڪر تي!
اسين ڪِئن ڪار وارن قربدارن کي رسون يارو!
هلون ٿا پا پياده يا سواري ”فورسيٽر“ تي.
نه گهرجن خوبيون ڪنهن ۾ به اخلاقي ۽ روحاني،
سياست ٿي هلي ”پئسي“ تي، ”پاور“ تي ۽ ”پادر“ تي.
اڃا هڪڙي چُمي جو قرض پورو ڪو نه ٿيو آهي!
ڪئي سين عشقبازي، عمر ساري صرف اوڌر تي.
”بزرگانِ شريعت“ جون مزارون سڀ مبارڪ، پر،
سُرُورِ قلب حاصل ٿيو وڃي ”درگاههِ سَرِوَر“ تي.
هجين تون جنهن طرف ”محبوب“ سو ئي ڪعبو قبلو آ،
مدارِ جستجو ناهي، رڳو اولهه ۽ اوڀر تي.
تاج جويو
موت آهي زندگيءَ جو خوبصورت آلبم
موت ڇاهي؟
موت آهي نانءُ گهريءَ ننڊ جو:
ننڊ اهڙي جيئن سانتيڪو تلاءُ
ماڪ جي بوندن ۾ وهنتل –
جنهن ۾ سپنن جا ڪنول
هير جي جهوٽن تي جهومي ٿا پون
ڦول جهڙا نرم نازڪ، گيت مرڪي ٿا پون
جن جي هر پل موهه مان خوشبو ڪري ٿي آجيان
*
موت ڇاهي؟ موت آهي ناءُ اهڙيءَ سونهن جو:
جنهن ۾ فطرت جا سمورا رنگ ڄڻ
ڪوهيڙي ۾ گم هجن
انڊلٺ جا عڪس ڪي مبهم هجن –
۽ نقش ڪي ظاهر لڳن
*
موت ڇاهي؟
موت اهڙو منڊ آهي:
جيئن ڪو معصوم ٻار
جنهن کي الڪو ناهه ايندڙ وقت جو
۽ نه ڳڻتي حال جي
ڪا مِٺي لولِي ٻُڌي
اک مشڪل سان لڳي جنهنجي هجي-
۽ ماڻڪين ۾ ماءُ جي صورت هجي
ننڊ ۾ ئي جو ڪڏهن ڇرڪيو پوي مرڪيو پوي
*
موت ڇاهي؟
موت آهي نانءُ گهري پيار جو:
ڪنهن ننڊاکيءَ رُت ۾
ڄڻ بسنتي هير جان
سينڌ پاڙڻ لاءِ ڪا سينڌِي پُڄي
ڪجهه گهڙيون اڳ چنگ ٿئي جيڪو ٻُريو چُپ ٿي ويو
۽ ٻن ڄڻن جي ٻن چَپن جون ٻئي وِٿيون ڀاڪرين پئجي
ويون
*
موت ڇاهي؟
موت آهي نانءُ گهري گهاءَ جو:
نوجواني جي نشي ۾ چُور چنچل سانوري
ڪنهن خيالي دلربا جي آجيان جي واسطي
پنهنجي پازيبن جي سُر ۽ تال تي
ڪر رسيلو گيت سوچي ذهن ۾
بيخودي ۾ مست ٿي نچندي هجي
پاڻ هُرتو جيڪا سَرچيو ۽ وريو ورچيو پوي
*
موت ڇاهي؟
موت آهي نانءُ اهڙيءَ هوڏ جو:
جيئن ميلي ۾ ملي وڇڙيل پرين
جا ڪراڙي مڙس کان پاسو ڪري
ڪنهن طنبوءَ جي اوٽ ۾ ڀاڪر ڀري سُڏڪي پوي
۽ سمورا ڏُکَ سور!!
هجر جون راتيون سڀئي
هڪڙي لحظي ۾ وساري، هٿ اکين تي رکي
اوڪڙون ويهي رهي
۽ وڃڻ کان نابري واري ڇڏي
*
موت ڇاهي؟
ڳوٺ جي گس کان پري ڪنهن ڪنڊ تي،
موت آهي، نانءُ ٽنڊڙيل ٻير جو
جنهنجا ڳاڙها ڳاڙها ٻير
ڳوٺ جا سڀ بي چيا پيرين اگهاڙا ڇوڪرا
پاڻ ماريو ۽ ڦٽيو جهوليون ڀريون
ٻير کي ڇانگي صفا ننگو ڪري
مرڪندا ۽ رت ڳاڙيندا وڃن
*
موت ڇاهي؟
موت آهي زندگيءَ جو خوبصورت آلبم.
انور هالائي
غزل
هي سوال و جواب جون راتيون
ڄڻ ته آهن عذاب جون راتيون
هر گهڙي ياد ٿيون اچن مون کي
چاهتن ۾ شباب جون راتيون
ڪوئي ٻيجل ٻري سناٽي ۾
گويا چنگ و رباب جون راتيون
رات ساري چراغ دل جا ٻريا
صبح نو انقلاب جون راتيون
چنڊ نڪتو مگر ڏسي نه سگهيو
تنهنجي حسن و شباب جون راتيون
مون کي آهن گذارڻيون شايد
عمر ڀر اضطراب جون راتيون
تنهنجي زلفن جي سايه ۾ ٿيون لڳن
شرمگين محو خواب جون راتيون
دل جي ڌڙڪن وڌي وئي ”انور“
ياد آيون حجاب جون راتيون.
”محسن“ ڪَڪِڙائي
غزل
حُسن جي بارگاهَ ۾ آهيان،
ڄڻ حضور الله ۾ آهيان.
جَڳ جي بَدصورتيءَ کي موڪل آهه،
هِڪَ حَسين جي پناهَ ۾ آهيان.
تو سَوا، هِن جَهانَ ۾، جاني،
ڄڻ وَڏي ڪنهن گُناهَ ۾ آهيان.
شُڪر، صد شڪر، بارها اَلحمد،
ڪنهن جي دل ۾، نگاهَ ۾ آهيان.
هيتري سُونهن، مُنهنجي ڌرتيءَ تي،
حيرتن جي اَٿاهَ ۾ آهيان.
اک ٻُڏي ئي نٿي ٻِئي ڪنهن تي
چُورُ، هِڪ جي ئِي چاه ۾ آهيان.
نيٺ منزل تي پهچبو ”محسن“،
گُرچ، هن وقت راهَ ۾ آهيان.
عبدالله ورياهه
غزل
زماني جي نظرن ۾ بيڪار آهيون،
جدا سوچ، جذبن جا معمار آهيون.
اسان جو نه هرگز آ نفرت سان ناتو،
محبت جي موجن ۾ سرشار آهيون.
ڪدورت ۽ ڪاوڙ ٺڳيءَ کان سدائين،
مٺا محب هردم رهيا ڌار آهيون.
غرور ۽ تڪبر اسان کان پري آ،
اسين نياز نِوڙت جا حبدار آهيون.
اسان کي نه طاقت جهڪائي سگهي آ،
مگر يار پنهنجن تان ٻلهار آهيون.
اصل کان قبوليوسين گهاٽي جو سودو،
چريا ڪين آهيون، سمجهدار آهيون.
ڳڻيندا اسان کي اميرن ۾ آهن،
فقيرن کي دل سان ڪندا پيار آهيون.
سڃاڻون سڀئي ٿا پنهنجا پراوا،
ٿيا ساٿ پنهنجي جو سينگار آهيون.
انهن ئي اصولن جي خاطر سدائين
زماني ۾ ظاهر ۽ نروار آهيون.
رهي سوچ ”آزاد“ بيشڪ اسان جي،
مگر قرب ۾ ٿيا گرفتار آهيون.
عنايت بلوچ
غزل
ڪڏهن پيارَ مان ٿي پُڪاري ڇڏين،
ڪڏهن ٿي وري تون وساري ڇڏين.
ڪڏهن ته اُمنگون، اُٿاري ڇڏين،
ڪڏهن سِڪ پنهنجي سمهاري ڇڏين.
ڪڏهن نير هاير جياري ڇڏين،
ڪڏهن مسڪراهٽ سان ماري ڇڏين.
ڪڏهن حُسن کي ٿي نِکاري ڇڏين،
ڪڏهن سِينڌِ کي ٿي سنواري ڇڏين.
ٽڙيل دل جي مکڙي ٿي ٻهڪي پوي،
جڏهن ناز مان ٿي نهاري ڇڏين.
ڇڏيل آهي توتي، جا مرضي پَوئي،
کِلائي ڇڏين يا روئاري ڇڏين.
مان تنهنجو فقط تنهنجو آهيان پرين،
تون پنهنجو ڪرين يا ڌِڪاري ڇڏين.
مڃين عرض جيڪر ته ڇا ٿي پوَئي،
گهڙيون ڪي ”عنايت“ سان گهاري ڇڏين.
مخدوم جميل الزمان
غزل
سڄڻ ملندو اچي، ٿي بي حجاب آهسته آهسته،
حقيقت ۾ بدلجي ويندو خواب آهسته آهسته.
صنم چهري تان پنهنجي کڻ نقاب آهسته آهسته،
غمن جو ڪرڻو آهي احتساب آهسته آهسته.
مزي ۽ موج سان پيجي شراب آهسته آهسته،
ڪجي فڪرات جو خانو خراب آهسته آهسته.
اڃا تائين نياپو ڪو نه آيو يار جو، يعني،
دل مضطر مان لهندو اضطراب آهسته آهسته.
اي يارو! جنگ جو ميدان هجي يا عشق جي منزل،
”هميشہ ٿيبو آهي ڪامياب آهسته آهسته“.
پرين پنهنجي سان ملبو، ويهبو، ڳالهيون ڪبيون، ليڪن
تڪڙ ڪم آهه شيطاني جناب! آهسته آهسته.
هو جيڪو منهن نٿو ڏي ۽ نٿو مون ساڻ ڳالهائي،
انهي جي دل ۾ ايندو انقلاب، آهسته آهسته.
اسين پنهنجي کي بيگانو چئون، بيگاني کي پنهنجو،
انهي جو ڪرڻو پوندو سدبِاب آهسته آهسته.
”جميل“ اڄ جيڪڏهن دلبر نٿو مون وٽ اچي، ڇا ٿيو،
دُعائي وصل ٿيندي مستجاب آهسته آهسته.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
وائي
مرڻ کان اڳي ٿا ملڻ يار چاهيون!
حياتيءَ کي هينئن ٿا پيا آزمايون!!
گناهن جي بدران غلط فهمين جون،
ٿا ڀوڳيون سزائون مٿان جيڪي آيون!
حياتيءَ کي هينئن ٿا پيا آزمايون!!
سختيون سڀوئي اکين تي کنيون سين،
هيون اڳ جي هيڪي، ڄمنديون يا ڄايون!
حياتيءَ کي هينئن ٿا پيا آزمايون!!
نه ايندا نه آيا، اچڻ ڪير ڏيندن؟
سکن کي اجايو پيا ٿا ستايون!
حياتيءَ کي هينئن ٿا پيا آزمايون!!
گذر جيئن ٿئي ٿي يا گذري وئي،
تنهن مماتيءَ جو نالو ٿا مرندي مٽايون!
حياتيءَ کي هينئن ٿا پيا آزمايون!!
زمانو، بهانو، ڪنڊا آشيانو،
سڀئي سر جا سائين ڇو ڪنهن سان ڦٽايون!
حياتيءَ کي هينئن ٿا پيا آزمايون!!
هي اڌمان اندر جا ۽ احساس، جذبا،
لکين لعل اهڙا لڪي ٿا لٽايون!
حياتيءَ کي هينئن ٿا پيا آزمايون!!
سيد عباس علي جيلاني
ڪافي
درد دل ۾ ٿيا گهڻا دلدار، قسمت کي چوان،
من اندر ماتم رهي منٺار، قسمت کي چوان.
هن برهه جي بيمار کي دارون دوا ٻيو ڇا ڪندو،
پاڪ صورت جي پَسان هڪوار، قسمت کي چوان.
حاذقن حيلا ڪيا، ڪنهن جو نه حيلو هِت هليو،
مرض محبت جي ڪيو بيمار، قسمت کي چوان.
سڏ ڪيم سُڏڪا ڀري، سُڏڪن ۾ منهنجو ساهه،
ويو، پيو لڇان ليٽان هتي لاچار، قسمت کي چوان.
ڏئي اڪيلائي سندو وئين داغ دل جيري مٿي،
عشق جو ڏاڍو ٿيو آزار، قسمت کي چوان.
نينهن ۾ ناڪام ٿي، نادان ٿي، ناقص رهيس،
ٿي ويس هاڻي صفا نروار، قسمت کي چوان.
جان من تنهنجي جُدائي، جان کي جهوري وڌو،
ته به اڃا تون پيو ڪرين انڪار، قسمت کي چوان.
ويئي عمر ”عباس علي“، انتظاريءَ ۾ هلي،
ڪو نه ٿيو دلبر سندو ديدار، قسمت کي چوان. |