اسير ملاح
سچي ڳالهه آهي، اسان جهڙو شوق به ڪنهن وڙلو ڪيو
هوندو. شڪار به ٿيندو ڪُتن سان. اسان جا ڪتا هونئن
به پنهنجي تر ۾ مشهور هئا. مطلب ڀلو جوڙ هو، جهڙا
ڪتا ويڙهو، اهڙا همراهه خفتي.
اميرن جي ڳالهه ٻي آهي، جن وٽ لوڌون ڪتن جون،
پنجوڙون، ڏڦڙيا ۽ واٺُو، پر ڪتا اسان جا به اهڙا
ڏاڍا، جو پاڻ ڀلي وڻن تي چڙهي وڃون، پر مجال آهي
جو سور پنج وکون به هلي. بس وٺجي ويو. اسين به
اهڙا انڌا شڪاري جو آڌي نه اسر، وقت نه ويلو بس،
هل شڪار تي. وري شڪار تي وڃون ته، نه پنڌ جي، نه
ٿڪ جي، نه بُک جي، نه سرديءَ جي، نه گرميءَ جي،
اصل شڪار نه لڳي ته گهر نه موٽون، ڀلي ٻه - ٻه چار
- چار ڏينهن - راتيون لڳي وڃن. پوءِ ساڻا مڙس، ٿڪل
ڪتا گيهل گهلان… پر بنا شڪار جي گهر موٽڻ جي ڪو به
وائي نه واري، بُک ۾ پيٽ ڪنڊي سان، مجبور …آس پاس
جي راڄن ڀاڳن مان ٽڪر ڇڏائيندا، جهنگ مُنهن،
راتيون رهندا شڪار ضرور ڪريون. ڪتا به بکيا ته
ڪتائي به، ڪو ٻلهر يا مادي ماريون ته ٽڪر ٽڪر ڪري
ڪتن کي ڏيون، پر لوڌ مڙسن جي، ڪنهن جي مٿان وڃي
ڪرون ته به، سڀڪو غريب، اسين به روز ٻئي ڏينهن
سنبريا بيٺا آهيون. آخر آسپاس جي راڄن کي لهڻون ته
ڪو نه. پر شونق … هڪ سوئر مارڻ سان شونق پورو ئي
نه ٿئي…
اهو ته وڍي ڪتن کي کارايون ۽ ڄاڙون وڻن ۾ ٽنگي
ڇڏيون، جيئن نالي وارا شڪاري، ڦاڙهن ۽ شينهن جون
سسيون گهرن ۾ سجائيندا آهن. ڀلا جي اسان ڪو پنج ست
يا اٺ آڱرو ماريون ته وجهه سلهن ۾ ڳهندا ڳهندا سڌو
ڳوٺ، مُرون مُن تي ٻڌي، آلڙه ڪرايون. ننڍا وڏا
پوڙها پڪا، هڙئي اچي شعل ڏسن، ”مروان موت ملوڪان
شڪار“ آلڙه تي وري الڙ گُلرن کي وڙهڻ جي ترڪيب
ڏيون… سڀڪو نالي خاطر نوان نوان ڪتا آڻي، جي ڪتا
آڻي ته، شڪار تي به هلي ۽ اسين مڙس وري غريب پر
”پيٽ نه پاري ڪتا ڌاري“ جي پهاڪي تي عمل ڪري شونق
اسان به ڪو نه ڇڏيو، ائين به ڪونهي ته ڪو رڳا سور
مارياسين، پر گدڙ، گدڙ به اهڙا بگهڙن جهڙا، ڳوهون…
به ايڏيون واڳن جيڏيون… ٺڪاءُ ڪُتي کي پڇ تي ٿي
وڃي ته، رانڀاٽ… وري سيهڙون… سيهڙون به اهڙيون
ويڙهُو، جو تيرن جهڙيون ڪانيون، ڪک مان لڳي ته پار
ڳچيءَ مان لڳي ته ٻسٽ! مجال آ هروڀرو جهڙو تهڙو،
ڪتو وات وجهي رڳو، ٻهوڙ… سيهڙن لاهه ڪڍي ڇڏيا. وات
مان، اکين مان، زبان مان، ڪانيون ڪڍي ڪڍي بيزار ٿي
پوندا هئاسين، ڪيترائي ڪتا جڏا ڪري وڌاسين، پر ڪتا
به اهڙا اڻ گُس، جو اصل نه مُڙن، ان حالت ۾ به وات
پيو ۽ سيهڙ…ڦونڌا ڦونڌا.
وري جهنگراڙ ٻلا… اهڙا جهڙا شينهن… ڏسجي پيو ته نه
وڃي. زپّ چنبو ڪتي کي ته… ڪونڪڙاٽ! پر ڪتي جو وات
پيو، ۽ ڌوڻ ئي هڪڙي - ٻلي جا گيچ ٻچا ٻاهر، باقي
لومڙ ۽ سها، ته ڪتن جو قُوت. اصل پنهنجا ڪيو پيا،
ماريندا ۽ کائيندا هئا. پر چراخ به ماريوسين!
انهيءَ ڏينهن ته ڪمال ٿي ويو، چار ڪتا چراخ کي
چهٽيل. پر ڀلا چراخ تنهن جي طاقت، جهنگ ۾ ڪُتن کي
کنيو پيو هلي!… چراخ به ڪو جهڙو تهڙو ڪين هو… اسان
ته رڳي راڻي باغ ۾، چيلهه نڪتل چراخ ڏٺا هئا پر هي
ڪو مواڙ اڪيلائي جو سانڍيل هو… هيڪر ته هراسجي
وياسين، سمجهيوسين شينهن آهي، نه دانهن نه رنڀ، پر
اها پڪ هئي، جي ڪتا رسي ويس ته شينهن به نه وڃي…
اوچتو اڳيان اچي نڪتو، ٻه ڪتا چوٽ تي، هڪ ڏولي ۽
هڪڙو پُڇڙ تي پر ڪِريئي نه…! جي هاٿي هجي ته به
چار ڪتا، ڪيرائي وجهنس… اڳي به ائين ڪو نه ٿيو هو…
کوسن جو اُٺ ٽن ڪتن ماري وڌو، ڪتا ڳاڙها ٿي، اچي
اسان وٽ بيٺا، پوءِ مهينو کن اها جوءِ ئي ڇڏي
وياسين، مهيني کان پوءِ ڳالهه پراڻي ٿي وئي، شڪايت
به آئي پر الائجي ڪهڙا شڪاري اُٺ ماري ويا…؟ اسان
مان سڀڪو پنهنجي مُنهن يارنهن ٻارنهن قسم کڻي ويو…
خير ڳالهه آئي وئي ٿي وئي… ها سو چراخ چار ڪتا کڻي
اچي سامهون نڪتو…
سچ ته اسان سڃاتو ئي ڪين. اسين اهوئي شينهن پيا
سمجهون… نيٺ شيديءَ دل ٻڌي، ٺڪاءُ ڪهاڙي ڪک ۾
ڪرايس… ڀَٻُ… پر ڪهاڙي چمڙيءَ ۾ ئي نه هلي. هڪل
ڪئي ٻئي همراهه، متان انڌا، ڪتو نه مارين، اوازن
تي ڪتن به دل ٻڌي، ته توائي ٿيل ڪتا به اچي لڳس،
اسين به چئو ڦير ڦري وياسين، پر اهڙو دؤنس، جو پٽ
تي ئي نه ڪري…
نيٺ چوٽ تي چُهٽل چئو اکيو ڇڏائي، همراه زپّ ڪرايس
ڪُهاڙي، گهاءُ ڪري ويس… اڌ مٿو، اک ڄاڙ، سميت ڪوس
ڪاٽ سان ٽڙڪي پيس - همراهه ٻي ورائي… هڪل ٿي متان
شڪاري - چراخ جي ڏندن جو کڙڪڻ بند ٿي ويو… بس
سوگهو کڻي ڪيوسين… ڳوٺ پيا کڻي اچون ته، اڌ تي مري
ويو. پر به ڳوٺ آندوسين، اتي وڏڙن چيو ته، بابا هي
ته چراخ آهي!!
اهڙا گهڻا واقعا… هڪڙي دفعي، ڪو گُجر، سوئر آيو.
اصل مارئي نه ڏئي، ٻه ٽي ڪُتا، ويجها ئي نه وڃنس.
هُڏي ڏئي - تڙي وٺي هلي ته هليو وڃي…
پري تائين سينڊ پئي ٻڌبي هئي… اهو آواز سؤر جي نڪ
ڇؤنٽين مان نڪرندو ويو انهيءَ سال تازو ريل ڪار
هلي هئي. انهي ڪري اسان به هن سوئر جو نالو ريل
ڪار رکيو هو. هاڻ سائين ريل ڪار نه مري…!!
هڪ ٻئي کي ٽوڪون،… ريل ڪار ماريو…ڪئين لوڌون آيون…
پر ڪُتا مارائي بڇڙا ٿي واپس ٿيا… شهر جا شوقين
شڪاري به، مٿان پئجي ويس، پوءِ ته وڻ نه لڀي جتي
جُان بچاءُ وٺن، ڀاڙيا ڪتا ڪڏهوڪا شهر وڃي سهڙيا
پر وڙهڻ جهڙا جيڪي وڙهيا، انهن جا رڳو مالڪ، رسيون
لوڏيندا وڃي شهر پهتا… هاڻ ته سور به زخمي ٿي ڇري
پيو هو. بس شڪارين جي ڌپ آئي، سامهون ٿي هُڏڪار
ڪري ننگهه هڻي ويهي رهندو هو… پوءِ ويڙهُو ڪتا ٽڪر
ٽڪر ڪري، ڪن جا ڀانڀا لاهي، اڳيان اڳيان گينوار
سان پيو ويندو هو. مجال آهي، جو ڪو به ڀُڻڪو ڪري…
ريل ڪار کان، شڪست کانپوءِ اسان به جوڙ مضبوط ڪري
ورتو هو، مٿان نامي گرامي شڪاري، اُستو ياقو به
اچي نڪتو… ته شهر، اسٽيشن وارا به لوڌ وٺي اچي
نڪتا، بس، گڏجي پياسين. هاڻ ٻه ٽي لوڌون ڪتن جون،
ته ڌڻ مڙسن جو، ڪن وٽ ڏڦا ته، ڪن وٽ ڪهاڙيون،
شڪاري ته شڪارين جو ماڳ، پر شهري شوقين، ڪن وٽ
هاڪيون ته ڪن وٽ خنجر! وري ڀنگي به گوشت جي لالچ ۾
ولر ڪري ڪاتيون ۽ ڪاترون کڻي، لانگ بوٽ پائي، اچي
نڪتا هئا… اصل جهنگ ۾ منگل ٿي ويا… پر جيڏي مهل
امڪان ٿيو…… ريل ڪار سان دوبدو، مقابل ٿياسين،
همراهن ريل ڪار جو رنڀ، هو ڪارڻ، هُڏيون ڏيڻ ۽
تڙيون ٻڌيون، وري مٿان ڪتن کي مرندو ڏٺائون، پوءِ
ته ڪا جاءِ نه لڀي، جتي مڙس لڪن،… اصل ننڍن وڏن
وڻن تي لنئون هجن، هيٺيان چڙهندا وڃن. مٿان وارو
ڦهه پٽ تي…وري ساڳيو ٿڙهه کان چڙهڻ…هڪ ٻئي جي ٽنگن
۾ هٿ، جيڪو چوٽي تي پڄُي رکيو آهي پٽ تي، وڻن جا
هلڪا سلڪا ڏار ئي ڀڄي پيا. سورء ۽ ڪتن جو مقابلو
هڪ پاسي، ته ٻئي پاسي شغل ئي ٻيو، شونقينن جا مُٽ
پيا، پانئچن کان ٽِمن، ڀنگي ته پنهنجن ئي ڪاترن ۽
ڪاتين ۾ ڦٽجي پيا… رت ۾ ڳاڙها… گهٽيل دانهون، ٻولي
ئي پنهنجي اصل، نفسا نفسي هئي…هن پاسي مِرون پٺ
کٻڙ ۾ هڻي، نرو کڻي ويهي رهيو، جيڪو ڪتو سامهون
آيو ٻه اڌ… رڳو ڪونڪڙاٽ، تان جو سڀ ڪتا پڙيءَ تي
چٽُ! رت ريلا ڪير وهڻ لڳو…آسي پاسي، ڪتن جا ڪم لٿا
پيا آهن. ڪي ڳڀا ڳڀا ٿيا، ڦٿڪن پيا…اوچتو… اوستي
جي پٽ ڪهاڙي اُڀي ڪري هوڪاريو: ڏاڍو ٿجانءِ ٻيليءَ
جا پُٽ…اڳيان به سوئر هو…هليو آيو…ٻه وال ٻچيءَ
مان ڪڍي ويو… الله خير ڪيو، جو لانگن مان اچي پيو،
نه ته اُستي جي پُٽ جا ٻه اڌ هجن ها، ته به خاشو
ڌڪ آيس، ڪنڌ ڀر وڃي ڪريو… وڏي اُستي کي ڄَر وٺي
وئي، لوهه ڏئي هليو آيو…… هاڻ مُرون ۽ ماڻهن جو
مقابلو شروع ٿيو، مٿان اسان جا همراهه به اچي
سوڙها پيا. وري جيڪي سياڻا ڪتا، پاڻ نه پيا مرڻ
ڏين، تن به اچي ڌڻين جي وچ سوئر کي، وات هنيا…مٿان
ڪهاڙيون، ڏڦا… مطلب ته ڪلاڪن جي هڻ وٺ کانپوءِ مڙس
ڦٽائي… ڪتا مارائي، مس مس وڃي، ريل ڪار کي
ماريوسين پر اهڙي جٺ ڪڏهن ڪان ٿي، آخر بيل گاڏي تي
سوئر کي کڻي شهر آندوسين، ماڻهن کي ڏندين آڱريون
اچي ويون… هتي وري مئل مرونءَ کي، شهر جي ماڻهن
واهه جُون لٺيون هنيون!! خير سائين، انهيءَ
کانوپءِ استي شڪار تان هن کنيو، شهري شوقينن به
اڳيئي توبهه ڪئي……پر اسان تڏهن به شڪار ڪو نه
ڇڏيو…!! وڏا ته پنهنجي ليکي پر اسان ڇوڪرا ڇوڪرا،
اصل جهڙا مها شڪاري! بس ادا، ڦي، ٻه ٽي ڏينهن ئي
ڪو نه گذريا ته، ٻه ٽي ڇوڪرا، هڪڙو شيدي شام جو
تيار ٿي نڪري پياسين، شڪار يت، ڏيڍ ٻه ميل پنڌ
کانپوءِ اوچتو راڱي ڪن ڪيٽا ڪيا، ماٺ، ماٺ، ڪتو
ڌپو کڻي، کٻڙ ۾ گهڙي پيو…هاٻوڙا ٿيا، ڪتا به کٻڙ
کي ڦري ويا، اسان مان ڪي کٻڙ تي چڙهيا ته ڪي اندر
ڪاهي پياسين، ڏسون ته ڪتا پٺ تي پيا باهين، ڪتن کي
رسيون وڌيون سين اڃا کٻڙ مان ئي نه نڪتاسين ته
ڀڻڪا ڪن پيا…، خوش پيا ٿيون ته ڪي ٻيا شڪاري ساٿي
پيا اچن، تيسين هڪل ٿي، ڪهڙا آهيو…وڏي واڪي
پنهنجا، چئي، ٻاهر نڪتاسين، بس ٻاهر ڇا آياسين…
لٺيون اُڀيون، هڪڙي کي ٺڪاء لوندڙي واري… اڙي
بابا، همراهه پاسي ڀر ڦهه وڃي ڪريو، تيسين ٻئي رڙ
ڪئي، ٽئي کي چنبو لڳو، ڪو گسائي ويو… اوچتي مصيبت!
اسين وات ڳاڙها ڇورا، هوڏانهن، مُنو ڊزن
همراهه…اڙي ڇو ڇو… اسان کي ڇو ٿا ماريو-؟ بس ڪر
مارڻ جا پُٽ… ڀيڻ جا…ماءُ جا… وري لٺيون اُڀيون،
ٻانهون پيا ٻڌون… اڙي اسان جا بابا آهيو ٻيلي ڏوهه
بخشيو، اڙي هلو، ڏوهه جا پُٽ، گارين جا زيپٽ،
گهروڙي پيا ڀونڊا ڏين، ڪير ڀُڻڪي ته لٺ اڀي، يا
الاهي هي ڪهڙي مصيبت… هاڻ لائين ۾ ڪيو اڳتي پيا
نين، نيٺ سڏ پنڌ تي سندن گهر هئا. لوڙهي کان الاهي
پري ٻه ڄڻا لٺيون اڀيون ڪري، اسان جي مٿان بيهي
رهيا… نيٺ هڪڙي دل ٻڌي پڇيو، ادا ڳالهه ڇا آهي؟
ڳالهه جا پُٽ، گڏوگڏ اگري گار… ڀونڊو به … ۽ مٿان
لٺ اُڀي اڙي اڙي بابا نالي ڌڻي جي! وري ڇڏ ڇڏان
هڪڙا وڙهڻ لاءِ تيار، ٻيا ڇڏائڻ ۾ پورا… حقيقت
هيءَ هئي ته ٽي ڏينهن اڳي هنن جون گڏهيون ڪتا ڦاڙي
ويا هئا، هڪڙو کودو به مري ويو هو…بس اسان جي
قسمت، ڏوهه ته الائجي ڪنهن ڪيو، پر ٻُهي ۾، اسين
اچي وياسين، هنن جو شڪ به اسان ۾ هو، هاڻ ته ڀڄڻ
جي واهه به ڪانه هئي! سج به اچي لٿو هو، اسان ۾ هڪ
اڌ لسڙاٽ ڇوڪرو، ڪن کي مُڇن جي ساوڪ، رڳو شيدي
سٽروٽر، هو گروشون گهڻيون…بک به لڳي هئي، هڪڙي چيو
ادا ڀلا ڪا ماني… پاڻي… بس ڪر ڏڦير جا پُٽ آڱوٺو
کائو ماني… ٻئي لٺ اُڀي ڪئي، گروڙيل ڀونڊو… اسان
جا ڪنڌ هيٺ……
ڀائو اسان شڪار کان به توبهه ڪئي، پر رڳو جند
ڇڏيو… هاڻ هڪڙا چون ته هنن کان هر ڏياريو، پريان
ٻه همراهه جن جون اکيون ڳاڙهيون هيون، چيائون ته
اڙي کڻو اهو مُئل کودو… سڀ سُسِي وياسين…کودي ۾
ڌپّ، ڪينائن پيا ڳڙن… هڪڙي چيو اهو شيدي کڻندو…
مٿان گار به هلندي رهي… شيدي چوي ادا، گار نه ڏيو…
بس ڪر گار جا پٽ، ڏڦير… اصل اهيون ڪچيون گاريون جو
ڪَرَ زمين ۾ غرق ٿي وڃون… پر موت سامهون… نيٺ
اوندهڙي ٿي ٻه لٺيون کڻي بيٺا، ٻيا ته گهر هليا
ويا. اسين پيا الله کي ساريون. الائجي ڇا ٿيندو…
تيسين هڪڙو اٿي آيو رازداري ۾ چيائين، منهنجو خوني
ڀاءُ اڃا ڪو نه آيو آهي جي اچي ويو ته ڪنهن جو به
خير ڪونهي……هاڻي ڀڄو… بس اسان کي ته ڳالهه ٻُڌڻي
هئي، همراهه جي پيرن تي ڪري پياسين، ٻيلي تنهنجو
الله ڀلو ڪري، ٻانهون پيا ٻڌون، ٿورا پيا مڃون…
دعائون ڪندا ائين وٺي سِرهاڙو ڪيوسين. هاڻ اسان جو
ڳوٺ، اتر تان ته اسين توائي اوڀر ڏانهن، يڪي ڊوڙ،
اهڙي جو، ڪتا به نه رسن، ڏيڍ ٻن ميلن کانپوءِ
درياه تي ڏس ساريسين ته ابتو پنڌ ڪيوسين! وري رخ
ڳوٺ ڏانهن ساڳي ڊوڙ، سهڪ سهڪان، ڪير نه رسي ڪنهن
کي…بس الله الله ڪري اچي گهر پهتاسين. انهي واقعي
کانپوءِ سچي ته، اسان ڇوڪرن جو شڪار جي شونق کان
ارواح ئي کڄي ويو.
حليم بروهي
زندگي گذارڻ جا ٻه طريقا آهن- هڪڙو طريقو آهي ته
سنئون سڌو بلڪل نڪ سامهون هلبو هلجي ۽ پوءِ جنهن
ڏينهن حياتي پوري ٿئي، تنهن ڏينهن دنيا مان هليو
وڃجي. اسان سڀيئي گهڻو ڪري اهڙي زندگي گذاريندا
آهيون ۽ نڪ سامهون سڌو هلندا آهيون، اسان کاٻي
ساڄي نه ڏسندا آهيون ۽ جيڪڏهن اسان جي سامهون ڪا
اهڙي شئي يا ڳالهه آئي جا اسان جي سڌو سامهون هلڻ
۾ اٽڪاءَ وجهي ته اسان اها شئي يا ڳالهه فقط هڪڙي
ٽوڪري ۾ ڦٽي ڪير وري اڳتي هلڻ شروع ڪندا آهيون ته
اسان ڪٿي ترسياسين به نه، اٽڪياسين به نه، ۽ بلڪل
سڌو هڪ سڌي ۽ سادي زندگي گذاري آياسين، اُن آخري
نقطي تي به اسان اهو نه ڏسندا آهيون ته اُن ٽوڪري
۾ اسان ڪهڙيون شيون ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ڦٽي ڪندا
آياسين، ۽ اها ٽوڪري ڦٽي ڪرڻ وقت ڪيتري ڀريل هئي.
اڄ به اسان جيڪڏهن ٿورو ترسي ڏسون ته اسان انهي
ٽوڪري ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڦٽي ڪيون آهن ته اسان
ٿورڙو حيرت ۾ ضرور پونداسين. اسان ڏسنداسين ته
انهي ٽوڪري ۾ اسان فقط اهو ڪجهه ڦٽي ڪندا آيا
آهيون، جن کي اسان اتفاق يا اتفاقي ڳالهه يا
حادثو، يا ايڪسيڊنٽ چئي رد ڪري ڦٽي ڪيو هو، ٻيو
ڪجهه اسان کي حيرت ۾ وجهي يا نه، اها ڳالهه اسان
کي ضرور حيرت ۾ وجهندي ته اسان جي زندگي ۾ واقعن ۽
حقيقتن جو هڪ وڏو انبوهه هو، هڪ وڏو هُجوم هو،
جنهن کي اسان اتفاق يا ائڪسيڊنٽ چئي غير اهم
سمجهي، ان نوڪري ۾ ڦٽي ڪيو هو، اها عجيب ڳالهه آهي
ته هن ڪائنات جو هي بي انت ڪارخانو جنهن ۾ اسان جي
ڌرتي جهڙا هزارين لکين گره ۽ تارا آهن، جنهن ۾
اسان جي سج واري نظام جهڙا بي شمار نظام آهن، جنهن
۾
GALAXIES
جي تعداد جو به ڪو اندازو ناهي ۽ جنهن ۾ ڪائناتن
جي تعداد جي به ڪا حد ناهي، تنهن ڪائنات جي بي انت
ڪارخاني ۾ ڪا ڳالهه اتفاقي يا حادثاتي طرح به ٿي
سگهي ٿي، يا ڪو اتفاق يا حادثو به ٿي سگهي ٿو، يا
ڪا اهڙي ڳالهه به ٿي سگهي ٿي، جنهن کي اتفاق يا
حادثو چئي سگهجي. يا ڪابه اهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي،
جنهن جي ڪابه اهميت نه هجي، جيڪڏهن اهي اتفاق جيڪي
اسان جي زندگي ۾ ٿين ٿا – جيڪڏهن اهي اتفاق سچ پچ
غير اهم ۽ نسورا اتفاق آهن ته پوءِ اسان پنهنجي
فردي حيثيت ۾ سچ پچ اهڙا اهم چئباسين جو اتفاقن
جهڙين غير اهم ڳالهين لاءِ به اسان جي زندگي ۾
گنجائش رکيل آهي پر جيڪڏهن اسان سچ پچ اهم آهيون
ته پوءِ اهي غير اهم اتفاق اسان جي اهم زندگي ۾
ٿيڻ ئي نه گهرجن، ڳالهه ٽارڻ لاءِ اسان اهو به چئي
ويندا آهيون ته اسان جي پنهنجي زندگي به فقط هڪ
اتفاق آهي ۽ اهو چئي اسان هڪ وڌيڪ اتفاق اُن
ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي ڪندا آيهون، جا اڳيئي اسانجن ڦٽي
ڪيل اتفاقن سان ڀريل آهي.
اسان تڪڙا تيار ٿي گهران نڪري ڊوڙي بس ۾ ويهون ٿا
۽ بس ۾ اسان کي اوچتو ياد ٿو اچي ته جنهن ۾ ڪم
لاءِ اسان تڪڙا نڪري اچي بس ۾ ويٺا آهيون، تنهن ڪم
وارا ڪاغذ ته گهر رهجي ويا آهن، اسان بس مان لهي
موٽي گهر اچون ٿا ۽ ڪاغذ کڻي وري تڪڙا روانا ٿيون
ٿا ۽ ائين اسان جو ڪلاڪ اڌ ضايع ٿي وڃي ٿو، انهي
واقعي کي اسان ”اتفاق“ چئي يا ”انهي ۾ به ڪا ڀلائي
آهي“ چئي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪري اڳتي نڪ سامهون هلڻ لڳون
ٿا، اسان ڏسون ٿا ته مس ختم ٿي وئي يا بال پين
خالي ٿي وئي ۽ اسان کي مجبورن مس يا بال پين هٿ
ڪرڻ لاءِ ڏهه پندرهن منٽ ضايع ڪرڻا ٿا پون، يا
مُرڳو ڪم بند ڪري ٻئي وقت تي رکڻو ٿو پئي، انهي
واقعي کي به اسان ”اتفاق“ يا ”انهيءَ ۾ به ڪا
ڀلائي آهي“ چئي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ڪري اڳتي سڌو نڪ
سامهو وڌون ٿا. ٽيبل ڪرسي تي ويهي لکپڙهه ڪندي
اسان جي ميز تان، يا اسان جي هٿ مان، قلم يا پنو
ڪريو پئي ۽ اهو کڻندي اسان پنهنجا چار پنج سيڪنڊ
ضايع ڪريون ٿا ۽ انهي ڳالهه کي به آسان ”اتفاق“ ۽
انهيءَ ۾ به ڪا ڀلائي آهي“ چئي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪري
اڃا به پنهنجي نڪ سامهون سڌا ۽ بلڪل سڌا هلندا
هلون ٿا.
هاڻي ڳالهه آهي سوچڻ جي ته جنهن نظام ۾ ڪنهن سج
جو، ڪنهن چنڊ جو، ڪنهن تاري يا گرهه جو ڪڏهن ڪو هڪ
سيڪنڊ به اتفاق سان ضايع يا هيٺ مٿي نٿو ٿئي، جنهن
نظام ۾ هئڊروجن جا ٻه موليڪيول ۽ اوڪسيجن جو هڪ
موليڪيول گڏجي هميشہ ۽ سدائين پاڻي جو هڪ جزو
ٺاهيندا آهن ۽ ڪڏهن به ڪو اهڙو اتفاق نٿو ٿئي جو
هئڊروجن جا ٻه جزا ۽ اوڪسيجن جو هڪ جزو گڏجي پاڻي
بدران اتفاق سان ڪنهن شربت جو هڪ جزو يا ڪنهن ائسڊ
جا ٻه جزا ٺاهين، جنهن نظام ۾ سج ۽ روشني جي رفتار
ساڳي ۽ سدائين ساڳي رهي ٿي ۽ هڪ سيڪنڊ يا هڪ رتي
جو تفاوت ڪڏهن اتفاق سان به نٿو ٿئي ۽ جنهن نظام ۾
ڪنهن ننڍي پُرزي جي چرپر ۾ به انتها ننڍڙي ڦير ڦار
لاءِ به اهڙو ٺوس اصولي سبب آهي، جنهن تي آڱر رکي
چئي سگهجي ٿو ته اهو آهي ان ڦير ڦار جو سبب تنهن
نظام ۾ اهو بلڪل ناممڪن آهي ته اسان جو يا اوهان
جو ڪلاڪ اڌ يا ٻه چار سيڪنڊ به فقط اتفاق سان هيٺ
مٿي ٿي ويندا هجن.
جنهن نظام ۾ هزارين لکين ميلن جي مسافري کانپوءِ
به سج جي رفتار ۾ فٽ اڌ فٽ جو تفاوت نٿو اچي، تنهن
نظام ۾ بلڪل ناممڪن آهي ته اهو فقط اتفاق هجي،
جنهن تي اسان جي يا اوهان جي وقت جو ڪو به حصو
اهڙي اجائي طرح قربان ٿي ويندو هجي جو ڪائنات ان
قرباني جو ليکو به نه ليکي. مُندن جي ڦيري سان سج
جي اڀرڻ ۽ لهڻ واري وقت جي ڦير واري هر هڪ سيڪنڊ
لاءِ اهڙو سبب آهي، جنهن جي حوالي سان ٻڌائي سگهجي
ٿو ته سڀاڻي سج اڄوڪي وقت کان ايترا سيڪنڊ جلد يا
دير سان اڀرندو يا لهندو ۽ پاڻ پنهنجي معاملي ۾
آسان پنهنجي سموري سڄي زندگي جي هر هڪ پل يا گهڙي
جي هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃڻ کان اتفاق چئي ٽوڪري ۾
ڦٽو ڪري اڳتي سڌو سامهون وڌي ويندا آهيون.
صاف ثابت آهي ته جا ڳالهه اسان جي ذهني سطح کان
مٿي آهي، تنهن کي اسان اتفاق چوندا آهيون.
ڪنهن دوست ساٿي سان ڪٿي اتفاق سان ملڻ، فقط اتفاق
سان ڪنهن کي ڏسي وٺڻ، فقط اتفاق سان دير ٿي وڃڻ،
فقط اتفاق سان ڪنهن هنڌ وقت کان اڳ پهچي وڃڻ، فقط
اتفاق سان ريل نڪري وڃڻ ۽ بس کي به نه پهچي سگهڻ،
فقط اتفاق سان گاڏي جو ٽڪرجي پوڻ ۽ اتفاق سان ڪنهن
جو بچي وڃڻ يا نه بچڻ، انهن ۽ اهڙين ڳالهين کي
اتفاق چوڻ ته ٺيڪ آهي پر انهن کي سچ پچ اتفاق
سمجهڻ غلط آهي، انهن ۾ معنائون، مطلب ۽ مقصد آهن،
انهن جي ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ جا سبب آهن ۽ انهن ۾ اشارا
آهن، انهن لاءِ جيڪي زندگي ٻئي طريقي سان گذاريندا
آهن، انهن لاءِ جيڪي اڳتي سڌو هلندي ساڄي ۽ کاٻي
پاسي به ڏسندا هلندا آهن.
اسان ياد ڪريون ته جنهن سان اسان ڪڏهن اتفاق سان
مليا هئاسين، يا جنهنکي اسان ڪٿي اتفاق سان ڏٺو
هو، يا جيڪي ڪاغذ اسان ڪڏهن اتفاق سان گهر وساري
ويا هئاسين، يا ڪلاڪ اڌ جيڪو اسان جو اتفاق سان
ضايع ٿيو هو ۽ جن سڀني ڳالهين کي اسان ڪڏهن اتفاق
سمجهيو هو ۽ وساري ڇڏيو هو ۽ جيڪڏهن اسان ياد
ڪريون ته انهن سڀني اتفاقن وارين ڳالهين جو اثر ڇا
ٿيو هو ۽ نتيجو ڇا نڪتو هو، ته اسان اتفاقن کي
اتفاق چوڻ به ڇڏي ڏينداسين.
اسان جي زندگي ۾ سڀ کان اهم ڳالهيون اُهي آهن، جن
کي اسان اتفاق سمجهي پاسيرو ڪري ڇڏيندا آهيون.
• ادب ۾ سياسي ۽ سماجي مقصد جو اظهار ادب جي اهميت
کي نٿو گهٽائي، ائين به صحيح آهي ته ادب جي پرک
اول ادبي آهي ۽ پوءِ سياسي ۽ سماجي، ائين به صحيح
آهي ته ادبي تخليق نه اخباري مراسلو آهي نه ڪالم،
پر پوءِ به ادبي تخليق جي سياسي ۽ سماجي افاديت تي
مون کي ڪو ئي اعتراض نظر نٿو اچي، جي ادب هر لطيف
فن وانگر حسن جي علاش آهي ته ان طلاش جي دائري کان
سماج ۽ سياست کي ڇو ٻاهر رکيو وڃي؟ آخر هر عظيم
سياسي ۽ سماجي ادب ۾ سياست ۽ سماج جو هڪ تصور آهي،
جو ان جي خالق جي نظر ۾ تاج محل تي تروري وانگر
بکندو آهي.
-- شيخ اياز
ادبي اشارا
مصنف: ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“
ملڻ جو هنڌ: ڪافي پبليڪيشنس ڪراچي – 1990ع
مڪتبه برهان – اردو بازار ڪراچي
قيمت: پندرهن رپيا
هيءُ ڪتاب، ”ادبي اشارا“، پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي
”شوق“ جي ڪوشش جو عمدو شاهڪار آهي. ڊاڪٽر صاحب، هن
ڪتاب ۾ اُهي چونڊ ادبي عنوان گڏ ڪيا آهن، جيڪي
سنڌي جي نصاب ۾ شامل آهن ۽ اهي ادبي ڄاڻ جو هڪ اهم
حصو آهن، انهن ادبي عنوانن متعلق بي اي ۽ ايم اي
ليول تائين سوال به پڇيا وڃن ٿا.
ليڪن انهن عنوانن ۽ موضوعن تي هڪ ڪتاب نه آهي،
اهي، جدا جدا ڪتابن ۾ پکڙيل آهن، جنهن ڪري، عام
شاگردن جي مطالعي ۾ نٿا اچن، انهيءَ جي علاوه،
مقابلي جي امتحانن ۾ به اهي ئي عنوان بحث ۽ تنقيد
لاءِ پڇيا وڃن ٿا؛ مثلاً – داستان؛ ڊرامو؛ مضمون؛
ناول؛ افسانو؛ ادب ۽ ادبي تخليق؛ تنقيد؛ علم بديع
۽ علم بيان. اهي اهڙا ادبي عنوان آهن، جن کي ڊاڪٽر
”شوق“ نهايت ئي آسان، عام فهم، پسنديده ۽ دلڪش
انداز ۾ سمجهايو آهي. داستان، ڊرامي، ناول وغيره
تي مختصر، ليڪن جامع نموني سان بحث ڪيو آهي.
هن وقت به ڪاليج کان يونيورسٽي سطح تائين اهي ادبي
عنوان، سنڌي ادب جي نصاب جو اهو لازمي حصو آهن ۽
شاگردن کي امتحان ۾ ڪي نه ڪي عنوان ڏيئي سندن
مطالعي جي آزمائش ورتي ويندي آهي. ڊاڪٽر ”شوق“،
انهن سمورن ادبي عنوانن کي يڪجا ڪري ”ادبي اشارا“
جي عنوان سان ترتيب ڏنو آهي.
حقيقت ۾، ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادب جي اُستادن، شاگردن
۽ سنڌي ادب سان چاهه ۽ دلچسپي رکندڙن لاءِ رهنمائي
۽ رهبري جو وسيلو فراهم ڪيو آهي.
دلچسپ ۽ وڻندڙ اها ڳالهه به آهي ته هن ڪتاب ۾
جيترا به موضوع شامل آهن، تن جي تاريخي ۽ ادبي
حيثيت جو جائزو تفصيل سان پيش ڪيو ويو آهي 7 انهن
جي بڻ بڻياد ۽ اصل تي به روشني وڌي وئي آيه، جنهن
مان استاد ۽ شاگرد لاڀ پرائي سگهن ٿا.
انهن ”ادبي اشارن“ ۾ جيڪڏهن اڳتي هلي نئين ايڊيشن
۾ ”علم بيان“ جي عنوان ۾ ڪجهه وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي
ته بهتر ٿيندو، انهيءَ کانسواءِ ٻين ادبي صنفن،
مثال طور بيت؛ غزل؛ رباعي؛ مثنوي مسدس وغيره کي به
شامل ڪيو وڃي ته بلڪل مناسب آهي؛ ڇو ته، اهي به
اهڙي قسم جي ڪتاب جي ضرورت ۾ شامل آهن.
ــ پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن لغاري
ٽنڊوڄام
رت ڀنا رابيل
”رت ڀنا رابيل“، مقصود گُل جو ٻيو شعري مجموعو
آهي، هن کان اڳ ٻارن جي لاءِ ڪيل سندس شاعري جو
مجموعو ”ڪرڻا ڪرڻا“ جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي.
مقصود گل جو نالو ادبي دنيا ۾ نئون ڪونهي، هو
گذريل پندرهن سورهن سالن کان مسلسل لکي رهيو آهي ۽
سندس تخليقون مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن
ٿيون. منفرد لهجي وارو شاعر مقصود گل پڪي ۽ پختي
شاعري سبب پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ رکي ٿو.
”سنڌڙي“ ڪتابي سلسلي رتي ديري طرفان شايع ٿيل
مقصود گُل جو شعري مجموعو ”رت ڀنا رابيل“ ٽن حصن ۾
ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ غزل، ٻئي ۾ نظم ۽ ٽئين
حصي ۾ آزاد نظم ڏنل آهن. مجموعي جي شروعات ۾
نامياري شاعر محترم رڪش سنڌيءَ ”پنهنجي پاران“ جي
عنوان هيٺ، مقصود گل جي شعري پس منظر جو ذڪر ڪندي
اشاعتي اداري جي ڪيل ڪوششن بابت لکيو آهي.
ڪتاب جو مهاڳ، ”سڄڻ ۽ ساڻيهه“ جي عنوان سان، شاعر
جي تمام ويجهي دوست ۽ نوجوان شاعر محترم مختيار
گهمري جو لکيل آهي. هو هڪ هنڌ لکي ٿو: ”مقصود گل،
شاعريءَ جي ابتدائي اصلاح پنهنجي والد قاضي
عبدالحئي ”قائل“ کان ورتي. اڳتي هلي سنڌ جي بي باڪ
۽ ڀلوڙ شاعر ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي رهنمائي جي
چيچ پڪڙي ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ وکون کڻڻ شروع
ڪيائين.“
غزل جي حصي جي شروعات ۾ ”شاعر گُل ۽ خوشبو گيت“ جي
عنوان سان، نوجوان شاعر محترم علي دوست عاجز جو،
مقصود گل جي شاعري بابت تاثر ڏنل آهي، جنهن ۾ هُن
غزل جي شعرن جي مثالن سان، شاعر جي جذبن ۽ احساسن
کي ظاهر ڪيو آهي، هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”اکرن
بجاءِ احساسن جي اُپٽار سچ ته ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
ٻاهراين اثر اندر جي اُڌمن ۾ اُٿل آڻي، مشاهدي ۽
مطالعي جي رنگ ۾ رڱجي، حساس ۽ ڏاهي ڏاتار جي قلم
جي نوڪ مان نوٽبڪ تي عجيب صورت ۾ نروار ٿين ٿا،
فطري محبت ۽ لطيف جذبن جون صورتون، قاضي صاحب جي
شاعري ۾ پڙهندڙن کي نظر اينديون.“
غزل جي حصي ۾ ڪُل 56 غزل ڏنل آهن ۽ هر غزل جو
پنهنجو پنهنجو رنگ آهي. پيار محبت جون ڳالهيون به
آهن ته درد جا داستان به، وڇوڙي، انتظار ۽ اهڙين
ٻين ڪيفيتن جي هوندي به مقصود گل جي غزلن تي عصري
حالتن جو اثر نمايان آهي.
تنهنجو مُرڪڻ آ صبح جو سوجهرو
رنج تنهنجو روڄ واري رات آ
*
شام جو آفيس کان موٽيس جڏهن
مون امڙ کي در تي بيٺل هو ڏٺو.
*
اهڙا ٻيا ڪيترائي شعر غزل واري حصي ۾ شامل آهن، جن
۾ نهايت اثرائتا احساس، آسان ۽ سادي ٻوليءَ ۾ بيان
ٿيل آهن، جيڪي هڪ ڀيرو پڙهڻ کانپوءِ وسرن نٿا. اها
ئي هڪ ڪامياب غزل جي خوبي آهي.
مجموعي جو ٻيو ڀاڱو 36 نظمن تي مشتمل آهي، انهيءَ
حصي جي شروعات ۾ ”پربتن تي پيچرا“ جي عنوان سان،
محترم سرمد چانڊيي، مقصود گل جي نظمن جو ڀرپور
جائزو ورتو آهي، جنهن ۾ هن شاعر جي نظمن کي وقت ۽
حالتن جو آواز سڏيو آهي. هن حصي ۾ ”ڌرتيءَ جي
ڌيءَ“، ”گل ۽ ٽانڊا“ ”ستايل سونهن“، ”ڪينجهر ۾
ڪنول“، سچل جو پاڙيسري“، ”امن جي ڳولا“، ”سچو
شاعر“، ”ڪرڻن جي ڄڃ“، ”عيد“ ۽ ٻيا ڪيترائي اثرائتا
نظم شامل آهن.
نظم ”عيد“ جي هن شعر مان اسان جي سماجي ۽ اقتصادي
حالتن جو اولڙو پسجي ٿو:
صبح جو ڏيئي صدا، گهر گهر پني
گودڙيءَ ۾ آ گداگر عيد ڪيئي.
مجموعي جي ٽئين ۽ آخري حصي ۾ آزاد نظم شامل آهن،
انهيءَ حصي جي منڍ ۾ ”آزاد نظم جو پابند شاعر“ جي
عنوان سان محترمه حميده قاضي جو اڀياس ڏنل آهي،
جنهن ۾ هُن مختلف رُخن کان آزاد نظمن جو جائزو
وٺندي، مقصود گل کي هن دؤر جو خوبصورت خيالن، نازڪ
جذبن وارو حقيقت پسند شاعر سڏيو آهي. محترمه حميده
قاضي هڪ هنڌ لکي ٿي:
”مقصود گل جي آزاد نظاماڻي شاعري، پڙهڻ کانپوءِ
پوري ريت پروڙ پوي ٿي ۽ انهي نتيجي تي پهچجي ٿو ته
هن، جديد صنف سان نهايت خوبصورتي ۽ ڪاميابي سان
نباهيو آهي. وڏي ڳالهه ته سموري شاعري، موسيقيت ۽
مبهم موزون وزنن ۾ پابند محسوس ٿئي ٿي.“
تيرهن آزاد نظمن مان، ”روشنائيءَ جو شهر“ ”محبت“
”او ڌاڙيل“ ۽ ”سج سدائين روشن رهندو“، نمايان نظم
آهن. آزاد نظم جون به ڪي پابنديون آهن، جن کي شاعر
نهايت ڪاميابي سان پورو ڪيو آهي، خاص طور تي هن
مترنم لفظن واري موسيقي ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو آهي.
مجموعي ۾ ڏنل ٽنهي صنفن يعني غزل، نظم ۽ آزاد نظم
کي شاعر، فني ۽ فڪري لحاظ کان سٺو نباهيو آهي،
ٽائيٽل ڪور جي پٺيان شاعر جو تعارف ڏنل آهي، جيڪو
نامياري شاعر محترم اُستاد بخاري جو تحرير ڪيل
آهي. استاد بخاري شاعر لاءِ لکي ٿو.
”گل، گهڻ گڻو ماڻهو، محفلن جو مور، اهل دل به
اهلڪار به، ملڻو جلڻو، ٻهڪڻو ٽهڪڻو هوندي به سڀاء
۾ سنجيدگي، همدرد انسان، ڪلاڪاري سان لڳاءُ ۽ ساهت
سان سچي ورتاءُ اهو رنگ لاتو آهي، جو قومي درد
مند، حساس دل شاعرن جي قطار ۾ شامل ٿي چڪوآهي.“
مجموعي جو چار رنگو خوبصورت ٽائيٽل، مشهور آرٽسٽ
فتاح جو ٺاهيل آهي.
158 صفحن تي مشتمل، مشهور شاعر مقصود گل جو شعري
مجموعو تمام مناسب قيمت ۽ سهڻي اثرائتي شاعري سبب،
وڌ کان وڌ پڙهندڙن تائين پهچڻ جي خوبي رکي ٿو.
ــــ ادل سومرو
تنوير چئي
هي تنوير جي ڪلام جو مجموعو آهي، جنهن ۾ هن جو
ڇاپيل توڙي اڻڇاپيل ڪلام ڏنل آهي، جيڪو سندس اڄ
تائين جي شاعراڻي زندگي کي گهيرو ڪيو بيٺو آهي؛
مطلب ته تنوير شروع کان وٺي اڄ تائين جيڪو ڪلام
چيو آهي، تنهن مان جيڪي به هن ڇاپائڻ گهريو آهي سو
سمورو ڪلام ڏنل آهي، ان مجموعي ۾ هن جا چار ڇاپيل
مجموعا - رڳون ٿيون رباب، شعر، سج تريءَ هيٺان ۽
هيءَ ڌرتي - به ڏنا ويا آهن ته ٻيو ڪلام به آهي،
جيڪو 1988ع تائين جو چيل آهي.
هن غزل، نظم، گيت، وائي ۽ هائيڪو وغيره صنفن ۾
پنهنجي سخن طرازيءَ جو ڪؤنتل ڪڏايو آهي، هو خوب
کان خوبتر جي تلاش ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادب مان
مويت چونڊڻ ۽ انهن مان پنهنجو شعر جو هار پوئڻ ۾
لڳل رهيو آهي، ان ڪري هن پاڻ به لکيو آهي ته ٻين
جي لکئي کي ترجمي جي ذريعي سنڌ وارن جي آڏو پيش
ڪيو آهي. هن اهو سفر طئي ڪندي جپاني شاعري مان
هانيڪو جي صنف آڻي هتي پيش ڪئي، جنهن جي پيرويءَ ۾
سنڌ وارن به لکڻ شروع ڪيو. آهسته آهسته انهيءَ صنف
کي ”ٽيڙوءَ“ جي نالي سان به پيش ڪيو ويو. مطلب ته
هن جي آندل سوغات کي ڪافي مقبوليت حاصل ٿي.
حالانڪه هو پاڻ سمجهي ٿو ته هائيڪو ۾ کيس اهو مقام
حاصل ٿي نه سگهيو آهي، جيڪو ٿيڻ گهربو هو.
منهنجي خيال ۾ هو بنيادي طرح غزل جو شاعر رهيو
آهي، ڇاڪاڻ جو هو شاعري جي ٻين صنفن ويندي ترجمن ۾
به غزل کان پاڻ کي پري رکي نه سگهيو آهي، ان ڪري
ائين محسوس ٿئي ٿو ته تنوير بنيادي طرح ڪالهه به
غزل جو شاعر هو، اڄ به غزل جو شاعر آهي ۽ سڀاڻي به
غزل جو ئي شاعر رهندو. هن پاڻ چيو آهي:
غزل تنوير ديواني جو ٻڌندين
خرد وارا به ديوانا ٿين ٿا
هن جي شروعاتي غزل ۾ اهائي ايراني روايت ڪارفرما
آهي، چوي ٿو:
ڇڏي نه پنهنجي نشيمن کي آه سان ساڙي
خزان جي وقت نه بلبل ڪڏهن چمن ۾ هجي
رهيا تشنه ميڪش رهيو تشنه ساغر
تنهنجي ميڪدي جو نظام الله الله
هتي انسانيت جو خون انسانن هٿان ٿو ٿئي
ستم ڪهڙا اڃا تنوير زير آسمان ڏسبا
اي قاتل خون عاشق سان ڀريل دامن سنڀالي رک
هي ڪم ايندءِ ڪڏهن رنگينيء محفل بنائڻ ۾
مقصود آزمائش ذوق سفر هئي
مون ڪاروان کي سر منزل ڇڏي ڏنو
اڃا ڏسان ٿو فضائي چمن تي ويراني
نگاه ناهي ٿي مانوس نو بهار اڃا
تنوير ذڪر ماضي رنگين کي ڪين ڇيڙ
مان انجمن کي ياد نه ڪو انجمن مون کي
وساريو هونءَ ته هو تنوير کي مون
جڏهن ٿيو هو غزلخوان ياد آيم
سو وقت به ڪهڙو وقت هو جو،
ڪنهن سان محبت هوندي هئي
ڪجهه منهنجي شرارت هوندي هئي،
ڪجهه هن جي شڪايت هوندي هئي.
هڪ نظم جو ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
تو مون کي مرڪي کيڪاريو
قرب منجهان صوفي تي وهاريو
تنهنجون خوني خماري اکڙيون
تن ۾ ڪجل جون ڪاريون ليڪون
۽ ڇپرن تي ٿيل ڪمل جان
هلڪي نيري رنگ جون جهلڪون
تنهنجي ڳلن تي هلڪي لالي
تنهنجي چپن تي هلڪي لالي
تنهنجي وارن ۽ ڪپڙن مان
خشبوءِ جو دريا اٿلي پيو
تنهنجيون ڇاتيون آتيون آتيون
سوڙهو چولو ڄاڻُ ته ڦاٽو
هن مان ڏسبو ته غزل جي فضا کان تنوير ڪٿي به ٻاهر
نڪري نه سگهيو آهي، حالانڪه چوڻ خاطر چوي ٿو:
ڪنهن جي نظرن ڦرڻ سان اي تنوير
منهنجي باقي سا شاعري نه رهي
جيڪا حقيقت نه، پر وقتي ڳالهه آهي. هن جو بنهه
پوئين دور جو شعر آهي:
هر ڪو ماڻهو پيار ڪري ٿو
ڪوئي ڪنهن سان ڪوئي ڪنهن سان
مان جو توسان پيار ڪريان ٿو
نه ڀانء ته ڪو بيڪار ڪريان ٿو.
هن مجموعي ۾ 1950ع کان وٺي 1988ع تائين جو ڪلام
شامل ڪيل آهي ۽ اهو سڄو دؤر سنڌ جي واسطي سکن جو
نه پر ڏکن جو دور رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي هر هڪ
سپوت کي اهڙي فضا ۾ گهڻو ڪجهه سهڻو پيو آهي. تنوير
به اهڙن ئي سپوتن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي شاعري ۾
ان دک درد کي محسوس ڪيو، ورجايو ۽ ويرين سان مهاڏو
اٽڪائڻ لاءِ قومي سطح تي گهڻو ڪجهه چيو آهي.
اهڙي طرح هن نه رڳو مارئي کي پر سسئي، سهڻي، ٻيجل
توڙي ڀٽائي کي خطاب ڪري پنهنجي اندر جا اڌما ظاهر
ڪيا آهن، هن ان سان گڏ هوش محمد شيديءَ جو پيغام
رسايو آهي. چوي ٿو:
رات مون کي خواب ۾ هوشوءَ ڏنو هڪڙو پيام
سنڌ وارن کي ڏجان منهنجا ڳڻي سؤ سؤ سلام
نوجوانن کي وڃي شاعر اهو پيغام ڏي
ڪين پيارو ڪن وطن کان ڪڏهين پنهنجي ساهه کي
هن اهو پيغام نوجوان نسل کي اجهو هينئن پهچايو
آهي:
جوت جلندي رهي – لاٽ ٻرندي رهي
جي نٿا مچ مچائي سگهو دوستو
چڻنگ چولي ۾ پنهنجي لڪائي هلو
روشني زندگي آ اها زندگي
ڪنهن امانت جان دل سان لڳائي هلو
-
نئين نسل جا نوجوان جي اوهان ڏانهن
ايندا اميدن جا ڏيئا کڻي
ته سا لاٽ ايندي ڪٿان جنهن منجهان هو
ڏيئا ٻاري اکين جا ويندا کڻي
جي هو پڇندا اها روشني سان امانت
ڪٿي آ جا هوشوءَ اسان لئه ڇڏي
اوهان سر جهڪائي ڇڏيندؤ ته پر
ڇا زبان سان به سگهندو اتي ڪجهه ڪڇي
هيءَ امانت اٿو ساهه سان سانڍجو
هيءَ امانت اٿو ساهه سان سانڍجو
جوت جلندي رهي – لاٽ ٻرندي رهي
نئون نسل جيئن روشني سان ڀريل، وطن ۾ پنهنجون
معصوم اکيون پٽي هو نوجوانن مان وڏي اميد رکي ٿو ۽
چئي ٿو:
سور سهن ٿا سر مٿي ڳڀرو ڇا جي ڪاڻ
رت اٻري ۽ دل رجهي، من ۾ آ مانڌاڻ
ڪپجي ڪنڌ ڀلي مگر جهڪي نه مڃجي آڻ
ٿيندا سور سراڻ، بڻبا تيز ترار جيئن
هو ڌرتي جي پاران پاڻ، ماءُ بڻجي ٿو چوي:
منهنجو پٽ اهو جنهن کي ڇاتيءَ ۾ ڇرا
گهايل ڪونهي جو مون کي ماءُ نه سڏي سو
ٿڃ نه بخشيان ان کي جيڪو چپ ويٺو
رنگ جنهن جو ريٽو، ماءُ انهيءَ جي آهيان.
هن وري چيو آهي:
اوچيون رکو هي لاٽون هي مشعلون ڏياٽيون
پنهنجن لئه روشنيون ۽ دشمن جي لئه اماڙيون
هن حالات حاضره کي ڪڏهن به ڪين وساريو آهي،
اورنگيءَ واري واقعي تي هيئن ٿو لکي:
اورنگي ۾ باهه، چيٽون معصومن جون
دوزخ هن جهان جي هن جي آڏو ڇاهه
خلقي ڇا الله، ماڻهوءَ کان وڌ قهر ٻيو.
*
گهر سڙيا ور سڙيا سڙيو سڄو ڪهول
ڪنور سڙيا ڪنواريون سڙيون ٻريا رنگ رتول
ڏسي هن ڏهڪاءَ کي هينئڙي اچن هول
جيڪو جهلي جهول ته پون ان ۾ رت ڦڙا
هو پڇاڙي ۾ چوي ٿو:
دڙڪو ورندو دڙڪو ٿي گار ٿي ورندي گار
رت ورندو رت ٿي پيار ٿي ورندو پيار
گولي ورندي گولي ٿي هار ٿي ورندو هار
پو اي منهنجا يار نفرت ڇو پوکيون هتي.
تنوير هڪ گهڻ پاسائون شاعر آهي، تنهن تي هن ٿورڙي
وقت ۾ ڇا لکي ڇا لکجي. البت ايترو چئبو ته هن
شاعري ڪندي سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن ايراني
روايت کان پنهنجي جان ڇڏائي سنڌ جي روايتن کي
پنهنجايو آهي. هن سنڌ جي تهذيب وتمدن، روايات و
آثار ۽ لوڪ ادب کي ئي پنهجو ورثو ڪري کنيو آهي، هن
ان مان ئي مهاورن ۽ اصطلاح، روزمره ۽ تلميحون،
تشبيهون ۽ تاثرات وٺي پنهنجي شاعري کي چمڪايو آهي.
حالانڪه هُنَ پرڏيهي ادب کي به ڪين وساريو آهي.
هو چوي ٿو:
سونهن ڪا ويئي آهي منهنجي ساهه ۾ سيبائجي
ماڻڪن جان ماڻڪيون واسينگ جهڙا وار هئا
پنکڙين جهڙي هئي پوشاڪ سو سينگار هئا
جنهن ڏي نظرون ٿي کڄيون سو روح ويو ٿي گهائجي
سونهن ڪا وئي آهي منهنجي ساهه ۾ سيبائجي
*
ڇيٽ جو چولو جنهن کي سوسيءَ جي سلوار
ڀلو ڙي سوسيءَ جي سلوار
ماڻهو ماڻهو جهڙو جنهن جا مکڙين جهڙا پار
جنهن جي آڏو ڦڪا ٿين ٿا سورهن ئي سينگار
اکيون انهي جون ٻرن مشعالا، ڀروون دونهين ڌار
ڇاتيءَ مان ٿي ڦاٽي جواني اکين مان اٿلي پيار
ڀلو ڙي سوسيءَ جي سلوار
هنن ٿورڙين سٽن ۾، ساهه ۾ سيبائجڻ، واسينگ جهڙا
وار، پنکڙين جهڙي پوشاڪ، روح جو گهائجڻ، ڇيٽ جو
چولو، سوسيءَ جي سلوار، اکين جون مشعلن وانگر ٻرڻ،
ڇاتي مان جواني جو ڦاٽڻ جهڙا محاورا، تشبيهون ۽
تلميحون وغيره ڏيکارين ٿيون ته هن ايراني ورثي مان
جان ڇڏائي ديسي ورثي مان سڀڪجهه نه ته به گهڻو
ڪجهه ورتو آهي.
ساوڻ ساماڻو، آيون راتيون رس ڀريون
ڦوهه جواني مند جي چوڏس چٽاڻو
ننڊ نه آئي رات جو ٽري ويو ٽاڻو
اسان وهاڻو، سور ڪيا او سپرين
*
توکي ائين ويڙهي وڃان، جيئن وليون ويڙهن وڻ
سڪڻ کانپوءِ ڀي رهن، سدا ساڻ سڄڻ
جيئڻ ۽ مرڻ، تو سان ائين منهنجو ٿئي.
مند پنهنجي ڀرپور جوانيءَ تي هجي، راتيون رس ڀريون
هجن، سڄڻ نه اچڻ جي ٽاڻو ٽري وڃي ۽ عاشق سورن کي
وهاڻو ڪري سمهي پوي. اهڙن منظر کي ٿورڙين سٽن ۾
ائين آڻجي جو اهو سڄو نظارو اکين اڳيان گهمي وڃي
ته پوءِ ڇا چئجي.
ساڳيءَ طرح ولين جو وڻ ويڙهي وڃڻ ۽ سڪڻ کان پوءِ
ان سان چنبڙيو رهڻ به ائين آهي ڄڻ ٻن جيئن جي مرڻ
۽ جيئڻ جو ساٿ هجي.
تنوير جي شاعري ۾ اهڙيون ڪي ئي ڳالهيون آهن، جيڪي
پڙهڻ ۽ سمجهڻ سان لاڳاپو رکن ٿيون.
ــــ عبدالقيوم صائب
ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ لائبريرين شپ
پنهنجي ڪم وارين ۽ پيارين شخصيتن جي نيڪ قومي ۽
سماجي ڪارنامن کي اجاگر ڪري، قوم جي اسرندڙ فردن
کي راهه ڏيکارڻ سان، وڏي سماجي خدمت سرانجام ڏئي
سگهجي ٿي. ان ريت هڪ طرف قومي خدمتگارن جي خدمت جو
اعتراف ڪجي ٿو ته ٻئي طرف اها به سڌ پوي ٿي ته
اسان جي سماج ڪيئن ترقي ڪئي ۽ ان جي ارتقائي مرحلن
۾ ڪهڙن فردن جو هٿ رهيو آهي. هو پاڻ ڇا هئا ۽ ڪيئن
نه رڳو پنهنجي زندگي سڌاري ڪارآمد بڻائي ويا پر
اهو به پتو پوي ٿو ته ڪهڙي ڏس ۾ ڪهڙو سڌارو ڪڏهن،
ڪيئن ۽ ڪنهن جي ڪوشش سان آيو. ان هڪڙي جي ڪري ان
ڏس ۾ وري ڪهڙا فرد پيدا ٿيا، جن انهي نيڪي کي وڌيڪ
اوج ڏيڻ جو ڪم ڏنو.
”ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ لائبريرين شپ“ جي پڙهڻ مان
اها خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ ڪتب خانن کي ڪيئن
سنڀالجي، ڪيئن هلائجي، ڪيئن ۽ ڪهڙي سلسلي سان
ڪتابن کي رکجي ۽ انهن جو بچاءُ ڪجي. اهڙي موضوع کي
ٻين موضوعن وانگر پڙهائڻ لاءِ يونيورسٽي سطح تائين
آڻڻ ۾ سند يافته ماڻهو پيدا ڪري، انهن جي لاءِ
روزگار جو نئون ذريعو پيدا ڪرڻ جي خدمت ڪرڻ جو
سهرو اسان جي ڊاڪٽر محمد علي قاضي جي سر تي سونهين
ٿو، جنهن جي زندگي ۽ ڪارنامن کي هن ڪتاب ۾ اجاگر
ڪيو ويو آهي. قاضي محمد علي مارچ 1915ع ۾، محمد
هاشم قريشيءَ جي گهر ۾، ماتلي شهر ۾ پيدا ٿيو.
سندن وڏا اصل ۾ پنجاب جي چنيوٽ ضلعي مان لڏي اچي
حيدرآباد شهر ۾ پڪي قلع جي ڀرسان رهيا. ان وقت سنڌ
۾ ميرن جي صاحبي هئي. قاضي صاحب جو ڏاڏو عبدالواحد
قريشي پنهنجي گهراڻي ۾ وڏو عالم ۽ سنڌي ٻوليءَ جو
شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن ”يوسف زليخا“ جو سنڌي نظم
۾ ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري. اهڙي ۽ ٻي
معلومات اسان کي هن ڪتاب جي ذريعي ملي ٿي.
هن ڪتاب ۾ ٻن ڳالهين تي زور ڏنو ويو آهي، هڪ ته
قاضي محمد علي جي سوانح حيات، ٻي سنڌ ۾ لائبريرين
شپ جي تاريخ، جا ڳالهه ڪتاب جي نالي مان ظاهر ٿئي
ٿي.
هي ڪتاب دراصل جدا جدا مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي
پروفيسر محمد اسحاق ابڙو، ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ،
دوست محمد ڀٽي، محمد حسن پنهور، شاهه محمد بلوچ ۽
ٻين جا لکيل آهن، جن جو قاضي صاحب سان گهرو ۽
ويجهڙائي وارو ناتو رهيو آهي، انهن مضمونن پڙهڻ
سان پتو پوي ٿو ته قاضي اڃا پنجن سالن جي طبعي عمر
کي به ڪو نه پهتو ته سندن والد گذاري ويو ۽ انهي
يتيم ٻار وڏو ٿي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ سخت
جدوجهد ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ٻين جي لاءِ پڻ هڪ
مثال پيش ڪيو. ٻيو ته هو هڪڙو اورچ، ڌيرج وارو،
نيڪ سيرت ۽ علم دوست انسان هو، جنهن جي دل ۾ الله
تعالى جي سچي محبت ۽ رسول اڪرم ﷺ جن جو عشق موجزن
رهيو. ان ڪري هن کي دنيا جون رنگينيون موهي نه
سگهيون، بلڪه روزي ۽ نماز جو پابند هيءَ صالح
ٻانهو، پنهنجو سارو وقت دين جي شغف، ڪتابن جي
اڀياس، فقيرن ۽ صوفين، سالڪن ۽ صالحن جي صحبت ۾
گذاريندو هو، جيئن ابڙي صاحب ڄاڻايو آهي. ساڳئي
وقت هو موسيقيءَ جو پڻ ڄاڻو هو.
قاضي صاحب جي ڪوشش جي نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽي
اختياري سال 1965ع ۾ ”ٽن مهينن جي سرٽيفڪيٽ ڪورس“
شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني، ان کانپوءِ سال 1966ع ۾
”انڊر گريجوئيٽ ڊپلوما“ ۽ سال 72- 1971ع ۾ ”پوسٽ
گريجوئيٽ ڊپلوما“ ۽ سال 74- 1973ع ۾ لائبريري
سائنس ۾ ”ماسٽرس ڪورس“ پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو؛
جيئن محمد حسن پنهور ۽ ٻين جي مضمونن مان ظاهر ٿئي
ٿو، ان سلسلي ۾ اها ۽ ٻي ڪافي معلومات ملي ٿي، ان
ڪري چئي سگهجي ٿو ته هي هڪ ڪارائتو ۽ معلومات سان
ڀريل سبق آموز ڪتاب آهي، جيڪو نه رڳو سنڌ جي سڀني
سرڪاري توڙي خانگي ۽ ذاتي ڪتبخانن ۾ هئڻ گهرجي پر
عام طور تي پڙهڻ لائق آهي.
البت هڪ غلطي جا هن ڪتاب ۾ آهي سا هيءَ آهي ته
شاهه محمد صاحب ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ڄاڻايو آهي ته
قاضي صاحب جا وڏا حيدرآباد ۾ مير ڪرم علي خان واري
مسجد جي ڀرسان، شاهي بازار ۾ کنڀاٽي گهٽي ۾ اچي
رهيا. اصل ۾ مير ڪرم علي خان جي مسجد، کنڀاٽي ۾
ڪانهي بلڪ انهي گهٽي جو نالو ”سٿرن واري گهٽي“
آهي. اها مسجد اڃا تائين موجود آهي، جنهن کي
ويجهڙائي ۾ نئين سر اڏايو ويو آهي، جنهن ڪري ان جي
پراڻي عمارت ۽ فن تعمير واري اها اهميت ۽ حيثيت
ختم ٿي چڪي آهي. هيءَ ڳالهه صرف رڪارڊ درست رکڻ
لاءِ ڪئي اٿم.
ٻي وري ڇاپي جي غلطي آهي. ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته
ٽنڊي باگي وارو مدرسو مير محمد ٽالپر برپا ڪيو.
اصل ۾ اهو مدرسو مير غلام محمد خان ٽالپر برپا
ڪرايو هو.
هي ڪتاب شاهه محمد بلوچ ترتيب ڏنو آهي، جيڪو گلشن
پبليڪيشن ممتاز ڪالوني، حيدرآباد سنڌ وارن ڇپائي
پڌرو ڪيو آهي ۽ اتان توڙي سنڌ جي ٻين ڪتب خانن تان
ملي سگهي ٿو. ڪتاب جا صفحا 100 آهن ۽ سائيز ڊيمي
آهي. ان ۾ آف سيٽ توڙي اڇو ڪاغذ ڪتب آندو ويو آهي.
آفسيٽ واري ڪتاب جي قيمت00-25 رپيا ۽ اڇي ڪاغذ
واري جي قيمت 00-20 رپيا آهي.
ــ عبدالقيوم صائب
تحفة الطاهرين
از: شيخ محمد اعظم بن محمد شفيع ٺٽوي
مترجم: عبدالرسول قادري بلوچ
قيمت: چاليهه رپيا
ناشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
سن: 1990ع
هيءَ ڳالهه روز روشن وانگر ظاهر آهي ته اسلامي
تاريخ جو ٻرندڙ گهوارو عرب هجي يا سنڌ، ايران هجي
يا توارن، هندستان هجي يا پاڪستان، مطلب ته هر هنڌ
۽ هر ملڪ ۾ انسان جون خراب عادتون سڌارڻ، بگڙيل
معاشير کي سنڀالڻ ۽ انهن کي، عروج ڏانهن مائل ڪرڻ
۽ انساني زندگي جي ايماني ۽ اخلاقي نظام کي مستحڪم
بنيادن تي مضبوط ڪرڻ ۾ اوليائن، صوفين ۽ عالمن
جيڪي ڪارنامه سرانجام ڏنا آهن. اهي قابل تحسين
بلڪه قابل تقليد آهن، پر مسلمان بادشاهن جا دفتر
هن اعزاز ماڻڻ کان گهڻي حد تائين خالي آهن، جيئن
ته مسلمانن حاڪمن جو جاه و ثمڪنت، شان و شوڪت ۽
بزرگي و عظمت جو ستارو ڏاڍي دٻدٻي سان چمڪندو رهيو
پر جنهن اسلام جي نالي تي هو فريدون هشمت، جمشيد
جاه، سنڪدر شوڪتَ ۽ دارا پناه جي لقبن سان دنيا ۾
مشهور ٿيا، افسوس جو ان اسلام کي پروان چڙهائڻ
لاءِ هنن ڪابه خدمت انجام نه ڏني پر انهن جي
مقابلي ۾ صالحن ۽ اوليائن جي خلوص و عقيدت، اخوت و
محبت ۽ ايمان جي ٿڌڙي هير جي لهرن انسانن جي دلين
۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ انهن جي ولوله انگيز
ڪارنامن حڪومت جي ايوانن ۾ زلزلا برپا ڪري ڇڏيا،
مطلب ته انهن جو وجود گرامي بقول علامه اقبال جي
هن ريت آهي ته:
جس سي جگر لاله مين ٺنڊڪ هو وه شبنم
درياؤن ڪي دل جس سي دهل جائين وه طوفان
حقيقت به اهائي آهي ته اسلام جي تاريخ جي ترو تازه
۽ سرسبز باغ جا گل اِهي ئي اوليا ۽ صوفي آهن، پر
وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهڙن بزرگن ۽
اوليائن جي تذڪري نگارن عقيدت مندي جي جوش ۾ انهن
جي مجاهدانه ۽ اصلاحي ڪارنامن جي ذڪر ڪرڻ بجائي من
گهڙت قصن ۽ عقل جي خلاف روايتن سان اهڙن بزرگن جا
تذڪرا سياه ڪري ڇڏيا آهن، جيڪو هڪ وڏو ظلم آهي.
اهوئي حال زير نظر ڪتاب ”تحفة الطاهرين“ جو به
معلوم ٿئي ٿو.
”تحفة الطاهرين“ جو مولف شيخ محمد اعظم ابن محمد
شفيع ٺٽوي آهي. فاضل مؤلف هي تذڪرو سن 1190هه ۾
لکي ختم ڪيو ۽ ڪتاب جو نالو رکيائين ”تحفة
الطاهرين“ جيڪو هيٺين قطع تاريخ مان برآمد ٿئي
ٿو:-
شکرِ الله که يافت زيبِ رقم
نسخهء دل پذير و معدنِ هوش
سالِ اتمام و نامِ ميمونش
”تحفة الطاهرين“ بگفت سروش
1190هه
هن ڪتاب ۾ ٺٽي ۽ مڪلي ۾ دفن ٿيل راهِ طريقت جي
سالڪن، صوفين ۽ اوليائن جو ذڪر خير آهي. هن ڪتاب
کي سنڌي ادبي بورڊ سن 1956ع ۾ شايع ڪرايو ۽ ترتيب
و تصحيح جو ڪم سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي ميمبر ۽
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر مرحوم آغا بدر عالم دراني
ڏاڍي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏنو. هن ڪتاب جو سنڌي
ترجمو منهنجي محترم دوست عبدالرسول قادري بلوچ
صاحب جن ڪيو آهي، جيڪو ساڳي اداري جي سهڪار سان سن
1990ع ۾ منظر عام تي آيو آهي. ترجمو نهايت ئي سليس
۽ آسان زبان ۾ ڪيو ويو آهي، جنهنن مان محترم قادري
صاحب جي علمي استعداد ۽ ذهانت جو پورو ثبوت ملي ٿو
۽ ترجمي تي اصل جو گمان ٿئي ٿو.
دنيا جي تذڪرن خصوصاً سنڌ جي تذڪرن سان تعلق رکندڙ
تذڪرن ۾ هي تذڪرو ان اعتبار کان وڏي اهميت جو حامل
آهي ته ڪلهوڙن جي آخري ۽ ٽالپرن جي اوائلي دور جي
هڪ عظيم مؤلف جي تاليف آهي، بلڪه حد کان وڌيڪ قابل
مستحسن ۽ هڪ سنڌي جي فارسي زبان تي دسترس جو آئينه
دار آهي، جيتري قدر تذڪري جي مضمون جي بنياد جو
تعلق آهي ته ان سلسلي ۾ آءُ قابل مقدمي نگار مرحوم
بدر عالم دراني جي رائي سان اتفاق ڪريان ٿو ته
مؤلف هن ڪتاب ۾ تذڪره نويسي جو اهوئي عام ۽ پراڻو
نمونو بيان ڪيو آهي، يعني هر بزرگ جي مبالغه آميز
تعريف ۽ توصيف سان ڪلام جو آغاز ۽ ان کانپوءِ
سچيون ۽ ڪوڙيون، من گهڙت ڪرامتون لکيون اٿس، جنهن
ڪري دنيا وارا ان حقيقت کان بي خبر آهن ته ساراهيل
بزرگ پنهنجي حياتي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما سرانجام
ڏنا.
هي منهنجو عقيدو ۽ ايمان آهي، جيڪو امام غزالي
رحمت الله عليه پنهنجي مشهور ڪتاب ”التفرقه بين
الاسلام هو الزندقہ“ ۾ صوفين سڳورن جي ٽولي جي
باري ۾ ارشاد فرمايو اٿن ته ”هنن جي دل دنيا جي
گندگي ۽ ٻيائي کان پاڪ، ڪامل رياضت سان صاف، خدا
جي ياد ۾ روشن، فڪر جي مٺاڻ کان مٺي، شريعت جي
پابندي سان سينگاريل ۽ شيشي وانگر صاف آهي، سندن
ايماني نور شيشي جي ديڳڙي ۾ باهه کان سسواءِ دُکي
ٿو ۽ نور جا ڪرڻا انهن جي دلين مان نڪرن ٿا“ اهائي
ڪيفيت اسان کي ”تحفة الطاهرين“ جي مطالعي مان نظر
اچي ٿي. جڏهن اسين صوفين سڳورن جي سوانح حيات کي
پڙهون ٿا ته دل کي سرور اچيو وڃي پر ڪٿي ڪٿي مولف
اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي الله وارن جي
حقيقي ڪيفيتن کان بلڪل مختلف ۽ الڳ آهن ۽ اهڙيون
ڪرامتون انهن سان منسوب ڪيون ويون آهن، جيڪي عقل
جي خلاف آهن، حالانڪه قرآن پاڪ ۾ ڪرامت جي معيار
جو ذۡڪر ڪندي الله جل جلاله فرمائي ٿو ته ”ان
اکرمکم عندالله التقکم“ يعني ”توهان مان سڀ کان
زياده معزز ۽ صاحبِ ڪرامت اهوئي آهي، جيڪو سڀني
کان زياده متقي آهي“ گهر يا الله وٽ اصل معيار
تقوى آهي ۽ اها شئي حضور انور صلي الله علي وآلہ
وسلم جي ڪامل پيروي مان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي، ان
کانسواءِ ٻي ڪابه شئي ڪرامت ڪانه ليکبي، جهڙي طرح
هڪ شاعر چوي ٿو ته:-
به مصطفى به رسان خويش راکه دين همه اوست
اگر به او نه رسيدي تمام بو لهبي است
۽ حشرت مجدد الف ثاني رحمة الله عليہ پنهنجي
مڪتوبات ۾ لکي ٿو ته ”من خدائي را به اين وجه دوست
دارم که خدائي محمد است“
هن ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته الله وارن
بندن کي رسول خدا ﷺ سان ڪيتري قدر ته عقيدت هئي.
انهن خامين کي نظرانداز ڪري جڏهن تاريخي نقطهء
نگاه سان هن ڪتاب جو مطالعو ڪيو وڃي ته هيءَ ڪتاب
پنهنجي نوعيت جي اعتبار کان وڏي اهميت رکندڙ ڪتاب
ليکبو. هن ڪتاب جي سڀ کان وڏي خصوصيت جيڪا هن کي
هر اعتبار کان ممتاز ڪري ٿي اُها هيءَ آهي ته فاضل
مولف هن تذڪري ۾ ٺٽي جي بزرگن جو الڳ الڳ احوال
لکيو آهي ۽ هر محلي جي بزرگن لاءِ جدا جدا بابن جو
انتخاب ڪيو آهي، جنهنجو نتيجو اهو نڪرندو جو، انهن
بابن جي روشني ۾ اڄ جو تاريخ دان يا جاگرافيائي
دان پراڻي ٺٽي جو صحيح نقشو ڪڍي سگهي ٿو، ”تحفة
الڪرام“ جي مولف مير علي شير قانع به ٺٽي جي متعدد
مُحلن جا نالا لکيا آهن پر جيڪي تفصيل وار حالتون،
رستا ۽ هنڌ ”تحفة الطاهرين“ ۾ وضاحت سان ملن ٿا سي
ٻي ڪنهن تذڪري مان گهٽ ملندا، انهيءَ ڪري ائين چوڻ
۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته محققن ۽ جاگرافيائي دانن
لاءِ هي تذڪرو ٺٽي جي آڳاٽي تاريخ ۽ ان جو
جاگرافيائي محل وقوع معلوم ڪرڻ لاءِ حرف آخر ثابت
ٿيندو. هن ڪتاب کي لکڻ وقت ”حديقته الاوليا“،”تحفة
الڪرام“ ۽ ”تذڪرة المراد“ مولف جي آڏو هئا. ان
کانسواءِ مولف جو پنهنجو زور بيان ۽ سالن جا سال
سينه به سينه منتقل ٿيل خانداني روايتن جو، ذخيرو،
تصنيف ۽ تاليف جي ڪُٺن منزلن کي طئي ڪرڻ ۾ مولف جو
معاون و مددگار رهيو.
هن ڪتاب ۾ ڪل يارنهن باب آهن، جن ۾ ٺٽي جي هڪ سؤ
چوهٺ بزرگن جو احوال زيبِ رقم آهي. آخر ۾ هڪ ضميمو
به درج آهي، جنهن جي مطالعي مان سنڌ، ملتان،
حيدرآباد، ٺٽي، سيوهڻ ۽ سکر جي آڳاٽي تاريخ،
جاگرافيائي حدن ۽ محل وقوع جي صحيح پروڙ پئجي سگهي
ٿي، جنهن مان مولف جي قابليت ۽ جاگرافيائي داني جو
ثبوت ملي ٿو، هي فاضل مولف جي ٻي لافاني تصنيف
”هيت العالم“ آهي. ڪتاب جو مترجم محترم عبدالرسول
قادري بلوچ هزارن، لکن مبارڪن جو مستحق آهي، جنهن
هي لافاني ۽ بي مثل تذڪرو سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري
سنڌي ادب تي وڏو احسان ڪيو آهي، جنهن ڪري سنڌي ادب
جي شائقين لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو آبِ حيات کان
گهٽ نه آهي.
ـــ مرزا ڪاظم رضا بيگ
ڪينجهر-4
سنڌ يونيورسٽي ۾ جيڪي شعبا ابتدائي دور ۾ کليا،
انهن ۾ ”سنڌي شعبو“ وڏي اهميت رکي ٿو. هي شعبو
ڊاڪٽر بلوچ ۽ پروفيسر محبوب علي چنا جي آبياريءَ
سبب شروع کان ئي سنڌي علم ۽ ادب جي واڌاري ۾
پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هن وقت تائين هن
شعبي سنڌي ساهت جي حوالي سان اٽڪل ٽيهه اسڪالرن
کي، سندن تحقيق جي نتيجي ۾ ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون
ڏنيون آهن. ليڪن هنن خدمتن کان علاوه سنڌي شعبي
مختلف وقتن ۾ ”سنڌي صحيفو“، ”سوکڙي“ ”سوغات“،
”پورب“ ۽ ”پرک“ جي نالن سان به مخزنون ڪڍي سنڌي
ساهت جي خدمت به پئي ڪئي آهي.
سال 1987ع ۾ جناب مظهرالحق صديقي صاحب جي وائيس
چانسيلريءَ جي دور ۾، هن شعبي هڪ مستقل ريسرچ جرنل
”ڪينجهر“ ڪڍڻ جي شروعات ڪئي. هن وقت تائين
”ڪينجهر“ جا ڪل چار پرچا نڪري چڪا آهن. تبصري هيٺ
آيل چوٿون نمبر پرچو آهي جو سال 1990ع جي پرچي طور
پڌرو ٿيو آهي.
هن پرچي جا ايڊيٽر صاحبان محترم ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم آهن، هن ڀيري به دستور
جيان سنڌي شعر، ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان پرچي ۾ اٺ
تحقيقي مقالا شامل ڪيا ويا آهن، ليڪن اهو پهريون
موقعو آهي جو ٻن ٻاهرين ليکڪن: عبدالقيوم صائب ۽
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جا مقالا به ”ڪينجهر“ ۾ شايع
ڪيا ويا آهن. هي هڪ سٺي روايت آهي، جنهن کي ساراهڻ
گهرجي. اصل ۾ هن ڏس ۾ سنڌي شعبي جي استادن کان
علاوه به سنڌ ۾ وڏو تعداد اهڙن لکندڙن جو آهي، جي
سنڌي ٻولي ۽ علم جي خدمت ۾ مصروف آهن. بهتر آهي ته
هن ڏس ۾ ايڊيٽر صاحبان اڃا به وک اڳتي وڌائين.
تبصري هيٺ آيل پرچي ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي،
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، ڊاڪٽر قاضي خادم، هدايت
پريم، نور افروز خواجه ۽ سحر امداد جا مقالا ۽
مضمون ڇپيا آهن، جي سڀ جا سڀ معياري آهن. اسان جو
رايو آهي ته پرچي جي منتظمين کي هن مخزن کي وڌيڪ
مستند ۽ معياري بنائڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ جاکوڙ ڪرڻ
گهرجي. اهڙن ناليرن عالمن ۽ اديبن جن سڄي زندگي
سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، انهن جا ايڊيشن ڪڍڻ گهرجن.
ان ڏس ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، سيد
حسام الدين راشدي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مرزا
قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون خدمتون
عالم آشڪار آهن. ان کان علاوه ڪلاسيڪل سنڌي ادب ۽
جديد سنڌي ساهت جي اوسر جي حوالي سان پڻ ”ڪينجهر“
جا خاص نمبر ڪڍي سگهجن ٿا. اميد ته اداري جا
اهلڪار هن طرف توجهه ڪندا.
ــــ محمد پنهل ڏهر
علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون
500 ساله عرس
حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور ؒ
[اکين ڏٺو احوال] تحرير:
الله بچايو ميمڻ
سنڌ جي سرزمين مردم خيز خطو آهي. هتي ڪيترن ئي
بزرگن اوليائن، عالمن ۽ درويشن دين اسلام جي تبليغ
۽ اشاعت، انسانن جي رهنمائي ۽ سچائي جي پيغام کي
ڦهلائڻ لاءِ ڪوششون پئي ڪيون آهن. اهڙن بزرگن ۽
عظيم شخصيتن ۾ صاحب الفيض والفتوح حضرت غوث الحق
مخدوم نوح سرور ؒ جن جو نالو وڏي اهميت جو حامل
آهي. حضرت مخدوم نوح سرور ؒ جو نه رڳو سنڌ، پر
پنجاب، بلوچستان ۽ هندستان ۾ سندن مريدن ۽ پوئلڳن
جو وڏو تعداد موجود آهي. سندن عظيم ڪارنامن ۾ قرآن
شريف جو پنج سؤ ساله اڳ فارسي ترجمو ۽ تفسير
ملفوظات، سنڌي زبان ۾ پراڻي شاعري، ذڪر ۽ سماع جا
درس ۽ ٻيون شيون شامل آهن.
هن سال ڪجهه ڏينهن اڳ سالياني عرس جي موقعي تي
سروري تنظيم مختلف ادارن ۽ جماعتن جي سهڪار سان هن
عظيم اولياءَ جي خدمتن کي اُجاگر ڪرڻ جوا هتمام
ڪيو. عرس جي تقريبات جي شروعات سهائي آچر تي صبح
جو سوير درگاهه شريف هالا تي قرآن خواني سان ٿي،
جنهن ۾ هزارين ميردن، معتقدن، پانڌيئڙن، استادن،
شاگردن، مختلف جماعتن ۽ ادارن جي عهديدارن شرڪت
ڪئي. عرس جي باضابطه افتتاح لاءِ سينيٽر مخدوم
خليق الزمان جيئن ئي 9 وڳي ڌاري درگاهه شريف تي
پهتا ته لاالله الالله جي ذڪر سان سندن آجيان ڪئي
وئي. پاڻ مزار تي فاتح پڙهيائون ۽ مريدن عام
انسانن جي تندرستي ۽ خوشحاليءَ لاءَ دعائون
گهريائون. ان موقعي تي سروري تنظيم جو چيئرمين
مخدوم سعيد الزمان ۽ تنظيم جا عهديدار به موجود
هئا. بعد ۾ مختلف جماعتن ۽ تنظيمن طرفان حضرت
مخدوم نوح جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون
۽ دعائون گهريون ويون، ان موقعي تي مٺائي به تقسيم
ڪئي وئي. شام جو دستور موجب درگاهه شريف تي رسومات
۽ عرس جون تقريبات ٿيون. هن ڀيري درگاهه جا وليعهد
۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر مخدوم امين فهيم خاندان
سروري جي ٻن افراد سان آيا. پاڻ مريدن کي زيارت جو
شرف بخشيائون ۽ کين تلقين ڪيائون ته الله ۽ ان جي
رسول جي اطاعت سندن فرض آهي. هن زور ڀريو ته هڪ
ٻئي جو ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ لازمي آهي. مخدوم امين
فهيم چيو ته مرشدنا سرور مخدوم نوح جي تعليمات جي
پيروي ۽ ان کي هرهنڌ پکيڙڻ سڀني جو فرض آهي. هن
ذڪر ۽ الله جي عبادت جي پڻ تلقين ڪئي. بعد ۾ سروري
خاندان جي افراد باجماعت سانجهي جي نماز ادا ڪئي.
ان موقعي تي ڏهر، ذڪر ۽ سماع پڻ ٿيو.
رات جو مَچَ تي سماع جي محفل ٿي، ان موقعي تي هالا
شهر کان علاوه، اتر، ناري، لاڙ، ٿر، پنجاب،
راجستان، بلوچستان جي هزارين مريدن درگاهه تي
حاضري ڀري.
صبح جو جناب مخدوم خليق الزمان گورنمينٽ گرلز
ڪاليج هالا ۾ زرعي ۽ صنعتي نمائش جو افتتاح ڪيو.
هن مختلف اسٽال گهمي ڏٺا ۽ سندن محنت جي تعريف
ڪئي. نمائش ۾ ائينيمل هسبينڊري، پولٽري، فشيريز،
زراعت، زرعي انجنيئرنگ، ساسو، سنڌ سمال انڊسٽريز
ڪارپوريشن. هلال احمر، سوشل ويلفيئر، سنڌي ادبي
بورڊ، پاپوليشن ويلفيئر، فار ايسٽ کاتي ۽ ٻين
ادارن پنهنجا اسٽال لڳايا، جيڪي عوام وڏي چاهه سان
ڏٺا ۽ همت افزائي ڪئي.
ٻئي ڏينهن يعني سومر تي صبح جو درگاهه تي فجر نماز
کانپوءِ ذڪر، سماع ۽ ڏهر جو سلسلو صبح تائين جاري
رهيو. اتان پوءِ مريدن جا قافلا مرشد قبله مخدوم
محمد زمان طالب المولى جي زيارت لاءِ ”بنگلي“ تي
پهچندا ويا، جتي زيارت ۽ تلقين جو سلسلو دير تائين
هلندو رهيو. هوڏانهن آچر، سومر ۽ اڱاري ڏينهن،
دستور موجب چوپائي مال، گهوڙن، مينهن، ڍڳين، ٻڪرين
رڍن وغيره جي پڙي لڳي، جنهن ۾ دستوري واپار ٿيو.
ميڙي جي آخري ڏينهن يعني اڱاري تي درگاهه جي ولي
عهد مخدوم محمد امين فهيم ايم اين اي سڀ کان
پهرئين درگاهه شريف حضرت مخدوم نوح جي مزار تي
فاتحا پڙهي. بعد ۾ هُن صنعتي ۽ زرعي نمائش جو
معائنو ڪيو ۽ مختلف اسٽال ڏٺا. هُن ائينيمل
هسبينڊري کاتي طرفان مالوندن جي همٿ افزائي لاءِ
لڳايل ڪئٽل شو جو افتتاح ڪيو ۽ مقابلي ۾ آندل
جانور ڏٺا. مخدوم صاحب ڪامياب مالوندن ۾ انعام پڻ
ورهايا.
بعد ۾ هُن نياڻين جي تعليم لاءِ تعمير ڪيل
گورنمينٽ گرلز ڪاليج هالا جو به افتتاح ڪيو ۽
مختلف شعبا گهمي ڏٺا، ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر
آپا سعيده بشير مخدوم صاحب جي آجيان ڪئي، اتان
پوءِ اڳوڻو وفاقي وزير مخدوم امين فهيم سروري
اسلاميه گورنمينٽ ڪاليج هالا پهتو، جتي ادبي
ڪانفرنس جي صدارت مخدوم امين فهيم ڪئي، خاص مهمان
نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا هو. تقريب
جي ڪارروائي الله بچايو ميمڻ هلائي، ادبي ڪانفرنس
جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، جيڪا سروري
ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر احمد علي انصاري ڪئي،
اُن بعد هار پارائڻ، بئج لڳائڻ ۽ اجرڪون اوڍائڻ جي
رسم ٿي، جنهن کانپوءِ فقير خان محمد لغاري ۽ ساٿين
روايتي ”ڏهر“ پيش ڪيا. بعد ۾ سروري تنظيم جي
چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ ڀليڪار ڪندي
درگاهه ۽ هالا جي مسئلن تي روشني وڌي، ان بعد
تنظيم جي سيڪريٽري جنرل پير منصور عليءَ تنظيم جي
ڪارڪردگي بابت مفصل رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي
سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايل حضرت مخدوم نوح
سرور ؒ جي ترجمي ۽ تفسير جا نسخا جناب عبدالله
ورياهه سڀني کي پيش ڪيا. ميونسپل ڪميٽي هالا جي
چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ميونسپل جي شيلڊ مخدوم
امين فهيم کي پيش ڪئي. سنڌ اطلاعات کاتي طرفان
رسيس جي موقعي تي شايع ڪرايل خاص اشاعت پڻ پيش ڪئي
وئي. مخدوم امين فهيم سنڌي ادبي بورڊ طرفان مرحوم
محبوب علي چنا جو تحرير ڪيل ڪتاب ”حشرت مخدوم نوح
رحه جا سهيوڳي“ پڻ مهورت ڪري پڌرو ڪيو.
بعد ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ پروفيسر سعيده بشير، ڊاڪٽر
گل حسن لغاري، عبدالله خان ورياهه، ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، علامه غلام مصطفى قاسمي ۽ ڊاڪٽر
غلام علي الانا پنهنجا مقالا پڙهيا، اعزازي مهمان
ڊاڪٽر الانا پنهنجي تقرير ۾ حضرت مخدوم نوح سرور
جي تعليمات کي عام ڪرڻ تي زور ڏيندي سندن شاعري،
ذڪر ۽ سماع ۽ ملفوظات تي تحقيقات ڪرڻ لاءِ چيو. هن
چيو ته مخدوم نوح اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي.
علامه قاسمي پنهنجي تقرير ۾ سهروردي طريقي کي عام
ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته حضرت مخدوم نوح پنهنجي
دور جو جيد عالم ۽ عظيم بزرگ هو. سندن خدمتن کي
صحيح نموني ۾ اُجاگر ڪيو وڃي.
صاحب صدر مخدوم امين فهيم پنهنجي صدارتي تقرير ۾
واضح ڪيو ته حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور پنهنجي
حياتي اسلامي اقدار ۽ تعليمات جي فروغ لاءِ ڪتب
آندي، جڏهن ته سروري جماعت ۽ مخدوم خاندان سرور
نوح جي تعليمات کي عام ڪرڻ لاءِ پوريون ڪوششون
ڪندو. هن چيو ته جلد مخدوم نوح ڪامپليڪس ۽ سروري
اڪيڊمي قائم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا، جڏهن ته
حضرت مخدوم نوح جي ملفوظات ۽ تعليمات جي اشاعت ڪري
انهن کي عام بنايو ويندو. هن محققين ۽ اديبن تي
زور ڀريو ته اُهي اڳتي وڌن ۽ سرور نوح ؒ جي خدمتن
تي تحقيقات ڪري ان کي عوام اڳيان آڻين.
هن شهر جي مسئلن جي حل جو به يقين ڏياريو ۽ ٻڌايو
ته حڪومت سنڌ طرفان مخدوم نوح ڪامپليڪس رٿا جلد
شروع ڪرائي ويندي، جنهن ۾ آڊيٽوريم، عجائب گهر،
لائبريري، آڊيو وڊيو سينٽر ۽ ٻيون سهولتون
هونديون.
ادبي ڪانفرنس ۾ اديبن، شهرين، مختلف جماعتن،
تنظيمن جي سربراهن ۽ اراڪين، سروري تنظيم جي
اراڪين مريدن ۽ معتقدن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.
بعد ۾ زرعي ۽ صنعتي نمائش ۾ لڳايل اسٽالن بابت
انعامن جو اعلان ڪيو ويو، جنهن موجب پهريون انعام
ائينيميل هسبينڊري کاتي کي، ٻيو انعام سنڌ اسمال
انڊسٽيرز ڪارپوريشن ۽ ٽيون انعام ٻيلي کاتي حاصل
ڪيو، جڏهن ته خصوصي انعام زراعت کاتي ۽ سنڌي ادبي
بورڊ لاءِ ڏنا ويا.
اهڙي ريت عُرس جون پنج سؤ ساله تقريبات خيرن سان
اختتام پذير ٿيون.
پير حسام الدين راشديءَ جي
نائين ورسي جي رپورٽ
رپورٽ: نثار منگي
سنڌ جي نامياري دانشور، محقق، مؤرخ ۽ تايرخ نويس
پير حسام الدين راشديءَ جي نائين ورسي زبيده گرلس
ڪاليج حيدرآباد ۾ 1- اپريل 1991ع تي شام جو عقيدت
۽ احترام سان ملهائي وئي. تقريب جي باقاعده آغاز
کان اڳ اسٽيج تي جن اديبن کي ويهاريو ويو، انهن ۾
مهمان خاص جي ڪرسي لاءِ نامور سنڌي اديب ۽ اڪيڊمي
آف ليٽرس جي چيئرمين جناب غلام رباني آگرو ۽ صدارت
جي لاءِ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد اُم الڪرلام آپا
مريم نوحاڻي کان علاوه راشدي صاحب جي شخصيت ۽ سندس
علمي ڪاوشن تي روشني وجهڻ وارن ۾ علي احمد بروهي،
سنڌي ادبي بورڊ جي (اڳوڻي) سيڪريٽري عبدالغفار
صديقي، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، غلام محمد لاکو،
شاهه زيب، نذير ناز ۽ حسين شاهه راشدي شامل هئا.
اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض محترمه زينت صديقي ڏنا،
تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو، تلاوت
محترمه قيصر جهان سومر ڪئي، تنهن کانپوءِ محترمه
انيلا ميمڻ نعت سڳوري پڙهي.
جناب حسين شاهه راشدي آجيان واري تقرير ڪندي چيو
ته مون کي بي انتها خوشي ٿي آهي جو اوهان منهنجي
نماڻي نينڍ تي قرب ڪري هتي ڪهي آيا آهيو، راشدي
صاحب چيو ته ان ڳالهه جي توهان کي خبر آهي ته اڄ
اسان هتي پير حسام الدين راشدي جي ورسي ملهائي
رهيا آهيون، هن سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا.
ان کانپوءِ عبدالغفار صديقي تقرير ڪندي چيو ته مان
نه رڳو پنهنجي طرفان پر بورڊ جي چيئرمين جناب
مخدوم محمد زمان طالب المولى ۽ جناب مخدوم جميل
الزمان پاران به ڀليڪار چوان ٿو. صديقي ٻڌايو ته
سنڌي ادبي بورڊ راشدي صاحب جا 30 کن ڪتاب شايع ڪيا
آهن. صديقي صاحب اعلان ڪيو ته ادبي بورڊ کان
ڄامشورو ريلوي اسٽيشن تائين ويندڙ روڊ جو نالو
”پير حسام الدين شاهه روڊ“ رکيو پيو وڃي. غلام
محمد لاکي تقرير ڪندي چيو ته بين الاقوامي ماهر جن
۾ شمل کان وٺي ايراني ماهرن تائين سڀ راشديءَ صاحب
جي معرفت سنڌ ۾ آيا، لاکي صاحب، پير صاحب جي زندگي
تي تفصيلي روشني وڌي.
ڊاڪٽر ايم ايڇ پنهور تاريخي ۽ تحقيقي حوالن سان
راشديءَ صاحب جي زندگي جو احاطو ڪيو. برک اديب
جناب علي احمد بروهي تقرير ڪندي چيو ته راشدي صاحب
سواءِ ڪنهن ڊگري جي عالم هئو، هن چيو ته راشدي خود
ايندڙ نسلن لاءِ رستو بڻيل آهي. بروهي صاحب چيو ته
راشدي نج ڳوٺاڻو هئو. هن چيو ته راشدي خود تاريخ
بڻيل آهي.
ان کانپوءِ محترمه شاهه زيب لکيل مقالي ۾ چيو ته
سنڌ جو علائقو هر دور ۾ علم و ادب جو گهوارو رهيو
آهي. هن چيو ته هن ڌرتي تي سدائين سورهيه ۽ سرويچ
عالم ۽ اڪابر پيدا ٿيندا رهيا آهن. هن چيو ته
راشدي صاحب جي عظيم شخصيت تي نه فقط اسان کي فخر
آهي پر پوري مشرقي دنيا کي ناز آهي.
جناب مراد علي مرزا پنهنجي منفرد انداز ۾ تقرير
ڪندي راشدي صاحب کي خراج تحسين پيش ڪيو. محترمه
نذير ناز تقرير ڪندي چيو ته پير حسام الدين راشدي
۾ جتي ظاهري جادو هو اتي تعليم جي روشني پڻ هئي.
هن چيو ته جيستائين سنڌ آهي، تيستائين راشدي صاحب
زنده آهي.
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل تقرير ڪندي چيو ته اڄ اسين
سنڌ جي عظيم شخصيت جي ورسي ملهائي رهيا آهيون،
جنهن جا شاگرد هر فيلڊ ۾ موجود آهن. مغل صاحب چيو
ته پير صاحب اسان وٽ ڊگري کانسواءِ عالم هو. مغل
صاحب چيو ته اسان پير حسام الدين راشدي کي سنڌ جو
”ابن خلدون“ چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو.
خاص مهمان جناب غلام رباني آگرو تقرير ڪندي چيو ته
پير صاحب ڪابه فارمل تعليم حاصل نه ڪئي هئي.
باوجود ان جي کين انگريزي ۽ فارسي تي زبردست عبور
حاصل هئو. رباني صاحب چيو ته ويهين صدي ۾ سنڌ جي
محققن جي لسٽ ٺاهجي ته پهرين نمبر تي راشدي صاحب
جو نالو هوندو.
صدارتي تقرير ڪندي آپا مريم نوحاڻي چيو ته اڄوڪو
ڏينهن سڀاڳو به آهي، مبارڪ به آهي، آپا چيو ته اها
لفاظي نه پر حقيقت آهي، اڄوڪي نفسا نفسي واري دور
۾ علم و ادب جون ٻه ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ به وقت
ڪونهي. هن چيو ته راشدي صاحب جي علم سان سنڌ جي
سرزمين سونهري بڻجي پئي آهي. هن چيو ته راشدي صاحب
بحيثيت تاريخ نويس، تحقيق کي نئون رخ ڏنو ۽ پير
صاحب خاص اصول ڏنا.
صدارتي تقرير کانپوءِ تقريب ۾ ماهه رمضان المبارڪ
جي ڪري افطاري جو وقفو ڏنو ويو، افطاري سنڌي ادبي
بورڊ پاران سڀني مهمانن کي ڏني وئي، جنهن کانپوءِ
راڳ جي محفل ٿي، جنهن ۾ جيجي زرينه بلوچ، الهداد
زرداري، وحيد علي، شازيه خشڪ پنهنجي فن جو مظاهرو
ڪيو ۽ داد حاصل ڪيو.
تقريب ۾ جن اديبن شرڪت ڪئي، انهن ۾ مولانا غلام
مصطفى قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر شمس
عباسي، دادي ليلا، آغا شهاب الدين، نفيس احمد شيخ،
خان محمد پنهور، عبدالقادر جوڻيجو، جناب پير آفتاب
شاهه جيلاني، امجد شاهه جيلاني، عبدالله ورياهه،
ابراهيم خشڪ، شعبان وسطڙو ۽ نصير مرزا جا نالا
قابل ذڪر آهن.
سنڌ جي سپوت شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي 13 ورسي جي
رپورٽ
رپورٽ: ناصر علي پنهور
تحريڪ آزادي جي نامور رهنما ۽ سنڌ جي سوپت، شيخ
عبدالمجيد سنڌي جي 13 ورسي 25 مئي 1991ع تي صبح جو
يارهين وڳي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي پير حسام
الدين راشدي هال ۾ ملهائي وئي. هن ورسي ملهائڻ جو
اهتمام شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي، سنڌي ادبي بورڊ
جي تعاون سان ڪيو ويو. اسٽيج سيڪريٽري نفيس احمد
شيخ هيو. سڀ کان پهريائين مهمانن کي اسٽيج تي
ويهارڻ جو سلسلو شروع ٿيو. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس
چانسلر ڊاڪٽر آر اي شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالله ورياهه، مسز بلقيس
شيخ (شيخ صاحب جي نياڻي). خان محمد پنهور، سنڌي
ادبي بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري عبدالغفار صديقي کي
اسٽيج تي ويهاريو ويو. تقيرب جو باقاعده آغاز ڪلام
پاڪ جي تلاوت سان ٿيو، جنهن کانپوءِ سنڌي ادبي
بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري عبدالغفار صديقي کي اسٽيج
تي ويهاريو ويو. تقريب جو باقاعده آغاز ڪلام پاڪ
جي تلاوت سان ٿيو، جنهن کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي
سيڪريٽري آڌرڀاءُ واري تقرير ڪندي چيو ته سنڌي
ادبي بورڊ جي فرائض ۽ منصب مان هڪ اهو به آهي ته
سنڌ جي اديبن، عالمن ۽ دانشورن کي خراج تحسين پيش
ڪرڻ لاءِ سندن ورسيون ملهايون وڃن. هن چيو ته سنڌي
ادبي بورڊ جي چيئرمين جي رهنمائي ۽ رهبري ۾ بورڊ
آف گورنرس هن دفعي فيصلو ڪيو ته اسين شيخ صاحب جي
تيرهين ورسي، شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي سان گڏجي
ملهايون. هُن سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا. ان
موقعي تي شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي جي سيڪريٽري
خان محمد پنهور تقرير ڪندي چيو ته اهو منهنجي لاءِ
هڪ وڏو اعزاز آهي، جو سنڌالاجي جي پير حسام الدين
راشدي هال ۾ شيخ صاحب جي ورسي جي حوالي سان پنهنجي
گذارشن جو اظهار ڪريان.
پنهور صاحب ٻڌايو ته کيس ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ
دوران شيخ صاحب جي ويجهو رهڻ ۽ سندس خدمت ڪرڻ جو
موقعو مليو ۽ شيخ صاحب جي زندگي ۾ ئي سندس نالي تي
اڪيڊمي جو بنياد وڌو ويو ۽ ساڻس رهاڻيون ملهايون
ويون. هُن وڌيڪ چيو ته شيخ صاحب سماج سڌارڪ، عالم
۽ اديب هئو. هو نه صرف قومي رهبر هو بلڪه بلند
پايه جو صحافي پڻ هو.
پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد يعقوب
مغل چيو ته شيخ صاحب جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا
آهن. هن چيو ته اڄ تائين شيخ صاحب جي زندگي تي ڪو
مفصل ڪتاب نه ڇپيو آهي، مغل صاحب اعلان ڪيو ته خان
محمد پنهور صاحب جي شيخ عبدالمجيد سنڌي جي زندگي
تي ڪيل ايم فل پاڪستان اسٽڊي سينٽر طرفان ڇپرائي
ويندي. ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر جناب
عبدالله ورياهه تقرير ڪندي چيو ته آئون اوهان سڀني
جو ٿرائتو آهيان، جو اوهان هن تقريب ۾ شرڪت ڪئي،
هن چيو ته اسان پنهنجي اڳواڻن ۽ رهنمائن جي ڏينهن
کي وساري ڇڏيو ته پوءِ اسان ترقي ڪري نه
سگهنداسين. ورياهه صاحب اعلان ڪيو ته سنڌي ادبي
بورڊ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب گرامر آف پاليٽڪس
جي مسودي کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائيندو.
نامور تاريخدان ۽ عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو
ته سنڌ تمام وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، حال کان ماضي
ڏي ڏسبو ته اها ڳالهه سچ ثابت ٿيندي. هن چيو ته
شيخ عبدالمجيد سنڌي هڪ وڏو ادارو هو، هو برصغير جي
سمورن تمام وڏن اڳواڻن مان هڪ هئو. هن چيو ته شيخ
عبدالمجيد سنڌي جي زندگي تي ڪم ڪرڻ صرف خان محمد
پنهور جو فرض ڪونهي، اسان سڀني جو آهي. پير آفتاب
شاهه جيلاني تقرير ڪندي چيو ته شيخ عبدالمجيد سنڌي
جي زندگي سياست جي حوالي سان منفرد رهي آهي. هن
چيو ته شيخ صاحب پنهنجي عملي زندگي ۾ جيلن جي به
پرواهه نه ڪئي. جيلاني صاحب چيو ته شيخ عبدالمجيد
سنڌي زباني نه پر سنڌ ۽ سنڌين جي عملي طور خدمت
ڪئي ۽ جاگيرداراڻي نظام جي خلاف جدوجهد ڪئي.
سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرمين ۽ برک دانشور
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تقرير ڪندي چيو ته اها
نهايت خوشي جي ڳالهه آهي جو اسان پنهنجي محسنن کي
ياد ڪيون ٿا.
بلوچ صاحب چيو ته شيخ صاحب اسلام جو شيدائي هئو ۽
هن سڄي زندگي مسلمانن جي خدمت ڪئي.
شيخ صاحب جي نياڻي آپا بلقيس شيخ صاحبه تقرير ڪندي
چيو ته سنڌي ادارن کي شيخ صاحب جي ڪيل خدمتن کان
آئنده جي نسلن کي آگاهه ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جي
نوجوانن جي رهنمائي ٿئي. آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر آر – اي شاهه
چيو ته سنڌ عظيم ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن سدائين
سنڌ جي ڀلي، بهتري ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي،
انهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جو نالو نمايان نظر اچي
ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته شيخ صاحب عالمي اُخوت ۽ محبت جو
علمبردار، سادگي ۽ سنجيدگي جو پتلو هئو.
هن چيو ته شيخ صاحب جي برصغير ۽ بعد ۾ پاڪستان جي
آزادي لاءِ ورتل ڪوششن کي سهيڙجي ته جيئن ايندڙ
نسلن جي رهنمائي ٿي سگهي.
تقريب جي دوران سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل
”سوکڙي“ مهمانن ۾ ورهائي وئي.
الطاف حسين آگرو
5- اپريل تي سنڌي زبان جي نامياري ناول نگار،
ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ناٽڪ ڪار طارق عالم سان سنڌي
ادبي سنگت راڻيپور شاخ پاران ”ادبي رهاڻ“ رچائي
وئي، جنهن جي صدارت غزل جي نامياري شاعر اياز گل
ڪئي، جڏهن ته اعزازي مهمان مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ
ڪار زيب سنڌي هو. ليکڪ جي فن ۽ شخصيت تي سنگت جي
سيڪريٽري ڪمال ڄامڙي، سنگت جي صدر حميد گهانگهري
کان علاوه ڪرم ٽالپور، الطاف اثيم، ادل سومري، تاج
جويي ۽ نصير مرزا مقالا پڙهيا. حميد گهانگهري طارق
عالم جي فن تي ڳالهائيندي کيس ”رائيٽر آف فيلنگس“
جو خطاب ڏيندي چيو ته رهجي ويل منظر بيشڪ هڪ
شاهڪار ناول آهي. هن، ناول ۾ ڏنل نين تشبيهن ۽
خوبصورت جملن جي باري ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي
چيو ته ”مون جڏهن به طارق جو ناول پڙهيو آهي ته
مون کي پهرين کان وڌيڪ اثر ڇڏيندڙ محسوس ٿيو آهي“
ادل سومري طارق جي هائيڪن جي مجموعي تي ڳالهائيندي
چيو ته ”جاپان ۾ ڪيوشيءَ جيڪو بنيادي طرح افسانه
نگار هو، تنهن هائيڪو کي زنده رکڻ ۽ ان جي بنيادي
هيئت برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي اخبار (ڪوڪو) ذريعي
ڪوششون ورتيون تيئن طارق به سنڌي ۾ هائيڪو جي اوسر
۽ ان جي ڦهلاءَ لاءِ (مورن اوچا ڳاٽ) ذريعي هڪ
بنيادي ڪم ڪيو آهي. مير غلام قادر ڪرم ٽالپور
پنهنجي مقالي ۾ چيو ته طارق جي ناول ”رهجي ويل
منظر“ ۾ پنهون جي ڪهاڻي ايڏي ته پراثر آهي، جو ٻڌڻ
وارا ڊگهو ساهه به کڻي نٿا سگهن ته متان سلسلو ٽٽي
نه پوي، سندس لکڻين ۾ مثال، تشبيهون اهڙيون ته
ٽهڪي اچن ٿيون ڄڻ ته ٺهيون ئي انهن لاءِ آهن.
پروفيسر الطاف اثيم پنهنجي مقالي ۾ چيو ته طارق
عالم جا گيت، ناول، غزل ڪهاڻي ۽ هائيڪا قابل فخر
آهن. طارق عالم جهڙن عظيم ليکڪن تي اسان کي مان
آهي، جن کي لفظن جي استعمال ۽ تشبيهن جي مثال ڏيڻ
جا وڏا گر آهن. هو مسئلن کي نه فقط سمجهڻ جي پر
سمجهائڻ جي سگهه به رکن ٿا. تاج جوئي پنهنجي مقالي
۾ چيو ته ”طارق عالم گهڻ رخو ليکڪ آهي هو هڪ ئي
وقت ناول نگار، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، شاعر ۽ مصور
آهي ۽ ان کانسواءِ طارق جي پنهنجي هڪ الڳ شخصيت پڻ
آهي، انهن سمورن ڳالهين کي سوچي جڏهن لکڻ لاءِ قلم
کڻجي ٿو ته في الوقت ماڻهو مونجهاري ۾ اچيو وڃي ڇو
ته طارق ادب جي انهن سمورن شعبن جون واڳون هٿن ۾
جهليل هئڻ جي باوجود ڪٿي به ٿاٻڙجندي نظر نٿو
اچي.“ نصير مرزا طارق عالم جي فن ۽ شخصيت جي مختلف
پهلوئن تي ڀرپور روشني وجهندي چيو ته ”آغا سليم
کانپوءِ طارق عالم ئي اهڙو ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي
تخليقن ۾ جديد تشبيهه کي انٽروڊيوس ڪيو آهي.“ هن
وڌيڪ چيو ته طارق پنهنجن هم عصرن ۾ مختلف ۽ منفرد
ليکڪ آهي.
طارق تي ڳالهائيندي نصير چيو ته ”جيڪڏهن مون کي
ٻيو جيون مليو ته مان طارق جي روپ ۾ موٽڻ چاهيندس.
زيب سنڌي ماضي جي حوالي سان طارق جي شخصيت تي
ڳالهايو. هُنَ ٻين لکڻين سان گڏ رهجي ويل منظر جي
باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته ”ان ۾ گوتم جو ڪردار
منهنجو پنهنجو ڪردار آهي.“
طارق عالم سنڌي ادبي سنگت راڻي پور جا ٿورا مڃيندي
چيو ”ڏٺو وڃي ته ادبي حوالي سان منهنجي ڄمار
سورنهن سال آهي، ڇو ته مان 1975ع کان باقاعدي ڇپجڻ
شروع ٿيو هوس. هن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو
ته ”اديبن جا قد سندن ادبي يا طبعي ڄمارن سان جاچڻ
بجاءِ سندن لکڻين ۾ سمايل سوچ جي سگهه سان پرکيا
وڃن ته وڌيڪ بهتر.“ هن علي بابا جو مثال ڏيندي چيو
ته ”علي بابا سنڌي ٻولي جو اهو شهنشاهه ڪهاڻيڪار
آهي، جيڪو پنهنجي طبعي ڄمار ۾ ٽيهن سالن کان مٿي
آهي پر هو اڄ به نئين ٽهي جو سرواڻ ليکڪ آهي، ڇو
ته سندس قلم ۾ اڄ به سورهن سالن جي نوجوان جي
ڳالهه جهڙي بيباڪي آهي.“ اياز گل پنهنجي صدارتي
تقرير ۾ طارق جي فن ۽ شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته
طارق جي ناول ۾ آيل تشبيون، بي ڌيان مئل خيالن ۽
احساسن لاءِ حضرت عيسى جي عصا، ڪوهه ندا ۽ صورِ
اسرافيل جيان آهن. اياز گل طارق تي ڳالهائيندي چيو
ته جڳ مشهور شاعر پبلو نرودا لکيو آهي ته ”جيڪو
ليکڪ حقيقت پسند ناهي سو مئل آهي ۽ اهو ليکڪ جيڪو
رڳو حقيقت پسند آهي، سو پڻ مئل آهي. طارق عالم وٽ
حقيقت ۽ تخيل جي بي بها شراڪت بي حد چٽي نموني
موجود آهي، جيڪا سندس زنده هجڻ جو ثبوت آهي.
آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت راڻيپور پاران طارق عالم جي
ادبي ڪاوشن جي مڃتا طور کيس شيلڊ پڻ ڏنو ويو.
مشاعري جي نشست ۾ مقامي نوجوانن ۽ ناميارن شاعرن
کانسواءِ ٻاهران آيل شاعرن بخشڻ مهراڻوي، نماڻي
سنڌي، احمد سولنگي، زيب سنڌي، ضمير ڦل، ادل سومير،
اياز گل ۽ نصير مرزا شعر پڙهيا. آخر ۾ مقامي
راڳيندڙن سان گڏ مقبول راڳي، عاشق نظاماڻي طارق
عالم ۽ ٻين جديد شاعرن جي شاعري کي موسيقيءَ جو
ويس ڍڪايو.
”نياز انسان هو، فاني ۽ بي بقا، نيٺ هتئون هلڻو
هوس، آخر رهي به ڪيترو رهي ها. موت سندس مرڪ هو،
هن فاني جسم جو معاملو آخر ته مٽي سندو مامرو آهي
”نياز“ جي موت ڪري سنڌي ادب کي نقصان پهتو، ”نياز“
جي وڃڻ سبب شاعري جو ايوان ويران ٿي ويو. زبان کي
نقصان پهتو جو ”نياز“ هي جهان ڇڏيو، اهي سڀئي
ڳالهيون برابر، صحيح ۽ سچ، پر منهنجي ته دل ان ڪري
به ڏڪي ويئي، جڏهن ڏٺم ته ”نياز“ هڪ دور جو
نمائندو هو، جيڪو دور سندس موت تي ختم ٿيو، ”نياز“
هڪ عهد جي نشاني هو ۽ اهو عهد ا پورو ٿيو، ”نياز“
هڪ خاص زماني جوعڪس ۽ آئينه دار هو، جيڪو زمانو
هاڻي اچي پڄاڻي کي پهتو. سندس تعلق انهي وڻندڙ
ماضي سان هو، جيڪو باغ ۽ بهار هو، جيڪو امن ۽
آسائش هو، جيڪو سڪون ۽ راحت هو. سڄي سنڌ جوان هئي.
سندس نڪ مان نٿ ڪانه لٿي هئي. بولو ۽ بئنسر اڃا
سندس نڪ ۾ هئي، ڪنن جي والن ۽ نسبن تائين اڃا ڪنهن
ظالم جو هٿ اُتس ڪو نه پهتو هو، نه سندس وار ئي
ڇڙيا هئا ۽ نه اڇو جوڙو ئي ڍڪيو هئائين، نه ڇڙو
”نياز“ جي لاڙڪاڻي تي جوڀن ۽ جواني هئي. پر سنڌ جو
هر شهر، دهه خواهه دهقان سکيو ۽ ستابو هو، ٻهڪيو ۽
چهڪيو ٿي. خيال ڪيم ”نياز“ جي دور، زماني ۽ عهد جي
هڪ هڪ شئي اکين اڳيان اچي وئي. لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻي
جا مشاعرا، اُتنهن جا مشاهير، وڏا وڏا زميندار،
نواب ۽ سردار، انهن جو اوج ۽ اقبال، وضع ۽ قطع،
ڪچهريون ۽ ڪارناما، سکر، سکر جون ادبي محفلون،
اتنهن جا مشاعرا، اتنهن جا دلبر دوست ۽ موچارا
ماڻهو، نه فقط جن جن واقعن سان ”نياز“ جو واسطو
هو، اهي ياد آيا. بلڪه انهي سڄي ماضيءَ جون اهي
سڀئي ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون، جيڪي هنن گنهگار اکين
ڏٺيون، هڪ هڪ ٿي ذهن ۾ اينديون ويون، دل تي
ترنديون ويون ۽ يادن جا نقش اڀرندا ويا.“
وسعتي پيدا کن اي صحرا که اشب در غمش
لشکر آهِ من ازل دل، خيمہ بيرون ميکشد
(تحرير: سيد حسام الدين شاهه راشدي – ڪتاب ”هو
ڏوٿي هو ڏينهن“ چونڊيندڙ: الطاف آگرو)
ڪاتِيءَ تان نَه ڪُٺو، ماءُ منهنجو جِندَڙو،
جَنهين ماءِ مُٺو، سي جَتَ نه پسان جوءِ ۾.
خ. ح. ع. قاضي
ع. ق. شيخ جو پورو نالو عبدالله ولد قادر بخش شي،
ٿر جي هڪ ننڍڙي ۽ پرانهين ڳوٺ ”گڊڙو“ ۾ 8 مارچ
1914ع تي ڄائو. سندس والد متقي، پرهيزگار، استاد،
عالم ۽ حڪيم هو. ديني تعليم گهر ۾ ۽ اوائلي تعليم
ٽنڊي سومري ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ورتائين. ننڍي هوندي
کان ذهني لاڙو فن ۽ ادب ڏانهن هوس. لڪي لڪي ڪتاب
پڙهندو هو يا آڏا ابتا ليڪا ڪڍي پيو انهن کي رنگ
ڏيندو هو. عمر سارو ڪتاب ته گهڻائي پڙهيائين پر
يونيورسٽي جو ڪو به امتحان پاس ڪري ڪين سگهيو.
البت هاءِ اسڪول واري وقت ۾ هو ڊرائينگ گريڊ
امتحان پاس ڪري سگهيو.
ٻه ٽي سال زراعتي کاتي ۾ نوڪري ڪيائين پوءِ کيس
ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڊرائينگ ماستري جو وجهه مليو. اُن
جي ٽريننگ لاءِ هن کي انهي زماني ۾ هندستان جي
مشهور اداري سر جي. جي. اسڪول آف آرٽ بمبئي ۾ وڃڻو
پيو. بمبئي ۾ هڪ سال 38- 1949ع رهي. هو ٽريننگ ڪري
واپس موٽي ته آيو پر فن جي ديويءَ اهڙي ڇڪ ڪيس، جو
هُو سن 1942ع ڌاري هٿين خالي لڪ چوريءَ وري وڃي
بمبئي جي ساڳئي اسڪول آف آرٽ ۾ پهتو. اتي واندڪائي
۾ ڪم ڪري پئسا ڪمائيندو هو، جنهن مان اسڪول جي في
ڏيندو هو ۽ پنهنجو گذر سفر ڪندو هو، ڏيڍ سال ائين
مس رهيو هوندو ته سندس پيءُ سخت بيمار ٿي پيو،
انهي ڪري هو کيس هتي سنڌ ۾ ڏسڻ آيو. سندس والد کيس
ڏسي ڏاڍو سرهو ٿيو پوءِ پيءُ جي گهڻي اصرار ڪري
فني تعليم اڌ ۾ ڇڏي ميرپور خاص ۾ ئي رهي پيو، جتي
هن کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ڊرائينگ ماستري ملي
وئي، جلد ئي هن جي بدلي ٽريننگ ڪاليج فارمين
حيدرآباد ۾ ٿي. هتي هو شروعات ۾ ڪاليج واري حصي ۾
ئي رهيو ۽ پوءِ ڊرائينگ ٽيچرس ڪلاس ۽ ميوزم جو
انچارج ٿيو.
حيدرآباد ۾ رهندي ع ق شيخ، مئٽرڪ، بي اي ايم اي
ايل ايل بي جا امتحان پاس ڪيا ۽ لئبرري سائنس ۾
پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما پڻ حاصل ڪيائين، انهي وچ ۾
سنڌ تعليم کاتي طرفان سن 60- 1961ع ۾ کيس هڪ سال
لاءِ انگلينڊ موڪليو ويو، جتي ويسٽ آف انگلينڊ
اڪيڊمي آف آرس برسٽل يونيورسٽي برسٽل ۾ فن جي وڌيڪ
سکيا ورتائين.
ع ق شيخ اديب هو ۽ مصور به افسانوي ادب سان خاص
دلچسپي هئس، هُو ڪيترن ئي افسانن جو خالق هو، سنڌي
افسانن ۾ جن حقيقت نگاري آندي. ع ق شيخ انهن مان
هڪ هو. ساڳئي وقت ڊزائن ۾ مهارت حاصل هيس. سنڌي
ادبي بورڊ سنڌالاجي، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ ٻين
ڪيترن ئي ادارن جي ڪتابن ۽ مهراڻ رسالي جون ڪور
ڊزائنون ع ق شيخ جي فني ڪاريگري جو ثبوت آهن. هن
”کهه ۽ کٿوري“، ”تاريخ اسلام“ ۽ داستان اندلس“
جهڙا ڪتاب پڻ لکيا.
•
ننڍپڻ کان مخصوص نقش ذهن تي چٽيل، نرڙ ۾ گهنج،
ڊگهو نوڪدار نڪ، چشمي اندران پرڪشش اکيون، چپن جو
مخصوص انداز، هميشہ روبدار چهرو، اڳيان ويندي همت
کان ڪم وٺڻو پوندو. تمام ڀاري آواز مختصر ڳالهائڻ،
تمام آهسته آهسته ڳالهائيندو. مقصد جي ڳالهه ڪندو،
هميشہ علم و ادب ۽ فن جي ڳالهه ڪندو.
جڏهن به مليا جوان جذبن ۽ پراميد امنگن سان
ناصحاڻه نقتا ٻڌائيندا رهيا. پاڻ هميشہ مصروف
مسلسل جدوجهد ڪندي نظر آيا، ڪڏهن به اهو محسوس نه
ٿيڻ ڏنو ته عمر جي وڏي ٿيڻ سان اڳتي وڌڻ واري همت
۾ ڪا ڪمي اچي سگهي ٿي پر وڏي عمر ۾ هڪ دفعو شاگرد
بڻجي سائين ع ق شيخ صاحب آڏو بئنچ تي ويٺو ته هڪ
آئيڊيل استاد جو روپ اکين آڏو ڏسڻ جو موقعو مليو.
والد صاحب جا نوجوان ڪلاسي، عمر جي لحاظ کان پراڻي
۽ جهوني ڊرائنگ ماستر جي ناتي عزت ۽ احترام ڪندا
هئا ته والد صاحب کي سائين جي آڏو طفل مڪتب ڏٺم.
وڏي عمر جي ڪري والد صاحب کي هميشہ قاضي صاحب ڪري
چوندا هئا پر جڏهن ڪاوڙ ۾ هوندا هئا ته بابا کي
هلندڙ ڪلاس مان اٿڻ جي همت نه ٿيندي هئي ۽ اسان
ننڍڙن ذهنن لاءِ استاد ۽ شاگرديءَ جو پرئڪٽيڪل
اکين آڏو ماڊلن جي صورت ۾ اهڙو ته ذهن نشين ٿي ويو
جو اڄ ڏينهن تائين استاد جي قدمن کي ڇهڻ ۾ آسيس ۽
آرام مليو وڃي، سالن جا سال ع ق شيخ صاحب ساڳيو
نظر آيو. فن جي دنيا ۾ جڏهن پينسل کڻي ليڪون ڪڍندو
ته هڪ هڪ لڪير ۾ فني باريڪي جهلڪندي، فني ڄاڻ جي
اپٽار لاءِ ويهندو ته آرٽ ۽ مصوري جي هر هڪ پهلو
کي اجاگر ڪري اهو ڪجهه ٻڌائيندو جيڪو وزني ڪو ڄاڻ
رکي.
ان ٻالجتي واري شوق ۾ ڪچيون ڦڪيون لڪيرون ڏسي ڏاڍي
پيار سان انهن کي پسند ڪندي همت افزائي ڪندو ۽
ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائيندو. اهو رشتو هميشہ قائم رهيو،
ڪيئي لاها چاڙها آيا، زندگي جا ورق ورندا رهيا،
اهو رشتو رهندو آيو. اهو ڪڏهن خواب ۾ به تصور ڪو
نه آيو ته ڪو ع ق شيخ صاحب جهڙو زنده دل ماڻهو به
موڪلائي سگهي ٿو. هُو ته سدائين ساڳي طبيعت جو
مالڪ هميشہ هشاش بشاش ڪم ڪندي نظر آيو. نحيف ۽
لاغر جسم، سدائين سوچن سان ڀرپور وک وک تي پيو
اڳتي وڌڻ لاءِ راهون ڏسندو. علم وادب سان بي پناهه
عشق، درس و تدريس سان آخر لمحي تائين واسطو رهيو.
رٽائرمينٽ کانپوءِ به پبلڪ اسڪول جي ذهين شاگردن
کي سکيا ڏيندو رهيو. اسان سڀني ڀائرن جي برسر
روزگار بڻجڻ تي استاد جي ناتي ڏاڍو پرسڪون ٿي بابا
سائين کي خراج تحسين ڏيندا هئا ۽ شاگرد جي سڌريل
اولاد کي ان جي لاءِ ميراث تصور ڪندا رهيا.
وقت بوقت والد صاحب سان خط و ڪتابت جاري رکندا
آيا. تازو جڏهن اسان جو والد محترم حج تي روانو
ٿيو ته ساڻن ملاقات لاءِ ويو پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا،
کين دعائن سان رخصت ڪيائون ۽ اڄ جڏهن ع ق شيخ صاحب
اسان کان رخصت ٿي ويا آهن ته ائين پيو محسوس ٿئي
ڄڻ آرٽ جي ڪئنوس تي ٻهڪندڙ رنگ اُجهامي الوپ ٿي
ويا هجن.
فني دنيا ۾ تمام آڳاٽا فن پاره ۽ ٽائيٽل ڪور اڄ به
انمول آهن. سندن ٽريننگ ڪاليج ۾ ڊرائينگ ٽريننگ جي
انچارج طور ڪيل خدمات جي صلي ۾ سڄي ملڪ ۾ سندن
شاگرد فن مصوري جي آبياري ڪندا رهن ٿا ۽ هزارن جي
تعداد ۾ فني ڄاڻ رکندڙ، سندس ئي سيکاريل آهن. پاڻ
وڏي ۾ وڏا ڄاڻو ۽ قديمي استاد هئا. پاڻ نه صرف
بمبئي جي فائن آرٽس ڪاليج جا پڙهيل هئا پر لنڊن
کان سکيا وٺي آيا هئا.
ادبي دنيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهيا ۽ پنهنجي دور جا
مهان ليکڪ ٿي گذريا آهن. سندن انقلابي سوچ خود
داري واري طبيعت ۽ بي لوث خدمت جي جذبي هزارين
انسانن جي نه صرف خدمت ڪئي پر سڀني جون زندگيون
سڌارڻ ۽ خاندانن جي خاندانن کي اڳتي وڌڻ لاءِ محنت
ڪري منزل ماڻڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪيو. پاڻ سڄي عمر
قلم، ڪاغذ، رنگ ۽ برش سان وڏي جدوجهد ڪندي، غربت ۽
سادگي واري زندگي ۾ به تمام وڏا شاڪر ۽ اصول جا
مالڪ رهيا. سدائين خوش وپشاڪ ۽ بلند وقار قائم
رکندي عملي طرح محنت ۾ عظمت جو درس ڏنو. تمام
ٿورو، ماٺيڻو ۽ هڪ راءِ واري گفتگو ڪندي بنا رک
رکاءُ جي برملا ذاتي راءِ جو اظهار ڪندا، ڪڏهن به
ڪنهن مصلحت کان ڪم نه ورتو ان ڪري پنهنجي دور ۾
کين آفيسرن جي سرڪل ۾ سخت ۽ رکو تصور ڪيو ويندو
رهيو.
ع ق شيخ جن سڌي سنئين حق ۽ سچ جي واٽ تي هلڻ ڪري
هميشہ تڪليفن ۾ رهيا، تمام وڏي ڄاڻ علم و فن جي
مڃيل شخصيت هوندي به کين اصل مقام ملي نه سگهيو.
هر دور جي حڪومتن ڪڏهن به سندس بي پناه لياقتن جي
مالڪ هجڻ باوجود قدر نه ڪيو. هيڏي قدآور شخصيت جي
اعلى صلاحيتن کي عوام آڏو اجاگر ٿيڻ جو موقعو نه
مليو. پاڻ مخصوص طبيعت هجڻ ڪري ڪڏهن به ان جي
پرواهه نه ڪئي ۽ نه وري ڪڏهن بيقدرن آڏو اظهار
ڪيو. پاڻ پنهنجي دنيا ۾ پنهنجي واٽ وٺيو سفر جاري
رکندا آيا.
سندس تيار ڪيل تمام نادر اسڪيچ ڇپڻ ۽ ڇپائڻ جي
بهاني دوست کڻي ته ويا پر ان اهي ڇپائي پڌرا ڪيا
ويا ۽ نه وري سندن زندگي ۾ کين موٽي مليا، يقينن
سندن ادبي پورهيو به اهڙي طرح تمام گهٽ ڇپيو ۽
پڙهيو ويو، ٿي سگهي ٿو سندن وڃڻ بعد اهو بي بها ۽
قيمتي سرمايو سندس دوست ظاهر ڪن يا هينئر مرده
پرستي جو نعرو هڻي منظر عام تي آڻين.
والد صاحب سان استاد شاگرد واري پدري شفقت جو مون
تي وڏو اثر ٿيو، ابتدائي دور ۾ 1958ع واري زماني ۾
اڻ سڌي طرح آرٽ طرف رغبت ملي. وقت بوقت ان طرف
لاڙي ملڻ لاءِ همت افزائي سبب شوق وڌندو رهيو پوءِ
مسلسل ملاقاتين ۾ دعائن سان گڏ پڙهائي بعد فني
ڪاوشن لاءِ همٿائيندا رهيا.
1964 کان 1968 جي انجنيئرنگ ڪاليج ڄام شوري ۾
پڙهائي دوران سندن خدمت حاضري ڀري ڪجهه نه ڪجهه
پلئه پائي وربو هو. پوءِ به اهو چاهت وارو رشتو
رهندو آيو. منهنجي علمي زندگي ۾ قدم قدم تي والد
صاحب طرفان ڪيل محنت جي نتيجي تي خوش ٿيندا آ۽ آرٽ
سان دلچسپي قائم رکڻ لاءِ همٿائيندا رهندا هئا.
تازو 1981ع کان وٺي فن مصوري ۽ ڪاشيگري ۾ ڪم ڪرڻ
تي مون کي ڏاڍو همٿايائون مان وقت بوقت تيار ڪيل
شيون کين ڏيکاري نه صرف شاباس وٺندو هئس پر فن جي
باري ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيندو رهيو.
سائين ع. ق. شيخ هڪ اُستاد هڪ دوست
علي اڪبر
شاگردن کي همٿائڻ ته ڪوئي شيخ صاحب کان سکي ها. هڪ
نئون جذبو اٿاري ڇڏيندو هو. همٿائڻ جي لاءِ پنهنجي
زندگي جو سڄو تجربو کن پل ۾ ڏيئي ڇڏيندو. سٺن سٺن
آرٽسٽن جا حوالا ڏيندو هو. سندن ڪم جي باري ۾
ٻڌائيندو هو ۽ چوندو هو ته فن ڪنهن جي ميراث
ڪونهي، جيڪو محنت ڪندو اهو ئي ان کي حاصل ڪندو،
ڪڏهن سر جي جي آرٽ ڪاليج بمبئي جا حوالا ڏيندو ته
ڪڏهن لنڊن جي آرٽ گئلريز جي باري ۾ ٻڌائيندو ته
ڪڏهن شاڪر علي، زبيده آغا، عبدالرحمان چغتائي جي
ڪم جي باري ۾ سمجهائيندو. هر هڪ شاگرد کي اهڙي
نموني اڳڀرو ڪندو هو جو هو پاڻمرادو اڳتي وڌندو
رهي ۽ ٿورڙوئي رهنمائي سان ڪٿي کان ڪٿي پهچيو وڃي.
مون کي شاهه لطيف جي بيتن تي تصويرون ٺاهڻ لاءِ
هميشہ همٿائيندو رهيو. سندس سهڻيون صلاحون مون ۾
هڪ نئين جوت جاڳائي ويون، جو هِنَ وقت منهنجو ڪم
نرالي نوعيت جو آهي واٽر ڪلر ڪرڻ جو هڪ انوکو
طريقو اٿم ۽ منهنجو پنهنجو اسٽائيل آهي. اهو سڀ
ڪجهه شيخ صاحب جي صحبت ۽ سندس شاگردي جو نيتجو
آهي.
آئون جڏهن 1957 ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ آيس ته
اسان جو استاد، زبيري صاحب هيو، جو مون کي سڀني
شاگردن کان وڌيڪ چاهيندو هو. ٻن مهينن کانپوءِ هو
بدلي ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي شيخ صاحب آيو. هن کان
اڳ منهنجي شيخ صاحب سان واقفيت ڪانه هئي. جيئن آيو
ته ڪلاس ۾ محمد يعقوب سومرو جيڪو سندس اڳ ۾ واقف
هيو. ان تي وڌيڪ مهربان ٿيو ۽ منهنجي دل ۾ احساس
ڪمتري آهسته آهسته ديرو ڄمايو پر آئون دل شڪستو نه
ٿيس. مون سڀ ڳالهيون ڇڏي اسڪيچنگ تي زور رکيو ۽
سڀني کان وڌ ۾ وڌ اسڪيچ ڪندو هوس. روزانه 50، 100
۽ 150 سڪيچ ڪڍي ايندو هوس، جيئن ڪم ڏسندو رهيو،
مون ڏانهن مائل ٿيندو رهيو. هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي
ته آئون دنيا جهان کان بي خبر مارڪيٽ جي چوراهي تي
هڪ پاسي اسڪيچنگ ڪرڻ ۾ رڌل هوس. منهنجي چوڌاري
ماڻهن جا ميڙاڪا بيهي رهيا هئا. ڪير منهنجي ڀر ۾
يا سامهون آهي، اها مون کي خبر ڪانه هئي. اوچتو
ڪنهن اچي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو، منهن ورائي ڏسان
ته شيخ صاحب هئو، جيڪو ڪافي دير کان مون کي ڪم
ڪندي ڏسي رهيو هو. منهنجي ايتري همت ۽ ڪم ڪرڻ جو
جنون ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ چيائين ته: ”هاڻي
ٿورو ريسٽ ڪر. هل ته چانهه پيئون.“ ڪيفي شيرازين
تي اچي ويٺاسين. پهريائين ته ڪاپي ڏٺائين پوءِ
سمنڊ جيان اٿلي پيو. دنيا جي بهترين چتر ڪارن ۽
سندن زندگي بابت انيڪ ڪارنامن تي تفصيلي ليڪچر
ڏيندو رهيو. هن پهرين ملاقات ۾ مون مان احساس
ڪمتري دور ڪري ڇڏي، ايترو پنهنجو ڪري ڇڏيائين، ڄڻ
هو ڪو منهنجو عزيز دوست يا والد جي حيثيت ۾ منهنجي
اڳيان هجي. ايستائين جو ڪيفي جي بند ٿيڻ جو وقت ٿي
ويو.
اُن ڏينهن کانپوءِ ڪلاس ۾ ڪلاس کان ٻاهر مون کي
سڀني کان وڌيڪ چاهڻ ۽ همٿائڻ لڳو. ان سلسلي ۾
ريفرنس بوڪس ۽ ڪجهه تصويرون ڇپيل به ڏيکاريندو
رهيو. ڪو ليک يا ڪا آتم ڪهاڻي ڪنهن آرٽسٽ يا پينٽر
جي اچي ڏيندو هو ته پڙهه.
پڙهڻ لاءِ هر وقت همٿائيندو رهندو هو، سندس
ڪيترائي دوست وٽس ايندا هئا، جن کي پڙهڻ لاءِ ۽
لکڻ لاءِ همٿائيندو هو، جيڪي هينئر وڏن عهدن تي
فائز آهن، سڀني سانپيار، محبت سان هلندو هو، سندس
لکيل ڪتاب پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هڪ ڪتابڙو ”مهمانن
جا بهانا“ ته واهه جو هيو. پاڻ پڙهڻ ۽ پرائڻ جي هر
فيلڊ ۾ دسترس رکندو هو. سندس شاگرد سڄي سنڌ ۾ آهن.
هن تمام گهڻا آرٽسٽ پيدا ڪيا، جيڪي سندس ئي شاگرد
آهن.
مون کي همٿائڻ لاءِ شام جو وپرٽريٽ پينٽنگ شروع
ڪيائين، اسين ٻئي گڏجي پينٽنگ ڪندا هئاسين، اهڙي
طرح سان مون ۾ واڌارو ايندو ويو. آئون اڳتي وڌندو
رهيس. لئنڊ اسڪيپ، پينٽنگ، واٽر ڪلر ۾ ڪرڻ لاءِ
همٿايائين. هڪ ڀيرو اسان سان آئوٽ ڊور پينٽنگ ڪرڻ
گڏ هليو. پاڻ پهريائين ٺاهي ڏيکاريائين اهڙي طرح
اسان کي راهه ملي. اسان اڳتي وڌڻ شروع ڪيوسين.
اهوئي سبب آهي ته لئنڊ اسڪيپ پينٽنگ ۾ مون تمام
گهڻي انداز ۾ ڪم ڪيو آهي.
مون سان سندن ايتري ته پنهنجائپ ۽ محبت ٿي وئي جو
هر روز شام جو گڏ هوندا هئاسين. ٻن ٽن سالن
کانپوءِ مون کي به عشق جي ديوتا جو تير لڳو، آئون
اوچتو هفتي کن لاءِ گم ٿي ويس. پڇائون ڪري ڪري
ٿڪجي پيو، منهنجي غير موجودگي هن لاءِ هڪ عذاب ٿي
وئي، جيسين مان واپس وريس، تيسين هڪ وڏو افسانو
”محبت جي راهه تي“ لکي پورو ڪيائين. مان نه هيس ته
قلم ۽ ڪاغذ سان منهنجون ڳالهيون ڪيائين. اهو
افسانو پوءِ ڪنهن رسالي ۾ ڇپائي ڇڏيائين.
ساڳئي طرح منهنجي به ساڻس تمام گهڻي محبت هئي.
کانئس ڪڏهن به پري نه ويندو هوس. ڪابه ڳالهه هجي،
ڪو به ڪم هجي، ڪابه شئي ڇپائڻي هجي، منهنجي صلاح
ضرور وٺندو هو. آئون کيس استاد نه پر پنهنجو وڏو
بزرگ سمجهندو هوس ۽ سندس تمام گهڻو احترام ڪندو
هوس، جو ايترو احترام شايد مون ڪنهن ٻئي جو ڪيو
هجي.
عنايت بلوچ
نالو: عبدالحق زيب عاقلي
والد جو نالو: مولوي محمّد عاقل عاقلي.
تاريخ پيدائش: 1920- 10- 1
هنڌ – ڳوٺ: عاقل – ضلعو لاڙڪاڻو.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ بحيثيت اسٽاف
آرٽسٽ جي 62- 6- 30 داخل ٿيو.
1937 ۾ پروڊيوسر ٿيو.
۽ 74- 6- 10 تي سينئر پروڊيوسر ٿيو.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي بيشمار تحريرون
تقريرون، ڊراما، فيچر – گيتن ڀريون ڪهاڻيون وغيره
لکيائين ۽ ڪيترن پروگرامن ۾ پاڻ حصو پڻ ورتائين.
•
ڪيتري وقت کان وٺي بس اهو اونو ۽ اوسيئڙو هوس ته
ڪنهن به طرح لنڊن وڃان ۽ امڙ سان ملي اچان، جنهن
لاءِ ڏاڍوماندو ٿيو آهيان.“ مرحوم زيب عاقلي جنهن
لاءِ مرحوم لکندي قلم کي ڄڻ (جُهٻو ٿي اچي) پنهنجي
لائق ۽ سلڇڻي ڌيءَ کي امڙ چئي مخاطب ٿيندو هو جيڪا
لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان
MBBS
ڪرڻ کانپوءِ گذريل چئن سالن کان لنڊن ۾ ڊاڪٽري
پيشي ۾ پي ايڇ ڊي پئي ڪري.
پٽ جي اولاد نه هئڻ ڪري زيب مرحوم جو سڄو پيار
سندس ٽن نياڻين سان هو پر سڀني کان وڌيڪ سلمه سندس
گهڻي لاڏلي ۽ کيس وڌيڪ پياري هئي. مونکي ڪيئي ڀيرا
چيو هئائين:
”عنايت صاحب، علاج جو ته مڙيئي بهانو آهي. لنڊن
وڃان ٿو رڳو امڙ (سلمه) سان ملڻ ان کان اڳ جو رضا
رباني تسليم ڪندي هن دنيا مان هليو وڃان، آس اٿم
ته سلمه سان ملي اچان، حياتي تي ڪو ڀروسو ڪونهي؟“
زيب صاحب جو لنڊن وڃڻ، سندس آسَ جي تڪميل جو ڄڻ هڪ
رٿيل پروگرام هو، ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه. سندس
آسَ پوري ٿي. پنهنجي نياڻي سان مليو سِڪ لاٿائين ۽
ڪجهه وقت بيماري جي حالت ۾ لنڊن ۾ رهيو. وطن واپس
موٽيو ته فقط هڪڙي مقصد سان ته: پنهنجي جسم جي
امانت ان مٽيءَ جي حوالي ڪري جنهن جي ڪک مان پاڻ
جنم ورتو هئائين، اها مٽي جنهن پالي سنڀالي نه رڳو
کيس وڏو ڪيو هو پر علم ادب، تحمل تدبير، تحرير ۽
تقرير ۾ کيس يڪتا ڪري ڇڏيو هو. زيب صاحب به پنهنجي
ڌرتي جي قرض لاهڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي.
شاعريءَ ۾ ڏات ۽ ڏانوَ جو اهڙُ ڌاڪو ڄمايائين جو
هنجي پنهنجي مخصوص اسلوب جو ٻيو ڪو به جوڙ ۽ جس
شايد ئي ڪو هجي – اسان جو دوست پروانو ڀٽي ته ان
خيال جو آهي ته گذريل اڌ صديءَ اندر زيب صاحب جهڙو
پُر اثر ۽ جاذبيت رکندڙ قطعو اڄ تائين ڪنهن به
ڪونه لکيو آهي.
محترمه پروانو ڀٽي، جيڪو خود به پنهنجي شاعري ۾
قطعا ۽ رباعيون لکڻ جي حوالي سان زياده مشهور آهي،
زيب صاحب کي قطعن لکڻ جو استاد ڪوٺيو آهي ۽ اهو به
مڃيو اٿائين ته اسان زيب مرحوم مان گهڻو ڪجهه
پرايو آهي؛ زيب مرحوم جا چند قطعا نموني طور هتي
پيش ڪجن ٿا.
ٻئي جي ڳالهه ٻڌي نٿو ڪوئي، هر ڪنهن کي آ پنهنجي
پنهنجي
دل جو حال ٻڌايون ڪنهنکي، ڪنهن سان اوريون اهنجي
سنهنجي
انگ ازل جو ائين نه هوندو، لکيو اهو ٿا پاڻ لکو،
سهڻو سڦلو ڀاڳ اوهانجو، ڪاري ڪوجهي قسمت مُنهنجي
****
ساڳيا ڏوٿي ساڳيا ڏکڙا، ساڳيو آدم، ساڳيو ساهه
ساڳيو مقصد، ساڳي منزل، ساڳيا راهي، ساڳي راهه
وقت سندي رفتار سڃاڻو، ڏاڍا هاڻي ڏاڍ ڇڏيو
ڪانهي لِڪڻ جي جاءِ ڪنهين کي، اوڀر اولهه هڪ الله
*****
ماروئڙن جي ماڳ منجهاران، ڌارين جو آديس ٿيو
تڏهن پيارو ديس اسانجو، پنهنجي لئي پرديس ٿيو
ڇا هو دودو، ڇا هو دولهه، ڇا هو هوشو هاءِ الا
ڪاڏي گم ٿيا ڪونڌر پنهنجا، خالي لال لبيس ٿيو.
*****
امانت آ ڪنهن جي، فلڪ کي ٻڌايو
هٽائي وڃو بجليون آشيان تان،
چئو موت کي ڪو بهانو نه ڳولي،
ڪندس جان قربان، زمين تان زبان تان
غريبن جي گهر ۾ جيڪو ڄائو، لکي ڇڏ
انهيءَ جو جياپو اجايو لکي ڇڏ
اسان جون ڇا ذاتيون، اسان جا ڇا شجرا
لکين ٿو ته نالو وتايو لکي ڇڏ.
*****
زيب مرحوم جي تقرير ڪندو هو ته سندس آواز ۽ انداز
جو، جوشيلو، جذباتي ۽ اثرائتو طريقو، لفظن جو
انتهائي مناسب استعمال ۽ جيڪو ڪجهه چوڻ چاهيندو هو
ته حاضرين، ناظرين ۽ سامعين کي ڪجهه دير ۽ ڪجهه
وقت لاءِ پنهنجو هم زبان ۽ هم خيال بڻائي ڇڏيندو
هو. هڪ دفعي پاڪستان جو اڳوڻو صدر فيلڊ مارشل جنرل
محمد ايوب خان (مرحوم) سکر ۾ آيو. سکر جي نيشنل
اسٽيڊيم ۾ کيس تقرير ڪرڻي هئي، پر ڪي اهڙا نوجوان
به اسٽيڊيم جي احاطي ۾ داخل ٿي چڪا هئا، جن ايوب
خان کي تقرير ڪرڻ نٿي ڏني، شور شرابو ۽ هُل هنگامو
ايترو ته وڌي چڪو هو جو تقرير جو بنهه ڪو امڪان
نٿي نظر آيو، منتظمين مان ڪيترائي ماڻهو مائيڪ تي
آيا ته لُڙ بند ڪرائجي پر ناڪام ٿيا. نيٺ زيب صاحب
مائيڪروفون جي سامهون آيو. پنهنجي گجندڙ ۽ گونجندڙ
آواز ۾ ماڻهن سان مخاطب ٿيو. فقط ٻن منٽن ۾ پوري
اسٽيڊيم جو هُل هنگامو ماٺ ۽ سانت ۾ تبديل ٿي ويو
۽ هاڻي مرحوم صدر جو اسٽيج تي اچڻ ممڪن ٿي پيو،
جڏهن جنرل ايوب اسٽيج تي آيو ته کيس چوڻو پيو:
”دوستو، مونکي وڏي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو اٿوَ جو زيب
عاقلي جهڙي بي مثال ۽ شعله بيان مقرر جي مٿان
مونکي ڳالهرايو ٿا.“
زيب مرحوم کي علم ادب جي ڏاتِ پنهنجي خاندان کان
ورثي ۾ ملي هئي. سندس والد بزرگوار مولوي محمّد
عاقل عاقلي پنهنجي وقت جو هڪ وڏي رتبي وارو ۽ قادر
الڪلام شاعر هو. پر ڪيڏو نه افسوس جو مقام آهي، جو
ڪيترن سنڌ واسين کي ايڏي وڏي شاعر جي نالي کان به
واقفيت ڪانهي، مولانا عاقلي صاحب جي سخنوري جو
ڪمال ۽ سندس شاعرانه عظمت جو اندازو هيٺ ڏنل نظم
مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن تي هن چئن ٻولين ۾ طبع
آزمائي ڪئي آهي، يعني فارسي، عربي، سنڌي ۽ هندي پر
اهڙي نموني ۾ معنى ۽ مفهوم پاڻ ۾ ڳُتيل ۽ لاڳاپيل
آهن، جو ائين هرگز محسوس ئي نٿو ٿئي ته ڪو زور ڪري
شاعري جا جوهر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر
ائين پيو لڳي ته ڏات پنهنجا جوهر پاڻهي پئي
ڏيکاري. ملاحظه ڪيو:
به ربود دِلم آن رشڪ – پري.
به ڪرشمه و ناز و عشوه گري.
- شب و روز من اندر جُستن وي هُوَ مَحبوبُ اَنِيّ
في الحئي
تنهن ناز ڀريئي جي دَرسن لئي – مين ڍُونڍ ڦِرون
نگري نگري
- من گريئه و نالئه و ناڪامي – قد سِرت نديم الا
لامي.
تون ته يار وڃي ٿئين آرامي – ڪيسي پريت پيا
تُمَهري تُمَهري
- اي قبلئه – جان، وائي، ڪعبئه – دل في يوم في
بيتي اُندل،
اِهو عرض ڪري عجزئون عاقل – سن ارج سکي هَمَري
هَمَري
زيب صاحب جو وڏو ڀاءُ مرحوم عبد عاقلي به پنهنجي
دؤر جو تمام وڏو شاعر هو، هو منهنجي والد بزرگوار
غلام نبي اداسي، (مرحوم) جو دوست هو…پر منهنجي
ملاقات عبد صاحب سان فقط تڏهن ٿي، جڏهن بابا جن
پنهنجي خالق – حقيقي ڏي هليا ويا ۽ عبد صاحب جن،
بابا مرحوم جن جي تعزيت ڪرڻ لاءِ منهنجي ڳوٺ آيا.
عبد صاحب جن، بابا مرحوم جن سان ٿيل رهاڻين جا حال
احوال اوريا ۽ ڪيترن مشاعرن ۾ گڏجي شعر پڙهڻ جا
قصا ٻڌايا. اهڙي نموني ڪافي ادبي ڪچهري ٿي جيڪا
جڏهن به ياد پوندي آهي ته هڪ طرح رُوح ۾ تازگي
محسوس ڪندو آهيان ته ٻئي طرف اندر ۾ روڄ راڙو به
برپا ٿي ويندو آهي ته وقت ظالم اسان کان ڪهڙا ڪهڙا
نه لاجواب هيرا موتي کسي ٿو وٺي ۽ فقط اک ڇنڀ ۾
خوشگوار حال کي اڻموٽ ماضيءَ جي ڌُنڌَ ۾ ڌِڪي ٿو
ڇڏي. عبد صاحب، بابا جن جي تعزيت ڪرڻ آيو هو، سو
خود به ٿوري وقت کان پوءِ مرحوم ٿي ويو.
زيب عاقلي مرحوم سان ٿيل رهاڻيون ۽ ڪچهريون هاڻي
ماضي جو حصو بڻجي چڪيون آهن. مون تي تمام گهڻو
مهربان هو ۽ قرب ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون اچي
ڪندو هو. بيحد مٺو سٺو انسان هو، ڪنهن کي به
رنجايائين ڪو نه – پاڻ تڪليفن ۾ رهيو پر سندس ذات
کان ڪنهن کي به ڪا تڪليف نه پهتي. ڳالهائيندو هو
ته لطف پيو ايندو هو ۽ دل چوندي هئي ته ڀلي اڃا به
ڳالهائي پر زيب صاحب ڳالهائيندي ڳالهائيندي جي
ڪنهن بحث ۾ الجهي پيو ته پوءِ سندس ڳالهائڻ جو رنگ
ڍنگ اهڙو ته اثرائتو
(Dominating)
هوندو هو جو ٻئي کي سواءِ ان جي ته ماٺ ڪري ويهي
زيب صاحب کي ٻڌي ٻيو ڪو به چارو نه هوندو هو. ان
وقت سندس دليل وزندار ۽ ڳالهائڻ کڙڪيدار ۽ رعبدار
هوندو هو.
وقت جي سڀني وڏن ماڻهن سان نه رڳو سندس واقفيت هئي
پر تمام گهاٽا رشتا ۽ لاڳاپا هئا. صدر کان وٺي
وزيراعظم تائين ۽ وزيراعظم کان وٺي وزيراعلى
تائين. هر دؤر ۾ کيس هرڪو ڄاڻندو سڃاڻندو هو ۽
سندس عزت ڪندو هو. راڄن جا ڪم ڪيائين، ڪن کي
نوڪريون وٺي ڏنائين ته ڪن کي پروموشن، ڪن کي پلاٽ
۽ پرمٽون وٺي ڏنائين ته ٻين جا ڪيترائي ڪم ڪيائين
پر پاڻ پنهنجي لاءِ ڪو به فائدو نه وٺي سگهيو.
تنگدستيءَ ۾ وقت گذاريائين پر مجال آهي جو ڪنهن کي
محسوس به ٿيڻ ڏئي ته زيب مفلسيءَ ۽ تنگدستي جو
شڪار آهي ۽ مدد جو طلبگار آهي، هرگز نه بس ڪٿان نه
ڪٿان قدرت جي طرفان سندس غيبي امداد پئي ٿيندي هئي
۽ وقت عزت ۽ شرافت جو پيو گذرندو هوس. اهڙي حالت ۾
به زيب مرحوم جي منهن تي سدائين مرڪ ۽ ڪچهري ۾
ٽهڪن تي ٽهڪ لڳا پيا هوندا هئا.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سندس ڪيل خدمتون هميشہ
يادگار رهنديون، ڊراما لکيائين، گيتن ڀريون
ڪهاڻيون ۽ فيچر بي شمار تعداد ۾ لکيائين. ڪيتريون
تقريرون موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان لکيائين، جيڪي
سامعين ۾ تمام گهڻيون پسند ڪيون ويون.
جڏهن 1965ع ۾ هندستان – پاڪستان جي وچ ۾ جنگ لڳي
ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪيترائي پروپئگنڊا
فيچر نشر ٿيندا رهيا، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول فيچر
هو ”ناٽڪ منڊلي“ جيڪو زيب مرحوم هر روز لکندو هو.
زيب عاقلي مرحوم جي گُڻن، شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتن
تي جيڪڏهن تفصيل سان لکبو ته اڃا تمام گهڻو لکي
سگهجي ٿو، ڇو ته سندس شخصيت جو شمار اُنهن چند
انسانن ۾ ٿئي ٿو جنهن لاءِ ڀِٽَ ڌڻي چيو آهي ته:
ماڻهو سَڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. |