اشرف زمان پير چنڊامي
غزل
مُرڪ جي آس تي لڙڪ ويٺو ڏيان،
ڏينهن لئه رات جا ويٺو تارا تڪيان.
زندگيءَ جي سفر آ ٿڪائي ڇڏيو،
موت جي اوٽ ٿي ساه ويٺو پٽيان.
چنڊ آ جيئن ڪڪرن ۾ ڦاسي پيو،
نفرتن ۾ ائين پيار ٿو مان ڏسان.
خار بي ساڳي ٻوٽي ۾ آهن، جڏهن،
ماڪ ڇو ٿي رڳو پئي گلن جي مٿان.
رهبري ڪو اچي نيٺ اشرف ڪندو،
راه ۾ جوت جا ديپ ٻاري ڇڏيان.
خليل عارف سومرو
غزل
سادگي ۾ ڪمال ڏس.
حُسن کي بي مثال ڏس.
مات آ ماهتاب کي،
جوت ڏس ۽ جمال ڏس.
ڳالهه ڪر ڀل بَهار جي،
ڇاهي؟ گلشن جو حال ڏس.
ڪينَ جَن جو جواب آ،
اهڙا ڀي هَن سوال ڏس.
قُربتون فاصلا بڻيون،
فُرقتن ۾ وِصال ڏس.
عشق جي باههَ ۾ پچي،
پيار ٿيو لازوال ڏس.
سُک ته عارف مِليو نه ڪو،
ڏُک سدائين بحال ڏس.
شوڪت علي ڌماچ
غزل
ڪا سوچ ڪر سڄڻ تون رسندو نه ڪر مٺا
پنهنجو ڪرم پيو ڪر منهنجي نه ڏس خطا
توتي اثر ٿيو ڪو منهنجي نه آه جو
پرتين نه اي پرين تون آهين اڃا خفا
مون کوڙ خوبصورت سپنا ڏٺا ڪڏهن
من ڪا ملي پوي ڪنهن سپني کي ساڀيا
توسان ڪجي شڪايت ڪهڙي ڀلا ڪجي
مونکي نه ڏي خوشي وڃ غم ئي ڪري عطا
جو بي سبب رسي ٿو ۽ ٿو ستم ڪري
تنهن سان سندس جفا جي شڪايت ڪجي به ڇا
تنهنجو اڱڻ خوشين سان روشن ڀلي هجي
آباد شل هجين تون دل ٿي ڏئي دعا
مون هر ستم اوهانجو منظور آ ڪيو
هر ڏاڍ آزمايو ڏيندا رهو سزا
مون چنڊ کي چمڻ جي هئي آرزو ڪئي
غلطي ڪيم اها ٻي ڪهڙي ڪيم خطا
منهنجي سڄي اجائي آ بندگي وئي
هو بت پٿر جو جنهنکي سمجهيم پئي خدا
شوڪت اڃا به راهون تنهنجون تڪي پيو
ڀورو اگر جي ناهي ڇاهي ٻيو ڀلا
محمد ايوب کوسو
غزل
هر گهڙيءَ مُشڪل ۾ آهيون دوستو،
دمبدم دلدل ۾ آهيون دوستو.
گهر گهٽيءَ ۾ وحشتون ٿيون رقص ڪن،
شهر ڪٿ، جهنگل ۾ آهيون دوستو.
پاڻ سان گڏ هيڪلائيون ٿيون رهن،
ڀل کڻي محفل ۾ آهيون دوستو.
ماڻهو ماڻهو کي پيو ڏاڙهڻ اچي،
جابجا جنجل ۾ آهيون دوستو.
هيل تائين پنڌ پورو ناهي ٿيو،
ڪنهن ڊگهي منزل ۾ آهيون دوستو.
ڇا ڪجي اُڻ تُڻ حفاظت جي اٿئون،
رات ڏينهن مَقتل ۾ آهيون دوستو.
منظور راڄپر
غزل
چنڊ جي چانڊاڻ، منهنجي شاعري
سُرت جي سرهاڻ، منهنجي شاعري
ڄڻ ته نينگر جي لبن تي آ لڳل
لاک جي لالاڻ، منهنجي شاعري
گيت جهونگاري جيئن مارو سندا
لوڪ جي واکاڻ، منهنجي شاعري
جا کٿوريءَ جيئن نه کُٽڻي آ ڪڏهن
آهه اهڙي کاڻ، منهنجي شاعري
اي ڀٽائي ڏات ڏي جيئن ٿي پوي
موج ۽ مهراڻ، منهنجي شاعري
ڪابه منظر ڪو نه ٿو ڀيٽا گُهري
پنهنجو مَٽُ آ پاڻ، منهنجي شاعري
فياض ”چنڊ“ ڪليري
غزل
زندگي جي ٻاٽ ۾، آ پيار پنهنجو سوجهرو
هن گهٽيل ماحول ۾ اظهار پنهنجو سوجهرو
زندگي جي آجپي لئه ٿي ويو جيڪو امر،
سو ڪُٺل تاريخ جو ڪردار پنهنجو سوجهرو.
مقصدن سان آ ڀريل ۽ ولولا جنهن منجهه هن،
ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ۾ ويچار پنهنجو سوجهرو.
ظلم آڏو سر جهڪائڻ پاڻ سکيا ناهيون،
ڇو ته هوشوءَ جي اُتم للڪار پنهنجو سوجهرو.
ڏات جنهن جي ڏيهه جي لئه حوصلو پيدا ڪري
سنڌ ڌرتي جو سچو فنڪار پنهنجو سوجهرو.
انور ابڙو
نثراڻا نظم
خوبصورتيءَ جي ڪُنَ ۾، چاهت جا ٻيڙا،
ڇيتيون ڇيتيون ٿي،
سماج ساگر سطح تي،
اوڀارا لهوارا،
لهوارا اوڀارا تري رهيا آهن.
===
جَلَ اُٿَلَ اچي ته
ڳوڙها نه ڳاڙجو،
اهي انهن ۾ اضافو ڪندا.
مقبول ڀنڀرو
آزاد نظم
اڄ جو توکي ڏٺم
اوچتو اي سَڄڻ!
منهنجي اکڙين ۾ ڪئين لڙڪ اٽڪي پيا
سي زمانا وري دل تي اُڪري پيا
ڌار ٿيندا نه هئاسين
ڪا هڪڙي گهڙي
گڏ جيئڻون اسان کي ۽ مرڻو به آ!
تو وچن هئا ڪيا،
مون وچن هئا ڪيا
مان ته راتيون هيس ڪاريون ڪاريون
چنڊ مون لئه چوڏهينءَ جو هُئين تون سڄڻ!
پوءِ زماني جي ريتن جي ور چڙهي
ڌار تون ٿي وئين!
ڌار مان ٿي ويس!
منهنجون سوچون ۽ جذبا
ڀڄي ڀور ٿيا
ڄڻ ته واريءَ سندا سمنڊ تي گهر هيا
وير اهڙي وري سڀئي لوڙهي وئي.
مون کي ڀوري وئي!
ها اڄ انهي کي ڪئين سال ٿيا!
اڄ جو توکي ڏٺم
اوچتو اي سڄڻ
منهنجي اکڙين ۾ ڪئين لڙڪ اٽڪي پيا
سي زمانا وري دل تي اڪري پيا!
سي زمانا وري دل تي اڪري پيا!
منظور قادر
چهري جي روشني
ٻاهر گگهه انڌيرو
۽ تيز هوا جو شور.
منهن جي ڪمري ۾ روشني،
اونداهيءَ جا شيڊ
کليل دريءَ مان ڪاهي پون ٿا.
مونکي ويڙهي وڃن ٿا،
تنهنجي ياد جي آئيني مان
ڦٽي نڪتل روشني بچائي وٺي ٿي،
پر آخر ڪيستائين؟
ٻاهر طوفان تيز هوا جو
گگهه انڌيرو ڇانيل آهي
منهنجو ڪمرو روشن رهيو ته ڇا ٿيو
ٻاهر گگهه انڌيرو آهي
ڪو سورج ڦٽي پوي ته بهتر
تيز هوا جو شور کٽي پوي ته بهتر
جيئن مان ٻاهر نڪري سگهان.
ڪمري جي روشني سان گڏ دنيا کي ڏسي سگهان،
ڪمري کان ٻاهر گگهه انڌيري کان صاف
ڪنهن خوبصورت چهري جي روشني!
امجد سيد
وائي
سوچي تنهنجي ياد ۾ پيارا
مون جاڳي ساري رات گذاري
پوءِ به نه آئين تون
باک ڦٽي پوءِ سج نڪتو آ
ٻولين پيا سڀ لات پياري
پوءِ به نه آئين تون
ٻوليان پيو ڪي گيت سريلا.
ورتي آ مون ڏات اڌاري
پوءِ به نه آئين تون
بانو محبوب جوکيو
ٽيڙو
ٺاهيائين پئي رِلڪو،
ڳورهاري عورت کي،
هاڻي کان ئي الڪو
•
ڊگها، گهاٽا وار،
بڻجي ٿا وڃن جي
گرميءَ منجهه آزار
•
ڪنوار جي نَٿَ
لُٽين پيا رستي تي،
ڌاڙيلن جا هَٿَ
•
مٿي ۾ تيلَ جي مَلَ،
سڻڀي ٿي وئي رات
وهاڻي جي کَلَ
•
گوڙ ۽ گهمسان،
ٺڪ…ٺڪ…جو آواز،
لوهر جو دڪان.
عادل سخيراڻي
غزل
جذبن سان جيئن اٽڪي پيو هان،
ويتر اندران وَڍجي پيو ها.
تنهنجي ياد جي ڪانڊيرن ۾،
اُلجهي اُلجهي ڦٽجي پيو هان.
تنهنجو پيار آ پاڇي وانگر،
ڊوڙي ڊوڙي سَهڪي پيو هان.
آس جو رِڻ پٽ، صحرا، جهنگل،
جهاڳي جهاڳي ٿَڪجي پيو هان.
جذبا وَل جان وڌجن، ۽ مان،
ڇانگي ڇانگي ڇلجي پيو هان.
چاهت اُڀري ديپڪ بڻجي،
جانَڀن وانگر ڀڙڪي پيو هان.
آخر ترسي ترسي عادل،
گونگي مينهن جان برسي پيو هان.
شيرل نيڪ سروري
غزل
سوا تنهنجي ڪو دلدار ڪونهي
تون ئي آهين منهنجو ٻيويار ڪونهي
گهمي مون ڏٺو آهِ سارو زمانو
زماني ۾ ڪوئي وفادار ڪونهي
رڳو آ زماني ۾ دوکو ئي دوکو
زماني ۾ ڪوئي وفادار ڪونهي
سراپا وفادار دلدار منهنجو
ٻئي ڪنهن سان منهنجو دلي پيار ڪونهي
چوان ٿو مان جاني وفادار آهي،
چون ماڻهون ٿا هو وفادار ڪونهي
سراسر سڄڻ باوفا آهي منهنجو
سڄڻ جو ۽ منهنجو ڪو تڪرار ڪونهي
سڄڻ نيڪ جي توسان آهي صفا دل
ڌڪارين ٿو اهڙو گنهگار ڪونهي
سعيد ميمڻ
وائي
گَهرَ جون ديوارُون؛
ڳالهائڻ ٿيون چاهن مون سان
آڌيءَ ويلي مَنَ – وستيءَ ۾، ساجن جون سارُون؛
ڳالهائڻ ٿيون چاهن مون سان
پيرن هيٺان چيڀاٽيل، گل جون مَهڪارون؛
ڳالهائڻ ٿيون چاهن مون سان
اوسيئڙي جي رڻ مان ايندڙ، ڪنهن جون پڪارون؛
ڳالهائڻ ٿيون چاهن مون سان
احمد ٽالپر
غزل
رات جي سانتِ ۾، ياد آئي وَري،
تو بنا تڙپندي هِي، رَهِي دل چَرِي.
ڪُونج ڪَرڪِي ڪِٿي تَن تَپائي وِڌو،
آڳ هُئِي جا دٻيل، پيئِي ٻيهر ٻَرِي.
چنڊ، بادل سندِي لِڪَ لِڪوٽِي ڏِسِي،
ڪنهن ويَل وقت جو، عڪس آيو ترِي.
ماڪ، موتيو مليا، باکَ جي سيجَ تي،
تون نه آئين ويو، هاءِ ٽاڻو ٽَرِي.
جَند وانگر جدائي، ٿي پِينهي پرين،
جِند هر پَلِ – اَپَل، ڄڻ ته ڀورا ذرِي.
حسرتون هانوَ ۾، ٽِياس تي هن ٽنگيل،
آءُ ”احمد“ هِلي ڪا ڪري دلبرِي.
بشير سيتائي
غزل
جنهن ساڻ اوچتو ئي منهنجي دل لڳي هئي
ان وٽ سٺو سڀاءُ هيو، سادگي هئي.
چاهت سان هو جڏهن مليو محسوس ٿيو ايئن،
هن ساڻ ڄڻ صدين کان وٺي دوستي هئي.
هو موڪلائي ويو، ته ويا رنگ روپ سڀ،
هڪ خالي ڪينواس منهنجي زندگي هئي.
ڳوڙها مليا ته سڏڪا ڀي، دک درد گهاءِ ڀي،
مون وٽ نه ڪنهن به چيز جي ڪائي ڪمي هئي.
ماڻهن چيو ته پريت محبت ۾ آهي ڇا
چئي ڪيرُتن کي منهنجي اها بندگي هئي.
مونکي ته آهي عشق مان انسانيت مِلي،
دنيا ڏٺي مون اهڙي نه جا اڳ ڏٺي هئي.
مون کي نه مات رات ڪري ڪنهن طرح سگهي،
هي داغ دل جا جلندا رهيا روشني هئي.
دنيا وڏي ڪهاڻي بڻائي ڇڏي ”بشير“،
مون دل ڏني ۽ ڳالهه فقط ايتري هئي.
اختر درگاهي
وائي
اُڀري اندر مان
آئي سَارَ سڄڻَ جي
بِرکا ۾ آڪاش تي
ڄڻ ڪنهن انڊلٺ جان
آئي سَارَ سڄڻَ جي
تنبوري جي تار تي
تنهنجي ڳائڻ سان
آئي سَارَ سڄڻَ جي
آڌي رات اَڏيءَ تي
منهنجي رَتُ منجهان
آئي سَارَ سڄڻَ جي
مرتضى مٺياڻوي
غزل
ڪُڏي ڪن جي خاطر ڪٺاسين، ڪٺاسين،
اهي ڏينهن ڏکيا ڏٺاسين، ڏٺاسين.
جڏهن ساٿ ساٿي ڇني ڇوهه مان ويا،
تڏهن خوب تن لاءِ، رناسين، رناسين.
ڪنين ڪاڻ ڪاڻون جو ڪڍڻيون پيوسين
تڏهن ڪين ڪن سان ڪڇياسين، ڪڇياسين.
ڪٿي بڻجي منصور سوريون سجايون،
ڪٿي جوش ۾ پئي جلياسين، جلياسين.
امر! عشق تن سورهن جو سراسر،
چڙهيل دار تي جي ڏٺاسين، ڏٺاسين.
اِهي ڪوٽ قهري جُهري پوندا جهٽ ۾،
جڏهن بڻجي اوٿر اٿياسين اٿياسين.
فرزانه ڪنول بلوچ
وائي
سپنا ساجن ساڻ
آئون اهائي هيڪلي
حُسن تنهنجو آهه
ڄڻ موج ۾ مهراڻ
سپنا ساجن ساڻ
آئون اهائي هيڪلي
مان ته ساڳي آهيان
مونکي تون سڃاڻ
سپنا ساجن ساڻ
آئون اهائي هيڪلي
کوليا آهن وار ڪنهن
هر پاسي سرهاڻ
سپنا ساجن ساڻ
آئون اهائي هيڪلي
دل جي دنيا، ئي لڳي،
جذبن جي ڪا کاڻ
سپنا ساجن ساڻ
آئون اهائي هيڪلي
ڊٺل ليڪون هٿ جون
جذبا رتو ڇاڻ
سپنا ساجن ساڻ
آئون اهائي هيڪلي
بخشڻ مهراڻوي
وائي
هي جي اُڀريل ٻانهون،
تنهنجي لاءِ صدائون،
اسين اڃايل پنڌ ۾.
ڪهڙي دَرَ تي دانهجي،
ديس سڄو دانهون،
اسين اڃايل پنڌ ۾.
هر گهٽيءَ ۽ گام تي،
تنهنجون پُڇائون،
اسين اڃايل پنڌ ۾.
ڌر تتيءَ جو هي سفر،
وڻ نه ڪي ڇانئون،
اسين اڃايل پنڌ ۾.
طارق منگي
سوچون آخر سوچون آهن
سوچون سپنا، سوچون سڏڪا
سوچون گل گلابي آهن
سوچون ڪنڊا، سوچون ٽانڊا
سوچون ڪوئل لاتيون آهن
سوچون سرت ۽ ساڃهه آهن
سوچون تنهنجون ساروڻيون
۽ منهنجي من جي آس به آهن
سوچون سمنڊ ڪناري تي
لهندڙ سج جو تاءُ به آهن
سوچون ناهر ڇالون آهن
سوچون چنڊ ستارا آهن
سوچون جن مان باک ڦٽي ٿي
سي ئي سوچون سورج آهن
جن تي هر ڪا واٽ کٽي ٿي
ڪوڙي ڪانئر رات کٽي ٿي.
محمد هنڱورجو مٺي
بيت
قحط جي ڪَلُور جا ڪجن ڇا بيان؟
ڪاهي مال ماروئڙا مَٽي ويا مڪان
وڇوڙن وَر پيا ڪي آسائتا انسان
جهري پيا جوان، جذبا جهانگيئڙن جا.
سُڪارن سڌائتا راڻن سندا راڄ
ڏکن جا ڏُڪار ڪي آڻي ڏنا ڏاج
ڪوڏاڻا ۽ ڪاڄ، ويڙهيچن وِسريا.
مارُن ڪنان مينهڙا!، ويٺين مُنهن موڙي
دليون دلبرن جون ڇڏيون تو ٽوڙي
وري وِڇوڙي، وڌءِ ويڙهيچن کي.
اڄ نه اَجهورن ۾ هونگارون هڪل
نه ڪي دَس دَڙن تي سنڀارن شُغل
رايون رؤنشن رَءُ ۾ رهيون جت رڌل
اُتي ڪو ادل! اڄ نه ڪِڙوا ڪُنڍيين.
ڪاهون ڪاهي هليا سندم سانگي سيڻ
سُڃا پڊ پاٿاريون تڙن ناهن تيڻ
نه ڪو کيليء کڙڪو هاڪارو نه هيڻ
نيو وهن نيڻ، مارن بنا مُنهنجا.
طارق عالم
وائي
اوجاڳي جي آڳ،
آلاپيندي راڳ،
هانءُ نه هار او – سانوري.
کڻ ڪا وِکَ وڏاندري،
سامهون آهي ماڳ،
هانءُ نه هار او – سانوري.
پَسندينءَ پريئن ڇانوارا،
لهندئي دل جا داڳ،
هانءُ نه هار او – سانوري.
چوٽي چوٽي چمڪندا،
پنهنجن چندن ڀاڳ،
هانءُ نه هار او – سانوري.
پُهچي پئبو پار ڀي،
جهاڳي سمنڊ اَجهاڳ،
هانءُ نه هار او – سانوري.
نياز ملاح
غزل
مرڪين ٿو مهڪارن وانگر
تنهنجو پيار بهارن وانگر
عشق ڪري الزام کنياسون
چوريءَ جي ڏوهارِن وانگر
دل زمين جو ٽڪرو آ ڄڻ
قبضو ڪيئي ڀوتارن وانگر
تنهنجي نفرت ٽٽل ٻيڙي
منهنجو پيار ڪنارن وانگر
تنهنجا خط ۽ تنهنجون يادون
آهن نياز سهارن وانگر
هِڪَ نقاد ۾ ايتري صلاحيت هئڻ گهرجي جو هڪ ادبي
تخليق کي اُنَ جي سموري توانائي ۽ تهه داري سان گڏ
محسوس ڪري سگهي. ايئن هو انهيءَ صورت ۾ ڪري سگهي
ٿو، جڏهن هو پاڻ توانو ۽ تهه دار ماڻهو هجي. ۽
نقادن ۾ ته اهڙو ماڻهو گهٽ ئي هوندو آهي. ۽ اهڙو
ماڻهو جو جذباتي تعليم کان واقف هجي، ڳوليو نٿو
لڀي. علم ۽ فضل جي خيال کان ماڻهو جيترو وڌيڪ
هوندو آهي، گهڻو ڪري جذباتي شاستگيءَ کان اوترو ئي
وڌيڪ ڪورو هوندو آهي.
ــــــــ ڊي. ايڇ لارينس
خواجه حافظ شيرازي ۽ شاهه ڀٽائي
مخدوم محمّد زمان ”طالب المولى“
خواجه صاحب کي ”لسان الغيب“ جو لقب به مليل آهي،
ڇو جو سندس ديوان مان فال ڪڍبي ته اڪثر صحيح جواب
ملندو. خواجه صاحب سنه ستين هجري جو ماڻهو آهي.
سندس تولد جي تاريخ ملي نه سگهي آهي. خواجه شيرازي
پنهنجي شاعري سبب زندهه جاويد آهي ۽ سندس ڪلام جون
خوبيون لکبيون ته ڪافي کان زياده آهن، تنهن ڪري
انهن جي تعريفن ڪرڻ کي ڇڏي اصلي مقصد تي اچڻ ضروري
آهي.
خواجه حافظ شيرازيءَ جو نالو شمس الدين ۽ سندس
والد جو نالو مبارزالدين هو. خواجه صاحب جي
شاعريءَ ۾ بي باڪي ڪنهن کان به لڪل نه آهي. خواجه
صاحب ۽ شاهه ڀٽائي ٻئي انسان هئا ۽ منجهن سڀئي
انساني تقاضائون، تمنائون ۽ خواهشون وغيره موجود
هيون. شمس العلماء علامه شبلي نعماني خواجه حافظ
لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو آهي، جيڪو حافظ جي مطالعي ڪرڻ
مان معلوم ٿئي ٿو، مگر افسوس هن ڳالهه جو ٿئي ٿو
ته مولانا شبلي صاحب به خواجه صاحب جي ڪيترن ئي
شعرن جون هٿرادو ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب معنائون لکي
خواهه مخواهه عوام کي غلط فهميءَ ۾ مبتلا ڪيو آهي.
مثال طور خواجه صاحب جو هڪ شعر ۽ مولانا صاحب جي
ڪيل معنى هيٺ ڏجي ٿي.
ميِ دو ساله و محبوب چارده ساله
مرا بس ست ازاين صحبتِ صغير و کبير
معنى:
1-
ٻن سالن جو پراڻو شباب 14 سالن جي عمر جو معشوق
2-
مون لاءِ هڪ ننڍو ۽ ٻيو وڏو صحبت لاءِ بس آهن.
علامه شبلي ”مي دو ساله“ جي معنى قرآن شريف ڪئي
آهي ۽ معشوق ”چارده ساله“ جي معنى محمد (رسول الله
صلعم) ورتي آهي. شرح ڏسڻ لاءِ ڪڍو صفحو 263-
درحقيقت حافظ سڌو سنئون 100 پئسه سچو ۽ جنسي شعر
لکيو آهي، جنهن کان خود مولانا صاحب به آشنا آهي.
مولانا مرحوم بمبئي ۾ رهڻ واري دور ۾ مرحومه عطيه
بيگم فيضي سان مجازي عشق ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي
فارسي ڪلام ۾ به ذڪر ڪيو آهي. اهو شعر هيٺ لکجي
ٿو:
نثارِ بمبئي کُن هر متاعِ کهنه و نو را،
طرازِ مَسنِد جمشيدِ فرخّ تاجِ خسرو را.
بهرسو از هجومِ دلبرانِ شوخ و بيپروا،
گشتن از سِرره مشکل افتاد است رهرو را.
فغان از گرميء خوبان زرد شتي،
بهم آميخته از زلف و عارض ظلمت و ضو را.
بده ساقي مي باقي که در جنّت نه خواهي يافت
کِنارِ آبِ ”چوپاڻي“ و گلشگشتِ ”اپالو“ را.
”چوپاٽي“ ۽ ”اپالو“ بمبئي جا ٻئي ان وقت جا بهترين
هنڌ هئا جتي عطيه فيضي سان مولانا صاحب جون عشقيه
ملاقاتون ٿينديون هيون.
ش۾س العلماء مولانا شبلي نعماني جي انهيءَ عشقيه
داستان کي ڊاڪٽر وحيد قريشي ”شبلي کي حياتِ
معاشقه“ ۾ ”نفسياتي مطالع“ جي نالي سان تفصيلي طرح
پيش ڪيو آهي، جنهن کي صاحبِ ذوق و تحقيق پڙهي سگهن
ٿا.
عطيه فيضي سان ٻين به ٻن علامن مجازي معاشقو ڪيو
هو، جن جا نالا به قابل ذڪر آهن، مرحومه عطيه فيضي
صاحبه مون کي ٽنهي علامہ صاحبن جا اهي خط به
ڏيکاريا هئا، جن هڪ ٻئي سان عشقيه ذڪر و فڪر درج
هو. مرحومه فيضي هڪ اخبار ۾ به انهن خطن جو ذڪر
ڪيو هو.
عطيه بيگم صاحبه تقسيمِ پاڪ و هند بعد هميشہ لاءِ
پاڪستان آئي ۽ ڪراچيءَ ۾ ئي مدفون ٿي. عطيه فيضي
راڳ رنگ جي محفلن ڪرائڻ جي بيحد شوقين هئي ۽ محفل
۾ مون کي نه رڳو سڏيندي هئي، بلڪ ڳائڻن وغيره جي
ڪراچيءَ ۾ وٺي اچڻ جون فرمائشون به ڪندي هئي ۽
آئون فرمائشون نه رڳو پوريون ڪندو هوس مگر انهن
محفلن ۾ باقائده شريڪ پڻ ٿيندو هوس.
اهو ڪهڙو ضروري آهي ته هروڀرو شاعر جي خيالات سان
هٿ چراند ڪجي. ڪلام جي فقط ڏکين لفظن جي سچي ۽
صحيح معنى لکجي، پوءِ هر پڙهڻ واري تي ڇڏجي ته هو
ڇاٿو سمجهي ڇو ته اهو ضروري ڪونهي ته هر شخص هر
شارح سان اتفاق ڪري.
خود ڪلامِ الاهي سان به شارحن ۽ مفسرن ڪو نه
گهٽايو آهي.
اهو هر شخص کي حق پهچي ٿو ته هو جائز تحقيق ۽
تنقيد ڪري.
پير محمد شاهه ولد پير جڙيل شاهه راڄپاريءَ وارو
چوندو هو ته ”قرآن مظلوم آهي“. ننڍي هوندي انهيءَ
ڳالهه تان کلبو هو پر اڄ سمجهجي ٿو ته مرحوم سچ ٿي
چيو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ديسي سنڌي شاعريءَ جو
شهنشاهه آهي – سندن مٽ اڄ تائين پيدا نه ٿيو آهي ۽
نه ئي اڄ کانپوءِ به پيدا ٿيندو. ڀٽائي صاحب
پنهنجو جواب پاڻ آهي، جيڪي حضرات پاڻ کي ”لطيف
ثاني“ سمجهن ٿا ۽ ماڻهو به جن کي ”لطيف ثاني“
ڀانئين ٿا، اهي مڙئي صاحب غلط فهمي جو شڪار ٿيل
آهن.
شاعر سان هي ظلم ڪيو ويندو آهي ته ان جي ڪلام کي
سندس اصلي مفهوم کان پري رکيو وڃي يعني خواهه
مخواهه ان جي لفظن، جملن، تشبيهن ۽ استعارن وغيره
کي زور تي ٻين معنائن ۾ پيش ڪجي ۽ سڌن سنون مضمونن
جا پنهنجي مرضيءَ موجب تاويل ڪيا وڃن، جن جو فهم
به شاعري جي ذهن ۾ پيدا نه ٿيو هوندو. مي، ساغر ۽
مينا وغيره وغيره جي مفهوم کي ڦيرائي گهيرائي عجيب
و غريب معنائن ۾ منجهائي ڇڏيو وڃي – آخر هڪ انسان
پنهنجا صحيح جذبات ۽ تاثرات پيش ٿو ڪري، انهن جو
حُليو هروڀرو بگيڙي ڇو ڇڏجي، اهو طيرقو بلڪل
ناانصافيءَ جو آهي. واقعي شاعر جي ڪلام مان
ڪيترائي اهڙا شعر ضرور ملندا، جيڪي تنقيد طلب ٿين
ٿا، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڀلي ڪجي – باقي شاعر سگهڙ ته
ڪونهي جو ڏور ۽ ڳجهارتون ويهي ٿو لکي – شاعر آخر
ماڻهو آهي، وٽس هر انساني خواهش ۽ هر انسان کي
زياده کان زياده اهو ظلم ۽ ناحق ڀٽائي صاحب جي
ڪلام سان ٿيل آهي – ڀٽائي صاحب جيڪڏهن وري اڄ
جيئرو ٿي اچي، اهو حال ٿيل پنهنجي ڪلام سان ڏسي ته
شارحن تي بدناموسي ۽ چوري جو ڪيس ڪورٽ ۾ داخل ڪري
ها ۽ آئون اک ڏٺي جو شاهدي ڏيان ها.
ڀٽائي صاحب جو ڪلام هڪ لاوارث لاش وانگر آهي، جنهن
کي جيئن وڻيو آهي، تيئن وڍ ڪٽ ڪئي آهي، انهيءَ وڍ
ڪٽ کي هڪدم بند نه ڪيو ويو ته اهو سلسلو هميشہ
جاري و ساري رهندو، جيڪو مونجهاري پيدا ڪرڻ
کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏيندو.
آئون لائقڏني فقير تمراڻي، درگاهه ڀٽائي صاحب جي
سجاده نشين پير غلام شبير صاحب ۽ سندن فرزندن پير
غلام حيدر شاهه ڀٽائي عرف گلڻ سائين، ناز لطيفي
صاحب ۽ پير پيرل شاهه جن کي اپيل ٿو ڪريان ته سڀئي
گڏجي فوري طرح ڀٽائي صاحب جي ڪلام تي خاص ڌيان
ڏين.
ڀٽائي صاحب ننڍي هوندي ئي مجازي عشق ۾ ملوث ٿي ويو
هو، جنهن جو ذڪر سوانح نگارن کلي طرح ڪيو آهي،
يعني مرزا مغل بيگ جي نياڻي سان سندن پيار پيدا
ٿيو ۽ اڳتي هلي انهي ئي مائي سان شادي ٿي. تفصيل ۾
وڃڻ ضروري ڪونهي.
يقيناً ڀٽائي صاحب جو ابتدائي ڪلام مجازي رنگ ۾ ئي
آهي صرف پڙهندڙن جي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.
جنهن ”ديوان حافظ“ تان مون مٿيون پهريون شعر ورتو
آهي. ان جو پتو هي آهي.
”ديوان حافظ“ مترجم اردو
مع سوانح عمري خواجه حافظ شيرازي
مولفہ
1-
شمس العلماء مولانا شبلي نعماني رحمة الله عليہ
ملک سراج الدين اينڊ سنز 10 جون 1961ع کان اڳ ڇپيل
بار اولّ ناشران کتب کشميري بازار لاهور
2-
”بده ساقي مي باقي که در جّنتّ نخواهي يافت“
اها سٽ حافظ شيرازي جي ديوان واري پهرين غزل جي
آهي
نمبر1- مون ٻڌو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڀٽائي صاحب جي ڪلام جو مڪمل شرح لکي رهيو آهي،
جنهن ۾ آيات قرآني ۽ حديث شريف سان ڀيٽ به ڪئي پئي
وڃي ۽ اهو ضخيم ڪتاب ٿيندو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ
کي مليو ته هڪدم ڇاپي پڌرو ڪيو ويندو ۽ جي ٻي ڪنهن
اداري ڇاپيو ته اتان حاصل ڪبو.
منهنجي ذاتي راءِ ۽ نظريي موجب گذريل محققن توڙي
اڄ ڪلهه سڀني زنده محققن مان ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ وڌيڪ ۽ بهترين محقق آهي.
نمبر2- ڀٽائي صاحب توڙي ٻين شاعرن اعراب مان
معنائون ورتيون آهن، جيڪا سنڌ ديسي شاعريءَ جي
عظيم خصوصيت آهي-
مثال طور مولانا رحيم بخش قمر لاکو مون وٽ آيو،
جيڪو مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاهه جي مسجد جو
پيش امام آهي، ۽ اچي پڇيائين ته هن بيت جي معنى
ٻڌايو-
سَرَ لَوهِيڙا ڳڀيا – ڪُ سَرَ نسريا
تو ڪئن وسريا – ڍوليا ڏينهن اچڻ جا
قمر صاحب پڇيو ته لوهيڙا ته نه ڳڀبا آهن ۽ نه ئي
ڦر ڏيندا آهن، پوءِ ڀٽائي صاحب لوهيڙا ڳڀجڻ ڪيئن ۽
ڇو چيو آهي؟ |