انگريزن، سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌي پرائمري ۽
انگيرزي هاءِ اسڪول کوليا. ان سان گڏ ڪن خانگي
ادارن جي طرفان پڻ انگريزي اسڪول هلي رهيا هئا،
انهن اسڪولن ۾، صرف ڇوڪرن جي تعليم جو بندوبست ڪيل
هو. ڪن اسڪولن ۾، ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪريون پڻ تعليم
پرائينديون هيون، جن ۾ مسلمان ڇوڪريون، تمام
ٿوريون هونديون هيون. سنڌ ۾، مسلمان ڇوڪرين جي
تعليم لاءِ ڪو به ثانوي اسڪول ڪو نه هو، جتي هو
دنيوي تعليم سان گڏ انگيرزي ۽ دبئي تعليم حاصل ڪري
سگهن. هن کان اڳ ميان حسن علي آفندي، سيد الهندي
شاهه ۽ ميان نور محمّد مسلمان ڇوڪرن لاءِ، ڪراچي،
نوشهروفيروز ۽ حيدرآباد ۾ تعليمي درسگاهون قائم
ڪيون؛ جن ۾ پڻ مسلمان ڇوڪرا، انگريزي تعليم سان گڏ
ديني تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. سنڌ مسلم ادبي
سوسائٽي زناني تعليم جي اهميت کي محسوس ڪندي، ان
طرف سڀ کان وڌيڪ توجهه ڏنو.
سنڌ 1939ع ۾ سوسائٽيءَ جي بانيڪارن سيد ميران
محمّد شاهه، خانبهادر محمّد صديق ميمڻ ۽ محمّد
اسلم، ”انجمن حمايت الاسلام“ لاهور جي زناني اسڪول
۽ جالنڌر جي ”مدرسة البنات“ جو وڃي معائنو ڪيو.
”انجمن حمايت الاسلام“، مسلمان نياڻين جي تعليم جي
سلسلي ۾، وڏي خدمت سرانجام ڏئي رهي هئي. ان اسڪول
۾، انگريزي تعليم سان گڏ ديني، هُنري ۽ خانه
داريءَ جو ڪم پڻ سيکاريو پئي ويو. ساڳئي وقت،
جالنڌر جو ”مدرسة البنات“، هندستان جي نياڻين جي
هڪ اعلى درسگاهه هئي؛ جنهن ۾ پڻ مٿئين ريت، تعليم
ڏيڻ جو نمونو، رواج ۾ هو. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي،
انهن ٻنهي اعلى درسگاهن جي آزمودي ۽ تجربي کي آڏو
رکي 1- اپريل 1940ع تي حيدرآباد شهر ۾، ”مدرسة
البنات“ جي نالي سان، نياڻين جي درسگاهه جو بنياد
وڌو. (31) هن مدرسي ۾ انگريزي تعليم سان گڏوگڏ
قرآن ڪريم، عربي، سنڌي، اردو ۽ دينيات جي تعليم
ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو. انگريزي، عربي ۽ اردو
تعليم پڙهائڻ لاءِ هڪ اعلى تعليميافته، عليڳڙهه
يونيورسٽيءَ جي بي – اي – پاس مسلمان معلمه مقرر
ٿيل هئي. ان کان علاوه، ٻه تجربيڪار مسلمان
ماسترياڻيون ۽ قرآن ڪريم سيکارڻ الءِ هڪ خاص معلمه
مقرر ٿيل هيون. مدرسي جي منتظمه ڪاميٽيءَ جي
چيئرمين ڊاڪٽر مس محمّد علي ۽ هيڊ مسٽريس مس اي –
شيخ صاحبه هئي. مدرسي ۾ نياڻين جي پردي جو پورو
پورو بندوبست ٿيل هو. نيانين جي آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ،
پٽيوالين ۽ هڪ خاص بس جو انتظام ٿيل هو. (32) هيءُ
مدرسو شروع ۾، هڪ خانگي جاءِ ۾ هلايو ويو. بعد ۾
مدرسي جي عمارت لاءِ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ، سنڌ
سرڪار جي منظوري سان، ڏهه هزار فوٽ زمين ڏني.(33)
25- آگسٽ 1940ع تي مدرسة البنات جي سنگ بنياد رکڻ
لاءِ آنربل سيد غلام مرتضى شاهه (جي ايم سيد)،
وزير تعليم سنڌ جي صدارت ۾، هڪ جلسو ٿيو. ڊاڪٽر
شيخ محمّد ابراهيم ”خليل“ افتتاحيه قصيدو پڙهيو.
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي سيڪريٽريءَ خانبهادر
محمّد صديق ميمڻ جي رپورٽ کانپوءِ سوسائٽي جي صدر،
سيد ميران محمّد شاهه پنهنجي تقرير ۾ اسلامي،
سياسي ۽ معاشرتي نقطه نظر سان، عورتن جي تعليم تي
روشني وڌي. شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمّد دائود
پوٽي تعليم نسوان تي، اسلامي احڪامن جي مدنظر تي،
هڪ پُراثر تقرير ڪئي. مخدوم ميان غلام حيدر صديقي
پنهنجي هٿن سان، مدرسي جي عمارت جو سنگ بنياد
رکيو. آخر ۾ سيد غلام مرتضى شاهه پنهنجي صدارتي
تقرير ۾، سوسائٽي جي ڪم کي ساراهيو ۽ پنهنجي طرفان
پوري امداد ڪرڻ جو يقين ڏياريو. (34) ٻئي ڏينهن 26
– آگسٽ 1940ع تي، مسلمان عورتن جو جلسو سڏايو ويو،
جنهن جي صدارت بيگم حاجي عبدالله هارون ڪئي. (35)
انهيءَ جلسي جي ڪارروائي، روزنامه ”الوحيد“ ڪراچي،
3- آگسٽ 1940ع واري اشاعت ۾ وڏي سُرخيءَ سان شايع
ڪئي. ”مدرسة البنات“ اڄ به قائم آهي ۽ اسان جي
بزرگن جي ڪيل ڪوششن ۽ محنتن جو هڪ روشن مينار آهي.
پُڄاڻي
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، هڪ اهڙي دور ۾ پيدا ٿي؛
جنهن کي ائين کڻي چئجي، ته اهو ڌارين جي بالادستي
جو دور هو. اُن دور ۾ سنڌ، انتظامي لحاظ کان،
بمبئي پريزيڊنسيءَ جو هڪ پرڳڻو هئي. ان بابت اسان
منڍ ۾، ڪافي تفصيل سان بيان ڪري آيا آهيون. سنڌ
ملڪ، بمبئي پريزيڊنسيءَ کان ڪافي پري هو ۽ اُن کي
هر لحاظ کان نظرانداز رکيو پئي ويو. سنڌ ۾ قائم
ٿيل تعليم کاتو پڻ ان ڏس ۾، سنڌي زبان، ادب، ثقافت
۽ معاشري جهڙين ڳالهين کي، وسيع نموني ۾ ايترو
اُجاگر ڪري نه سگهيو. ان دور ۾ ٻيون ڪيتريون علمي
۽ ادبي تنظيمون وجود ۾ اچي چڪيون هيون، جن
پنهنجيءَ پنهنجيءَ پر ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي وڌڻ ۽
ويجهڻ لاءِ، ڪوششون پئي ورتيون: ليڪن اُهي به ڪن
سياسي ۽ فرقي پرستيءَ جي دامن ۾ جڪڙجي، پوئتي پئجي
ويون، اهڙي ڏکئي ۽ مشڪل وقت ۾، سنڌ مسلم ادبي
سوسائٽيءَ جو قيام، سنڌ وارن لاءِ هڪ عظيم ڪارنامي
کان گهٽ نه آهي. سوسائٽي جي اعلى معيار، وسعت
نگاهه، حيرت انگيز ڪارنامن ۽ مثالي ڪدردار کي ڏسي،
اسان سنڌ واسين کي، اُن تي جيترو به فخر ۽ خوشي
ڪرڻ گهرجي، اها تمام ٿوري آهي، سنڌ مسلم ادبي
سوسائٽي علم ۽ ادب، دين ۽ مذهب، تواريخ، فن ۽
ثقافت بابت، جيڪا اڻ ٿڪ ڪوشش ۽ خدمت ڪئي آهي؛ اها
صدين تائين، سنڌ جي علمي ۽ ادبي تواريخ ۾ هڪ سنگ
ميل جي حيثيت رکندي. دنيا جون زندهه ۽ مهذب قومون،
پنهنجن اهڙن ادارن جي ڪيل خدمتن تي، هميشه ناز ۽
فخر ڪنديون آهن. سوسائٽيءَ لڳاتار ويهه ورهيه، سنڌ
جي خدمت ڪئي ۽ مٿي بيان ڪيل مختلف عنوانن تي،
پنجهتر ڪتاب ڇپائي، سنڌي زبان ۽ ادب جو دامن ايترو
ته وسيع ڪيو، جو اهي ڇپايل ڪتاب صدين تائين يادگار
جي حيثيت رکندا.
سوسائٽي جو ٻيو عظيم ڪارنامو اهو آهي ته هن پنهنجي
پليٽ فارم تي، سنڌ جي وڏن جيد عالمن، اديبن، شاعرن
۽ اهل ذوق کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، مرڪزيت قائم ڪئي،
سواءِ ڪنهن مت ڀيد جي انهي سڀني عالمن ۽ اديبن کي
هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. سوسائٽي ۾ ڪڏهن
به ٻه اکيائي کان ڪم نه ورتو، ننڍن خواهه وڏن،
مشهور خواهه غير معروف اديبن ۽ شاعرن جي رهبري ۽
رهنمائي ڪئي ۽ انهن سڀني جي هڪ جهڙي همت افزائي
ڪري، کين سنڌي ادب سان متعارف ڪرايو. طرحي ۽ غير
طرحي مشاعرن کي همٿايو ويو، جنهن جو بنياد، اڳ ۾
ئي جميعت الشعراءِ سنڌ طرفان پئجي چڪو هو. اهڙي
طرح سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ، سنڌي زبان ۽ ادب جي
سڀني تقاضائن کي ظاهر ڪري، ادب جي اصل مقصد ۽ رخ
کي اجاگر ڪيو.
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي کي هلائڻ ۽ اُن کي ترقي
وٺرائڻ ۾، خانبهادر محمّد صديق ميمڻ جو وڏو ڪردار
آهي، جيتوڻيڪ ميمڻ صاحب، ڪنهن حد تائين تنقيد جو
هدف به رهيو؛ ليڪن هُن ڪڏهن به همت نه هاري. هُن
پنهنجي خلوص وارن دلي دوستن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن
جي مجموعي قوت ۽ همت سان، سوسائٽي کي لڳاتار ويهه
ورهيه هلايو. هن اداري کي ڪابه سرڪاري سرپرستي
حاصل ڪانه هئي. شروع ۾، کين پنهنجي پريس به ڪانه
هئي، ليڪن انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، هن باهمت
مرد، سوسائٽي کي هلايو ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته
قيام پاڪستان کانپوءِ به هن اداري جي شمع ٽمڪندي
رهي، جتي خلوص، محبت ۽ اورچائي هوندي آهي اتي
انسان ڪڏهن به نااميد ۽ نراس نه رهندو آهي. آخر ۾،
هن علمي ۽ ادبي اداري جي اها ٻرندڙ شمع، دنيا جي
انقلابن ۽ حالتن جو شڪار ٿي، هميشه لاءِ گُل ٿي
ويئي. جيستائين سنڌي زبان ۽ ادب زندهه آهي،
تيستائين سوسائٽيءَ جا علمي ۽ ادبي ڪارناما ياد
رهندا.
هتي، افسوس سان اهو ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته سنڌ جي
قومي، علمي ۽ ادبي ادارن سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي
انهن ناياب ڪتابن کي، ٻيهر شايع نه ڪيو آهي، جنهن
ڪري اسان جو اهو سمورو علمي ۽ ادبي خزانو ناس ٿي
ويندو ۽ انهن ڪتابن جا نالا يادگار طور وڃي رهندا.
دراصل سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو روح روان، سنڌ جو
مشهور عالم ۽ روحاني رهبر، مخدوم ميان غلام حيدر
صديقي هالائي هو؛ جنهن هن اداري جي هڙئون ۽ وڙئون،
تمام گهڻي مدد ڪئي، انهيءَ ساڳئي خاندان جو هڪ
اعلى اديب، شاعر ۽ روحاني رهبر، قبله مخدوم محمّد
زمان ”طالب المولى“ صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جو
چيئرمين آهي. سندن خدمت ۾ نماڻو عرض آهي ته پنهنجي
وڏن جي هن قومي ورثي کي، تباهي ۽ برباديءَ کان
بچائڻ لاءِ ڪو قدم کڻي.
آخر ۾ ايترو ضرور چوندس، ته انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو کي جس هجي، جنهن
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي ڪن تواريخي ڪتابن کي
ٻيهر شايع ڪرايو آهي. اچو ته اسان سڀ گڏجي، سنڌ جي
اهڙن قديم علمي ۽ ادبي ادارن طرفان شايع ٿيل ڪتابن
کي وري وري ڇپايون ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جو دامن
هميشه مالا مال رهي. ڪنهن شاعر، ڪهڙو نه سچ چيو
آهي:
”قوم زندهه ٿي رهي، پر جي زبان زندهه رهي!“
حوالا
(1)
تفصيل لاءِ ڏسو ”گدائي“ عبدالڪريم، ”1857ع جي جنگ
۾ سنڌ جو حصو“ (مضمون).
ماهوار ”نئين زندگي“ ڪراچي سنڌ، مارچ 1968ع، ص 30
کان 34.
(2)
رامواڻي موتيرام – ايس: ”سنڌ ۾ پبلڪ جيوت جو
اوائلي دور“
(مضمون)، ڏسو هفتيوار ”هند واسي“ بمبئي، 1969ع، ص
5
(3)
Sorley. H. T. The Gazetteer of
West Pakistan – The former Provice of Sindh,
West Pakistan Government Karachi, 1968, pp 67.
(4)
”اٻوجهو“ الهه بخش مولوي: ”مسدس اٻوجهو“، سنڌ مسلم
ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ، 1934 ص 54
(5)
ايضاً، ص 56
(6)
سيد جي ايم: ”سنڌ جي بمبئي کان آزادي“، حيدري
پرنٽنگ پيرس حيدرآباد سنڌ، 1968ع، ص 91، 92
(7)
شيخ عبدالرزاق ”راز“: ”آزادي جي تحريڪ ۽ سنڌ“
(مضمون)، ڏسو ماهوار ”نئين زندگي“ ڪراچي سنڌ، آگسٽ
1968ع، ص 29
(8)
ايضاً، ص 28
(9)
سيد ميران محمّد شاهه: ”سنڌ جي علحدگي جي تواريخ“
(مضمون)، ڏسو روزنامه ”الوحيد“ ڪراچي سنڌ جو ”سنڌ
آزاد نمبر“، 1936ع، ص 115
(10)
ايضاً
(11)
ايضاً، ص 116
(12)
ايضاً
(13)
ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي
سوسائٽي حيدرآباد، سال 32-1931ع ۽ ادبي تحفو“،
مسلم ادبي (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ، ص
ج
(14)
ميمڻ محمّد صديق: ”سنڌي ساهت ڪانفرنس 1936ع –
صدارتي تقرير“، مسلم ادبي (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس
حيدرآباد سنڌ، ص 16
(15)
ايضاً
(16)
ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي
سوسائٽي حيدرآباد، سال 32-1931ع ۽ ادبي تحفو“،
مسلم ادبي
(اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ، ڏسو پويون سر
ورق.
(17)
ايضاً، ص ج
(18)
ايضاً
(19)
ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ساليانو جلسو، سال 34-
1933ع ۽ ادبي تحفو، مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس
حيدرآباد سنڌ، ص الف، ب
(20)
ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ساليانو جلسو، سال 35 –
1931ع ۽ ”ادبي تحفو“، مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ
پيرس حيدرآباد سنڌ، ص 1، 2
(21)
ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، سال 32 – 1931ع ۽
”ادبي تحفو“، مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پيرس
حيدرآباد سنڌ، ص 6
(22)
ايضاً، ص 13
(23)
ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ساليانو جلسو، سال 34 –
1933ع ۽ ”ادبي تحفو“، مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ
پيرس حيدرآباد سنڌ، ص 1
(24)
ايضاً، ص 3
(25)
ايضاً، ص 2
(26)
ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ساليانو جلسو، سال 35 –
1934ع ۽ ”ادبي تحفو“،
مسلم ادبي
اليڪٽرڪ پرنٽنگ پيرس حيدرآباد سنڌ، ص 34، 35
(27)
ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ساليانو جلسو، سال 32 –
1931ع ۽ ”ادبي تحفو“، ص 14
(28)
ايضاً، ص 31
(29)
ايضاً، ص 32
(30)
ايضاً، ص 29، 30
(31)
ميمڻ محمّد صديق: ”مدرسة البنات
جو افتتاح“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ،
1941ع، ص 7
(32)
ايضاً
(33)
ايضاً، ص 8
(34)
ايضاً، ص 37
(35)
ايضاً، ص 38
رغبة الطالبين - ٽالپور دؤر جو
عبدالرزاق گهانگهرو
سن 1197هه/1783ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپور، ڪلهوڙڻ
جي آخري حڪمران ميان عبدالنبي خان کي هالاڻيءَ جي
ميدان تي شڪست ڏئي، سنڌ ۾ ٽالپورن جي صاحبي شروع
ڪئي. (1) ٽالپور، ڪلهوڙن وانگر سنڌ جا اصل باشندا
هئا. سندن زبان سنڌي ۽ سرائڪي هئي، پر ان هوندي به
ٽالپور حڪمرانن سنڌي ٻولي جي وڏي سرپرستي ڪئي. سنڌ
جا ٽالپور حڪمران عالمن جا قدردان ۽ علم پرور هئا.
سندن درٻار ۾ هر وقت عالم، اديب ۽ شاعر رهندا هئا.
هن دور ۾ سنڌي نظم ۽ نثر پورو عروج حاصل ڪيو.
ڪلهوڙن جي دور وارو ديني ادب هن دور جي مڪتبن ۽
مدرسن ۾ رائج هو. سنڌ جا ٽالپور حڪمران ڪتاب پڙهڻ
۽ گڏ ڪرڻ جا شوقين هئا ۽ سندن عاليشان ڪتب خانه
قائم هئا (2). سندن حويلين ۾ شهزادين کي پڻ دنيوي
توڙي ديني تعليم ڏني ويندي هئي. شهزادين وٽ پڻ جدا
جدا ڪتب خانا هئا ۽ وٽن پگهاردار ڪاتب مقرر ڪيل
هئا. فن ڪتابت ۽ خوش نويسي هن دور ۾ زور ورتو. هن
دور ۾ نهايت ئي قابل، قدر خوشنويس ۽ ڪاتب ٿي گذريا
آهن. هن دور ۾ ڪو به بهترين ڪتاب عرب يا عجم کان
سنڌ ۾ پهچندو هو ته ڪاتب انهن کي نقل ڪري مير
صاحبن جي خدمت ۾ پيش ڪندا هئا. هر ننڍي توڙي وڏي
شهر ۽ ڳوٺ ۾ مدرسا ۽ مڪتب قائم هئا، جن ۾ ديني
تعليم ڏني ويندي هئي (3).
ٽالپورن جي دور جي تعليمي سرشتي بابت برٽن پنهنجي
راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ”ٽالپورن جي دور ۾ چئن سالن
جي عمر ۾ ٻارن کي مدرسي ۾ موڪليو ويندو هو، جتي
مولوي يا آخوند تعليم ڏيندا هئا. صبح کان وٺي شام
تائين ٻار پڙهڻ ۾ رڌل هوندا هئا. پهرايئين آخوند
ٻارن کي ”اَلحَمدُللهِ- رَبِ العَالَمِينَ“ جا اکر
سڃاڻائيندو هو، ان کان پوءِ قرآن پاڪ جي پوئين
پاري جون سورتون ياد ڪرايون وينديون آهن ۽ ساڳئي
وقت لکڻ شروع ڪرائبو هو. اهڙي طرح لکڻ ۽ پڙهڻ
سيکاريو ويندو هو. ان کانپوءِ معنى ۽ مطلب کان
سواءِ قرآن پاڪ پڙهايو ويندو هو، جڏهن ٻار جي عمر
نو سال ٿيندي هئي ته ان وقت مروج سنڌي زبان، جنهن
۾ نور نامون هو، پڙهائي ويندي هئي. مخدوم محمّد
هاشم جا ڪتاب، جن ۾ شروعات تفسير سان ڪيل آهي،
پڙهايا ويندا هئا. ان کانپوءِ نثر ۽ نظم ۾ باقي
ڪتاب پڙهايا ويندا هئا (4)“ ان نموني ٽالپورن جي
دور ۾ مدرسن ۾ تعليم جو رواج هو، جنهن جي متعلق
سنڌ جي مؤرخن ڪافي روشني وڌي آهي. ٽالپور حڪمران
مدرسن جي خرچ وغيره جو بار خود برداشت ڪندا هئا.
هر هڪ مدرسي ۾ اعلى تعليم يافتہ مولوي يا مخدوم
مقرر ٿيل هوندا هئا، جن کي حڪومت جي طرفان پگهار
ملندو هو (5).
ٽالپورن جي دور ۾ سيوهڻ، ٽلٽي جي ڀرسان ٽپٽه،
کهڙا، مٽياري، عمرڪوٽ ۽ چوٽياريون علم ۽ عرفان جا
مرڪز هئا. انهن مدرسن ۾ صرف نحو، منطق، قفہ،
تفسير، حديث، معافي، بيان ۽ بديغ وغيره جهڙا علم
سيکاريا ۽ پڙهايا ويندا هئا (6). ٽالپرن جي دور ۾
مٽيارين جي هڪ بزرگ آخوند عزيز الله مٽياروي
تيرهين صدي جي وچ ڌاري قرآن پاڪ جو سنڌي نثر ۾
ترجمو ۽ حاشيو لکيو (7). آخوند عزيز الله کان اڳ ۾
مولانا ميان مهرو دل به هن دور جو هڪ بلند مرتبي
وارو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن قرآن پاڪ جي
اُڻٽيهين پاري ”تبارڪ الذّي“ جو ترجمو ۽ تفسير
لکيو آهي، جنهن جو اسان هتي علمي ۽ ادبي لحاظ کان
جائزو پيش ڪريون ٿا.
1. مفسر جو تعارف:
مولانا ميان مهرو جي زندگي جو ڪو به مفصل ۽ مستند
احوال ميسر ٿي نه سگهيو آهي. هندساتن جي هڪ سنڌي
عالم ڊاڪٽر ديال آشا پنهنجي ڪتاب ”سنڌي شعر جي
تواريخ“ ۾ هن بزرگ جو شمار سنڌي شاعرن ۾ ڪيو آهي ۽
ان جي باري ۾ وڌيڪ ڪو به احوال نه ڏنو آهي(8).
مرحوم محمّد صديق ميمڻ ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾
مولانا ميان مهرو جي تفسير“ رغبة الطالبين“ جي
حوالي سان سندس باري ۾ مختصر احوال بيان ڪيو آهي،
انهيءَ احوال جو بنياد مولانا ميان مهرو جي خود
پنهنجي تفسير ۾ ڏنل احوال تي آهي. مرحوم محّمد
صديق ميمڻ مولانا ميان مهرو جي باري ۾ لکي ٿو ته
”مولانا ميان مهرو ولد سرهيو ولد موٽيو ويٺل پراڻ
بابت وڌيڪ احوال ملي نه ٿو سگهي، پر ايتري پڪ آهي
ته هو لاڙ جو ويٺل هو ۽ ٺٽي جي ڪنهن عالم وٽ پڙهيو
هو. ڇاڪاڻ ته تفسير ۾ سندس ٻولي اها آهي، جيڪا
مخدوم محمّد هاشم ۽ ٺٽي جي ٻين عالمن ڪم آندي
آهي.“(9)
مولانا ميان مهرو پنهنجي متعلق پنهنجي تفسير ”رغبة
الطالبين“ ۾ ٻن هنڌن تي هن طرح ذڪر ڪيو آهي:
پڄاڻان حمد ۽ صلواة جي چوءِ ٿو گولو گولن اڀرن ڪنا
جو محتاج آهي ڏونہ رب تعالى، جو غني غفارا
آهي غني جنجي ۽ منجه سڀڪہ ساعت ليل ۽ نهارا
جو اميد نيندڙ آهي بخشش الله جي جو منجه دنيا ۽
آخرتا
نالو ان جو مهرو پٽ سرهيي جو قوم دَلن جي ڪنا
جو سرهو پٽ موٽي جو پراڻ سندو ساڪنا…الخ (10).
انهيءَ مٿئين بيان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مولانا
ميان مهرو ذات جو دَلُ هو ۽ پراڻ جو ويٺل هو، سندس
هن تفسير کي ڏسي اهو به چئي سگهجي ٿو ته مولانا
ميان مهرو ٻين به ڪيترن ئي ڪتابن جو مؤلف ۽ مصنف
هوندو، جيڪي زماني جي دست برد جو شڪار ڏسجن ٿا.
اگر هن ڏس ۾ اڃا به وڌيڪ جستجو ڪئي وڃي ته ممڪن
آهي ته سندس ٻي به ڪا ناياب ۽ قيمتي تصنيف ظاهر ٿي
پوي. بهرحال مولانا ميان مهرو جي باري ۾ جيستائين
ڪو مستند احوال ميسر ٿي سگهي، تيستائين اسان
انهيءَ مٿئين احوال تي اڪتفا ڪريون ٿا.
2ـ تفسير جو تعارف:
تفسير ”رغبة الطالبين“ قرآن پاڪ جي اُڻٽيهين پاري
”تبارڪ الذي“ جو ترجمو ۽ تفسير آهي، مولانا مهرو
پنهنجو هي تفسير 1206هه/1791ع ۾ لکيو. هي تفسير
ٽالپورن جي دور جو هڪ ناياب تفسير آهي. (11) هي
تفسير قاضي ابراهيم بن قاضي نور محمد پلبندري ۽
نورالدين جيوا خان، حيدري پريس بمبئي مان ليٿو ۾
ڇپائي پڌرو ڪيو. اهو ڇاپي تفسير 574 صفحن تي مشتمل
آهي. هن تفسير جي آخر ۾ ڇپائيندڙ طرفان هي عبارت
ڏنل آهي:
”الحمدلله وامنة ته هن ايامن نيڪن ۽ منجه هن زماني
نيڪ فرجام جي هي تفسير سيپاري تبارک جو سانن
اهتمام بنده درگاه مبين خير خواه امت رسول الامين
قاضي ابراهيم بن قاضي نور محمّد پلبندري ۽
نورالدين جيوا خان مطبع حيدري بمبئي ۾ ڇاپيو.“(12)
3ـ تفسير جي تاليف جو سبب:
قديم دور جا جيڪي به سنڌي تفسير دستياب ٿيا آهن،
تن ۾ اڪثر انهن جي اهميت ۽ انهن جي تاليف جو سبب
بيان ڪيو ويو آهي، ته جيئن پڙهندڙن کي اهو ذهن
نشين ٿئي ته هن تفسير جي لکڻ جو اصل ڪارڻ ڪهڙو هو
۽ ان جا ڪهڙا محرڪ هئا. انهيءَ ساڳئي اصول تي
مولانا ميان مهرو پنهنجي هن تفسير ”رغبة الطالبين“
جي مقدمي ۽ ان جي آخر ۾ هن تفسير جي لکڻ جو سبب
ڄاڻايو آهي. مولانا ميان مهرو ان سلسلي ۾ لکي ٿو:
تانپي طلب ڪئي مون کي هيڪڙي جماعت محبن منجا
هوا جي هم مجلس مهجا، منجا شاگردنئا
تن چيو مون کي هي ڪلام گهڻا مرتبا
ته تفسير سيپاري تبارڪ الذي جو منجه سنڌي لغتا
جي جوڙي تون جمع ڪري منجه واٽ خدا
ته هوند نفع وٺن گهڻا ان منجا مومن مرهاتا
جي واقف نه آهين عربي جا مگر سنڌي ڄاڻن ٿا
ته پڙي ان ڪتاب کي ڪن تهجي حق ۾ پڻ دعا
پوءِ برڪت دعا ان جي جڙيئي اجر عظيما
تڏه شروع ڪيم هن ڪتاب ۾ ڇڏي ٻي سڀڪا…الخ(13).
مولانا ميان مهرو جي انهيءَ مٿئين عبارت مان اها
ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته کانئس اڳ ۾ ڪلهوڙڻ جي دور ۾
قرآن پاڪ جي آخري پاري ”عَمَّ“ جو تفسير سنڌي ۾
پڙهيو ٿي ويو. ان ڪري انهي ڳالهه کي محسوس ڪندي،
سندس دوستن ۽ شاگردن کيس پاري ”تبارڪ الذي“ جو
تفسير سنڌيءَ ۾ لکڻ جي طرف راغب ڪيو.
4ـ تفسير جي ترتيب ۽ سٽاءَ:
مولانا ميان مهرو پنهنجي هن تفسير جي ترتيب ۽
سٽاءَ کي پنهنجي دور جي سنڌي عالمن وانگر قائم
رکيو آهي، هن تفسير جو گهري نظر سان مطالعو ڪرڻ
سان معلوم ٿئي ٿو ته ان جي ترتيب ۽ سٽاءَ تي مخدوم
محمّد هاشم ٺٽوي جو اثر غالب آهي. سڀ کان پهريائين
مولانا صاحب تفسير کان اڳ ۾ هڪ عالمانه مقدمو ڏنو
آهي، جنهن ۾ تعوذ، بسم الله ۽ سورة فاتحه جون
فضيلتون بيان ڪيون آهن، انهن فضيلتن بيان ڪرڻ
کانپوءِ مولانا ميان مهرو پاري ”تبارڪ الذي“ جي هر
هڪ سورت جو ترجمو ۽ تفسير شروع ڪيو آهي. تفسير
بيان ڪندي، ڪيترين جاين تي سورتن جي ترجمي ۽ تفسير
بيان ڪرڻ کان اڳ ۾، انهن سورتن جو شان نزول بيان
ڪيو ويو آهي. مثلاً سورة ”والمرسلت“ جو تفسير بيان
ڪرڻ کان اڳ مولانا صاحب ان جو شان نزول هن طرح
بيان ڪري ٿو:
”آهي تفسيرن سڳورن ۾ ههڙي پچارا
تجڏه انڪار ڪيو قريشن مڪيجي قرآن ڪريم ڪنا
جيئي نه مڃياءُ قرآن ڪريم کي احڪام ان سندا
۽ نه مڃياءُ رسالت رسول ڪريم جي جو پاڪيزو پيغمبرا
ڪياءُ انڪار قيامت جو ۽ هولن ان جي ڪنا
تڏه نازل ڪئورب تعالى هن سور کي قسمن
طريقا…الخ(14)
مولانا ميان مهرو ڪيترن سورتن جو تفسير بيان ڪرڻ
کانپوءِ انهن جون فضيلتون به بيان ڪيون آهن. مثلاً
سورة الجن“ جي ترجمي ۽ تفسير بيان ڪرڻ کانپوءِ
انهن جون فضيلتون به بيان ڪيون آهن. مثلاً سورة
الجن“ جي ترجمي ۽ تفسير بيان ڪرڻ کانپوءِ ان جي
فضيلتن کي مولانا صاحب هن طرح بيان ڪيو آهي:
تانپي اهي حديث نبوي ۾ هنپر بيانا
ته فرمايو رسول رب جي هيءَ حديث مبارڪا
تجيڪو پڙي سورة جنّ کي صدق سچه منجا
ته مقابل سڀڪنہ قبيلي جي جن آندو ايمانا
ڪِ نه آندو ايمان مٿي مير محمّد مقتدى
ڪَرَ گولو وٺي اُجو ڪناءِ منجه نام خدا
۽ پڻ فرمايو رسول رب جي سچي سردارا
تجيڪو پڙي قُل اُوجِي کي صدق سچه منجا
ته نه نڪرندو اوءِ شخص دنيا جي دار ڪنا
جيسي نه ڏسندو اوءِ منجه بهشت مڪان پهچي کا…الخ
(15)
مجموعي طرح مولانا ميان مهرو پنهنجي هن تفسير کي
ان طرح ترتيب ڏنو آهي. تفسير جي آخر ۾ پنهنجي دور
جي همعصر عالمن وانگر، هن تفسير جي تاليف جو سن
ڄاڻايو اٿائين، جيئن مولانا صاحب لکي ٿو:
تانپي جڏه هي ناقص جو اچي ٿيو تماما
تڏه نظر ڪئم ورهنم ته ڪيترا هين گذرئا
تان پاره سان ڇهه گذرنا ڪئا هجرة حبيبا
هئي تاريخ چوڏه ڪنا مهيني ڏي قعدا
۽ هو ڏينہ خميس جو ۽ وقت سندو ضحي
۽ منجه جورڻ ان نسخي جي مون کي لگا ڇهه ماه ڪاملا
هئم مانع ان مهينن ۾ پڻ گهڻان تماما
پر برڪت پلي ڄام جي جو عالم آڌارا
ڪئم ان نسخي کي نيئي نظاما…الخ(16)
5ـ تفسير جي مواد جا ذريعا:
مولانا ميان مهرو پنهنجي هن تفسير ”رغبة الطالبين“
لکڻ وقت هيٺين ذريعن کي ماخذ بنائي پنهنجو هي
تفسير پورو ڪيو آهي، سندس تفسير جا بنيادي ماخذ هي
آهن:
(الف) قرآن پاڪ:
مولانا ميان مهرو پاري ”تبارڪ الذي“ جي سورتن جو
تفسير ڪندي، انهن آيتن جي مطلب ۽ مفهوم کي وڌيڪ
مستند بنائڻ لاءِ انهن آيتن جي مضمون جي مناسبت
سان قرآن پاڪ جي ٻين آيتن کي پيش ڪيو آهي، اهو
”تفسير القرآن باالقرآن“ جو اصول آهي، جيڪو قديم
عالمن ۾ رواج ۾ هو. قرآن پاڪ جي مفسرن جو رايو آهي
ته اهو طريقو تفسير لکڻ جو بهترين ذريعو آهي.
مثلاً سورة الملڪ“ جي آيت ”هُوالَذِي جَعَلَ
لَکُمُ الارضَ فَامشُوا فِي مَنَا کِبهَا وَ
اِلَيہ الُنشُورُ“ جو تفسير ڪندي، مولانا صاحب لکي
ٿو:
… ۽ ڏونہ ان خدا تعالى جي هلڻ آهي اهجو يقينا
اٿيندا مڙني مومن قبرن ڪنا اءِ جيڪي هوندا مؤا
جيئي اٿياريندو انکي جيرا ڪري قيامت ڏيها
واستي ڏيڻ جزا جي ۽ حساب ڪتاب لاءِ
جي ڪندو حساب ڪتاب آنسي موجب عملن پارا
هوندا عمل جهجا جهڙا ڏيندو پورهيو، ان کي ان موجبا
جهڙا عمل ڪئا هوندا جي ڪہ شخص صالح ڪِ طالحا
تهڙو پَسندو سڀڪو اجورو پهجو منجهه جزا جي ڏيها
فَمَن يّعملِ مِثقِالَ ذَرّةِ خيراً يّره ط وَمَن
يَّعمَل
مِثقِالَ ذَرّةِ شَيراًيّره ات اهي اشارتا. (17)
(ب) حديث:
مولانا ميان مهرو آيتن جو تفسير ڪندي، قرآن پاڪ جي
آيتن کي مضمون جي مناسبت سان بيان ڪرڻ کانپوءِ ان
کي وڌيڪ سمجهائڻ لاءِ حديث جي صحاح سته جي ڪتابن
تان حديثون پڻ نقل ڪيون آهن، ان مان ظاهر ٿئي ٿو
ته مولانا صاحب کي حديث جي فن تي وڏو عبور حاصل
هو. مولانا صاحب پنهنجي هن تفسير ۾ جاءِ بجاءِ
انهن حديثن جون عربي عبارتون به نقل ڪيون آهن.
جيئن سورة ”المُدّثر“ جي آيت اِلاّ اَصحابَ
اليَمِين“ جو تفسير بيان ڪندي لکي ٿو:
… ۽ جو مقاتل عالم جو هو مفسرن ڪنا
ته اصحاب جي يَمين جا اوءِ، شخص هوندا
جي هوا جيئي پاسي۾ حضورت آدم جي ميثاقجي ڏيها
جڏه خلقئو الله تعالى روحن کي ۽ ڪئاءِ طائفا
جنجي شان ۾ آهي هي حديث قدسي الله جي پارا
هؤ لاءِ فِي الجنةِ وَلاَ ابَالِي اها الفاظا
اينہِ چيو الله تعالى قدرت پهجي ڪنا …الخ (18)
(ج) مختلف تفسير:
مولانا ميان مهرو قران پاڪ ۽ حديث کان علاوه عربي
۽ فارسي جي ٻين ڪيترن معتبر ۽ مشهور تفسيرن تان به
مواد ورتو آهي. اسان جي نظر ۾ سندس تفسير ۾ هيٺئين
تفسيرن جا نالا گذريا آهن. جن کي مولانا صاحب
پنهنجي تفسير ۾ سند ڪري ورتو آيه. تفسير جلالين،
معالم التنزيل، بحر محيط، تفسير حسيني، مدارڪ،
بحرالعلوم ۽ ڪشاف وغيره مثلاً سورةُ الدَهر“ جي
آيت ”وَسَقهُم رَبُهم شرَاباً طهُورًا“ جو تفسير
ڪندي، تفسير مدارڪ جي حوالي سان هن طرح لکي ٿو.
… سي ويٺا پياريندا پاڻي مومنن کي حوض ڪوثر منجا
۽ لکيو صاحب تفسير مدارڪ جي هنہِ طريقا
تجڏه پياريندا ملڪ مؤمنن کي شراب حوض ڪوثر ڪنا
تڏه قبول نه ڪندا اوءِ مؤمن ان شراب کي ان ملڪن جي
هٿان
تانجو آڻيو رکندا مَلڪ پيالا ڀرؤ مؤمنن جي وات ڪنا
رضامنديون ٿينديون مؤمنن تي حق جي پارا (19).
6ـ تفسير جون خوبيون ۽ خاميون:
مولانا ميان مهرو جو تفسير ”رغبة الطالبين“ ڪيترين
ئي خوبين سان ڀريل آهي. مولانا صاحب جو هيءُ تفسير
”تفسير القرآن“ ۽ تفسير القرآن بالحديث“ جي اصول
تي جوڙيو ويو آهي. تفسير ڪندي اسرائيلي روايتن کان
پرهيز ڪئي اٿائين. ڪيترين جاين تي عربي لفظن جي
معنى کي واضح ڪرڻ لاءِ عربي ٻوليءَ جي مشهور ماهرن
جهڙوڪ ابن ڪيسان، مجاهد، قتاده، ضحاڪ، ڪلبي، حسن
بصري ۽ مقاتلؒ جي راين کي نقل ڪيو اٿائين، جنهن
ڪري ڪيترن ڏکين عربي لفظن جي معنى ۽ مفهوم کي
سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ٿي. اسان جي خيال ۾ اها هن
تفسير جي سڀ کان وڏي خوبي آهي. مثلاً سورة
”المزمل“ جي آيت ”وَرَيِّلا القُرآنِ تَرِتيلا“ جو
تفسير ڪندي مولانا صاحب لکي ٿو:
چئي معنى ان آيت جي حسن بصري هنترها
ته به تون قرآن ڪريم کي جيئن ڪلمون ڪلمون ٿيي جدا
چئي معنى ان آيت جي حسن بصري هنترها
نه پڙ تون قرآن ڪريم کي جيئن ڪلمون ڪلمون ٿيي جدا
۽ چيو مجاهد عالم معنى ان آية جي هن طريقا
ته پڙ تون قرآن ڪريم کي هرً هرً نه تڪڙ طريقا
۽ چيو قتاده معنى ان آية جي هن صورتا
ته محکم هو تون ان قرآن ڪريم اتي گهڻي محکمي ملا
جي احڪام ان ۾ سي مَ ڪج فراموشا…الخ(20)
باوجود انهن ڳالهين جي مولانا ميان مهرو ڪافي جاين
تي عربي متن، ترجمي ۽ تفسير کي بيان ڪرڻ ۾ ڪو به
امتياز نه رکيو آهي، انهيءَ ڪري اها خبر نه ٿي
پئجي سگهي ته ترجمو ڪٿي ٿو ختم ٿئي ۽ تفسير ڪٿان
شروع ٿئي ٿو. مثلاً سورة ”الحاقة“ جي آيت ”وَاِنّا
لَنِعلُم مِنکُم مُکَذِّبِينَ“ جي ترجمي ۽ تفسير
کي مولانا صاحب هن طرح گڏي بيان ڪيو آهي:
تحقيق ڄاڻہُ ٿا اس تَہ بعض اهجيکي اي مشرڪ مڪيجا
جي آهين ڪَوِيساهي ڪندڙ قرآن کي ظاهر زبانا.(21)
7ـ تفسير ۾ ڪم آندل ٻولي:
تفسير ” رغبة الطالبين“ جو مفسر 13 صدي جي شروعات
جو مشهور عالم ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي دور جي
جيڪا سنڌي رسم الخط استعمال ڪئي آهي، سا کانئس اڳ
ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم ابوالحسن جي ايجاد ڪيل سنڌي
رسم الخط آهي، انهيءَ رسم الخط جو ان دور ۾ تمام
گهڻو رواج هو. سندس سنڌي عبارت ان دور جي مروج
سنڌي ڊگهي نظم يعني ”نظم معرى“ ۾ آهي. الف اشباع
واري قافيي کي استعمال ڪيو اٿائين.
مولانا ميان مهرو جي نظم جو جڏهن غور سان مطالعو
ڪجي ٿو ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن جي دور ۾
مروج سنڌي نظم جو جيڪو انداز هو، اهو آهستي آهستي
نثر جي طرف راغب ٿي رهيو هو، جنهن جا اهڃاڻ ۽ ڻشان
مولانا ميان مهرو جي تفسير ” رغبة الطالبين“ مان
ظاهر ٿين ٿا. مولانا صاحب جو هي ڊگهو نظم ڪيترن
جاين تي ائين معلوم ٿئي ٿو ته هروڀرو طبيعت تي زور
ڏئي عبارت کي نظم جي صورت ۾ بڻائڻ جي ڪُشش ڪئي وئي
آهي، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ صاف طرح سان نثر وجود ۾ نه
هو، اسان هتي ان جو هڪ مثال ڏيون ٿا:
پڻ پيئي پاڻي ستن دريائن جو جيئي نه ڇڏي ڪنهن قطري
کان
منجه سياري ۽ اوناري ڪري قوت ان ڪنا
پوءِ جڏه رات پوي ان کي سڀڪہ ڏينهن پچاڻا
تڏه غم اچي ان حيوان کي اتِ هتہ طريقا
ته اڃه کاڌم سڀا ڪٿان کيندس، هوءِ منجه اًنہ فڪرا
وهان۾ ونڃي رات ان کي هوءِ معنجه انہ غمَناً فڪرا
اُهي هي بيان پويءُ تفسير حسيني ۾ ڪڊي نهارجا.(22)
هن تفسير ۾ ڪيترين جاين تي مٿئين مثال جهڙا نمونا
ملن ٿا، اسان جو گمان غالب آهي ته ميان مهرو جي ئي
تفسير کي ڏسي، آخوند عزيزالله مٽياروي نثر جي رنگ
کي اختيار ڪيو هجي. مولانا ميان مهرو لاڙ جو ويٺل
هو، ان ڪري پنهنجي تفسير ۾ لاڙ جي طرف استعمال
ٿيندڙ لفظ استعمال ڪيا اٿائين. مثلاً: ڪڄاڙو،
ريٻاڙو، ماڙو ۽ سُنہ وغيره. اهڙي طرح مولانا صاحب
اهڙا لفظ ۽ اصطلاح به پنهنجي سنڌي عبارت ۾ استعمال
ڪيا آهن، جيڪي هن وقت لاڙ ۾ به متروڪ ٿي چڪا آهن،
اسان هتي ان جو هڪ مثال ڏيون ٿا:
(الف) آهين مخلوق مڙئي مغلوب هيٺ ان جي قدرتا.
جي ڏي نعمت ڪہ شخص کي ڪ کسي ڪہ شخص ڪنا
ڪِ وٺي پاڙ جهاڙو ڪہ دشمن پهجي ڪنا. (23)
(ب)
آندواسلام هزار، ڪنا ڪفر ڇٽا
سانئي سوجهرو ڪئو ويئي اونداه وچا
جن اسلام نه آندو سي هائي ۾ هڻبا.
(24)
8ـ تجزيو:
مولانا ميان مهرو جو هي تفسير ” رغبة الطالبين“
سنڌ جي مشهور عالم ۽ مفسر مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي
کان پوءِ قرآن پاڪ جي مڪمل پاري جو تفسير آهي. هن
کان اڳ ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم صاحب کانسواءِ
سنڌي زبان ۾ جيڪي به ترجما ۽ تفسير دستياب ٿيا
آهن، سي ڪن سورتن جا ترجما ۽ تفسير آهن، جيتوڻيڪ
هي تفسير مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي جي تفسير هاشمي
کان ڪن ڳالهين ۾ گهٽ آهي، پر ان هوندي به پنهنجي
جاءِ تي زبان ۽ ادب جو وڏو شاهڪار آهي. سنڌ جو
قومي ادارو سنڌي ادبي بورڊ، تفسير هاشمي وانگر ان
کي شايع ڪرائي، ته سنڌي ديني ادب جي هڪ وڏي خدمت
ٿيندي.
حوالا ۽ واڌارا
(1)
مولائي شيدائي: ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو سنڌ، 1983ع، ص 25
(2)
مرزا قليچ بيگ: ”تاريخ رياست خيرپور“، فيض پريس
خيرپور ميرس سنڌ، 1924ع، ص 128
(3)
Mirza Kalech Beg. History of Sindh, vol II,
Commissioner’s Press Karachi Sindh 1920, pp:164.
(4)
رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌو ماتر ۾ وسندڙ قومون، مترجم
محمّد حنيف صديقي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ،
1971ع، ص 125- 126.
(5)
مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي
پريس حيدرآباد سنڌ، 1959ع، ص 1. 6
(6)
قدوسي اعجاز الحق: ”تاريخ سنڌ“ (اردو)، جلد ٻيو،
مرڪزي اردو بورڊ لاهور، ص 779
(7)
ٽالپورن جي آخرين دور ۾ تيرهين صدي جي شروع ۾
آخوند عزيزالله مٽياروي (المتوفي 1273هه) پهريون
سنڌي عالم هو، جنهن سنڌي ”ڪبت“ واري شاعري کان
هٽي، خالص سنڌي نثر ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ حاشيو
لکيو. آخوند صاحب جي انهيءَ ترجمي جي ڪري ٻين سنڌي
عالمن کي قرآن پاڪ جي سنڌي نثر ۾ ترجمي ڪرڻ ۾
آساني پيدا ٿي. گويا قرآن پاڪ جو هيءُ ترجمو کانئس
پوءِ جي عالمن لاءِ هڪ رهنماءِ رهبر جي حيثيت رکي
ٿو. آخوند صاحب جو هي ترجمو ۽ حاشيو سڀ کان
پهريائين قاضي محمّد ابراهيم سن 1287هه/ 1870ع ۾
ليٿو ۾ ڇپيو ويو. هن ڇاپي ۾ آخوند صاحب جي سنڌي
ترجمي سان گڏوگڏ ان جي هيٺان شاهه ولي الله محدث
دهلوي جو فارسي ترجمو به ڏنل آهي.
(8)
ڌاميجال ديال آشا ڊاڪٽر: ”سنڌي شعر جي تواريخ“،
انجلي پرڪاش اُلهاس نگر، 1984ع، ص 185.
(9)
محمّد صديق ميمڻ: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جلد اول، آر
ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد سنڌ، 1976ع، ص 229.
(10)
مولانا ميان مهرو دل: ”تفسير رغبة الطالبين“،
حيدري پريس بمبئي، ص 2- 3.
مصنف جون تصنيفات
1.
بهارِ طالب
2.
رباعياتِ طالب (ٻيو ڇاپو)
3.
خود شناسي
4.
شيطان
5.
اسلامي تصوف
6.
منتخب امام غزالي جا خط
7.
يادِ رفتگان
8.
ڪچڪول
9.
شانِ سروري
10.
ڪافي
11.
ڇپر ۾ ڇڙيون (ٻيو ڇاپو)
12.
سنڌ جو سانوڻ (مثنوي)
13.
ديوانِ طالب المولى
14.
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه (مثنوي)
15.
هالا جا مخدوم صاحب ۽ شاهه ؒ
16.
شام ۽ صبح (نظم)
17.
مثنوي عقل و عشق (ٻيو ڇاپو)
18.
بي پير اکيون
19.
مصريءَ جون تڙون
20.
سدا وسين سنڌڙي
21.
لغات سنڌي مخففات
22.
آبِ حيات
مرحوم پير حسام الدين شاهه راشدي صاحب جن جي تاريخ
9- 11- 1980ع آچر ڏينهن شام جو 5 وڳي پاڪستان
نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ گرداس واڌواڻيءَ جي ڪتاب
”جيڪي ڏٺو مون“ جي مهورت جي موقعي تي ڪيل تاريخي
تقرير
شاهنواز بابر سومرو
نوٽ: سنڌ جي عظيم مفڪر تاريخدان ۽ دانشور سائين
پير حسام الدين راشدي جن جي هڪ تاريخي تقرير پيش
خدمت آهي، جا پاڻ 9- 11- 1980ع تي پاڪستان نيشنل
سينٽر حيدرآباد ۾ دادا گرداس واڌواڻيءَ جي ڪتاب
”جيڪي ڏٺو مون“ جي مهورت جي موقعي تي ڪئي هئائون.
پير حسام الدين راشدي مرحوم 20 سيپٽمبر 1911ع
مطابق 26 رمضان المبارڪ 1329هه، سنڌو نديءَ جي
ساڄي ڪناري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ بهمڻ تعلقو رتوديرو
ضلعو لاڙڪاڻو جي هڪ پيراڻي گهر ۾ جنم ورتو. سندن
خانداني نالو ”ڏنل شاهه“ هو. سندس ڏاڏو سيد پير
شاهه سنڌ جي برگذيده شخصيت پير محمّد راشد روضي
ڌڻي جي اولاد مان هو، جنهن جي نالي پويان هاڻي هي
سڄو خاندان ”راشدي“ سڏجي ٿو. سندن ڏاڏو سنڌ جي
مثالي بزرگن مان هڪ هو. پير صاحب ننڍي هوندي
باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي پر هن پنهنجي همت ۽
محنت سان علمي جدوجهد ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڻ
پنهنجي عملي زندگي جو آغاز شعر، افسانا ۽ مضمون
لکي ڪيائون. ابتدائي زماني ۾ صحافت سان پڻ لاڳاپيل
رهيا. اڳتي هلي پاڻ سنڌ جي تاريخ تي به لکڻ شروع
ڪيائون ۽ سنڌ سان پنهنجي گهري لڳاءَ ۽ تحقيق ڪري
سنڌ جي تاريخ جو مستند عالم تسليم ڪيو ويو. سنڌ جي
تاريخ تي پير صاحب جو قول سندَ جي حيثيت رکي ٿو:
سڄي دنيا جي ملڪن ۾ سندس مقالن ۽ مضمونن کي مٿاهين
حيثيت حاصل آهي. سندس انهن علمي خدمتن کي تسليم
ڪندي، کين ڪافي علمي اعزاز، تمغا ۽ انعام پڻ ڏنا
ويا. پير صاحب کي لکڻ سان گڏ گهمڻ ۽ تاريخي جايون
ڏسڻ جو به شوق جنون جي حد تائين هو. پير صاحب ڪافي
مُلڪن جا سفر ڪيا. ايران سندس پسنديده ملڪ هو، پير
صاحب ايران سان محبت جي ڪري ڪافي مقالا ۽ مضمون
لکيا ۽ ايراني اديبن ۽ عالمن سان پنهنجا تعلقات
قائم ڪيائين، سندس ايران بابت علمي خدمتن کي تسليم
ڪندي، شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلوي پنهنجي ملڪ جو
وڏي ۾ وڏو سرڪاري اعزاز ”نشان سپاس درجه اول“ عطا
ڪيو. ايراني حڪومت پير صاحب جو ايترو ته خيال ڪندي
هئي جو سندس ڪنهن به تجويز کي رد نه ڪيو. حيدرآباد
جي ”خانه فرهنگ ايران“ جو قيام پير صاحب جي ذاتي
ڪوشش جو نتيجو آهي.
پير صاحب جي مهمان نوازي مشهور هئي. آئي جو آڌر،
محبت ۽ خلوص سان ملڻ، وڃڻ وقت دروازي تائين اچي
موڪلائڻ، سندن خاص خصوصيت هئي. مختصر ته پير صاحب
آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ايترو ته پيار ۽ محبت سان
ڪندو هو، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. شاهه لطيف جو
هي بيت مٿن پورو اچي ٿو:
جي ايندي چونئي آءُ، ويندي چونئي ويهه
ڏوري ڏوري ڏيهه، اڱڻ وڃجي ان جي.
پير صاحب هڪ شخصيت نه پر اداري واري حيثيت رکندا
هئا، جنهن مان بي انتها ماڻهن پنهنجي علمي ۽ ادبي
رهنمائي حاصل ڪئي، پير صاحب جي زندگي تي جيترو به
لکجي گهٽ آهي، سندس شخصيت، سندن پيار، محبت، شفقت،
خلوص ۽ مهمان نوازي وسارڻ جي نه آهي.
سندن ائين اوچتو هليو وڃڻ سوين سڪايلن کي ڪنهن
چوواٽي تي اڪيلو بي يارو مددگار ڇڏي هليو وڃڻ،
برداشت کان ٻاهر هو، پر سندن ڏيکاريل راهه ۽ سندن
ٻاريل علم جي مشعل اسان جي رهنمائي ڪري رهيا آهن.
مختصر ته پير صاحب جي زندگي جا يادگار تمام گهڻا
مقالا، تقريرون ۽ ڪتاب آهن، جيڪي اسان کي هميشہ
سندن ياد ڏياريندا رهندا. عبدالله ورياهه جو مضمون
”قبا مير شهداد خان ٽالپر“ پڙهڻ بعد جڏهن سائين
اسان کي ڪراچي سڏي پهرين ملاقات ڪئي ته اتي ئي پير
صاحب جو حڪم ٿيو ته شاهپور چاڪر ۾ مير شهداد خان
جو مقبرو ڏسجي، جنهن لاءِ ڇنڇر 9 – 11 – 1980ع جو
ڏينهن مقرر ڪيائون ۽ پروگرام مطابق پاڻ حميد
آخوند، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ محمد
ابراهيم جويو صاحب گڏجي ڀٽ شاهه ريسٽ هائوس پهتا،
هتان ٽنڊي آدم مان عبدالله ورياهه، ڊاڪٽر غلام علي
الانا ۽ آئون ڀٽ شاهه پهتاسين، رات جو اُستاد
مرحوم منظور علي خان سان رهاڻ ٿي ۽ صبح جو سوير
شاهپور چاڪر روانا ٿياسين. سفر ڊگهو هو، پر پير
صاحب طبيعت جي خرابي جي باوجود همت سان قبا شهداد
پهتا، جتي سانگهڙ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي جي
طرفان سائين پير صاحب جي مان ۾ انتظام ڪيل هو، پير
صاحب اتي پهچڻ شرط فرمايو: ”ورياهه! جيڪر هت نه
اچان ها ته سڄي زندگي افسوس رهي ها:“ قبا شهداد جي
قبرستان ۾، اتي جي دوستن سٺو انتظام ڪيو هو، غلام
قادر ڏاهري، محسن علي شاهه، محمد خان ٻُرڙو ۽ ٻيا
ڪيترا دوست اتي موجود هئا.
پير صاحب پهچڻ شرط پنهنجي ڪئميرا سان قبرستان جا
فوٽ ڪڍڻ شروع ڪيا. گرمي سخت هئي پر پير صاحب جي
همت کي سلام آهي، هتان واپس ٿي ٽنڊي آدم ”ورياهه
هائوس“ آياسين، جتي سندن مان ۾ ٻنپهرن جي مانيءَ
جو انتظام ڪيل هو. ماني واپرائڻ کانپوءِ اسان سڀ
گڏجي حيدرآباد روانا ٿياسين، جتي پير صاحب کي ڪاڪي
گرداش واڌواڻي جي ڪتاب ”جيڪي ڏٺو مون“ جي مهورت
ڪرڻي هئي. پير صاحب نهايت ٿڪل هجڻ باوجود جيڪو
ڳالهايو سو هن دور جي ماحول ۽ زماني ۾ اسان لاءِ
هڪ سبق ۽ رهبريءَ جو ڪم ڏيندو. اميد ته جن دوستن
سائين پير صاحب جي هيءَ تقرير نه ٻڌي هئي، سي هيءَ
تقرير پڙهي، سائينءَ جي پيغام کي ٻين تائين
پهچائيندا.
آغا صاحب! دادا گرداس واڌواڻي! ۽ دوستو! اسان ٻڌو
هو دادا ليکراج، اڄ ٻڌوسين ته واڌواڻي به دادا
آهي.
خواتين، نوجوان دوستو منهنجا! منهنجي ڪيفيت ذهني ۽
جسماني، تَهان کي منهنجي صورت ۽ چهري منجهون معلوم
هوندي. مان ڪلهه صبح جو ڪراچيءَ کنئون نڪتو آهيان
۽ مسلسل هن وقت تائين هلندو رهيو آهيان ۽ بيحد ٿڪل
آهيان. اها شايد تهان سڀني کي خبر آهي ته مان
بيمار رهان ٿو پيو اڪثر، تنهن ڪري زياده مان تهان
جي خدمت ۾ پنهنجا خيال عرض نه ڪري سگهندس. منهنجي
نوجوان دوستن بي انتها نفيس ۽ مؤثر مضمون پڙهيا
آهن، جن کنئون ايمانداري جي ڳالهه اها آهي ته مان
متاثر ٿيو آهيان،بيحد اميد افزا ڳالهه آ، اها ته
انسان تسلسل ۽ ذهن جي حاضري ساڻ مضمون لکي سگهي
ٿو. تنقيد ۽ تبصرا ڪري سگهي ٿو پيو. اها خود اميد
افزا ڳالهه آ، مسٽر واڌواڻيءَ جي ڪتاب تي مفصل
ڪلاڪ ڏيڍ تائين مان تقرير ڪراچي ۾ ڪري چڪو آهيان،
انهن ساڳين خيالن کي وري دهرائڻ جي ڪا هتي ضرورت
ڪانهي ڪا.
تهان کي مان عرض فقط هڪڙو ڪندس ته جيئن اسان جي
هڪڙي نوجوان دوست تهان کي ٻڌايو ته سنڌ جي تاريخ،
سنڌ جا تاريخي آثار، سنڌ جي تهذيب، سنڌ جو تمدن،
سڀ خدشي ۾ آ، برباد ٿي رهيو آ، سنڀال ڪانهي ڪا،
تنهن ڪري انهيءَ شئي کي نظر ۾ رکندي، هن وقت اسان
جي لاءِ بيحد ضروري آهي ته ڀل اسان افسانا لکون،
ڇاڪاڻ ته اهي ڀي ڪنهن مقصد جي تحت سنڌ ۾ لکيا وڃن
ٿا، نظمون ڀي ڀل لکون، ڇاڪاڻ ته ڪابه نظم سنڌ ۾ بي
مطلب، بي معنى ۽ بي مقصد نٿي لکي وڃي: اهي ٻئي
صنفون بيحد ضروري آهن. ليڪن ساڳئي وقت مان تهان کي
عرض ڪندس ته هڪ زمانو گذري چڪو آ، ٻيو زمانو
جيستائين پڪو ٿئي ۽ اچي تيستائين جو وچون دؤر جيڪو
آهي، جنهن ۾ هن وقت تهان هلي رهيا آهيو ۽ اسان
موجود آهيون، اهو اهڙو آ، جڏهن تهان جا عمر رسيده
ماڻهو، جن هيءَ سڄي صدي ڏٺي آ، اهي پنهنجيون
يادگيريون ايندڙ دنيا جيڪا تيار ٿي رهي آ، انهيءَ
جي لاءِ لکي ڇڏي وڃن.
تهان سيريئس ڪتاب خبر ناهي پڙهو ٿا يا نه، ليڪن
انهي ڏس ۾، جنهن ۾، اسان جي دوست واڌواڻيءَ لکيو
آ، ڪتاب، انهيءَ ۾ سڀ کنئون پهرين جي ايم سيد ٻن
جُلدن ۾ ”جنب گذاريم جن سين“ لکيو آهي، تنهن ۾
انهي سڄي زماني ۽ انهن سڀني ماڻهن جو هن ذڪر ڪيو
آ، جن سان اهو اٿيو ويٺو، گڏ گهميو يا رهيو آ.
بيحد مفيد، بيحد قيمتي ۽ آئينده نسل جي تاريخ جي
لاءِ مستند دستاويز آ.
اهڙي نموني ساڻ پير علي محمد راشدي ڀي ٻن جُلدن ۾
”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“ جي نالي سان ڪتاب لکيو آ.
ٽيون جلد ڇپجي رهيو آ، اهو ڪتاب ڀي انهي سلسلي
يعني يادگيرين واري سلسلي جو بهترين ڪتاب آهي.
اهڙي نموني سان منهنجو ڀي هڪڙو ڪتاب ”هو ڏوٿي هو
ڏينهن“ جي نالي ساڻ ڇپيو آ، انهيءَ ۾ ڀي ڪنهن هڪڙي
خاص عرصي جون يادگيريون لکيل آهن. هن ڪتاب جو
عنوان ”جيڪي ڏٺو مون“ سو حقيقت ۾ مان انهيءَ
پنهنجي ڪتاب جي لاءِ جنهن جو پوءِ نالو ”هو ڏوٿي
هو ڏينهن“ ٿيو، 1960ع ۾ رٿيو هئم ۽ تقريباً منهنجي
سرڪل ۾ مشهور به ٿي ويو هو، ليڪن جي ايم سيد انهي
ساڳئي نالي ساڻ هڪڙو ڪتاب ڇپرايو، تنهن کنئون پوءِ
وري مان مناسب نه سمجهيو ته انهي ساڳئي نالي ساڻ
منهنجيون يادگيريون ڇپجن. هاڻ چڱو ٿيو جو گرداس
جو ڪتاب ڇپيو آ، هي ڪتاب پنجون ڪتاب آهي، انهيءَ
سلسلي جو، يادگيرين جو تهان کي مان عرض ڪيو ته
يادگيريون، مثلاً خواجه صاحب ويٺو آ، جنهن کي خوجو
چون ٿا پيا، هن جي زندگي پوري تاريخ رهي آهي. هن
هڪڙي دنيا ڏٺي آ، تهان جي تعليم جو جنهن نئون نسل
تيار ڪيو آ، انهي سموري جا داستان ۽ واقعا، نواب
شاهه جي تاريخ، اهي سڀ جيڪڏهن هي پنهنجيون ويهي
يادگيريون لکي ته اها هن جي لاءِ ته تاريخ نه
هوندي، ليڪن پڙهندڙن جي لاءِ ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ
اها تاريخ جو ڪتب ڏيندي.
تاريخ جو مطلب ئي اهو آ ته انسان واقعات جيڪي ڏسي
ٿو يا جيڪي هن کي معلوم آهن. سي قلم بند ڪري.
پڙهندڙ انهيءَ منجهئون ڪهڙو فائدو وٺن ٿا پيا، ڇا
لاڀ پرائين ٿا پيا، اهو انهن تي ڇڏيل آ.
پندرهن ويهه ڏينهن ٿيا جڏهن گرداس جي ڪتاب جو
مهورت ٿيو ڪراچي ۾، تڏهن مان افسوس پئي ڪيو ته
خانبهادر کهڙي ڪجهه ڪو نه لکيو. ڪجهه لکي وڃي ته
بهتر آ. فلاڻي نه لکيو، شيخ صاحب نه لکيو، پنجن
ڏهن ڏينهن کنئون پوءِ خانبهادر کهڙو ڀي هليو ويو.
اها ڀي تاريخ اسان جي ختم ٿي وئي!
تهان کي مان حالتن کي نظر ۾ رکندي ۽ ضرورت کي
محسوس ڪندي هيءَ پر زور ۽ دست بدست گذارش ٿو ڪيان
ته اوهان مهرباني ڪري، هت جيئن آغا صاحب تهان کي
چيو ته انگريزيءَ ۽ يورپ جي زبانن ۾ ايڏو علم آ،
جنهن جو ڪو سرو نظر ئي نٿو اچي پيو. اسان ته هڪڙي
تمام محدود تاريڪ ۽ ردي دنيا ۾ رهون ٿا پيا، جاٿي
جيڪو ساهه کڻون ٿا پيا سو تعفن ۽ بدبودار آب و هوا
۾ کڻون ٿا پيا، دنيا ۾ انسان ائين زندگي گذارين ٿا
گندگيءَ ساڻ، جيئن هتي، اسان جي سر زمين تي
ڪيوڙيون ماڪوڙا يا ڪينئان زندگي گذارين ٿا.!
اسان هن دنيا جي ڀيٽ ۾ حالتن جي لحاظ سان، پنهنجي
رهڻي ڪهڻي جي لحاظ ساڻ، علم ۽ دانش جي لحاظ سان
انهن جيتن جي برابر آهيون، انهي دنيا جي مقابلي ۾،
هيءَ اُها صدي آ، جنهن ۾ دنيا جا وڏي ۾ وڏا ايجاد
ٿيا آهن. ٻه جنگيون هن ۾ لڳيون، بادشاهيون هن
صديءَ ۾ ويون. هوائي جهاز ٽرانسسٽر، ٽي ويون، حتيٰ
ڪه آغا صاحب راڪيٽ جو نالو ڀي کڻي آيو. مونکي ڀئو
ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته راڪيٽ جي سلسلي ۾ دنيا ۾ خبر
ناهي ته الائي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي؟ مطلب هي آهي ته
هيءَ صدي ايڏي فن، علم ۽ دانش ۽ سائنس جي لحاظ ساڻ
ثروت مند آ ۽ علم جي انهن شاخن ۾ ماڻهن لکيا آهن،
ڪتاب، جو مان ڪهڙو تهان کي بيان ڪيان. تنهن ڪري
تهان کي جيئن آغا صاحب فرمايو، آغا صاحب هڪ ڳالهه
وساري ويو ته سندس تعلق چورَن ۽ ڌاڙيلن ساڻ ڀي
رهيو آ، اها ڳالهه کانئس وسري وئي.
مطلب منهنجو هيءُ آهي ته اوهان کي پڙهڻ کپي، حاصل
ڪرڻ کپي، علم ڄاڻڻ کپي ۽ انهيءَ ڄاڻ کي تهان ٻين
تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪيو.
منهنجا دوستو! اها حقيقت آ ته اڄ بهترين تقريرون
نوجوانن ڪيون آهن. دل خوش ٿي آ، هڪڙي دوست انهيءَ
تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسان جون سڀ تاريخي شيون
برباد ٿي ويون آهن. انهي جي تحفظ جي لاءِ سوسائٽي
ٺاهيو يا ڪو ٻيو صلاح مشورو ڪيو.
اها حقيقت اٿوَ ته اسان هن وقت درياهه جي ڪپ تي
ويٺا آهيون ۽ درياهه ۾ پائيندڙ آ، ڪنهن به وقت
درياهه جو بند جيڪڏهن پاڻي پاتو ته اسان وڃي پاڻي
۾ پونداسين. اهڙي صورتحال ۾ هن وقت اوهان ويٺا
آهيو، تنهن جي تحفظ ۽ انهي جي بقاءَ جي ڪوشش ڪرڻ
کپي. مان ڪلهه ڊاڪٽر الانا جي تحريڪ ۽ پنهنجي دوست
عبدالله ورياهه ۽ آخوند حميد جي تحريڪ ساڻ ويو
هوس، شاهپور چاڪر ٽالپرن جا مقبرا ڏسڻ ۽ اتئون هاڻ
سڌو اچان ٿو. نهايت ڏکويل دل ساڻ، سڄو قبرستان
جيڪو تاريخي آ، اهو برباد ٿي چڪوآ، انهي جا پٿر
ماڻهو کڻي ويا آهن، ڪابه قبر سلامت ڪانهي ڪا،
تاريخي ڪتبا ڪرن ٿا پيا. اها ساڳي حالت هالن جي ڀڪ
ساڻ، ٽالپرن جي مقبرن جي آ، حيدرآباد جي حالت تهان
پاڻ ٻڌي، انهي کنئون زياده ابتڙ حالت مڪليءَ جي
تاريخي قبرستان جي آ، جنهن جي تاريخي قبرن جا ڪتبا
ڪراچي جا واپاري ايندي ويندي پٽيو کنيو وڃن ٿا ۽
پنهنجن بنگلن ۾ وڃي محض ڊيڪوريشن آرائش جي واسطي
هڻن ٿا، اتان جي تاريخ تباهه ٿئي ٿي. هنن جي بنگلن
جي ديوارن جي هڪڙي زينت ٿئي ٿي، جنهن کي هو نه
پڙهي سگهن ٿا، نه سمجهي سگهن ٿا نه عربي ڄاڻن جو
اهي ڪلام مجيد جون آيتون، انهن تي جيڪي اڪريل آهن،
سي پڙهي سگهن. نه فارسي منجهئون
بهرور آهن، جو
هنن کي خبر پئي ته هن تي ڪهڙو شعر لکيل آ. |