حال احوال
ڪجهه مهراڻ جي باري ۾
مهراڻ پنهنجي مقرر وقت کان دير سان، بلڪ ڳچ دير
سان اوهان تائين پهچي رهيو آهي، ان دير ٿيڻ جا
ڪارڻ ڪهڙا هئا.....؟
ڪارڻ ڄاڻائي سگهجن ٿا.
پر ڇا، ڪارڻ ڄاڻائڻ سان مسئلو حل ٿي ويندو؟ اسان
وعدو ڪريون ٿا ته آئينده اهڙين حالتن کي ڪچي ۾ ئي
ڪپي ڇڏبو، جيئن اوهان جي قلم جي نوڪ تان ڪا ميار
پَرَ سوئي اسان تائين نه پهچي. اهو سڀ نه اسان
ماضي ۾ چاهيو هو، نه حال ۾ چاهيو آهي، نه ڪڏهن
مستقبل ۾ چاهينداسين.
خواهش هئي ته هن مهراڻ ۾ سائين حسام الدين راشدي
جي ورسي جي حوالي سان سندن فن ۽ شخصيت جي باري ۾
وڌ ۾ وڌ مقالا ۽ مضمون پڌرا ڪجن، پر رسالي جي گهڻي
اوير ظاهر ٿيڻ ڪري ڳالهه ۾ اها چَسُ نظر نه اچڻ
سبب ان رٿيل سٽاءُ کي ڪجهه تبديل ڪرڻو پيو، جنهن
جو پڻ ارمان اٿئون.
* مهراڻ لاءِ اِها راءِ عام آهي ته ”مهراڻ ۾ ڪنهن
به نئين سوچ رکندڙ اديب لاءِ ڪابه ڳڙکي کليل ناهي،
جتان هو هٿ ڊگهيري پنهنجي ڪا ڪوتا، يا ڪهاڻي اسان
تائين رسائي سگهي. ۽ رسائڻ کان پوءِ اها اميد رکي
ته اها ڪوتا يا ڪهاڻي شايع به ٿي سگهندي.....“
ڇا واقعي، مٿين راءِ رکندڙ صحيح آهن؟ منهنجي خيال
۾ هر معياري رسالي جي معيار جو اندازو سندس فهرست
مان ئي لڳائي سگهجي ٿو. مهراڻ کي نه فقط ماضيءَ ۾
پر هميشہ ”پراڻن“ توڙي ”نَوَن“ اديبن جو ڀرپور
سهڪار حاصل رهيو آهي. مثال لاءِ اوهان جي هٿن ۾
کليل هي مهراڻ ئي ڪافي آهي.
اوهان مهراڻ جي هر صفحي جي هر سِٽَ ڌيان سان پڙهو.
سندس معيار جو اندازو لڳايو. پوءِ انصاف سان چئو.
ڇا واقعي مهراڻ ۾ نئين سوچ رکندڙ اديب لاءِ ڪابه
ڳڙکي کليل ناهي؟
مهراڻ ڪنهن به فردِ واحد جو رسالو ڪڏهن به ناهي
رهيو. مهراڻ سنڌ جي سمورن ”پراڻن“ توڙي ”نون“
اديبن جي گڏيل ميراث آهي. مهراڻ جو هر صفحو اوهان
جي روشن سوچ لاءِ آسائتو آهي.
اوهان جو ڀرپور ساٿ ۽ سهڪار اسان جي سگهه ۽ ساک
آهي. سڦل ۽ سگهاري سوچ رکندڙ سمورا اديب مهراڻ
لاءِ هميشہ محترم رهيا آهن.
سنڌي ادبي بورڊ جو نئون سيڪريٽري مقرر
محبوب سروري صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ
جي چارج سنڀالي چڪا آهن. سندن نالو محمد بچل ذات
پنوهر آهي، ۽ تخلص ”محبوب سروري“ آهي. سندن جنم
ڳوٺ جاڙو پنهور لڳ هوسڙي تعلقو حيدرآباد ۾ 8-
جنوري 1934ع تي ٿيو. ميٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول
مان، انٽر آرٽس سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان، بي
اي آنرس ۽ ايم اي جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي مان
حاصل ڪيائون.
پاڻ ڳچ عرصو طالب المولى اورينٽيل ڪاليج هالا جا
پرنسپل پڻ رهيا. تنهن بعد مسلسل درس و تدريس جي
شعبي سان واڳيل رهندا پيا اچن. محبوب صاحب جي ڏات
۽ ڏانءَ جي باري ۾ مهراڻ جي شاعر نمبر ۾ لکيل
گرامي صاحب جي راءِ کان وڌيڪ مڪمل ۽ سهڻي راءِ، جي
لکڻ چاهبي به ته لکي نه سگهبي:
”محبوب زياده تر تغزل جو شاعر آهي. سندس غزل
اشاريت ۽ معنويت جو تنقيدي عنصر رکي ٿو. هو کِلندي
کِلندي چوٽ ڪرڻ جو ماهر آهي. سندس ڪلام پختگي ۽
برجستگي، روانيءَ ۽ جذبات جي فراوانيءَ سان سرشار
آهي. ”محبوب“، محاورات ۽ اصطلاحات کي پنهنجي ڪلام
۾ ائين ٿو جَڙي، جيئن مُنڊيءَ تي ٽِڪ! فن جي رياض
۽ سخن جي مشق، تجربي ۽ مطالعہ، مشاهدي ۽ صحبت کيس
سنڌي زبان جي وڏن وڏن استاد شاعرن ۾ جڳهه ڏني آهي.
”محبوب“ جو ڪلام حشو وزائد کان پاڪ آهي. بندش چست،
ٻولي بامحاوره، خيال رنگين ۽ فڪر تنقيدي، محبوب جي
ڪلام جون اهي خصوصيتون آهن، جن سندس ڪلام کي
انفراديت بخشن ٿيون.“
سائين محبوب سروري هن اداري جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪرڻ
لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي، سندس پيش نظر مستقبل
قريب ۾ بورڊ جي طرفان منظور ڪيل ڪي اهم منصوبا ۽
رٿائون هيٺين ريت آهن:
1.
”انسائيڪلوپيڊيا سنڌ شناسي“.
2.
سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمن لاءِ رهائشي ڪالوني آباد
ڪرڻ ۽ انهيءَ ۾ تعليم سان گڏ ضروريات زندگي جون سڀ
سهوليتون مهيا ڪرڻ.
3.
سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن لاءِ بورڊ جي احاطي ۾
نئون گدام.
4.
سنڌي ادبي بورڊ جي احاطي ۾ آرٽ گيلري جو قيام.
5.
هڪ وسيع تر ريسرچ لئبريري جو قيام.
6.
سڀني ڪهنه مشق زنده اديبن ۽ شاعرن جون ڪاوشون
مرحلي وار شايع ڪرڻ.
7.
سنڌي ادبي بورڊ جا ڇپايل ڪتاب گهر گهر پهچائڻ لاءِ
هر شهر ۾ ڪتابن جي نمائش ڪرڻ ۽ 50 سيڪڙو رعايت سان
ڪتاب پڙهندڙن کي ڏيڻ.
الله پاڪ محبوبِ سروري کي انهي نيڪ رٿائن ۾ ڪامياب
ڪري آمين.
ساراهه جوڳي وِکَ
اڄ جڏهن سموري دنيا جو مرڻ جيئڻ ”نيو ڪليئر وار“
جي فقط هڪ بٽڻ جي اشاري تي بيٺل آهي. ۽ دنيا جي
گولي منجهان هنڌان هنڌان آڳ، دونهون ۽ رَکَ ڇڻي
رهي آهي، اُتي فنڪار سڀ کان اڳيان اڳيان پنهنجن
لفظن ۽ رنگن جا ميرانجهڙا ڳيرا آڪاس جي وسعتن ۾
اڏائي رهيا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي، دنيا ۾ جيڪو
به امن قائم آهي، اِهو فقط ۽ فقط فن جي دنيا سان
لاڳاپيل ماڻهن جي ڪري آهي، جنهن ڏينهن ڌرتيءَ تان
شاعر، موسيقار، مصور ۽ سگهڙ جو وجود ختم ٿي ويندو.
ان ڏينهن پکي لات لنوڻ ڇڏي ڏيندا، گُل پنهنجو
سمورو رنگ ۽ روپ وڃائي ويهندا ۽ وڻن کان ڇانوَ
ڇڏائجي ويندي.
هي ساهتڪار پنهنجي ملڪ جا سفير هوندا آهن. پنهنجي
ديس جي تهذيب ۽ ثقافت جا آئينه دار هوندا آهن،
تنهن ڪري ئي هر مهذب معاشري ۾ شاعر ۽ اديب کي نه
فقط قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي پر
هر ملڪ جي سرڪار پنهنجن قابل احترام اديبن جي اگهي
سگهي ۾ هڏ ڏوکي ۽ مددگار بڻجڻ کي پنهنجي لاءِ فخر
جوڳو عمل سمجهندي آهي.
اهڙي قابل تعريف وک، سنڌي ادبي بورڊ جي عزت مآب
چيئرمين اعلى حضرت قبله سائين مخدوم محمد زمان
طالب المولى صاحب جن کنئي. چيئرمين صاحب آگسٽ
1991ع ۾ لنڊن ۾ علاج جي سلسلي لاءِ وڃڻ وقت ڪراچي
ايئرپورٽ تي صحافين جي سامهون اهو اعلان ڪيو هو ته
گذاري ويل مستحق اديبن کي هڪ سال لاءِ امداد ڏني
ويندي، جنهن کي پايهء تڪميل تي پهچائڻ لاءِ پاڻ
لنڊن کان واپس ورڻ تي هڪ ڪميٽي جوڙيائون، جنهن جا
ميمبر آهن: جناب علي احمد بروهي صاحب، جناب غلام
رباني آگرو صاحب، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب، جناب
عنايت بلوچ صاحب ۽ پروفيسر محبوب سروري سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ.
تشڪيل ڪيل ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي جناب علي احمد
بروهيءَ جي آفيس زيد بن سلطان ٽرسٽ بلڊنگ ۾ ٿي.
بروهي صاحب جي تجويز ۽ پروفيسر محبوب سروري جي
تائيد ڪرڻ سان انهي گڏجاڻي جو وقتي صدر جناب غلام
رباني آگرو صاحب ٿيو. انهي ڪميٽي ڊگهي سوچ ويچار ۽
ڇنڊ ڇاڻ بعد هيٺين مرحوم اديبن ۽ شاعرن کي سالانه
هڪ سال لاءِ ڏهه هزار رپيا امداد ڏيڻ جي تائيد
ڪئي، جنهن جو باقاعده اعلان چيئرمين سنڌي ادبي
بورڊ قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب المولى صاحب
جن ڪيو آهي، جنهن جي پهرين کيپ ۾ (1) مرحوم احمد
خان آصف (2) مرحوم حافظ احسن چنا (3) مرحوم ع ق.
شيخ (4) مرحوم زيب عاقلي (5) مرحوم غلام محمد
گرامي (6) مرحوم عبدالڪريم گدائي (7) مرحوم سليم
ڳاڙهوي (8) مرحوم حبيب الله ڀٽو (9) مرحوم ٻيڙو
فقير ڪنڀر (10) مرحوم شيخ محمد سومار (11) مرحوم
دادن فقير (12) مرحوم مومن مليرائي جي پونئرن کي
وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ع. ق. شيخ ۽ زيب عاقلي جو لاڏاڻو
جيڪڏهن ڪائنات مان رنگ ۽ لفظ وڃائجي وڃن ته باقي
ڇا بچندو؟
مٿئين سوال جو جواب....خال.....خال.....کان وڌيڪ
بهتر ٿي نٿو سگهي. سمورا لفظ ۽ سمورا رنگ روشنيءَ
۾ سمايل هوندا آهن. پر جيڪڏهن سمورا لفظ ڪنهن قلم
ڌڻي جي قلم جي نوڪ مان ڦٽي نڪرندا آهن يا سمورا
رنگ ڪنهن چترڪار جي انڊلٺي برش منجهان ڇڙواڳ
ڇوليءَ جان ڪنواس تي پکڙجندا آهن ته محسوس ٿيندو
آهي. روشني لفظن ۽ رنگن جو حصو آهي، نه ڪي لفظ ۽
رنگ روشنيءَ جو حصو.
ڏات، سڀ کان وڏي روشني آهي. ۽ ان روشني جو سرچشمو
ڏاتار/خلقڻهار هوندو آهي، جيڪو هن سموير ڪائنات کي
سچ ۽ سونهن بخشي ٿو. هي ڪلاڪار هي فنڪار هر روپ ۾
ڪنهن به موسم جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي سوچ
جو ٻج ڇٽي ساڃهه ۽ سُرت جا نوان سلا اڀارن ٿا.
بلڪل ان پيرن اگهاڙي هاير جيان، جيڪو انڌين
اونداهين ۾ لُنڊيون لتاڙي به عام لاءِ اَنُ
اپائيندو آهي.
۽ جڏهن اهڙا تعظيم لائق فنڪار اسان کان اوچتو وڇڙي
ويندا آهن ته محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ڌرتيءَ تان ٿڌڙي
ٿڌڙي ڇانوَ ڇڏيندڙ ڪي گهاٽا وڻ ڪپجي ويا هجن ۽
ڌرتي جو اُهو حصو ٻيهر نٽهڻ اُس جي ڪرڙين اکين جي
نظر ٿي ويو هجي.
ويجهڙ ۾ اهڙي ٿڌڙي ڇانوَ ڇڏيندڙ تعظيم لائق اسان
جا ٻه محترم ڏات ڌڻي ع. ق. شيخ ۽ زيب عاقلي اسان
کان وڇڙي ويا. ڏات جي باغ جا ٻه قدآور گهاٽا وڻ
وقت جي واچوڙي جي نظر ٿي ويا.
ڪيترا ڪئنواس بي رنگ رهجي ويا.....
ڪيترا لفظ اڻ ڇهيل رهجي ويا.....
خداوند ڪريم کين جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ سندن
پونئيرن کي ايڏي وڏي ڏک سهڻ جو صبر عطا
فرمائي.(آمين).
مهراڻ جو عبوري انتظام
سماهي مهراڻ جي ايڊيٽر جناب نفيس احمد ناشاد
پنهنجي ذاتي مجبورين باعث، مدت سروس پوري ڪرڻ جو
جواز پيش ڪري رٽائرمينٽ جي درخواست ڪئي، جيڪا بورڊ
جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ پيش ڪئي وئي. آخرڪار
سندس بار بار اصرار تي کيس تاريخ 1991-9-23 تي
رٽائر ڪيو ويو.
مهراڻ جي اضافي چارج جناب طارق عالم ابڙو کي ڏني
وئي. مهراڻ جو نگران، پروفيسر محبوب سروري ڪيو ويو
۽ صلاحڪار جناب پروفيسر حميد سنڌي کي مقرر ڪيو
ويو، جن جي ڪوششن سان اٺ مهينا ليٽ ڪيل مهراڻ جلدي
منظر عام تي آيو، جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان تاريخي، ثقافتي ۽ تحقيقاتي
مرڪز قائم
سنڌي ادبي بورڊ جي ”بورڊ آف گورنرس“ پنهنجي 16
مارچ جي ڪوٺايل گڏجاڻيءَ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽
تحقيقاتي مرڪز قائم ڪري جناب عبدالله ورياهه کي
مرڪز جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو آهي. ان
تاريخي، ثقافتي ۽ تحقيقاتي مرڪز جا بنيادي ڪم
هيٺين ريت هوندا:
1.
سنڌ جي باري ۾ تحقيق لاءِ بنيادي ۽ معلوماتي مواد
هٿ ڪري ڪمپيوٽر تي
(Data)
گڏ ڪري
(Data base)
ٺاهڻ.
2.
ڪمپيوٽر جي سهڪار سان هٿ ڪيل مواد جي ببلوگرافي
تيار ڪرڻ ۽ ڪئٽلاگ ٺاهڻ.
3.
گڏ ڪيل مواد جي
(Documentation)
ڪرڻ.
4.
سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي تحقيق ڪرائڻ، مقالا،
مونوگراف ۽ ڪتاب لکائڻ.
5.
سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪوٺائڻ.
6.
سنڌ جي ضلعن ۽ ضلعن جي تاريخي ۽ ثقافتي انجمنن سان
رابطو ڪرڻ ۽ انهن ضلعن ۾ جتي تاريخي ۽ ثقافتي
انجمنون ٺهيل ناهن، اتي انهن انجمنن کي قائم
ڪرائڻ.
7.
انگريزي زبان ۾ سماهي بليٽن ڪڍڻ.
هن اسڪيم تي عملي طرح سان جلد ڪم شروع ڪيو ويندو.
اُميد ته جناب عبدالله ورياهه صاحب سنڌي ادبي بورڊ
طرفان سونپيل ان اهم ذميواري کي نهايت خوش اسلوبي
سان توڙ رسائي سنڌ جي ثقافت، تاريخ ۽ تحقيق جي
بنيادن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وڌيڪ اونچو ڪندا.
(ادارو)
اُٺو اوهِيرا ڪَري، عاشق مَٿي اَڄُ،
ڏورِ ڏُڪارِيا! ڀَڄُ، ميِنهَنِ مُنهن ڏيکاريا.
”....خيال آهي نون شاعرن ۽ ڪجهه غير شاعرن جو
منهنجي واسطي اڄڪلهه هي، ته زبان فارسي زياده
استعمال ڪريان ٿو آئون، موزون شاعري ۾ پنهنجي
موجوده دور ۾ جيڪڏهن ماڻهو نٿا سمجهن زبان فارسي
ته ڏوهه فارسي جو ڪهڙو؟، ٻيو ته نٿي پڙهائي وڃي
فارسي اسڪولن ۾، ته پوءِ ناهي قصور انهن شاگردن جو
به.
لکندڙن کان ٻڌان ٿو اڄڪلهه نظم توڙي نثر ۽ پڙهان
ٿو رسالن ۾ هندي ۽ سنسڪرت زبانن جا لفظ ڪيئي ۽
جملا، جي ڪيا وڃن ٿا، استعمال سنڌيءَ ۾ آل جال. ڇا
استعمال انهن لفظن جو ناهي اعتراض جوڳو؟ طريقو
بهترين آهي هي، ته زبان جيڪا ڳالهايون ٿا روز گهر
منجهه ۽ ٻاهر گهر کان، ڇو نه زبان ان ۾ لکون نظم ۽
نثر وغيره، جيئن اڄڪلهه لکجڻ ٿي ويو آهي
شروع......“
مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“
مخدوم محمّد زمان ”طالب المولى“
ڪافي
(تلنگ – تين تال يا ڪلواڙو)
ٿل: پيتم آب حيات – ساقي تنهنجي لال لبن مان
1 جاني آهي جوڙ نه تنهنجو – وِرد اهو اٿم وات
2 جنهنکي ملي ٿو آب حياتي – هردم هوندو حيات
3 وري به ملي ڪا سُرڪِي سوائي – طلب اها ئي تات
4 تنهنجي عشق اليّل
ڪيو آ-
برهه سُڻائي بات
5 طالبَ مولا پنهنجي ساقي جي – وائي رڳي ٿم وات
تنوير عباسي
وائي
ٿيندي توسان روح رهاڻ،
وقت سٺو گذري ويندو.
تون ۽ مان لڏندڙ ٻيڙيءَ تي،
چوڏس چوڏهين جي چانڊاڻ
وقت سٺو گذري ويندو.
وٽيون ڀريندي وينديءَ تون ۽
مان پيو چوندس آڻ ۽ آڻ
وقت سٺو گذري ويندو.
تون آڏو هوندينءَ ۽ لکندس
شعر نوان مان تنهنجي ڪاڻ
وقت سٺو گذري ويندو.
ڊگهي سفر ۾ هڪ سهڻيءَ سان
ٿي وئي آهي ڄاڻ سڃاڻ
وقت سٺو گذري ويندو.
سيد احسن الهاشمي
غزل
تنهنجي ستم تي قلب هراسان نٿو ٿئي،
پنهنجي ڪئي تي پاڻ پشيمان نٿو ٿئي.
مون کان جهليو ته دوست جو دامان نٿو ٿئي،
اهڙو قدم کڻڻ به ته آسان نٿو ٿئي.
هوش و خِرد کان ٿي وڃي شايد ڪو فيصلو،
دستِ جنون کان چاڪ گريبان نٿو ٿئي.
هم دم عذاب زيست آ برداشت کان مٿي،
توکان ٿئي ته ڀل ٿئي، مونکان نٿو ٿئي.
دلبر اچي يا صبر اچي يا قضا اچي،
ڪو ٻيو مريض، عشق جو درمان نٿو ٿئي.
موقوف ناهي علم و بزرگي لباس تي،
صاحب قبا جو صاحب، ايمان نٿو ٿئي.
ڪا وک وڌائي پنهنجي گهٽيءَ ۾ ته ڏس اچي،
قدمن تان تنهنجي ڪير جو قربان نٿو ٿئي.
پنهنجو ئي شهر پاڻجي لئي اجنبي ٿيو.
جيڪي اسان سان ٿئي پيو، ڪنهن سان نٿو ٿئي.
هيڏي هجوم، سوز ۽ هيڏو انڌير ڇو؟
ڇا ڪنهن به دل جو داغ درخشان نٿو ٿئي.
ڪنهن ڪنهن جي وحشتن سان بيابان ۾ رونقون،
حسن بهار وقف، گلستان نٿو ٿئي؟
”احسن“ جو آفتاب، سخن جلوه گر ٿيو،
ٻيو ڪو چراغ، شعر فروزان نٿو ٿئي.
امداد حسيني
چار مختصر نظ
(1)
ڊيٿ اسڪواڊ جي آڏو بيٺل
آهيان آئون
پُڇن ٿا مون کان
ته سندم آخري خواهش ڇاهي!
(2)
چئون پيا عرف عام ۾ جنهن کي
پاڻ امرت
اَلا اُهو زهر زندگيءَ جو
ڳهي نه سگهجي
ٿُڪي نه سگهجي!
(3)
(هيمنگوي جي ياد ۾)
زندگي آهي ڄڻ ته ڪا توڦاڪ
جنهن جي ڇيڙي تي ڪارتوس ڀريل
پنهنجي آڱر ئي آ ٽريگر تي
اَلا چوويهه ئي ڪلاڪ ڌريل
پاڻ ئي آهيون نشاني تي
بس ڇُٽي ڄاڻ ڪنهن بهاني تي!
(4)
(”زرياب“ لاءِ)
جيل جي سيخن منجهاران چنڊ مونکي ائين لڳو
ڄڻ ته مان آزاد آهيان چنڊ آهي جيل ۾
يادگيريون ائين مخالف ڏس ويون ٿي ڊوڙنديون
ڄڻ ته مان ويٺو هجان ڳڙکيءَ ڀريان ڪنهن ريل ۾
|